سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :35

هري ”دلگير“

گيت

 

تو ڇو دلڙي لاٿي، ساٿي!
                تو ڇو دلڙي لاٿي؟

ساٿي تنهنجا ساٿ ڇڏي ويا، تون ئي اڪيلو ڪاهه،
ويل آويلَ ڏسين ٿو ڇا ل”، انجهه سويلو ڪاهه،

 

هِن هُن جي پرواهه ڪرين ڇو؟
ناداني داناءَ ڪرين ڇو؟

 

ويو اڄ توکي ڇا ٿي، ساٿي!
                تو ڇو دلڙي لاٿي؟

 

ڪنڊا جي رستي ۾ ايندا، پيرن هيٺ لتاڙي هل،
پربت جي روڪين ٿا راهي، تن کي چيري ڦاڙي هل،

 

ڌرتيءَ کي گلزار ڪري ڇڏ،
خوشبو سان سنسار ڀري ڇڏ،

 

سُرڳ پوي دنيا ٿي، ساٿي!
                                تو ڇو دلڙي لاٿي؟

 

رستو ڪارو، ٻاٽ انڌارو، آشا جوت جڳا”،
پنهنجي لءِ ۽ جڳ جي لءِ پڻ روشن راهه بڻا”،

 

سو سِجَ تنهنجي راهه تڪيندا،
ماڻهو توڏي ڊوڙي ايندا،

 

سڀ پوندا تنهنجا ٿي، ساٿي!
                          تو ڇو دلڙي لاٿي؟
(3/1955ع)

 

”بردو“ سنڌي

گيت

 

نِيهنن نڀائڻ جا ڏينهن آيا،
آئي رُت مستاني.....

 

آءُ وري تون جاني!

 

نهر ڪناري، ڪنگُ تنواري، ساريائين ڪو ساٿي،
’پي پي‘ ڪري پپيهي پنهنجي، منَ تان موُنجهه ته لاٿي،
ڪير چوي؟ هي ماڪ جا قطرا، لُڙ اُداسي دل جا!
واريءَ تي هي ڇوليون ڄاپن، ڦٿڪا ڪنهن بسمل جا:

 

او شل جواني ماڻين مٺڙا!
مِل آ مَهَلَ سهاني....

 

آءُ وري تون  جاني!

 

سياري جي هر رات هيڪاندي، مون آ ڏُسڪي ڪاٽي،
اُلڪي کان، سيرانديءَ سيري، رکان روز ڏياٽي،
بيهي چانئٺ وٽ چتايان، روز صبح جو راهُون،
ڀير ڏسان ڪو تنهنجي ڀوُرل، دل مان نڪرن دانهون:

 

پر نه اڻاسيءَ جا اَجهڙا تو،
اَچي ڪئي احساني....

 

آءُ وري تون جاني!

 

انبن ٻور جهليو، نِم هاڻي ڪڪا پَنَ ٿي ڇاڻي،
آئي آهه بهاري، تون ڀي آءُ پرين هن ٽاڻي،
نيرا گل چڻن جا ناسي موريءَ جا گل مُرڪن،
سنگ جهنڊولا، ڪئنرا ڪئنرا، هيرَ تي بيٺا ڍُرَڪن:

 

هاءِ جيئن لهران پوکون،
جهومي دل ديواني....

 

آءُ وري تون جاني!

 

ڀيڄَ ڀِنيءَ جو، ڀنيءَ فضا ۾، تنهنجي ياد ستائي،
سا جهٽَ ڀاڳ سهاڳ جي ڀايان لالڻ ليئڙو پائي،
پاسا چوريان، ۽ ڪرَ موڙيان، هاءِ! اَچن اوٻاسيون،
عشق جو مشڪ، ڇُلي پيو ڇپرين، ڳوٺ ڳليوُن سڀ واسيون.

 

سيني ساڻ لڳائي روئان،
”بردا“ نينهن نشاني....

 

آءُ وري تون جاني!

 

(3/1955ع)

 

شمشيرالحيدري

پيشڪش

 

اِبتدا ۽ اِنتها جي وسعتن تي ڦهليل،

زندگيءَ جو شهر، شهرِ لازوال،

شورشن ۽ حادثن جي سلطنت:

جنهن جي هڪڙيءَ ڪُنڊ ۾،

شورشن ۽ حادثن جي آسپاس،

دُور افتاده بلنديءَ جو مقام،

جنهن تي قائم آه هڪڙو خوشنما، حيرت جو باغ--

پُرسڪون ۽ پُرفضا، تنهائين، خاموشين جي سرزمين.

 

وقت جو مالهي عجيب،

ڪنهن عجب، اڻڄاڻ شهزاديءَ جي لاءِ منتظر،

دل کي اکين ۾ سما،

خون جا ڳوڙها بنائي،

درد جا دريا وهائي،

پيو سدا پوکي محبت جا نوان تازا گلاب --

پيشڪش جي لاءِ خوشبو جو ثمر!

 

مدتن کان پوءِ، ڪڏهين، اوچتو،

شورشن ۽ حادثن جي سلطنت جي شاهزادي،

زندگيءَ جي حُسن بانو،

وقت جي اڻٿڪ اُميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر:

دل ئي دل ۾ مسڪرائي،

قرب جون ٻانهون وڌائي،

پيار سان پنهنجو بنائي،

ٿي ڪري،

درد جو تحفو قبول!

 

(1-2/1965ع)

گوورڌن محبوباڻي

گيت

 

نيلي نيلي دور گگن ۾،
پنهنجي پريتم سندي لگن ۾،

 

ڪِرڻن جي ڪومل تارُن جي، ويڻا مڌر وڄائي ويٺو،

 

شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!

صاف سهاني مالا پائي،
پيشانيءَ تي تلڪ لڳائي،

 

پريتم کي هرکائڻ خاطر، پنهنجو پاڻُ سجائي ويٺو،

 

شايد، چنڊُ ڪي ڳائي ويٺو!

تارن جا ٿو ديپ جلائي،
بادل جي ٿو سيج وڇائي،

 

جنهن کي چانڊوڪي- چادر سان، چاهه منجهان چمڪائي ويٺو!

 

سوچي ويٺو: ”ساجن ايندو،
منهنجو ڀاڳ ڀليرو ٿيندو“.

 

پياري پريتم کي پائڻ جا، پل پل پوُر پچائي ويٺو،

 

شايد، چنڊ ڪ ڳائي ويٺو!
کيس اندر ۾ آس گهڻي آ،
پڻ پريتم جي پياس گهڻي آ،
 

اُن لئه آس ڀرين اکڙين سان، وياڪل ٿي واجهائي ويٺو،
 

شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!

پر پريتم آ دير لڳائي،
دک کان چنڊ جي دل گهٻرائي،
 

ڊوڙي ڊوڙي گگن- منڊل مان، پريتم ڪاڻ پُڇائي ويٺو،
 

شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!

                                     (1/1956ع)

حاجي احمد ملاح

غزل

اڄ ته باغن  ۾ بهاريون- واه قدرت رب ڪريم!
اڄ به مُلڪن ۾ ملهاريون - واه قدرت رب ڪريم!
ڇا ڏسان وِڄڙين وراڪا، ڇا ٻُڌان گجگاهه گوڙ،
ڇا هوائون هير واريون - واه قدرت رب ڪريم!
ڪالهه ميٽيون مُلڪ تي ميريون لڳيون ٿي ماڙيون،
اڄ سرائون صاف ساريون - واه قدرت رب ڪريم!
ڪارَ پٺيان ڪارَ ڪڪرن، ڪيترو ڪاهون ڳڻيان،
ڪَرَ اچن ڪونجون قطاريون - واه قدرت رب ڪريم!
جهُڙ جهِميو، جهوري لٿي، جهانگين وَسايون جهوپڙيون،
پڊ پروڪا، کير پاريون - واه قدرت رب ڪريم!
ڇا چوان ڇانڇر ڇَنن ۾، ڇا ڏسان ڇانئون ڇمر،
ڇا ٻُڌان ٻوليون ٻه- پاريون - واه قدرت رب ڪريم!
وس ٿئي واسي وريا، واس ولين وڻ ٽڻ ولهار،
ٻُوهه ٻهڪن، ٽوهه ٽاريون - واه قدرت رب ڪريم!
واه گلڪاريون گلن جون، واه گولون، واه گاهه!
واه ساوڪ، واه ساريون - واه قدرت رب ڪريم!
واه چينگارون چَڙن جون، منجهه چِلر چيها چُرن،
ڪئين ڪَڪيون، ڪُنڍيون ۽ ڪاريون - واه قدرت رب ڪريم!
چنگ چونريءَ چوريو، وييون چڙهي چوٽيءَ مٿي،
هو گهمن پَٽ تي ڀَٽاريون - واه قدرت رب ڪريم!
گاهه گوڏي کان لنگهي ويا، گيهه گهاگهر ۽ گهَڙا،
ٻَرهيون ٻهڳڻ ٻَنگاريون - واه قدرت رب ڪريم!
سَرَ ڪيا ساوا سُڪل داڻي منجهان دانا ڌڻيءَ،
ڇا سندس ساراهه ساريون! - واه قدرت رب ڪريم!
ڏينهن ۾ ڏيهه لئه ڏِيو سج، چنڊ تارا رات ۾،
بجليون باريءَ بِهاريون - واه قدرت رب ڪريم!
جَرَ منجهان جيئرا بنائي، ڌات مان هر ذات کي،
صورتون سڀئي سونهاريون - واه قدرت رب ڪريم!

 

(1-2/1965ع)

سليم ڳاڙهوي

عظيم سنڌ

ساري جهان ۾ آهه اسان جي عظيم سنڌ،
دنيا جي ڪارگاهه ۾ قائ قديم سنڌ!
ساراهه ڪهڙيءَ ريت ڪجي سنڌ جي سليم،
گلزار، شاخسار، بهار ۽ نسيم سنڌ.
پاڻي امرت، خاڪ کٿوري، اناج سون،
هرهڪ مريض لاءِ ٿي حاذق حڪيم سنڌ.
سارو جهان نثار ٿئي جنهن جي نام تان،
دامن ۾ ديس پاڪ جي آهي مقيم سنڌ.
صدما سهي سهي به رهي مستقل مزاج،
مهر و وفا جو ملڪ، سراسر ڪريم سنڌ.
مسلم تي مهربان ۽ هندوءَ جي غمگسار،
آهي ٿي قوم لاءِ ’الف سان ميم‘ سنڌ.
هرهڪ بُري ڀلي کي ڏئي پاڻ وٽ پناهه،
دارالامان، خلد جو نقشو نعيم سنڌ.
هر دردمند دل کي هتي داد ٿو ملي،
ڪيڏي نه خليق، شفيق ۽ حليم سنڌ.
خنجر جي نوڪ تي به اهائي صدا ڪندس،
منهنجي عزيز سنڌ، ۽ منهنجي نديم سنڌ.
هي زندگي حجا جيان آهه، پر جناب!
جاويد ٿئي جهان ۾ اُجاري عظيم سنڌ.
خادم ٿي، پنهنجي ديس جي خدمت جو ڪر خيال،
تنهنجي وفا جي راهه تڪي ٿي عظيم سنڌ.
دل جي دعا اِها، ۽ زبان جي صدا اِها:
هردم هجي منير ۽ سائي ‘سليم’ سنڌ!

 

(2/1961ع)

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“

غزل

آهه ساقي کي شرابِ ارغوانيءَ تي گهمنڊ،
مون کي پنهنجي چشمِ تر جي خون فشاءَ تي گهمنڊ!

ٿو حسينن کي رهي جوشِ جواني تي گهمنڊ،
جسم لاغر کي ته منهنجي ناتوانيءَ تي گهمنڊ.

ڪونه هڪ پل ڀي اچي ٿو دل ۾ پيريءَ جو خيال،
آهه اهڙو نوجوانن کي جوانيءَ  تي گهمنڊ.

حال حسن و عشق ۾ آهي ٻنهي جو ساڳيو،
نازڪيءَ تي اُن کي، مون کي ناتوانيءَ  تي گهمنڊ.

ناز مون کي آهه منهنجي چشمِ گوهر بار تي،
جي صدف کي آهه پنهنجي درفشانءَ  تي گهمنڊ.

حال ٻڌندي، منهنجي سوزِ دل جو ٿي خاموش آهه،
شمع کي هو بزم ۾ آتش زبانيءَ  تي گهمنڊ.

تنهنجو زخمي، ٿو ڪري شمشير جي پاڻيءَ تي ناز،
جيئن ڪري ٿو خضر آبِ زندگانيءَ  تي گهمنڊ.

منهنجي آهِ آتشين جي ڦو آهي گُل ڪيو،
ڇا اهو هو شمع توکي گل فشانيءَ  تي گهمنڊ.

حسرت و افسوس ئي هت آهه نخوت جو مآل،
چار ڏينهن نادان نه ڪر تون عمر فانيءَ  تي گهمنڊ.

پنهنجي جور و ظلم تي مغرور هُو آهي ’خليل‘،
توکي آهي پر خدا جي مهربانيءَ  تي گهمنڊ.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

حافظ محمد احسن

ڪافي

تنهنجي گولن جي آهيان گولي الا،
حجت توسان ڪهڙي هلايان؟

 

ننگ سڃاڻج نرمل پنهنجو،
توسان ٻانهپ جي آهي ٻوي الا،

 

سڱ سڄڻ توسان ڪهڙو ساهيان.

 

اڌر نڌر ۽ اَڀري آهيان،
اڻڄاڻ ۽ ٻالي ڀولي الا،

 

لالن تنهنجي لاري آهيان.

 

جانب تنهنجو جيس ڪو ناهي،
مون ته ڳوٺ ڳلي ڳلي ڳولي الا،

 

مور نه مٽ ڪو تنهنجو ڀانيان.

 

پيچ پرينءَ سان پختو پائڻ،
ماءُ ڏني هيءَ الا،

 

ڪيچ وڻن ڏي ڪاهيون ڪاهيان.

 

درشن جي توکان بيک پنان ٿي،
مون ته جهلي آهي جهولي الا،

 

ٻئي در ڪنهن جي ڪين واجهايان.

 

تنهنجي نظر هڪ فيض اثر آهه،
جنهن دل جي دري آ کولي الا،

 

پرت پرين تنهنجي پر ۾ پچايان.

 

’احسن‘ آهي پرتئون پاتي،
چاڪر واري چولي الا،

 

پنهنجو ڪرين شل ڳڻ پئي ڳايان.

 

 (شاعر نمبر- 1969ع)

شبير ’هاتف‘

نظم

مون کي اهڙي سدا سهڻي محبوب جي هئي تلاش،
حسن جي عظمتن جو ڪو اعليٰ نمونو هجي،
جنهن جي آغوش جون نرميون برگِ گل کان گداز،
جنهن جي نازڪ خراميءَ  بادِ صبا کي به ناز،
جنهن جي هڪڙي جهلڪ چشمِ فطرت کي تسڪين ڏئي:

 

توکي ڳولي لڌو منهنجي ذوقِ نظر،
هاڻ ديريون نه ڪر، هاڻ ديريون نه ڪر!

 

آءُ هاڻي ته آهن بهارون به سامائيون،
نرگس و لاله و گل به جوڀن جي نشي ۾ چور،
تون جوان، مان جوان، تنهنجون منهنجون امنگون جوان،
آرزوئون تمنائون آسون اميدون جوان،
پوءِ سهڻا سڄڻ! ڪيئن ٿو ايڏو رهين دور دور:

 

اچ ڪريون عهدِ رنگين کي رنگين تر،
هاڻ ديريون نه ڪر، هاڻ ديريون نه ڪر!

 

اڄ عجب شوخ شنگ آهي ڪلين جي دوشيزگي،
اڄ مگن مست آهي نسيمِ سحر جو خرام،
اڄ هي ريحان، سوسن، سمن، نسترن، ياسمن،
ساري اهلِ چمن جئن خوشي ۾ نه پيا ماپجن،
اڄ سندئي راهه ۾ بيٺا آهن به صد اهتمام:

 

رنگ و بُو  سوين قافلا منتظر،
هاڻ ديريون نه ڪر، هاڻ ديريون نه ڪر!

 

هونئن ته هن شهر ۾ حسن وارا ڪئين ٿا رهن،
چنڊ جن تي ٿو مرڪي، انهن جي به ناهي ڪمي،
جي گلابن جي رعنائين جو سبب سي گهڻا،
پر دلِ زار ڪمبخ کي ڇا ڪريان، تو سوا،
ڪنهن حسين مـہ جبين نازنين تي ٽڪي ئي نٿي:

 

بس اسان سان به ڪي پرت جا پير ڀر،
هاڻ ديريون نه ڪر، هاڻ ديريون نه ڪر!

 

اچ، اچڻ جي اٿئي مُند، مُندائتي مينهن وانگي ٿي اچ،
دل جي ٿَر بَر تي الفت محبت جي پالوٽ ڪر،
پاڻ سان آڻ ڪي زندگانيءَ جون شادابيون،
۽ مون کي منهنجي آغوش جون بخش آسودگيون،
مون کان جاليا نٿا ٿين فرقت جا شام و سحر:

 

هاڻ هيڏانهن به ٿئي ڪا ڪرم جي نظر!
هاڻ ديريون نه ڪر، هاڻ ديريون نه ڪر!

 

اچ ته جُڳَ جُڳ ۾ گڏجي جيڻ جا ڪريون ويهي قول،
اچ ته ڪي پرت جا، پيار جا پيچ پختا وجهون،
اچ ته دنيائي عشق و محبت سنواريون سڄڻ،
اچ شبِ زندگي ڀاڪرن ۾ گذاريون سڄڻ،
توسان ڪرڻيون اٿم قرب جون ڳجهيون ڳالهيون:

 

۽ حياتيءَ جون گهڙيون بنهه مختصر،
هاڻ ديريون نه ڪر، هاڻ ديريون نه ڪر!

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

امداد حسيني

گهر جي ياد

ڪنهن ته ورتو هو ڪٿي منهنجي وطن جو نالو!
جهڙو ڪنهن مال ڀٽاري جي چَڙي جو آواز،
جيڪو ڌڻ کان ڇڄي ٻيلي ۾ رُلي، ڀٽڪي، ٿڪجي،
رات جي جانورن ۾ وڃي کاڄي ۽ کپي:
دم سهي، مست ۽ آواره هوا جو جهوٽو،
اُن چڙي کي به ائين زخم جيان ڇيڙيندو،
گذري گذري وڃي ڪا ياد ڏياري دل کي-
ها اُها ياد، جا ڪنهن وقت به وسري ڪانهي،
ها اُها ياد، جا انڌي جي اڳيان لٺ آهي.

ڪنهن ته ورتو هو ڪٿي منهنجي وطن جو نالو!
جهڙو ديوار جي پاڻيءَ ۾ ڪِرڻ جو آواز،
دور کان ويجهو اچي ياد ڏياري مون کي،
منهنجو گهر، ها، منهنجو گهر، جنهن جون دريون کُلندي ئي،
صبح ڪمري ۾ اچي منهنجون اکيون چمندو هو،
جنهن جي ديوار تي آراسته هيون تصويرون،
منهنجي يارن جون، عزيزن جو ابن ڏاڏن جون،
جنهن جا دروازا هر آئي وئي تي کُلندا هئا:
منهنجو گهر، جنهن جي اڱڻ ۾ ئي ورهائيندي وَتي،
ٿالهه هر طرح جي خوشبو جا ڀري بادِ صبا:
اهڙي ماحول ۾ هڪ نرم ڪَلي ٿي نپني،
بيخبر کلندي رهي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾:
رات جي پوئين پهر چنڊ لٿو، ماڪ رُني،
پوءِ پُسندي رهي، پُسندي رهي ڌرتيءَ جي چُني....

سامهين گهر  دريءَ ما نڪو اکڙيون مُرڪيون،
نڪو در مان ٿيو ڪنهن دوست جي چهري جو طلوع!

 

(1-2/1965ع)

ٻئي ڏينهن جو دوزخ

اُهوئي آءٌ اڻ سُونهُون

اُهوئي شهر

اُهائي شام دونهون

اُهائي بُو هوا ۾

ڄن ته ڪو ٽائر سڙي پيو

 

اُهوئي سائرن هر هر رڙي پيو

ڄؤر پيئي رت چوسي

پڇاڙيءَ جي ڦُڙي تائين شفق جو

ڇَڻي پئي آسمان تان رَکَ

تهه در تهه ڄمي پئي

ڇتين ڀتين مٿان گهر گهر اڱڻ تي

اُهائي رات آهستي لهي پيئي ٻِليءَ پير

اُڻي ڪوريئڙو پيو ڄاڻ تي ڄارا

گهڙيءَ کان پوءِ ساڳيا ئي ستارا

ائين جيئن رَکَ ۾ ٽانڊا!

گهٽين ۾ لٺ جي ٺڪ ٺڪ

ڪُتن جي ڀو

ڪنهن ڪنهن ويل رڪشا، ڪار جو رانڀاهه هوندو

بلب جي بيمار پيلي روشني هوندي

” گهر ڄڻ اجتماعي مقبرا هوندا!

اُهوئي آءٌ اڻ سُونهون

اُهوئي شهر

اُهائي شام دونهون

ساڳيو بي مهر ماڻهن جو اجهل ريلو

روان آهي گهرن جي قبر ڏي

بي صبر خواهش کي سڀاڻي جا ڏٽا ڏيئي سمهارڻ ليءِ

وري ٻئي ڏينهن جي دوزخ کي ٻا ليءِ!

(4/1978ع)

نياز همايوني

سنڌڙي به تون، جندڙي به تون!

 سنڌڙي به تون منهنجي جندڙي به تون،
منهنجي ڌرتي به داتا به تون!

 

تنهنجي هستي سان جيڪي به هاڃا ٿيا،
منهنجي گيتن ۾ گوندر گڏيندا وَيا،

 

ٻولي به تون، منهنجي لو به تون،
منهنجون آهون، الاهون به تون!

 

توسان اوڀر اڙيو، توسان اُتر اڙيو،
ڪين پائي ويو جو به توسان لڙيو،

 

مڪلي به تون، منهنجي مياڻي به تون،
منهنجي سانگين جي سامئي به تون!

 

تنهنجا ڏکڙا وڃن، تنهنجا سکڙا وَرن،
توکي ڪوٽين ڪڙيو جن سي ماري مَرن،

 

سنڌو به تون، منهنجي سنڌيا به تون!
منهنجي مارن جي مارئي به تون!

 

تنهنجا دودا جين، تنهنجا دولهه جين،
شال پنهنجا به لايا سجايا ٿين.

 

ٻاگهي به تون، منهنجي تاري به تون،
منهنجي ننگر جي ڪويل به تون!

 

توتي مانجهين متارن جو سايو رهي،
توتي ڪنهن جي اُچائي نه ڪوئي سهي،

 

موکي به تون، منهنجي نوري به تون!
منهنجي جيڏين جي جيجل به تون!

 

تنهنجو ناتو سڃاڻي جي نانگا ٿيا،
پاڻ ماري به توکي جيئاري ويا،

 

مومل به تون، منهنجي سومل به تون!
منهنجي راڄن جي راڻي به تون!

 

توتي واڳون وريا، تنهنجا ميهر مٺا،
راءِ گرنار ۾،  تي ڪونڌر ڪُٺا،

 

سهڻي به تون، منهنجي سورٺ به تون،
منهنجي سوڍن جي ساڻي به تون!

 

اڄ به روپا، رني ڪوٽ، مٽبا وڃن،
اڄ به ڪينجهر مٿي ڪنگ رڙندا وتن،

 

ڀنڀور تون، مون لئه موهن به تون،
پنهنجي اُجڙيل ڪهاڻي به تون!

 

تون ئي تون آهه مون کي او سنڌڙي سدا،
ڪوبه غم يا خوشي ناه توکان سوا.

 

سپنو به تون، منهنجي ساڀيا به تون،
منهنجون سانتيون به لاتيون به تون!

 

جڳ جيئي پاڻ لئه، آءٌ نه اهڙو ٿيان،
آءٌ تولئه مران، آءٌ تولئه جيان،

 

تيرٿ به تون، منهنجا تڪيا به تون،
منهنجي مڪتي به ماتا به تون!

 

                                         (1-2/1973ع)

نارائڻ ”شيام“

اوسيئڙو

شام جي وعدي ڪرڻ وارا، آءُ!
ٿا ٻُڏن هڪ ٻئي پٺيا تارا، آءُ!
ڇاتي ڌڙڪي ٿي الائي ڇا کان،
ٿو هِنيون منهنجو ٻڏي پيارا، آءُ!
ڇا لهي دل تان وئي ڳالهه اٿس؟
ڪي نه ڪنهن اهڙي چئي ڳالهه اٿس؟
مان نه ڄاڻان ته نه آيو ڇا کان،
ياد شايد نه پئي ڳالهه اٿس.
بس، اجهو ڄاڻ ئي سج باک ڪڍي،
ڏينهن وعدي تي سندس ڏئي نه کِلي،
پهر پوئين جا تون ئي چنڊ! چوينس،
’رات باقي رهي آهي ڪا گهڙي.‘
اُن بنان رات ائين خام وئي،
آس اُن لاءِ ٿي ناڪام وئي،
س ڪڍي باک، لَڙي لُڙڪ پيا،
آس پوئين به لُڙهي ”شيام“ وئي!
                                     (4/1956ع)

گيت

پنهنجي ڀَر ۾ جاءِ پرين ڏي،

پنهنجي ڀَرِ ۾ جاءِ!

 

تنهنجو چنڊ کڻي مان جاڳان،

 

منهنجو ديپ جلاءِ، پرين،
ڏي- پنهنجي ڀَرِ ۾ جاءِ.....

 

تنهنجي پيڙ کڻي مان ڳايان،

 

منهنجو سا وَڄاءِ، پرين،
ڏي- پنهنجي ڀَرِ ۾ جاءِ.....

 

دور ڪريان مان جَڳ جي اوندهه،

 

کَن ٻه سندم، چمڪاءِ، پرين،
ڏي- پنهنجي ڀَرِ ۾ جاءِ.....

 

تنهنجو آهيان، تنهنجو آهيان،

 

پنهنجو مون کي بڻاءِ، پرين،
ڏي- پنهنجي ڀَرِ ۾ جاءِ....

 

(1/1968ع)

سڳن آهوجا

 

چاندني رات جا تارا

چاندني رات جي تارن جو ٽمڻ!

ڄڻڪ مشرق جي شهنشهه جي حرمخاني ۾،

ڪي ڪنيزون- ڪا ڪٿي ڪنڊ وٺي ڪا ڀر ۾-

باادب بيٺيون هجن حسن جوانيءَ کي کڻي،

عمر گذري وڃي تن جي ائين بيٺي بيٺي،

اک نه شاهيءَ جي اَڊمب جي کڄي!

پيدا گرمي نه ٿي سانسن ۾ نه دل ۾ ڌڙڪن،

- پو به ڄڻ لُٽجي وڃي حسن جواني تن جي!

 

چاندني رات جي تارن جون اکيون!

ڌرمشالا ۾ جيئن ڪوئي مسافر ٿڪجي،

تنگ ڪمري جي هٻس، بوءِ ۾ لڇندي لڇندي،

مُنگهڻن کي ڳڻي ماريندي، ورائي پاسا،

ذهن تي زور ڏئي ننڊ کي ڪوٺيندو هجي،

ننڊ جي بدلي مگر اُڀري اچن سي چيزون،

(چاندني رات جي تارن وانگر)

جن سڄي شام ڏٺو هو هن کي،

پنهنجي ڀرپور نظر سان ائن شوڪيسن مان،

ڄڻڪ عرصي کان هُين اوسيڙو،

- جئن اچي هي ته مٿس چٿرون ڪري،

هن جي جيون جي اگهاڙپ جو اُڏائن ڪو مذاق!

 

چاندني رات جي تارن جون ڦڪايون گهريون!

پنهنجي ڇاپي جي ڪاادر ڏسي اُس ۾ سُڪندي،

ڪنهن ڪلارڪ ۽ سندس زال کي ڄڻ ياد پون

چند ماڻهو ۽ سندن عر جون دُهرائجندڙ

 

ڪجهه غرضَ، قرضَ جون مڪروهه تقاضائون- جيئن:

بي زبان ڀنگي، جو پاروُٿو خوشيءَ سان کائي

ڪجهه نه ڪجهه گند پٺيان صاف ٿيڻ لئه ٿو ڇڏي!

بد زبان مودي، جو ناڪار ڪندي هر هفتي

لالچي، آسري تي ڏيندو رهي ٿو هر بار!

۽ هو مائٽ!

دور جو رشتو جتائيندي جو ٿڪبو ناهي،

ٿوري ٿوري ۽ جو زوريءَ به مدد ڏيندو آهه،

جنهن جي بدلي ۾ مگر

ڌرم آچار جي ڳالهين سان گڏوگڏ، پاپي!

سيني ۾ دوڏا چڀائيندو آهه!

 

چاندني رات جي تارن جو هجوم!

ڪارخاني ۾ جيئن ڪار ۾ مشغول هجن،

ڪسمپرسيءَ ۽ غريبيءَ جا انوکا شهڪار،

جن تي سک چين حرام آهه ۽ محنت لازم

جن جي جيون کي ڇهي ورلي ڪوئي خواب، اُمنگ،

جن جي هستيءَ کي ڪا معنيٰ، ڪوئي مطلب ناهي،

۽ جي آهي ته هوئي آهي:

ڪنهن جي سرمايي جون بيدرد ۽ بيحس ٻانهون،

تَن جي نس نس کي نپوڙي پل پل،

زرد جس مان ڦڪي خون کي ڪڍنديون ئي رهن!

بُت بڻيا ڪار ۾ مشغول ته آهن مزدور،

پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول هميشه وانگر،

- شڪ ٿو گذري ته سندن غير رواجي چپ مان

ڪوئي ڀنڀٽ ته نه ٻرڻو آهي؟

ڪوئي ڀنڀٽ ته نه ٻرڻو آهي؟

                        (2/1956ع)

”ذوالفقار“ راشدي

تحفو

چوڏس جي رات، چنڊ نهايت ئي هو حسين،
اهڙيءَ حسين رات ۾ توسان مليس، پرين!
مون کان گهري تو دل جي عوض دل، اي مہ جبين،
ٻيو ڪي چوان، اي حسنِ ازل، معاف جي ڪرين:

 

ڪجهه ياد آهي؟ مون کان نه ٻُڌ، ياد ڪر کڻي،
يادش بخير، ڪنهن ٿي چمي پير جي پڻي؟

 

جاني، جوان رات، بهارن جو هو سمو،
هاريل هو نُور، چنڊ ۽ تارن جر هو سمو،
خيالن تي هو خمار، بهارن جو هو سمو،
هر دم تي لغزشن ۽ سهارن جو هو سمو:

 

ڇا ڇا نه تو چيو هو مون کي، سونهن جا ڌڻي!
يادش بخير، ڪنهن ٿي چمي پير جي پڻي؟

 

ايئن نا ته ڪو وصال جي هڪ رات ٿي نصيب،
تنهنجي هزار بار ملاقات ٿي نصيب،
توکان خدا جو عطيو ۽ هر ڏات ٿي نصيب،
تنهنجي قريب، قرب جي هر بات ٿي نصيب:

 

توکي سڄي جهان مان منهنجي رضا وڻي!
يادش بخير، ڪنهن ٿي چمي پير جي پڻي؟

 

*       *       *       *       *

تنهنجي اک ۾ آيو وري ڦير اوچتو،
سڪ ٿي ونڊيسون ويٺي، وڌءِ وير اوچتو،
احساس ٿيو ته ڦڙڪي ويو پير اوچتو،
يا ڄڻ ڪ دل کي سَرَ جو آيو ڇير اوچتو:

 

سوچيم ته مار، تو ته وڃي ڳالهه ٻي ڳڻي!
ڇا ڇا ٻڌايان، توکان شڪايت اٿم گهڻي!

 

روڪيم ته مون کان ٻانهن ڇڏائي سٽي وئينءَ،
معصوم آسرن جو تون ڄڻ دم گهٽي وئينءَ،
ڪا اهڙي ٿي خطا مون کان منهن مٽي وئينءَ،
سوئي سَلو تو ساڙيو جو دل ۾ ڇٽي وئينءَ:

 

اي منهن- رکي، هي تنهنجي محبت تي ڇا بڻي!
ڇا ڇا ٻڌايان، توکان شڪايت اٿم گهڻي.

 

جنسِ وفا ته آهي مٺي چيز، بي بدل،
تنهنجي وفا ڇو نڪتي ڀلا غير مستقل؟
تو صبر ۽ سڪون کسي جل ڏنو اجهل،
سو تنهنجي سونهن کي ٿو ڏيان تحفو بي مثل:

 

پنبڻن جي پنکڙين مان جي ڳوڙها پيم ڇڻي!
ڇا ڇا ٻڌايان، توکان شڪايت اٿم گهڻي!

 

(3-4/1960ع)

 

غزل

اوهان جي نانوَ تي الزام آهيون،
محبت ٿا ڪريون، بدنام آهيون.

مجسم دوستي ۽ قرب ڪوٺيو،
شهيدانِ وفا ۾ ئي شماريو،
پريتن جا پُڄاياسون سنيها،
عقيدت ٿي وئي پيرِ مغان سان،
ڪنهين فردوسِ گم گشته جا طالب،
اسان مان فيض پاتو ڪيترن ئي،
حضورِ حسن ۾ موجود آهيون،
اسان جي هار ڀي ڄڻ ڪاميابي،
اسان کان ڀؤ نه ڪر، گستاخ ناهيون،

 

 

سراپا پيار جو پيغام آهيون.
هٿان ساقيءَ جي ٿيا قتلام آهيون.
سراسر عشق جو الهام آهيون.
پيا ڪنهن مُرڪڻي جي سام آهيون.
ڪنهين مطلوب جو انعام آهيون.
سخي آهيون، صلاي عام آهيون.
اها ٻي ڳالهه، گر بي نام آهيون.
نرالي ڪوششِ ناڪام آهيون.
بُرا ناهيون، رڳو بدنام آهيون.
                               (2/1959ع)

”خادم“ سدارنگاڻي

رباعيون

چانڊوڪي هجي، باغ ۽ پڻ بادِ بهار،
گرد ۾ قدح، مستي ۾ تارَ ستار،
ساقي به اچي ڀر ۾ ڀري ڏي ساغر،
توبهه جي نه ٽوڙي ته ڪري ڇا ميخوار!

 

چئو ڪيئن سڏيان تن کي وڇوڙي جا داغ،
ڪي لاله بنفشه، ڪي ٿيا دل جا چراغ،
محسوس ڪري بزم ۾ ساقيءَ جي ڪمي،
ٿا نيڻ ڇُلن، جيئن ڀريل مَي سان اياغ.

 

افسوس جو يارن ۾ ياري نه رهي،
اخلاص رهيو، نه غمگساري ئي رهي،
ڪا اهڙي لڳي، بادِ خزان گلشن ۾،
باقي نه رهيو گل نه بهاري ئي رهي!

 

(2-3/1959ع)

ارجن ”حاسد“

وائي

ڇاهي دل ۽ دل جو اُمنگ- دل ٿي ڄاڻي،
ڇاهي گل ۽ گل جو رنگ- دل ٿي ڄاڻي!

 

ڇاهي اوجاڳو اوسيئڙو، ڇاهي ڪنهن سهڻيءَ جو سنگ،
                                                دل ٿي ڄاڻي.
ڪنهن جي مڌر مڌر نيڻن ۾، ڪيڏو زهريلو آ ڏنگ،
                                                دل ٿي ڄاڻي.
ڪنهن جا تڙپن ٿا ارمانَ ۽ مان ويٺو چوريان چنگ،
                                                دل ٿي ڄاڻي.
سهڻيءَ سياڻيءَ هن بستيءَ ۾، ڪو مستانو ڪوئي ملنگ،
                                                دل ٿي ڄاڻي.
اڄڪلهه پنهنجي پنهنجي لَنو ۾، ڇاکون پچندو آهه پتنگ،
                                                دل ٿي ڄاڻي.
ڪوئي محلن ۾ ماڙين ۾، ڪنهن جو سيءَ سُڪايو انگ،
                                                دل ٿي ڄاڻي.
ڇاهي ملڪ مٺي ڏي فرض، ڇاهي جئڻ مرڻ جو ڍنگ،
                                                دل ٿي ڄاڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com