سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :20

مخدوم صاحب جي وفات:

شاهه بيگ کي معلوم هو ته ٽلٽيءَ واريءَ لڙائيءَ ۾ مخدوم صاحب جو ڄامن ۽ سوڍن سان ساٿ هو، انهيءَ ڪري مخدوم صاحب ۽ سندس خليفن تي ڪرڙي نظر رکيائين ۽ ڳرا ڏنڊ وڌائين، جي هنن ڀري ڏنا، معصوميءَ جو صاحب لکي ٿو: ”اهو ئي سبب آهي، جو فتح کان پوءِ شاهه بيگ مخدوم بلال تي سختي ڪئي ۽ ڏنڊ وڌو“ (31).

ايتري تائين به ارغونن جي ڪاوڙ جي باهه ٿڌي نه ٿي، پر ڪنهن بهاني سان سرڪاري مولوين کان فتويٰ وٺي، مخدوم صاحب کي گهاڻي ۾ پيڙهائي، شهيد ڪرايو ويو(1) .

مخدوم صاحب جي خليفن مان سيد حيدر سنائيءَ تي سخت نظرداري ڪرڻ لاءِ ارغونن پنهنجي ڇانوڻي کڻي وڃي سَنَ ۾ رکي، تان جو سيد حيدر 4 - شعبان 937هه/ 1530ع تي وفات ڪئي (32).

مخدوم صاحب جي شهادت جو واقعو، حضرت مخدوم نوح رح جي پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي لکيل ڪتاب ۾ پڻ ملي ٿو. مقامي عوامي روايت موجب سندس شهادت جي فتويٰ هن طرح حاصل ڪئي ويئي:

حضرت مخدوم صاحب، موچيءَ کي جُتي ٺاهڻي ڏني هئي. حاڪمن طرفان لالـچ ۽ رعب سان موچيءَ کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ويو ته هو پـَـني تي قرآن شريف جي لکيل هڪ آيت، جُتيءَ جي تَري جي وچ ۾ بند ڪري، وڃي اها جُتي مخدوم صاحب کي ڏئي، ۽ قاضيءَ جي پڇڻ تي ساک سان شاهدي ڏئي ته مخدوم صاحب پاڻ اها آيت جُتيءَ جي تـَـري ۾ وجهڻ لاءِ چيو هو. جڏهن موچي جُتي کڻي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيو، تڏهن مخدوم صاحب پنهنجي هڪ خادم کي چيو ته جُتي وڃي مٿي جاري تي رک. ان کان پوءِ ڪچهريءَ مان هڪ ماڻهو، جو سرڪاري ڪامورو هو ۽ خاص مقصد سان اچي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، مخدوم صاحب کان شرعي سوال پڇيو ته: ”جو ماڻهو قرآن شريف جي آيت جُتيءَ جي تـَـري ۾ سبرائي، اُن جي شريعت موجب ڪهڙي سزا آهي؟“ ان تي مخدوم صاحب وراڻيو ته ”ان کي گهاڻي ۾ پيڙهايو وڃي”. ان کان پوءِ اُن ڪاموري چيو ته: ”اوهان پاڻ قرآن شريف جي آيت جُتيءَ جي تـَـري ۾ سبرائي آهي. ثبوت لاءِ جُتي ۽ موچي شاهد آهن“. وڏو گوڙ ٿيو. جُتي ۽ موچي قاضيءَ وٽ پيش ڪيا ويا. جُتي کولي، موچيءَ کان بيان وٺي، مخدوم صاحب کي گهاڻي ۾ پيڙهائڻ جي فتويٰ ڏني ويئي.

مخدوم صاحب جو مقبرو: مخدوم صاحب جي مقبري لڳ سنه 1356هه (1938ع) ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي محبوب خان وڳڻ هڪ لک رپين جي لاڳت سان عاليشان مسجد جوڙائي. هن وقت درگاهه جي نگهباني شيخ ڀرڪڻ جي اولاد جي سپرد آهي، جيڪي پاڻ کي مـَـلڪ سڏائين ٿا، ۽ ڳوٺ پراڻي ديري جي ويجهو ڳوٺ غلام چانڊئي ۾ رهن ٿا. درياهه جي اولهه ۽ اوڀر ۾ به شيخ ڀرڪڻ جو اولاد رهي ٿو، جيڪي پاڻ کي ”کيڙا“ سڏائين ٿا.

شخصيت ۽ ڪردار: مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار بابت عوامي روايتن مان هيٺيون حقيقتون معلوم ٿين ٿيون:

”سندس چهرو رعبدار ۽ نوراني هوندو هو، جنهن مان نُور پيو بـَـکندو هو. سندس اکين مان به نُور پيو  جهلڪا ڏيندو هو. آخري عمر ۾ سفيد ريش هيس ۽ مٿي جا وار ڊگها ۽ گهاٽا هيس، جن ۾ اڇن وارن جو تعداد ججهو هو. هٿن جون آڱريون ڊگهيون ۽ سنهيون هيس. رنگ ڪڻڪائون،  زرديءَ مائل هوس. هميشه ٿلهو ڪپڙو اوڍيندو هو. پهرياڻ ڊگهو ۽ شلوار ننڍي پهريندو هو، مٿي تي وڏي دستار هوندي هئس، جيڪا ڪڏهن ڪاري ته ڪڏهن اڇي هوندي هئي. سرمو گهڻو پائيندو هو. گوشت گهٽ کائيندو هو، ۽ گوشت لاءِ چوندو هو: ”پنهنجي پيٽ کي ڍونڍ جو ڍير نه بنايو.“ البت مڇي سندس پسنديده غذا هئي. روزي نماز جو سختيءَ سان پابند هو. فرضي روزن کان سواءِ هر مهيني جو ٽيون حصو روزا رکندو هو. چار چلا ڪڍيائين، ڏهاڪن جو ته ڪو شمار ئي ڪونه هو. ڪڏهن به ڪنهن ساهواري کي پنهنجي هٿن سان ذبح نه ڪيائين. آئي وئي سان ڏاڍي محبت، شفقت ۽ عزت سان  ملندو هو. سندس دعا مستجاب هئي. ڪپڙي اُڻڻ واري آڏاڻي کي اندر جي چرخي سان ڀيٽ ڏئي چوندو هو: ”جهڙيءَ طرح هي ڪپڙي اُڻڻ وارو آڏاڻو تيزيءَ، هوشياريءَ ۽ خبرداريءَ سان هلائبو ته ڪپڙو به سٺو اُڄندو ۽ نبيرو به ٿيندو، تهڙيءَ طرح اندر جو ڍانچو به خبرداريءَ سان هلائبو، ته هيءَ دنيا توڙي هوءَ دنيا موچاري ٿيندي.“

مخدوم صاحب جو ڪلام: مخدوم صاحب جي فارسي شعر جو نمونو ”مقالات الشعراء“ جي صاحب آندو آهي. اهو هن طرح آهي:

در راهِ خدا ز سر قدم بايد ساخت
سرمايهِّ اختيار خود ميبايد باخت
کفر ســت بخـــود نمـائــــي بــــردن بجهان

 

         از  خويش   برون    شده  سويش   ميبايد   تاخت (33).

ان کان سواءِ هڪ سنڌي مدح جون ڪجهه مصرعون به ڏانهس منسوب مليون آهن. اهي هن طرح آهن:

اول عشق عربي ڄام جو لکيو آهه ڌُريان
آگي احمد ڄام ليءِ ڪيو جلوو جمالا
ڪارڻ پيدائش پرينءَ جي هستي ڪيو هڳاءُ
علم عقل سين ٿيو ظاهر ظهورا
سمي سر جهڪائيو ليءِ مارڻ ملوڪا
سر جنين جا سٽ ۾ پيتي تن پڪا
سرڪ انهيءَ هيڪڙيءَ گهائي گهوٽ وڌا.

 

جيڪڏهن هي مصرعون واقعي مخدوم صاحب جون آهن، ته پوءِ هي سنڌي شاعريءَ ۾ الف اشباع جو سڀ کان آڳاٽو نمونو چئي سگهجي ٿو.

ملفوظات: عوامي روايتن مان مخدوم صاحب جا ڪجهه قول به ملن ٿا، جي هن ريت آهن:

1. زماني جي سَڌن کي ترڪ ڪرڻ، ڄڻ روح جي راحت خريد ڪرڻ جي برابر آهي.

2. والدين ۽ وڏن جي عزت پنهنجي لاءِ تحفو آهي.

3. حق جي راهه ۾ سچ چوڻ جهاد آهي.

4. موت اڻٽر آهي ۽ حياتي فاني آهي. انسان، مهمان جي حيثيت ۾ هن جهان ۾ آيو آهي. جسم، تندرستي، دولت ۽ عزت عارضي آهن. اصل نعمت عملن سان حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪا آخرت ۾ ڪم ايندي.

5. خدا جي ڪلام (قرآن مجيد) جي حفاظت اسان جو ايمان آهي.

خليفا:

ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس فيض پرايو ۽ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سندس فيض مئل دليون جياري ڇڏيون. عام مريدن ۽ معتقدن کان سواءِ سندس ڪيترائي نامور خليفا هئا، جن سنڌ جي روحاني دنيا کي سرسبز ۽ گُل و گلزار بنائي ڇڏيو. انهن مان ڪن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو:

1. سيد حيدر:

هيءُ بزرگ سن جو رهاڪو هو ۽ سن ۾ ئي 937هه ۾ وفات ڪيائين، جتي سندس مزار تي مقبرو آهي. مير قانع جي قول موجب سندس اولاد به بزرگيءَ سان موصوف ٿيندو آيو آهي(34). سنڌ جو مشهور سياستدان محترم غلام مرتضيٰ شاهه صاحب (جي.ايم.سيد) سندس اولاد مان آهي ۽ گادي نشين آهي.

سيد صاحب مٽيارين جي ساداتن مان هو، جن مان سنڌ جو قومي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هو. مٽياري ساداتن جي چئن شاخن مان هڪ شاخ ”مئين پوٽه“ سان سندس نسب جو سلسلو ملي ٿو، جنهن تي اهو نالو سيد مئينڏني شاهه ولد سيد محمد شاهه جي نالي پٺيان پيو.

سيد حيدر ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ مولانا عمر هليـہ ۽ مخدوم بلال جي صحبت ۾ رهي، سندن تربيت جي نظر هيٺ وڏي مرتبي کي پهتو. تحفة الڪرام جي صاحب سندس روحاني ڪمالات متعلق لکيو آهي: ”هڪ ڏينهن ماڻهن جي انبوهه ۾ بيٺو هو. سڀني ماڻهن ڏانهن ڏسي چيائين ته مون وٽ خدا ڏانهن ايترا رستا آهن جو هنن ماڻهن مان  هرهڪ کي جدا جدا رستي سان اصل مقصد ڏانهن پهچائي سگهان ٿو، جيئن ڪنهن کي به ٻئي جي خبر ڪانه پوندي“(35).

2. مخدوم ساهڙ لنجار:

انڙپور جو ويٺل هو، جو ڄام انڙ جو آباد ڪيل هڪ ڳوٺ هو، جو پوءِ درياءَ پائي ويو. رات ۽ ڏينهن عبادت ۾ مشغول رهندو هو سندس مجلس ۾ دنيوي گفتگو ڪڏهن به نه هلندي هئي. جنهن تي به توجهه جي نظر ڪندو هو ته ولايت جي درجي کي رسي ويندو هو. عادت موجب سوئرن جو هڪ ولر سندس پوک ۾ اچي نقصان ڪري ويندو هو. ڪڙمي وٽس دانهن کڻي آيا. خادم کي چيائون: سوئرن کي وڃي پيغام ڏي، ته اسان جي پوک جي ويجهو نه اچو. ”انهيءَ پيغام تي سوئر وري نه آيا. جڏهن به مٽيارين ۾ ايندو هو ته رات جو پير ڊگها ڪري نه سمهندو هو. چوندو هو ته چؤطرف ساداتن جا گهر آهن، تنهنڪري ادب جي تقاضا اها آهي ته ڪنهن به طرف پير ڊگها نه ڪريان“(36).

تحفـة الڪرام جي صاحب سندس هڪ روايت ڏني آهي ته چوندو هو ”مون پير کان ٻڌو آهي ته جنهن ۾ ٽي گُڻ ڏسو ته انهيءَ مان ضرور فائدو وٺو، جو توهان جو مرشد اهو آهي. هڪ ته سندس اڳيان رهو ته توهان کي خدا ياد اچي. ٻيو ته جيڪي ڳالهائي سو توهان جي دل ۾ ويهي وڃي. ٽيون ته سندس محبت ڇڏڻ توهان کي ڏکي لڳي“(37).

مخدوم صاحب جن جو خليفو هو(38). مٽياري سادات سندس معتقد هئا(39). شاهه لطيف پنهنجي زماني ۾ انهن مٽيارين جي سيدن جي پوين سان ملاقاتون ڪيون.

سيد حيدر سنائيءَ جي ذڪر ۾ اچي چڪو آهي ته حضرت شاهه لطيف جو ڏاڏنگ، مٽيارين جي رهائش جي دوران چئن مکيه قبيلن ۾ ورهائجي ويو. انهن مان هڪ قبيلو هو: ”جرارپوٽه“، جي سيد جلال عرف جرار جي اولاد مان هئا. انهيءَ خاندان مان سيد شاهه رڪن الدين، جو پير طريقت ٿي گذريو آهي، مخدوم ساهڙ جو مريد هو(40). روايت آهي ته چيو هئائين ته ”تِيرن جي بٿي ڀريو ويٺو آهيان ۽ پيو ٿو هڻان. ڪن جي ڪنن کان ۽ ڪن جي منهن کان نڪرندا ٿا وڃن، پر ڪنهن کي به سڌو تير ڪونه ٿو لڳي، جو ڪـِـري پوي. هي تير جنهن کي به لڳندو ته اهڙو ڪِرندو. جو وري نه اُٿندو(41)“. سيد رڪن الدين جي وفات جي تاريخ معلوم ڪانه ٿي ٿئي. سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب جو اندازو آهي ته 950هه ۽ 980هه جي وچ ڌاري وفات ڪئي هوندائين(42).

سيد رڪن الدين جو پوٽو هاشم شاهه قلندر، نامور ولي الله ٿي گذريو آهي. هو شاهه صاحب جي والد شاهه حبيب جو دوست هو. شاهه حبيب، مٽيارين مان به انهيءَ جي مشوري تي لڏي وڃي ”ڀئي پور“ ويٺو هو(43). انڪري بلاولي فيض جو شاهه تي پڻ اڻ سڌيءَ طرح اثر ٿيو هوندو. سيد هاشم (14- ربيع الاول 1100هه/1688ع) تي وفات ڪئي(44).

مخدوم ساهڙ جي وفات جي تاريخ معلوم نٿي ٿئي. ڀانئجي ٿو ته ڏهين صديءَ هجريءَ جي ٻيءَ چوٿائيءَ ۾ سندس وفات ٿي هوندي. سندس مقبرو اُنڙپور اسٽيشن جي ڀر ۾ ٽڪريءَ تي آهي.

3. مخدوم رڪن الدين:

ٺٽي جو عالم ۽ بزرگ مخدوم رڪن الدين عرف مـِـٺو به مخدوم بلال جو خليفو هو. وڏو عالم ۽ فاضل هو. حديث جي علم ۾ وڏي دسترس هئس. ”شرح اربعين“، ”شرح گيلاني“ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيائين، جي ڪافي مشهور ۽ مقبول هئا. زهد ۽ تقويٰ جو به صاحب هو. هميشه عبادتن ۽ وظيفن ۾ مشغول هوندو هو. ڪيترائي حق جا طالب سندس مريد ۽ معتقد هئا. همايون جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن 949هه ۾ ٺٽي ۾ گذاري ويو ۽ مڪليءَ تي مدفون ٿيو(45).

4. مخدوم حسن:

درويش حسن مقري عرف بلاولي، اصل واڍو هو. نهايت پرهيزگار ۽ زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو. هڪ طهارتخانو هوندو هوس، جنهن ۾ جڏهن به وضو ڪرڻ ويندو هو، ته بيخود ٿي ويندو هو. روايت آهي ته هڪ ڏينهن هڪ مائٽ ڊکڻ، سندس ملاقات لاءِ آيو. اتفاقاً هو انهيءَ وقت طهارتخاني ۾ وضوءَ لاءِ ويو هو. اندر وڃي ڏٺائين ته درويش ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو. هو دهشت کان ٻاهر نڪري آيو(46). سندس باري ۾ تحفـة الڪرام جي صاحب ٻي هڪ روايت هن طرح ڏني آهي ته: ”هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گهريائين، ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي. درويش بيخود ٿي ويو ۽ باقي ڏينهن ۽ رات ۽ ٻئي ڏينهن جي ٻپهريءَ تائين بيهوش ٿيو پيو هو. ڪنهن کي به کيس هوش ۾ آڻڻ جي طاقت نه ٿي. ٻئي ڏينهن جڏهن ٻانگي ساڳي ٻانگ شروع ڪئي، تڏهن هوش ۾ اچي پڇيائين ته ”شايد اڃا ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي؟“ (47)

هڪ ٻي روايت به ڏني اٿس ته: هڪ ڏينهن مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين لاهوتي سندس زيارت لاءِ آيو. جيئن سواريءَ وارو ڍڳو ٻاهر ٻڌي سندس حاضريءَ ۾ آيو، تيئن خادمن ٻڌايس ته درويش ستن ڏينهن کان وضوخاني ۾ ويل آهي. اهو ٻڌي حيران ٿي ويو، ته ايتري ۾ درويش به ٻاهر نڪري آيو. مخدوم چيس ته ”ست ڏينهن خدا جا فرض وڃايا اٿيئي؟“ فرمايائين ته ”تون وڃي پنهنجي ڍڳي جي خبر لهه، ان ڳالهه ۾ ڇو پيو آهين؟“ انهيءَ وقت مخدوم کي اچي ٻڌايائون ته سندس ڍڳو گم ٿي ويو آهي. ڏاڍي ڳولا کان پوءِ ڍڳو لهي، موٽي هليو ويو ۽ وري فقير تي اعتراض نه ڪيائين(48).

مٿي بيان ڪيل بزرگن کان سواءِ مخدوم سعد عرف ساند (سڪرنڊ)، ۽ مخدوم هڱورو (نزديڪ مورو) به سندس خليفا هئا(49).

حوالا:

(1) Dr: H. I. Sadarangani: Persian Poets of Sindh”, Sindhi Adabi Board, 1956, p. 12.

(2) جي.ايم.سيد: پيغام لطيف، حيدرآباد، 1954ع، ص 82

(3) حافظ محمد احسن چنا: مخدوم بلال، دادو، 1955ع، ص 1-2.

(4) تاريخ معصومي، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 198-199.

(5) تحفـة الڪرام، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 141.

(6) حافظ محمد احسن چنا، مخدوم بلال، ص 2.

(7) ايضاً، ص 2-3.

(8) ايضاً، ص 4 کان 8.

(9) پيغام لطيف، ص 82.

(10) مولانا دين محمد وفائي: تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، ص 65.

(11) محمد غوثي شطاري مانڊوي: گلزار ابرار، اردو ترجمو، فضل احمد جيوري، ٻيو ڇاپو، اسلامڪ بوڪ فائونڊيشن لاهور، 1975ع، ص 375.

(12) حامد جمالي: سيرالعارفين، اردو ترجمو: ڊاڪٽر محمد ايوب قادري، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1976ع، ص 174.

(13) شيخ شهاب الدين سهروردي: عوارف المعارف، اردو ترجمو، مدينه پبلشنگ ڪمپني ڪراچي، مقدمـہ، ص 103.

(14) السبڪي: طبقات الڪبريٰ، ج 4، ص 256،  ابن خلڪان: وفيات الاعيان، ج 1، ص 299، جامي: نفحات الانس، ص 254 کان 374، عزالدين محمود ڪاشاني: مصباح الهدايه، ص 28.

(15) مولانا نوراحمد فريدي: سيرت بهاؤالدين زڪريا، ص 38-39.

(16) ايضاً، ص 39.

(17) ايضاً.

(18) ايضاً.

(19) تحفـة الڪرام، ص 41، حديقت الاوليا ِّ: سيد عبدالقادر ٺٽوي، ص 79-80، تحفة الطاهرين، ص 30- 31.

(20) تحفـة الڪرام ص 41. تاريخ معصومي ص 199، حديقـة الاولياء 80-81. تحفـة الطاهرين 30-31. مقالات الشعراء 1957ع، ص 91.

(21) مولانا نجم الغني: مذاهب اسلام، 1924ع، ص 695 کان 702. مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، ص 396.

(22) پيغام لطيف، ص 7.

(23) مذاهب اسلام، ص 695 کان 702. تاريخ تمدن سنڌ، ص 396.

(24) تاريخ معصومي ص 73. تاريخ طاهري ص 7، تحفـة الڪرام ص 53.

(25) معصومي ص 75 ۽ 12، تحفـة الڪرام ص 53، طبقات اڪبري (ج 3) ص 517، هن احوال ڪجهه ٻي طرح ڏنو آهي، پر علامه دائودپوٽي صاحب (تعليقات معصومي ص 303) تاريخ معصومي جي بيان کي صحيح ثابت ڪيو آهي.

(26) تاريخ معصومي، ص 112 کان 116.

(27) ايضاً، ص 116-117.

(28) ايضاً، ص 117.

(29) ايضاً.

(30) ايضاً.

(31) ايضاً.

(32) پيغام لطيف، ص 21.

(33) مقالات الشعرا ِّ، ص 92.

(34) تحفـة الڪرام، ص 205.

(35) ايضاً، ص 143.

(36) ايضاً.

(37) ايضاً، ص 154.

(38) ايضاً.

(39) پيغام لطيف، ص 83.

(40) ايضاً.

(41) ايضاً.

(42) ايضاً.

(43) ايضاً، ص 184.

(44) ايضاً، ص 83، لطف اللطيف: مولانا دين محمد وفائي، ص 11. ٻنهي صاحبن اهو احوال قاضي هدايت الله مشتاق متعلويءَ جي تحرير تان نقل ڪيو آهي.

(45) پيغام لطيف، ص 84.

(46) ايضاً، ص 53.

(47) تحفـة الڪرام، ص 218.

(48) ايضاً، 152.

(49) ايضاً، ص 153.

   (مهراڻ: 4/1989ع)

 


 

الياس عشقي

مرزا قليچ بيگ- شاهه جي رسالي جو پهريون محقق

 

سنڌي ادب ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ هڪ نهايت قدآور ۽ روشن نالو آهي. ادب جي ڪا به صنف هجي، انشا ِّ پردازيءَ جو ڪهڙو به موضوع هجي، تحقيق جو ڪهڙو به انداز هجي، ان جي شروعات گهڻو ڪري مرزا صاحب جي محنتن سان ئي ٿئي ٿي. شاهه سائينءَ جي سلسلي ۾ به مرزا صاحب جو تحقيقي ڪم وڏي اهميت رکي ٿو. ڇپيل رسالن جي تاريخ ۾ مرزا صاحب جي مرتب ڪيل ”شاهه جي رسالي” کي سنگ ميل جي حيثيت حاصل آهي. مولانا دين محمد وفائي ”لطف اللطيف“ ۾لکي ٿو:

”مرزا قليچ بيگ مرحوم سن 1913ع ۾ رسالي جو هڪ جامع نسخو تيار ڪيو. سندس ارادو هو ته مختلف نسخن ۾ جيڪي گهٽ وڌ ۽ پنهنجا پراوا شعر آهن، تن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏي. جيڪڏهن دنيا ۾ رسالي جا سمورا نسخا کڻي گم به ٿي وڃن ته به مرزا صاحب وارو رسالو سڀني جو ڪم ڏئي ۽ ايندڙ زماني ۾ تحقيق ڪندڙن لا در کُليو رهي.“

مرزا صاحب پنهنجو رسالو سن 1900ع ڌاري تعليم کاتي لاءِ ڀٽ شاهه واري ”گنج“ جي آڌار تي مرتب ڪيل تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ جي رسالي کان پوءِ مرتب ڪيو هو، ڇو جو مرزا صاحب کي ان ۾ تمام گهڻيون چُڪون ۽ گهٽتايون نظر آيون هيون. انڪري سچ پچ مرزا صاحب جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇپيل رسالن ۾ پنهنجي انداز جو اڄ به قابل قدر ايڊيشن آهي.

جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾گهڻن ئي ادبي ڪمن کي مرزا صاحب شروع ڪيو آهي، تيئن رسالي جي تحقيق جي پيڙهه جو پٿر به مرزا صاحب ئي رکيو آهي ۽ ان ڏس ۾ اوليت جو شرف به مرزا صاحب کي ئي حاصل آهي. جيستائين شاهه سائينءَ جي حياتيءَ جو تعلق آهي، مرزا صاحب پهريون اديب آهي، جنهن هڪ مفصل ڪتاب لکي ڇپرايو. هيءُ ڪتاب اول مرزا صاحب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو هو ۽ پوءِ پاڻ ان جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪري شايع ڪيو. مرزا صاحب کان اڳ هزهائينس مير عبدالحسين خان ”سانگي“ وڏيءَ محبت ۽ ڪوشش سان درگاهه شاهه لطيف جي وڏن مريدن ۽ وڏيءَ عمر جي ڄاڻو ۽ معتبر ماڻهن سان ملي شاهه صاحب جي سوانح بابت مفيد معلومات ۽ مواد گڏ ڪيو هو. مير صاحب کي شاهه صاحب سان جيتري عقيدت ۽ محبت هئي، ان جي ثابتي مير صاحب جي مرتب ڪيل شاهه صاحب جي قلمي رسالي ۽ سوانح بابت املهه مواد مان ملي ٿي، جنهن کي هن معتبر راوين کان پڇي گڏ ڪيو هو. انهيءَ عقيدت جي تقاضا هئي جو هن شاهه صاحب جي حياتيءَ جو احوال مرتب ڪرڻ جو پهه ڪيو هو. مير صاحب وارو زمانو شاهه صاحب جي حياتيءَ بابت معتبر راوين جي موجودگيءَ جو آخري دَور هو، جنهن مان مير صاحب پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. اڄ مير صاحب جو گڏ ڪيل مواد پنهنجيءَ نوعيت جو بيش قيمت سرمايو آهي ۽ بنيادي ماخذ ليکيو وڃي ٿو. مرزا قليچ بيگ به پنهنجي ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ لاءِ سڄو مواد مير صاحب کان ئي حاصل ڪيو هو. ”لطائف لطيفي“ جي مهاڳ ۾ مير صاحب لکيو آهي:

 

”آخر يک رساله در سندي که هنوز تا تمام بود بنظر محبت اثر عظيم الشان مير گل حسن خان بهادر رسيده و اوشان آن نسخه متبرکه به جهت مطالعه والاشان مير صاحب امير علي خان بردند و بعد مدت مديد عالي شان مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ به ساختن رساله حضرت اوليا ِّ شايقِ مزيد شد و راقم هم از شنيدن آن بکمال مسرت محين اوشان شدم و هر قدر اخبار محقق داشتم به مرزا  رسانيدم و مرزا ازان انتخاب نمود باندک اکتفا کرد و دو نسخه چيده تيار ساخته که يکي در لغت انگريزي است و ديگر بزبان سندي مي باشد.“

يعني: ”آخر هڪ سنڌي رسالو، جو اُن وقت تائين اڻپورو هو، مير گل حسن خان جي نظر مان گذريو ۽ هن هيءُ نسخو مطالع ڪرڻ لاءِ مير صاحب امير علي خان کي ڏنو. وري ڪافي ڏينهن کان پوءِ مرزا قليچ بيگ شاهه سائينءَ بابت رسالو (ڪتاب) مرتب ڪرڻ جو وڌيڪ شوق ڏيکاريو. هيءَ ڳالهه ٻڌي آءٌ خوشيءَ سان ان جو مددگار ٿيس ۽ جيترو تحقيقي مواد وٽم موجود هو، مرزا صاحب کي ڏنو ۽ مرزا صاحب ان مان ٿورو انتخاب ڪري ٻه نسخا جوڙيا، جن مان هڪ انگريزيءَ ۾، ۽ ٻيو سنڌي زبان ۾ هو.“

مرزا صاحب شاهه صاحب جي حياتيءَ تي 1880ع ڌاري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس سنڌي ڪتاب 1887ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن کي پهريون ڀيرو 1905ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. بقول سانگي، مرزا صاحب ڏنل مواد مان چونڊي ٿوري معلومات پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪئي، ان ڪري شايد مير صاحب کي خيال ٿيو جو متان محنت سان گڏ ڪيل ناياب مواد ضايع ٿي وڃي، ان خيال سان هن پنهنجو ڪتاب ”لطائف لطيفي“ پارسي ٻوليءَ ۾ لکي، مرزا صاحب جي ڪتاب جي هڪ سال کان پوءِ 1888ع ۾ پورو ڪيو ۽ بعد جي مصنفن لاءِ هيءُ ڪتاب شاهه جي حياتي بابت بنيادي ماخذ بڻجي ويو.

مرزا صاحب جو مرتب ڪيل ”رسالو“ ۽ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ته سنڌي ادب ۾ وڏا ڪارناما سمجهيا ئي وڃن ٿا، پر اسان جي خيال ۾ شاهه صاحب جي موضوع تي مرزا صاحب جو سڀ کان نمايان ۽ اهم ڪم شاهه جي رسالي جو تجزيو آهي، جو هن پنهنجي ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي” جي ستين، نائين ۽ ڏهين باب ۾ پيش ڪيو آهي.

 

ڊاڪٽر گربخشاڻي

اڄ شاهه جي رسالي جي سلسلي ۾ جنهن ڪم کي مثالي چئي سگهجي ٿو، ان جي شروعات مرزا صاحب جي ڪتاب جي مٿي ڄاڻايل بابن سان ٿئي ٿي. عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته شاهه جي رسالي جي جديد ترتيب، ان جي سُرن جي سمجهاڻي، شاهه جي ڪلام جي فني اپٽار، پس منظر ۽ تشريح جو ڪم ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سڀ کان پهريائين ڪيو آهي ۽ بيشڪ هن صاحب شاهه جي رسالي کي نئين سر مرتب ڪري وڏو ڪم سرانجام ڏنو آهي، جنهن ۾ سڀني سرن ۽ راڳن کان سواءِ سنڌ جي رومانوي داستانن جو تفصيلي بيان به ڪيل آهي. هيءُ سچ پچ تعريف جوڳو ڪم آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جي ان تحقيقي ڪم ۾ تعاون لاءِ پنهنجن شاگردن عمر بن محمد دائود پوٽي ۽ غلام دستگير پانڌياڻيءَ جا ٿورا مڃيا آهن ۽ جيڪو ڪم هنن ڪيو آهي، ان جو اعتراف به ڪيو آهي. هيءَ ان جي وڏي محقق ۽ عالي وقار اسڪالر هجڻ جي نشاني آهي، پر تعجب جي ڳالهه آهي ته پنهنجي ان ڪارنامي ”شاهه جي رسالي” جي ترتيب جي بنيادي خيال لاءِ، جو مرزا قليچ بيگ جي رسالي جي تجزيي جي صورت ۾ اڄ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي نائين ۽ ڏهين باب جي صورت ۾ موجود آهي، ٿورا مڃڻ ته وڏي ڳالهه آهي، پر هن صاحب اعتراف جو هڪ لفظ به نه لکيو آهي. رواجي طور رڳو ايترو لکيو آهي ته ”مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌ جي مشهور مصنف به هن ڪم کي راس ڪرڻ لاءِ منهنجي هر طرح همت افزائي ڪئي آهي ۽ شاهه تي پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتابن مان مدد وٺڻ جي فراخدليءَ سان اجازت ڏني آهي، انهيءَ لاءِ آءٌ سندس گهڻو شڪر گذار آهيان.” حالانڪ ڊاڪٽر صاحب، دائودپوٽي مرحوم جي خدمت جو اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته ”پهرين جلد جو نسخو تيار ڪيو، ڇاپي جي درستي ڪئي ۽ شرح لکي سندس مدد ڪئي.“ ته پوءِ مرزا صاحب کان رسالي جي ترتيب جي سڄي رٿا مان فائدو وٺڻ جو اعتراف ڪرڻ ۾ به سندس ڪم جي اهميت ۾ فرق نه پوي ها. خبر ناهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙي محقق ائين ڇو ڪيو! ان ڪري جو سندس رسالي جي ترتيب به تاريخ ۽ ادب جو حصو بڻجي ويئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي عظيم محسن مرزا قليچ بيگ جو هيءُ ڪارنامو به سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نمايان طور تي محفوظ آهي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي رسالي جو بنياد ڇهن تاريخي اهميت وارن نسخن تي رکيو آهي، جن مان چار قلمي نسخا آهن: بلڙيءَ واري درگاهه جو نسخو (جو ان  کان پوءِ غائب ٿي ويو)، درگاهه ڀٽ شاهه جو نسخو (گنج)، مير عبدالحسين خان سانگيءَ وارو نسخو ۽ برٽش ميوزيم وارو خطي نسخو (جو بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب مرتب ڪري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڇاپي ڇڏيو آهي). ان کان سواءِ بمبئيءَ مان شايع ٿيل سنگي ڇاپي وارو ايڊيشن ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ وارو ليپزگ (جرمني) ۾ ڇپيل سنڌي ٽائيپ جو پهريون ايڊيشن. انهن ڇهن رسالن کي ڀيٽي ڊاڪٽر صاحب پڙهڻين کي درست ڪري معتبر نسخو تيار ڪيو، جنهن ۾ لفظن جي تلفظ جو به  گهڻو خيال رکيو ويو آهي ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏيڻ جو اهتمام به ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت سندس هيءُ تحقيقي ڪشالو قابل قدر ۽ يادگار حيثيت رکي ٿو. افسوس اهو آهي ته هيءُ يادگار تقابلي مطالعو اڻپورو رهجي ويو. ٽي ڀاڱا شايع ٿيا ۽ چوٿون ۽ آخري ڀاڱو شايد مڪمل نه ٿيو ۽ اگر ٿيو ته ڇپجي نه سگهيو. سنڌي ادب ۽ شاهه جي لٽريچر ۾ اهو هڪ وڏو (خال) نقصان آهي، جنهن کي سدائين محسوس ڪيو ويندو آهي.

جيئن اسين اڳي چئي چڪا آهيون، رسالي جي ترتيب جو بنيادي خيال مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي نائين ۽ ڏهين باب ۾ کولي ٻڌائي چڪو آهي، پڪ آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي رسالي جي ترتيب جو خيال انهن بابن جي مطالعي کان پوءِ ئي ٿيو، ڇو جو سندس رسالي جي ٽيئي جلد مرزا صاحب جي جائزي ۽ رٿا جو مڪمل تفصيل آهن. پنهنجي دعويٰ جي دليل طور مرزا صاحب جي جائزي ۽ ترتيب جي رٿا جو مختصر خلاصو هيٺ ڏجي ٿو:

سر پهريون- ڪلياڻ: سر جي موضوع جي سمجهاڻي ۽ ٽن فصلن جو جدا جدا بيان.

سر ٻيو- جمن: مضمون ساڳيو، ڇهن فصلن جو مختصر بيان ۽ سمجهاڻي.

سر ٽيون- سريراڳ: ڇهن فصلن جو بيان ۽ مختصر سمجهاڻي.

سر چوٿون- سامونڊي: مختصر سمجهاڻي ۽ ٽن فصلن جو بيان.

سر پنجون- سهڻي: سهڻي ميهار جو قصو (پنجاب واري روايت) ۽ سنڌي قصي جو مختصر اختلاف، خاص ڳالهيون ۽ اشارا، حقيقت ۽ مجاز جي معنائن بابت اشارا ۽ نون فصلن جو بيان.

سر ڇهون- کنڀات: مضمون بابت مختصر ڳالهه ۽ ٽن فصلن جو بيان.

سر ستون- سارنگ: مختصر مضمون ۽ چئن فصلن جو بيان.

سر اٺون- ڪيڏارو: مختصر مضمون، ڪربلا جي واقعي جو قصو، خاص اشارا، سمجهاڻي ۽ ڇهن فصلن جو بيان.

سر نائون- آبري: مختصر مضمون، سسئي پنهونءَ جو قصو، ڏهن فصلن جو بيان ۽ آخر ۾ ٽرمپ واري رسالي ۾ آيل هڪ ننڍي سر ”آبري ڇوٽڪي“ جو تت.

سر ڏهون- معذوري: مضمون ساڳيو سسئيءَ وارو ۽ ستن سرن جو مختصر بيان.

سر يارهون- ديسي: مضمون ساڳيو ۽ ستن فصلن جو بيان.

سر ٻارهون- ڪوهياري: مضمون ساڳيو ۽ ستن فصلن جو بيان.

سر تيرهون- حسيني: مضمون ساڳيو ۽ تيرهن فصلن جو احوال.

سر چوڏهون- سورٺ: سمجهاڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو ۽ چئن فصلن جو بيان.

سر پندرهون- بيراڳ: فصل جو مختصر بيان، شاهه جو چيل ڪونهي.

سر سورهون- هير رانجهو: سر جي سمجهاڻي بابت اشارا، شاهه جو چيل ڪونهي.

سر سترهون- بروو سنڌي: مختصر سمجهاڻي، ٽن فصلن جو بيان ۽ ٽرمپ واري رسالي جي هڪڙي ننڍي سر بروي ڇوٽڪي جو مختصر بيان ۽ اشارو.

سر ارڙهون- مومل راڻو: مومل راڻي جو قصو، سمجهاڻي، اشارا ۽ اٺن فصلن جو مختصر بيان.

سر اڻويهون- کاهوڙي: سمجهاڻي ۽ ٽن فصلن جو بيان.

سر ويهون- رامڪلي: سمجهاڻي، خاص اشارو ۽ نون فصلن جو بيان.

سر ايڪيهون- کيپ (رپ): مختصر سمجهاڻي ۽ ٻن فصلن جون بيان.

سر ٻاويهون- ليلا چنيسر: ليلا چنيسر جو قصو ۽ سر جو مختصر بيان.

سر ٽيويهون- بلاول: سمجهاڻي، سلطان علاءُ الدين جي ڪاهه، مظلومن کي پناهه ڏيڻ. راهو سمي ۽ ابڙي سردار جو قصو (دودي چنيسر واري ڳالهه) مختصر اشارو چئن فصلن جو بيان.

سر چوويهون- ڏهر: سمجهاڻي ۽ چئن فصلن جو بيان.

سر پنجويهون- ڪاپائتي: مختصر بيان سمجهاڻي.

سر ڇويهون- پرڀاتي: مختصر سمجهاڻي.

سر ستاويهون- گهاتو: سمجهاڻي ۽ مورڙي جو قصو.

سر اٺاويهون- حسيني ڪيڏارو، سمجهاڻي ۽ فصل جو مختصر بيان. هيءُ سر شاهه جو چيل ڪونهي.

سر اڻٽيهون- آسا: سمجهاڻي ۽ چئن فصلن جو بيان.

سر ٽيهون- مارئي: عمر مارئيءَ جو قصو ۽ ڏهن فصلن جو بيان.

سر ايڪٽيهون- ڍول مارئي: شاهه جو چيل ڪونهي.

سر ٻٽيهون- ڌناسري: مختصر اشارو، شاهه جو چيل ڪونهي.

سر ٽيٽيهون- پورب: سمجهاڻي ۽ فصل جو بيان.

سر چوٽيهون- ڪاموڏ: نوري ڄام تماچيءَ جو قصو، اشارو ۽ ٻن فصلن جو مختصر بيان.

سر ڇٽيهون بسنت: شاهه جو چيل ڪونهي.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي جي ترتيب بلڪل ساڳي مرزا صاحب واري آهي ۽ ان ۾ فرق تمام ٿورو آهي، جو هن ريت آهي. ايتري معمولي فرق سان ترتيب ۾ ڪو تفاوت نظر نٿو اچي:

- مرزا صاحب سهڻي ميهار جي قصي جون ٻه روايتون (سنڌي ۽ پنجابي) بيان ڪري ٿو ۽ گربخشاڻي ٻين داستانن جي هيٺ آيل داستانن جون جيتريون روايتون ملي سگهيون آهن، بيان ڪري ٿو.

- مرزا صاحب رسالو گڏ ڪيو ته ان سان گڏ ڏکين لفظن جي معنيٰ به بيان ڪئي، ۽ پوءِ لغات لطيفي جدا مرتب ڪري ڇپايو. گربخشاڻيءَ  هر سُر کان پوءِ ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون آهن.

- مرزا صاحب فصلن سان متعلق راڳن جو بيان ته نه ڏنو آهي، پر انهن جي باري ۾ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ضميمي ”د“ هيٺ راڳن جو بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جي هر سُر هيٺ پهرين راڳ بابت سمجهاڻي ڏئي ٿو.

- مرزا صاحب بمبئيءَ واري سنگي ڇاپي واري رسالي ۽ ٻين جهونن نسخن جي آڌار تي پنهنجي رسالي ۽ جائزي ۾ ڇٽيهه سر شامل ڪيا آهن، پر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رڳو شاهه جي چيل سُرن کي رسالي ۾ شامل ڪيو آهي، ۽ جيڪو به سر شاهه جو چيل ڪونهي انهي کي خارج ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب ڪل ٽيهه سر چونڊيا هئا، پر رسالو مڪمل نه ٿيو.

- مرزا صاحب رسالي ۾ شاهه صاحب کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي ۽ رسالي مان انهن کي ڌار ڪرڻ جو خيال به ظاهر ڪيو هو، پر گربخشاڻي جيتريقدر ٿي سگهيو آهي اهڙو ڪلام خارج ڪيو بلڪ ڪجهه ڪلام شاهه جو به انهيءَ شبهي ۾ ڪڍي ڇڏيو آهي.

- مرزا صاحب ٽرمپ جي رسالي جي ننڍن سرن آبري ۽ ڇوٽڪي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهڙي بيان ڪرڻ سان رسالي جي ڪيترن نسخن جي ڀيٽڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، بلڪ مرزا صاحب پنهنجي رسالي جي ترتيب ۾ تعليم کاتي لاءِ تاراچند شوقيرام واري ايڊيشن ۽ ٻين رسالن جو ذڪر ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي رسالي جي پهرئين جلد ۾ چئن، ٻئي جلد ۾ پنجن ۽ ٽئين جلد ۾ ڇهن رسالن کي ڀيٽي پنهنجو نسخو تيار ڪيو آهي. ٽنهي صاحبن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پڙهڻين کي به درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

- مرزا صاحب کي خبر هئي ته سر ڪيڏارو شاهه جو چيل ڪونهي (يا رڳو چند بيت شاهه جا چيل آهن). ان بابت مخدوم محمد صالح ڀٽي هالا واري سان سندس خط و ڪتابت به ٿي هئي. ڀٽي صاحب جي هڪ خط جي جواب ۾، جو سر ڪيڏاري جي شاهه صاحب جي ڪلام نه هجڻ بابت هو، مرزا صاحب لکيو آهي:

”اوهان جي لکڻ موجب ڪتاب پڙهيو ويو ۽ اصلاح ڪئي ويئي. احسان فقير جو ڪيڏارو مون وٽ به هو، انهيءَ سان مقابلو ڪري سڌار ڪئي ويئي. جيڪي بيت اوهان نه لکيا هئا ۽ هن (مون واري رسالي) ۾ هئا، سي به صاف صفحن تي نمبر وار لکيا ويا آهن.“

ڀٽي صاحب لکيو هو ته شاهه جي سر ڪيڏاري ۾ گهڻو ڪري احسان فقير جا بيت آهن ۽ ڪن ٻين شاعرن جا بيت به انهن سان شامل ٿي ويا آهن. اهڙن سمورن بيتن کي گڏ ڪري، جي شاهه جا چيل نه آهن، ڀٽي صاحب ڪيڏاري جي عنوان سان هڪ ننڍو ڪتاب تاليف ڪيو هو جو مرزا صاحب وٽ سندن رايو معلوم ڪرڻ ۽ اصلاح لاءِ موڪليو ويو، جنهن جو ذڪر مرزا صاحب پنهنجي خط ۾ صاف لفظن ۾ ڪيو آهي. انهيءَ الحاقي ڪلام بابت مرزا صاحب واضح لفظن ۾ پنهنجو رايو ڏنو آهي:

”ڏسڻ ۾ ايندو ته احسان فقير جي بيتن ۾ اسماعيل (احسان فقير جي پٽ)، جيئندل ۽ ٻين جا بيت به آهن، يا انهن جون اُهي مصرعون ڏنل آهن، جيئن شاهه جي رسالي ۾ ٻين جا بيت ۽ اُنهن جون اُهي مصرعون ڏنل آهن.” (18 مارچ 1920ع)

(پر ان هوندي به مرزا صاحب ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻئي صاحب، سُر ڪيڏاري کي شاهه جي رسالي ۾ شامل ڪن ٿا- رڳو علامه آءِ.آءِ. قاضي صاحب پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ سر ڪيڏارو داخل نه ڪيو آهي.)

عجيب ڳالهه آهي ته جڏهن گربخشاڻيءَ جي رسالي جي نئين ۽ سهڻي ترتيب، تعليق ۽ تحقيق جو ذڪر هلندو آهي ته ان جو سمورو ڪريڊٽ اُن کي ئي پهچي ٿو ۽ ڪڏهن به ڪو مرزا قليچ بيگ جي ان نرالي ترتيب جي اوائلي ۽ جديد انداز جو اعتراف نٿو ڪري، حالانڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو رسالو مرزا صاحب جي ترتيب واري رٿا جو تفصيل آهي. انهيءَ حقيقت جي اظهار سان اسان جو مقصد ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪارنامي کي گهٽائڻ ۽ ان جي پورهئي جو فائدو مرزا قليچ بيگ کي ڏيارڻ قطعاً نه آهي، بلڪ ان سان مرزا صاحب جي جائز حق کي ظاهر ڪرڻ آهي. گربخشاڻي ترتيب ۽ تعليقات جي ڪم کي اهڙي ته قابليت ۽ محنت سان انجام ڏنو آهي جو ان جو اعتراف نه ڪرڻ به انصاف جي برخلاف هوندو. ٻين سان ڪهڙي شڪايت ڪجي، جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙو برک اديب ۽ محقق پاڻ مرزا صاحب جي ڪم ۽ ان مان فائدي وٺڻ جو اعتراف نٿو ڪري. حالانڪ مرزا صاحب اهو پهريون محقق آهي، جنهن اسان کي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ٻڌايو آهي ته شاهه جي رسالي کي ڪهڙي نموني ۾ مرتب ڪرڻ گهرجي. ڇو جو مرزا صاحب جي زماني تائين بمبئيءَ واري سنگي ڇاپي جا 1867ع (بقول مرزا قليچ بيگ 1866ع) کان وٺي 1921ع تائين گهٽ ۾ گهٽ اَٺ يا نـَـو ايڊيشن ڇپجي پڌرا ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو ايڊيشن ۽ سرڪاري تعليم کاتي جو رسالو ۽ ٻيا به ڪيترائي رسالا ان وچ ۾ اچي چڪا هئا ۽ اُنهن رسالن جي ترتيب مرزا صاحب جي ٻڌايل نموني مطابق نه هئي، بلڪ خود مرزا صاحب به پنهنجي رسالي کي رواجي انداز ۾ ڪجهه ڌاريا بيت خارج ڪري ۽ ڇڏيل بيت داخل ڪري جهوني صورتخطيءَ جي بدران جديد صورتخطيءَ ۾ مدون ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ مرزا صاحب پهرين عالمن مان هو، جن جديد صورتخطيءَ کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گربخشاڻي صاحب ان سلسلي ۾ ٻنهي جي وچ وارو رستو اختيار ڪيو ۽ لاڙ جي صورتخطي اختيار ڪئي.

وڌيڪ تعجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته گربخشاڻيءَ جي رسالي تي تنقيد ڪندڙن ۽ ان جي مخالف اديبن به انهيءَ نقطي بابت ڪو اشارو نه ڪيو آهي. انهيءَ سڄي تنقيد ۽ مخالفت جو انداز، جيڪو رسالي ۽ ان جي مؤلف بابت هو، ادبي گهٽ ۽ ذاتي ۽ نيم مذهبي وڌيڪ هو. انهيءَ مباحثي ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل مکيه ڪردار ادا ڪندو هو. ڪجهه اديب گربخشاڻيءَ جي مخالفت ۾ ۽ ڪجهه موافقت ۾ لکي رهيا هئا، پر سڄو اختلاف ۽ سڄي تنقيد يا ته اسلامي تصوف ۽ ويدانت جي موضوعن تي مرڪوز هئي يا وري گربخشاڻيءَ جي رسالي ۾ دائود پوٽي جي ڪم جي اهميت کي وڌائي ان کي استاد جي ڪم کان وڌيڪ ظاهر ڪرڻ تي هئي يا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي شاهه لطيف جي ڪلام کي اسلامي تصوف جي بدران فلسفه ويدانت جي مطابق پيش ڪرڻ جي خلاف هئي. پر اهڙن بحثن کان ڪنهن کي به ڪو فائدو نه رسيو، ڇو جو استاد محترم پنهنجي شاگرد رشيد جي مخلصانه علمي ڪم کي اڳي ئي مڃي چڪو هو ۽  جيستائين فلسفه وحدت الوجود ۽ ويدانت جي بحث جو تعلق  آهي ته ان ۾ به اختلاف براءِ اختلاف وڌيڪ نظر اچي ٿو. انڪري جو ڊاڪٽر صاحب فارسيءَ جو پروفيسر هو ۽ تصوف اُن جو خاص موضوع هو. هن ”تصوف“ جي موضوع تي لنڊن يونيورسٽيءَ مان تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي هئي.

اڄ به اسين ڏسي سگهون ٿا ته ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي رسالي جي جامع ۽ مشهور مقدمي ۾”اسلامي تصوف“ جي موضوع تي تمام سهڻي انداز ۾ بحث ڪري، ڪنهن به تعصب کان سواءِ قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي حوالن سان تصوف جي صداقت کي ثابت ڪيو آهي. هن صاحب جي ان معياري محققانه ڪم تي ڪنهن مسلمان کي به ڪو اعتراض نٿو ٿي سگهي، ڇو جو هن شروع کان وٺي آخر تائين متوازن علمي انداز برقرار رکيو آهي. هندو هوندي به اهڙي سلجهيل نموني ۾ بحث ڪرڻ تي ان جي جيتري به تعريف ڪجي ته اها گهٽ آهي. باقي رهيو تصوف سان گڏ فلسفه ويدانت جو بيان، ته ان ۾ به علمي حوالي سان ڪو به قابل اعتراض پهلو ڪونهي، بلڪ هن صاحب ٻنهي جي تقابلي مطالعي جي سلسلي ۾ جا معلومات فراهم ڪئي آهي، ان مان اڄ به پڙهندڙ فائدو پرائي ٿو. ٻنهي صوفيانه مڪتبن جي بيان جو هڪڙو ٻيو سبب به آهي ۽ اُهو هيءُ آهي ان طرح سان هو هندن کي شاهه جي ڪلام ڏانهن راغب ڪندي، ان سان وڌيڪ مانوس ڪرڻ ٿو چاهي. ان لاءِ جو شاهه ۽ سچل جي درگاهن جي مريدن ۽ عقيدتمند هندن کان سواءِ، جي فارسي پڙهيل به هوندا هئا، ٻيا عام هندو فلسفه وحدت الوجود کي ويدانت جي ذريعي ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اهڙو انداز هندو اهل ذوق ۽ خود گربخشاڻيءَ جي لاءِ به فطري هو. انهيءَ سموري سنجيده موضوع کي بنا ڪنهن واضح سبب جي بعد جي بعض تنقيدنگارن هروڀرو اختلاف جو موضوع بڻايو.

ان سڄي اختلاف ۾ اصل ڳالهه شاهه جي رسالي جي ترتيب واري رٿا ۽ ان تي مرزا قليچ بيگ جي تحقيقي ڪم جي اثر بابت هئي، پر ڪنهن به اديب ان بابت هڪ سٽ به نه لکي آهي، جنهن سان خيال پيدا ٿئي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن هيءُ ادبي معرڪو هليو هو، شايد انهيءَ دور ۾ مرزا صاحب جا ڪتاب پوريءَ طرح سان دستياب نه هئا. سبب ڪهڙو به هجي، افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته مرزا صاحب ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري ترتيب بابت ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ به انصاف جي ڳالهه نه ڪئي ۽ نه وري اصل موضوع سان پورو انصاف ڪيو. حالانڪ هيءَ هڪ اهڙي برجسته حقيقت آهي، جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، انڪري جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي جا ٽي ڀاڱا سنه 1923ع، 1924 ۽ 1931ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا ۽ ان جي مقابلي ۾ مرزا صاحب جي ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جو پهريون ڇاپو سنه  1905ع) ۾ منظر عام تي آيو هو ۽ ان کان پوءِ ٽن ٻين ايڊيشنن وسيلي بار بار شايع ٿي چڪو هو، جنهن کان گربخشاڻي صاحب جهڙي اسڪالر جي اُن ڪم کان اڻواقف هئڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، انڪري جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي رسالي جي پهرئين جلد ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن مان فائدي وٺڻ جو پاڻ اعتراف ڪيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ رسالي جي جائزي ۽ تدوين جي رٿا کان تجاهل عارفانه تي تعجب آهي. مرزا صاحب جي انهيءَ ڪتاب جو پنجون ڇاپو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي پاران سنه 1973ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن کي ڏسي هرڪو حقيقت حال کي معلوم ڪري سگهي ٿو.

(مهراڻ 1/1987ع)


(1) تاريخ معصومي (ص 198- 199) ۾ سندس وفات جو سنه 929هه- 1522ع يا 935هه- 1528ع آيو آهي. حديقة الاولياء ص 81 ۾ ڄاڻايل آهي ته 30 سفر 931هه- 1524ع تي وفات ڪيائين. شاهه بيگ ارغون سنه 928هه- 1521ع ۾ وفات ڪئي. يعني مخدوم صاحب جي وفات کان اڳ ۾ وفات ڪيائين. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب کي شاهه بيگ ارغون پاڻ ڪونه مارايو. ٿي سگهي ٿو ته سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهه حسن ارغون يا ان جي ڪنهن امير جي حڪم سان پيڙايو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com