سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :18

ڪجهه ٻيٽ جهڙوڪر: بيار ٻيٽ، باواري ٻيٽ، گائينڊا ٻيٽ، ڪنجر ڪوٽ ۽ ڪي ٻيا ننڍڙا ٻيٽ، ٿرپارڪر جي ڪليڪٽر جي ضابطي ۾ هئا، اهو سال 1947ع تائين ڌنارن کان پنچري وٺندو ٿي آيو. نقشي ۾ ڏيکاريل سرحد سال 1829ع ۾ اليگزينڊر برنس ڇڪي هئي، جڏهن پاڻ ڪڇ ۾ اسسٽنٽ ڪئارٽر ماسٽر طور ڪم ڪري رهيو هو. اليگزينڊر برنس جو هيءُ نقشو انڊيا آفيس (MS.India Office NO.LV 111.16) لائبريريءَ ۾ موجود آهي. ان جي ماپ '' 99 x '' 22 آهي ۽ هڪ انچ برابر ٻن ميلن جي نمائندگي ڪري ٿو.

جارج بياس جي ”سنڌ ڊئريڪٽري“ سال 1862ع ۾ بمبئي گزيٽ پريس مان پڌري ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌ جو هڪ نقشو به هو. چند خاصيتون هي آهن:

* راجسٿان جي رياستن سان اوڀارين سرحد ساڳي آهي، جيئن برطانوي ننڍي کنڊ بابت پوئين سڀني نقشن ۾ ڏسجي ٿي. هيءَ سرحد 1845ع جي آخر ڌاري هميشه لاءِ طئه ڪئي وئي هئي.

* رياست بهاولپور سان سرحد جي ماپ ٿي هوندي، پر درست طرح نقشو نه ٺهيو، يا جي نقشو ٺهيو به هو ته سروي موجب نه ٺهيو هو. بهاولپور سان درست حد بندي، سال 1870ع کان پوءِ وارن نقشن ۾ ڏسجي ٿي.

* سنڌ ۽ پنجاب جون حدون جيئن اُن وقت هيون، هڪ ٽڪنڊو ڏيکارين ٿيون. ان جا ٽئي طرف ويهه ويهه ميل هئا ۽ ٽوٽل پکيڙ 200 ميل هم چورس ڏسجي ٿي. هيءُ ٽڪنڊو ان وقت سنڌ ۾ هو ۽ هاڻي پنجاب ۾ آهي. ان ايراضيءَ جون حدون نئن ”سوري لڪ“ جي حدن ۾ اچي وڃن ٿيون، جيڪا وڃي سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. موجوده سنڌ جي سرحد تي بيٺل نشان (منارو)، پنجاب سان سنڌ جي اولاهين سرحد ٺاهي ٿو. هي ٽڪنڊي ايراضي ايسٽوڪ موجب سال 1883ع تائين سنڌ ۾ شامل هئي(1) . ان جو مطلب ته هي ايراضي هن سال کان پوءِ پنجاب ۾ شامل ڪئي وئي. ايٽڪن جي سنڌ صوبي جي گزيٽيئر موجب، (اشاعت 1907ع) هيءُ ٽڪنڊو سنڌ جي حـصي ۾ ڏيکاريل ڪونهي.

* رڻ ڪڇ سان ڏاکڻين سرحد توڙي رحمڪي بازار تائين ننگر پارڪر تعلقي جي اوڀارين سرحد، 1829ع جي اليگزينڊر برنس جي سروي تي مدار رکي ٿي. نقشي ۾ سرحد ڏيکاريل آهي، پر بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر جنرل ان جي تصديق نه ڪئي هئي.

* هن نقشي ۾ ڏيکاريل سنڌ جي ساحلي ڪناري جو مدار ٽي. جي. ڪارلس جي ڪيل سروي تي آهي(2)  هن ڏس ۾ هندستاني بحريه جي ليفٽيننٽ اي. ايم. گريو جي نقشي جو به خيال نه ڪيو ويو، جنهن سنڌونديءَ جي ڇوڙ واري اوڀارين شاخ جو چارٽ سال 56- 1855ع ۾ ٺاهيو هو. هن چارٽ ۾ هڪ انچ برابر هڪ ميل هو ۽ اهو ” 39 x “ 26 (انچ) پکيڙ جو هو(MS. India Office No. U.V.A)

* بلوچستان سان سنڌ جي اترين سرحد مقرر ٿيل آهي ۽ بلڪل موجوده حد بنديءَ وانگر آهي، جنهن ۾ ننڍڙي ٽڪنڊي جي پنجاب واري ايراضي ڪانهي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.

* سنڌ جي اتر اولهه واري سرحد دل مراد خان کان ستاويهه ڊگريون اتر طرف(27.N) مقرر ٿيل ڪونهي، ۽ اها هڪ سڌي ليڪ ذريعي  ڏيکاريل آهي. جيتوڻيڪ هيءَ سرحد بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر جنرل جي ڪيپٽن ميڪڊونالڊ ۽ ڊاڪٽر ليلور جي ماپيل آهي، جن 1860ع جي اونهاري جي سڄي موسم ڏاڙهيارو ۽ ڪُتي جي قبر وارين چوٽين تي گذاري هئي.

1876ع جي گزيٽيئر موجب سرحدون:

هيوز جو سنڌ گزيٽيئر 1874ع ۾ نڪتو ۽ وري 1876ع ۾ جاري ٿيو. ان ۾ هندستاني سرويئر جنرل جي جاري ڪيل سنڌ جي نقشي کي به شامل ڪيو ويو هو. هيءُ نقشو مٿي ذڪر ڪيل مختلف ماپن جهڙوڪر: ڊاڪٽر ليلور ۽ ڪيپٽن ميڪڊونالڊ (1860ع)، اي . ايم. گريو (56- 1855ع) ۽ ٻين جي ڪيل سروي کي سامهون رکي ٺاهيو ويو آهي. 1874ع کان ڪري 1880ع تائين هي نقشا جاري ٿيا، جي سنڌ جون سرحدون ڏيکارين ٿا.

* سنڌ صوبي جو نقشو ماپ هڪ انچ برابر 267200 انچ هو. هيءُ نقشو رايل جاگرافيڪل سوسائٽي لنڊن ۾ (1174 R.g.S. No) محفوظ آهي.

* سنڌ روينيو سروي جون تختيون (Sheets) 1 انچ برابر 253440 (هڪ انچ برابر چار ميل) انچ آهي. هيءُ نقشو به رايل جاگرافيڪل سوسائٽيءَ وٽ آهي. (1168 No.)

* سنڌ جو نقشو، 1 انچ برابر  16 ميل آهي. هن جو نسخو هندستان جي قومي آرڪائيوز دهليءَ ۾ آهي (No.1170)

سنڌ - بلوچستان سرحد:

1874ع وارو نقشو سنڌ ۽ بلوچستان جون حدون، جهنگ ڪنڊ کان سمنڊ تائين ڏيکاري ٿو. سنڌ جي سرحد حب نديءَ کان اوڀر طرف ۽ بلوچستان جي سرحد اولهه طرف ڏيکاريل آهي. ان جو صاف مطلب هيءُ آهي ته سرحد، حب جي وچ تي مقرر ٿي آهي جو نديءَ جو دائمي وهڪرو آهي.

بمبئي، ڪلڪتي ۽ مدراس علائقن جي ڪئارٽر ماسٽر جنرلن جي ڪم کي سروي آف انڊيا تسليم ڪندي هئي، ۽ ان طرح مختلف صوبن، رياستن، ضلعن ۽ تعلقن جون حدون هيءُ کاتو مقرر ڪندو هو. انهن جا تيار ڪيل نقشا قانوني دستاويز سمجهيا وڃن ٿا. هندستان سروي جي سرويئر جنرل، سنڌ جون اولهه، اتر ۽ اوڀر واريون سرحدون مقرر ڪيون هيون. ڪڇ سان سنڌ جي سرحد 1870ع کان پوءِ تصديق ڪئي وئي. ان ريت بلوچستان سان اولاهين ۽ پنجاب توڙي بلوچستان سان اترين سرحد پڻ تصديق ٿي چڪي هئي.

مترجم طرفان ڪجهه مکيه واڌارا:

(الف)، پنهور صاحب جي هن معلوماتي مقالي ۾ ڪجهه اهم ماخذ هن ريت ملن ٿا.

1) R. Hughes Thomas: Memoirs on Sindh" Selections From the Records of the Bomy government. No, XVII, New series Bomy 1855.

2) R. Hughes Thomas: Memoirs on Sindh New Edition, Karachi, 1979.

3) H. T. Lambrick: "Sir Charles Napier and Sindh". 1952.

4) H. T. Lambrick: " John Jacob of Jacobabad". 1862.

5) george Bease: "The Sindh Directory" Bomby. 1886.

6) A.W. Hughes: "gazetteer of the Province of Sindh" . 1874. reprint Karachi 1986.

7) E. H. Aitken: " gazetteer of the Province of Sindh" 1907, reprint Karachi 1986.

8) Eastwick W.J: The Handbook of the Punjab. Kashmir and Upper Sindh" John Murray London 1883.

(ب) هن مقالي ۾ ڪجهه انگريز عملدارن جا نالا آيا آهن. ممڪن آهي ته سنڌيءَ ۾ انهن نالن جو اچار درست نه ٿيو هجي، ان ڪري اصل انگريزي لکت ۾ نالا ڏجن ٿا.

george Bease: T.g. Carless: A.M. grieve: McDonald: Dr Lalor, Neil Compbell.

(ج) مقالي ۾ ڪجهه ماڳن جي نالن کي به هت انگريزيءَ ۾ ڏجي ٿو، ته جيئن مونجهاري جي صورت ۾ اصل لکت کي سامهون رکي سگهجي.

Bhung Bara: gotaru: Khumb: Balmir: gwarbo:Koomlala Thor: Jhang Kand: Tangwani: Kumri: Biar Bet: Bawari gainda Bet: Kanjar Kot:  Suri Pass.

(د) هن مقالي ۾ ڪجهه جاين تي ڪئارٽر ماسٽر جنرل (Quarter Master general) جو ذڪر ٿيو آهي. مختلف ڊڪشنرين موجب هن جي معنيٰ آهي هڪ عملدار (اسٽاف آفيسر) جيڪو فوج ٽرانسپورٽ، چرپر، ٻارڻ ۽ ڪپڙي لٽي جو بندوسبت رکي ٿو. پنهور صاحب جو چوڻ آهي ته برطانوي دور ۾ هر پريزيڊنسيءَ وٽ سروي جو پنهنجو شعبو هوندو هو، جنهن جي نگراني ڪئارٽر ماسٽر جنرل ڪندو هو. جڏهن ته مرڪزي سطح تي سروي آف انڊيا نالي کاتو هوندوهو، جنهن جي سربراهه کي سرويئر جنرل سڏيو ويندو هو.

                              مترجم: غلام محمد لاکو

                           (مهراڻ: 2/1996ع)

 

 

سراج

قاضي قاضن جو ڪلام

(علمي خط)

 

ڀائو هيرا،

دادا دولت مهتاڻيءَ کان ”قاضي قادن جو ڪلام“ ڏسڻ جو وجهه مليو. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ”هلال پاڪستان“ (روزاني اخبار) ۾ ان جو ذڪر ڪيو هو. ڏاڍو چاهه هوم ته هندستان مان ڪو يار ڪا ڪاپي موڪلي يا آءٌ پاڻ گهرائي وٺان. ايتري ۾ دادا دولت کان ڪاپي ملي. سچ پڇو ته ڪتاب ڏسي دل باغ باغ ٿي ويئي. اوهان اُن تي جيڪا محنت ڪئي آهي، تنهن لاءِ هند سنڌ جا سنڌي ۽ خاص طرح سنڌي ادب جا ڳولائو اوهان جا ٿورائتا ٿيندا، ۽ اوهان جو نالو سنڌي ادب ۾ گهڻو وقت ڳائبو رهبو. اڄ جي زماني ۾، جڏهن عربيءَ جي اصطلاح ۾ ”قحط الرجال“ يعني ”ماڻهن جو ڪال“ آهي، تڏهن توهان واقعي پنهنجي نالي کي نهال ڪري پاڻ کي سنڌي ادب جو هڪ ”هيرو“ ثابت ڪيو آهي.

ائين نه سمجهو ته آءٌ هيءَ ڪا اجائي تعريف پيو ڪريان. اوهان سچ پچ تعريف جا لائق آهيو، ڇاڪاڻ ته جيئن مون چيو ته اڄ اسان وٽ ماڻهن جو ڏُڪر آهي. علم ادب ڏانهن ننڍي ٽهيءَ جو ڌيان خير ڪو آهي. اسان واري ٽهي به ٽنگون پساري رڳو ماضيءَ جي معرڪن تي پئي تڳي. اسان کان اڳ واري ٽهي به هاڻ ڏيئي وٺي بيٺي آهي ۽ باقي ڪي داڻا ڪڻا وڃي بچيا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حسام الدين راشدي ۽ عبدالڪريم سنديلو اڃا لاٽ ٻاريو اچن، نه ته مڙئي اوندهه ٿي ڀانئجي. اوندهه جو وڏو سبب هت سنڌ ۾ اهو آهي ته اها اجائي ڳالهه ڪيترن ماڻهن جو اندر کائڻ لڳي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪو آئيندو آهي ئي ڪونه، انڪري ان تي ڪهڙيون ويهي کوجنائون ڪجن! اها غلط ڳالهه رفته رفته سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق تي ٿڌي پاڻيءَ جا گهڙا هاريندي ٿي رهي. ضرورت ته ان ڳالهه جي هئي ۽ آهي ته جيڪڏهن اهي خدشا ڪجهه قدر موجود هجن ته سڄاڻ عالم ۽ اديب پاڻ وڌيڪ اڳ کان اڳرا، کوجنا ۽ تحقيق جي ڪم کي هٿ ۾ کڻن ته جيئن اهي خدشا ٽري وڃن، پر اڃان تائين اهو جمود طاري آهي، انڪري اوهان جو ڪتاب ڄڻ ته ان جمود کي ٽوڙڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر هڻڻ جي پهرين ڪوشش آهي. هاڻ اوهين سمجهي سگهندؤ ته اوهان جي ڪتاب جي اهميت ڪيتري نه اوليت رکي ٿي.

اسان وٽ سنڌ ۾ هڪڙي ٻي به اڻهوند ۽ اوڻائي آهي، جو سنڌي ٻولي ۽ پراڻي ادب تي ڪم ڪندڙن ۾ تمام ٿورا ماڻهو ناگري لپيءَ کان واقف آهن. انڪري هند، سنڌ يا ٻاهر جيڪو ادبي خزانو اڻلڌو پيو آهي، ان کان بنهه بي خبر آهن. انڪري ٿورو گهڻو آسرو مون کي هميشه اهو رهندو آيو آهي ته توهين جيڪي هند ۾ آهيو، سي ناگري ٻوليءَ کي  ڄاڻڻ کان پوءِ ضرور اهي خزانا هٿ ڪري، سنڌي ٻوليءَ جو دامن ڀري اُن کي شاهوڪار ڪندا. ٿيو به ائين آهي. اوهان پهريان عالم آهيو، جنهن پهريون گل ان دامن ۾ وڌو آهي. ان لاءِ اوهان جيڪا محنت ۽ مٿاڪُٽ ڪئي آهي، ان اوهان کي سنڌي ادب ۾ هڪ امر جاءِ وٺي ڏني آهي. آءٌ ته ڪتاب تي ٿيل محنت کي ڏسي ششدر ٿي ويو آهيان، ڇاڪاڻ ته آءٌ به هڪ اهڙي ئي ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو آهيان (گذريل ٻن ٽن سالن کان البت ڪن ڳالهين جي ڪري اهو ڪم رولي ۾ پيو آهي.) ۽ سوچيان ٿو ته اوهان جيڪا محنت ڪئي آهي، ايتري محنت ۽ جفاڪشي شايد منهنجي وس کان ٻاهر نه ثابت ٿئي. بهرحال، اوهان کيرون لهڻيون، ۽ منهنجي طرفان لک لک مبارڪون قبول ڪجو.

هاڻ اچان ٿو ڪتاب تي. ڪتاب واقعي سنڌي ادب ۾ انمول اضافو آهي، ان ۾ ڪنهن کي به شڪ شبهو نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اوهان آڳاٽي وقت جو سنڌي ڪلام کوجنا جي ذريعي ميدان تي آندو آهي، ۽ اهو ڪلام اهڙو آهي، جنهن جي اسان کي اڳ ڪابه سُڌ نه هئي. اوهان انهن بيتن جي ٻولي ۽ معنائن تي جيڪا کوجنا ڪئي آهي، سا بي مثال آهي. ان جي هڪ پنهنجي جاءِ ۽ اهميت آهي، ۽ نهايت مٿاهين جاءِ آهي.

باقي رهي اها ڳالهه ته هيءُ ڪلام قاضي قاضن جو آهي يا نه-- ان بابت ٻه رايا ٿي سگهن ٿا. هلال پاڪستان  ۾ ئي ٿر جي هڪ ڀڳت گرڌاري لال جو مراسلو ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن انومان ڏيکاريو آهي ته اهو ڪلام قاضي قاضن جو نه، پر سندس ڀاڻيجي (يا ڏوهٽي؟) ميان مير جو آهي، ۽ هن پاڻ ڪن مـَـٺن ۾ ميان مير جي نالي سان لکيل ڏٺو آهي. (اها اخبار به دادا دولت مهتاڻيءَ جي چوڻ موجب اوهان کي الڳ موڪلي ڏني اٿم.)

هڪ راءِ اها به آهي ته، جنهن لاءِ راوي محترم پير حسام الدين راشدي آهي ته قاضي قاضن جو هڪ ڏهٽو يا پوٽو به قاضي قاضن جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اهو جيئن ته بکر ۽ ملتان طرف ڄائو نپنو، انڪري سندس ڪلام ۾ اترادي، سرائڪي، ملتاني بلڪ پنجابي لهجو نظر اچي ٿو.

اهي ٻئي رايا ظاهر آهي ته ثبوت گهرن ٿا. جيسين اهي ثبوت لکت ۾ سامهون اچن، تيسين اوهان جي راءِ کي مڃڻو پوندو ته اهو ڪلام قاضي قاضن جو آهي ڇاڪاڻ ته اهوئي نالو (قاضي قاضن) قلمي نسخي ۾ ڄاڻايل آهي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪـَـوين جو ڪلام پڻ ان نسخي ۾ موجود آهي. فقط هڪ ڳالهه جو خيال رکڻو آهي ته ائين ته ڪونهي ته مختلف (هڪ کان وڌيڪ) ڪوين جو ڪلام قاضي قاضن جي نالي ۾ اُن پستڪ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان هوندي به اها ڳالهه تحقيق طلب رهندي ته قاضي قادن يا قاضن جو نالو ڪهڙن بيتن جي بنياد تي قلمي نسخي ۾ آيو.

اها تحقيق ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. پهرين ٻاهريون يعني تاريخي ڳالهيون ۽ اندروني ثابتيون. سردست جيڪي ڳالهيون ذهن ۾ اچن ٿيون سي هي آهن ته قاضي قاضن ڀڳتي تحريڪ کان نه متاثر هو، ۽ نه ئي ان ۾ شامل هو. بلڪ اهو تاريخي طرح ثابت ٿيل آهي ته قاضي قاضن ڪٽرپڻي جي حد تائين هڪ سنگدل ”ملان“ هو. هو مهدوي تحريڪ جي باني سيد ميران جونپوريءَ جو پوئلڳ هو، جن جو مسلڪ اهو آهي ته شريعت کي طريقت تي اوليت حاصل آهي. ان لحاظ کان ڪيترو ڪلام جيڪو اوهان پڌرو ڪيو آهي، قاضي قاضن جي پنهنجي مسلڪ جي ابتڙ آهي.

انهن مان هڪڙو بيت ئي مثال طور ڪافي آهي:

روز محشر ڏينهڙي، ستر سج تپن،
سڀوئي جر ڀانئيان، جي مون پرين مڙن!

 

مهدوي مسلڪ جو ڪوبه پوئلڳ ان قسم جي خيال کي گوارا نه ڪندو.

انڪري اهو گمان ۽ شڪ پوي ٿو ته هيءُ ڪو قاضي قاضن ٻيو آهي، جيڪو ڀڳتي تحريڪ ۾ شامل ۽ ان کان متاثر هو، انڪري سندس ڪلام کي ڀڳتي تحريڪ جي ٻين ڪوين سان گڏ جاءِ ڏني ويئي آهي يا ڪا نالي ڀُل ٿي آهي.

جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته قاضي قاضن مهدوي تحريڪ ۽ مسلڪ جو پابند هو ته پوءِ هيءُ ڪلام ان قاضي قاضن جو يقيناً نه آهي، جنهن جو ذڪر تاريخن ۾ آيو آهي. جيڪڏهن قاضي قاضن اُهو ئي تاريخي قاضي قاضن آهي ته پوءِ هيٺيون بيت سندس واتان ممڪن نه آهي:

”منجهيئي مڪو ٿيو، منجهيئي ملتان“.

ملتان جي بزرگن سان مهدوي مسلڪ وارن جا تنازعا ۽ جهيڙا تاريخ جو هڪ باب آهن. قاضي قاضن ڪڏهن به ”مڪي“ ۽ ”ملتان“ کي ساڳي اهميت ڏيڻ جي ڳالهه ڪري نٿو سگهي. ان کان سواءِ ”ملتان“ طريقت وارن لاءِ جيڪا اهميت اختيار ڪئي، سا به تاريخي طور اهو پئي ڏيکاري ته هيءُ ڪلام هڪ اهڙي بزرگ جو آهي جيڪو ”ملتان“ کي اها اهميت ڏئي ٿو ۽ يقيناً قاضي قاضن کان گهڻو پوءِ جو آهي، ڇاڪاڻ ته ”ملتان“ وڃڻ ۽ ”انڌن وڃي ملتان لڌو“ جون روايتون گهڻو پوءِ جون آهن.

جنهن گرنٿ مان اوهان کي هي بيت مليا آهن، ان ۾ ڪي ارڙهين صديءَ جا ڪوي پڻ آهن مثلاً غريبداس (1717ع - 1778ع). ان جي اها معنيٰ ٿي ته هي گرنٿ ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ يا ان کان به پوءِ اڻويهين صديءَ جي شروع ۾ لکيو ويو، ۽ هڪ قسم جو ڳٽڪو ۽ مجموعو (Anthology) آهي. انڪري اهو انومان وڌيڪ وسهڻ جوڳو آهي ته هي بيت ڪنهن اهڙي شاعر جا آهن، جيڪو ٻوليءَ ۽ خيال جي لحاظ کان قاضي قاضن کان گهڻو پوءِ جو يعني ارڙهين صديءَ جو ڪو ڪوي آهي، پر سندس نالو قاضي قاضن هو يا لکيو ويو. ظاهر آهي ته ان جو قطعي فيصلو ته تڏهن ئي ٿي سگهندو جڏهن ڪو ٻيو دستاويز ۽ قلمي نسخو ملي، جنهن ۾ تاريخن سان اهو ثابت ٿئي ته هيءُ ڪلام فلاڻي ڪويءَ جو آهي. اهو دستاويز ڳولهڻ به هڪ وڏو ڪم آهي، ۽ اهو هندستان ۾ ئي ڪو اوهان جهڙو هيرو ڳولي سگهي ٿو، جيڪو ديونا گري کان واقف هجي. منهنجو اهو پڪو وشواس آهي ته سنڌي ادب جو وڏو حصو ديوناگري لپيءَ ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي، بڙودا، احمدآباد پاسي موجود آهي. خاص طرح بڙودا يونيورسٽيءَ جي قلمي نسخن ۾ ڪيترن يورپي ماهرن سنڌيءَ جا قلمي نسخا ديوناگريءَ ۾ لکيل ڏٺا آهن. انهن مان هڪ کي آءٌ ذاتي طرح سڃاڻان ۽ ساڻس خط و ڪتابت ڪندو رهيو آهيان.

ساڳيءَ طرح يورپ ۽ آمريڪا جي لئبريرين ۾ پڻ جهونا سنڌي ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ موجود آهن، جن جي ٻولي سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري عالمن انهن کي هندي، گجراتي يا مراٺي سمجهي رکي ڇڏيو آهي. مون سان اهڙو واقعو ٿي گذريو آهي، جنهن جي روئداد گهڻا سال ٿيا، ”نئين زندگيءَ“ ۾ بيان ڪئي هيم. برٽش ميوزيم جي مراٺي سيڪشن ۾ غالباً 1710 سنبت جو هڪ ڪتاب مليم، جنهن ۾ سنڌي ۽ راجسٿاني نثر توڙي نظم جا نمونا ملن ٿا: آسان ديوناگري ۾ آهي ۽ آءٌ پي. ايڇ. ڊي لاءِ اُن تي مٿاڪُٽ ڪري رهيو آهيان.

ان ڪتاب ۾ ڪبير، سورداس، پرمانند، قاضي محمود، ٿرداس، نارد ۽ نارنگ جا چوپايا، اشلوڪ، ڀڄن، ڏوهيڙا ۽ بيت ڏنل آهن. اچرج ان ڳالهه جو آهي ته ان ۾ جيڪو سنڌي ڪلام آهي، سو قاضي قاضن جي اڳ موجود بيتن واري سلوڻي ٻوليءَ سان هم آهنگ آهي. مون ان جا ڪيترا مثال ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڏنا هئا. پر هت به هڪ ٻه مثال ڏيئي واضح ڪرڻ گهران ٿو:

ماڻڪ مٽ ڪيوم، اونداهيءَ ۾ اوجرو،
هلندي در حبيب جي، سمر سوءِ ٿيوم،
تيلانهين ٿيوس (؟) اگوندرو عالم ۾.

ڪه ڪا پاڻيءَ پڪَ، منجهان پيئي مَڪرُي،
وکر هڻي ونڪ، ڪٽجي ڪارو ٿئي.

پيئي سُکَ پچار، ڏِهه ۾ ڏونگر ڄام جي،
.................. سڀني ڪيا سينگار،
آراڻيءَ آڌار، عالم لڳو آسري!

 

مٿيان بيت نقل ڪرڻ جو هڪڙو مقصد اٿم، سو اهو ڏيکارڻ آهي ته قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم، لطف الله قادري، ميين شاهه عنات ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري هڪ اهڙي روايت آهي، جنهن جي ٻولي چار پنج سئو ورهيه سنڌ جي ادبي ماحول تي حاوي رهي آهي ۽ گهڻو ڪري سمورن شاعرن ان محاوري ۽ ان لهجي ۾ شاعري ڪئي آهي. مٿيان ٽي بيت 1710 سنبت جي آڌار تي سترهين صديءَ جا آهن ۽ اُنهن جي ٻولي اُها ساڳي آهي، جيڪا ان روايت جي آهي. ان کان هٽيل ٻولي يقيناً ان کان پوءِ جي آهي، جيئن اسين سچل، بيڪس ۽ بيدل واري روايت ۾ ڏسون ٿا. اوهان جيڪو ڪلام سهيڙيو آهن، ان جا گهاڙيٽا، لفظ ۽ تجنيسون ان پوئين روايت جون آهن. ان ڪري گمان آهي ته اهي ارڙهين صديءَ جي ڪنهن شاعر جون آهن، جنهن جي نالي جي يا ته خبر نه ٿي پوي يا سندس نالو قاضي قاضن آهي، پر هي قاضي قاضن اڳئين قاضي قاضن کان علحدو ۽ الڳ آهي.

انهن تاريخي ڳالهين کان سواءِ جڏهن هن جي ڪلام جي اندروني شاهديءَ تي ٿو اچجي ته به اهائي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هيءُ ڪلام هڪ ته مشهور و معروف قاضي قاضن جو نه آهي ۽ ٻيو ته هيءُ ڪلام ڪنهن اهڙي شاعر جو آهي جيڪو پوءِ جو شاعر يعني ارڙهين صديءَ جو شاعر آهي. (جيڪا ڳالهه بذات خود هڪ اهم ڳالهه آهي ۽ ان جي اهميت سنڌي علم و ادب لاءِ ڪا گهٽ نه آهي.)

پهرين ڳالهه ته اها آهي ته هنن بيتن مان ڪافي بيت صاف سرائڪي ۽ پنجابي جا آهن. ڪيترن بيتن ۾ وري سرائڪي ۽ پنجابي گڏڙ ساڏڙ آهي. جيتريقدر ان ڳالهه جو تعلق آهي ڪوبه صف اول جو شاعر ان حد تائين لهجن کي گاڏڙ ساڏڙ ڪري ڪلام نه چوندو. صف اول جي شاعر کي جيڪڏهن ڪنهن خاص لهجي ۾ ڪلام چوڻو هوندو آهي ته مڪمل طرح سان ان لهجي ۾ ڪلام چوندو: ڪڏهن به ٻن يا ٽن کان وڌيڪ لهجن کي گڏي سڏي نه چوندو، ڇاڪاڻ ته ان طرح نه هو پاڻ ئي ان کان مطمئن ٿي سگهندو ۽ نه ئي سندس ٻڌندڙ، مثلا= هي بيت مڪمل طرح پنجابي آهي: (نمبر95).

ڀُلي وي ڀُلي، ڀُلي تڱائون آئِي،
بابا آدم، اتي حوا ڀُلي، ڀُلي سب دنيائي،
 

هيءُ بيت مڪمل طرح سرائيڪي آهي: (نمبر 100).

هَر هَر فال ڪرينديان، رَڌي گئي وهاءِ،

وڃي پو ڇو سانوڻ سُتيان، لاوي لڳن آءِ.

هيءُ بيت وري گاڏڙ ساڏڙ آهي: (94).

مئن ڀانيي سون، هي جَرَ پوس جرڪڻون،

وِئين وَرائي وَن، ڪهه لڳي ڪارو ٿيو.

اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.

جيتريقدر بيتن جي ٻوليءَ جو تعلق آهي، اها بنهه سادي آهي ۽ ان معيار جي نه آهي، جنهن لاءِ قاضي قاضن جا موجود ست بيت معروف آهي. ڪي ڪي لفظ ته اهڙيءَ طرح ڪم آندل آهن جيڪي فقط اڻ پڙهيل ماڻهو ئي ڪم آڻيندا آهن. قاضي قاضن ته وڏو عالم فاضل شخص هو. خاص طرح هيٺيان لفظ قاضي قاضن جي علم و فضل جي معيار وٽان ٿي نٿا سگهن:

ڪتيبان (بيت نمبر 2)، قراڻ (بيت نمبر 4 ۽ 63)، ملتاڻ (بيت نمبر 20)، سهباز (بيت نمبر 22)، عرس (بيت نمبر 22 ۽ 24)، سهر (بيت نمبر 25 ۽ 26)، سفيفي، سفاف، سفافيان، سفافي (بيت نمبر 26)، ڪاگد (بيت نمبر 42 ۽ 43) وغيره.

اهي ته عربي لفظ ٿيا، پر خود سنڌي ترڪيبون به شعري لحاظ کان جت ڪٿ معيار کان گهٽ آهن. ڪن ڪن هنڌن تي ته ٻوليءَ ۾ ايترو جهول آهي ۽ اهڙي غير شاعرانه ۽ غير سنڌي ماحول جي آهي جو قاضي قاضن ته پري رهيو، پوءِ جي رواجي شاعرن سان به هوند ان کي ڀيٽي نه سگهبو. آءٌ فقط هڪڙو ئي مثال ڏيندس ته ڳالهه واضح ٿي ويندي.

سُڃي ٽَٺي حباب چئي، سو سڄڻ ڪت لڳيءَ،
جِتي تال سرير ۾، تِتِي ڇـَـن پئي.

 

جيڪڏهن ڪلام کي ڇند وديا جي اصولن تي پرکبو ته اهو ظاهر ٿيندو ته اڪثر شعر لاوان ۽ جهول وارا آهن. اها ڳالهه ڏاڍي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته قاضي قاضن جا بيت اسان وٽ معيار ۽ مثال طور موجود آهن، جيڪي پدن ۽ ماترائن جي ڳڻپ موجب صحيح ثابت ٿين ٿا. پر هن ڪلام ۾ سواءِ پنجن ڇهن بيتن جي، باقي سڀني بيتن ۾ جهول آهي. جيڪي صحيح ثابت ٿين ٿا، تن جا به اڌ بند صحيح ته اڌ غلط آهن ۽ اهي به اهي ئي بيت آهن جيڪي اڳ ئي قاضي قاضن جا چيا وڃن ٿا. مثلاً نمبر 3 بيت هن ريت آهي:

ڪنز قـــدوري ڪافيا، ڪي ڪين پڙهيام،

سو ڏيهو ئي ڪو ٻيو، جان ئي پرين لڌام.

پهرين سٽ ڇندن جي حساب تي پوري آهي، پر ٻي سٽ اصول کي اورانگهي وڃي ٿي. 4 نمبر بيت هن ريت آهي:

پڙهندو پئي ويــو، ڪوڙين لـــکَ قراڻ،

لـَـکي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ!

هن ۾ وري پهرين سٽ ۾ جهول آهي، ۽ ٻي سٽ صحيح آهي.

ان طرح سان گهڻو ڪري سمورا بيت جهول رکن ٿا. البت ائين آهي ته ڪن بيتن جون جيڪڏهن پڙهڻيون بدلائجن ته شايد سندن صورت بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي. پر اها ڪوشش هڪ جدا ڳالهه آهي.

خط بنهه ڊگهو ٿي ويو آهي. منهنجو مقصد فقط اهو هو ته   اوهان جي محنت، جفاڪشي ۽ کوجنا جو قدر ڪرڻ سان گڏ سنڌي علم ادب لاءِ هن ڪلام جي اهميت ۽ تاريخي نوعيت تي مختصر تبصرو ڪري وڃان. آءٌ اها ڳالهه وري به ورجائڻ گهرندس ته باوجود ان ڳالهه جي ته هيءُ ڪلام قاضي قادن جو آهي يا نه، اوهان سنڌي ادب کي ڪم از ڪم ٽي سئو سال پراڻو اڻ ڇپيل بلڪ اڻ ڄاتل ڪلام مهيا ڪري ڏنو آهي، ۽ سنڌي علم ادب جي جمود ۾ گهڻي وقت کان پوءِ پهريون پاهڻ اڇلائي پنهنجو نالو امر ڪري ڇڏيو آهي. اوهان جي محنت، جفاڪشي، کوجنا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ پيار لاءِ اوهان کي مبارڪن ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان.

وري ڪنهن ٻيءَ فرصت ۾ اوهان کي هن ڪتاب جي اهميت جي باري ۾ تڏهن لکي سگهندس، جڏهن وري پنهنجون پراڻيون پوٿيون کوليان ۽ آڳاٽي ادب کي خاص ان نقطه نظر کان ويهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان. پر ايترو يقين اٿم ته اوهان جي هن ڪتاب تي سنڌ ۾ چڱو چؤٻول ٿيندو، جيڪا ڳالهه سنڌي ٻوليءَ لاءِ برڪت ثابت ٿيندي. 

                               - اوهان جو سراج

                         (مهراڻ: 3-4/1979ع)

 


 

تنوير عباسي

سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

(هڪ تقرير)

اڄ واقعي اسان تاريخ جو هڪ وڏو قرض لاهي رهيا آهيون، جو سنت ساميءَ جي نالي ۾ هتي گڏ ٿيا آهيون. جيئن منهنجي هڪ دوست پهرين چيو ته اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪڙي ٽمورتي آهي- شاهه، سچل ۽ سامي. جتي ساميءَ جو نالو ناهي، اتي سنڌ جي ڪلچر جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي ڪلچر جو، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو ۽ سنڌ جي ادب جو تصور تڏهن مڪمل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن شاهه ۽ سچل سان گڏ سامي به شامل آهي ۽ واقعي جيئن اسان جي دوست چيو ته ساميءَ کي اسان وساري ڇڏيو آهي، ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا: هڪڙو سبب اهو ته هو غير مسلم هو. جيستائين اسان جي ٽهيءَ جي اديبن جو تعلق آهي ته مان يقين سان چوان ٿو ته انهن ۾ اهو تعصب موجود ڪونهي. پر تنهن هوندي به گهڻن ڏينهن کان پوءِ اسان کي سامي ياد آيو، سو انڪري ٻيو سبب منهنجي نظر ۾ اهو ٿو ٿي سگهي ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته سامي ڏاڍو ڏکيو شاعر آهي. اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وهڪري جون جيڪي ڌارائون آهن، جنهن ۾ شاهه ۽ سچل اچي وڃن ٿا، سامي ان کان ڪجهه مختلف آهي. هونئن ته هر شاعر کي پڙهو ته ڄڻ توهان ڪنهن نئين دنيا سان متعارف ٿيا آهيو، ڄڻ توهان ڪنهن نئين شهر ۾ ٿا وڃو. جيئن نئين شهر ۾ وڃبو آهي ته ان جي گهٽين کان، ان جي چونڪن کان ۽ ان جي ماڻهن کان واقف ٿيڻ لاءِ ٿورا ڏينهن لڳندا آهن، تيئن ڪنهن نئين شاعر کي پڙهڻ سان ٿورن ڏينهن ۾ ان سان واقفيت ٿيندي آهي. ساميءَ جي ٻولي ڏکي ڪانهي، پر هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ جي آهي. انهيءَ جي ڪري اسان ان تي هريل ناهيون. اسان هريل آهيون سسئي پنهون ۽ عمر مارئيءَ تي. پر ساميءَ وٽ سنڌي لوڪ ڪلاسيڪي ڪهاڻين مان هڪڙو به ڪردار ڪونهي. هن جي دنيا ئي نرالي آهي، هن جو شهر ئي نرالو آهي، رهاڪو ئي نرالا آهن. ساميءَ کي جيڪڏهن اسان پڙهڻ شروع ڪريون ۽ ٻه- ٽي ڏينهن پڙهيوسون ته مون کي پڪ آهي ته سامي اسان کي ايترو ئي سولو لڳندو، جيترو شاهه لطيف ٿو لڳي يا سچل سائين ٿو لڳي. پر ڳالهه آهي ته ان کي پڙهجي. هاڻي جيئن مون عرض ڪيو ته شاهه سائينءَ چيو آهي ته:

”جي تو بيت ڀانئيان، سي آيتون آهين.“

روميءَ چيو آهي ته:

مثنوي و معنوي و مولوي

هست قرآن در زبان پهلوي

معنيٰ هيءَ جيڪا منهنجي مثنوي آهي، اها ايراني يا پهلوي زبان ۾ ڄڻ قرآن آهي. شاهه  لطيف به پنهنجن بيتن کي آيتون ٿو چئي. رومي به پنهنجن شعرن کي قرآن جون آيتون ٿو چئي. سچل سائين به چوي ٿو ته:

من نمي گويم و ليڪن يــار مي گويد بگو

(مان نٿو ڳالهايان پر اُهو يار ٿو ڳالهائي!)

ساڳيءَ طرح سامي به چوي ٿو ته ”وائي جا ويدن جي، سنڌيءَ منجهه سُڻايان“. ته هاڻي خبر پئي ته اسان جا ٽئي شاعر ڳالهه هڪڙي ٿا ڪن. شاعر جي ٻولي اڻٽر هوندي آهي. اهو جيڪو چوندو آهي اهو ٿيندو آهي. ته انهيءَ رنگ ۾ اچي اسان جا شاعر چون ٿا ته جيئن خدائي ڪلام کي ڪو لوڏو ڪونهي، تيئن اسان جي ڪلام کي به ڪو لوڏو ڪونهي، ۽ انهيءَ ۾اهي ٽئي شامل آهن: شاهه، سچل ۽ سامي.

سامي اسان جي سرزمين سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ سرزمين ۾ صدين کان ويدن جي وائي گونجندي رهي آهي. جيئن چيو اٿائين ”وائي جا ويدن جي سنڌيءَ منجهه سڻايان.“ داراشڪوه پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي“. مون جيڪو ٿورو گهڻو نماڻو اڀياس ڪيو آهي، ان موجب هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته ”تت توم اسي“، (سڀ اهو آهي). جنهن کي اسان جا صوفي ٿا چون ”هم اوست“. ٻئي هنڌ آهي ته ”ايڪو اهم ٻهون سامي“، معنيٰ هڪ آهيان، گهڻا ٿيڻ ٿو چاهيان. جيئن شاهه سائين چيو آهي:

وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل.

اڃا اڳتي هلو: هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته نه ڪو هو ڄائو آهي نه ڪو ڪنهن کي ڄڻي ٿو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي: ”لم يلد ولم يولد.“ اڃا اڳتي هلو ته هڪڙي هنڌ آهي ته: هن جهڙي ڪابه شيءِ ڪانهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: ”ليس ڪمثلـہ شيءِ“. ڪابه شيءِ ان جهڙي ڪانهي. ته انهن جي بنيادي تعليم ساڳي آهي، جيئن اسان جا صوفي ٿا چون. پر اهو جيڪو جهيڙو اجايو مت ڀيد جو ۽ جيڪي فساد ٿيا خون ٿيا ته اسان جا ٽئي شاعر شاهه، سچل ۽  سامي انهن ڳالهين جي خلاف هئا. هاڻي ساميءَ جو دور 1743ع کان وٺي 1850ع تائين آهي. سچل سائين به انهيءَ دور ۾ جيئرو هو. 1743ع ۾ سامي ڄائو آهي ۽ 1752ع ۾ شاهه لطيف وفات ڪئي آهي. معنيٰ شاهه لطيف جي وفات وقت سامي نون سالن جو هو. 1843ع ۾ ٽالپرن جو دور ختم ٿيو ۽ سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ آئي. ان کان ست سال پوءِ سامي فوت ٿيو، معنيٰ ته هن ڪلهوڙن جو دور ڏٺو، ٽالپرن جو دور ڏٺو ۽ تنهن کان پوءِ انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت هو تمام وڏي عمر جو سؤ سالن کان مٿي هو. ته اهو سڄو دور آهي جنهن ۾ سامي رهيو آهي. هاڻي جيئن مون توهان کي عرض ڪيو ته ويد هئا، ويدن کان پوءِ اُپنشد. هاڻي برصغير ۾ يا ننڍي کنڊ ۾، اڻورهايل هندستان ۾ ادب ۾ هڪڙي تحريڪ شروع ٿي، جنهن کي چوندا ها نرگنواد. نر معنيٰ نه، گن معنيٰ خاصيت. معنيٰ خدا جي ڪابه شڪل ڪانهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته هي بُت پرستي ٿا ڪن، هي ٿا ڪن، هو ٿا ڪن، پر انهن جي ويدن ۾ يا گيتا ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي ته ادب ۾ جيڪو نرگنواد شروع ٿيو، انهيءَ جو مطلب هو ته محبوب جي ڪابه شڪل ڪانهي، هو شڪل کان بي نياز آهي. تنهن کان پوءِ هڪڙي ٻي تحريڪ شروع ٿي ادب ۾، جنهن جو نالو هو ناٿ پنٿي. نه رڳو ادب ۾ اها تحريڪ شروع ٿي، پر اها عوامي تحريڪ هئي. ناٿ پنٿي جوڳي هوندا هئا، جن کي گيڙو ڪپڙا هوندا هئا. اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا صوفي گيڙو پوشاڪ پائي گهمندا آهن. ته ناٿ پنٿ ڇا هو، ٿورو ان تي مان ڳالهايان. ڇو ته هيءُ سڄو پسمنظر آهي ساميءَ جي شاعريءَ جو. شاهه لطيف چيو آهي ته: ”جي ڪين قبولڻهار، هلو تڪيا پسون تن جا“. ڪين قبولڻهار، ڪنهن به ڳالهه ۾ Beleive نه ڪن. ٻُڌ کان پڇئون ته موت کان پوءِ ڇا آهي؟ چيائين ته اها ڳالهه مون کان نه پڇو، ڇو ته ان ڳالهه کي اسان سمجهي ڪونه ٿا سگهون. مون کان پڇو ته حياتيءَ ۾ ڪيئن گذر ڪرڻ گهرجي؟ اها آهي Agnosticism ته گوتم ٻڌ ته ڪونه مڃيندو هو ڪنهن ڳالهه کي. جڏهن گوتم ٻڌ فوت ٿيو ته ان جي مورتي ٺاهي ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪيائون، حالانڪ هو مورتيءَ جي پوڄا کي نه ڪو مڃيندو هو، نه ڪو اعتبار ڪندو هو. تنهن کان پوءِ گوتم ٻڌ جا سَڌَ، (چيلا) هوندا هئا.

پهريون سڌ، ٻيو سڌ، ٽيون سڌ، اهڙيءَ طرح سان بجرياني سڌ، جيڪو هن جو سلسلو هو، ان جو ٻٽيهون سڌ هو ”گرو گورکناٿ“. انهيءَ گورکناٿ اچي اها ناٿ پنٿي تحريڪ شروع ڪئي. انهيءَ ناٿ پنٿي تحريڪ ۾ هن اها ڳالهه چئي ته بابا! گوتم ٻڌ پاڻ جن ڳالهين کي نه مڃيندو هو يا اعتبار نه ڪندو هو، اهي ساڳيون ڳالهيون ڪيو ٿا پيا مورتي پوڄا جون، انهيءَ ڪري ان کي ڇڏيو. انهيءَ ناٿ پنٿ جا جوڳي جيڪي هئا سي سڄي هندستان ۾ ڦهلجي ويا، سنڌ ۾ به آيا. اسان پاڻ اکين سان ڏٺا، پاڪستان کان اڳ ۾. انهن جوڳين کي گيڙو ڪپڙا پهريل هوندا هئا، جن جي لاءِ ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

”ڪن پٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن چيز“

ڪنن ۾ چير هوندا هين، ڪنڊل پيا هوندا هين وڏا. ڪشتو هوندو هين ۽  پنهنجي گودڙيءَ ۾، نه هندو نه مسلمان، ڪوبه تعصب ڪونه هوندو هين ۽ اهي تبليغ ڪندا هئا ۽ گهمندا وتندا هئا. شاهه لطيف خود انهن ناٿ پنٿي جوڳين سان ڪافي عرصو رهيو ۽ شاهه لطيف هڪڙي هنڌ چيو آهي ته:

لُنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن م مسحو
جا اسلاما اڳي هئي سا سڻيائون ٻانگ
سڀ وڃائي سانگ، گڏيا گورکناٿ کي.

 

معنيٰ ته هن کي سڄي خبر هئي ناٿ پنٿي تحريڪ جي، ته انهيءَ  ناٿ پنٿ سنڌ تي وڏو اثر ڪيو ۽ جيئن مون هاڻي اوهان کي ٻڌايو ته سنڌ جا صوفي جيڪا پوشاڪ ڪن ٿا  گيڙوءَ رنگ جي، اها ناٿ پنٿين جي نشاني آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته سامي انهن جي باري ۾ ڇا ٿو چئي:

پٿر پوڄا ڪن، ديو نه ڏسن ديهه ۾
پنڊت ڄاڻي پاڻ کي ڪرمن منجهه ٻجهن
ساکان سنتن جون ٻڌي، مرم نه رکن من
سي ڪيئن رنگ رچن سامي سُپيرين کان.

 

ته اها آهي ناٿ پنٿين جي تحريڪ ته پٿر جي پوڄا نه ڪيو، پنهنجي پرينءَ کي پنهنجي من ۾ پسو. ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

حيرت ۽ هاسي، اچي هڪ اچرج تي
سامي ڄاڻي پاڻ کي ابناسي ناسي
ڪُپڙيءَ ۾ آڪاس پيو ڦاهيءَ ريءَ ڦاسي
پاڻي پياسي، مري پپوٽو مت ۾.

 

ساڳيءَ طرح  هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو ته هاڻي هيءُ شعر نرگنواد جو آ ته:

ديوي ۽ ديوا، مورک پوڄن مت ريءَ
لائن ڀوڳ ڀرانت جو کير کنڊ جيوا
ورلو ڪو ساڌو ڪري سامي سڌ سيوا
الک اڀيرا پورن ڏسي پريم جي.

 

اڀيرا معنيٰ بنا ڀيد جي، بنا رنگ جي، بنا ڊول جي. معنيٰ جيڪو آ ان جي ڪابه شڪل ڪانهي، ان جو ڪوبه رنگ ڪونهي، ان جو ڪوبه ڊول ڪونهي، ته اهو آهي نرگنواد.

هاڻي مون جيئن ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌايو، گورکناٿ جي باري ۾ ته ساميءَ پاڻ به گورکناٿ کي ياد ڪيو آهي:

جنين ٻڌو ناد گرو گورکناٿ جو
لوريءَ لڳو تن کي بيحد جو بسماد
مائل ٿيا مهراڻ ۾ ڇڏي واد وواد
وڃي پڇ سواد، سامي تن سنتن کان.

 

وري ٻئي هنڌ ٿو چوي ٿو:

گورک وڄائي سڱي سهڪا ڪاش
ورلي ڪنهن جوڳيءَ کي سمجهه منجهه آئي
سامي جنهن جي ستگروءَ ممتا مٽائي
وڃائي وائي رهي نت نگر ۾.

 

هاڻي  اهي بيت، جيڪي ساميءَ گورکناٿ جي باري ۾ چيا آهن، هاڻي اچو ته ڏسون ته ڪي ڪي بيت اهڙا به آهن، جي هڪٻئي سان ملن ٿا. ڇو ته اهي ٽيئي شاعر ساڳئي ئي دور سان واسطو رکن ٿا. سچل ۽ سامي ته ذري گهٽ هڪٻئي جا همعصر يا سهيوڳي هئا. هاڻي جيئن آهي ته:

اوِديا رَن لُٽي ٿي خاص خزانو سڀ جو
جوڙي جيئن کي ٻڌي گهيڙٽ ساڻ گهُٽي
پيادا پنج بڇي ڪري راتيون ڏينهن ڪُٽي
ڪو سامي سنت ڇُٽي ڪري حمايت هَرَ جي.

 

هتي پنج پيادا آهن: ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار. جيڪي پنج انسان جا دشمن ٿا چون. هاڻي اهو ساڳيوئي بيت آهي ”اوديا رن لُٽي“، جيئن ڀٽائي چيو ته: ”جي ڇورين ڏنا ڇال ته لاهوتي لنگهي ويا“. ته هيءَ اوديا رن به ساڳي آهي، جيڪا ڇوري ڇال ٿي ڏئي ڀٽائيءَ وٽ. ٻئي هنڌ آهي ته:

مورک واد ڪئي پنڊت ڄاڻي پاڻ کي
ٻڌايائين سڀ کي چارئي بيت چئي
سامي سار سروپ کي ڪيائين ڪين سهي
ويڙو پاڻ وهي ڏئي هٿ ٻين کي.

 

ته اهو ساڳيو ئي بيت آهي، جيئن ڀٽائيءَ جو عام طور اوهان ٻڌو هوندو ته:

اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.

وري ٻيو به هڪڙو اهڙو بيت آهي ته:

پنا ڪوهه پڙهين اٿي حرف حقيقت هيڪڙو
پاڻي منجهه منهن مهراڻ ۾ اندر ڇو نه اڙين
ڪلفت ڪڍي جيءَ مان سامي سير چڙهين
ناحق ڪوهه گهـِـڙين اڻ هوندا گهاٽ ۾.

 

سچل سائين چيو آهي ته:

سچل سائين صحيح ڪري ڄاتم يار مليو ڪک پن ۾

                            محبوب ڳولي ڏس من ۾

سامي ٿو چوي ته:

ترڻ اولي ڀڳوان مورک ڦولي دهه دَسا
سمجهه نه رکي جيءَ ۾ جيئن ٻالڪ نادان
سامي سر تي ڀان اونڌو ڏسي ڪينڪي.

 

هاڻي ٻيو هڪڙو بيت آ ته:

مورکن ميڙي ڪاڳر ڪوٽ ڪٺا ڪيا
سامي لوڀ لهر نيا رهت بنا ريڙهي
عاشق چڙهيا اڇ تي ورق سڀ ويڙهي
شهه رڳ کؤن نيڙي سُتهه ڏين سپرين.

 

شهه رڳ کان نيڙي معنيٰ جيڪو قرآن ۾ آ ته: ونحن اقرب من حبل الوريد. معنيٰ هو توهان کي شهه رڳ کان به ويجهو آهي ته اها ساڳي ڳالهه ساميءَ به چئي آهي. هاڻي ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

موٽي ڪيئن مٽي وڃي سامي سندو سُور
پُٺي ڏيئي پاڻ کي مالڪ بڻيو مزور
ڏسي نرمل نور نانا کنئون نروار ٿيو.

 

اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جيئن سچل سائينءَ چيو آهي ته:

چاڪر ٿيس نه ڄاڻان ڇاکان؟ سهي هيس سلطان.

ٻيو هڪڙو شعر آ ته:

چريا سي چئجن جي پاڻ پڇاڻن ڪينڪي
ڳالهيون ڀلن جون ٻڌي مرم نه رکن من
پنهنجي ڳچيءَ پاڻهي جوڙي سيلَ وجهن
سامي ڪين ڏسن جهاتي پائي گهر ۾.

 

اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جو سچل سائينءَ چيو آهي ته:

پنهنجو پاڻ سڃاڻ تون آهين مالڪ ملڪ جو.

هاڻي وري ٻيو آ، جنهن ۾ آهي:

حيرت ۽ هاسو، اچي هڪ اچرج تي
ساهه ڦولي آتما کنڊ کي پتاشو
ڳهڻو ڍونڍي سون کي مٽيءَ کي ڪاسو
پاڻي پياسو سامي رهي نت نهر جو.

 

ساڳيو ئي بيت آهي سچل جو ته:

”مڇلي پڇي آب کي آب پڇي طغيان.“

يا هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

”مڇلي آب ڪنون هي غافل پاڻي ڪهه ڪهه روئي.“

ٻيو وري جيئن توهان کي ٻڌايم ته ”لم يلد ولم يولد“ ته اهو آهي ته:

نه ڪي جيءُ مري نه ڪي اچي گرڀ ۾
نه ڪي ٻڌي جل ۾ نه ڪي اگن جري
رهي اليپ آڪاش جيان توڙي روپ ڌري
سنتن صحيح ڪري ساک ڏني سامي چئي.

 

اهڙو ئي هڪ بيت آهي، شاهه لطيف جو ته:

نه ڪنهن ڄايو ڄام نه ڪنهن ڄاپيو ڄام.

ته اهي عجيب ڳالهيون آهن. جيئن اسان جي انهن ٽنهي شاعرن جي سوچ ساڳي آهي. ان کان پوءِ اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف مذهب جي نالي ۾ استعمال ڪندڙ طبقي جي باري ۾ به بيت چيا آهن. سچل ته تمام گهڻو انهن تي کُلي ڳالهايو آهي. سامي به پنهنجي پنڊتن جي باري ۾ ٿو چئي ته:

پوتر پلالي ڪوڙين گهمن ڪيترا
ڳالهيون ڪن زبان سان خلوت جون خالي
جاڳي ڏسن ڪينڪي خاوند خيالي
لونءَ لونءَ ۾ لالي سامي تنهن سروپ جي.

 

گهڻائي بيت آهن، مان رڳو ٻه ٽي مثال طور اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ چونڊيا آهن:

پڙهي ويد قرآن پنڊت ٿيا ڪيترا
ڳالهيون ويدن جون ٻڌي ڪن اندر ۾ انمان
ڏسن ڪين اکين ريءَ انڌا انيئه ڀان
سدا رهن غلطان سامي مايا موهه ۾.

 

يعني اهي جيڪي ويد پڙهي پنڊت ٿا ٿين، اهي پرينءَ کي نٿا ڏسن. اهڙا انڌا آهن، اهڙا غلطان آهن، مايا جي موهه ۾. جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

گولا جي گراهه جا جوٺا سي جوڳي.

ته جيئن مون پهرين عرض ڪيو ته انهن ٽنهي شاعرن کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. انهن جو فڪر ساڳيو هو. انهن جو نظرياتي ۽ تاريخي پسمنظر ساڳيو هو، انهن جي زبان ساڳي هئي ۽ انهن جا نظريا ساڳيا هئا ۽ انهن جو پيغام ساڳيو هو ته سنڌ ساميءَ کان سواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو ڪلچر ساميءَ کان سواءِ اڻپورو آهي. ساميءَ کي اسان جيستائين اها اهميت نه ڏني آهي، تيستائين اسان کي اها هام نه هڻڻ گهرجي ته اسان ڪو سنڌي شاعريءَ جو پورو مطالعو ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته اڄوڪي هن ليڪچر کان پوءِ اڃا به دوست ساميءَ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا ۽ ساميءَ جي باري ۾ ڪو سٺو سيمينار ڪرائيندا، جتي اسان جا ڪافي عالم ۽ اديب اچن ۽ ساميءَ تي ڳالهائين. مان وري به توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جو منهنجي خيال ۾ تمام تڪڙ ۾ مون کي هن ليڪچر لاءِ تيار ٿيڻو پيو. رڳو ٻه ڏينهن مون کي مليا، ڇو ته مان ڪجهه عرصو ٻاهر ويل هوس. بهرحال جيڪو حال هيو، توهان جي آڏو حاضر ڪيم.

                             (مهراڻ 1/1989ع)


(1) دي هينڊ بڪ آف دي پنجاب، ويسٽرن راجپوتانا، ڪشمير ائنڊ اپر سنڌ“: جان مري لنڊن، سال 1883ع.

(2)  T.g Carless: Memoir to accompany the survey of Delta of the Indus” Royal geog. Soc Vo1. V11 (1837)p.p. 328 - 366 and vo1. viii (1838) p.p. 459- 500.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com