سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :39

ڊاڪٽر الهرکيو ٻـُـٽ

مهراڻ جو ”پهريون دَور“:

(معيار تي هڪ نظر)

ڪوبه معياري رسالو ادب ۽ تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري ۽ تحقيق کي هٿي ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ ٻوليءَ کي سگهاري ڪرڻ ۾ ڪـِـرنگهي واري حيثيت رکي ٿو. هر دَور ۽ هر سماج ۾ معياري رسالي کي فخر ۽  تحسين جي نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ رسالن جي ڇپجڻ جو بنياد 1890ع کان ماهوار ”سرسوتي“ جي اشاعت سان پيو ۽ اڄ تائين هزارن جي تعداد ۾ رسالا ۽ سلسلا ڪڍيا ويا آهن. مگر جيڪا مڃتا جڳ مشهور ”مهراڻ“ کي ملي آهي، اها ٻئي ڪنهن جي به پلئه ڪانه پيئي آهي. هن مختصر مقالي ۾ ’مهراڻ‘ جي ”پهرئين دور“ واري معيار کي موضوع بنايو ويو آهي.

ڪنهن به علمي، ادبي ۽ تحقيقي مخزن يا جريدي جي ”معيار“ پرکڻ واري ڪسوٽيءَ جا هيٺيان پهلو هوندا آهن:

(1) ناشر اداري جي ساک ۽ ايڊيٽر/ايڊيٽوريل بورڊ جي مهارت

(2) ڇپيل مواد جو علمي ادبي ۽ تحقيقي معيار

(3) رسالي جو گيٽ اپ: ڪور ڊزائين، ڪاغذ، ڇپائي ۽ تصويرون

(4) وقت جي پابندي

(5) قيمت

معلوم هجي ته ”مهراڻ“ جي اجراءَ جا ٻه دور رهيا آهن. پهريون دَور جنوري 1946ع کان جون 1948ع تائين ۽ ٻيو موجوده دور سيارو 1955ع کان هيل تائين. اچو ته مٿي ذڪر ڪيل پهلوئن تي ”مهراڻ“ جي معيار کي پرکيون.

(1) اداري جي ساک ۽ ايڊيٽر جي مهارت

سائين جي.ايم.سيد (وزير تعليم) ۽ سائين ميران محمد شاهه جي ڪوششن سان 1940ع ۾ تعليم کاتي جي نگرانيءَ هيٺ ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ٿيو. اُن جي منشور ۾ هڪ معياري سنڌي ”رسالو“ جاري ڪرڻ به شامل هو. جيئن ته ان وقت ٻي مهاڀاري جنگ هلي رهي هئي، انڪري ڏکئي وقت ۾ پئسي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب بورڊ رسالو جاري ڪري نه سگهيو. جنگ ختم ٿيڻ تي بورڊ جي چيئرمن سيد ميران محمد شاهه ۽ سيڪريٽري عثمان علي انصاريءَ مٿيون ڪم هٿ ۾ کڻي مجوزه رسالو جاري ڪيو. انهن سنڌي اڪابرن جي مقصد سان سچائي ۽ انتظامي ڏاهپ ڪنهن به شبهي کان بالاتر هئي، انڪري پوري اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته ”صلاحڪار بورڊ“ جو اشاعتي ادارو پنهنجي دور جو وڏي ساک وارو ادارو هو، جنهن جي ذمي رسالي ڪڍڻ سان گڏ معياري ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ هو. ان طرح اداري معياري سنڌي ڪتابن تي انعام به ڏنا ۽ ڀٽائي گهوٽ جا عرس به منعقد ڪيا. جيتريقدر ايڊيٽوريل بورڊ جو تعلق آهي، ته ان تي به وقت جا چار ناميارا عالم ۽ اديب موجود هئا: عثمان علي انصاري (چيئرمن)، مولانا دين محمد وفائي (چيف ايڊيٽر)، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي (ايڊيٽر) ۽ لالچند امرڏنومل جڳتياڻي (مئنيجنگ ايڊيٽر). انهن جي موجودگي جي آڌار تي ائين چوڻ ۾ ڪوبه  وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ادارتي لحاظ کان ”مهراڻ“ هڪ اعليٰ معياري مخزن هو.

(2) ڇپيل  مواد  جو  جائزو

جنوري 1946ع کان جون 1948ع تائين (1949- 1950ع جا لطيف سالگره نمبر علاوه آهن) ”مهراڻ“ ۾ ڪهڙين هاڪارين شخصيتن ڇا ڇا لکيو، ان بابت فاضل محقق آزاد قاضي، پنهنجي تفصيلي مقالي ”رسالي ’مهراڻ‘ جو پهريون دور: هڪ اڀياس“ (مهراڻ بهار 2005ع) ۾ مڪمل جائزو پيش ڪيو آهي. اڌ صدي اڳ جڏهن ”مهراڻ“ نئين آب تاب سان جلوه افروز ٿيو ته اداري پاران ”گذارش“  (سيارو 1955ع) جي سري هيٺ اڳئين دور جي معيار تي چئن صفحن جو هڪ عالمانه تجزيو پيش ڪيو ويو. هن وقت جي پڙهندڙن جي ڄاڻ خاطر ان ”گذارش“ جو هڪ حصو هت پيش ڪجي ٿي:

        ”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ جنهن معياري مقام جو رسالو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. سنڌي ادب ۾ ”مهراڻ“ جو پنهنجو خاص رنگ رهيو آهي. ”مهراڻ“ جي مسلسل مطالع ڪندڙ اهل علم دوست چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته رسالي ۾ علمي، ادبي، فني ۽ لغوي مضمون نهايت تحقيق ۽ محنت سان لکيل ئي شايع ٿيندا رهيا آهن. اُن جي پهرئين دور ۾ علامه دائودپوٽو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، احمد چاڳلا، مولانا دين محمد وفائي، ڀيرومل مهرچند، ڄيٺمل پرسرام، لالچند امرڏنومل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمدخان غني، لطف الله بدوي، مخدوم محمد صالح ڀٽي، شيخ مبارڪ ”اياز“، حاجي محمود ”خادم“، حافط محمد احسن، عبدالڪريم سنديلو، گل حسن ڪربلائي، ڪشنچند ”بيوس“، جهامنداس ڀاٽيا، مولانا عبدالڪريم چشتي، سائينداد سولنگي، محمدبخش ”واصف“، قادربخش ”بشير“، جمعه خان ”غريب“، غلام احمد ”نظامي“، فقير غلام علي ”مسرور“، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ليکراج ڪشنچند ”عزيز“، پروفيسر ايم-يو-ملڪاڻي، پروفيسر ڀمڀاڻي، سوڀراج نرملداس، پرسرام ”ضيا“، کيئلداس ”فاني“، وغيره، مهراڻ جا خاص ليکڪ آهن، جن جا علمي، ادبي، اصلاحي، لغوي ۽ فني افسانا ۽ مضمون گذريل پرچن ۾ محفوظ آهن، ۽ اهو هڪ بهترين معياري علمي ذخيرو آهي.

        ”اها به هڪ مسرت انگيز حقيقت آهي ته ”مهراڻ“ جي ان معياري ۽ بلندپايه ادبي حيثيت کي بمبئي يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ارباب بست و ڪشاد به تسليم ڪيو، ۽ بي-اي ۽ ايم -اي جي شاگردن لاءِ ان جي مطالع جي سفارش ڪئي.

        ’مهراڻ‘ جا جهونا پرچا اڄ تائين ڄڻ ته نوان آهن: ڪيئي اهل ذوق دوست هن ناياب علمي خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ طلب ڪندا رهن ٿا، ۽ اسان حتي المقدور سندن ان علمي جذبي جو احترام ڪندي، کين پرچا موڪليندا رهون ٿا.“

مٿي ڄاڻايل جائزي جي آڌار تي پوري خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ”مهراڻ“ مواد جي لحاظ کان نهايت اعليٰ معيار جو رسالو هو.

ايڊيٽوريل بورڊ طرفان پڌراين ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿيندي هئي، ان جي نحوي بيهڪ ۽ چاشنيءَ جو چشڪو هيٺئين اشتهار مان بخوبي وٺي سگهجي ٿو. هي اشتهار جنوري 1946ع کان آڪٽوبر- نومبر 1946ع وارن پرچن ۾ ور ور ڪري پرچي جي آخر ۾ ڪور جي اندرئين پاسي ڇاپيل آهي:

خاص مترجمن جي ڌيان طلب

اسان جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته حال هيٺيان ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجموڪرائجن.

1.  Ivanhoe  By Sir Walter Scott.

 2. John Halifox, The gentleman Mrs. Craik

3. Reinecae Fux     goethe

4. Things That Count Valentine

5. انوار سهيلي

6. حڪايات لقمان

ڪنهن جو به پورهيو وئرٿ نه وڃي، تنهن لاءِ صلاح ڀري ڳالهه هي آهي ته جيڪو به صاحب هن ڏس ۾ طبع آزمائي ڪرڻ چاهي، سو اول اول ڪي ٿورڙا پرت ڪهڙي يا ڪن به ڪتابن جا ترجمو ڪري، نموني طور بورڊ ڏانهن پسنديءَ لاءِ ڏياري موڪلي. وڌيڪ پورهيو ڪنهن به ڪتاب يا ڪتابن جي ترجمي تي بورڊ جي فيصلي بعد ڪري.

ٻين ٻولين جا معياري ڪتاب، جيڪي سنڌيءَ ۾ آڻڻ جوڳا آهن، تن جي به هڪ يادداشت بورڊ جي پاران تيار پيئي ٿئي. ٻئي سال جي پهرين پرچي ۾ اها يادداشت سربستي پڌري ڪري ڏبي.

مٿي ڏنل ڇهن ڪتابن مان 4 ۽ 6 بنسبت اطلاع به پهچي ويو آهي، ته ڪن صاحبن انهن کي ترجمي ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. پر انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي، ته ٻيو ڪو صاحب اهو ڪم هٿ ۾ کڻيئي نه. ڇو ته بورڊ وٽ ترجمو اهو پسند پوندو، جيڪو بورڊ جي ٺهرايل اُصولن مطابق هوندو.

(3) مهراڻ جو گيٽ اپ (ڪور ڊزائين، سائيز، پنو ۽ ڇپائي)

پهرئين دور ۾ مهراڻ جا جملي يارهن پرچا نڪتا. 1946ع ۾ ڇهه ۽ 1947-1948ع ۾ پنج پرچا ڇپيا. سڀني پرچن جو ڪور ڊزائين سادو ۽ هڪجهڙو رکي منتظمين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو. انهيءَ سادگيءَ مان به خوبصورتي بکي رهي آهي. وڻندڙ ڪور ڊزائين ۾ سنڌ جي نقشي تي ”مهراڻ” لفظ بولڊ فانٽ ۾ اڀريل آهي. نقشي اندر ستن ضلعن سان گڏ خيرپور رياست جون حدون ظاهر ڪندي سنڌوءَ يا مهراڻ کي مسلسل وهندي ۽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ضلعن جي حدن اندر اتي موجود صديون پراڻا مشهور تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي ماڳ ڏيکاريا ويا آهن، جهڙوڪ سکر ضلعي ۾ درياءَ مٿان سکر بئراج جو من موهيندڙ نظارو، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موهن جو دڙو، دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ جو اهڃاڻ، حيدرآباد ضلعي ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جا قبا، ٿرپارڪر ضلعي اندر ڪاهوءَ جو قديم دڙو ۽ عمرڪوٽ جو مشهور قلعو، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ لائيٽ هائوس جو خوبصورت منظر ڏيکاريل آهي. مجموعي طور اهي دلپذير منظر اکين کي ٺار، دل کي فرحت ۽ روح کي راحت بخشيندڙ آهن. ڪور جي مٿينءَ کاٻي ڪنڊ تي رجسٽريشن نمبر ۽ هيٺينءَ ساڄي ڪنڊ ۾ ڀٽائي گهوٽ جو بيت ”گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿيئي، مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي“ ڏنل آهي. جيتري قدر سائيز جو تعلق آهي ته پهريان ڇهه پرچا 7x11 انچ يا ڊبل ڪرائون سائيز ۾ نڪتا، جڏهن ته پويان پنج پرچا ان کان ننڍي سائيز 5x10 انچ يا ڊيمي سائيز ۾ نڪتا. رسالي جي مڙني پرچن ۾ پنو سٺي معيار وارو ڪتب آندل آهي. ياد رهي ته مهراڻ جا پهريان يارهن پرچا، جن جا جملي 680 صفحا ٿين ٿا، سي ڪراچيءَ جي ٽن پريسن هرهڪ الوحيد اليڪٽرڪ پريس بيلاسس اسٽريٽ (چار پرچا)، لاين پريس، مئڪلوڊ روڊ (پنج پرچا) ۽ هلال اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، مئڪلوڊ روڊ (ٻه پرچا) ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. مڙني پرچن ۾ استعمال ٿيل ٽائيپ فيسز جي لاءِ پوري اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته اهي آڳاٽن نج سنڌي فانٽ جا نادر نمونا آهن، جن جي ڏسڻ لاءِ اڄڪلهه اکيون آتيون آهن- قيمتي مواد وانگر، انهيءَ فني خوبيءَ جي ڪري ”مهراڻ“ جا مذڪوره پرچا معيار جي بلنديءَ تي پهتل آهن. موجوده دور جي برعڪس مذڪوره يارهن پرچن ۾ ڪابه تصوير، فوٽوگراف يا چتر ڏنل ڪونه آهن.

(4) مهراڻ  پاران  وقت  جي  پابندي

انگريزي ٻوليءَ ۾ Periodical ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ مخزن، رسالو يا اخبار، اهڙي مواد کي ڪوٺجي ٿو، جيڪو هڪ مقرر ۽ مخصوص مدت کان پوءِ پڌرو ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي ٿو. مقرر وقت تي رسالو ڪڍي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ منتظمين جو هڪ بنيادي فرض آهي. ڪنهن به حقيقي يا معروضي سبب جي ڪري  رسالو ناظرين کي مقرر وقت تي نه مليو ته اهڙي عمل کي ناڪام تصور ڪيو ويندو آهي.

ياد رهي ته ”مهراڻ“ جو پهريون دور سنڌ ۾  سياسي لحاظ کان به نهايت نازڪ دور هو. ٻي مهاڀاري جنگ پنهنجون سموريون تباهيون ۽ تبديليون ڇڏي ختم ٿي چڪي هئي ته ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جا بـِـگل وڄي رهيا هئا. انهن ٻنهي اهم  واقعن جي نتيجي ۾ جيڪا سماجي اٿل پٿل نمودار ٿي رهي هئي، اها ”مهراڻ“ جي اشاعت تي نهايت اگرو اثر ڇڏي رهي هئي. اُنهن ڏکين مرحلن تي انتظاميا کي جيڪي مشڪلاتون درپيش هيون اُنهن جي پڌرائي هن ريت ڪئي ويئي:

هيءُ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پهريائين پهريائين سنڌ سرڪار جي 14 آگسٽ 1940ع واري ٺهراءُ نمبر 666- (ب) 40 پٽاندر وجود ۾ آيو.

انهيءَ وقت تعليمي وزير جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه هجي.

بورڊ تي مکيه ڪم جيڪي رکيا ويا، تن مان هڪڙو هي هو ته بورڊ هڪ ماهوار ادبي رسالو ڪڍي، جنهن ۾:

 (1) چيدا چيدا مضمون ڇپجن.

 (2) سائنس جا نوان نوان لفظ ۽ محاورا گهڙي چالو ڪجن.

 (3) ڪتابن جي تنقيد يعني سمالوچنا ڪجي، جنهن ۾ نون لکندڙن جي همت افزائي ۽ فائدي لاءِ سندن تصنيف ڪيل ڪتابن جون خوبيون ۽ خاميون نروار ڪيون وڃن.

پر جنگ جي ڪري هند سرڪار جي پاران جو بندش پيئي ته جنگ هلندي ڪابه نئين اخبار يا نئون مخزن چالو نه ٿئي، انهي ڪارڻ هي مخزن به بروقت چالو نه ٿي سگهيو. آخر هڻندي هڻندي، نومبر 1944ع ۾، هند سرڪار وٽان اجازت ملي ته بورڊ مخزن بيشڪ ڇپائي، پر مخزن لاءِ پنو پنهنجي پرڳڻي جي سرڪار کان وٺي!

سنڌ سرڪار وٽان پني وٺڻ ۾ به ڪجهه مدت لڳي ويئي. پروڪي سال وري ڇپائيءَ لاءِ پريسن جا در کڙڪائڻا پيا. نيٺ ’الوحيد‘ وارن سان خاطر خواه بندوبست ٿيو، جو مخزن کي ڇپائي پڌرو ٿو ڪجي.

جنگ جي راڱي جي ڪري حالتون ايتري قدر ڏکيون ٿي ويون هيون، جو سنڌ سرڪار کي نئين ۽ معياري رسالي ڪڍڻ خاطر پني جي فراهمي ۽ اُن کي ڇپائي پڌري ڪرڻ لاءِ مسلسل ڇهه ورهيه ڪوشش ڪرڻي پيئي. چئن سالن جي جدوجهد کان پوءِ سرڪار پني جي فراهمي کي يقيني بنايو ته اُن کي 32 صفحن ڇپائڻ لاءِ سڄو سال پريس جا در کڙڪائڻا پين. سموري سرڪاري مشنريءَ طرفان هڻ وٺ کان پوءِ ايڊيٽوريل بورڊ سنڌي قوم سان هڪ پڌرائيءَ ۾ هيءُ وچن ڪيو:

”مهراڻ جو هيءُ پرچو، معزز ناظرين ڏي، نموني طور، موڪلي ٿو ڏجي. ٻيو پرچو، اول خير، اپريل ڌاري ڇپائي پڌرو ڪبو ۽ اهو سلسلو مهيني سر مهيني چالو رهندو. ساليانو چندو فقط پنج روپيا آهي. ناظرين کي عرض آهي ته پنهنجا نالا خريدارن جي ياداشت ۾ ستت داخل ڪرائي ڇڏين.“ (مهراڻ جنوري 1946ع، ص 36)

مٿي ڏنل پڌرائي ۽ واعدي موجب مهراڻ جو ٻيو پرچو پڌرو ڪيو ويو ته اُن کي ڪنهن بدنظر هڻي جهوري وڌو. ٽئين پرچي کان جيڪو مارچ 1946ع جو ٿي نڪرڻو هو، سو غفلت جي ور چڙهي ويو ۽ اها ڪـُـئي ۽ ٻليءَ واري راند مسلسل ٻه سال چالو رهڻ کان پوءِ، هڪ سرڪاري پرچي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو! ان ڏکوئيندڙ ۽ منجهائيندڙ صورتحال بابت ايڊيٽوريل بورڊ ”عرض“ جي عنوان هيٺ اوسيئڙي سَٽيل پڙهندڙن آڏو هيءَ وضاحت پيش ڪئي:

 ”مهراڻ جو هيءُ ٽن مهينن مئي- جون ۽ جولاءِ جو گڏيل پرچو اڄ 20 آڪٽوبر تي دفتر مان روانو ڪجي ٿو..... اسين شرمسار آهيون جو مهيني سر اسين مخزن جو پرچو ڪڍي نه سگهيا آهيون. ائين نه آهي ته ڪو اسان وٽ مخزن لاءِ مواد ڪونهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڇپائيءَ جو ڏاڍو اهنج آهي.“ (مهراڻ مئي- جولاءِ 1946ع، ڪور جو اندريون صفحو)

حاصل مطلب ته وَڙائتن لکندڙن جو پنهنجي محبوب رسالي سان ڀرپور علمي ساٿ هو، مگر ورهاڱي کان هڪ سال اڳ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڇپائيءَ جي تڪليف ان حد تائين پهتل هئي جو سرڪار کي قوم اڳيان شرمسار ٿيڻو پيو ۽ مجبور ٿي پڙهندڙن کي اميد جو هي سبز باغ ڏيکاريائون: ”اميد ته ٻيو ٽن مهينن آگسٽ- سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جو گڏيل پرچو، نومبر جي آخر ڌاري ناظرين کي پهچي ويندو.“ (مهراڻ مئي- جولاءِ 1946ع، ڪور جو اندريون صفحو) ڌڪي ڌوڻي ماهوار مهراڻ جو پهرئين سال پوري ڪرڻ لاءِ انتظاميا بي وسيءَ ۽ مايوسيءَ وچان خريدارن سان هي مبهم واعدو فرمايو: ”انهيءَ حساب، ٻن مهينن نومبر ۽ ڊسمبر جو گڏيل پرچو شايد ڊسمبر جي ٽئين هفتي ڌاري نڪري نروار ٿيندو.“ (مهراڻ مئي- جولاءِ 1946ع، ڪور جو اندريون صفحو).

جڏهن اُميدون پوريون نه ٿيون ۽ واعدو ڪيل ٻئي پرچا وقت تي نه پهتا ته اُها ڏکوئيندڙ صورتحال هن طرح پيش ڪئي ويئي:

”مهراڻ مئي جون ۽ جولاءِ واري گڏيل پرچي ۾ لکيو هوسين ته اميد ته ٻيو ٽن مهينن آگسٽ- سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جو گڏيل پرچو نومبر جي آخر ڌاري ناظرين کي پهچي ويندو، پر بندي (ايڊيٽوريل بورڊ) جي مـَـن ۾ هڪڙي ۽ صاحب (الوحيد) جي من ۾ ٻي. الوحيد وارا اڄ ڊسمبر 26 تائين به 60 صفحا به مس ڪڍي سگهيا آهن. لاچار، انڪري هيءُ پرچو ٻن مهينن يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر جو ڪري ٿا موڪليون. مهراڻ جا خريدار اسان کي معاف ڪندا، جو اسين اڃا مهيني سر مهيني مخزن شايع نه ٿا ڪري سگهون، اميد ته انهيءَ ڏس ۾ ايندڙ سال اسان جي ڪوشش وڌيڪ ڪامياب ٿيندي.“ (مهراڻ، آگسٽ- سيپٽمبر 1946ع، ڪور جو اندريون صفحو).

قديم سنڌي پرنٽنگ پريس الوحيد (قائم 1920ع) جي آڏو هڪ ننڍڙي سنڌي مخزن کي وقت سر ڇاپي ڏيڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون هيون، تنهن جو ذڪر مهراڻ جي پرچن ۾ موجود ڪونهي. بهرحال حالتون انهيءَ حد تائين ڏکيون ٿيون جو مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي موجود عالمن کي الوحيد پريس کي خيرباد چئي، ٻي پريس جا در کڙڪائڻا پيا. ان جو نتيجو رسالي جي اجرا ِّ ۾ وڌيڪ بي قاعدگيءَ جي صورت ۾ نروار ٿيو ۽ آڪٽوبر ۽ نومبر 1946ع جو واعدو ڪيل پرچو الوحيد پريس بجاءِ لاين پرنٽنگ پريس مئڪلوڊ روڊ ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن پريس به ڪو وڌيڪ ٻـُـوٽو ڪونه ٻاريو، جو ايندڙ پرچو ٻن مهينن جي جاءِ تي ٽن مهينن يعني ڊسمبر 1946ع ۽ جنوري- فيبروري 1947ع جو ٿي نڪتو. وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ حيرت جي ڳالهه ته مارچ 1947ع کان جون 1947ع تائين بلڪل ماٺ ٿي ويئي. مجبوريءَ جي اهڙي حالت ۾ رسالي جو ٻيو سال جيڪو جنوري 1947ع کان شروع ٿيڻو هو، سو جولاءِ 1947ع کان شروع ڪيو ويو. هن دفعي رسالي جي سائيز ڊبل ڪرائون مان گهٽائي ڊيمي ڪئي ويئي ۽ جولاءِ 1947ع وارو پرچو نئين سائيز جي 40 صفحن تي مشتمل ٿي نڪتو. خوشقسمتي چئبي جو هن دفعي ٽي ماهوار پرچا جولا”، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا لاڳيتا نڪتا ته پرچو هڪ دفعو وري ڪنهن نظر بد جو بـَـک ٿي ويو. ان صورتحال جو ذڪر ايڊيٽوريل بورڊ ”ناظرين جي خدمت ۾ ٻه اکر“ جي سري هيٺ ڪندي لکيو ته: ”آڪٽوبر جو پرچو وقت تي نه ڪڍي سگهياسين، جو لاين پريس وارا سرڪار جي آئيءَ ۾ اچي ويا.“ (مهراڻ آڪٽوبر- ڊسمبر 1947ع، ص 80). ياد رهي ته آزاديءَ جو سج اڀري چڪو هو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ڪاغذي ”لاين“ طاقتور ببر شير جي چنبي جي سَٽ نه سهندي لاڏاڻو ڪيو ته ڏکن پٺيان ڏک سهندڙ ”مهراڻ“ کي هڪ ٻي پريس هلال اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس جو منهن ڏسڻو پيو. ان تبديليءَ بابت نهايت مختصر لفظن ۾ رسالي جي انتظاميا هيئن چيو: ”نومبر جي شروعات ۾ هن نئين پريس سان بندوبست ٿيو، تڏهن ايڊيٽوريل بورڊ فيصلو ڪيو ته اڳو پوءِ نومبر ۽ ڊسمبر جا پرچا به هن گڏ هلائي ڏجن.“ (مهراڻ آڪٽوبر- ڊسمبر 1947ع ص 80). اڳتي جي اميدن بابت اڳڪٿي ڪندي مئنيجنگ ايڊيٽر ”مهراڻ“ هيءَ دعويٰ دهرائي: ”اسين ٽن مهينن جو گڏيل رسالو ماه آڪٽوبر 47، نومبر 47 ۽ ڊسمبر 47 جو موڪليون ٿا. وري ٻيو ٽن مهينن جو گڏيل رسالو ماهه جنوري 48، فيبروري 48 ۽ مارچ 48 جو اول خير مارچ جي 16 تاريخ روانو ڪيو ويندو.“

اهڙيون ڏکيايون اڃا جاري هيون ته مٿان پوسٽ آفيس وارن جو آزار آڏو آيو. سرڪاري سرپرستيءَ ۾ نڪرندڙ سنڌي رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ ٽپال کاتي جي اهڙي انڌير اڳيان پنهنجي بي وسيءَ جي تصوير هن ريت چـِـٽي ڪئي:

”مهراڻ جو ٻيو سال جولاءِ 1947ع کان شروع ڪيو ويو. ٻئي سال جا پهرين ٽن مهينن جا پرچا، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا، ٽپال رستي هرهڪ خريدار کي موڪليا ويا آهن. تنهن هوندي به ڪن صاحبن وٽان شڪايت پهتي ته کين فلاڻوڪه فلاڻو پرچو نه مليو آهي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته رسالي جا پرچا وچ مان تغلب ٿيو ٿا وڃن. اسان جو رسالو اگرچه سرڪار جي سهاري هيٺ نڪري ٿو ته به ٽپال مان گم ٿيو ٿا وڃن! اسين ڪريون سو ڪريون ڇا؟ ڪئين ڀيرا ائين به ٿيو آهي جو ڪن صاحبن ڏانهن نموني طور مهراڻ بوڪ پوسٽ رستي ڌار ڪارڊ سان گڏ موڪلي ڏنو اٿئون، ته ڪارڊ موٽي آيو آهي پر بوڪ پوسٽ ٿيل رسالي جو پتو ندارد. دانهن ڪوڪ ڪئي اٿئون ته جواب اهو ٺهيل ٺڪيل مليو آهي ته جنهن صورت ۾ رسالو ڊيڊ ليٽر آفيس ۾ ڪونهي ته انومان آهي ته رسالو مالڪ کي ملي ويو آهي.“ (مهراڻ آڪٽوبر- ڊسمبر 1947ع، ص 88).

1947 ۽ 1948ع ۾ ”مهراڻ“ جي انتظاميا ۽ ان شاندار رسالي سان دلي محبت ڪندڙ ليکڪ ۽ خريدار جنهن ڏکوئيندڙ صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا هئا، انهيءَ درد جي داستان جي هڪ جهلڪ، مخزن جي چيف ايڊيٽر ”ناظرين جي خدمت ۾ عرض“ جي سري هيٺ آخري پرچي ۾ هن ريت ڏيکاري:

”هيءُ پرچو 100 پيجن جو ڪڍڻو هو، پر پريس وارن جي گهڻي قرب ڏيکارڻ جي ڪري 20 صفحا گهٽ ٿا ڏجن. اسان جي مرضي هئي ته جي مارچ جي 25 ڌاري نه، ته به اپريل جي 10 تاريخ ڌاري هي ڇهن مهينن جو گڏيل پرچو ناظرين کي پهتو ڪريون، پر پريس وارن هن ۾ ڪا ٻي سِٽي هئي!  خير، مهراڻ جو ٻيو سال هن پرچي سان ختم ٿيو. خريدار به اسان جا ڳاڻ ڳڻيا آهن، جيتوڻيڪ آفرين ناما گهڻن وٽان پيا ملن! پر انهيءَ مان ڪهڙي هوند، ڪهڙو شڪر؟ سنڌي زبان کي زندهه رکڻ لاءِ ضروري آهي ته هن نموني جا رسالا سنڌيءَ ۾ ڇپبا رهن. اسان جو بورڊ پنهنجي پڄنديءَ آهر اُدم ڪري پيو. سنڌيءَ جي پيار وارن کي جڳائي ته هن ڏس ۾ اسان جي همت افزائي ڪن.“ (مهراڻ جنوري- جون 1948ع، آخري ڪور جو اندريون صفحو)

اهڙي قسم جي بيوسيءَ جي هٿان ڌڪ کاڌل  سنڌي ٻوليءَ جي نامياري رسالي ”مهراڻ“ جو پهريون دور پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. فاضل محقق آزاد قاضيءَ نئين ايڊيٽوريل بورڊ جي سرڪردگيءَ هيٺ ٻن ساليانن مخصوص ”ڀٽائي نمبرن“ جو ذڪر ڪيو آهي. صحيح معنيٰ ۾ ”مهراڻ“ پنهنجي ٻئي دَور ۾ سياري 1955ع کان ادب جي آسمان تي سج بنجي اُڀريو ۽ سنڌي ٻوليءَ، ادب ثقافت، تعليم ۽ تمدن جي تاريخي خدمت ڪيائين.

(5) مهراڻ جي قيمت ۽ آمدني

مهراڻ جو ساليانو چندو پنج روپيا ۽ في ڪاپي جي قيمت اٺ آنا هئي. جيئن ته رسالو ٽپال رستي خريدارن ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو، جيڪو سالياني چندي ۾ شامل معلوم ٿئي ٿو. رسالن کي آمدنيءَ جو مکيه ذريعو اشتهار هوندا آهن. مهراڻ جي انتظاميا پاران اشتهارن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل معلوم ٿئي ٿي. ان جي نتيجي ۾ هڪ فـُـل پيج اشتهار رسالي جي جنوري 1946ع واري پرچي جي ڪور جي ٻاهرين صفحي تي ڇپيل آهي، جيڪو انٽرنئشنل بوڪ ڊيپو، سامهون ڊائوميڊيڪل ڪاليج، مهاتما گانڌي روڊ ڪراچي وارن جو ڏنل آهي. ان مان ان دور جي نرخن موجب پنجاهه کان هڪ سو روپين تائين جي آمدني جي ڪـَـٿ ڪري سگهجي ٿي. جيئن ته رسالو سرڪاري تحويل ۾ نڪرندڙ هو، انڪري ان جي ڇپائي ۽ ڪاغذ ۽ آفيس جي سنهي ٿلهي خرچ جو پورائي لاءِ ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي سالياني بجيٽ مان ڪجهه رقم خرچ ڪرڻ جو انومان ڪڍي سگهجي ٿو.

گل محمد عمراڻي

”مهراڻ“ جو اتهاسڪ دور ۽ لالچند امرڏنومل جڳتياڻي

آگسٽ 1940ع ۾ سائين جي.ايم.سيد (تڏهوڪي وزيرتعليم سنڌ) جي خصوصي تحرڪ ۽ سرڪاري حڪم هيٺ سنڌي ادب لاءِ هڪ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (Central Advisory Board of Control for Sindhi Literature) ڪراچيءَ ۾ تشڪيل ڏنو ويو. ان جو چيئرمن سيد ميران محمد شاهه ۽ سيڪريٽري عثمان علي انصاري  مقرر ڪيا ويا. يگانو نثر نويس لالچند امرڏنومل جڳتياڻي بورڊ جو جائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ابتدائي سالن ۾ بورڊ طرفان سنڌي ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ عمدن سنڌي ڪتابن تي هر سال انعام ڏنا ويندا هئا. سن 1945ع ۾ بورڊ طرفان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اعليٰ معياري ماهنامي جي رٿ منظور ڪئي وئي. عظيم المرتبت عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ’مهراڻ‘ نالو تجويز ڪيو، جيڪو سڀني ميمبرن کي پسند آيو. ”مهراڻ“ لاءِ هڪ ايڊيٽوريل بورڊ به تشڪيل ڏنو ويو، جنهن جا چار رڪن هئا: عثمان علي انصاري- چئرمن، مولانا دين محمد وفائي، چيف ايڊيٽر، لالچند امرڏنومل جڳتياڻي- مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي- ايڊيٽر. وقت جي حالتن پٽاندر مخزن جي لاءِ مواد گڏ ڪري، چونڊي، ڇپائڻ جي ذميواري گهڻي قدر لالچند جي حصي ۾ آئي. بورڊ جي ان فيصلي جي ڪا خاص پوئواري نه ٿي سگهي ته ’مهراڻ‘ رسالو باقاعدي ماهوار نڪري، ڇاڪاڻ ته اهو ڪڏهن به وقت سر هر مهيني نڪري نه سگهيو.

 

لالچند امرڏنومل

ڊاڪٽر مـُـرليڌر جيٽلي، لالچند امرڏني مل تي لکيل مونوگراف ۾ اُنهيءَ صورتحال تي روشني وجهندي هن ريت لکيو آهي:

”جنوري 1946ع ۾ مهراڻ جو پهريون پرچو شايع ٿيو. ٻيو پرچو اپريل 1946ع ۾ نڪتو. باقي پرچا به گهڻو دير سان ۽ ڪيترن مهينن جا گڏي ظاهر ڪيا ويندا هئا. انهيءَ ڪري پهرئين سال ۾ گراهڪن کي فقط ڇهه پرچا ملي سگهيا، اُهي به وقت تي نه. ٻئين ۽ ٽئين سال ۾ مهراڻ جي اِها حالت رهي. پهرئين دور ۾ مهراڻ جو آخري پرچو جون 1948ع ۾ نڪتو، جيڪو جنوري کان وٺي جون تائين يڪو ڇهن مهينن جو هڪ پرچو هو. لالچند اهو پرچو تيار ڪري، سنڌڙيءَ کي الوداع ڪري ڀارت هليو آيو.“

(”لالچند امرڏنومل“، ساهتيه اڪئڊمي دهلي، 1985ع، ص: 47)

لالچند جي ايڊيٽريءَ جي اِن آزمائشي دور ۾ جڏهن سنڌ جون عمومي سياسي ۽ سماجي حالتون تيزيءَ سان اَبتريءَ جي طرف وڃي رهيون هيون، ’مهراڻ‘ جو ادبي قد ڪاٺ تمام اوچو ٿي ويو هو ۽ ان جو ادبي ۽ تهذيبي معيار ۽ رتبو ان وقت جي ٻين معاصر سنڌي رسالن جي مقابلي ۾ گهڻو بلند هو. بحيثيت ايڊيٽر، هن ’حل طلب‘ جي عنوان هيٺ ڏکين لفظن ۽ بيتن جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ پڙهندڙن اڳيان گوناگون ادبي مسئلا پيش ڪيا. ڪجهه باشعور پڙهندڙن ’مهراڻ‘ جي ڇپيل مواد مان غلطيون ڪڍي انهن تي صحتمند تنقيد ڪئي. هڪ انتهائي ذهين ۽ فراخدل ايڊيٽر جي حيثيت ۾ لالچند اهڙن خطن ۽  مضمونن کي ’مهراڻ‘ ۾ نمايان جڳهه (Coverage) ڏيندو هو. مهراڻ 1947ع جي آگسٽ واري شماري ۾ هن صفحي 41 تي هڪ نوٽ لکي، هڪ اهم تنقيدي نقطي جي نشاندهي ڪندي هيءَ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي:

”’غلطيون دور ڪريو‘ جي سري سان اڃا ڪيترو مواد آيل آهي. وڏو سارو مضمون اسان جي بورڊ جي وائيس چيئرمن مسٽر ڀيرومل مهرچند جو لکيل آهي. انهي باري ۾ ٻيو مضمون اڄ اسان جي محترم دوست ۽ مضمون نگار پروفيسر نبي بخش بلوچ وٽان آمريڪا مان پهتو آهي. اسين اهو سمورو مواد ٿورو ٿورو ڪري ’مهراڻ‘ ۾ درج ڪري ڇڏينداسون. ٻيا صاحب به ڀل هن ڏس ۾ طبع آزمائي ڪن. اسان وٽ جاءِ جي تنگي ڪانهي. تنقيد علم ادب جو مکيه جزو آهي. تنقيد جي ذريعي ئي علم ۽ ادب  اوج پائيندو.“

لعلچند جي ايڊيٽريءَ واري ’مهراڻ‘ جي پهرئين شماري، جنوري سن 1946ع ۾ خاص خاص مضمون ڊاڪٽر دائودپوٽي جو ”ادبي سنگت“، آغا تاج محمد جو ’باهمي اتحاد‘ ۽ شيوارام لالا جو ’روهڙي جو راز- شهباز بيدل بادشاهه‘ هئا. ساڳئي پرچي ۾ مولانا عبدالڪريم چشتي جو ”سنڌي ٻولي“ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو سنڌي لغت ٺاهڻ جي اصولن بابت خط هئا، جيڪي منگهارام ملڪاڻي چواڻي ”سنڌي زبان جي سڌاري ۽ واڌاري بابت سهڻا مضمون هئا.“ (منگهارام ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ، ص 279)

اپريل 1946ع واري مهراڻ ۾ قابل ذڪر هي مضمون هئا: آغا تاج محمد جو ”اسان جي سنڌڙي“ ۽ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جو ’اتحاد جا طريقا‘ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ’گمنام دهقاني شاعر‘، قسط اول. ساڳئي پرچي ۾ اداري پاران ’تعليم‘، ’سنڌ جا نظارا‘ (کيرٿر)، ’سنڌي ڪافي‘ ۽ ’قلمي نسخن جي ڳولا ۾‘ جهڙا ’ادبي کوجنا وارا‘ ايڊيٽوريل پڻ شامل هئا.

مئي، جون، جولاءِ 1946ع واري شماري ۾ خاص مضمون صوفي قلندر بخش جو، سومرن جي تاريخ جي ماخذ بابت هو، جنهن جو عنوان هو ”سنڌ جي هڪ پراڻي تاريخ جا ڪي ورق“. ساڳئي پرچي ۾ شاهه صاحب تي ٻه عالماڻا تحقيقي مقالا ديوان سوڀراج نرملداس جو ’شاهه جو طالب‘ ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جو ’شاهه: فطرتي شاعر‘ پڻ ڇپيا هئا. ساڳئي شماري ۾ سير ۽ سفر تي ٻه دلپذير مضمون شايع ٿيا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ’بلوچستان جا نظارا- لس ٻيلي جو سفر‘ ۽ ڄيٺي خوبچند جڳتياڻيءَ جو آمريڪا ۽ نيويارڪ جي زندگيءَ بابت ’پٽ جو پيءُ ڏانهن خط‘. آگسٽ- سيپٽمبر- آڪٽوبر 1946ع واري پرچي ۾ هڪ پرمغز ليک ’منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي، جي عنوان سان شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي نثر جي هن ڪلاسيڪل نثرنگار جو مختصر تعارف ڪرايو ويو. ساڳئي پرچي ۾ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند جا ٻه بهترين مضمون شايع ٿيا. ’دال مصالحو چٽڻي سان‘ ۽ ’تيراندازي جي تاريخ‘. هنن مضمونن سان ڪاڪي ڀيرومل جي زبانداني ۽ اشتقاقي ڄاڻ جي پروڙ ٿي پئي (منگهارام ملڪاڻي، ايضاً) ساڳئي شماري ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو مقالو به ڇپيل آهي، جنهن جو عنوان هو: ”سنڌي ٻولي جي عربي آئيويٽا“. فاضل مقاله نويس سنڌي آئيويٽا ٺاهڻ جي ڏس ۾ سر بارٽل فريئر، بي.ايڇ.ايلس ۽ ننديرام ميراڻيءَ جي ڪاوشن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. خوبچند جڳتياڻيءَ جو نثر تي مضمون پڻ شايع ٿيو، جنهن ۾ فاضل ليکڪ سنڌي نثر نويسيءَ جو هڪ اجمالي اڀياس پيش ڪيو آهي. هن ئي پرچي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سفرنامي ”آمريڪا جي سفر“ جي پهرين قسط جو آغاز ٿئي ٿو، جيڪا ڪراچيءَ کان بمبئي، ڪولمبو، منيلا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان سئن فرانسسڪو تائين ڏور اوڀر جي دلچسپ احوال تي مشتمل آهي.

آڪٽوبر، نومبر 1946ع واري شماري ۾ ٻن مهان سنڌي عالمن ۽ ليکڪن جي ورسين جي موقعن تي ٿيل تقريرون شايع ٿيون هيون، جيڪي اعليٰ معيار جي انشاپردازيءَ جو مرقعو آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ورسيءَ تي ڄيٺمل پرسرام جي عالماڻا تقرير ”شاهه لطيف: سنڌ جو رهبر“ ۽ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي تقرير ”شاهه ڀٽائيءَ جو شاهانه ڪلام“ ۽ عبدالله چنا جي ”شاهه جي رسالي ۾ حقيقت جا راز“، مرزا قليچ بيگ جي ورسي جي موقعي تي خوبچند ايسرداس جڳتياڻيءَ جي تقرير، ”مرزا قليچ بيگ: سلاست جو سائين“ ۽ محمد يعقوب جي ”مرزا قليچ بيگ: نثر نويس“.

ڊسمبر 1946ع ۽ جنوري، فيبروري 1947ع واري گڏيل پرچي ۾ ڪاڪي ڀيرومل جا ٻه مضمون شايع ٿيا هئا، ”سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت“ ۽ ”غلطيون دور ڪريو“. پهرئين مضمون ۾ ٻوليءَ جي سُڌاري لاءِ مفيد ۽ ڪارائتيون تجويزون ڏنل هيون ۽ ٻئي  ۾ غلط العام محاورا ڪيئن صحيح ٿين، تن جا ڪارآمد اصول مثالن سميت ڏنل هئا. لالچند امرڏني مل جو ”ساهت ۽ ادب ڇا آهي“ ۽ سوڀراج نرملداس جو ”سنڌ جو سنت سامي“ جهڙا فاضلانه ادبي مضمون پڻ هن پرچي ۾ شايع ٿيا هئا. ساڳئي پرچي ۾ بيگم عبدالله چنا جو ”انصاف ۽ احسان“ ۽ عطا حسين شاهه موسويءَ جو ”ڪوڙ“ پڻ اثرانگيز ۽ قدري ڳـُـوڙها مضمون هئا.

سيپٽمبر 1947ع واري شماري ۾، جيڪو آزاديءَ کان پوءِ پڌرو ٿيو، خاص مقالو ڀيرومل مهرچند جو ”حل طلب لاءِ حل“ ڇپيو هو، جنهن ۾ هن بحيثيت ماهر لسانيات جي سنڌي شعر مان ڪيترن ئي ڏکين لفظن جون بنيادي معنائون سنسڪرت ۽ پراڪرت مان اخذ ڪري، عام فهم ٻوليءَ ۾ سمجهايون. آڪٽوبر- نومبر- ڊسمبر 1947ع جي گڏيل پرچي جو بهترين ادبي مقالو هو عثمان علي انصاريءَ جو ”سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ڇپايل شاهه جو رسالو“، جنهن ۾ هن شاهه شناسيءَ جي معين ماپن مطابق سر مومل راڻي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪيل تشريح سان مـُـدلل اختلاف ظاهر ڪيا ۽ پنهنجي تنقيدي، لساني ۽ ادبي شعور موجب صحيح معنائون ڏنيون. ساڳئي شماري ۾ ٻيا به ڪيترا ئي عمدا مضمون شامل هئا. روچيرام سڏاڻيءَ جو ”ساهتيه جي سونهن“ ۽ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو ”شاعر عاجز“، رامنداس لکاڻيءَ جو ”سنڌ جا گاهه“ (64 نمونا) ۽ ڪشنچند جيٽلي جو تاريخي مضمون ”پڻي ۽ بلوچستان“. اِهو هو مهراڻ جي ادبي مضمونن جو هڪ اجمالي ۽ عمومي جائزو، جيڪو لالچند جي دور تي محيط آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو رايو آهي ته مهراڻ جا اهي پرچا ادبي معيار ۽ تحقيق جي خيال کان ڪمائتا آهن. انهيءَ ڪري بمبئي يونيورسٽيءَ هن مخزن کي تسليم ڪري، بي-اي ۽ ايم- اي جي شاگردن کي مطالع ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

1946ع ڌاري سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ سنڌي لغت تيار ڪرائڻ جي رٿا به هٿ ۾ کنئي. اِن لاءِ سنڌي عالمن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي. لالچند امرڏنومل ۽ ڀيرومل مهرچند به ان ڊڪشنريءَ جي تحقيقي  ڪميٽيءَ ۾ هئا. اِن ڏس ۾ پهرين چئن حرفن (الف، ب، ٻ، ڀ) تائين ڊڪشنري تيار ٿي چڪي هئي، پر ڪن رڪاوٽن پوڻ سببان ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو.“ (ڊاڪٽر جيٽلي، لالچند اَمرڏنومل، ساهتيه اڪئڊمي، دهلي، ص 48)

’مهراڻ‘ جي مايه ناز مدير مولانا غلام محمد گرامي، لالچند کي سنڌ جو مشهور اهل قلم، پخته فنڪار، سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ، ظرافت آميز عبارت جو صاحب ۽ گهرو نقش چٽيندڙ خاص اسلوب ۽ اِسٽائيل جو موجد ڪري سڏيو آهي. (جيٽلي، ايضاً). پنهنجي عظيم پيشرو کي خراج عقيدت پيش ڪندي گرامي صاحب لکي ٿو ته: ”جديد سنڌي ادب جي ٻين بيشمار اعليٰ هندو خادمن سان گڏ ٽن هندو سڄڻن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ لالچند امرڏنومل جڳتياڻي. اهي ٽئي صاحب سنڌي زبان لاءِ  ڄڻ ابو امان هئا، جن سنڌيءَ کي پالي، پختو ڪيو ۽ سينگاريو. هرهڪ پنهنجيءَ جاءِ تي بيمثال اديب جي حيثيت رکي ٿو. لالچند هڪ جانٺو، قدآور، مضبوط، تندرست ۽ توانو مرد هو. کلمک، خوش ذوق، کاڌِي پوش، آزاد خيال ۽ محبتي مڙس هو. هو حق گو هو ۽ يار ويس ماڻهو هو. هڪ ماستر ٿي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ هڪ بلندپايه اديب ۽ سنڌي فنڪار ۽ مصنف جي حيثيت سان هي لوڪ ڇڏيائين.“ (جيٽلي ايضاً).

25 اپريل 1954ع تي سنڌيءَ جي هڪ نامور نثرنگار آسانند مامتورا، لالچند جي مرتئي تي هنن وجدآور شاعراڻن خيالن جو اظهار ڪيو: ”شري لالچند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جي سرڳواس ٿيڻ سان سنڌي نثر جو ڪلاسيڪل دور ختم ٿيو. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ اهو دور وڏي اهميت رکي ٿو ۽ انهي دور ۾ سنڌي نثر ڦلجي ڦولجي بالغ ٿيو ۽ انهيءَ دور جو آخرين ستارو اڄ اکين کان اوجهل ٿي ويو. آئينده جون پيڙهيون ان تي فخر ۽ ناز ڪنديون. اڄ جڏهن مان سندس جيونيءَ ۽ رچنائن تي ويچار ڪريان ٿو، تڏهن منهنجي اڳيان هن ورش جو پراچين نام کٽيو ورکش بڙ اچيو بيهي. قدآور، اَڏول، اُن جون ٽاريون آسيس ۾ چوڌاري پکڙيل. بڙ جي وڻ جيان هن جون پاڙون به پرٿويءَ ۾ کتل هيون. انهيءَ ڪري اُن جا ساهتيڪ اُڌاءُ سدائين حقيقت سان همساز هوندا هئا. انهيءَ وشال ورکش جي سايي هيٺ، اڌ صدي لاڪر اسين سنڌي پليا آهيون.“ (مامتورا آسانند: شري لالچند امرڏنومل، مضمون، ’هندواسي‘، 25 اپريل، سن 1954ع، ص 3)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com