سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :26

قمر شهباز

ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ، ڪنهن کان ڌار ٿيڻ

جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي.

بس، اڄوڪيءَ رات جو سفر باقي آهي. صبح ٿيندي ئي وڏن وڏن منارن، خوبصورت عبادتگاهن ۽ چهل پهل سان ڇلڪندڙ بازارين وارو عدن اسان جي سامهون هوندو.

” جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي.

فقط هڪ رات جي ئي ته ڳالهه آهي - ۽ اها رات هميشه جيان لهرن ۾ لڙهندي ئي گذري ويندي - موسيقيءَ جي تِکَ ۾ ترندي ئي گذري ويندي -آڪاش جي اک پوريندي ئي گذري ويندي.

هينئر جڏهن سج دُور دُور تائين ڦهليل اٿاهه سمنڊ جي پرينءَ ڀر، هيٺ، ڪنهن اڻڄاتل گهرائيءَ ۾ گم ٿيندو ٿو وڃي، ۽ اولهه طرف ڄڻ ڪنهن آڪاش جي ريشمي پردن ۾ آگ دکائي ڇڏي آهي، تڏهن مان ”سرڪيشيا“ جي سڀ کان مٿانهين طبقي تي ويهي، لائيف - بوٽ سان مٿو ٽيڪي، هي سٽون لکي رهيو آهيان.

منهنجي چوگرد نيرو نيرو، گهرو گهرو، بي انت سمنڊ ڦهليل آهي، ۽ منجهس آهن بيچين روحن جيان تڙپندڙ، ڦٿڪندڙ لهرون. ٺيڪ اهڙيون ئي لهرون مون ٻئي نمبر ڪئبن واريءَ ”مارلن“ جي نيرين نيرين، گـَـهرين گَهرين اکڙين ۾ ڏٺيون آهن - ان وقت به، جڏهن ”سرڪيشيا“ بمبئيءَ جي ڪناري کان جدا ٿي رهيو هو، ۽ گذريل رات به، جڏهن بال روم ۾ رقص ڪندي سندس نيڻن مان نير اٿلي پيو هو.

هوءَ ويهن ورهين جي نوجوان برطانوي ڇوڪري آهي. سونهري وارن، گلابي چپن ۽ حورن جهڙي تقدس جي مالڪ ”مارلن“ کي مون سڀ کان اول بمبئيءَ جي بندر تي ڏٺو. ان وقت شام-پري پنهنجا پر ڦهلائي رهي هئي، ۽ ڪناري تي ماڻهن جو هجوم مسافرن کي الوداع چوڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو هو. هـُـو زور سان هٿ لوڏي ”خدا حافظ“ چئي رهيا هئا، ۽ جهاز جي ٽنهي طبقن تي بيٺل، رنگبرنگي ڪپڙن ۾ ملبوس مسافر کلي کلي کين جواب ڏيئي رهيا هئا. هڪ مسلمان نوجوان پنهنجي ٻڍيءَ ماءُ کي الوداع چوندي، کيسي مان رومال ڪڍي کيس اڇلي ڏنو، ۽ هن اهو کڻي پنهنجين وهندڙ اکين تي رکيو. مون ڏٺو، نوجوان ڪوٽ جي ٻانهن سان اکيون اگهي ڇڏيون.

ڪنڊ ۾ هڪ ڪاليجي، ريلنگ تي نئڙي، هيٺ بيٺل دوستن کي چرچا ٻڌائي رهيو هو. منهنجي ڀرسان بيٺل هڪ سک، دوربين مان هڪ خوبصورت جوانڙيءَ کي جاچيندي، مون کي آهستي آهستي ٺونٺ هڻندي چيو، ”ونڊرفل شِپ! بيوٽيفل لائيننگس! اِزنٽ اِٽ؟“

مون ڏانهس نهاري مرڪي ڏنو.

ڪجهه پرڀرو هڪ آمريڪي جوڙو، گلن جا هار ڳچيءَ ۾ پائي، ڳل ڳل سان ملائي، هيٺ بيٺل ڪنهن دوست لاءِ ’پوز‘ ڪري رهيو هو. ڪئميرا مان روشنيءَ جو هڪ شعاع نڪتو.

”ٿئنڪس –“

”ٿئنڪس اي لاٽ.“

ايتري ۾ ٻه ننڍڙا ٻارڙا، ريڊ انڊين جهڙا ڪپڙا پايو، مٿي تي کنڀن جو ڇٽ، هٿ ۾ ڪوڙا پستول، وات سان ”بينگ – بينگ“ ڪندا، ٽپندا ڪڏندا، ڊوڙ پائي، کن ۾ ميڙاڪي اندر گم ٿي ويا، ۽ ڄڻ ٽهڪن جو درياءُ اٿلي پيو.

تڏهن اوچتو منهنجي نظر مارلن تي پئجي وئي. هوءَ ريلنگ جي سهاري خاموش بيٺي، ماڻهن جي انبوهه ۾ ڪنهن کي تلاش ڪري رهي هئي. وار وکريل، ۽ اکڙين ۾ نراشا. کيس الوداع چوڻ وارو ڪير به نه هو. ٽهڪن جي هن بيپناهه طوفان ۾ هوءَ ئي اڪيلي مايوس دل پئي ڏٺي - اڪيلي، اداس، خاموش.

۽ پوءِ جڏهن جهاز چـُـرڻ لڳو، تڏهن شَپ ڪري هڪ ناريل اچي پاڻيءَ ۾ ڪِريو. منهن ورائي ڏٺم، سامهون هڪ هندو عورت، گهونگهٽ ڪڍي، هٿ جوڙي، پرارٿنا ڪري رهي هئي. ڪناري وارن آخري وار هٿ لوڏي، ٽهڪ ڏيئي، وڇڙندڙ ساٿين کي الوداع چئي. پر هوءَ ائين ئي بيٺي، چپ چاپ، ڪنهن لاءِ واجهائيندي رهي.

ڪناري وارا اکين کان اوجهل ٿيندا ويا. سندن آواز لهرن جي گوڙ ۾ گم ٿيندو ويو. مسافر پنهنجي پنهنجي ڪئبن ۾ هليا ويا - ۽ جهاز هڪ سرڪش روح جيان بي انت سمنڊ ۾ ڪاهي پيو. لهرن جي پهاڙن سان ٽڪرائيندو، جهومندو، جهاڳندو، اڳتي وڌندو ويو.

” پوءِ، تڏهن ڪنهن جي سُڏڪن جو آواز ڪـَـن پيم. منهن ورائي ڏٺم، منهنجي ڀر ۾ مارلن روئي رهي هئي.

خوبصورت هٿن ۾ خوبصورت منهن لڪائي، سـُـڏڪي سـُـڏڪي روئي رهي هئي - ڄڻ سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو هجي - ڄڻ دکندڙ جبل مان ”لائو“ وهي نڪتو هجي - ڄڻ دل جا زخم اُٿلي پيا هجنس.

هوءَ روئي رهي هئي، ۽ مان بـُـت بنيو کيس ڏسي رهيو هوس.

اوچتو اسپيڪرن ۾ موسيقي مچلڻ لڳي. بال روم جي رنگين ڪاون پٺيان پاڇا ٿڙڪڻ لڳا. پر هي سڏڪا وڌندا ئي ويا.

تڏهن مان اڳتي وڌي وٽس هليو آيس. رومال سان سندس لڙڪ اگهي ڇڏيم - پر سندس دل جا زخم چيٺي نه سگهيس. هوءَ منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي، جهڙيءَ طرح ڏکويل ٻار ماءُ جي گود ۾ سُڏڪندو آهي. ٺيڪ اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ ريت شيلا سـُـڏڪندي چيو هو، ”مون کي وساري ڇڏجانءِ.“

شيلا!

شيلا، جنهن کي مذهب جي ديوار مون کان ڌار ڪري ڇڏيو هو، ۽ جنهن کي وسارڻ لاءِ مان کانئس دور وڃي رهيو هوس - ۽ جا شايد هينئر ڪنهن ٻئي جي پلئه ۾ ٻڌجي چڪي هوندي، يا شايد ساڻس گڏ باهه جي چوڌاري ڦيرا پائي رهي هوندي، يا وري شايد گلن جي سيـڄ تي ڳٺڙي بنجي، سهميل سهميل نگاهن سان سندس انتظار ڪري رهي هوندي، يا شايد دل جي ڪنهن اُجڙيل ڪنڊ ۾ ڇـُـپيل، پنهنجي ”ڪموءَ“ کي ياد ڪري رهي هوندي - شايد - شايد-

۽ مارلن منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي روئي رهي هئي. سندس گرم گرم ساهه تکو کڄي رهيو هو.

مون سوچيو، ’هيءَ به ته شيلا آهي - ڌارئي مذهب جي ڇوڪري - شيلا!‘

تڏهن مون سندس وار سنواريندي، هوريان چيو:

”شيلا،“

هوءَ چُپ رهي.

”مان توکي وساري نه سگهيس –“

هن جا سڏڪا بند ٿي ويا، پر منهنجو آواز ڀرجي آيو.

”مان توکي وساري نه سگهيس - مان توکي وساري نه سگهيس، شيلا!”

”پر مان ته مارلن آهيان!“ هن هٻڪندي چيو.

”نه، تون شيلا آهين. تون شيلا آهين، منهنجي وڇڙيل شيلا!“

۽ پوءِ اسين گهڻي دير هڪٻئي کي تڪيندا رهياسين، ڳوليندا رهياسين.

هوءَ برمنگهم جي رهاڪو هئي. ماءُ - پيءُ جي اڪيلي ڌيءُ. پڻس کيس ”جان“ سڏيندو هو، ڇو ته کيس ڪوبه ’جان‘ ڪونه هو. برمنگهم ۾ ئي هوءَ پڙهي ۽ اتي ئي وڏي ٿي - ۽ اتي ئي سندس ملاقات راج سان ٿي.

راج هندستاني هو. تعليم سانگي انگلينڊ آيل هو، پر مليس مارلن. ٻيئي مليا ته ڄاتائون ڄڻ جنمن کان هڪٻئي جا ڳولائو هئا. ڪارين اکين، وکريل وارن ۽ ڪشادي سيني وارو راج، مارلن جي لونءَ لونءَ ۾ سمائجي ويو - ائين، جيئن ويڻا ۾ راڳ سمايل هوندو آهي، جيئن چنڊ ۾ چانڊوڪي ۽ گل ۾ خوشبوءِ.

رات جو جڏهن هٿ هٿ ۾ ڏيئي، ٻيئي گڏجي جهومندا نڪرندا هئا، تڏهن آڪاش سندس راهه ۾ هر طرف چانڊوڪيءَ جي چادر ڦهلائي ڇڏيندو هو، ۽ زمين جا ننڍڙا ننڍڙا، نازڪ نازڪ، خوشبودار ڦـُـلَ سندن آجيان لاءِ اُسري ايندا هئا.

اهڙين ئي لڀائيندڙ راتين ۾ هنن هميشه هميشه لاءِ هڪٻئي جو  ٿي رهڻ جو قسم کنيو هو - ۽ چنڊ ۽ تارن کي پنهنجي پاڪ وعدي جو شاهد بنايو هو.

سائي سائي گاهه ۽ ڊگهن ڊگهن وڻن جي وچ ۾ وڪوڙيل ڍنڍ ۾ بوٽنگ ڪندي، هڪ ڏينهن هن چيو هو:

”مان دور دراز جو رهاڪو آهيان، مارلن! منهنجو ديس آهي هندستان، جتي تاج محل آهي، ۽ جتي موهن جو دڙو آهي. منهنجا مارو سادا، سٻاجها ۽ اٻوجهه اٿئي. منهنجي ديس ۾ توکي هتان جهڙيون رنگينيون نظر نه اينديون. دل بهلائڻ جا هيترا مانڊاڻ به اتي ڪونهن. اتي ته رڳو ڏٻرا ۽ ڏتڙيل جسم آهن - ۽ منجهن آهن ٽمڪندڙ، آسائتيون اکيون. ويچارا پورهيت، ڏينهن رات ڳڀي جي ڳولا ۾ مگن ڏسندينءَ. ’آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ وارو لقاءُ اٿئي. پر ترس، مِٺي، اتي هڪ ڳالهه ٻي به آهي، جا هتي اڻلڀ پيئي ڀانئجي: ها، اُتي اَمر پريم لهندينءَ! ڏکيا آهيون، بکيا آهيون، جيوت جنجال اٿئون، پر الفت جا سـَـو اَکٽ ڀنڊار اٿئون. هاڻي چئه، چئه، مارلن، ته ايترو ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ به مون سان هلندينءَ؟“

جواب ۾ صرف مارلن جي خوبصورت چپڙن تي هڪ هلڪي مرڪ ڪُڏي آئي - مرڪ، جنهن ۾ سوين افسانا هئا، وفا هئي، آٿت هو، قرب هو.

۽ پوءِ هڪ ڏينهن ان مرڪ جي ئي سهاري، کيس ساڻ ڪري، راج هندستان هليو آيو. ۽ مارلن، جيون - ساٿيءَ سان توڙ نباهڻ لاءِ پنهنجو سڀڪجهه تياڳي، نئين زندگيءَ جي خوبصورت خوابن ۾ گم، هڪ بلڪل ئي نئينءَ دنيا ۾ هلي آئي.

پر راج سندس ساٿ ڏيئي نه سگهيو. موت جي مضبوط چنبي کيس وفا جي وعدي پوري ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. هو هليو ويو -

دور، گهڻو ئي دور، پنهنجي ابدي ديس.

مارلن سندس چِتا کي جلندو ڏٺو. پر اها چِتا ته سندس جيءَ ۾ به جلي چڪي هئي. شام جي هلڪيءَ اونداهيءَ ۾ جڏهن چـِـتا جي آگ اُجهامي ويئي ۽ هلڪي رک هوا ۾ اڏامڻ لڳي، تڏهن کيس محسوس ٿيو ته هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ هاڻ سندس ڪير به ڪونه هو. هوءَ اڪيلي هئي، بلڪل اڪيلي!

تنها، ۽ پوءِ، تڏهن، هن جي اکڙين ۾ ڳوڙها تَري آيا. هوءَ سـُـڏڪي سـُـڏڪي روئڻ لڳي. - ۽ هوءَ اڃا به سڏڪي رهي هئي. مون ڳوڙهن لڪائڻ ڪاڻ منهن ڦيري ڇڏيو. تڏهن، اوچتو ڪٿان پري کان پنهنجو ئي لرزندڙ آواز ٻڌم، جو چئي رهيو هو، ”تون ديوي آهين! مارلن، تون ديوي آهين، ديوي آهين، ديوي!“

” ان رات مان گهڻيءَ دير تائين پاسا ورائيندو رهيس. پوءِ جڏهن نا اُميد ٿي ڊيڪ تي هليو آيس، تڏهن سمنڊ ۾ طوفان اچي چڪو هو.

وڏيون وڏيون خوفائتيون لهرون زور زور سان جهاز سان ٽڪرائجي رهيون هيون، ۽ جهاز ڪاغذ جي ٻيڙيءَ جيان ٿڦيڙا کائيندو، لڏندو لمندو، اڳتي وڌي رهيو هو.

تڏهن، اوچتو، ڊيڪ جي ٻئي ڇيڙي تي مون ڪنهن عورت جو ڪارو پاڇو ڏٺو. هوءَ اونداهيءَ رات ۾، سمنڊ اندر آيل طوفان کي گهوري رهي هئي. سندس وار ڇُڙيل هئا، ۽ مون کي ائين لڳو، ڄڻ ڪو وڇڙيل روح اوندهه جي اوڙاهه ۾ روشنيءَ جي ڪنهن هلڪي ڪـِـرڻي لاءِ تڪيندو هجي.

مان ڪنڌ جهڪائي، پيرُ پيرَ ۾ پائي، پنهنجي ڪئبن ۾ موٽي آيس. نه ڄاڻان ڇو، مون کان مارلن جو ڏک ڏٺو نٿي ويو. شايد ان ڪري جو هوءَ عورت هئي، ۽ سندس اکين ۾ آنسو هئا، يا وري شايد ان ڪري، جو هوءَ هر گهڙيءَ مون کي شيلا جي ياد ڏياري رهي هئي.

پر هاڻ ته شيلا به پرائي ٿي چڪي هوندي! سندس هٿن ۾ ميندي رچي هوندي، سينڌ ۾ سهاڳ جو سندور ڀريو ويو هوندو، ۽ هوءَ سجايل سيـڄ تي ويڙهي سيڙهي، ڪنهن جو انتظار ڪري رهي هوندي.

’هونهه-‘ مون منهن ڦيري ڇڏيو. ’هوءَ مون کي وساري ڇڏيندي، وساري ڇڏيندي - هميشه هميشه جي لاءِ وساري ڇڏيندي.‘

۽ شايد اهوئي سوچيندي، مارلن جاڳندي رات گذاري هئي. صبح جو ورانڊي مان لنگهندي، اوچتو هوءَ اچي سامهون بيٺم. سندس اکين جي لالاڻ ٻڌائي رهي هئي ته سندس آرام ڦُرجي چڪو هو.

”مارلن-“ مون آهستي چيو.

هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. اکڙين جون ٻرندڙ ٻه ڏياٽيون کن پل لاءِ ڄڻ اُجهامي ويون.

”مارلن!“

هوءَ خاموش رهي.

”ڪيسين ائين خاموشيءَ سان سهندي رهندينءَ، چري! ڪيسين ماضيءَ جي اڻپورن خوابن سان توڙ نباهيندي رهندينءَ؟ ڪيسين پنهنجي خوبصورت جسم ۽ پاڪ روح تي جبر ڪندي رهندينءَ؟ ڪيسين، ٻڌاءِ، ڪيسين؟“

”جيسين يادون زندهه رهنديون“، ڦڙڪندڙ چپن وراڻيو.

”يادون -؟ يادون ته ڀُلائڻ لاءِ هونديون آهن، ڳهيلي!“

”پر جي وس ڪئي به نه وسرن؟“

”اهو تنهنجو سوداءُ آهي.“

”ڪاش، اهو صرف سوداءُ ئي هجي!“

منهنجي دل ۾ درد جي هڪ لاٽ اُڀري، ۽ اکيون ڀرجي آيم. خوشبودار گلن جي سيـڄ تي ليٽيل شيلا، هڪ دفعو وري منهنجي ذهن ۾ چمڪي اٿي هئي.

”ڪنهن کي وسارڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي!“

مون منهن ڍڪي ڇڏيو، پر ٿڙڪندڙ چپن کي روڪي نه سگهيس. سوچيم، ’ڪاش، اهو صرف سوداءُ ئي هجي!‘

”ڇا ٿا سوچيو؟“ هن پڇيو.

”سوچيان ٿو، حياتي ٿوهر جو وڻ آهي.“

”ڪِنِ جي لاءِ.“

”ها مارلن، ڪن جي لاءِ، ۽ شايد اسين ئي اهي ’ڪي‘ آهيون. اسين، جي صرف وعدن نڀائڻ لاءِ ئي زندهه رهون ٿا، لڙڪن کي لڪائڻ لاءِ، ۽ جيئون ٿا زندگيءَ جي زهر پيئڻ لاءِ. اسان جا دامن نراشا جي ڦولن سان ڀريا ويا آهن، ۽ اسين انهن تي ئي راضي آهيون، ڇو ته اهي قسمت جا تحفا جو آهن!“

هوءَ يڪٽِڪ مون کي ڏسندي رهي.

”ڪڏهن سوچيو اٿئي، مارلن.... ته –“

”ڇا؟“

”ته –“ مان هن جي اڃا به ويجهو اچي ويس. ڏڪندڙ هٿن سان سندس جهڪيل منهن کي مٿي کڻي، سندس اکين ۾ گهوري ڏٺم، جي اداس هيون، سندس چپ، جي ڪنبي رهيا هئا، ۽ سندس وار، جي اڻڀا هئا.

تڏهن، اوچتو، دل جي ڪنهن اونداهيءَ ڪنڊ مان انهن چپن کي چمڻ جي خواهش اُڀري آيم - ۽ منهنجا چپ ڄڻ جلڻ لڳا. هوريان هوريان، مان انهن خوبصورت چپڙن کي ويجهو پوندو ويس - ويجهو اڃا به ويجهو: هن جو گرم ساههُ، هن جي بدن جي خوشبوءِ، هن جا ڏڪندڙ چپ - تڏهن مون هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪ ڏسي ورتا. منهنجي دل ۾ ڄڻ ڪجهه ڀـَـڄي پيو. هٿن جي گرفت ڍري ٿي ويئي ۽ هوءَ هلي ويئي، ۽ مان ڏاڪڻ ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳس.

منهنجي دل روئي رهي هئي. مون کيس چوڻ چاهيو هو ته ’جڏهن ٻه ستايل روح ملندا آهن، تڏهن هڪ نئين محبت جنم وٺندي آهي. نوان وعدا، نوان قول ۽ اقرار ٿيندا آهن. ماضيءَ کي وساري ڇڏڻ ئي سڀ کان وڏي دانشمندي آهي: زندگيءَ جو هر نئون لمحو پاڻ سان نئين زندگي ۽ نئين خوبصورتي آڻيندو آهي.‘ پر مان کيس ڪجهه به چئي نه سگهيس، ۽ هوءَ هلي ويئي.

ٻئي ڏينهن جهاز کي خوب سينگاريو ويو. ننڍڙن ننڍڙن رنگبرنگي بلبن جون جهالرون لڳايون ويون، سونهري ڪاغذ جا گل لڳايا ويا، ۽ بال روم ۾ خاص ”بال“ جا سانباها ٿيڻ لڳا، ڇو ته هڪ مسافر جوڙي، عدن ۾ لهڻ شرط ئي شاديءَ جو اعلان ڪيو هو.

هنن جي ملاقات جهاز ۾ ئي ٿي چڪي هئي، ۽ ان ننڍڙيءَ گڏجاڻيءَ ۾ هنن هڪٻئي کي جيون - ساٿي چونڊي ورتو هو.

پوءِ، جڏهن رات جي روشنيءَ ۾ موسيقيءَ جو درياءُ اٿلي پيو، تڏهن اهو خوش نصيب جوڙو، کلندو ڪڏندو، هڪٻئي جي گلي ۾ ٻانهون وجهي، جهومندو، فلور تي نچڻ لڳو. هو ٻئي خوبصورت هئا، نوجوان هئا، خوش هئا - ڄڻ بادلن جي ديس جا ٻه رهواسي - ڄڻ آزاد پکيئڙن جو ڪو جوڙو.

۽ مائيڪ تي ڪوئي ڳائي رهيو هو:

Put your head on my shoulder,

And, darling, say that you are mine!

ان وقت مون پنهنجي ڀرسان ويٺل مارلن ڏانهن نهاريو.

هوءَ خاموش، خالي خالي نگاهن سان ڪنوار کي تڪي رهي هئي. هن جا وکريل وار سندس اکڙين تي وري آيا هئا، ۽ سندس اداس چپ مرڪ ڀُلائي، نينهن نڀائي رهيا هئا-

Put your head on my shoulder,

مون ڏٺو ته هن جون اکيون ڀرجي آيون، ۽ ٻه ننڍڙا ننڍڙا چمڪندڙ لڙڪ سندس نيڻن مان وهي نڪتا.

ساز ۽ آواز جون لهرون ماٺيڻي سمنڊ جي مٿاڇري تي ڦهلجنديون رهيون - ڦهلجنديون رهيون - ۽ مارلن جا چپ ڦڙڪندا رهيا، نيڻ ٽمندا رهيا.

And, darling, say that you are mine!

And, darling, say that you are mine!

And, darling, say that you are mine!

----darling----you are mine!---your

head, ----darling, ---- mine ---- mine ---- mine ----

تڏهن، اوچتو مون هٿ وڌائي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هوءَ ڇرڪي اٿي. مان کيس ٻانهن کان گهليندو، فلور تي وٺي آيس. ساڄي ٻانهن مضبوطيءَ سان سندس چيلهه جي چوڌاري ورائي، کاٻو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيئي، مان سازن جي تال تي پير کڻندو رهيس.

هوءَ ڪجهه دير مون کي تڪيندي رهي. پر پوءِ سندس پير به چـُـرڻ لڳا. ٿڙندي ٿاٻڙندي، هوءَ به تال تي پير کڻڻ لڳي. سندس لڙڪ خشڪ ٿي چڪا هئا.

”مون کي معاف ڪج، مارلن!“ مون ڀڻڪندي چيو، ”مون کان تنهنجو غم سـَـٺو نٿو ٿئي، ڇو ته تون به گهائل آهين ۽ مان به گهائل - تون قسمت جي، ۽ مان زماني جو. اسان ٻنهي جو دکڙو ساڳيو ئي ته آهي!“

هوءَ منهنجي سيني ۾ منهن ڇـُـپائي، ٻڌندي رهي.

”اسان ٻنهي جي چپن تان مرڪ ڦُري ويئي آهي! زندگيءَ زهر کان سواءِ ڏنو ئي ڇاهي اسان کي؟“

هوءَ اڃا تائين مون کي تڪي رهي هئي.

موسيقي گونجندي رهي، پاڇا ٿڙڪندا رهيا - ٿڙڪندا رهيا،... ۽ پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو. ماڻهو اسان کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. اسان ٻنهي جي گلي ۾ گلن جا هار وڌا ويا. هڪ ڄڻي اٿي اسان جي صحت جو جام پيش ڪيو، ۽ ٻين سڀني گلاس ٽڪرائي زور سان پڪاريو:

”چيئرز!“

”چيئرز!“

۽ پوءِ، عورتن ۽ مردن جو انبوهه اسان جي چوگرد اٿي نچڻ لڳو.

مون مارلن کي هٿ کان جهلي ورتو - ڄڻ هيڏي ساري انبوهه ۾ سندس گم ٿي وڃڻ جو ڊپ هجيم.

هن زور سان منهنجين ٻانهن ۾ منهن لڪائي ڇڏيو، ۽ سـُـڏڪي روئڻ لڳي - شايد راج جي ياد جي ڪنهن گهرائيءَ مان اُڀامي اُٿي هيس.

تڏهن مون کي شيلا ياد اچي ويئي.

پر نه - شيلا ته منهنجين ٻانهن ۾ هئي!

۽ اها رات اسين ٻئي ڪيتري تائين ريلنگ جي سهاري بيٺا رهياسين. ٻنهي جي اکين ۾ آنسو هئا، ۽ دل ۾ جلن. عدن پهچڻ شرط اسين زندگيءَ جي سڀ کان مضبوط رشتي ۾ ٻَڌجي، هڪ ٿي وينداسين.

- ۽ اسان جو جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي. بس، اڄوڪي رات جو سفر باقي آهي. صبح ٿيندي ئي وڏن وڏن منارن، خوبصورت عبادتگاهن ۽ چهل پهل سان ڇلڪندڙ بازارين وارو عدن، اسان جي سامهون هوندو.

فقط هڪ رات جي ئي ته ڳالهه آهي - ۽ اها رات هميشه جيان لهرن ۾ لڙهندي ئي گذري ويندي، موسيقيءَ جي درياءَ ۾ وهندي ئي گذري ويندي!

                           (مهراڻ- 2/1962ع)

 امر جليل

پنجين موسم

مان تمام تيزيءَ سان ڊوڙندو پئي ويس - اوچتو ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌي بيهي رهيس.

ان وقت مان مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ گهاٽي جهنگ مان ڊوڙندو پئي ويس. مان انڪري پئي ڊوڙيس، جو موت منهنجو پيڇو ڪري رهيو هو. ڊاڪٽرن چيو هو، جيستائين ڊوڙندو رهندين، جيئرو رهندين. ڊوڙندين نه، ته وقت کان اڳ مري ويندين. مان وقت کان اڳ مرڻ نٿو چاهيان. مان مرڻ کان اڳ کليل اکين سان، جاڳندي هڪ خواب ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. اسلام آباد گڙنگ ڪامورن، سرمائيدارن ۽ اڇن ڪارن سفارتڪارن جو شهر آهي. اِن قسم جا ماڻهو گهڻو ڪري دل جي بيمارين، مٺن پيشابن ۽ ٿولهه جي مرضن ۾ مبتلا هوندا آهن. هو به موت جي ڊپ کان ڊوڙندا رهندا آهن. مان نه ڪامورو آهيان، نه سرمائيدار آهيان، ۽ نه ئي سفارتڪار آهيان. مان تنهن هوندي به ڊوڙندو رهندو آهيان. مان سمهي نه سگهندو آهيان، جاڳندو رهندو آهيان. مان کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا ۾ جاڳندو رهندو آهيان. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مون جهڙا سودائي وقت کان اڳ مري ويندا آهن: هو عارضي طرح مري ويندا آهن ۽ کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ هو ٻيهر جنم وٺندا آهن. مان ٻيهر جنم وٺڻ جي حق ۾ نه آهيان، خواب منهنجو نرواڻ آهي، مان هن جنم ۾ ئي کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جو خواهشمند آهيان- هڪ خواب خاطر مان ڪامورن جي امير پَروَر شهر اسلام آباد ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان.

هيءَ گذريل هفتي جي ڳالهه آهي. مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ گهاٽي جهنگ مان گذرندڙ پيچري تان مان ڊوڙندو پئي ويس. وچ جهنگ ۾ جتي بڙن جا قديم وڻ آهن، ۽ بڙن جي سـُـڪل ٽارين تي سج لٿي مهل چٻرا اچي ويهندا آهن، مون ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌو. ڊوڙندي ڊوڙندي مان بيهي رهيس، ۽ روئڻ جو آواز ٻڌڻ لڳس. ڪو هنجون هاري روئي رهيو هو، سـُـڏڪي رهيو هو. مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، پر روئڻ وارو شخص مون کي نظر نه آيو. مون دل ۾ الله سائينءَ جا لک ٿورا مڃيا ته روئڻ جو آواز ڪنهن مرد جو هو، عورت جو نه هو. عورت جو آواز هجي ها ته پوءِ مان جيڪر هڪ کن لاءِ اُتي نه ترسان ها، ۽ کيس ڏائڻ سمجهي ڀڄي وڃان ها. مان ڏائڻين کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. اسلام آباد ۾ آدمخورن کان سواءِ ڏائڻيون به چڱي چوکي تعداد ۾ آباد آهن. جڏهن به مان ڪنهن ڏائڻ کي بيوٽي پارلر ۾ داخل ٿيندي يا بيوٽي پارلر مان ٺهي ٺڪي ٻاهر ايندي ڏسندو آهيان تڏهن منهنجو ساهه وڃي پيرن ۾ پوندو آهي، ۽ پير وڃي ساهه ۾ پوندا آهن. مون جهنگ ۾ اڪثر چٻرن کي موت جي ڊپ کان ڊوڙڻ وارن جي حال تي کلندي ڏٺو آهي. جهنگ ۾ روئڻ جو آواز ٻڌي سوچيم، ضرور ڪو دانشور چٻرو آهي ۽ ماڻهن جي حال تان کلڻ بدران روئي رهيو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح چٻرن جي تاريخ ۾ نئين باب جو اضافو ڪري رهيو آهي.

مون ڪنڌ مٿي ڪري بڙ جي ٽارين تي ويٺل چٻرن ڏانهن ڏٺو. چٻرا هميشه وانگر کلي رهيا هئا. ڪوبه چٻرو مون کي روئيندي نظر نه آيو.

مون وڏي واڪ چيو، ”ابا روئڻا، تون ڪٿي آهين؟ مون کي نظر ڇو نه ٿو اچين؟“

سڏڪن هاڻو آواز آيو، ”افسوس، اي رحم دل انسان، تون مون کي ڏسي نه سگهندين.“

”ڇو ڏسي نه سگهندس؟“ پڇيم، ”تون جن، يا ٻي ڪا غيبات آهين ڇا؟“

”نه، مان جن وغيره نه آهيان،“ هن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو، ”تون جنهن وڻ جي ٿڙ وٽ بيٺو آهين، مان اُن ٿڙ جي ٻئي پاسي ويٺو آهيان.“

هڪڙي چٻري زور سان ٽهڪ ڏنو.

مون روئڻي کي چيو، ”تنهنجو ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ توکي ڏسڻ لاءِ مان ٿڙ جي پئي پاسي کان اچي رهيو آهيان، تنهنجي روئڻ مون کي به روئڻهارڪو ڪري وڌو آهي.“

مان ڦيرو کائي ٿڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس. مون کي تعجب ٿيو. ٿڙ جي ٻئي پاسي ڪوبه نه هو، روئڻ جو آواز بدستور اچي رهيو هو، مون کي ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ لڳي. چيم، ”اجايو چرچا نه ڪر، تون ته هتي به موجود نه آهين.“

جواب آيو، ”هينئر مان ٿـُـڙ جي ٻئي پاسي وڃي ويٺو آهيان. مان جهڙي به حال ۾ آهيان، تنهنجي سامهون نه ايندس. مان نه ٿو چاهيان ته تون مون کي ڏسين!“

”توکي ڇو نه ڏسان!“ کانئس پڇيم، ”يار، تون اُگهاڙو ته ناهين!“

”نه“، هن روئيندي چيو، ”مون کي ڏسي تون ڊڄي ويندين.“

”ڇو ڊڄي ويندس؟“ کانئس پڇيم، ”ٻن بدران چار ٽنگون اٿيئي ڇا؟“

هٻڪندي هٻڪندي چيائين، ”ها.“

پڇيومانس، ”تون ڪٿي ڪو جانور يا جانورن جو مائٽ ته نه آهين؟“

هن روئيندي چيو، ”مان هڪ خونخوار جانور آهيان.“

”ته پوءِ مڙيوئي خير آهي.“ چيم، ”ٽيليويزن تي روزانو قسمين قسمين جانور ڏسڻ کان پوءِ اسان جانورن کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي. توکي ڏسڻ لاءِ مان ٿڙ جي ٻئي پاسي اچي رهيو آهيان. خدا جي واسطي مون کي گوهي نه ڏجانءِ.“

مان هڪدم ڦيرو کائي ٿـُـڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس. ڏٺم ته، هڪ شينهن ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو ۽ هنجون هاري روئي رهيو هو. مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعي ڪنهن شينهن کي روئيندي ڏٺو هو. مون کي پنهنجين اکين تي اعتبار نه آيو. هونءَ به مون پنهنجين اکين تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هڪ دفعي اسلام آباد ۾ مون هڪ بي انتها سهڻي ڇوڪري گهمندي ڦرندي ڏٺي هئي. هوءَ هميشه پنهنجين ڇهن ڀينرن کان تمام ننڍي لڳندي هئي. مان مٿس اَڪن ڇڪن ٿي پيس. سوچيم، ڪجهه به ٿي پوي، نه مڙندس، ساڻس شادي ضرور ڪندس. پوءِ جڏهن پڇاڳاڇا ڪرايم، تڏهن خبر پيئي ته هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ نه هئي. هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي وڏي ڀيڻ به نه هئي. هوءَ ڇوڪرين جي ماءُ به نه هئي- ڇوڪرين جي ماءُ مري ويئي هئي. هوءَ ڇهن ئي ڇوڪرين جي ناني هئي، پر پريان کان ڇهن ئي ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ لڳندي هئي. مان سمجهان ٿو، ته ان ۾ سمورو ڏوهه ويچارين اکين جو به نه آهي. جڏهن به پنجين موسم ماحول تي ڇانئجي ويندي آهي، تڏهن اسين جيڪي ڪجهه ڏسندا آهيون، سو اصل ۾ اهو نه هوندو آهي، جيڪي اسان کي نظر ايندو آهي، ۽ اصل ۾ جيڪي ڪجهه هوندو آهي، سو اسان کي نظر نه ايندو آهي.

مون کي شينهن جي هئڻ تي شڪ ٿيڻ لڳو. سوچيم، هيءُ ضرور ڪو ٻڪر آهي، ٻڪر جو پٽ آهي، يا ٻڪر جو پيءُ آهي، ۽ شينهن جي کل پائي قاسائين کان بچڻ جي اٽڪل ڪري رهيو آهي. مان سوچ ۾ گم سم هيس، جو شينهن چيو، ”توکي چيو هوم نه، ته مون کي ڏسي ڊڄي ويندين.“

”اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي.“ چيم، ”اصل ۾ مان تنهنجي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“

پڇيائين، ”منهنجي باري ۾ ڇا پئي سوچيئه؟“

چيم، ”سوچيم پئي ته بظاهر ته تون ڏسڻ ۾ هوبهو ببر شينهن جهڙو آهين، پر اصل ۾ ڪير آهين؟“

گجگوڙ ڪندي چيائين، ”مطلب جي ڳالهه ڪر.“

چيم، سوچيان پيو ته سچ پچ شينهن آهين، يا شينهن جي کل ۾ ٻڪر آهين. ٻڪر جو پيءُ آهين، يا گدڙ آهين!“

”اجائي يخي نه هڻ،“ شينهن ناراض ٿيندي چيو، ”مان اصلي ۽ خالص شينهن آهيان. منهنجي کـَـل ڇڪي ڏس.“

”معاف ڪجانءِ يار اصلي شينهن،“ چيم، ”ڏوهه منهنجو به ڪونهي. اصلي شينهن کي مون هميشه پڃرن ۾ بند ڏٺو آهي. تون پهريون شينهن آهين، جنهن کي مون آزاد گهمندي بلڪ روئيندي ڏٺو آهي.“

”مون کي خبر آهي، مون کي خبر آهي،“ شينهن گجگوڙ سان روئڻ لڳو. چٻرا بڙ جي ٽارين تان اُڏامي ويا.

چيم، ”تنهنجي روڄ راڙي مان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو. تون جيڪڏهن سچو پچو شينهن آهين، ته پوءِ هڪ نه هڪ ڏينهن پڃرن ۾ بند ڪيو ويندين. تون وڌيڪ عرصي تائين آزاد گهمي ڦري، بلڪ روئي به نه سگهندين.“

”مان پڃري کان نه ٿو ڊڄان،“ شينهن پنهنجي چنبي سان نڪ اگهندي چيو، ”بس، مان سرڪس وارن کان، بلڪه سرڪس وارن جي رِنگ ماسٽر کان ڊنل آهيان-“

چيم، ”ڏاڍي عجيب ڳالهه ڪئي اٿئي-“

شينهن گجگوڙ واري نوع ۾ روئيندي چيو، ”مان رِنگ ماسٽر جي اشارن تي ڪرتب ڏيکاري نه سگهندس- اسٽول تي ويهي تماشاين کي سلام ڪري نه سگهندس. مان خودڪشي ڪندس.“

ان کان اڳ جو مان شينهن کي دلداري ڏيان، شينهن چيو، ”تون جيڪڏهن چاهين ته منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو.“

”ڪهڙي قسم جي مدد؟“ مون کانئس پڇيو.

شينهن چيو، ”مون کي خدا جي واسطي هڪ ٻڪر يا ڪنهن گدڙ جي کل آڻي ڏي.“

”ڇاجي لاءِ؟“ مون تعجب وچان پڇيو.

وراڻيائين، ”توهان ماڻهن جي معاشري ۾ گدڙن ۽ ٻڪرن جو قدر آهي، شينهن جو نه. مون کي خدا جي واسطي ٻڪر يا گدڙ جي کل آڻي ڏي. مان گدڙ يا ٻڪر ٿي جيئرو رهندس، ۽ قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪندس.“

شينهن جي قومي جذبي کان مان ڏاڍو متاثر ٿيس. چيم، ”تنهنجي قومي جذبي کان مان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان. تون دنيا جو واحد شينهن آهين، جنهن ٻڪر يا گدڙ ٿي قوم جي خدمت ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي. مان توکي سلام ٿو ڪريان، ۽ واعدو ٿو ڪريان ته سڀاڻي شام تائين توکي ٻڪر يا گدڙ جي کل آڻي ڏيندس ته جيئن تون قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهين.“

شينهن ڇڪي مون کي ڇاتيءَ سان لاتو، چيائين، ”مان تنهنجو انتظار ڪندس، پرديسي بابو!“

ان کان پوءِ اسان ٻنهي هڪ ٻئي کان خدا حافظ چئي موڪلايو.

مان وري جهنگ ۾ ڊوڙڻ لڳس. ڊوڙندي ڊوڙندي مان شينهن لاءِ ڪنهن ٻڪر يا گدڙ جي کل هٿ ڪرڻ لاءِ ترڪيبون سوچيندو رهيس. اوچتو مون کي ياد آيو ته ڪيترائي قاسائي منهنجي مامي جا جگري دوست آهن. کانئن هڪ ٻڪر جي کل هٿ ڪري سڀاڻي شام تائين شينهن کي پهچائيندس. مون سوچيو ته ان نيڪ ڪم ۾ مون کي دير نه وجهڻ گهرجي. پنجين موسم ۾ شينهن گهڻي وقت تائين آزاد گهمي نه سگهندا آهن. پنجين موسم ۾ شينهن پڃري ۾ بند ٿي ويندا آهن يا سرڪس وارن کي هٿ لڳي ويندا آهن ۽ پوءِ رنگ ماسٽر جي اشارن تي ڪرتب ڏيکاريندا آهن. مون کي شينهن جي حال تي ڏاڍو رحم آيو.

پنهنجي گهر بدران مان ڊوڙندو سڌو پنهنجي مامي جي گهر ويس. منهنجو مامو ٽن ٽنگن واري ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ آواز بند ڪري ٽيليويزن تان خبرون، يا خبرون ٻڌائڻ واريءَ کي ڏسي رهيو هو.

مون کي ڏسندي مامي پڇيو، ”اڄ وري ڪهڙي ماليخوليائي خبر کڻي آيو آهين؟“

”اڄ مون هڪ شينهن کي روئيندي ڏٺو آهي-“ ان کان پوءِ مون مامي کي شينهن سان پنهنجي ملاقات ۽ سموري گفتگوءَ جو سربستو احوال ڏنو.

”اجائي بڪ ٿو ڪرين.“ مامي سخت ڪاوڙ وچان چيو، ”جاڳندي هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا توکي پاڳل ڪري ڇڏيو آهي.“

”مان پاڳل نه آهيان، ماما!“ مون آهستي چيو، ”جڏهن پنجين موسم ايندي آهي، تڏهن ماڻهو مون وانگر محسوس ڪرڻ لڳندا آهن.“

”اڙي ڪهڙي پنجين موسم،“ مامي ڪاوڙ وچان ڪنبندي چيو، ”تون چريو ٿي پيو آهين. مان توکي گدو بندر موڪلي ڇڏيندس.“

”جيڏانهن وڻيوَ مون کي موڪلي ڇڏجو.“ چيم، ”پر، ڪيڏانهن موڪلڻ کان اڳ هڪ ٻڪر جي کل جو انتظام ڪري ڇڏجو. هڪ مظلوم شينهن سان مون کي واعدو نڀائڻو آهي-“

مامي ساڙ کائيندي چيو، ”اڙي، تنهنجي لاءِ ته ڪريان هڪ کوتي جي کل جو انتظام!“

”في الحال هڪ شينهن جي عزت جو سوال آهي،“ چيم، ”ڪيترائي قاسائي اوهان جا دوست آهن. روزانو اوهان سان ڪچهري ڪرڻ ايندا آهن، اوهين کين چوندا ته هو سولائيءَ سان هڪ ٻڪر جي کل جو بندوبست ڪري ڏيندا.“

اڙي هو سڀيئي ڊاڪٽر آهن، مامي ميز تي مڪ هڻندي چيو، ”هو قاسائي نه آهن.“

”هو سڀيئي قاسائي آهن.“ چيم، ”الاءِ ڇو، سڀيئي قاسائي اوهان کي ڊاڪٽر نظر ايندا آهن.“

”بدبخت، مان توکي قتل ڪري ڇڏيندس.“ مامي ڪاوڙ وچان چيو، ”منهنجن سمورن دوست ڊاڪٽرن چيو هو ته تنهنجو ڀاڻيجو چريو ٿي پيو آهي. کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏ.“

”اوهان جا قاسائي دوست جنهن جاءِ کي چرين جي اسپتال سڏين ٿا، سا جاءِ اصل ۾ چرين جي اسپتال نه آهي.“ ماما کي ٻڌايم، ”اُن هنڌ اوهان جا قاسائي دوست ڳئون، مينهون ۽ ٻڪر ذبح ڪندا آهن. اوهين سولائيءَ سان هڪ ٻڪر جي کل مون کي ڏياري سگهو ٿا. هڪ مظلوم شينهن اوهان کي به پنهنجين دعائن ۾ شامل ڪندو.“

ماما فون ڏانهن ويندي چيو، ”مان اجهو ٿو تنهنجي لاءِ ٻڪر جي کل جو بندوبست ڪريان- تون فڪر ئي نه ڪر.“

ماما ٻه چار دفعا فون جا مختلف نمبر گهمايا. هن رسيور ۾ وات وجهي تمام آهستي ڳالهايو. مان سندس گفتگو ٻڌي نه سگهيس.

ٿوري دير کان پوءِ ماما جا قاسائي دوست، جن کي هو ڊاڪٽر سڏيندو هو، پهچي ويا. کين ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيس. زور زور سان تاڙيون وڄايم ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين تاڙيون وڄائيندو رهيم. هو مون کي ڪمال شفقت ۽ پيار سان هڪ اهڙي ڪمري ۾ وٺي ويا، جتي بي انتها روشني هئڻ جي باوجود اوندهه هئي. گگهه اونداهه هئي. ڪپڙا لاهي هنن مون کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ، اکڇنڀ ۾ هنن منهنجي جسم تان منهنجي کل لاهي ڇڏي. سڀڪجهه بي انتها اذيتناڪ هو.

اِن کان اڳ جو مان تڪليف وچان صور اسرافيل سان ابدي اونداهه کي روشنين ۾ بدلي ڇڏيان، هنن منهنجي جسم تي ٻڪر جي کل چاڙهي ڇڏي.

مان اڪثر وساري ويهندو آهيان ته ٻڪر خواب نه ڏسندا آهن. جاڳندي هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا ۾ مان گهاٽن جهنگن ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان. اهڙا گهاٽا جهنگ، جتي قديم بڙ ۽ پپر جا وڻ آهن، ۽ جن جي ٽارين تي چٻرا ويٺل هوندا آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته موت منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي- مون کي ڊوڙڻ گهرجي. مان ڊوڙندو رهندو آهيان. تسلسل جي ٽٽل پيچرن تي مان ڊوڙندو رهندو آهيان ۽ ڪڏهن جهنگ ۾ هيڪلي روئيندڙ شينهن کي ياد ڪندو آهيان، جنهن ٻڪر جي کل پائي زنده رهڻ جي تمنا ڪئي هئي.

                            (مهراڻ- 3/1985ع)

 

حميد سنڌي

کِڙيا کٽڻهار

ڪي وڪيل وڏا ٿين، ته ڪي وري ننڍا، اڃا به ننڍا هجن ته کين ’جونيئر پارٽنر‘ چون. پر جي ڪو اديب ’جونيئر پارٽنر‘ ٿئي ته ڍاڪئون ئي پڪو!

مان به اُن زماني ۾ ’جونيئر پارٽنر‘ هئس.

منهنجو سينئر حيدرآباد جو وڏو ڪرمنل لاير هو. هميشه اديبن کان ڇرڪيل هوندو هو. مون کي ڏسندو هو ته چوندو هو، ”يار اديب!... قانون ۽ ادب کي الڳ رکجان“... ٻيلي، قانون کي ادبي مرچ مسالن کان پري رکجانءِ...“

اُن زماني ۾ قتل ڪيس پهريائين هيٺين ڪورٽن ۾ هلندا هئا، پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ ايندا هئا، جتي پُڄاڻي تي سزا - جزا جو فيصلو ٿيندو هو. هيٺين ڪورٽن ۾ سينئر گهڻو تڻو پنهنجن سُٺن جونيئرس کي موڪليندا هئا ته هُو شاهدن جا بيان وٺرائي ڪيس کي چِٽو ڪري بيهارين.

هيءَ ڳالهه به اُنهيءَ زماني جي آهي. هيءُ هڪڙو قتل جو عجيب مقدمو هو، جنهن لاءِ مون کي منهنجي سينئر خاص طور تي تيار ڪري موڪليو هو. مان مقتول پاران وڪيل هئس. هيءُ هو ته قتل ڪيس، پر جوابدار ڌُر هي ڪيس غيرت جي بنياد تي وڙهي رهي هئي. عجيب ڪيس هو. هڪ مائيءَ پنهنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪيو هو. جوابدار ڌُر جو چوڻ هو ته مـسمات سفوارن، پنهنجي ڀاڻيجي شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو جو هُن منجهس هٿ وڌا هئا ۽ زوري ڪئي هئي، تنهنڪري سفوران کيس موقعو ملندي ئي غيرت وچان ڪهاڙيءَ سان زبرا ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سينئر مون کي چيو هو ته ”هيءُ ڪيس سڌو سنئون قتل جو ڪيس آهي. مسمات سفوران شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو هو جو هنن کيس پنهنجي نياڻي ڏيڻي ڪئي هئي. اِن آسري تي شهمير کان پئسا ڏوڪڙ ڦُريندا هئا. مال ملڪيت به لکائي ورتي هئائون. سفوران جو مڙس لالچي هو. هُن تَر جي چڱي وڏي زميندار کان الڳ پئسا وٺي کيس سڱ ڏيڻ قبوليو هو. شهمير هنن تي ٺيڪ ٺاڪ زوربار وڌو. چار چڱا ميڙ به وٺي ويو، پر هنن نه مڃيو. زميندار کي پنهنجي ورتل سڱ مٿان چڙهت ۽ شهمير ۽ ڀاڳل جي لڪي ملڻ ۽ معاشقي تي غيرت آئي. هُن شهمير کي ته مارايو، پر سفوران کي بليڪ ميل ڪري قبولرايو ته شهمير کي هـُـن ئي ماريو آهي.“

 ”اگر اِها ٿيوري آهي ته پوءِ سائين! مائي سفوران پاڻ تي ڇو الزام کنيو؟“ مون سينئر صاحب کان پڇيو.

هـُـن کلي مون ڏي ڏٺو، ”آهي نه ادبي سوال!“

”بابا! بس هڪ ڌمڪي رئيس طرفان ڪافي هئي ته تنهنجي ڌيءُ شانان کي ’ڪاري‘ ۽ شهمير کي ’ڪارو‘ ڪري مارينداسين. هاڻ غيرت واري سوال تي مائي ڇُٽيو پئي ٿي وڃي يا هلڪي سزا ٿي مليس. ڦاسي يا عمرقيد کان بچي ئي بچي.“

”سَر! مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“

”ثابت اِهو ڪرڻو آهي ته It is not honour Killing (غيرت جو سوال ناهي.) مائي سفوران پنهنجي مڙس ۽ وڏيري جي چـُـرچ تي، شهمير جي ملڪيت ڦٻائڻ ۽ پنهنجي ڌيءُ شانان جو سڱ وڏيري کي ڏيڻ لاءِ هيءُ ڊرامو رچايو آهي. هوءَ قاتل آهي. اُن سان 302 لاڳو ٿيڻ کپي.“

مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. منهنجي سينئر مٿان اِهو به چيو ته ”ميان! هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته توکي Prosecution جي ڪيس مطابق هلڻو آهي. متان پنهنجي طبيعت مطابق هيڏانهن هوڏانهن ناسون هڻي ڪا ڪهاڻي يا ڪالم يا مضمون لکي ويهين. هيءُ نازڪ مسئلو آهي. اڳ ۾ به هڪ ٻن ڪيسن ۾ اخبار ۾ تنهنجي راءِ جو اظهار مڙيوئي مهانگو پيو هو، اِن ڪري هن دفعي معاملو اهڙو ڏنو اٿمانءِ جو توکي رُڳو سرڪاري وڪيل سان تعاون ڪرڻو آهي ۽ فريادي ڌُر جي داخل ڪرايل ايف. آئي. آر. مطابق هلڻو آهي. سمجهيئه. آهين ته هوشيار ۽ سمجهدار.“

”سَر! بالڪل سمجهيم. توهان فڪر نه ڪريو. قانون کان مٿاهون ڪير به ڪونهي. ادب به نه.“

*      *      *

هن ننڍي شهر ۾ قائم ڪيل هيءَ ڪورٽ مون کي اِنڪري وڻندي آهي، جو شهر جي ڪجهه ٻاهران هڪ روڊ تي آهي. انگريزن جي دَور جي هڪ ننڍي عمارت اٿس. چوڌاري ڪمپائونڊ وال ۽ اندر ننڍڙو باغ به اٿس. باغ ڦٽل آهي. باقي وڻ ڪي سـُـڪل، ته ڪي ساوا قائم آهن. هتي اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو آهي، جو منهنجي سينئر جا گهڻا ڪيس مڙيوئي هـِـت آهن. ڪورٽ ننڍي آهي، انڪري پاڻ گهٽ ايندو آهي. اسين جونيئر اِنهيءَ ننڍي ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بينچ تي يا ڪنهن ڇڊي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺان ويهي اصيل سان ٻولا چاري ڪري يا ڀت ٻاهران ٺهيل ٻاڪڙا هوٽل تان چانهه گهرائي، اوٻاسيون ڏيندي وقت گذاريندا آهيون. ڪورٽ سڳوريءَ پاران سڏ ٿيو ته اندر پهتاسون. ڪيس هليو نه هليو، تاريخ وٺي روانا ٿيندا آهيون.

*      *      *

اُن ڏينهن ڪورٽ ۾ ڏاڍي رونق هئي، جنهن ڏينهن مسمات سفوران جو ڪيس هو. ٻاهر ماڻهن جا ميڙاڪا هئا. مائي ڪورٽ جي ايوان ۾ اسان واري وڻ جي ڇانوَ تي قبضو ڪيو ويٺي هئي. پوليس گيٽ بند ڪيو مائيءَ تي پهرا پئي ڏنا ۽ خرچي وٺي مائٽن سان ملڻ پئي ڏنائون. ڪن اوپرن ماڻهن لؤڻا پئي هنيا ته ڏسون ته اِها مائي ڪهڙي منهن مهانڊي آهي، جنهن سڳو ڀاڻيجو ماريو آهي. مائي ڪورٽ کي پـُـٺ ڏيو ڀت واري پاسي منهن ڪيو، وڏي رئي سان پاڻ کي ڍڪيو سـُـڪل سڙيل ڇٻر تي ويٺي هئي.

مان اِهو لقاءُ ڏسندو اک ٽيٽ سان ورانڊي مان بيهي مائيءَ جو جائزو وٺندو رهيس.

ائين جج صاحب جو نائڪ آيو، ”صاحب سڏيو اٿو.“

جج صاحب سان اِتي ايندي ويندي منهنجي سـُـٺي نيازمندي ٿي ويئي هئي. جنهن ڏينهن منهنجو ڪو ڪيس هوندو هو ته ويٺو انتظار ڪندو. نوجوان هو ۽ پروگريسو خيالن جو هو. علم ادب سان به چاهه هئس. ڪميشن معرفت سڌو چونڊيو ويو هو. اردو اسپيڪنگ هو، پر سنڌي سمجهندو به هو ته ڪجهه ڳالهائيندو به هو. پهرين پوسٽنگ انهيءَ ڪورٽ ۾ ٿي هـئس. صبح جي پهر ۾ جيسين ڪورٽ جي تياري ٿئي ۽ هلڻ وارن ڪيسن جي ڄاڻ مليس، تيسين ويٺو مون سان ٻولاچاري ڪندو هو. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صورتحال ۽ ريتن رسمن کان گهڻو آگاهه نه هو، پر ويٺو مون کي کوليندو هو. سندس چئمبر ۾ داخل ٿيس ته وڏو ٽهڪ ڏنائين:

”سائين! ديکهو آج هماري ڪورٽ مين ڀي ميلا لگا هوا هئي.”“”بس سائين، يهي هماري سنڌ ڪي بدنصيبي هي. اَڀي ابتدا هي. ديکهنا انتها ڪهان پر هوتي هي. عورت بيچاري هميشه مظلوم رهي هي.“

”يه مظلوم هي؟ ڀانجي ڪو مارا هي.“

”پته نهين سَر! ڀانجا مظلوم ٿا يا نهين، يا ڦر دونون.“

جج منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪندي چيائين. ”ته پوءِ اصل ڳالهه ڇا آهيس.“

”سَر! ڪيس هلي، خبر پئجي ويندي. مون ڪيس پڙهيو آهي. ڳالهه ۾ ڪو رولو آهي.“

نائڪ چانهه کڻي آيو هو. هُن چسڪي ڀريندي ئي چيو، ”پر مائي قبولدار ٿي آهي. 164 جو بيان پڙهو. مگر ميمن صاحب! توهان ته فريادي ڌُر پاران آهيو، توهان ته رولو نه بڻايوس.“

”سر! هيءُ ڪيس منهنجي سينئر جو آهي. مان اديب آهيان، هِن معاشري جو سڄاڻ فرد آهيان. سينئر صاحب اِنهيءَ عمل کان جهليندو آهي، پر مان پنهنجي مزاج کان مجبور آهيان. ڳالهه جو ڳاٽو جهلبو ضرور، پر پروفيشنل
بي ايماني به نه ڪبي.“ مون کلندي کيس چيو.

جيتوڻيڪ مائيءَ جو سيشن ڪورٽ مان عورت هئڻ ڪري ضامن ته ٿي ويو هو، پر پروفيشن ۽ قاعدي قانون مطابق ڪيس هليو ۽ خوب هليو. مائي قابو هئي. سرڪاري وڪيل ۽ مون شاهدن ذريعي ائين وڃي ڪيس بيهاريو ته مائي ملڪيت جي لالـچ ۾ ۽ سڱ لاءِ وڏيري کان پئسا وٺي هيءُ قتل ڪيو آهي ۽ مڙسس به هن ۾ شامل آهي. هيءُ سڌو سنئون مرڊر ڪيس آهي، غيرت جو ڪو مسئلو نه آهي.

*      *      *

هڪ ڏينهن ڪيس آخري مرحلن ۾ هو ۽ مان واندو ٿي نڪتس ته ڏٺم ته مائي باغ ۾ هڪ بئنچ تي هڪ ٻن ماين سان گڏ ويٺي هئي. ڪورٽ ۾ هاڻ ماڻهو نه رهيا هئا. ڪو
ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هو. ڪورٽ بند ٿيڻ واري هئي. ورانڊي جي ڪنڊ تي اُنهن مان هڪ مائيءَ اچي منهنجو اڳ جهليو، ”اَبا ترس! سفوران توسان ڪجهه ڳالهائيندي. ٿورو هيڏانهن اَچ.“

مان بيهي رهيس. پهرين سوچيم ته کيس جواب ڏيئي ڇڏيان، جو پروفيشنل ذميوارين ڪري جوابدار ڌُر سان ڳالهائڻ مناسب نه هو. ٻيو اِهو به سوچيم ته منهنجي سينئر کي خبر پوندي ته بنهه جونيئري واري نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو. پر طبيعت کان مجبور اندر ۾ ويٺل اديب ۽ ڪهاڻيڪار کي ڪيئن روڪيان. ڳالهه جو ڳاٽو ته جهلبو ۽ مان اُن وڻ ڏانهن هليو ويس، جنهن هيترن مهينن ۾ به نوان گونچ ڪونه ڪڍيا هئا. هاڻ ته سرءُ به ويجهو هو. پن ڇڻي هيٺ ڍير پئي ٿيا. شاخن مان اُس نڪريو پئي آئي، پر اُن ۾ تاءُ نه هو. هيءَ هڪ ڊگهي مضبوط جسم جي عورت هئي. جڏهن اُٿي ته هـُـن رَئي جو ٻُڪل کوليو ته ڇڻڻ کان رهجي ويل ڪرڻا سندس اَڇي اُجري منهن تي وڇائجي ويا ۽ سندس منهن رَتو ڪندا پئي ويا. هيءَ سُهڻي سيبتي عورت هئي. مون ڪورٽ ۾ ڪڏهن سندس منهن نه ڏٺو هو، جو هوءَ منهن اڌ ڍڪيو ويٺي هوندي هئي. مون رڳو سندس ڏيلُ ڏٺو هو. هاڻي هُن ڳالهايو ته سندس اڇا ڏند به جـَـرڪي پيا، پر سندس منهن تي مـُـرڪ نه هئي.

”وڪيل صاحب! هيءُ توهان مون سان ڪهڙو ظلم پيا ڪريو. ڪيس کي ڪاڏي پيا وٺي وڃو. مان ته ڦاسي چڙهي ويندس، پر جنهن نياڻيءَ لاءِ هي سڀ ڀوڳيان پيئي، مون کان پوءِ اُن جي سنڀال ڪير ڪندو.... بگهڙن جي وَرُ چڙهي ويندي.“ مون سندس نياڻيءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ به هـُـن وانگر وڻندڙ ۽ هـُـن جهڙي ئي هئي.

مان گهڙيءَ کن لاءِ ته چُپ رهيس، پوءِ بي اختيار چئي ڏنم، ”تو هن معصوم کي هٿ سان بگهڙن جي وَرُ چاڙهيو آهي. پنهنجي سڳي ڀاڻيجي کي هٿ سان ماري هن معصوم نياڻيءَ کي هڪ جهوني بدبودار بگهڙ جي حوالي ڪرڻ لاءِ توئي ته سڀڪجهه ڪيو آهي. تون سمجهين ٿي ته تنهنجي نياڻي هندورن ۾ لُڏندي ۽ تون هتان بچي پوءِ موٽي وڃي سندس چاشني ۽ پلاءُ وارو ڪاڄ کائيندينءَ؟.... مائي سفوران! تيستائين ته تنهنجون هڏيون به نه بچنديون، تون ڪهڙي خيال ۾ آهين. الائي ڪيترا بگهڙ گڏجي هن معصوم کي رڙڪي کائي ويندا، تنهن جي خبر پوءِ پوندءِ.“

مون وڌي سندس نياڻيءَ مٿان هٿ رکيو. پوءِ سفوران جو هٿ وٺي اُن جي مٿي تي رکيو. هوءَ منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳي.

”کاءُ قسم هـن نياڻيءَ جو ته جيڪي تون چئين ٿي، سو سڀ سچ آهي. کاءُ قسم اُن معصوم نوجوان جو، جنهن جو خون به تنهنجي سر تي آهي. ٻيئي خون تنهنجي سر تي آهن. ياد رک، هيءَ به نه بچندي.“

مائي سفوران پنهنجو هٿ يڪدم نياڻيءَ جي مٿي تان کڻي ورتو. سڄي هيڊي پيلي ٿي ويئي. سندس ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. هوءَ بيهي نه پئي سگهي. ٻي مائيءَ کيس بئنچ تي ويهاريو.

”منهنجي مدد ڪر وڪيل صاحب! ڦـِـي توکي مان ڏينديس.“ سفوران ڳوڙها ڳاڙيندي چيو.

”مان اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان. جيڪي ڪجهه سچ آهي، سو سمورو ڪورٽ سڳوري کي ٻڌاءِ. پوءِ ئي ڪجهه ٿي سگهندو.“

”ڪورٽ کي ٻڌاءِ ته تو پنهنجي سڳي ڀاڻيجي شهمير کي ڪيئن ماريو. ها واقعي هُن پنهنجي سهڻي پياري مڱينديءَ، جنهن سان هـُـن جو ننڍي هوندي کان پيار هو، اُن کي ڇڏي توسان زوري ڪئي. ڪا سولي ڳالهه ته ڪر!“

سفوران رويو پئي رني. اوچتو منهنجي ويجهو اچي سُرٻاٽ ڪندي چيائين، ”سائين، شهمير منهنجو ڀاڻيجو هو، مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟ هو ته مون کي ماءُ وانگر ڀائيندو هو. هو ڪيئن بڇڙي نگاهه رکي مون تي حملو ڪري زوري ڪندو. هو ته منهنجو ٻچو هو. مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟“

”پوءِ ڪنهن ماريو؟“

هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. مڙسس شهر ويو هو، اڃا نه موٽيو هو.

”سائين، اِهو ظلم منهنجي مڙس عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان گڏجي ڪيو. وڏيري جي ڪمدار خميسي ٻن ٽن همراهن سان گڏ اچي پهريائين شهمير کي ماريو. پوءِ بيٺا هن نياڻيءَ کي مارڻ ته شهمير سان ’ڪاري‘ ٿا ڪيونس. وڏيري ۽ منهنجي مڙس مون کي کڻي ڀت ۾ رُنبيو، ته هيئن قبولدار ٿئين ٿي ته واهه، نه ته تنهنجي نياڻيءَ کي ٿا ڪاري ڪري ماريون. مون کين اهو به چيو ته مون کي ڀل ڪاري ڪري ماري ڇڏيو، پر هيئن ذليل نه ڪريو. لعنت آهي هن جيئڻ تي، پر مان رڳو هن نياڻيءَ لاءِ جيئرو رهڻ چاهيان ٿي. مان هاڻ سندس اکيون ڏسيو ويٺي آهيان. وڏيرو روز رات جو ماڻهو ٿو موڪلي ته ڇوڪريءَ کي اوطاق تي موڪل. مان ته جيئري ئي مري ويئي آهيان. الله انهي منهنجي مڙس عدلوءَ جو منهن ڪارو ڪندو، جنهن جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“

مون سندس حالت ڏسي ويجهو وڃي ساڻس ڀـُـڻڪندي ڳالهايو: ”اٿئي همت ته سڀاڻي پنهنجي بيان تان ڦري وڃ، ۽ ڪورٽ کي هيءَ سڄي حقيقت بيان ڪر. پوءِ ڏس ته ڇا ٿو ٿئي. هاڻي هنن کي طاقت نه ٿيندي، جو هو تنهنجو يا تنهنجي نياڻيءَ جو وار به ونگو ڪري سگهن. تون همت ڪندينءَ ته سڀڪجهه سڻائو ٿيندو، نه ته تنهنجي لاءِ سرڪڻ ڦاهي ته ٺهي ئي پيئي آهي.“

مون ڀڻڪڻ بند ڪري سندس منهن ڏي ڏٺو. هيءُ هڪ معصوم عورت جو چهرو هو. وهيل ڳوڙهن جون لارون هاڻ سـُـڪڻ لڳيون هيون. مان آهستي آهستي چـُـرندو ائين کسڪي آيس، ڄڻ اُن پاسي ويو ئي نه هئس. گيٽ کان ٻاهر نڪتس ته سفوران جو مڙس عدلو سيڌي سامان سان ٽانگو ڀرائي اچي پهتو ۽ مون ڏانهن اجائي سجائي نظر ڦٽي ڪري زوريءَ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو. مون اڄ کيس غور سان ڏٺو. هيءُ هڪ ڦٿل، بندرو، ٿلهو، ڪارو ۽ بيڊولو شخص هو. سفوران جو نوڪر پئي لڳو. هوڏانهن مائي سفوران اڇي، ڀوري، سهڻي، سيبتي، وڏي هڏ ڪاٺ واري قداور عورت هئي. جي هن ڪـُـڌي مامري ۾ نه ڦاسي ها ته سندس رعب تاب ۽ ڏيل ڏيا کي ڪوبه لوڏو نه هو. هاءِ ڙي قسمت!

پر مائيءَ ۾ اڃا به ڪي جولان باقي هئا. آخري بيان ڏيڻ لاءِ ڪورٽ ۾ بيٺي ته هڪ سَٽ سان ئي ڪئين ڌڌڪا ڪڍندي وئي! هوءَ پنهنجي اڳئين بيان تان صفا ڦري ويئي. هـُـن واردات ٻڌائيندي مڙس، وڏيري شمن خان ۽ سندس ڪمدار ڪاراون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. جج سدورو هو ۽ اسان واري ادبي چڪر ۽ لڏي جو هو. مائي سفوران کي اهڙو ڳالهائڻ ڏنائين، جو ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. رڳو سندس ئي آواز پئي گونجيو ۽ گونجندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين: ”مون اِهو ڏوهه صرف ان لاءِ قبوليو هو، ته مان ڀل ’ڪاري‘ ٿيان، پر منهنجي نياڻي ڪاري نه ٿئي. اڳيون بيان عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان مون کي ڌمڪيون ڏيئي زوريءَ ڏياريو هو.“

جج دير ئي نه ڪئي. حڪم جاري ڪيائين ته ”نئين سر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ شڪ جي بنياد تي في الحال ته سفوران جي مڙس، وڏيري ۽ سندس ڪاراون کي ٻڌي ريمانڊ لاءِ پيش ڪريو. مسمات سفوران اڳيئي ضمانت تي آهي، تنهنڪري ڀل ضمانت تي هجي.“ اهڙي سفارش هـُـن سيشن ڪورٽ کي به ڪئي. پوليس کي هدايت ڪيائين ته مائي سفوران ۽ سندس نياڻيءَ کي پوليس پروٽيڪشن ڏنو وڃي. پبلڪ پراسيڪيوٽر کي حڪم ٿيو ته ري ٽرائيل لاءِ ڪيس تيار ڪيو وڃي. مان ٻاهر ئي بيٺو هئس ته نائڪ آيو، ”سائين! صاحب سڏيو آهي.“

مان چئمبر ۾ داخل ٿيس ته جج ٽهڪ ڏيئي چيو، ”يو ناٽي بواءِ!... آخر اديبن واري ڪار ڪيئه. مون کي ڪجهه خبر پيئي آهي.“ مون کلي کيس چيو، ”قانون جي ديويءَ کي پـَـٽي ٻڌل هوندي آهي. اسان ماڻهن جو ڪم ئي آهي ته ڪجهه وقت لاءِ ديويءَ جي اکين تان پٽي لاهي ڇڏيون.“

”پروفيشنل ذميواريءَ جي ڀڃڪڙيءَ جو ڇا ٿيندو؟“ جج صاحب مُرڪندي چيو.

”جيڪي ٿيندو، اُن کي ڏٺو ويندو، توهان ۽ اسان انصاف جو دامن نه ڇڏيو آهي. هنن بي گناهه ۽ مظلوم ماڻهن جو داد فرياد ٿيو آهي، اهو ئي مون لاءِ گنج آهي.“

چئمبر مان ٻاهر نڪتس ته مـَـن تي بار نه هو. مون ورانڊي ۾ بيهي نهاريو. مائي سفوران پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ وڻ هيٺان بيٺي هئي. هوءَ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. سندس اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مُرڪ هئي ۽ سندس نياڻيءَ جي منهن تي سَرهائي هئي.

مون وڻ ڏانهن نهاريو. مون کي ائين لڳو ڄڻ اُن ۾ نوان گؤنچ نڪري آيا هئا. هن مـُـند ۾ به وڻ تي بهار جي مُند ڇانيل هئي ۽ منهنجي مـَـن ۾ ڪئين کٽڻهار کڙي پيا هئا!

         (مهراڻ، ”بهار“- 1/2004ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com