سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :45

مهراڻ- ”ادبي سوکڙي“

”مهراڻ“ جي ”گولڊن جُبلي نمبر“ شايع ڪرڻ لاءِ اوهان ۽ ٻيا ڪارڪن مبارڪباد لهڻن.

ڪو زمانو هوندو هو، جڏهن سنڌي رسالي لاءِ پيا سِڪندا هئاسين. اُن وقت مولانا غلام محمد گرامي صاحب، محترم محمد ابراهيم جويو صاحب، ڀاءُ غلام رباني آگرو صاحب ۽ اوهان ”مهراڻ“ کي سينگاري سنواري، اُن جي مهڪ کي هند ۽ سنڌ پيا پهچائيندا هئا. سنڌ جي ترقي پسند ادب، لوڪ ادب، مختصر ڪهاڻين، تحقيق، شاعري، بيت ۽ واين سان گڏ تاريخي واقعن سان مهراڻ کي ٽمٽار ڪري پيا ادبي ذوق رکندڙن اڳيان پيش ڪندا هئا. ڪجهه سال پوئتي ٿو نهاريان ته مهراڻ رسالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ”ادبي سوکڙي“ طور نظر نٿو پيو اچي.

خبر ناهي ته هن جي سٽاءُ ڪيئن جوڙي اَٿو، پر ايتري پڪ اٿم ته هيءُ نمبر هٿيڪو سنڀالي رکڻ جهڙو هوندو. هڪڙي گذارش ته مهرباني ڪري هن نمبر ۾ گذريل پنجاهه سالن جي ليکڪن جا ڪي چونڊ مضمون، ڪهاڻيون، شعر ۽ تاريخي واقعا ضرور شايع ڪندا. ان طرح سنڌ جي نئين نسل کي پراڻن ادبي عالمن جي خبر به پوندي ۽ سندس لکڻين مان ڪجهه پرائي سگهندا.

آءٌ سنڌي ادب بابت جيڪا به ڄاڻ رکان پيو، ان مان ستر سيڪڙي کان وڌيڪ اها ڄاڻ مهراڻ مان حاصل ڪئي اٿم. اُميد پيو ڪريان ته هيءُ نمبر به تمام سهڻو سينگاريل هوندو ۽ هند- سنڌ کي واسيندو.

- يوسف لغاري

(حيدرآباد، سنڌ)

منهنجو من ”مهراڻ“

جڏهن کان لکڻ پڙهڻ جا ابتدائي اکر ياد آهن، تڏهن کان ”مهراڻ“ سان آشنائي آهي. جڏهن کان ڪتابن ۾ موجود ”فوٽن“ سان راند ياد اچي ٿي، ”مهراڻ“ جا ٽائيٽل ياد اچن ٿا. سليٽ تي الف- ب واري ٽائيٽل (1960ع) کان وٺي سنڌوءَ جي ڇولين، سانوڻي مند جي آسمان، تارن ڀري رات، آزادي جي اُڏامندڙ پکين، قديم آثارن، درگاهن ۽ درسگاهن کان وٺي سنڌ جي ڏاهن ۽ تجريدي آرٽ جي اُڻيل لڪيرن وارا ٽائيٽل سڀ ياد آهن. ”مهراڻ“ جي مطالعي جي حوالي سان آءٌ پنهنجي خاندان ۾ ”ٽئين دَور“ جو پڙهندڙ آهيان. 1960ع کان پهرين اسان جا بزرگ ميون محمد اسمعيل ”قاسم“ پلي، درس محمد امين پلي ۽ لطف الله حساماڻي مهراڻ  جي ننڍپڻ جا ساٿي هئا. ”ٻئي دَور“ ۾ معمور يوسفاڻي، راڄ محمد پلي، عبدالڪريم پلي ۽ جليل سروري مهراڻ جي ڪٽنب جا ڀاتي رهيا. وفا پلي صاحب ٻئي ۽ ٽئين دَور جو تسلسل آهي، اڄ به مهراڻ ۾ ساڳئي آب و تاب سان لکي ٿو ۽ مطالع ڪري ٿو.

هنن بزرگن جي وابستگي سبب منهنجو مهراڻ سان ڄڻ ته ننڍپڻ وارو نينهن لڳل رهيو آهي، جنهن سبب منهنجي لئبرريءَ جي هڪ الماري مهراڻ جي پرچن لاءِ مخصوص آهي ۽ ان الماري سان منهنجو پيار بلڪل صفا پنهنجن رشتن جهڙو آهي.

”مهراڻ“ سان اهو رشتو مهراڻ تائين محدود  نه رهيو، بلڪ مولانا غلام محمد گرامي صاحب سان به نهايت پنهنجائپ وارا تعلقات قائم رهيا. اڄ جڏهن مولانا مرحوم جا عبدالڪريم صاحب، معمور صاحب ۽ راڄ محمد صاحب ڏانهن لکيل خط مطالع ڪريان ٿو ته اُنهيءَ دَور جو ”ادبي- آئينو“ اکين اڳيان اچيو وڃي. مولانا صاحب جي شخصيت ۽ مهراڻ پاڻ ۾ اهڙو ته پيوست ٿيل هئا ”مهراڻ“ ڪڏهن ڪڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ بجاءِ ”گرامي صاحب جو مهراڻ“ لڳندو هو. هن سڄي پس منظر ۽ پيش منظر جو هڪ اهم رڪن محترم نفيس احمد شيخ آهي، جنهن ڪڏهن به اسان جي لاءِ محبت ۽ خلوص جا دروازا بند ناهن ڪيا.

”مهراڻ“ اُهو سنڌي تحقيقي جرنل آهي، جنهن سدائين پنهنجو ”معيار“ برقرار رکيو آهي. انهيءَ لاءِ جيڪي ڪوششون ۽ محنتون کپن ٿيون، اهي ڪرڻ وارا جس لهڻن. مهراڻ ۾ ڇپجندڙ مواد اڄ به معيار جي ڪسوٽي ۽ پرک جي اک وٽان پاس ٿي پوءِ ڇپجي ٿو- نثر هجي خواه نظم.

جتي سنڌي ادب ۾ تحقيق لاءِ تاريخي مواد جي ڪتابن جو حوالو ايندو، ته اُتي مهراڻ  جي گهڻن سارن جلدن جو ذڪر ضرور ٿيندو ۽ ٿئي پيو. ڪهڙو به تحقيقي موضوع هجي، مهراڻ حوالي جو معتبر ذريعو آهي. ساڳيءَ طرح مسلسل معياري ۽ سٺو تخليقي ادب به صرف مهراڻ جي پنن ۾ ئي محفوظ ٿيندو رهيو آهي. ”مهراڻ“ جون موجون هجن يا ڇوليون، پنهنجي اندر انيڪ ماڻڪ ۽ موتي رکن ٿيون. هنن ماڻڪن ۽ موتين ذريعي اسين نه صرف عالمي ادب جي نين صنفن کان  متعارف ٿيا آهيون، پر اسان جي ڪلاسيڪي ادب جا به ڪيترائي هيرا، لعل ۽ جواهر به صحيح  طرح سان اجاگر ٿي سگهيا آهن. ”سوانح نمبر“ هجي يا ”شاعر نمبر“، مهراڻ جو هر پرچو اسان جي ادبي تاريخ جي هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ”ڏهه ساله نمبر“ جي ٻن جلدن کان علاوه ”قليچ نمبر“ ۽ ”اياز نمبر“ ته خاص طرح مهراڻ جي ادبي اهميت جا روشن مينار آهن. تاريخ، تحقيق ۽ تخليق سان گڏ شاعريءَ جي صنفن تي جيڪو مواد گرامي صاحب پيش ڪيو، مهراڻ جو هر اُهو جلد ته هر شاعر ۽ اديب کي  ساهه سان سانڍي رکڻ گهرجي. ”آديسي اُٿي ويا...“ ڪالم ۾ ڪيئن نه عقيدت ۽ احترام سان ”تڏو وڇائي“ مرحوم اديبن ۽ شاعرن جو ”ادبي تعزيت نامو“ پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڄاڻ جا ڪيترائي رخ سامهون اچن ٿا.

سنڌي ادب ۾ ”ترجمو“ مسلسل مهراڻ ئي پيش ڪري سگهيو آهي. جيڪو عالمي ادب سان اسان کي اڄ به متعارف رکي ٿو. مهراڻ  انمول تصويرن ڏيڻ واري جستجو ۾ به مشغول رهيو آهي. ”ڪرنل تروٽ“ جو فوٽو ۽ پرمانند ميوارام جي تربت (گورا قبرستان حيدرآباد) جو فوٽو ڪيڏيون اهم ڪوششون آهن، جن لاءِ مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته اهي شخصي طرح ناشاد صاحب جي دلچسپين جو حصو آهن. ساڳيءَ طرح همه گيريت جو مثال ”سيرت نمبر“ (1980ع) آهي، جنهن جهڙو مثالي نمبر شايد ئي ڪنهن اداري يا رسالي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو هجي.

مهراڻ معياري ادب سان گڏ سنڌي ادب کي ڪيترا ئي محقق، تاريخدان، مترجم، شاعر، افسانه نگار ۽ ڊرامه نگار پيدا ڪري نپائي، وڏا ڪري ڏنا آهن. ان سان گڏ ڪيترائي سڄاڻ پڙهندڙ پڻ ساڳئي معيار جا پيدا ڪري ڏنا آهن، جيڪي مسلسل ”مهراڻ“ پڙهن ٿا ۽ اُنهيءَ اميد سان ٽي- چار مهينا ڪڍن ٿا ته مهراڻ جو پرچو جڏهن سينگارجي مارڪيٽ ۾ ايندو ته گهڻي ساري ادبي اُڃ لهندي ۽ پوءِ واقعي تسيارن کي تسڪين ٿئي ٿي.

”مهراڻ“ ادبي دنيا جو ڄڻ ”سنڌڙي انب“ آهي، جنهن جو نه صرف ميٺاڄ ختم نٿو ٿئي، بلڪه معيار به اهڙو آهي جو بين الاقوامي ادب جي دنيا ۾ اسين فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي هلي سگهون ٿا. شال الله پاڪ مهراڻ  جي معيار جي تاثير کي محفوظ رکي.                              

- اسد ”جمال“ پلي

        (حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- معياري سنڌي ادب

اڌ صدي اڳ لاڙڪاڻي جي جنهن انصاري گهراڻي ۾ مون اک کولي، ته گهر جي ڀاتين سان گڏ سوين ڪتاب به اسان جي خاندان جو ڄڻ حصو هئا. اُن دَور ۾ شايع ٿيندڙ ڪتابن سان گڏ ڪيترا ئي رسالا جهڙوڪ ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“،
”آج ڪل“، ”ليل و نهار“، ”ريڊرس ڊائجيسٽ“، ”لائيف“ ۽ ”ٽائيم“ وغيره گهر ۾ باقاعدگيءَ سان پهچندي ڏٺم.

ڪجهه سمجهه ڀريا ٿياسين ته بابا سائين ”انيس“ انصاريءَ جي ڪهاڻين، خاڪن ۽ تحقيقي مقالن کي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجندي ڏٺوسين. ساڳئي وقت مهراڻ ۾ ڇپيل سندس ڪن ڪهاڻين کي سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ”سال جون بهترين ڪهاڻيون“ قرار ڏنو. مون کي فخر حاصل آهي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ منهنجي لکڻين کي به ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي.

مون کي پنهنجن تحقيقي ڪمن ۾ ريفرنس طور، پنجاهه سالن دوران ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ تحقيقي مقالن مان وڏي مدد ملي آهي. ان حوالي سان ”مهراڻ“ کي ”معياري سنڌي ادب“ جو ”انسائيڪلوپيڊيا“ چئي سگهجي ٿو.

- اشتياق انصاري

   (حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- اڌ صديءَ جي مڃتا

سنڌي ادب جي سِرجڻ، واڌ ويجهه ۽ اُسرڻ ۾ ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ جو وڏو حصو رهيو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته مهراڻ پنهنجو معيار مسلسل برقرار رکيو آهي.

”مهراڻ“ سنڌي ادب جي منفرد تاريخ کي پنهنجن صفحن ۾ جاءِ ڏيئي قائم رکيو آهي ۽ هر دَور جي اديبن جي لکڻين، لاڙن، نون تجربن، سماجي ۽ ثقافتي ڌارائن کي اُتساهه بخشيو آهي. ڪهاڻي هجي يا شاعري، تحقيق هجي يا مضمون نويسي، انشائيه هجن يا خاڪا، هر صنف کي هن رسالي ۾ هڪجيتري اهميت جو حامل سمجهيو ويو آهي.

منهنجون ڪهاڻيون ۽ شاعري جڏهن به مهراڻ ۾ ڇپيا آهن، ته مون اُن کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهيو آهي. سالن کان مهراڻ کي پڙهڻ جي باوجود به اڄ تائين هن ميگزين لاءِ دل ۾ ساڳيو اُتساهه محسوس ٿئي ٿو. پنجاهه سال يعني اڌ صدي هڪ وڏو عرصو آهي، جنهن کي مهراڻ پنهنجن صفحن ۾ محفوظ ڪري مثالي مڃتا ماڻي آهي. يا ائين کڻي چئجي ته ادب جي حوالي سان هن اڌ صدي جا خواب، خواهشون، اُتساهه، اُمنگون مُرڪون ۽ لڙڪ مهراڻ جي صفحن ۾ ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا.

- شبنم گل

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- نمائنده پرچو

جڏهن مولانا غلام محمد گرامي مهراڻ جو ايڊيٽر هو، تڏهن هڪ ڀيري مون کانئس رسالي جي پاليسيءَ متعلق وضاحت گهري، جو ڪجهه مضمون مون کي ’ادب‘ جي دائري کان ٻاهر ۽ مختلف محسوس ٿي رهيا هئا. ان تي گرامي صاحب فرمايو هو ته ”اسان جي پاليسي آهي ته خالص ادبي موضوعن سان گڏ علمي موضوعن کي به مهراڻ جي مواد ۾ شامل ڪيو وڃي، ڇو ته انهن جون پاڙون به اڳتي هلي ادب سان ئي ملن ٿيون. اهو انڪري به ضروري آهي ته ادب جون حدون ڪشاديون ٿين ۽ ان جي وسعت ۾ نه رڳو گهرائي اچي پر جديد دَور جي سطحن جو به ان سان اظهار ٿئي.“ گرامي صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته ”کيس انڪري به ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي آهي ته ڪي ناليوارا ليکڪ به نج موضوعن تي لکڻ بدران نفسيات جي زبان ۾ خودبيني ۽ خود آرائي  ۾ مبتلا ٿي لکڻ لڳن ٿا. ان لاڙي کي گهٽائڻ لاءِ ضروري آهي ته علم الانسان، علم الحيات“ تاريخ تهذيب ۽ فلڪيات جا نڪتا به موضوعن ۾ سميٽجي اچن.“ مون گرامي صاحب جي راءِ کي نگاهه ۾ رکي مهراڻ جي پرچن جي دوباره ورق گرداني ڪئي ته واقعي بعض مضمون نگارن جي نثر واري حصي ۾ ڪجهه ڳالهيون خود ثنائيءَ ۾ ويڙهيل به نظر اچڻ لڳيون.

مهراڻ رسالي جي پڙهندڙن مان ڪن کي ڪهاڻيون پسند اچن ٿيون، ڪن کي مضمون، ڪن کي نظم يا شاعريءَ جون مختلف  صنفون. ڪن لاءِ وري مقالن ۽ تنقيدي مضمونن واريون وزني ڳالهيون تسڪين جو سامان بنجن ٿيون. مهراڻ رسالي جو ادارو هميشه کان ان کي متوازن رکڻ جي حدالامڪان ڪوششون وٺندو رهيو آهي. ادارو ابتدا کان وٺي جديد قدرن کي اسرائڻ جي همنوائي ڪندو ۽ همٿائيندو رهيو آهي. رسالي ۾ متنازع ادبي موضوعن تي به مقالا درج ٿيا. مهراڻ ۾ ادبي تحريڪن کي زور شور سان اُتساهه وٺايو ويو، جنهن تي مخالف گروهه طوفانَ پيدا ڪيا. بهرحال مهراڻ جو اهو ڪمال آهي جو جن صنفن ۾ شڪ پيدا ڪيا ويا، سي خود سُجهاءُ ۾ بدلجي ويون ۽ نيون نيون صنفون پنهنجي حيثيت مڃائينديون رهيون ۽ ڪامياب ۽ مشهور ٿينديون رهيون ۽ اُهي ئي ليکڪ مشهور رهيا، جن ”ادب برائي زندگي“ بابت پنهنجون ڪاوشون پيش ڪيون، جن هر سطح جي ذهن کي متاثر ڪيو.

مهراڻ رسالو هر دَور ۾ سنڌي ادب جو نمائنده پرچو رهيو آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌ مٿان ڪيترائي هنگامي، طوفاني ۽ غير يقيني دَور آيا، جنهن ۾ ادب جي ٻيڙي به لُڏڻ ۽ لُڙهڻ لڳي هئي، پر اداري جي ڪشتيبانن هر بار طغياني ۽ سيلابن جي ڌڌڪن جو مقابلو ڪندي، رسالي کي سلامتيءَ سان بار ڪنڌيءَ تي رسايو آهي ۽ بدخواهن جون اميدون هميشه مٽيءَ ۾ ملنديون رهيون آهن. منهجي صلاح آهي ته هميشه وانگر رسالي کي ترقي پسندانه  آدرشن جي آبياري لاءِ وقف رکيو وڃي ۽ ساڳي پاليسيءَ تي ڪاربند رهي عوامي اُمنگن جي ترجماني ڪئي وڃي.

- ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- گولڊن جُبلي مبارڪ

سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، تعليمي، تهذيبي ۽ ادبي سرمايي جو اهم ترين اُهڃاڻ ٽِه-ماهي مهراڻ پنهنجي گولـڊن جُبليءَ جو ڏڻ ملهائي رهيو آهي، اسان ان موقعي تي ادبي بورڊ جي پوري سَٿ کي مبارڪ جو مستحق سمجهون ٿا. هِند- سنڌ جي اديبن، شاعرن، مؤرخن ۽ محققن، جن به ”مهراڻ“ جي ترويج ۽ تاديب ۾ هٿ ونڊايو، اُنهن سڀني مانائتن ماهرن پڻ کيرون لهڻيون، جن جي علم ادب جي روشنيءَ کان پڙهندڙن جا قلب ۽ ذهن منور ٿيندا رهيا.

هن برک علمي ۽ تنقيدي جريدي کي سائين جي.ايم.سيد، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، راشدي برادران-  پير علي محمد راشدي ۽ سيد حسام الدين راشدي، محترم استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين محمد ابراهيم جويي ۽ سائين غلام محمد گرامي جهڙن برگزيده شخصيتن جي سرپرستي حاصل رهي، جن جي پرخلوص محنتن ۽ عالمانه خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. مهراڻ جي پراڻي خدمتگذار نفيس احمد شيخ جي سرگرم ادارت جي دَور ۾ پرچي جي گولڊن جُبليءَ لاءِ کيس به مبارڪن جو تحفو پيش ڪجي ٿو. ”مهراڻ“ جا ”شاعر نمبر“ ۽ ”سوانح نمبر“ پنهنجي دَور جي نامور ادبي ۽ فني ۽ علمي شخصيتن تي مبني اهم دستاويز آهن، جن ۾ اضافو ڪري ٻيهر انهن جا ڀرپور ۽ بهتر ايڊيشن شايع ڪرڻ گهرجن ۽ پڻ چونڊ افسانن جو نمبر به منظر تي اچي وڃي ته اڃا به بهترين.

- حيدر علي لغاري

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- سنڌي سماج لاءِ فخر

سنڌي ادبي بورڊ پاران گذريل اڌ صديءَ کان مستقل شايع ٿيندڙ ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ رڳو هڪ ادبي رسالو نه پر سنڌي ٻوليءَ جو نمايان ۽ معتبر تحقيقي جرنل آهي، جنهن جون سنڌي ادب، ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان تمام وڏيون خدمتون آهن.

مهراڻ پنهنجو اڌ صديءَ وارو سفر نهايت ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو آهي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ئي نه پر پوري سنڌي سماج لاءِ فخر واري ڳالهه آهي.

مهراڻ جي ”گولڊن جُبلي“ واري حوالي سان مهراڻ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي تمام گهڻيون مبارڪون ڏيندي اِها اُميد ٿا ڪريون ته هو پنهنجون محنتون ۽ محبتون ساڳئي جذبي ۽ اُتساهه سان جاري رکندا.                                  

- مرتضيٰ سيال

 (ڄامشورو، سنڌ)

”مهراڻ“- نئين ٽهيءَ لاءِ سَند

سنڌي ادبي بورڊ جو سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. ساڳيءَ طرح بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جديد سنڌي ادب جي ڦهلاءَ لاءِ اهم ڪم ڪيو آهي.

”مهراڻ“ اهڙو رسالو آهي، جنهن ۾ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۽ شاعرن جو ڇپجڻ انهن لاءِ ڄڻ سَند جي حيثيت رکي ٿو. ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ برک عالم، اديب، شاعر ۽ دانشور مولانا غلام محمد گرامي ”مهراڻ“ جو 1959ع کان 1976ع تائين ايڊيٽر رهيو. گرامي صاحب مهراڻ کي وڏي اوج تي پهچايو، جنهن لاءِ اسان ميهڙ واسين کي فخر حاصل آهي.

- آزاد انور ڪانڌڙو

 (ميهڙ، سنڌ)

براهوي اديبن طرفان نيڪ تمنائون

جهڙيءَ طرح درياهه مهراڻ سرزمين سنڌ کي سيراب ڪري ٿو، ساڳيءَ طرح سنڌي ادب جي شادابي رسالي مهراڻ سان وابسته آهي.

مهراڻ نون ليکڪن ۽ محققن جي حوصله افزائيءَ ۾ هميشه فراخدليءَ وارو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، نتيجي ۾ نئين ٽهيءَ جي اديبن طرفان سندن لکيتن ذريعي ڪيئي ادبي راهون روشن ٿيون.

آءٌ براهوي اڪيڊميءَ ۽ براهوي ادبي دنيا سان لاڳاپيل ليکڪن طرفان سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه ۽ ادارهِّ مهراڻ جي سموري سَٿ کي ”گولڊن جُبلي نمبر“ جي اشاعت تي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيان ٿو.

                    - نذير احمد ”شاڪر“ بروهي

         (ڳڙهي ياسين، سنڌ)

 

”مهراڻ“-  هيرا   لعل  هزار!

سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ جيڪو به ڪم ٿيو آهي اُهو نهايت اعليٰ معيار جو ۽ تحقيقي آهي. مهراڻ پنهنجي تخليقي، معلوماتي ۽ ادبي مضمونن توڙي بلندپايه شاعريءَ جي ڪري اسان جي ادبي تاريخ ۾ مرڪزي جاءِ والاري ٿو. سنڌ جا ايندڙ نسل، سنڌي ٻولي، تاريخ، ثقافت ۽ ادب جا شائق، گذريل پنجاهه سالن کان جاري مهراڻ جي ڇولين مان علم جا ماڻڪ، موتي، هيرا ۽ لعل حاصل ڪندا. دعا آهي ته مهراڻ پنهنجن موجن سان هميشه جاري رهي.     

- فقير امداد علي لغاري

(تاجپور، سنڌ)

”مهراڻ“

سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي جي اشاعت جا خير سان پنجاهه سال پورا ٿيا. سنڌ واسي، عام طرح، يڪمشت ٿي ادارا ۽ رسالا آباد ڪرڻ ۾ گهڻا ڪامياب نه ويندا آهن. هڪ ٻئي جي خلاف گِلا غيبت ۾ سنڌ واسين پنهنجن ادبي ادارن کي جيڪو ڌَڪُ پهچايو آهي، اهڙو غيرن به نه پهچايو هوندو. ون يونٽ جي دَور ۾ ادب، ڪلچر، نثر ۽ نظم ۾ وڏيون تبديليون آيون. اُن زماني ۾ سنڌ جو هڪ وڏو دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ بورڊ کي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڪراچي ۾ جاءِ ڏني وئي هئي. ادبي بورڊ ان عمارت جي هڪ ڪنڊ ۾ آباد هو ۽ مهراڻ رسالو نهايت آب و تاب سان نڪرڻ شروع ٿيو هو. اُن وقت رسالي جو ساليانو چندو ڏهه رپيا ۽ في ڪاپي ٽي رپيا هئي.

چيف منسٽر سنڌ بورڊ جو چيئرمن هوندو هو. ان زماني ۾ کهڙي صاحب سان گڏ سائين جي.ايم.سيد، پير علي محمد راشدي، سيد ميران محمد شاهه ۽ ٻيا هاڪارا بزرگ عالم ۽ فاضل بورڊ جا ميمبر هئا. حسن اتفاق اهو آهي ته ادبي بورڊ تي 13- ميمبرن ۾ 3 ميمبر منهنجي خاندان مان هئا. مرحوم والد خانصاحب آغا تاج محمد خان، مرحوم آغا بدرالدين خان ۽ مرحوم آغا عبدالنبي خان ٽيئي اديب هئا ۽ ساڻن گڏ ٻيا قدآور ميمبر هئا: شمس العما ِّ ڊاڪٽر دائودپوٽو، علامه آءِ.آءِ.قاضي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير حسام الدين شاهه راشدي، عثمان علي انصاري، الله بخش ”سرشار“ عقيلي. ان زماني ۾ جويي صاحب سان گڏ ناميارو دانشور سراج الحق بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري هو. ان طرح ادب جي عروج جو ماحول هو.

ادارهِّ مهراڻ کي پنجاهه سال پورا ڪرڻ جو جشن ملهائڻ گهرجي ۽ دعا ڪجي ته شل ڪو واءُ سڻائو لڳي، شل ڪي قرب جا مينگهه ملهار وسن. شل وطن جا شجر ۽ حجر شاداب ۽ درخشان بنجن.                  

- آغا شهاب الدين

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- جديد تقاضائن جي گهرج

”مهراڻ“ اُپکنڊ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مخزنن مان هڪ آهي، جنهن ۾ ادب براءِ ادب يا ادب کي ذهني سرور طور ڪتب آڻڻ جي ڪارج کي رد ڪندي، ادب کي سماج ۾ فڪري ۽ شعوري ردوبدل جو هڪ اهم ۽ اثرائتو ذريعو ڄاڻايو ويو آهي.

”مهراڻ“ جديد سنڌي ادب جي واڌاري ۾ ستر جي ڏهاڪي تائين هڪ شاندار ۽ جاندار ڪردار ادا ڪيو، ان کان پوءِ اڌوگابري ماٺار ۽ نيم جموديت ڇانيل نظر اچي ٿي.

مهراڻ پنهنجي اوائلي دور ۾ تحقيق لاءِ بنيادي مواد فراهم ڪيو، پر هاڻي ان زمري ۾ دائرو محدوديت ڏانهن وڃي رهيو آهي. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته سماج ۾ قومي وابستگي ۽ ذميواريءَ جو عنصر جهڪو ۽ جهيڻو ٿي رهيو آهي، جنهنڪري مستقبل بابت مونجهه ۽ نراسائيءَ جو عمل غالب پئجي رهيو آهي. اڃا به ائين کڻي چئجي ته انفراديت پرستي ۽ نظرياتي مونجهاري جي ڪري هڪ رُڃ ۽ سُڃ جي صحرا ۾ بيٺل آهيون، جنهنڪري اوسي پاسي ڪنهن به نخلستان جو نانءُ نشان ڪونهي. تحقيق جي سُسندڙ دائري جو هڪ ٻيو اهو ڪارڻ اهو آهي ته تاريخ ۽ تاريخ جو فلسفو جيڪو ڪنهن به قوم ۽ سماج جي اٿل پٿل ۾ هڪ ڀراءَ (Catalyst) جو ڪم ڏيندو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ جي تاريخ سان واڳيل تحقيق مورڳو ماضي پرستيءَ جي دائري ۾ ڦاٿل آهي، انڪري حال ۽ مستقبل بابت تحقيق هاڻوڪي دور کي وڌيڪ ڌيان لائق سمجهي ڪرڻ گهرجي.

مهراڻ ۾ ڇپجندڙ ڪهاڻين ۾ به ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ نواڻ ڏانهن پيش رفت جي گهٽتائي آهي.

”مهراڻ“ ۾ تاريخ جي موضوع تي لکتون منهنجي لاءِ هميشه  اُتساهه جو ذريعو رهيون آهن. مان خاص ڪري پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ محمد ابراهيم جويي جي ايڊيٽوريلس ۽ لکڻين کي ورجاءَ ڪري پڙهندو ۽ هينئين سان هنڊائيندي رهنمائي حاصل ڪندو آهيان.

مهراڻ کي جديد تقاضائن مطابق سماج ۾ ڦيرڦار آڻيندڙ ادبي لکڻين کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي، ڇو ته مجموعي طور سنڌي سماج اڄڪلهه هڪ بحراني ڪيفيت مان لانگهائو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قومي جوڙجڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ٿي رهي آهي. ائين اسان جي سماج ۾ ٽيڪنوڪريٽ ۽ لفظي جوڙجڪ جا ماهر ته پيدا ٿي رهيا آهن، پر ماڻهپي، سهپ ۽ رواداري جهڙن بنيادي اصولن کي اونهائيءَ ۾ ڦٽو ڪري رهيا آهن.

”مهراڻ“ يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ مخزنن ۾ مواد بابت سمجهڻ گهرجي ته موجوده عالمي ۽ ملڪي وايومنڊل ۾ عالمگيريت/ گلوبلائزيشن جي زمري ۾ سماج جي جالڻ ۽ جياپي جو هڪ ذريعو تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو مورچو آهي. سنڌي ٻولي به عالمگيريت جي وڌندڙ اثر رسوخ جو هڪ اهم عنصر آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڏيکاءَ واسطي سرحدي حدبنديون ثانوي حيثيت ماڻي رهيون آهن. ان لاءِ لازمي آهي ته ”مهراڻ“ ۾ تحقيق ۽ ٻيا اسم ان معيار ۽ ماپ جا هجن، جن کي سنڌ جي تاريخ جي آڌار تي عالمي سطح تي سفارت ۽ سرواڻي ڪرڻ جو درجو حاصل ٿئي.

 -  امان الله شيخ

 (ڄام شورو، سنڌ)

چونڊ مواد انٽرنيٽ تي آڻجي

”مهراڻ“ ۾ علمي ادبي توڙي ڌرتيءَ سان سلهاڙيل هڙني رُخن جا نت نوان زاويا، سنڌي ٻوليءَ جي اوسر، ارتقا ۽ موجوده صورتحال تي وقتائتو مواد مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ۾ رهن ٿا. اڳي جهڙيون اڪابريون نه سهي، پر مان سمجهان ٿو ته هن وقت به تحقيق جي حوالي سان مهراڻ کي نهايت مستند دستاويز چئي سگهجي ٿو. هينئر سنڌي قوم کي نئين فڪر ۽ نين گهراين جي ضرورت آهي. ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندڙ شاعري ذريعي رهنمائي ۽ همت افزائي ڪري سگهجي ٿي. ”مهراڻ“ جا خاص نمبر ۽ جامع لکڻيون هن اداري جا نهايت يادگار دستاويز آهن، جن مان پڙهندڙن کي لاڀ مليو وڃي. هينئر جي حالتن پٽاندر ”مهراڻ“ ۾ هند جي سنڌي ادب کي پڻ زينت بڻائجي، خاص ڪري پوپٽي هيراننداڻي، موهن ڪلپنا، سندري اُتمچنداڻي ۽ اُتان جي نئين ٽهيءَ کي پڻ راغب ڪري سگهجي ٿو. منهنجي تجويز آهي ته ”مهراڻ“ جي هر نئين شماري مان چونڊ مضمون، تحقيقي مقالا، جن جو سرو سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل سان واڳيل هجي، تن کي Internet ته آڻجي ته دنيا ۾ جت به سنڌي رهن ٿا، اُهي ان مان مستفيض ٿي سگهن.

- عبدالغفار تبسم

 (ڪراچي، سنڌ)

نواڻ جي ضرورت

مهراڻ تمام پراڻو مخزن آهي- ان جي هر اشاعت داد لهڻي، پر اڃا به نواڻ جي ضرورت آهي. منهنجي راءِ آهي ته جديد سنڌي ادب جو هيءُ جيترو مقبول رسالو آهي منجهس اوتري نواڻ ۽  جدت  ناهي. تحقيق جو شعبو خاص طور ڌيان لهڻي. نئين ۽ پراڻي تحقيق کي گڏي سڏي هلائجي ته نواڻ پيدا ٿي پوندي. شاعري ۽ ڪهاڻيءَ جو معيار بهتر آهي، پر وڌيڪ بهتريءَ جي گنجائش موجود آهي. خصوصي طور اهڙيون ڪهاڻيون شامل ڪيون وڃن جيڪي مختلف تهذيبن يا رسمن رواجن جي عڪاس هجن. هڪجهڙن دلپسند موضوعن ۽ روايتن تي عمل پيرا ٿيڻ سان ئي رسالو سڀني طبقن ۾ هڪجيترو مقبول ٿي سگهي ٿو. منهنجي راءِ آهي ته رسالي کي ”بين الاقوامي“ درجو ڏيارڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن ۽ اُهي سنڌي- جيڪي پرڏيهه ۾ رهن ٿا- تن کي لکڻ ۽ رسالي ۾ شموليت لاءِ اُتساهيو وڃي، ته جيئن ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو تعارف ٿي سگهي.

- ڊاڪٽر عذرا سرور

 (ڄام شورو، سنڌ)

نوان Trend متعارف ڪرايو

”مهراڻ“ علمي، ادبي رسالو آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ هڪ مستند ريسرچ جنرل جي کوٽ جي پورائي سان گڏ مختلف دورن ۾ سنڌي ادب ۾ اُڀرندڙ  نَون ٽرينڊس کي اجاگر به ڪيو آهي. پر ان جي ڪردار کي وڌيڪ ”مڪمل“ بنائڻ جي ضرورت بهرحال موجود آهي ۽ تحقيقي مواد/ موضوعن ۾ Methodology جي حوالي سان  جدت جي ضرورت آهي. ڇپجندڙ مواد گهڻو ڪري سنڌي ادب ۾ اُڀرندڙ نوَن ٽرينڊس ۽ ان جي عالمي محرڪن سان گهٽ لاڳاپيل هوندو آهي. ادبي تحقيق جي نئين Methodology کي  نظر ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. ”مهراڻ“ ذريعي يقيناً نون لکندڙن جي همت افزائي ٿئي ٿي، پر شاعري توڙي ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪن جي نواڻ ضروري آهي. موجوده ڪهاڻي علمي، هنري ۽ سماجي طور پٺتي پيل هجڻ ڪري سماج جي نمائندگي نٿي ڪري، ”مهراڻ“ کي ان سلسلي ۾ سٺا ليکڪ پيدا ڪرڻ گهرجن. ان لاءِ نوجوان لکندڙن لاءِ سکيا- ڪورس ۽ ورڪشاپ به ڪرائي سگهجن ٿا. عالمي ادب مان چونڊ شاهڪار  به ان سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. دنيا جي مڃيل ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندڙ آرٽيڪلز جا ترجما به ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. دنيا جي ادبي تحقيق ۾ روز بروز نيون تبديليون پيون اچن، تحقيق لاءِ ڪيئي نوان طريقه ڪار دريافت ٿيا آهن، جن جي مدد سان قابل اعتماد نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ”مهراڻ“ ۾ جديد سنڌي ادب سان گڏ عالمي ادب کي به جڳهه ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا.

- علي اڪبر هڱورجو

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“ ورثو آهي

مهراڻ، تاريخي، ادبي، تحقيقي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ ”مڪمل“ دستاويز آهي. سنڌ ۾ جنهن به موضوع تي تحقيق ڪرڻي هوندي، لکڻ کان پهرين ”مهراڻ” جو مطالعو لازمي امر ۽ اهم جز آهي. ان کان علاوه جديد سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ پڻ هن مخزن تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. شيخ اياز کان وٺي سعيد ميمڻ تائين سڀني اهم شاعرن جي چونڊ شاعري ان ۾ شامل رهي ٿي. مهراڻ جي ڪهاڻين ۾ جمال ابڙي، امر جليل ۽ اخلاق انصاري تائين سڀني ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون بهترين آهن، پر ڪهاڻين واري ڀاڱي جي مجموعي ڪمزوري کي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ نئين سنڌي ڪهاڻي لکجي ئي نٿي! اردوءَ جي نامياري محقق مشفق خواجه جي لکت ”تاريخ نويسي يا ٽله نويسي جي حوالي سان ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ (1997ع) جو ايڊيٽوريل، هڪ نهايت  برجسته يادگار تحرير آهي، جنهن کي مون بار بار پڙهيو آهي. اهڙيءَ نوعيت جي لکڻين سان سنڌي ادب ۾ مثبت پهلو پيدا ٿيندا. هن موقعي تي مهراڻ سان هڪ زماني سان وابسته نفيس احمد ناشاد جي اڻٿڪ خدمتن جو ذڪر ڪرڻ لازم آهي، خاص ڪري مهراڻ جي خاص نمبرن تي سندس محنتون ساراهه جوڳيون آهن.

- انور ساگر ڪانڌڙو

(حيدرآباد، سنڌ)

نوجوانن جي همت افزائيءَ جي ضرورت

”مهراڻ“ جديد سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون آهن، اُهي ساراهه جوڳيون آهن، پر موجوده دور جي حساب سان اُن کي گهڻو اڳتي اچڻ جي ضرورت باقي آهي. تحقيق وارو ڀاڱو به حوصله مند ناهي. جيتري تحقيق ٻين ٻولين ۾ ٿئي ٿي، ”مهراڻ“ اهو ڪم نه ڪري سگهيو آهي. شروع ۾ شاعر نمبر يا جيڪي خاص نمبر نڪتا، ان کان پوءِ هڪڙا محدود نالا آهن، جيڪي هر ڀيري ڇپجن ٿا. نوجوانن لاءِ مهراڻ ۾ ڀرپور حوصله افزائي ٿيڻ گهرجي.

مهراڻ ۾ خصوصي طور انهن صنفن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي، جيڪي نج سنڌي ۽ هن ڌرتيءَ جي پيداوار آهن، جهڙوڪ: ڪافي، بيت، ڏهس، سورٺو، وائي وغيره. ”مهراڻ“ جي مقبوليت ۾ اضافي جي لاءِ رسالي کي هر ننڍي توڙي وڏي شهر تائين پهچايو وڃي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين تائين به اُن جي رسائي ممڪن بڻائي وڃي.

- انعام ٽکڙائي

(حيدرآباد، سنڌ)

پرڏيهي ادب مان ترجمن جي ضرورت

مهراڻ  جون پنجاهه ساله علمي خدمتون يادگار آهن، جو بنا وٿيءَ جي علم ۽ دانش جون ڏياٽيون جلائي رکيون اٿس. توڙي جو جديد سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ وڻندڙ ڪوششون ورتيون ويون آهن، پر رسالي ۾ جديد ليکڪن جي همت افزائي جي ضرورت بهرحال باقي آهي. تحقيق وارو ڀاڱو قدري لائق آهي، پر ان ۾ به جديد ۽ سائنسي اصولن جي ڪمي هوندي آهي. اڪثر عقيدي پرستي کي اُتساهيو وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ جدت جي کوٽ ترجمن وسيلي پوري ڪري سگهجي ٿي، ان لاءِ ناميارن مترجمن جي خدمتن کي حاصل ڪرڻ گهرجي. گڏوگڏ انٽرويوز ۽ بحث مباحثن ذريعي به عام خاص جي سوچ جي تربيت ڪري سگهجي ٿي. ”مهراڻ“ کي جڳ  جهان ۾ مقبول بنائڻ خاطر پرڏيهي ادب ۾ سرجندڙ نين تحريرن ۽ لکڻين کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته ان طرح سان رسالو وڌيڪ مقبوليت ماڻي سگهي ٿو.

- سائين بخش رند

  (جوهي، سنڌ)

ساک جي بحالي

مهراڻ جي 50 ساله اشاعت جي موقعي تي رسالي جي خاص شماري ”گولڊن جُبلي نمبر“ جي اشاعت لاءِ آءٌ اداري کي مبارڪون ٿو پيش ڪريان، جنهن جي رهنمائيءَ ۾ هيءُ ادارو ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي شاندار اشاعتي ڪارڪردگي وسيلي پنهنجي متاثر ٿيل ساک بحال ڪري سگهيو آهي. ساڳئي وقت آءٌ اِها به جس ڏيندس جو ”مهراڻ“ ۽ بورڊ جا ٻيا رسالا ”وقت سر“ ڇپجي رهيا آهن ۽ پڙهندڙن جي پراڻي شڪايت جو خاتمو ٿيو آهي.

مهراڻ جي 50 ساله ڪارڪردگي بابت آءٌ ايترو چوڻ مناسب ٿو سمجهان ته مهراڻ اسان جي سنڌي ادب جي صحيح ۽ مڪمل سڃاڻپ آهي. مهراڻ کان سواءِ سنڌي ادب جي تاريخ جو تصور ڪرڻ ئي محال آهي. قومون ۽ ملڪ ”ٻوليءَ“ سان هوندا آهن ۽ ٻوليءَ جو سنئون سڌو تعلق وري ”ادب“ سان واڳيل هوندو آهي. ان طرح مهراڻ، ”سنڌي ٻولي“ ۽ خود ”سنڌ“ جي سڃاڻپ آهي. منهنجي اها ڪوتاهي ٿيندي، جيڪڏهن مهراڻ جي چاليهه ساله پراڻي خدمتگذار مسٽر ناشاد جي خدمتن جو ذڪر نه ڪجي. ڪارڪن ته هرهنڌ ۽ هر دَور ۾ پنهنجو فرض ادا ڪندا رهندا آهن، پر سچ ته مون کي ذاتي طرح هڪ عرصي کان وٺي چڱيءَ طرح سان سُڌ آهي ته مختلف ڏکين آزمائشي ادبي مرحلن ۾ جنهن دورانديشي ۽ معامله فهميءَ سان مسٽر ناشاد پئي نباهيو آهي، سو سندس ئي  حصو آهي. هڪ لحاظ کان آءٌ کيس به مبارڪباد پيش ٿو ڪريان.

- محمد عثمان منگي

(ڄام شورو، سنڌ)

”مهراڻ“- سگهارو ادبي ڪردار

مهراڻ، سرڪاري رسالو هوندي به سدائين سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي تعليم جي حوالي سان جراتمند ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. ون يونٽ واري زماني ۾ ادب ۽ ٻوليءَ جي حفاظت لاءِ مهراڻ جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي. ان جو هڪ روشن ۽ اڻوسرندڙ مثال 1967ع واري انتهائي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري زماني ۾ مهراڻ جي بي باڪ ۽ سنڌ دوست ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي صاحب جو لکيل ”سنڌي ٻوليءَ“ بابت ايڊيٽوريل آهي. گرامي صاحب پنهنجي مخصوص مدلل ۽ جامع پيرايي ۾ جيڪو اداريو لکيو، سچ ته اسان جي اڄوڪي نئين ٽهيءَ کي پنهنجي هن نيڪنام بزرگ جي ان تحرير کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

سنڌي تخليقي ادب جي واڌ ويجهه وارين ڪوششن سان گڏ مهراڻ هميشه سنڌ جي ”تاريخ“ جي موضوع کي خاص طرح سان اجاگر پئي ڪيو آهي. ڪنهن به قوم جو روشن مستقبل اُن جي باوقار ۽ قابل فخر ماضيءَ سان جُڙيل هوندو آهي ۽ مهراڻ ان ڏس ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، سو نهايت سگهارو ۽ فخر لائق آهي. مهراڻ جي گولڊن جُبلي نمبر جي اشاعت جي موقعي تي آءٌ هڪ مشورو ڏيڻ چاهيندس ته مهراڻ جي پراڻن پرچن کي ٻيهر شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص طرح سان خصوصي نمبر دوباره ڇاپي عام ڪجن، جن جي اڄڪلهه ڏاڍي اڻهوند آهي.

 - لياقت عزيز

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- ناٽڪ جي حفاظت

همعصر تخليقي سنڌي ادب جي خدمت دوران مهراڻ ”سنڌي ناٽڪ“ جي اشاعت جي ڏس ۾ شروع کان وٺي جيڪو ڌيان پئي ڏنو آهي، اُهو نهايت اُتساهيندڙ آهي. جتي اسان کي مهراڻ ۾ شروعاتي دَور (1956ع) ۾ ”آزاديءَ ڏانهن....“ جهڙو فڪري ناٽڪ ڇپيل ملي ٿو، اُتي 1980ع واري زماني ۾ جڳ مشهور ڊراما ”دنگيءَ منجهه درياهه“ (علي بابا)  به مهراڻ ۾ ڇپيل ملي ٿو. ريڊيو ڊرامي ”آخري رات“ کي پنهنجي دَور ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويو هو، جو مهراڻ ۾ محفوظ آهي. ان طرح سنڌي ناٽڪ/ڊرامي کي مهراڻ پنهنجن صفحن ۾ محفوظ ڪري سچ ته قدر لائق ڪم ڪيو آهي.

- زيب نظاماڻي

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- متوازن پاليسي

پنجاهه سالن جي طويل عرصي دوران مهراڻ جي ڪارڪردگيءَ بابت جيڪو مکيه ۽ اهم نقطو منهنجي آڏو اچي ٿو، سو هيءُ آهي ته مهراڻ سنڌ جي آڳاٽي ادب ۽ تخليقي جديد ادب کي هڪ خاص ”توازن“ سان پئي پيش ڪيو آهي. ان طرح لکندڙن ۾ به جتي سيد حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا نالا ملن ٿا، اُتي اياز گل ۽ نصير مرزا جون دل کي ڇُهندڙ تحريرون به پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. مهراڻ جي اها متوازن علمي خدمت، رسالي جي ڪامياب ادبي پاليسي جي نشاني آهي.

- ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي

(ڪراچي، سنڌ)

”مهراڻ“ هڪ ادبي رڪارڊ

ادب جي حوالي سان دنيا جي تاريخ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪڏهن ”اديب“ ايڏي بلند مقام تي هوندا آهن، جو اُنهن جي ڪنهن به تحرير جو ڇپجڻ ڪنهن به رسالي لاءِ فخر جو سبب هوندو آهي ته ڪڏهن وري ڪي ”رسالا“ ايڏو مٿانهون مقام حاصل ڪري وٺندا آهن جو اُنهن ۾ ڇپجڻ خود اديبن لاءِ اعزاز ”مهراڻ“ هڪ آئينو آهي، هڪ رڪارڊ آهي، اُن سموري دَور جو، جنهن ۾ اهو ڇپجندو رهيو آهي. ان ادبي آئيني/رڪارڊ ۾ اسين مختلف دورن جا ادبي لاڙا ۽ رجحان، فڪري تبديليون، ادب جون صنفون ۽ تحقيق جا مواد ڏسي سگهون ٿا. تنهن کان سواءِ ان ۾ ڇپائي جي مختلف تبديلين سان گڏ موجود ڪمپيوٽرائزڊ خوبصورتين تائين پهچڻ جو سفر نظر اچي ٿو. مهراڻ جا ٽائيٽل پڻ خوبصورت ۽ معنيٰ خيز هوندا آهن، هن رسالي جو معيار ئي اُن جي سڃاڻپ آهي.

- شگفته شاهه

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- سنڌ ادب جي تاريخ

ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ اسان جي دَور ۾، سنڌي ادب جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي. ”مهراڻ“ ئي اهو واحد ادبي رسالو آهي جيڪو پنهنجي ابتدا کان وٺي اجھ تائين تسلسل سان شايع ٿيندو رهيو آهي، انڪري نثر توڙي نظم جي هر صنف جي اوسر جو حتمي انداز لڳائڻ لاءِ مهراڻ ئي منهنجي نظر ۾ سڀ کان اهم ذريعو آهي.

سنڌي ادب جي ”جامع“ تاريخ بدقسمتيءَ سان اجھ تائين ناهي لکي وئي، جن به سنڌي ادب جي تاريخ لکي آهي، اُنهن اختصار تي اڪتفا ڪيو آهي، جڏهن ته اسان وٽ جي ڪابه ڪمي ڪانهي. ان حوالي سان جديد سنڌي ادب جي تاريخ ته ”مهراڻ“، ئي مهيا ڪري سگهي ٿو.

”مهراڻ“ جي موجوده ايڊيٽر، سائين نفيس احمد شيخ جي ته وري سنڌي ادب تي گهري نظر آهي جو منهنجي نظر ۾ اها سٽ مٿس بلڪل ٺهي اچي ٿي ته ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا...“ ۽ ناشاد صاحب ئي آهي، جنهن مون جهڙن ڪيترن ليکڪن کان جيڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رنگبرنگي روشنين ۾ وڃائجي ويا آهن، خطن، فونن ۽ ملاقاتن جي تلسلس سان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکرائي ورتي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ناشاد صاحب جي اهڙي ”تنگ ڪرڻ“ کي مان ته احساس سمجهان ٿو، جنهن مون کي ٽي وي چئنلز جي ڀرمار واري زماني ۾ به سنڌي ادب سان ڳنڍي رکيو آهي.

- زيب سنڌي

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- سنجيده علمي ڪردار

اهو جھاڻي خوشي ٿي آهي ته هراڻ جوو ورندڙ شمارو ”گولڊن جُبلي نمبر“ ڪري شايع ڪيو پيو وڃي. بورڊ جو اهو فيصلو هر طرح ساراهڻ جوڳو آهي. آءٌ پوري اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته مهراڻ ئي اُهو واحد رسالو آهي، جو هڪ وڌي عرصي کان وٺي اسان جي تاريخ، ثقافت، ادب ۽ تهذيبي قدرن جي معياري عڪاسي پوري عمدگي سان ڪري رهيو آهي. جيئن ته مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مقالا، مختلف موضوعن جو احاطو ڪن ٿا. انڪري رسالي جي مقبوليت ۽ افاديت ۾ واڌارو ايندو رهيو آهي. هن رسالي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اُن ۾ ڇپجندڙ مواد جا تخليقار ملڪ جا برک عالم، اديب، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر- اُهي فخر لائق ليکڪ آهن، جن کي پنهنجن شعبن ۾ وڏي مڃتا ۽ شهرت حاصل آهي. تحقيق جي ڀاڱي ۾ معياري مقالن جي چونڊ مان هر طرح شائستگيءَ ج ثابتي ملندي رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو پرچي کي شروع کان وٺي پڙهندڙن جي سمورن طبقن ۾ مقبوليت حاصل رهي آهي.

آءٌ گذريل ٽيهارو ورهين کان وٺي پابندي سان مهراڻ جي مقالن مان مستفيض ٿيندو ٿو اچان. مون کي ذاتي طرح سان اهو ادراڪ آهي ته ”تاريخ“ جي حوالي سان ڪيترن ئي تڪراري موضوعن کي مهراڻ نهايت ئي معامله فهميءَ سان ايڊٽ ڪري، هڪ مثالي سنجيده ڪردار“ پئي ادا ڪيو آهي. مون اهو پڻ غور سان ڏٺو آهي ته اهو مهراڻ جو ئي وطيرو آهي جو متضاد علمي خيال آراين دوران ان پنهنجي پيشڪش ۾ هميشه اهڙو احتياط پئي رکيو آهي. جيئن ڪنهن به طبقي يا فڪري گروهه جي ذري جيتري به دل آزاري نه ٿئي. ان لحاظ کان مهراڻ ڄڻ پنهنجي همعصر جريدن لاءِ هڪ ”رهنما“ جي حيثيت رکي ٿو، منهنجي دلي دعا آهي ته الله تعاليٰ هن رسالي کي ملڪ جي سمورن معياري رسالن ۾ سڀ کان مٿانهون مقام عطا ڪري.

- محمد نامدار خان بوزائي

(ڪراچي، سنڌ)


انعام الله شيخ

”مهراڻ“ ماضيءَ کان مستقبل جي مسافري

خير سان ’مهراڻ‘ جي مسلسل اشاعت کي 50 سال پورا ٿي چڪا آهن ۽ رسالو ويهين صديءَ کي پوئتي ڇڏي ايڪويهين صديءَ ۾ وک وجهي چڪو آهي. گذريل اڌ صديءَ جي مسافريءَ دوران ’مهراڻ‘ پڙهندڙن کي ڇا ڏنو، لکندڙن کان ڇا ورتو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ان ڇا ڪيو- انهن سوالن جي ڀرپور وضاحت ته ان سان لاڳاپيل ڌُريون ئي ڏيئي سگهنديون، پر ادب علم سان واسطيدار ڪو عام شخص به ايترو ضرور چئي سگهندو ته ’مهراڻ‘ هڪ نيم سرڪاري اداري جو پرچو هوندي ۽ بورڊ جي مختلف انتظاميائن جي مختلف ترجيحن ۽ پاليسين هيٺ جاري رهندي به، مجموعي طرح سان  هڪ شاندار ادبي تاريخ رقم ڪري ورتي آهي. ’مهراڻ‘ اهو واحد سنڌي تحقيقي ۽ ادبي پرچو آهي، جيڪو اڌ صديءَ جي وڏي عرصي کان ”لاڳيتو“ شايع ٿيندو رهيو آهي. مجموعي طرح ’مهراڻ‘ ۾ هر طبقي، نظريي ۽ سلسلي سان لاڳاپيل ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽ محققن کي بنا تفريق جي حصيدار ٿيڻ جو موقعو مليو آهي. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي معاملي ۾ انهن مڙني ۽ ٻين لاتعداد خوبين ۽ خوبصورتين جي ڪري ’مهراڻ‘ گذريل پنجاهه سالن ۾ هڪ تحقيقي پرچي يا رسالي سان گڏ هڪ مستقل ”اداري“ طور پنهنجي مڃتا ڪرائي آهي. اهوئي سبب آهي جو ’مهراڻ‘ ۾ ڪنهن به ليکڪ، عالم ۽ اديب جي تحرير کي جاءِ ملڻ ڄڻ ته سندس علمي/تحقيقي مقام جي تصديق يا سَند طور ڳڻيو ويندو آهي.

هن پرچي کي حاصل انهيءَ پسمنظر تي ويچاريندي، جڏهن ويجهي ماضيءَ ۽ حال جي حوالي سان ڳڻ ڳوت ڪجي ٿي ته ڪئين سوال ذهن ۾ جنم وٺڻ لڳن ٿا. هڪ سمجهو پڙهندڙ يا ڪو جاکوڙي محقق ’مهراڻ‘ جي پرچن تي نظر وجهندي، اُنهن کي سنڌي ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ته  انفراديت آڇڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، پر اُهو ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين ۾ جاري ٿيندڙ تحقيقي ۽ ادبي رسالن ۽ دنيا ۾ شايع ٿيندڙ علمي، ادبي ۽ تحقيقي مواد تي نظر رکندي آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهندو ته ’مهراڻ‘ پنهنجن تمام تر رنگن، خوبين ۽ خوبصورتين جي باوجود تبديليءَ جي مرحلن منجهان ائين نه گذريو آهي، جيئن عالمي سطح جي هڪ معياري ۽ منفرد رسالي کي گذرڻ کپي. بلڪ ’مهراڻ‘ تي آيل ڪيترن ئي نازڪ دورن جو جائزو وٺندي ڪوبه اڻ ڌُريو ذهن افسوس به ڪري سگهندو ته تحقيق ۽ تحرير جو هيءُ غير معمولي مجموعو جيڪڏهن ڪجهه موقعن تي نامناسب مواد شايع نه ڪري ها ته اها ڳالهه اُن جي شاندار تاريخ جي حوالي سان شايد هڪ بهتر نيتي ثابت ٿئي ها. هيءَ هڪ اڻوڻندڙ حقيقت آهي ته تدبر ۽ تحقيق جي آبياري ڪندڙ هن رسالي تي اهڙا اُگرا ڏينهن به آيا جو اُهو اطلاعاتي پبلسٽي مخزن جي ڏِک ڏيڻ لڳو! انهن منفي روين جي ڪري ’مهراڻ‘ ڪنهن دور ۾ ڄاڻ جي کاڻ فراهم ڪندڙ اداري مان ڦري هڪ اهڙي سووينئر جو روپ اختيار ڪري ورتو، جو محدود ٿي ويل ان جي اشاعت جو ڪارج فقط مخصوص هٿن ۾ اعزازي ڪاپين طور ورهاست ۽ صاحبان اختيار جي ڊرائنگ رومس ۾ ڊيڪوريشن پيس وارو وڃي بچيو ۽ رسالي مٿان ٿيندڙ خرچ، اداري لاءِ ڪابه خوشخبري آڻڻ بدران مالي توڙي علمي حوالي سان برو تاثر پيدا ڪرڻ لڳو.

3- آڪٽوبر 2003ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي مـُـک انتظامي آفيسر (سيڪريٽري) طور جڏهن مون بورڊ جي ٻين مامرن سان گڏ ’مهراڻ‘ جي مُک  تي نظر وڌي ته ان جي حالت انتهائي ڌيان طلب لڳي. ”لکي عيسو ۽ پڙهي موسو“ واري ڪيفيت ۾ لُڇندڙ هن شاندار قومي ورثي جي ٽائيٽل کان وٺي آخري صفحي تائين مون کي اُن ۾ ڪنهن به ادارتي سونهن، علمي وقار، تحقيقي سوڀيا ۽ روايت توڙي جدت جو موهيندڙ ميلاپ نه مليو. اڻوڻندڙ خوشامدي مضمونن، غير ضروري پيغامن، تصويرن ۽ فرمانن سان ڀريل ’مهراڻ‘ جي حالت سنڌ جي سيني تي وهندڙ انهيءَ ’مهراڻ‘ جهڙي ٿي چڪي هئي، جنهن  ۾ دُٻن ۽ ڍورن جي شڪل ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ته نظر ضرور ايندو آهي، پر اهو پاڻي اوجل جـَـل ۽ سدا بهار امرت وارو نه، پر سم ۽ لوڻياٺ سان ڀريل اهڙو گند هوندو آهي، جيڪو اندر کي ٺاريندو گهٽ، ساڙيندو وڌيڪ آهي.

بورڊ جي ٻين شعبن جيان ’مهراڻ‘ کي فرحت بخش بنائڻ لاءِ هن فقير هنگامي بنيادن تي حڪمت عملي تيار ڪندي ايڊيٽر ’مهراڻ’ جي تعاون سان  ’مهراڻ‘ کي ڇٺي ڇماهيءَ نروار ٿيندڙ چنڊ بدران ماضيءَ وانگر سلسليوار ۽ پابنديءَ سان نڪرندڙ رسالي طور مڃتا ڏياري- ۽ الحمدلله اڄ تائين اهو بنا وقفي جاري ٿي رهيو آهي. اشاعت جي سلسلي ۾ معياري مواد جي حاصلات کان وٺي ڇپائيءَ جي معيار ۾ بهتريءَ تائين مڙني مرحلن تي توجهه ڏيئي، ان کي سـُـستي ۽ عدم توجهه کان نجات ڏياري وئي. ’مهراڻ‘ جي اجراءَ جي سلسلي ۾ انٽرنيٽ، اخبارن، بروشرن، خبرنامن، نمائشن ۽ اشتهارن ذريعي عوام، ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي باخبر رکيو ويو. رسالي کي مختلف حصن ۾ ورهائي تحقيق، تخليقي ادب ۽ شاعريءَ سميت مختلف رنگ رچايا ويا. ’مهراڻ‘ کي ڪنهن به مخصوص شخص، گروهه، نظريي، تعصب ۽ اثر کان پاڪ ڪري اُن کي پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي هدايتن ۽ بورڊ جي پاليسين مطابق جاري ڪيو ويو. مهراڻ سان لاڳاپيل عملي جي محنتن کي يڪجا ڪندي پرچي کي پروفن جي غلطين کان پاڪ ڪري نئين گيٽ اپ ۽ وڻندڙ سر ورقن سان سينگاريو ويو. ڪلاسيڪل شاعري، فڪرانگيز نثري فقرن، ڪتابن جي پهچ، خطن جي اشاعت، تبصرن ۽ تاريخي اهميت جي تصويرن سان ’مهراڻ‘ کي نوان رنگ روپ ڏنا ويا. اهوئي سبب آهي جو نه فقط ورهين کان پوءِ سندس واهرو ٻيهر ’مهراڻ‘ ڏانهن وريا، پر اشاعت جي حوالي سان پرچو چند درجنن جي قيد کان آجو ٿي سَون جو سرحدون پار ڪرڻ لڳو. هاڻي ڪوبه پڙهيل لکيل شخص ’مهراڻ‘ کي هٿ ۾ کڻي نظرانداز ڪندي سائيڊ ٽيبل تي نٿو رکي، بلڪ ان کي کولي پڙهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو.

ويجهي ماضيءَ ۾ ٿيل اهڙي حاصلات جي باوجود ’مهراڻ‘ کي جديد دور جي معياري ۽ هردلعزيز تحقيقي، علمي ۽ ادبي مخزن بنجڻ لاءِ اڃا به وڏي جاکوڙ جي ضرورت آهي. ان ۾ شايع ٿيندڙ مواد کان وٺي، رسالي جي سينگار ۽ سٽاءَ سميت اڃا به ڪيترائي پهلو آهن، جن تي اڳڀرائي ته بعد جي ڳالهه، پر سنجيدگيءَ سان ويچاريو ئي نه ويو آهي.

ڪوبه سمجهو، باخبر ۽ باعمل ماڻهو اهو بخوبي ڄاڻي ٿو ته شين ۾ اصلاحات جو مرحلو انتهائي ڪٺن ۽ دشوار ٿئي ٿو. جهڙيءَ طرح سماج ۾ مروج غليظ روايتن کي يڪسر تبديل ڪرڻ ممڪن ناهي، تهڙي طرح ڪنهن به اداري، انسٽيٽيوشن يا مخزن وغيره ۾ سالها سالن کان مروج روايتن ۽ ڪم جي طور طريقن کي مثبت رُخ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ وقت درڪار ٿئي ٿو. بورڊ ۾ پنهنجي پوڻن ٽن سالن جي ايامڪاريءَ دوران ”مهراڻ“ جي اشاعت ۾ مواد جي چونڊ سميت ٻين وڻندڙ تبديلين جي حوالي سان مون خصوصي طور  جيڪي اقدامات ورتا، هتي هروڀرو ان جي تفصيل ۾ وڃي پاڻ ساراهڻ واري عمل جي پاسداري ڪرڻ مناسب نٿو لڳي. ان جي باوجود ادب ۽ ٻوليءَ جي ادنيٰ خدمتگار ۽ گهڻگهري جي حيثيت ۾ آءٌ ڀانيان ٿو ته مٿي بيان ڪيل اقدامات جي بدلي مهراڻ ۾ ڪو مٺو ڦل ضرور پراپت ٿيو آهي. بهرحال، اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان ”مهراڻ“ جي ادبي ۽ علمي افاديت علائقائي سطح مان وڌي ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جي ادبي مخزنن جي هم پلئه بڻجي سگهي. ان سلسلي ۾ هيٺين چند نُڪتن کي جيڪڏهن ڌيان سان ويچاري عمل هيٺ آندو وڃي ته مان سمجهان ٿو ”مهراڻ“ سنڌي ادبي کيتر ۾ يقيناً هڪ ماڊل پرچي طور متعارف ٿي سگهندو.

علائقائي ۽ عالمي ادب مان چونڊ:

مهراڻ جي ويجهي ماضيءَ جي اشاعتي سلسلي تي نگاهه وجهڻ بعد نهايت مايوسيءَ مان چوڻو پوي ٿو ته ان ۾ ننڍي کنڊ جي علائقائي ٻولين، جهڙوڪ تيلگو، پنجابي، گجراتي، مراهٽي، هندڪي، بنگالي، تامل ۽ عالمي ٻولين انگريزي، فرينچ، جاپاني، جرمن ۽ رشين وغيره جي شاهوڪار ادبي خزاني مان چونڊ تحريرن جي خصوصي طرح اڻاٺ رهي آهي. توڙي جو مهراڻ ۾ ترجمن جي صورت ۾ چند تحريرن جي اشاعت کان مان نهڪار نٿو ڪريان، پر اهڙي عمل کي مستقل حيثيت ڏيڻ جي ضرورت بهرحال باقي آهي. نئين دور جي ليکڪ جي تربيت خاطر گارشيا مارڪئيز کان وٺي ونگاري مٿائي ۽ وي ايس نائيپال کان وٺي ارون ڌتي راءِ تائين رنگبرنگي خيالن جي سئربين کان آشنا ڪري، کيس ادب جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي. ادب ۽ سماجي علمن ۾ عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ تبديلين کان عام پڙهندڙ کي ناآشنا رکڻ سان بهترين ذهنن ۽ سوچ جي پيداوار جا سمورا گس پنڌ مبهم ٿي ويا. ٻئي طرف نئين نڪور ۽ معياري تخليقي عمل جي اصلاح ۽ آبياري نه ٿيڻ ڪري صحتمند تبديليءَ جو مقصد پڻ پاڻمرادو فوت ٿي ويو. ان صورتحال جي نتيجي ۾ اسان وٽ اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو، ان تي تفصيلي راءِ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. مان ڀانيان ٿو بحيثيت قوم اسان جي ذهني ۽ فڪري پستيءَ پويان اهو عمل ضرور ڪارفرما آهي، جو اسان پاڻ کي آسپاس ۽ دنيا جهان جي حالات ۽ واقعات کان ڪٽيل رکيو آهي. عوام کي باخبر رکندڙ ٻين ادارن وانگر افسوس جو  ”مهراڻ“ پڻ ان سلسلي ۾ ڪو ڳڻپ جوڳو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو.

فڪري بحث مباحثا ۽ ڳالهه ٻولهه:

فڪري تربيت ۽ خيالن جي ڏي وٺ اهڙو تحفو آهي، جنهن جي ذريعي صحتمند سوچ سان ٽمٽار هاڪاري ذهنن جي فوج تيار ڪري سگهجي ٿي، جيڪا فوج ڪنهن به سماج کي سڌي رُخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. سنڌ ۾ هڪ وڏي عرصي کان اهڙين سرگرمين جي اڻاٺ محسوس ڪئي پئي وڃي. ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي ته مختلف اشاعتي ادارن، سياسي جماعتن جي پليٽ فارمن ۽ ٻين سجاڳ حلقن طرفان اهڙي قسم جون گڏجاڻيون منعقد ڪرايون وينديون هيون، جن ۾ ڊگها ڊگها بحث مباحثا هلندا هئا، خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي، شين جي اصليت ۽ هاڪاري توڙي ناڪاري پهلوئن تي تفصيلي ويچار ڪيو ويندو هو. اهڙين سرگرمين ۾ شراڪت توڙي ان جي صاف سڌي رپورٽنگ سان سوين ذهن مستفيض ٿيندا هئا. نتيجي طور ماڻهوءَ ۾ اجتماعيت واري احساس سان بلند سوچ نروار ٿيندي هئي. پر وقت گذرندي هوريان هوريان اهڙي ڪلچر جو خاتمو ٿيندو ويو. مالي ۽ سياسي مشڪلات پيدا ٿيڻ سبب خانگي ادارا هڪ هڪ ٿي بند ٿيندا ويا. بدلجندڙ حالتن سان سياسي ۽ ادبي ڌرين جون ترجيحاتون تبديل ٿينديون رهيون. فردن ”چُپ جو روزو“ رکڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي، ۽ حلقن اقرباپروريءَ ۾ پناهه ڳولي لڌي. ائين آهستي آهستي سنڌ جو شاهوڪار ادبي ميدان خالي ٿيندو ويو، پر افسوس ”مهراڻ“ ان موقعي مان به فائدو حاصل نه ڪري سگهيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سندس اشاعتي تاريخ جي مطالعي مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترين اهڙن اُتساهيندڙ سرگرمين جو ڪو ڏس پتو به نه ملي سگهندو، جيڪي ”مهراڻ“ جي پليٽ فارم تان منعقد ٿيون هجن. عظيم شخصيتن ۽ اُنهن جي سونهري خيالن سان ٽمٽار مباحثن، انٽرويوز تي ته جهڙوڪر پابنديءَ وارو ماحول نظر اچي ٿو. ليڪچرن، سيمينارن، فڪري ويهڪن، ورڪشاپن، تنقيدي جائزن، ڳالهه ٻولهه ۽ رپورٽن وارو رواج ئي ختم ٿيندي نظر اچي ٿو. هن سڄي مٿاڪُٽ جو مقصد اهو آهي ته اهڙي اڻاٺ واري حالت ۾ ڇٺي ڇماهيءَ ئي سهي پر ڪنهن ڳردار موضوع تي بحث مباحثو منعقد ڪري ”مهراڻ“ کي پنهنجي متحرڪ هجڻ جو احساس ڏيڻ گهرجي. مختلف سرگرمين ذريعي عام پڙهندڙ کي پيغام اُماڻڻ گهرجي ته ’مهراڻ‘ ڪنهن به ريت پنهنجين بنيادي ذميوارين کان غافل ناهي.

عالمي اعزازات ۽ ادبي/ علمي سرگرمين جو وچور:

عالمي سطح تي ادبي انعامن جهڙوڪر: نوبل پرائيز، بوڪر پرائيز ۽ پوليزر پرائيز وغيره جي حوالي سان ٿيندڙ تقريبون، غير معمولي ڪتابن جي اشاعت، عظيم ادبي شخصيتن، واقعن ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ٿيندڙ علمي ادبي سرگرمين بابت ”مهراڻ“ ۾ تمام گهٽ مواد اشاعت هيٺ آندو ويو آهي. ان ڪري نه رڳو عام ليکڪ پر وڏو قدڪاٺ رکندڙ اسان جو عالم به انهن ادبي  اعزازن ۽ ان مقابلي ۾ قبوليت جو شرف ماڻيندڙ مواد جي معيار بابت بنيادي ڄاڻ کان محروم آهي. نتيجي طور پاڻ وٽ اهڙي معيار جو ادب سرجڻ جهڙوڪر رُڪجي ويو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ ”مهراڻ“ جي ذميواري بڻجي ٿي ته اُهو اهڙي قسم جو بنيادي مواد بنا دير پڙهندڙ تائين پهچائي، جنهن جي وسيلي نه رڳو شاندار ادب سرجڻ جي راهه هموار ٿيندي بلڪ اسان وٽ به تخليقي حوالي سان مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو. ان ڪري خصوصي طور ”مهراڻ“ ۾ اهڙن ادبي اعزازن، اعزاز ماڻيندڙ اديبن توڙي ڪتابن جي مواد جا ترجما ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ علمي ادبي سرگرمين کي وڏي آجيان ڏيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ انٽرنيٽ، اي ميل ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال نهايت مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو.

دنيا ۾ ڇپجندڙ نئون علمي ۽ ادبي مواد:

دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن بابت سنڌيءَ ۾ خصوصي طور بروقت ڄاڻ رسائڻ جو ڪو منظم ذريعو ناهي. ”مهراڻ“ سميت سنڌي ۾ جاري ٿيندڙ ٻين رسالن ۾ به هن نـُـڪتي کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي. سنڌي ادب جي عام پڙهندڙن کي انهن شاندار ڪتابن بابت ٿوري ٿڪي ڄاڻ سا به تمام دير سان اردو ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ پرچن وسيلي ملي ٿي. ان ڪوتاهيءَ کي نظر ۾ رکندي سنڌيءَ جي پڙهندڙن کي انهن ڪتابن بابت سڌيءَ ريت بروقت ڄاڻ مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ”مهراڻ“ ان سلسلي ۾ خصوصي طور پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي پنهنجي اشاعت ۾ اهڙي مواد جي شموليت کي يقيني بڻائي. ان سان سنڌ ۾ توڙي ٻاهر رهندڙ سندن پڙهندڙن  وٽ اهڙو قدم نيڪ نگاهه سان ڏٺو ويندو.

سرحدپار جا سنڌي اديب:

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي کيتر سان واڳيل سنڌي ليکارين جو هڪ وڏو تعداد پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ رهائش پذير آهي، جيڪو اُتي هوندي به مادري ٻولي ۽ اُن جي علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي اڪيڊمي دهلي، سنڌي ڪائونسل آف انڊيا، ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج، سميت مختلف نالن سان قائم ٻيون ادبي منڊليون ۽ انهن جي پليٽ فارمن تان سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جي اشاعت ۽ ٻيون علمي ادبي سرگرميون مادري ٻوليءَ لاءِ سندن گرانقدر خدمتن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. ”مهراڻ“ جي سرحد پار اديبن ۾ مقبوليت کان ته انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر ان جي سٽاءَ ۾ سندن  نمائندگي نه هئڻ برابر آهي. ”مهراڻ“ جي معرفت ان قسم جي رابطائي سرشتي بحال نه ٿيڻ سبب رڳو اديبن جو چڱو خاصو حلقو ئي هڪٻئي کان ناآشنا ناهي، بلڪه سرحد پار ٿيندڙ ادبي سرگرمين ۽ ليکڪن جي ادبي قد ڪاٺ ۽ لکڻين ذريعي خيالن جي مٽاسٽا وارو عمل  به تعطل جو شڪار رهيو آهي، جيڪا صورتحال يقيناً ٻولي ۽ ادب جي آبياريءَ لاءِ ورتل اپائن جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻي آهي. ”مهراڻ“ ۾ سرحد پار اديبن جي لکڻين/ سرگرمين/ انٽرويوز وغيره لاءِ هڪ ڪارنر قائم ٿيڻ کپي. ان سان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ لاءِ کڄندڙ عملي قدمن کي هٿي ملندي ۽ سرحد پار اديب اهڙي همٿ افزائي ۽ مڃتا سان ٻولي ۽ ادب جي بهتريءَ لاءِ دل کولي بهرو وٺڻ تي آماده ٿيندا. گڏوگڏ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت عالمي سطح تي بحث مباحثا وغيره ٿيڻ جي راهه هموار ٿيندي ۽ عالمي سطح  تي سنڌ جو اميج بهتر نموني پيش ڪري سگهبو.

جديد تحقيق:

تحقيق هڪ اهڙو فن آهي، جنهن ذريعي محقق کي تمام گهڻي محنت، جستجو ۽ قلمي پورهيو ڪري نوان نوان فڪري لاڙا، تصور ۽ خيال دريافت ڪرڻا پون ٿا. اڄوڪي دنيا ۾ ٿيندڙ جديد تحقيق جا محرڪ نج سائنسي اصولن، واضح حقيقتن، جسماني  جاکوڙ ۽ خيالات تي مبني آهن. عالمي ميڊيا تي ڊسڪوري، نيشنل جاگرافڪ ۽ هسٽري سميت بيشمار چينل، رسالا ۽ تحقيقي پرچا ڏسيو عقل چرخ ٿيو وڃي. پر اسان وٽ اڄ به تحقيق جهڙي اهم فن جا موضوع، ڇنڊڇاڻ ۽ حوالا وغيره غير سائنسي بنيادن تي هجڻ ڪري عقلي دليلن کان عاري ۽ فقط انومانن يا اندازن تي مبني هجن ٿا. ”مهراڻ“ جي اڳ توڙي ويجهي ماضيءَ جي پرچن جي مطالعي مان پڻ جديد گهرجن  ۽ نون زاوين سان سينگاريل تحقيقي مواد جو فقدان نظر ايندو. آهي. ”مهراڻ“ ذريعي تحقيق جي فن کي جديد انداز ۾ متعارف ڪرائي ان لاڙي جي همٿ افزائي ڪري سگهجي ٿي. ان سان ٻولي، ادب ۽ علم جي وڏي خدمت سميت ”مهراڻ“ ٻوليءَ جون سرحدون اورانگهي عالمي سطح تي هڪ مستند ماخذ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري جديد ۽ سائنسي طرز تي تاريخ توڙي ٻين موضوعن تي تحقيق لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سنڌ جي تاريخ، ٻولي، علم و ادب ۽ ثقافت تي ٿيندڙ ڪم کي فقط علاقائي نه پر بين الاقوامي حوالن سان مڃتا ڏيارڻ جو سعيو ڪرڻ کپي.

نئين نسل جي شراڪت:

ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ”مهراڻ“ ۾ نئين نسل جي تحريرن جي نمائندگي نه هئڻ جي برابر آهي. توڙي جو اسان مان هرڪو ان حقيقت کان آشنائي رکي ٿو، ته نوجوان ٽهي جي تخليقن وسيلي ئي مستقبل جي ادب جي هڪ شاندار عمارت کڙي ڪري سگهجي ٿي، پر خبر ناهي ته رٿابنديءَ تحت ڇو ان طرف ڌيان ڏيڻ جي  زحمت گوارا نه ڪئي وئي آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ڪنهن تحرير تي ادارتي ۽ اشاعتي اصولن جو اطلاق ته لازم هئڻ گهرجي، پر غير ضروري راءِ زني کان گريز ڪيو وڃي. اهڙي رويي سان ئي مهراڻ  ”نوجوان ٽهيءَ“ جي هڪ وڏي حلقي جي علمي خدمتن کان سيراب ٿي سگهندو.

ادب جي آبياري ۽ قوم جي رهبري:

”مهراڻ“ جهڙي راهنما ادبي مخزن جي مواد جو معيار برقرار رکڻ لاءِ سماجي گهرجن ۽ معروضي ذميوارين کي نظر ۾ رکڻ لازم آهي، جنهن سان هن مخزن وسيلي سنڌي ادب جي آبياري ۽ قومي حوالي سان گائيڊ لائين فراهم ڪرڻ جهڙن خوابن کي ساڀيا ملي سگهندي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن سنڌ ۾ سياست جا معيار افسوس جوڳا بڻجي چڪا آهن، ۽ سنڌي سماج جو هر شعبو زوال جو شڪار آهي، تڏهن ”ادب“ ئي واحد وسيلو بچي ٿو، جنهن سان اڏوهيءَ کاڌل سماج جي ناهموار سرشتي جا ڏاوڻ ڀڃي ڀور ڪري سگهجن ٿا. پر سوال ٿو پيدا ٿئي، ته ان حوالي سان اسان جا اديب ۽ اسان جا ادبي شهپارا خود به مُدي خارج روايتن جي گدلاڻ کان ڪيتريقدر محفوظ آهن؟ ”مهراڻ“ کي سنڌ ۾ موجود اهڙين بيمارين کي نظر ۾ رکي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان اُن جي سٽاءَ ۾ اهڙو مواد شايع ڪرڻ يقيني بڻائجي، جنهن جي وسيلي سماج اندر روشن خيال تبديليءَ جي راهه هموار ٿي سگهي ۽ ذهني تربيت سان گڏ راهنمائي جو عنصر حاوي هجي.

 ”مهراڻ“ جي اشاعت جو مقصد سنڌ واسين کي رڳو تفريح فراهم ڪرڻ قطعاً ڪونهي، پر ان جي پويان سماجي فڪري تربيت ڪرڻ، پڙهندڙ کي ذهني طور بالغ بنائڻ، ليکڪن کي وڌيڪ اعتماد بخشڻ، ۽ عالمي تناظر ۾ جديد فڪري روين جي آبياري ڪرڻ جهڙا وسيع تر خواب ٽانڪيل آهن. انهيءَ ڪري ”مهراڻ“ کي اڄوڪي قحط الرجاليءَ جي زماني ۾ ذهني ۽ فڪري اصلاحات جو آواز وڌيڪ سگهه سان بلند ڪرڻ گهرجي.

مان سمجهان ٿو ته منهنجن مٿين مشورن تي سنجيدگي ۽ ڪشاده دليءَ سان ويچار ڪبو ته اهي شايد سودمند ٿي سگهن. ”مهراڻ“ جي اشاعت کي مذڪوره تجويزن ۽ صلاحن جي روشنيءَ ۾ استوار بنائڻ سان نه رڳو سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ اُن جو نانءُ روشن ٿيندو پر اهڙي جاکوڙ جي نتيجي ۾ آخرڪار ”مهراڻ“ پنهنجو اُهو مقام ماڻي وٺندو، جنهن مقام جا متلاشي ادبي بورڊ جا بنيادڪار ۽ سنڌ جي ادبي ۽ علمي کيتر جا روشن ستارا هئا.

 

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي معياري رسالي ”مهراڻ“ سببان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ رسالو، جنهن سنڌي ادب ۾ شعر،  تاريخ ۽ تحقيق کي بي بها خزانو عطا ڪيو آهي، گذريل 33 ورهين کان، پنهنجي ادبي معيار کي قائم رکندي، باقاعدگيءَ سان ڇپجي رهيو آهي. مهراڻ جو ”مقالا نمبر“ اسان جي سامهون آهي، جنهن ۾ 17 مقالا، ٽي خاڪا ۽ ڪجهه ادبي خط شايع ٿيل آهن، جي مواد توڙي زبان ۽ بيان جي لحاظ کان نهايت معياري آهن. سنڌي ادب ۽ ثقافت، تاريخ ۽ آثار قديمه، تحقيق ۽ تنقيد، سياحت ۽ طب جي موضوعن تي هن پرچي ۾ آيل تحقيقي مقالا نه فقط پڙهندڙن جي علمي ذوق جي تسڪين ڪن ٿا، پر محققن لاءِ به نئين معلومات مهيا ڪري، کين فڪر جي راهن تي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

- علي احمد بروهي

(مهراڻ-1-2/1985ع، ص 404)

 طارق عالم ابڙو

زماني سان گهاريل 18 سال

ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي عمارت ۾ اچڻ وڃڻ شروع ٿيو. اُن دور ۾ ”گل ڦل“ لاءِ پهريائين ٽائيٽل ڊزائن ڪيم، بعد ۾ ڪلر ٽرانسپيرنسي ذريعي سلسلي کي جاري رکيم. انهيءَ دوران مولانا غلام محمد گراميءَ سان ناشاد صاحب جي طفيل پهرين ملاقات ٿي. اُنهيءَ ملاقات ۾ گرامي صاحب کي پنهنجي ڪجهه شاعري ڏنم، جيڪا نه فقط ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي، پر اُنهيءَ شاعريءَ تي منهنجي نالي ۾ تخلص ”نفيس“ جو واڌارو پڻ گرامي صاحب جن ڪيو، جيڪو بدقسمتيءَ سان منهنجي نالي جو گهڻي دير حصو بڻجي نه سگهيو.

گرامي صاحب جي ڪمهلي لاڏاڻي کان پوءِ امداد حسينيءَ کي ايڊيٽر مقرر ڪري، پوسٽ  کي 18 ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو، جنهن تي شيخ اياز پنهنجا ڪمينٽس ڏيندي چيو هو، ”جيڪڏهن 18 گريڊ گرامي صاحب کي ملي ها ته مولانا ايترو جلد اسان کان نه وڇڙي ها.“

امداد حسينيءَ جي مهراڻ  ۾ ايڊيٽر ٿيڻ سان ”مهراڻ“ کي هڪ نئون رنگ مليو. خاص طور تي اُن وقت جي جديد شاعري ۽ ڪهاڻيءَ کي ”مهراڻ“ ٻه وکون اڳتي آندو. پر امداد جي حد کان وڌيڪ جديديت امداد جي پنهنجي لاءِ مناسب ثابت نه ٿي ۽ هڪ برک عالم ۽ امداد جي وچ ۾ ”ڏي جواب وٺ جواب“ جي سلسلي آخر امداد کي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واپس اُماڻيو. امداد جي اُنهيءَ دور ۾ ”مهراڻ“ ۾ منهنجي هڪ ڪهاڻي ”پيلو ڌُنڌ“ جي عنوان هيٺ شايع ٿي، جنهن سنڌي ادب ۾ منهنجي هڪ منفرد ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ڪرائي. امداد جي وڃڻ کان پوءِ ”مهراڻ“ جا فرائض نفيس احمد شيخ کي سونپيا ويا. پنهنجي اُنهيءَ ايڊيٽريءَ واري دَور ۾ ناشاد صاحب مون کي پاڻ سان اسسٽنٽ طور رکڻ جي ڪوشش ڪئي. مون ڪجهه عرصو ساڻس گڏجي ڪم ڪار ۾ مدد به ڪئي پر اُن وقت جي انتظاميه منهنجي اپائنٽمينٽ ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي. بعد ۾ جڏهن لنڊن مان گڙدي جي پيوندڪاري ڪرائي سنڌ موٽيس ته هڪ ڀيرو ٻيهر ناشاد صاحب مون کي ”مهراڻ“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ درخواست سميت ان وقت جي سيڪريٽري محترم حبيب الله صديقي سان ملاقات ڪرائي، جنهن صاحب وڙ ڪري مون کي بورڊ ۾ نوڪري ڏني. جيتوڻيڪ اُهو آرڊر هيو ته جونيئر ڪلارڪ جو، پر مان پنهنجا فرض پهرئين ڏينهن کان وٺي مهراڻ  ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ئي نڀائيندو رهيس، ۽ پهرين جنوري 1989ع کان وٺي اڄ تائين جنهن ٽيبل آڏو ويهي پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهيان اُها اتفاق سان گرامي صاحب جي آهي ۽ آفيس جنهن ۾ اداري مان شايع ٿيندڙ ٻارن جي اڪبر جسڪاڻي فيم رسالي ”گل ڦل“ جي ايڊيٽريءَ واري سونپيل ڪم سان گڏوگڏ اداري طرفان شايع ٿيندڙ ڪتابن جا يا ڪڏهن ڪڏهن مهراڻ  جا ٽائيٽلز ٺاهيندو رهيو آهيان، سا به مهراڻ  جي آفيس ئي آهي،  جتي ناشاد صاحب سان گذريل 18 سالن کان گڏ آهيان، ۽ اُنهن 18 سالن ۾ ناشاد صاحب مون کي هڪ ”شخص“ جي روپ ۾ گهٽ پر ”زماني“ جي روپ ۾ وڌيڪ نظر آيو آهي. زمانو، جنهن جا اَکٽ رنگ آهن. مان ناشاد صاحب جي اُنهن رنگن مان لطف اندوز ته برابر ٿيو آهيان، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اُنهن جو اصولي طرح قائل به ٿيو آهيان، پر زماني جي اُنهن رنگن مان ڪوبه رنگ عملي طرح مون تي انڪري چڙهي نه سگهيو آهي جو مان توڪلي شخص آهيان ۽ فقير خاندان سان تعلق رکندڙ آهيان ۽ ها- هڪ خاص ڳالهه، جيڪا مان ناشاد صاحب سان گذاريل وقت ۾ محسوس ڪئي ۽ ڏٺي آهي سا آهي سندس ”مهراڻ سان عشق“. هو پنهنجيءَ طرز جو هن وقت اهڙو اڪيلو ايڊيٽر آهي، جنهن کي نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي دسترس حاصل آهي، بلڪ هو سنڌ جي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ شخص آهي. مون وٽس پهتل ناميارن محققن جي آرٽيڪلز ۾ ڏنل سنن ۽ حوالن کي درست ڪندي ڏٺو آهي. ناشاد صاحب اهي تحقيقي مقالا هڪ نظر ۾ ئي ڏسي گمان ڪري وٺندو آهي ته مواد ۾ ڪهڙي سِٽ، ڪهڙو لفظ يا ڪهڙي سن ۾ فاضل ليکڪ کان سهو ٿي ويئي آهي ۽ جڏهن لئبرريءَ مان حوالي وارو گهربل ڪتاب گهرائي چيڪ ڪندو آهي ته سندس اندازو صحيح ثابت ٿيندو آهي. پر ناشاد صاحب ڪنهن به پَل پنهنجي ان قابليت جي ڪڏهن لَکا به پوڻ نه ڏني آهي.

”مهراڻ“ آفيس انهيءَ ڪري به وڻندي اَٿم جو اُن جي اوڀر کُلندڙ درين مان مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو قبرستان هر وقت نظر ايندو رهندو آهي، جتي منهنجو بابا محمد عالم ابڙو، منهنجو مٺو ڀاءُ منصور عالم ۽ منهنجو چاچا محمد صالح ابڙو دفن ٿيل آهن ۽ جنهن جي مٽيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن  مون کي به ملي وڃڻو آهي.

 


 

”مهراڻ“ سان چاهه رکندڙ هڪ سُڄاڻ پڙهندڙ جا تاثرات (1960ع)

 

مهراڻ جي مقبوليت اُن جي مانوارن پڙهندڙن جي تاثرات مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿي. مهرڻ جي شروعات 1955ع کان ٿي ۽ ان بعد پڙهندڙن جي مهراڻ سان دلچسپيءَ جو اندازو، ان جي اجراء جي شروعاتي سالن دوران لکيل تاثرات مان معلوم ٿي سگهي ٿو.

ٽنڊي ڄام جي ڀرسان ڳوٺ محمد علي لغاري4 جو رهاڪو علي غلام لغاري ”مهراڻ“ سان جيڪا غير معمولي دلچسپي رکندو هو. اُها سندس لکيل تاثرات مان ظاهر آهي. هو هڪ سُڄاڻ سماجي ڪارڪن هو ۽ ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائيءَ لاءِ خوب همٿائيندو هو. نوجوانن ۾ رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ جو اُتساهه پيدا ڪندو هو ۽ اڻپڙهيل مائٽن کي سندن ٻارن جي پڙهائي لاءِ ترغيب ڏيندو هو.

 

 

ڳوٺ ۾، سندس نالي سان مشترڪ ڳوٺاڻي اوطاق هوندي هئي. اُتي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مضمون، آکاڻيون ۽ شعر و شاعري هُو وڏي ڪچهريءَ ۾ پڙهي ٻڌائيندو هو، جو نوجوان، پيرسن ۽ اڻپڙهيل به وڏي چاهه سان اچي اُتي گڏ ٿيندا هئا. پاڻ جيتوڻيڪ سنڌيءَ جا چار درجا پرهي پنجين درجي (فرسٽ اسٽئنڊرڊ) ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، پر يتيمي ۽ غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو. تنهن هوندي به ادبي مطالع جاري رکيائين ۽ ”مهراڻ، سان ته خاص طرح سان آخري وقت تائين سندس والهانه عشق رهيو. سندس مطالعي جو اثر ڳوٺ جي نوجوانن تي قائم رهيو ۽ هن وقت به نوجوان ۽ پڙهيل کيس وڏيءَ سڪ سان ياد ڪندا رهن ٿا. سندس وفات 19- سيپٽمبر 2002ع ۾ ٿي.

هتي ”مهراڻ“ بابت سندس لکيل تاثرات ڏجن ٿا:

1. ”مهراڻ 3 ۽ 4/1958ع متعلق سندس نوٽ 13- مارچ 1960ع جو لکيل آهي، جنهن ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي لوڪ ادب، ماضيءَ جي قدرن، ثقافت ۽ ڪلچر جي جنهن نموني سان خدمت ڪري رهيو آهي، سا لائق د تحسين آهي.“

2. ”مهراڻ ۽ 3/1959ع بابت ”فروگذاشت“ جي عنوان سان تاثرات لکيا اٿس. ان ۾ علي غلام لغاري ”مهراڻ، جي انتظاميه جي مجبوري متعلق لکي ٿو ته ”شايد وٽن انيڪ مشڪلاتون ۽ پيچيدگيون هجن، مجموعي طور بورڊ هن رسالي کي هلائڻ ۾ وڏي جفاڪشي ڪئي آهي ۽ سنڌي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن کي اُجاگر ڪري پيش ڪيو آهي.“

- ڊاڪٽر گل حسن لغاري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com