سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :29

سحر امداد

وِهُه - اَمرت

 

رائيٽر ٿيا آهن.....“ هن ڪروڌ مان چيو هو. پر نه، سندس لهجي کي ڪروڌي نٿو چئي سگهجي. شايد اَشانت يا اڃا به شايد دُکي. هن لاڳيتو، ذري گهٽ ٻن ڪلاڪن کان ادب تي پئي ڳالهايو- انهن ٻن ڪلاڪن ۾ ٻيا موضوع نڪتا هوندا، ته به هن وري ’رائٽر ٿيا آهن.....‘ چئي هڪ نئين اسٽارٽ ٿي ورتي. ٻيا موضوع هن لاءِ ساهيءَ جا ڪي کن هئا- ۽ ائين اڄ پهريون ڀيرو نه ٿيو هو. هو ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان هڪ ئي موضوع تي ڳالهائيندا هئا.

*

ٻولي، ادب: ان جا مسئلا. اديب: انهن جا رويا. ٺيڪيداريون، حرامپايون، لٻاڙون، گند، بڪواس، جيلسيز، ليبلز، ٺپا، نعرا، (نئين گندگي- پراڻي گندگي: ٺا-واهه. رجعت پسند- ترقي پسند: زندهه باد- مردهه باد). شارٽ ڪٽس جون ڳولهائون. ادب ۾ ڪاهي پوندڙ شوقيه فنڪارن جي لوڌ (فوٽوءَ واري خاني ۾ آڱوٺي جو ٺپو لڳل).

*

ان ريلي ۾، ان ڊوڙ ۾ ٻيا اسان کي آڱوٺو ڏيکاري اڳتي، اڃا به اڳتي وڌي ويا آهن. ۽ اسين ڪٿي بيٺل آهيون؟ (شايد ڪٿي به نه!) سائنس، آرٽ، زراعت، صنعت، نوڪريون، رانديون، ٿئيٽر، ادب: اسان ڇا ڪيو آهي؟ انهن سڀني ۾ اسان جو ڪهڙو ۽ ڪيترو حصو آهي؟ اسين ڪٿي به ناهيون، ڪجهه به ناهيون- پوءِ به اهو ئي، ته اسين هرهنڌ آهيون، سڀڪجهه آهيون.

*

نه، پر اسين گهڻي جدوجهد ۽ جاکوڙ ۾ رڌل آهيون. ۽ ان ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ هُڦجي پيا آهيون...... ڪنهن جو پڳڙ سڀني کان وڏو آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنهن جي پڳ ۾ گهڻي ۾ گهڻيون اڳڙيون آهن! اسين سڀ وڏا وڏا پڳڙ ٻڌي چڱا مڙس بڻجي ويهي رهيا آهيون، ۽ ٻين جي پڳن لاهڻ جي فخر لائق ڪارنامن ۾ رڌل آهيون. ۽ سنڌي..... (الاءِ ڇا ڇا) جي بهتري ۽ بقا جي نالي ۾ هر ناجائز ڪم کي جائز، هر ڪوڙ کي  سچ ۽ هر ويساهه گهاتيءَ کي پنهنجي عظيم ڪارنامن جا اطلسي چوغا پيا پارايون. انهن پڳڙين جي پت وائکي ڪندڙن ۽ اطلسي چوغن کي ڇڪي لاهيندڙن لاءِ جيئڻ جرم بڻجي ويندو آهي. ۽ کين ٽي- بي، پاڳلپڻو، بيروزگاري ۽ فرسٽريشنز جون سوکڙيون ڏنيون وينديون آهن.

*

سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب اُهي ڍورَ آهن، جن کي ڍَڪَ منشي پاڻ ڪاهي وڃي ڍَڪَ داخل ڪندو آهي ۽ پوءِ سندن پونيرن کان ڏنڊ اوڳاڙي، ڍور واپس ڪري مٿس ٿورو پڻ ٿڦيندو آهي. ڍَڪَ منشيءَ جي رول ۾ بهترين پرفارمر کي پروموشنز جا ايوارڊ ۽ ڪيش انڪريمنٽس جا انعام آڇيا ويندا آهن.

*

انهن ورتائن جي نتيجي ۾ هڪڙا مري ويا، ٻيا مرڻ ڪنڌيءَ تي آهن (۽ ٽيان ساڳي واٽ وٺيو پيا اچن). ۽ اسين سڀ سندن مرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون. نه رڳو اهو بلڪ مرهيات جي تعزيتي گڏجاڻين لاءِ پنهنجي تقرير (جنهن ۾ ساڻس پنهنجي دوستي ۽ ڪيل ڪچهرين جي اُپٽار سان گڏ، مٿس ڪيل پنهنجي مهربانين ۽ نوازشن، سندس خوددارين جو ذڪر، قوم لاءِ ڪيل سندس خدمتن- جن جو سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهن اقرار به نه ڪيوسين- جي گهڻي ساراهه سان گڏوگڏ قوم جي ايڏي قيمتي سرمايي جي کسجي وڃڻ ۽ جُواڻ جـُماڻ ڪمهلي موت تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪيل هوندو) بر زبان ياد ڪري ۽ آرسيءَ آڏو بيهي اُن جي ڪمپليٽ ريهرسل به ڪري ڇڏي اٿئون (اسٽيج اسان جا، اسان سان، اسان لاءِ آهن!)

*

اسان جي پويان ايڏو شاندار لوڪ- ڪلاسيڪل اتهاس آهي. پر اڄ......!

(ڌرتي کَري ته اَڪ ڪري!)

هڪڙا ڄمندي نه ڄاوا- ٻيا ڄمندي ئي مري ويا- ۽ جي مُئي پڄاڻان به جيئرا آهن، انهن کان اسان ڇا پرايو؟ ميلا، ملاکڙا ۽ فقط اخبار ۾ ڇپجندڙ خبر ۾ نالي اچڻ ۽ فوٽو ڇپجڻ جيتري دلچسپي- ساڳين لُٻيل موضوعن تي، ساڳين کوکلن لفظن ۾، ساڳي اَخرج مخرج سان- رڳو اسٽيج ۽ مائيڪ تي اچڻ جي موهه ڪاڻ!

*

نئين گندگي- پراڻي هر خوشبوءِ جي پاڙ پٽڻ ۽ هر اُجري شيءِ کي گدلي ڪرڻ جو عزم ڪرڻ آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجي همخيال دوستن جو ساٿ گهرجي:

سِٽَ هجي يا سَٿو

اچو اچو اچو

ڦڙي ڦڙي تلاءُ ٿيندي

ٿوري ٿوري گندگي ڊومڻ واهه بڻجندي

*

جَنين سندي مُنهن ۾، نِهائِيون نَڪن،
جِئان وڍيو هيڪڙو، ته ڪهڙو ٿورو تن.
                                                      (شاهه)

*

جنهن ليکڪ جي ڪهاڻين تي هڪ عدد ٿيسز(!) لکي هڪ ئي ڌڪ سان چار سَو رپيا روڪ ايڊوانس انڪريمنٽس ٿا وٺون، ان ليکڪ وٽ ايترو به ناهي جو هو چار سَو رپيا درماهه پنهنجي ٻارن کي گهر جي خرچ لاءِ ڏيئي سگهي.

*

سچي! مان ته اُن روٽين مان تنگ ٿي پيو آهيان

سڀڪجهه بيڪار آهي، بڪواس آهي

آفيس، باس، مسٽ رولس، آفيس رولز، مينرز

ميٽر/ليٽر

لفافا/جوابي لفافا

سڄو ڏينهن رڳو بڪواس

ماڻهن کان ويندي ميٽر تائين

ڍونڍ لفظن جا لاشا ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهيل

*

اگهوتري ٺاهي آفيس (کڏڙيءَ) جي ڀت تي چنبڙائي ڇڏيان

ڪهاڻي ٺيڪ ڪرڻ/لکي ڏيڻ......

غزل ٺيڪ ڪرڻ/لکي ڏيڻ (في شعر).....

طويل نظم/مختصر نظم/وائي/ڪافي/بيت/دوها/ ٽيڙو/ ترائيل/ٿيسز/مضمون/....

ٺيڪ ڪرڻ/لکي ڏيڻ.....

*

ادب ۾ Creation آهي. اسان وٽ ادب بزنس ٿي پيو آهي. هرڪو پنهنجي لکڻين جو اگهه پيو چُڪائي..... هرهنڌ.... ادب کان ويندي..... پوڙهي، گهنجيل، ڪُروپي ڪلا  تي گهري گهاٽي ميڪ اپ جا تهه چاڙهي، جوڀنونت ۽ رُوپونت هئڻ جو ڀرم ڏيندڙن جا جڏهن پول پڌرا ٿي پوندا آهن، تڏهن ڪُٽڻپا ڪرڻ لڳندا آهن.

*

ادب اُهو ڀولڙو آهي، جنهن کي اديب، ايڊيٽر، پبلشر.... رنگبرنگي چتيون لڳل پَڙي پارائي، پنهنجي ڍيٻڪيءَ سان نچائي ٿو. نعرا لڳائي ميڙ ڪٺا ڪري ٿو. پوءِ ان ڀولڙي کان ڪرتب ڪرائي-- جنهن ۾ ٻين کلائيندڙ ڪرتبن سان گڏ، نقلي بندوق هلائڻ کان ويندي، ننڍي ساليءَ کي پرچائڻ تائين جا ڪرتب شامل آهن-- پبلڪ کان تاڙيون ۽ اٺ اٺ آنا اوڳاڙي ٿو.

*

انهن اوڳاڙين جي آڌار تي پاٿاريون قائم ٿينديون آهن. ننڍيون پاٿاريون وڏين پاٿارين ۾ بدلجنديون آهن. ليٿو مشين واري پريس، آفسيٽ پريس ۾ بدلجي ويندي آهي. ماضيءَ ۾ سنڌي قوم لاءِ کاڌل سورن جو کٽيو کائيندا ۽ دستارون پائيندا آهيون. ۽ پوءِ رستي تي بيهي هڪ- هڪ کي جهلي اها دستار ڏيکاريندا ۽ ٻڌائيندا آهيون، ته اسان سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي قوم لاءِ ڪيڏا نه ڏک ڏٺا آهن ۽ مصيبتون سٺيون آهن. اهڙو ذڪر ڪندي گليسرين جا ڳوڙها ڳاڙيندا آهيون.

*

شاهه جي ’سر ڪاپائتي‘ کي ليکڪ ۽ ان جي رچنا (وسيع معنائن ۾ سڄي سنڌي سماج) تي as it is apply ڪري سگهجي ٿو. پر تڏهن ”اندر عدالت“ هوندا هئا:

”اڳلڙي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا.“

” اڄ جو ”ڀڙا“ نٿو ڀڃي سگهي-- سو ٻئي جي ”لسي تند“ تي سلوگنس، الزامن، فتوائن جون قينچيون ۽ ڪات کنيو اچي.

*

بشنيءَ جي انهن ٻن آڱرين جو نالو وڃي ادب بچيو آهي-- جن سان اسان جي کيسن کان ويندي ذهن تائين کي پار ڪيو پيو وڃي!

*

ڪنهن جي لاءِ لکون؟

لکڻ بڪواس آهي-- هروڀرو اَجايو. اَڪارٿ.

ڇا لکون؟

ننگي ترار لڙڪيل آهي تارونءَ تي--

بورڊ لڳل آهن: ڇا لکڻ کپي، ڇا نه لکڻ کپي.

گهرا ٿي وڃون-- ڀوڳيون.

پر ڪنهن لاءِ؟

ڇو؟

پڙهندو ڪير؟

اڃا به ائين ته سمجهندو ڪير

تون-- مان!

*

تڏهن ئي رات جي پوئين پهر ريل جي ڪوڪ انهيءَ تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيندي هئي ۽ کين احساس ٿيندو هو، ته رات ڪيڏي نه وهامي وئي آهي-- صبح جو آفيس به ته وڃڻو آهي ۽ هو ڪمري جون لائٽون وسائي ڇڏيندا هئا. پر تڏهن به سندن سُرٻاٽ اونداهه کي روشن رکندا هئا.

                            (مهراڻ- 1/1979ع)

سانول

بارُود

سڀ ڳالهيون ڳُڙ ٿي ويون هيون ۽ هو سڀ اُنهن کي چَٽي رهيا هئا، ماڪوڙن وانگر.

ماڪوڙي جو مؤنث ڇا آهي؟ لـِپ اِسٽڪ چَپ چوريا.

واهه واهه! ڊارڪ گلاسز داد ڏنو.

ڇا مطلب؟ اهو جوتن جو آواز هو، جيڪي ٽيبل تي رکيا هئا، پــيرن سوڌا.

ڇا جو؟ واهه واهه جو! لِپ اسٽڪ چَپ چوريا.

ماڪوڙي جي مؤنث جو مطلب! اهو مُڪ جو آواز هو، جيڪا پوري زور سان اچي ميز تي لڳي هئي ۽ ميز کان رڙ نڪري وئي هئي. هونئن به مُڪ کي لِپ اِسٽڪ ڏٺي نه وڻندي هئي. لِپ اِسٽڪ ته هن کي سدائين ائين لڳندي هئي، ڄڻ ڪنهن جو تازو تازو رت پي آئي هجي. ڪوسو ڪوسو رت. ڳاڙهو ڳاڙهو رت.

مان ڄاڻان ٿو! انڌي کوهه ۾ پڙاڏو ٻُريو.

ڇا؟ نيل پالش کان رهيو نه ٿيو.

ته ماڪوڙي جو مؤنث ڇاهي؟ پررر...! انڌي کوهه ۾ پڙاڏو ٻُريو.

هڪڙو ته تنهنجي انهيءَ ”پر“ مان اچي ڦاٿا آهيون.

سنڌي جيڪڏهن انهيءَ ”پر“ کي ڇڏين نه، ته سڄي دنيا تي سندن راڄ هجي! مُڪ ميز تان کڄي، پوري زور سان اچي ميز تي لڳي.

هي تون ماڪوڙن جي ڳالهه ۾ سنڌين کي ڪٿان گهلي آئين؟

جوتا ٽيبل تان هيٺ لهي آيا، پيرن سوڌا.

سنڌي رڳو تون آهين ڇا؟ لائٽر جو شعلو چمڪيو.

تو وري سگريٽ دُکايو! نيل پالش چيو.

دُکايو نه، پر دُکائي! دونهين اوڳاڇيو.

دُکايو ڇو نه؟ نيل پالش پڇيو.

ان ڪري جو منهنجي چپن ۾ آهي! دونهين جو ڇلو ٺهيو.

واهه واهه! ڊارڪ گلاسز داد ڏنو.

انهيءَ ۾ واهه واهه جي ڪهڙي ڳالهه هئي ڀلا! مُڪ ميز تان کڄي چنبي جي روپ ۾ کُلي، مُٺ جي روپ ۾ بند ٿي، ميز تي رکجي وئي.

هَل دُکائي، پر ڇو دُکائي؟ نيل پالش مَڇڏ ٿي پئي.

منهنجو جڏهن به اندر دُکندو آهي، تڏهن مان سگريٽ دُکائيندو آهيان! دونهين اوڳاڇيو.

واهه واهه! ڊارڪ گلاسز ڀُڻڪيو.

وري واهه واهه! مُڪ هڪڙو ڀيرو وري ميز تان کڄي، چنبي جي روپ ۾ کُلي، مُٺ جي روپ ۾ بند ٿي، ميز تي رکجي وئي.

ائين ڇو نه ٿو چوين ته ڪاغذ کي باهه ڏيکاريندو آهيان! جوتا وري ٽيبل تي رکجي ويا، پيرن سوڌا.

ڪاغذ کي ئي ته ڏيکاريندو آهيان نه باهه! دونهين جو ڇَلو ٺهيو.

ته ڇا مان - مان- ڇا- ته! جوتا ٽيبل تان هيٺ لهي آيا. پيرن سوڌا. پوءِ اُنهن پيرن تي ٽنگون اُٿي بيٺيون.

ڌڙ کي کڻي. ڌڙ مٿان هڪ مُنڍي رکيل هئي. مُنڍيءَ ۾ هڪ چهرو هو. چهري تي ٻه اکيون ٻه رَتاڻيون اکيون. پوءِ اُهي رَتاڻيون اکيون هئڊيون، سايون ٿينديون اڇيون ٿي ٿيون وڃن. صفا ڪفن جهڙيون اڇيون اکيون.

ڪارو منهن ۽ اڇيون اکيون هڪ ڀيانڪ منظر ٿيون پيش ڪن.

واهه واهه! ڊارڪ گلاسز اُٻڙڪيو.

ڇا چيئي؟ مُڪ ميز تان کڄي هوا ۾ لهرائي ۽ وري ميز تي زور سان اچي لڳي.

اصل ڳالهه ته اتي ئي رهجي وئي! ڪَٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.

ڪهڙي اصل ڳالهه؟ جوتا وري ٽيبل تي رکجي ويا. پيرن سوڌا.

اُها ئي، ماڪوڙي جي مؤنث واري! ڪَٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.

پر اصل ڳالهه ته ڪا ٻي هئي! لائٽر جو شعلو ڀڙڪيو.

تو وري سگريٽ دُکايو! نيل پالش چيو.

دُکايو نه، پر دُکائي! دونهين جو ڇلو ٺهيو.

ان ڪري جو تنهنجي چپن ۾ آهي؟ ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.

ها! دونهين اوڳاڇيو.

۽ جي منهنجي چپن ۾ هجي ها ته - ! لِپ اِسٽڪ آکيو.

ته پوءِ هڪ ئي مُڪ سان تنهنجو ٻُوٿ ڦيهي ڇڏيان ها! مُڪ ميز تان کڄي، وري پوري زور سان اچي ميز تي لڳي. ميز کان دانهن نڪري وئي.

ميز ٿو ڀڃين! دونهين اوڳاڇيو.

تنهنجي پيءُ جي آهي ڇا ميز! مُڪ ڀيڙجي وئي، پر ميز تي ئي رکيل رهي.

ته ڇا تنهنجي پيءُ جي آهي؟ دونهين جو ڇَلو ٺهيو.

اڙي، اصل ڳالهه ته ٻڌڻ ڏيو! جوتن جو آواز هو اهو.

ڪهڙي هئي اصل ڳالهه؟ ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.

اصل ڳالهه ته اها هئي ته اسان کي پنهنجي قومي آجپي تي ويچارڻو هو! دونهين جو ڇلو ٺهيو.

قومي آجپي يا پنهنجي آجپي تي؟ لِپ اِسٽڪ چپ چوريا.

واهه واهه! ڊارڪ گلاسز آکيو.

شٽ اَپ! مُڪ کڄي، زور سان اچي ميز تي لڳي. ميز کان ڪنجهه نڪري وئي.

ته پوءِ وِيچاريون پنهنجي - قومي - آجپي تي! ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.

في الحال اسان کي ڪجهه ناهي ڪرڻو! جوتن چيو. جيڪي ٽيبل تي رکيل هئا. پيرن سوڌا.

سکڻو بيان به نه! دونهين جو ڇَلو ٺهيو.

نه! جوتن چيو.

ڇو نه؟ مُڪ ميز تي رکيل رهي.

مٿان کان اڃا آرڊر نه ٿيو آهي! جوتن چيو.

مٿان کان ڪٿان کان؟ الله سائينءَ کان! دونهين اوڳاڇيو.

مٿان کان معنيٰ مٿان کان! ٽيبل تي رکيل جُوتا پاڻ ۾ ٽڪرايا.

ڪٿان کان؟ ڪراچيءَ کان! ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.

اسلام آباد کان. لپ اسٽڪ چپ چوريا.

واشنگٽن کان، نيل پالش ڌُڪو هنيو.

تنهنجو ڇا مطلب آهي ته اسين-! جوتا ٽيبل تان هيٺ لهي آيا پيرن سوڌا.

واهه واهه! ڊارڪ گلاسز ڪُڇيو.

اوندهه ۾ به ڊارڪ گلاسز! مُڪ اُمالڪ ميز تان کڄي. چنبو بڻجي، ڊارڪ گلاسز تي جهپو هڻي، جوتن ڏانهن اُڇليا. چورررڪ ررچ...

جوتا شايد هوندا ئي ان لاءِ آهن، ته جيئن شيشا چُور چُور ڪري سگهن! لپ اسٽڪ ڀُڻڪيو.

جوتا ان لاءِ هوندا آهن، ته جيئن نيرا پير لڪائي سگهن! دونهين اوڳاڇيو.

جوتا ان لاءِ هوندا آهن، ته جيئن هڪ ئي ٿُڏي سان تنهنجو ميڄالو مُڃ ڪري سگهن! جُوتا ٿُڏي لاءِ سنڀريا-

- در کي ٿُڏو لڳو. ٿُڏي سان در جا ٻئي پَٽ پٽجي ويا. ۽ ڪجهه ماسڪ اندر ڌُوڪي آيا. ماسڪ جيڪي مُنڍين تي چڙهيل هئا. مُنڍيون ڌڙن تي رکيل هيون. ڌڙ جيڪي ٽنگن تي بيٺل هئا. انهن جي هٿن ۾ ڪلاشنون هيون. هو ايندي ئي برسٽ کولي ٿا ڇڏين....

                           (مهراڻ- 3/1992ع)

 خيرالنساءِ جعفري

قربتون ۽ فاصلا

 

”ڪڏهن ڪڏهن قربتون فاصلا وڌائي به ڇڏينديون آهن. تارن جو حُسن ته انهن کي پري کان ئي ڏسڻ ۾ هوندو آهي...“ هن چيو هو ۽ مان سمجهي ئي نه سگهيو هوس.

کيس پهريون ڀيرو پنهنجي سؤٽ فرزانه جي شاديءَ ۾ ڏٺو هوم. هوءَ معمولي شڪل صورت جي ڇوڪري هئي. منجهس ڪابه ڳالهه اهڙي نه هئي جا ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي مٿس ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري. پر الائي ڇو سندس لباس ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ کيس منهنجي ڌيان تي آڻي ڌريو هو.

شاديءَ جهڙن هنگامي موقعن کان آءٌ هونئين ڏاڍو الرجڪ هوس. اهڙن موقعن تي هوندو ئي ڇاهي؟ هروڀرو جو ڇرڪائيندڙ روشنيون ۽ آواز، مصنوعي چهرا ۽ لباس، اجايا رسمي ٽهڪ ۽ جملا! شخصيتن ۽ سماج جا اهي ٻٽا ٻٽا روپ- اندر ڪجهه، ٻاهر ڪجهه!

پر هن شاديءَ ۾ مون کي ضرور شريڪ ٿيڻو هو، جو فرزانه سان واعدو ڪيل هوم. چيو هئين ”مِٽي مائٽي به آخر ڪا شيءِ ٿيندي آ. رشتن ناتن کي ڪڏهن ڪڏهن نباهڻ لاءِ اگر ڪي ٻه- چار ڪلاڪ قربان به ڪرڻا پون ته ان ۾ ڪهڙو حرج آ.“ نتيجي طور چئن ئي طرفن کان گوڙ گهمسان جي هن ميلي ۾، جتي ڀانت ڀانت جا ڪيئي ماڻهو حقيقتن جي کوکلائپ کان خائف ٿي وڏن وڏن ٽهڪن ۾ پناهه وٺي رهيا هئا، پاڻ کي سڀني کان ڇنل ۽ ڌار محسوس ڪري رهيو هوس، ۽ جڏهن پاڻ تي ۽ ٻين تي جک کائي رهيو هوس تڏهن اوچتو مون هن کي ڏٺو هو. هوءَ مون کي ٻين کان تمام مختلف ۽ ڏاڍي اوپري لڳي هئي. انتهائي معمولي ۽ سادي، بيحد قديم ۽ اَجنبي!

کانئس وڌي پڇيم ”توهين ڪٿان کان آيون آهيو؟“

(’توهين‘ به پنهنجي عادت کان مجبور ٿي چيو هوم، ورنه هوءَ ته ’تون‘ ڪري ڳالهائڻ جي به لائق نه هئي.)

وراڻئين ”مئن جي دڙي کان“. منهنجو ڌيان هيڪر وري سندس سراپي تي ويو.... خاموش معمولي اکيون.... سانورو رنگ، سوسيءَ جي سلوار، ڪچ ڀريل گج تي چولو ۽ لاک رتي اَجرڪ!  شاديءَ جو هئو مئو ٽريو ته ڏٺم سندس هٿ ۾ ڪو رسالو هو.

”پڙهيل آهين؟“ پڇيومانس.

”نه“ وراڻئين.

”پوءِ هي رسالو ڇو کنيو اٿئي؟“

”واءُ ڪرڻ لاءِ.“

شاديءَ جي ٻئي ڏينهن تي هوءَ ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان گهر ۾ گهمي رهي هئي. فرزانه کان آهستگيءَ سان پڇيم.

”اها پراڻي شيءِ ڪير آ؟“

چيئين، ”پري کان پنهنجي مائٽاڻي لِڇ مان آ ۽ منهنجي سٺي دوست به آ.“

”۽ خير سان بيڪار به آ.“ مون کلي آهستگيءَ سان وراڻيو هو.

تنهن ڏينهن شام جو گهوٽ ڪنوار کي هل پارڪ وٺي وڃڻو هوم. گاڏيءَ جي آرسيءَ ۾ پويان نهاريم ته ڪنوار جي پاسي کان هوءَ به ٽُنبي ويٺي هئي. ان شام کيس ڏاڍي سوبر رنگ جي ساڙهي پاتل هئي، جنهن ۾ هوءَ ڪجهه ڪجهه سمارٽ ٿي لڳي. کيس ڏسي مون کي سندس وجود ڪجهه ڪجهه گوارا لڳو هو، جو ڀانيو هوم ته هن ’نئين جوڙيءَ‘ سان آءٌ ڪهڙو اينجواءِ ڪريان ها. سو هيءَ ’پراڻي شيءِ‘ وقتي وندر لاءِ مڙيئي چڱي ثابت ٿيندي محسوس ڪئي هئم.

هل پارڪ جون هوائون کائيندي ۽ ڪافي پيئندي هن کي مون ڪيترائي دفعا ڳالهين ڪاڻ ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڇلڪڻ جو نالو ئي نه ورتو هو. تڏهن مون دل ۾ سوچيو ته مون کي منجهانئس اهڙي اميد ئي نه رکڻ گهربي هئي. اَڪن کان اَنب گهرڻ وارا بيوقوف هوندا آهن، ۽ مون به تڏهن پاڻ کي بيوقوف ڀانيو هو!

پوءِ الائي ڪهڙيءَ ريت ڪو دلچسپ موضوع ڇڙيو هو. بحث ڇڙيو ته هوءَ به کُلي پيئي هئي، ائين جيئن سنڌوءَ جي پَوتـر پاڻيءَ جا بند ڀڳا هجن. هن جي گفتار ۽ خيالي پرواز پسي مان دنگ رهجي ويو هوس. حيرت کاڌي هئم ان ’پراڻي شيءِ‘ تي، جنهن ۾ ايڏو علم ۽ عرفان، ادب ۽ تهذيب جو اَکٽ درياهه موجزن هو. ان گهڙيءَ هُن آڏو مون پاڻ کي حقير ڪک جيان ڀانيو هو، جو سندس وهڪري آڏو لڙهندو ٿي ويو. پر تڏهن به لڙهندي لڙهندي مون سوچيو هو ته هيءَ قديم شيءِ پنج هزار سال اڳ به تازي هئي ۽  سڀان به تازي رهندي. وقت جي هر وک هن جي قدامت کي نواڻ ۽ تازگي بخشيندي ۽ هن جي جوڀن کي جياريندي. هيءَ شيءِ اَمر هئي ۽ اَمر رهندي. ماکي جيئن پوءِ تيئن مٺي!

تڏهن ڀانيو هوم ته هن جي مقابلي ۾ منهنجي زندگي ته ڄڻ ٺوٺ ڌرتيءَ جو حصو هئي، جنهن تي اُن پَوتر پاڻيءَ جي پالوٽ ئي نه ٿي هئي، ۽  جنهن ۾ هيل تائين ڪو ساوڪ جو سلو سرجيو ئي ڪونه هو. سوچيم منهنجي حصي جا سلا ته وڃي اُنهن گسن تي اُڀريا، جت ان پوتر پاڻيءَ جا سهڪار هئا. ڀلا ريج بنا ڌرتي ۽ جوت بنا جيئڻ به ڪو جيئڻ هو!

اُها سڄي رات آءٌ پنهنجي گذريل زندگيءَ تي سوچيندو رهيس. هوءَ پراڻي شيءِ رکي رکي مون کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندي رهي. اُنهيءَ رات مون ڪيئي خواب ڏٺا هئا. هر خواب ۾ مون سنڌوءَ جي سهڪار ۾ ساوڪ جا سلا سرجندي محسوس ڪيا، جن کي ڌرتيءَ ۾ جڙون ته هيون پر جن کان هيل تائين ريج رُٺل رهيو هو. هر خواب ۾ مون چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ اُميدن جا مور نچندي محسوس ڪيا هئا.

صبح سوير نئين جوت سان جيئڻ جو عزم ڪري هُن جي گس وڃي بيٺو هوس، پر خبر پيم ته هوءَ پنهنجي شهر وڃي چڪي هئي. سندس وڃڻ جو ٻڌي هٿن مان ڪجهه ڇڏائيندي محسوس ڪيو هوم ۽ خالي هٿ مٿي تي ڏيئي آفيس هليو ويو هوس.....

فرزانه کان آڏي پڇا ڪري سندس فون نمبر هٿ ڪيم. آواز مان ڀانيم ته پاڻ ئي آهي. تڪڙ مان پڇيم، ”ڪٿان پئي ڳالهائين؟“

”مئن جي دڙي مان.“

پڇيم، ”ڪيئن آهين؟“

وراڻئين، ”في الحال مٽيءَ ۾ مبهوت آهيان.“

چيم، ”مڱڻيءَ جون مبارڪون هجنئي.“ پر هن ڪو جواب ئي نه ڏنو. ڇوهه مان چيم، ”منهنجي زندگيءَ جا ته ليکا لاهي ڇڏيئه....پر هِت فون تي منٽ منٽ جو ليکو ٿيندو آ، سمجهيئه.“ تڏهن به ڪو جواب نه مليو. هيڪر وري پڇيم، ”ڇو مبارڪن جو جواب نه ڏنئه؟“

وراڻئين، ”اسان جي تهذيب ۾ ڇوڪريون مبارڪون ’وٺنديون‘ ئي ناهن.“

”تڏهن؟“

”ڏيڻ ۾ مزو آ....سو وٺڻ ۾ ڪهڙو!“

”تڏهن به ڀانيان ٿو خوش آهين؟“

”ها. آهيان ته!“

هيڪر وري باهه لڳم. بُڇان کائيندي چيومانس، ”اهو تو وارو مڱيندو پڪ ڪو وڏو آفيسر هوندو.“

جواب ڏنئين، ”ڏس، پهريون لفظ واپس وٺ، باقي آفيسر ناهي.“

”تڏهن پڪ ڪو عالم فاضل هوندو اُهو تيس مار خان؟“

چيئين، ”پويون لفظ واپس وٺ، باقي عالم فاضل ناهي.“

”تڏهن پوءِ قبوليئه ڇالاءِ؟“

”منهنجو پنهنجن مان آهي.“

ڏُک وچان چيم، ”تون پڙهيل ڪڙهيل ٿي ڪري اهي رواج نه ڀڃي سگهينءَ؟“

”ڀڃڻ جون ٻين کي صلاحون ڏيندي آهيان، باقي پاڻ ڀڃڻ جي همت ڪانه هيم.“

۽ پوءِ ٻڌو هئم ته اُن ’پراڻي شيءِ‘ تي ڏاڍي اهتمام سان قديم ريتن جي هڪ ديوار ڪري پئي هئي ۽ هوءَ اُن ۾ دَٻجي ويئي هئي. تڏهن هيڪر وري مون کي ساين اُميدن جا ساوا سلا سُڪندي محسوس ٿيا هئا.

ٻئي دفعي فون ڪيم ته هن فون ڪرڻ جو سبب پڇيو. چيم، ”گهر ٺاهڻ لاءِ صلاح وٺڻ گهران ٿو، تنهنجي راءِ گهرجي.“

جواب ڏنئين، ”ڀل گهر ٺاهيو، چڱي ڳالهه آهي، ڌرتيءَ جي هر رهواسيءَ کي بنيادي جياپي جو پورو حق حاصل آهي.“

مذاق مان چيم، ”ته پوءِ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ واري اصول جي پيروي چاهيان ٿو....گهر ٺاهي ڏيندينءَ.“

”نه، مون کان ائين نه پُڄندو.“

پڇيم، ”ڇو؟“

چيئين، ”ننڍي لا ٻين ٻارڙن سان جي ريتيءَ جا گهر ٺاهيندي هئس ته اُهي سڀ کان پهرين منهنجا جهرندا هئا.... سو هاڻي پنهنجو موڊ ناهي.“

”پر منهنجو گهر ته ٺاهي ڏي؟“

چيئين، ”آءٌ حالتن جي هٿان جهُريل آهيان.... مون کان ڪي به ڪين جُڙندو....“

ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻڌو هئم ته هن جي مڱڻي ٿي ويئي. صدمي هڻي نهوڙي رکيم. جک کائيندي هيڪر وري فون تي کيس جنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪيم.

                   (مهراڻ- 2 ۽ 3/1975ع)

 ممتاز مهر

منزل

جڏهن هو ريل جي دٻي ۾ داخل ٿيو تڏهن سڀ سيٽون ڀريل ڏٺائين. هڪڙي ڄڻي کيس هيٺ مٿي جاچي پوءِ سري ويهڻ جي جاءِ ڏني. ويهڻ ۾ هو پاڻ کي تنگ محسوس ڪرڻ لڳو، لاچار هو. هٿ ۾ جيڪا بئگ هيس سا سيٽ جي هيٺان رکي ڇڏيائين.

”ڪيڏانهن پيا وڃو؟“ ڀر واري ماڻهوءَ ڏاڍي اشتياق مان کانئس پڇيو.

”..... شهر“ مختصر جواب.

”..... شهر؟“

”هائو... الف شهر“. کيس هو ماڻهو بلڪل بور پئي لڳو، تنهنڪري کيس لنوائڻ جو ارادو ڪري بئگ مان هڪ رسالو ڪڍي پڙهڻ لڳو. آخرڪار ريل هلڻ لڳي. جڏهن ريل جي رفتار تيز ٿي ويئي تڏهن دٻي جون سڀ دريون بند ڪيون ويون. در ته اڳ ۾ ئي بند ڪيو ويو هو. نه رڳو شيشن واريون دريون، پر ٻاهرين تاڪن وارين درين کي پڻ بند ڪيو ويو هو. (شايد ٿڌ جي ڪري يا اندر ايندڙ مٽيءَ جي ڪري) تنهنڪري بيٺل سج هوندي به دٻي جي اندر اوندهه ٿي پيئي هئي.

”دٻي جي اندر اوندهه، گهُٽ، سگريٽن جي دونهين، ويهڻ جي تنگ جاءِ جي ڪري من مُنجهڻ لڳس. روشني نه هئڻ ڪري پڙهي به نٿي سگهيو، تنهنڪري سيٽ تان اُٿي ڪري جيئن ئي هڪ دريءَ جا طاق مٿي ڪرڻ لڳو، ته ڪنهن همراهه اچي سندس هٿ کي جهليو ۽ چوڻ لڳس: ”ڇو سائين! اوهان کي سيءُ نٿو ٿئي ڇا؟“

”مون کي مونجهه ٿي ٿئي... مهرباني ڪري ٿوري تازي هوا کائڻ ڏيو“، وراڻيائين.

”واهه سائين واهه... اسين پيا ٿڌ ۾ ڏڪون ۽ اوهان کي تازي هوا کپي!“ هڪ ٻئي ويٺل چيو.

”ڀلا ٻاهريون طاق ته مٿي ڪرڻ ڏيو، جيئن ڪجهه ڏسي سگهجي!“

”ڏسڻ لاءِ ٻاهر رکيو ڇاهي... سڄو جهر جهنگ لڳو پيو آ!“

”نظارا پسڻا اٿو ته اونهاري ۾ڪنهن پهاڙ تي وڃو... ها، سامونڊي نظارا به من کي موهيندا آهن!“

 ”ٽوڪ مٿان ٽوڪ... رونشو”“

”منهنجو اهو مطلب ڪونه هو...“ چيائين، “منهنجو مطلب هو ته دٻي جي اندر اوندهه ٿي پيئي آهي، شيشن مان مڙئي ڪجهه نه ڪجهه روشني ايندي!“

”سائين ڇڏيو اجاين ڳالهين کي... وڃي پنهنجي جاءِ والاريو، متان ٻيو نه وڃي والاري.... ٿوري دير انتظار ڪريو، بتيون ٻرنديون ۽ سڄو دٻو روشن ٿي ويندو“. ائين چئي بيٺل همراهه کيس ٺونٺ سان پرتي هٽائي، دريءَ جا اڳيان پويان طاق هيٺ ڪري ڇڏيا.

هُو لڄي ٿي پنهنجيءَ سيٽ تي وڃي ويٺو. سندس ڀر وارو ساٿي مڱيرا کائي رهيو هو، کيس صلاح ڪري مڱيرن جو لفافو ڏانهس وڌايائين.

”نه..... مهرباني“. اهو چئي هن پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.

مونجهه... وڌندڙ مونجهه اکيون ٻوٽي ڇڏيائين ۽ ڊگها ساهه کڻڻ لڳو. ائين ڪرڻ سان ڪجهه سڪون ملي رهيو هوس. گهڻي دير تائين پنهنجون اکيون ٻوٽيل رکيائين. ڀرسان ويٺل همراهه ڪجهه پڇي رهيو هو: ”طبيعت ته ٺيڪ اٿوَ؟“ پر هن ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ ڪو جواب نه ڏنائينس.

گاڏي تيز رفتار سان ڊوڙندي پئي ويئي. گاڏيءَ جا ڦيٿا پٽن تان ترڪندا، جيئن اڳتي وڌندا ۽ گاڏيءَ جي لوڊ کي ڇڪيندا پئي ويا، تيئن انهن مان مختلف قسمن جا آواز پڻ نڪري رهيا هئا. مختلف قسمن جا سُريلا آواز (ڪِن کي اهي آواز بي سُرا لڳندا هوندا!) کيس ياد آيو ته ”ننڍي هوندي، ڊوڙندڙ ريل گاڏيءَ جو سُريلو آواز جڏهن ڪنن تي پوندو هو، ته ائين ڀائيندو هوس ڄڻ ريل چوندي هجي: ”ٽڪو پيسو... ٽڪو پيسو“، تڏهن ائين لڳندو هوم ڄڻ ريل جي به ڪنهن جيوَ جيان ڪا هستي هجي، جيڪا شانَ سان پنهنجي رستي تان لنگهندي ٿي وڃي ۽ وچ ۾ ايندڙ ننڍيون وڏيون اسٽيشنون، سندس آرام ۽ ٿڪ پٽڻ جو عارضي هنڌ هجن ”... اسٽيشن کان اڳ ۾ اُڀا نظر ايندڙ سگنل ڪنڌ نمائي ڄڻ ته ريل گاڏيءَ جو آدرڀاءُ ڪندا هجن!... ساڳيءَ ريت اسٽيشن جي آخري حد تي بيٺل سگنل وري ڪنڌ نمائي ريل گاڏيءَ کي موڪلاڻي ڪندا هجن! ننڍي هوندي ٻاراڻيون رانديون ڪندي، امان هڪ ڀيري هٿ جي هڪ ننڍڙي ريل گاڏي ٺاهي هئي، جنهن کي مقرر ليڪن (پٽن) تي گول چڪري ۾ ڦيرائيندا هياسين ۽ ڪن هنڌن کي اسٽيشنن جا نالا ڏيئي، اُتي گاڏيءَ کي بيهاريندا هياسين... ۽ ڪانن جا ٺاهيل سگنل ريل گاڏيءَ جي آجيان يا موڪلاڻي ڪندا هئا!“

هُو ننڍپڻ جي انهن ڳالهين تي سوچيندي دل ۾ کلي رهيو هو: ”اڄ جون گاڏيون وڌيڪ سهڻيون لڳنديون آهن ۽ ڊيزل انجڻ وسيلي وڌيڪ تيز ڊڪنديون آهن. هاڻوڪا سگنل ڪنڌ نمائي آجيان ۽ موڪلاڻي ڪونه ڪندا آهن، پر آٽوميٽڪ طور تي، انهن سگنلن جي سائي، ڳاڙهي يا پيلي رنگ جي بتين منجهان تيز روشني نڪرندي آهي (سرچ لائيٽ جيان!) تنهن کان سواءِ هڪ ٻيو به فرق آهي... اڳ وارين ريل گاڏين ۾ ماڻهن جي رش ۽ پيهه گهٽ ٿيندي هئي ۽ ڪاڪوس صاف رهندا هئا ۽ انهن ۾اهڙي بدبوءِ نه هوندي هئي، جو ماڳهين ارواح کڄي وڃي....!

سندس سوچون ڦري گهري وري پنهنجي هاڻوڪي حالت تي ٿي اچي بيٺيون. سندس حالت خراب کان خراب ٿيندي پئي ويئي، ائين ٿي لڳو ته ڄڻ بيهوش ٿي ويندو. هن پنهنجي ڀر واري کي پنهنجي حالت کان آگاهه ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ڏٺائين ته هُو جهوٽا کائي رهيو هو.

خبر ناهي ته ان وچ ۾ گهڻو وقت گذري ويو، سندس ڀر واري کيس ٻڌايو ته، ”تون بيهوش ٿي ويو هئين... جڏهن سڀني پنهنجا پادر توکي سنگهايا، تڏهن مس مس توکي هوش آيو هو“.

”منهنجي دل ٻڏي پئي... خدا ڪارڻ دريون کولرايو!” ڀر واري کي ٻاڏائيندي چيائين.

”دريون....“ سندس ڀر واري زور ڏيندي چيو، ”دريون کلنديون ته پوءِ ٻيا ماڻهو اندر ڌوڪي ايندا ۽ اسان سڀني جو وڌيڪ ساهه منجهندو... ٻيو ته مان جيڪڏهن چاهيان به ته دريون نه کلنديون... ٻيا ماڻهو ڪنهن به حالت ۾ دريون کولڻ نه ڏيندا“.

هو مايوس ٿي ڪنڌ جهڪائي، آهستي آهستي ساهه کڻڻ لڳو... ائين وقت گذرندو ويو... سيڪنڊ... منٽ... ڪلاڪ!

اوچتو هُو ڇرڪ ڀري اُٿيو. دريون جيتوڻيڪ اڃا به بند هيون، پر نڪ مان تازي هوا اندر وڃي رهي هيس... اها تازي هوا جنهن ۾ خوشبو سمايل هجي! گُلن ڦُلن جي... وڻن ٽڻن جي... ڌرتيءَ مان ڦٽندڙ اَنَ جي!

اوڏيءَ مهل هن پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو. هاڻي نڪو هوس ٿڪ، نه بيچيني، نه ئي مونجهه يا اُٻس. هڪدم واچ ۾ وقت ڏٺائين: ٺيڪ شام جا ست ٿيا هئا.

”منهنجي منزل اچي ويئي... ماڳ تي پهچي ويس... هاڻي دريون کوليو.... دٻي جو در کوليو.... مان لهندس... مان لهندس...“ هن ذري گهٽ جوش ۾ اچي رڙيون پئي ڪيون.

”ڪهڙي منزل؟... ڇا جي منزل؟“

”منهنجي منزل!“ وراڻيائين ”ٻڌو نٿا آواز... ڄاتل سڃاتل ماڻهن جا آواز... اهائي ته منهنجي منزل آهي... منزل!“ پنهنجو ڳلو خشڪ ٿيندو محسوس ڪرڻ لڳو.

”بند ڪر پنهنجي بڪواس... منزل اچي ويس... هون!“

”خواب ٿو لهي... ها ها ها... هي هي هي!“

”مان خواب نٿو لهان... سچ ٿو چوان... ڏسو ته گاڏيءَ رفتار گهٽائي ڇڏي آهي... ڄاڻ بيهڻ واري آهي!“

”دماغ خراب ٿيو اٿس“. (ٽهڪ)

هُو وڌيڪ پريشان ٿيندي پنهنجي ڀر واري کي ڌُونڌاڙي، پڇيس ٿو: ”ادا... ڇا هيءَ گاڏي نه بيهندي؟“

”گاڏي!“... ”هيءَ گاڏي ايترو جلد ڪا بيهڻ واري آهي!“ ڪاوڙ گاڏڙ ٽوڪ جي لهجي ۾ همراهه جواب ڏنس.

”ڇا مان غلط ٽرين ۾ ته نه چڙهيو آهيان؟“...

”ڇا هيءَ اپ... ڪانهي؟“ پريشانيءَ جا اهڃاڻ سندس منهن تي.

”اپ...!“ هلڪو ٽهڪ، ”خبر ڪانهي ته ڪهڙي اَپ آهي... ائين ٿو لڳي ته هيءَ گاڏي جلد بيهڻ واري ڪانهي“. ايترو چئي سندس ڀر واري ٻيهر پنهنجيون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.

”مان ٻڌايانءِ ته هيءَ گاڏي ڪڏهن بيهندي؟“ هڪٻئي ويٺل مسافر گنڀير ٿي چيس.

”ها ها ٻڌاءِ..... اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي“. سندس اکين ۾ اوچتو چمڪ پيدا ٿي ويئي.

”ها ته ٻڌي ڇڏ.... هيءَ گاڏي تڏهن بيهندي، جڏهن ريل جا پٽا ختم ٿي ويندا ۽ ريل گاڏيءَ جا ڦيٿا وڃي زمين ۾ کپندا“.

”ائين نه ٿيندو... ائين ڪڏهن به نه ٿيندو... منهنجي منزل اچي ويئي آهي... مون کي وڃڻ ڏيو... در کوليو... مهرباني ڪري در کوليو“. بدحواس ٿي هُو ماڻهن جي وچ مان پنهنجو رستو ٺاهيندو ٿاٻڙندو وڃي گاڏيءَ جي در وٽ پهچي ٿو، جنهن جي اڳيان ٻه متارا ماڻهو ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن. هو کين آزي نيزاري ڪري ٿو، پر هُو در نٿا کولين ۽ کيس ڌڪو ڏين ٿا. هُو ٿڙندو ٿاٻڙندو ٽڙيل پکڙيل سامان تان ٿڙندو ٿاٻڙندو ماڻهن جي مٿان وڃي ڪِري ٿو ۽ ريل گاڏي وڌيڪ زوڪاٽ ڪندي اڳتي ڊوڙندي وڃي ٿي.

                            (مهراڻ- 3/1978ع)

”مهراڻ“- منهنجيءَ نظر ۾                           
         جيڪڏهن مون کان ڪو پڇي ته ورهاڱي کان پوءِ اهو ڪهڙو ادارو آهي جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ گران قدر ڪم ڪيو ته آءٌ اکيون پوري چوندس: ”سنڌي ادبي بورڊ.“ پر جيڪڏهن مون کان ڪو اهو پڇي ته اهو ڪهڙو رسالو آهي جنهن گذريل پنجاهه سالن کان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي بي پناهه خدمت ڪئي آهي ته مان هڪ ڀيرو وري اکيون ٻوٽي چوندس ته: ”ٽِه- ماهي مهراڻ!“

آءٌ اها ڳالهه ڪنهن فرد کي خوش ڪرڻ لاءِ نٿو چوان، پر مان خوشنصيب آهيان جو 1956ع کان شايع ٿيل مهراڻ جي پرچن پڙهڻ جو مون کي موقعو مليو آهي، انڪري دعويٰ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۾ ”مهراڻ“ جيڪا علمي، ادبي (خاص ڪري تحقيقي ادب ۾) خدمت ڪئي آهي، اها پنهنجيءَ جاءِ تي بي مثال آهي. اهڙا سوين ليکڪ هوندا جن پنهنجو مواد مهراڻ ذريعي پڙهندڙن تائين پهچايو هوندو، بلڪه آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته موجوده دَور ۾ جيڪي به نالي وارا اديب مڃيا وڃن ٿا، انهن ”ٽِه- ماهي مهراڻ“ ذريعي ئي پاڻ مڃرايو آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ ۽ فخر وچان چئي سگهان ٿو ته اسان وٽ ”مهراڻ“ جهڙو شاندار رسالو موجود آهي، جنهن جو معيار پاڪستان جي ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ تحقيقي رسالن کان گهڻو مٿي آهي.

مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، جو اڄ سنڌي ادبي بورڊ، ”مهراڻ“ جي ”گولڊن جُبلي نمبر“ جي شايع ڪرڻ جي سنبت ڪئي آهي. منهنجي دعا آهي ته ”مهراڻ“ اڃا وڌيڪ ترقي ڪري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي.

جيئن ته آءٌ پاڻ به گذريل ڪجهه سالن کان ”مهراڻ“ ۾ لکي رهيو آهيان، مون پنهنجي ذاتي تجربي سان ڏٺو آهي ته رسالي ۾ جيڪي لکڻيون ڇپجن ٿيون، اهي سَو سيڪڙو ميرٽ جي بنياد تي هونديون آهن. نوَن لکندڙن کي ته خاص طرح همٿايو وڃي ٿو، ايتريقدر جو ڪا نه ڇپجڻ جوڳي لکڻي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اُڇلائڻ بدران ليکڪ کي عزت ۽ احترام سان واپس ڪئي وڃي ٿي. اهڙو مهذب ورتاءُ مون کي اڄ تائين ڪنهن به ٻئي سنڌي رسالي ۾ نظر نه آيو.

”مهراڻ“ جي هڪ ٻي خصوصيت اِها به آهي ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ دوران جيڪي تحقيقي مقالا لکن ٿا، اهي نوي سيڪڙو “مهراڻ” جي پرچن مان مدد وٺن ٿا. انڪري مهراڻ نه صرف ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيو آهي، پر علم جي آبياري ڪرڻ ۾ پڻ اُن جو وڏو ڪردار آهي.       

                                         - ايوب عمراڻي

)سن، سنڌ(

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com