سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :22

نجم عباسي

توکي مُرڪندو ڏسان

اوچتو هڪ ڏينهن لالي گـُـم ٿي ويئي.

مون هن جو نالو ”انٽرنيشنل معشوق“ رکيو هو. جڏهن مون کي پنج- ماڙ هاسٽل جي اولهه واري بلاڪ ۾ ڪمرو مليو، ۽ مان بالڪنيءَ ۾ بيهي آسپاس جي دنيا جو ديدار ڪري رهيو هوس، ان وقت منهنجي نظر هيٺ هڪڙي ڪـچي گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل ڇوڪريءَ تي وڃي پيئي. هن جي عمر سورهن- سترهن سال مس هوندي. هوءَ مون ڏانهن گهوري نهاري رهي هئي، مشڪي رهي هئي ۽ منهنجي ڏسندي ڏسندي هڪ ملٽري سئليوٽ (سلام) به ڪري ورتائين، ۽ هٿ سان ائين اشارو ڪرڻ لڳي، ڄڻ ته پڇيائين ٿي ته خوش چڱو ڀلو ته آهين نه، ٻيو ته مڙئي خير آهي!

منهنجون واڇون ٽڙي ويون ۽ بي اختيار چهري تي مسڪراهٽ ناچ ڪرڻ لڳي. هر نوجوان وانگر هڪدم خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويس. مون کي پنهنجي حسن تي ناز ٿيڻ لڳو ته ڪيئن نه منهنجو حسن عورتن کي بنا دير جي گهائل ۽ مائل ڪري ٿو وجهي. مون سمجهيو ته لـَـو ائٽ فرسٽ سائيٽ (پهرئينءَ نظر ۾ ئي عشق) جو جيئرو جاڳندو مثال قائم ڪيو اٿم. هن هيترن نو عمر شاگردن ۾ جو منهنجو انتخاب ڪيو آهي، ان ۾ به ڪو راز ته آهي!

پر لاليءَ (اهو ئي سندس اصل نالو هو) مون کي گهڻو وقت ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ نه ڏنو. آءٌ اڃا انهيءَ روحاني لذت مان لطف ماڻي رهيو هوس ته هن کي وري سلام ڪندي ڏٺم. مگر هن دفعي هن جو رُخ ڪنهن ٻيءَ بالڪنيءَ طرف هو. مون نـِـوڙي ڏٺو، هوءَ سعيد احمد کي سلام ڪري رهي هئي. هو به هن سان ڏند ٽيڙي، اشاري بازي ڪري رهيو هو.

اندر جلي ويم ۽ رقابت جي آگ ڀڙڪڻ لڳي. منهنجو سارو غرور غائب ٿي ويو، ۽ منهنجا بنايل هوائي قلعا هڪ لحظي ۾ لَٽجي ويا.

الاهي بخش ٻاهر بالڪنيءَ ۾ نڪتو ته وري هن سان نخرا ڪرڻ لڳي. مون کي قصو ڪجهه عجيب ۽ واهيات نظر اچڻ لڳو ۽  غصو پڻ سخت اچي رهيو هوم. (خبر نه آهي ته ڪنهن تي ۽ ڇو؟)

نهايت دلچسپ معاملو هو. لالي سڀني شاگردن جي هئي ۽ سڀ شاگرد لاليءَ جا هئا. جو به هن ڏانهن نهاريندو هو. (جيڪڏهن ڪو ڏانهس نه نهاريندو هو ته پوءِ هوءَ پاڻ ڪنهن نه ڪنهن نموني هن جو ڌيان ڇڪائيندي هئي) يا هن سان حرڪت ڪندو هو ته هوءَ به فراخدليءَ سان ان جو جواب ڏيندي هئي. ڪڏهن هوءَ ويچارا ڪڍندي هئي، ڪڏهن آهستي آهستي راڳ جهونگارڻ لڳندي هئي، ڪڏهن چپن ئي چپن ۾ الائي ڇا بَڙ بَڙ ڪري مصنوعي غصي جو مظاهرو ڪندي هئي، ناچ ڪري ڏيکاريندي هئي، آرسي سامهون جهلي بيهندي هئي يا ان سان اولو ڪندي هئي يا ڪنهن اخبار مان ڪٽيل مورت ڏيکاريندي هئي. هوءَ گهر جو ڪم ڪار (صفائي ڪرڻ، ٿانو ٿپا مَلڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، کاڌو پچائڻ وغيره) به برابر ڪندي رهندي هئي ۽ بالڪنين ۾ بيٺلن سان به مُنهن ڏيندي رهندي هئي.

هوءَ ڪافي کان زياده معصوم هئي، جهڙو بي سمجهه ٻار. نوجوان شاگردن کي نهاريندو ڏسي، هوءَ ايترو خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندي هئي، جيترو ننڍو ٻار نئين رانديڪي کي ڏسي گدگد ٿئي!

سچ پچ ته لالي اسان جي واسطي هڪ وڏي وندر هئي. جڏهن ڪتاب پڙهي پڙهي ڪـَـڪ ٿيندا هئاسين ته اچي بالڪنيءَ ۾ بيهندا هئاسين. جيڪڏهن لالي پنهنجي گهر جي پڌر ۾ نه هوندي هئي ته اسين ڪنهن جو نالو پڪاري آواز ڪندا هئاسون. ”او فلاڻا...“ ۽ لالي ٻاهر ايندي هئي. هوءَ به اسان جا اهي اشارا ڄاڻندي هئي. اهڙيءَ ريت بيمارين ۽ دوائن جي ڪتابي دنيا مان نڪري اچي صحت ۽ سونهن، مسڪراهٽن ۽ معصوميت جي فرحتي فضا ماڻيندا هئاسين. انهن ڳالهين ڪري ئي مون هن کي ”انٽرنيشل معشوق” جو لقب ڏنو هو.

شام جو بالڪنين ۾ رونق لڳي ويندي هئي. جيڪڏهن شاگرد راندين ۾ بهرو وٺڻ يا شهر گهمڻ نه ويندا هئا سي ٻاهر بالڪنين ۾ نڪري ايندا هئا. ڪي ڪرسيون ڪڍي ويهندا هئا ۽ ڪي ريڊيا ٻاهر رکي، ان جو آواز بلند ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ لاليءَ سان مستيون پيون ٿينديون هيون. هوءَ پنهنجي اڱڻ ۾ نڪري ايندي هئي ۽ ڪم ڪار ڪندي هئي يا ويهي رهندي هئي.

ڪي ڇوڪرا شيون وٺي پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ ان مهل لاليءَ جي آڏو هن جي پڌر ۾ اڇلڻ شروع ڪندا هئا. اهي شيون گهڻو ڪري کائڻ جون هونديون هيون، خاص ڪري کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ.

اهو به ڏاڍو مزيدار ڏيک هوندو هو، جڏهن لالي هڪ هنڌ ويٺي هوندي هئي يا بيهي رهندي هئي ۽ ڇوڪرا جدا جدا بالڪنين مان، جدا جدا طرفن کان هڪ- هڪ ڪري کٽمٺڙا اڇلائيندا ويندا هئا. بلڪل ائين، جيئن مداري کيل ختم ڪرڻ کان پوءِ، وچ ميڙ ۾ چادر وڇائيندو آهي ۽ ان تي ماڻهو ڏوڪڙ اڇلائيندا ويندا آهن.

اڇلائڻ وقت هر ڪو ڇوڪرو ڪونه ڪو رومانوي ۽ محبت ڀريو لفظ يا جملو به چوندو ويندو هو: ”اچئي ٿو منهنجي پيار جو نذرانو....“ ”تون به هن ٽافيءَ جهڙي مٺي آهين....“ ”اڏامي وڃي تون پياريءَ جي چپن سان لڳ...“، ”جيڪر مان به کٽمٺڙو هجان ها...“، ”تنهنجي مرڪ تان قربان“ وغيره.

لالي هڪ خاص انداز سان کٽمٺڙن کي ڏسندي هئي، ۽ اڇلائيندڙ ڏي ڏسي مرڪندي هئي. هن جي مرڪ ڏاڍي پياري ۽ دلڪش هوندي هئي، ڄڻ ته وايو منڊل ۾ هڪ ئي وقت هزارين- لکين مکڙيون ٽڙي پونديون هيون. هن جي مرڪ اندر ۾ اهڙي مٺڙي احساس کي جنم ڏيندي هئي، جو مرڪ جي مالڪياڻيءَ کي، دنيا جهان کان بي نياز ٿي، بي اختيار سيني سان لڳائڻ لاءِ دل تڙڦي اُٿندي هئي.

پوءِ جڏهن ڇوڪرا شيون اڇلائڻ بند ڪندا هئا ته لالي اهي ميڙي گڏ ڪندي هئي ۽ شڪريي مڃڻ طور سلام ڪندي هئي.

ڪن موقعن تي هڪ ٻن شاگردن سرخيءَ جي شيشي، ڪنن جون واليون، پائوڊر جي دٻي وغيره جهڙيون شيون به اڇلايون. لاليءَ پهرين ٻانهون ٻڌي ڄڻ معافي ورتي ته هي شيون مان پاڻ وٽ رکي نٿي سگهان، ۽ پوءِ اُهي شيون ڀت کان ٻاهر رستي تي اڇلائي ڇڏيائين.

مهينن جا مهينا ائين ٿيندو رهيو، پر مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺو ته لاليءَ ڪنهن ڇوڪري سان سڌي گفتگو ڪئي هجي يا سوال جواب ۾ ڳالهايو هجي. سڀ مستيون اشارن ۽ اڻسڌن واڪن ذريعي ٿينديون هيون.

جنهن ڏينهن هن کي مٿي تي ڀنڊي ٻڌل هوندي هئي، ان ڏينهن اسين سمجهي ويندا هئاسين ته هوءَ بيمار آهي. جو به ڇوڪرو هن کي پهرين اهڙيءَ حالت ۾ ڏسندو هو، ته هٿ جي اشاري سان هن کان پڇندو هو ته ڇا ٿيو آهي؟

لاليءَ کي ڄاڻ هئي ته هي ڇوڪرا ڊاڪٽري ٿا پڙهن، پوءِ هوءَ هٿن جي اشارن سان پنهنجو مرض ٻڌائيندي هئي. جي ڪڻس هوندي هيس ته نبض ڏسڻ وانگر پنهنجي ٻانهن تي هٿ رکندي هئي. مٿي ۾ سور هوندو هوس ته مٿي ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي هئي. مٿي ۾ ڦيريءَ جي حالت ۾ مٿي تي آڱر رکي هٿ ڦيرائي ڏيکاريندي هئي. پيٽ ۾ سور هوندو هوس ته پيٽ تي هٿ رکي بيهندي هئي. دست هوندا هئس ته پيٽ تي هٿ رکي، پوءِ هٿ هيٺ زمين ڏانهن ڇنڊيندي هئي. کنگهه هوندي هئس ته کنگهي ڏيکاريندي هئي.

اشاري مان بيماري سمجهي پوءِ ڇوڪرو، جي کيس ڪا دوا سُجهندي هئي، نه ته ٻين سان مشورو ڪري، اها دوا پاڻ وٽان يا ٻئي ڪنهن شاگرد وٽان، نه ته ڊوڙ پائي بازار مان وڃي وٺي ايندو هو. پوءِ اها ڪاڳر ۾ ويڙهي، بالڪنيءَ مان لاليءَ جي پڌر ۾ اڇلائيندو هو. لالي مٿي نهاريندي هئي ۽ هو آڱرين جي اشارن سان هن کي دوا جو وزن سمجهائيندو هو ته هڪ گولي ٽي دفعا يا ٻه ٽڪيون ٽي دفعا. ان تي لالي هٿ لوڏي ۽ مرڪي شڪريو ادا ڪندي هئي. اهائي دل لڀائيندڙ مرڪ، دوا ڏيندڙ جي دل بهار بهار ٿي ويندي هئي. ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي درد جي دوا ملي ويندي هئي. ٻيئي ساڳئي وقت هڪ ٻئي لاءِ ڊاڪٽر به هئا ۽ ته بيمار به!

هن جي گهر ۾ فقط ٻه ڀاتي هئا، هڪ پاڻ ۽ ٻيو سندس مڙس. هن جو مڙس پنجتاليهن ورهين جو پوڙهو هو، ۽ اهائي لاليءَ جي حياتيءَ جي وڏي ٽريجڊي هئي.

پوڙهي کي شهر ۾ پان جو دڪان هو. هو سارو ڏينهن گهر مان غير حاضر رهندو هو. هو موالي هو ۽ چرس جام پيئندو هو. جيترا لاليءَ ۾ ڦڙتائي ۽ زنده دليءَ جا اهڃاڻ هئا، اوترو ئي سندس مڙس ڪُند ذهن، چُرندڙ پُرندڙ بوتو ۽ زندگيءَ کان خالي نظر ايندو هو.

جنهن ڏينهن، يا جنهن وقت هن جو مڙس گهر ۾ هوندو هو، تڏهن هوءَ يا ته ڪم ڪندي رهندي هئي، يا اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويهندي هئي. جي پڌر ۾ ويهندي هئي ته به ڪنڌ هيٺ ڪيو ماٺ ۾ هوندي هئي. وڌ ۾ وڌ مڙس جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هئي. مڙس گهڻو ڪري کٽ تي ويٺي سلفي ڇڪيندي، کنگهندي يا گهيرٽ کائيندي نظر ايندو هو.

بعضي بعضي اوچتو هيٺان رڙين ۽ گارين جو گوڙ ٻڌبو هو، ۽ اسين ڀڄندا ڀڄندا بالڪنين ۾ پهچي ويندا هئاسين. هيٺ نهارڻ سان ڏسبو هو ته لاليءَ جو مڙس هن کي ماري ۽ گاريون ڏيئي رهيو آهي، پر هوءَ پاڻ بچائڻ جي ڪابه ڪوشش نٿي ڪري.

ان تي شاگرد وٺي شور مچائيندا هئا، ۽ مڙس تي ڌمڪين ۽ لعنتن جو وسڪارو لڳائي ڏيندا هئا: ”اڙي بيغيرت، عورت ذات تي هٿ ٿو کڻين!“.... ”اڙي وٺو مواليءَ کي، سڏي اچو پوليس!“.... ”اڙي متان، متان! نامراد“!.... ”ڇڏينس ٿو نه ته اسين سڀ اچي توکي بـُـج بـُـج ڪري ڇڏينداسين!“....

پوءِ شاگردن جو شور ايترو ته وڌي ويندو هو، جو مواليءَ جا نشا ئي ٽُٽي پوندا هئا، ۽ هو لاليءَ کي ڇڏي، اندر گهر جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويندو هو ۽ لالي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه ساعتون ويٺي هوندي هئي، ۽ پوءِ مٿي نگاهه ڪري ڇوڪرن جي ڄڻ احسان مڃڻ لاءِ مرڪندي هئي.... اُهائي سڄي دنيا ۽ حياتيءَ جي غمن کي وساري ڇڏيندڙ ۽ لکين ٽڙيل مکڙين جي بنيل مرڪ. ان وقت هن جو منهن سُڄيل ۽ نيڻ نماڻا هوندا هئا. اسين به سڀ خاموشي اختيار ڪري پنهنجي همدردي جتائيندا هئاسين.

لالي نوجوان هئي، ۽ هن کي هر نوجوان سان محبت هئي. هوءَ نظرن ئي نظرن ۾ چوندي هئي ته مون کي توهان جا جوان ۽ خوبصورت چهرا وڻن ٿا، توهان جا ڪوٽ ۽ سوٽ مون کي پسند آهن، مون کي ڪارا وار پيارا آهن، مون کي اڇن وارن کان نفرت آهي، مون کي پنهنجي مڙس جي بدصورت ۽ گهنجيل چمڙيءَ واري چهري کان نفرت آهي، هن جي پان جي پِڪن سان ڀريل ڪپڙن کان نفرت آهي. ٻار، ٻار سان راند کيڏندو آهي. مان جوان آهيان ۽ جوان سان ئي هم آغوش ٿيڻ جي تمنا اٿم.... اچو، مون کي اهڙي دنيا ۾ وٺي هلو، جتي رڳو جوان ئي جوان هجن.

اوچتو هڪ ڏينهن لالي گم ٿي ويئي. خبر ٻڌيسون ته هوءَ ڪنهن سان ڀڄي ويئي. پوڙهي مواليءَ ان لاءِ ڇا ڪيو، سا اسان کي سُڌ ڪانهي. اسان ڪي ڏينهن انهن مرڪن، مستين ۽ معصوميتن کي ڳوليندا رهياسين. بالڪنيون ويران ۽ اداس ٿي ويون. وقت گذرندو ويو، ۽ اسان به هن ”انٽرنيشنل معشوق“ کي وساري ڇڏيو.

*      *      *      *

ڊگري پاس ڪري، ڪراچي ڇڏي، وڃي نوڪريءَ ۾ لڳس. ڪيترائي سال گذري ويا، هڪ دفعي پنهنجي پراڻي هم ڪلاسي الاهي بخش جو حيدرآباد ۾ اچي مهمان ٿيس. تلڪ چاڙهيءَ تان لنگهندي، هن مون کي هڪ عورت ڏيکاري پڇيو ته هن کي سڃاڻين ٿو؟ هوءَ وچولي عمر واري هڪ سـُـڪل سڙيل عورت هئي. هن کي ميرا ڪپڙا پهريل هئا ۽ بيک پني رهي هئي. مون کي مهانڊو ڏٺل ضرور محسوس ٿيو، پر وڌيڪ ياد ڪري ڪونه سگهيس.

پوءِ هن چيو، ”هوءَ پاڻ واري انٽرنيشنل معشوق ياد ڪانه اٿئي؟“

اتي مون کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو، ۽ مون هن کي سڃاتو. هوءَ اهائي لالي هئي! پهرين نظر ۾ ئي پروڙي ورتم ته هن جي چهري تي نه اها رونق ۽ چمڪ هئي ۽ نه اهو جوڀن ۽ جذبو. لاليءَ جي لالائي، وقت کان اڳي ختم ٿي چڪي هئي.

الاهي بخش چيو، ”هن عورت جي حياتي به مون ئي خراب ڪئي.“ هو ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو، ”پر پوءِ به موجوده زندگيءَ کي بهتر ٿي سمجهي.“

الاهي بخش هڪ دولتمند زميندار جو شوقين پٽ هو. هن وٽ ڪاليج جي زماني ۾ به موٽر هوندي هئي.

”مان ئي هن کي موٽر ۾ چاڙهي ڪراچيءَ مان ڀڄائي آيو هوس. اسين ملير وٽ هڪ عاليشان هوٽل ۾ اچي رهيا هئاسين، اتي هفتو کن ڏاڍي عيش سان گذريو. پوءِ هن کي ملير جي گهٽين ۾ اڪيلو ڇڏي آءٌ واپس ڪراچيءَ تـِـرڪي آيس ۽ ڪنهن کي به مون ۾ شڪ ڪونه پيو.“ هن سارو واقعو بيان ڪيو.

”ان بعد هن سان ڇا وهيو واپريو ۽ هتي حيدرآباد ۾ ڪيئن پهتي؟“ مون دلچسپي ۽ حيرت ڏيکاريندي پڇيو.

هن وراڻيو، ”مون هڪ ڏينهن اوچتو هن کي هتي ڏسي ورتو. هن به مون کي سڃاتو. هن کي پنهنجي گهر وٺي ويس، ۽ رات رهايومانس. هن مون کي ٻڌايو ته جڏهن مان هن کي دغا ڏيئي اڪيلو ڇڏي آيس، تڏهن هوءَ موٽي ساڳي هوٽل ۾ ويئي، اتي هن کي رنڊيءَ وانگر استعمال ڪيو ويو. هر رات هن کي ڪنهن نه ڪنهن مسافر جي بستري جي زينت بنجڻو پوندو هو.“

”يعني اُتي به هوءَ انٽرنيشنل معشوق ٿي رهي!“ مون وچ ۾ ئي چيو.

”هائو، اهڙي نموني ڪي سال اتي رهي، آخر اتان لاڙ جي هڪ زميندار، جو ان هوٽل ۾ اچي رهيو هو ۽ جنهن کي هوءَ ڏاڍو وڻي ويئي، سو ريهي ريبي، ڀڄائي، پنهنجي ڳوٺ وٺي آيس. اتي ڏيڍ سال کن هن جي جوانيءَ جو رس چوسيائين. پوءِ ڪڪ ٿي، پنهنجي ٻيلين کي حڪم ڪيائين ته وڏي شهر حيدرآباد ۾ هن کي گهٽين ۾ هيڪلو ڇڏي اچو. ٻيلين هڪدم ائين ڪونه ڪيو. پر جيئن ته هو زميندار جي اوبر کائڻ تي هريل هئا، تيئن هن جوڀن جي اوبر مان به پنهنجي جنسي پياس اجهائيندا رهيا، واري وٽيءَ تي. ٻن مهينن کان پوءِ ائين ڪيائون، جيئن مالڪ حڪم ڪيو هونِ. هاڻي هوءَ حيدرآباد ۾ هوندي آهي، ۽ بيک پنندي آهي. ان سان گڏ هوءَ هينئر به انٽرنيشنل معشوق آهي.“

”ڇا هن جا پيءُ- ماءُ ڪونه آهن؟“ مون دريافت ڪيو.

”هن جو دنيا ۾ ٻيو ڪوبه مٽ مائٽ ڪونهي، سواءِ هڪ چاچي جي، جو هن کي هندستان مان هيڏي وٺي آيو هو، ۽ ڪجهه رقم وٺي لاليءَ کي ان ٻڍي مواليءَ جي حوالي ڪيو هئائين، ۽ وري ڪڏهن به هن جو منهن ڏسڻ ڪونه آيو.“

”هوءَ پوڙهي مواليءَ ڏي موٽي ڇو نٿي وڃي؟”

”مون چيومانس ته هل ته توکي تنهنجي مڙس وٽ ڇڏي اچان. تنهن تي چيائين ته نه آءٌ هتي وڌيڪ خوش آهيان. پوڙهن کان مون کي سخت نفرت آهي.“

منهنجي اندر ۾ ان وقت اها اجهل خواهش پيدا ٿي ته آءٌ هن جي اها مرڪ وري ڏسان، جنهن کي مان لکين ٽڙندڙ مکڙين جي بنيل چئي چڪو آهيان. ان ڪري بهانو بنائي، الاهي بخش کان موڪلائي پوئتي تلڪ چاڙهيءَ طرف موٽيس.... مگر ٿورو ئي اڳتي هلڻ سان احساس ٿيم ته اها مرڪ هاڻي مان ڪڏهن به ڏسي ڪونه سگهندس. مون کي پڪ ٿي ته اها ڪوشش بيسود آهي....

انهن مـُـرڪن کي جي امر بنائڻو آهي، ته پهرين انهن طاقتن ۽ تهذيبن کي ختم ڪرڻو پوندو، جي اهڙين سونين مرڪن، ٽڙيل مکڙين جهڙين مرڪن ۽ خود مکڙين کي ناس ڪن ٿيون!

                           (مهراڻ- 2/1972ع)

 

موهن ڪلپنا

قدرت جو قانون

سوين سال اڳ جي ڳالهه آهي، اسان جي ديس ۾ هڪ بهادر راجا راڄ ڪندو هو. هن لڙايون ڪري گهڻيئي ملڪ کٽيا هئا، جيتوڻيڪ لڙائيءَ ۾ پنهنجي ملڪ جا لکين ماڻهو مارايا به هئائين. آخر راجا لڙاين مان تنگ اچي، لڙايون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون.

لڙائي کٽڻ بعد سڄي ملڪ جا ماڻهو ناچ گانا ۽ ناٽڪ ڪندا هئا. راجا لڙايون بند ڪري، ناچ گانن ۽ ناٽڪن وغيره تي بندش وڌي. راجا جو خيال هو ته ماڻهن کي ناچ گانن وغيره ۾ پنهنجو قيمتي وقت برباد نه ڪرڻ گهرجي.

راجا جو حڪم ٻڌي، ڪيترن ماڻهن بغاوت ڪئي. راجا انهن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو. ماڻهن کي زندهه رهڻ لاءِ صرف اٽو، لٽو ۽ اجهو کپندو آهي، ۽ خوش رهڻ لاءِ ناچ گانا ۽ ناٽڪ کپندا آهن. ماڻهو جيڪڏهن ڳائي وڄائي ۽ کلي نه، ته بنا سڱن ۽ بنا پڇ وارو جانور ليکجي. ڳائڻ ۽ وڄائڻ تي بندش سبب ماڻهو اُداس رهڻ لڳا. ويٺي ويٺي هنن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئا، پر ٻڙڪ به ڪونه ٻوليندا هئا. راجا جي خلاف ڳالهائڻ واري کي ديس نيڪالي ڏيڻ جو حڪم نڪتل هو. ماڻهو ڏک ۾ راڳ ڳائي، پنهنجي من کي هلڪو ڪندو آهي، پر هتي ته ڳائڻ جي اصل منع هئي. ماڻهن نديءَ ڏانهن وڃڻ به ڇڏي ڏنو، ڇو جو آسمان ۾ چنڊ کي ڏسي ۽ چانڊوڪيءَ ۾ لهرن کي ڏسي، نديءَ ڪناري، ٿڌيءَ هوا ۾، هر ڪنهن کي ڳائڻ تي دل ٿيندي آهي، ۽ ماڻهن ڳائڻ چاهيو نٿي. تمام ٿورن ڏينهن ۾ سڄو ملڪ ڄڻ زنده ماڻهن جو هڪ لامحدود قبرستان ٿي ويو. جيڪي ماڻهو ڳائڻ وڄائڻ کان رهي نٿي سگهيا، سي ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لڳا.

راجا جڏهن به پنهنجن هٿياربند باڊي گارڊن سان ملڪ جو واءُ سواءُ لهڻ نڪرندو هو، تڏهن ماڻهو راجا جو درشن ڪرڻ ته ايندا هئا، مگر هو راجا کي کيڪاريندا نه هئا. ماڻهو غمگين ۽ موڳا لڳندا هئا. پنهنجيءَ پرجا جي اهڙي حالت ڏسي، راجا ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن پنهنجن وزيرن جي ميٽنگ سڏائي. سڀني کان پڇيائين ته آخر ماڻهن کي خوش ڪيئن ڪجي.

بچاءُ کاتي جي وزير، ڪمر ۾ لٽڪندڙ تلوار جي مـُـٺيي تي هٿ رکي چيو، ”منهنجو خيال آهي ته وري ٻين ملڪن سان لڙايون ڪرڻ چالو ڪريون. لڙائيءَ ۾ ماڻهن جو ڌيان دشمنن کي مارڻ ڏانهن ڇڪجي ويندو، ۽ پوءِ هو دشمنن کي ماري خوش رهندا.“

پرڏيهي کاتي جي وزير اعتراض وٺندي چيو، ”هن وقت دنيا ۾ اسان جو ڪوبه دشمن ڪونهي. سڀني ملڪن سان اسان جا بيحد سٺا ناتا آهن. ٻئي طرف لڙائي انسانذات جي تباهي ٿي آڻي. لڙائيءَ ۾ ڪنهن جو پُٽ ٿو مري ته ڪنهن جو ڀاءُ، ڪنهن جو مڙس ٿو مري ته ڪنهن جو دوست. ان مان ملي ته ڪجهه به نٿو، حياتي زهر بڻجي وڃي ٿي. ماڻهوءَ کي کپي ته هو ڪمائي، کائي، ۽ ائين رب جي رضا تي سدائين راضي رهي. توهين جيڪڏهن لڙائي ڪندا ته مان پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيندس.“

مکيه وزير چيو، ”سائين، مان بچاءُ کاتي جي وزير سان متفق آهيان. بهتر ٿيندو، جيڪڏهن اوهان نچڻ ڳائڻ ۽ ناٽڪ ڪرڻ تان بندش هٽائي ڇڏيو. ماڻهوءَ جي دل ۾ جڏهن اُمنگ جاڳندا آهن، تڏهن هو نچندو ۽ ڳائيندو آهي. توهين انسان جي روح کي ماري رهيا آهيو. مهرباني ڪري ائين نه ڪريو. ماڻهن کي آزادي ڏيو ته هو ڀـَـڳتون وجهن، جـُـهمر وجهن، ڇيڄ وجهن، بهراڻا ڪڍن، درياهه شاهه جي ڪـُـني تي ڳائين وڄائين!“

راجا غصي ۾ چيو، ”تنهنجو مطلب آهي ته مان پنهنجو حڪم واپس وٺي، پنهنجي هار مڃان؟ منهنجي خيال ۾، ڳائڻ وڄائڻ بيڪار ماڻهن جو ڪم آهي. مان هڪ دفعو حڪم ڪڍي وري واپس وٺي نٿو سگهان!“

پوءِ راجا تعليم کاتي جي وزير ڏانهن منهن ڪري هن کان پڇيو، ”تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“

تعليم کاتي جي وزير ٻيئي هٿ ٻڌي چيو، ”سائين، جيڪڏهن گستاخي معاف ڪريو ته ٻڌايانو.“

”ٻڌاءِ“، راجا چيو.

”اوهين مون کي اجازت ڏيو ته مان سڄي ملڪ ۾ چـَـرچن جا عمدا ڪتاب ڇپائي ماڻهن ۾ مفت ورهايان. ماڻهو چرچا پڙهي ٽهڪ ڏيئي کلندا، ۽ ائين هنن جي حياتي اِنڊلٺ وانگر رنگين ٿي ويندي!“

راجا پنهنجيءَ جڳهه تان اُٿي هن جي پاسي ۾ ويو. هن جي پٺي ٺپري چيائين، ”بيشڪ، ملڪ ۾ تون ئي هڪ عقلمند شخص آهين!“

تعليم کاتي جو وزير اکيون چمڪائي ٻين وزيرن ڏانهن نهارڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ اعلان ڪيو ويو ته ’سرڪار وڏي تعداد ۾ چرچن جا عمدا ڪتاب ڇپائي رهي آهي. جيڪي ليکڪ چرچن جا ڪتاب لکي سرڪار کي مدد ڪندا، تن کي مالا مال ڪيو ويندو. سرڪار چرچائي ليکڪن جي شان ۾ شاهي مجلسون سڏائيندي. ليڪن ياد رهي ته شاهي مجلس ۾ ناچ، گانو يا ناٽڪ وغيره نه ٿيندو!‘

دهلن تي ڏونڪا هنيا ويا، گهٽين ۾ پوسٽر ٽنگيا ويا، مگر مزي جي ڳالهه اها جو هڪ به ليکڪ ميدان ۾ نه آيو. ليکڪ اڪثر اهو لکندا آهن، جو هو پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ڏسندا آهن، محسوس ڪندا آهن، ماڻهن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن درد هوندو آهي ته هو ان درد کي پنهنجو درد سمجهي ڪتاب لکندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾، ڪير اهڙو ليکڪ هوندو جيڪو چرچن جا ڪتاب لکندو، جڏهن عام ماڻهو دُکي هئا. هڪ به ليکڪ ميدان ۾ نه ايندو ڏسي، راجا پنهنجي زبردست بيعزتي محسوس ڪئي. هن جاسوسن جي معرفت سڀني ليکڪن جون ائڊريسون هٿ ڪيون، ۽ پوليس جا اٽالا موڪلي، سڀني ليکڪن کي گرفتار ڪيائين.

ليکڪن تي شهر جي مکيه چونڪ ۾ کُليو ڪيس هليو. هزارين ماڻهو آيا، مگر سڀ غمگين. راجا پنهنجن وزيرن سان اتي آيو. هن هڪ وڏي ليکڪ کان پڇيو، ”ٻڌاءِ ڙي، توکي پئسن ڪمائڻ جو خيال ڪونهي؟“

ليکڪ گنڀير ٿي چيو، ”راجا، پيسن ڪمائڻ جو خيال ته هرڪنهن کي هوندو آهي-“ راجا ڪاوڙ مان پڇيس، ”ته پوءِ اوهان سڀني ڪتاب لکڻ ڇو بند ڪيا آهن؟“

وڏي ليکڪ تحمل سان وراڻيو، ”توهان ڳائيندڙن کي ڳائڻ کان، ناچ ڪندڙن کي ناچ ڪرڻ کان، ۽ ناٽڪ ڪندڙن کي ناٽڪ ڪرڻ کان منع ڇو ڪئي آهي؟“

”منهنجي مرضي!“ راجا جواب ڏنو.

”جيئن توهان جي مرضي، تيئن اسان جي مرضي!“ ليکڪ بيباڪيءَ سان جواب ڏنو. راجا اڳيان وڌي ان ليکڪ کي ڀَرُ ڪري چماٽ هڻي ڪڍي.

ليکڪ چيس، ”راجا، جيڪا ڳالهه قدرت جي قانون تي ٻڌل آهي، ان کي اوهين ته ڇا پر دنيا جا سڀ راجائون به گڏجي مٽائي نٿا سگهن. توهين بندوق ڏيکاري اسان کي ڊيڄاري سگهو ٿا، ڦاسي ڏيئي ماري سگهو ٿا، مگر قدرت جي قانون کي مٽائي نٿا سگهو. قدرت جي قانون موجب جيئن زنده رهڻ لاءِ اَن پاڻي ضروري آهي، تيئن خوش رهڻ لاءِ گانو بجانو ضروري آهي.“

راجا سڀني ليکڪن کي سخت پورهيي سان ست سال جيل جي سزا ڏني.

ماڻهن شور مچايو. هوا ۾ ٻانهون ڦهلائي هو رڙيون ڪرڻ لڳا. راجا ڪاوڙ ۾ اچي لٺبازيءَ جو حڪم ڏنو. سولجر لٺيون کڻي ماڻهن ۾ ڪاهي پيا، ۽ هڻي ڪيترن ماڻهن جا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيائون.

ٻئي ڏينهن راجا وري وزيرن جي ميٽنگ سڏائي. هن دفعي، تعليم کاتي جي وزير کان سواءِ، سڀ وزير ٻانهون ٻڌي ڪنڌ جهڪائي ويٺا رهيا. تعليمي وزير جون اکيون چمڪي رهيون هيون.

راجا پڇيس، ”تون ڇا منهنجي ناڪاميابيءَ تي خوش ٿي رهيو آهين؟“

تعليمي وزير چيو، ”راجا، ڀلا ڪڏهن ائين به ٿيو آهي؟ ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ مون هڪ نئين رٿ آندي آهي!“

راجا انتظاريءَ وچان پڇيو، ”ڪهڙي؟“

سڀني وزيرن تعليمي وزير ڏانهن نهاريو.

هن نرڙ ۾ گهنڊ وجهي چيو، ”اوهين اعلان ڪريو ته ملڪ ۾ جيڪو به ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان چرچو ڪندو، ان کي سرڪاري خزاني مان هڪ رپيو ڏنو ويندو. جيڪو ماڻهو جيترا چرچا ڪندو، ان کي اوترا رپيا ڏنا ويندا، ۽ جيڪو جيترا ٽهڪ ڏيندو، ان کي اوترا رپيا ڏنا ويندا!“

بچاءُ کاتي جي وزير چيو، ”مگر اها رٿ غير عملي آهي: اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته ڪنهن چرچو ڪيو ۽ ٽهڪ ڏنو؟“

تعليمي وزير چيو، ”تڪڙ نه ڪر، پهرين مون کي ڌيان سان ٻڌ! ڏس، جڏهن کان اسان لڙائي ڪرڻ بند ڪئي آهي، تڏهن کان اسان جي فوج بيڪار ٿي ويئي آهي. آخر اِها فوج اسان وٽ ڇالاءِ آهي؟ فوج ۾ ماڻهو ايماندار ٿيندا آهن. هنن ۾ انتظام به سٺو ٿيندو آهي. فوج سست ويٺي هجي، اهو سٺو نه آهي. اسان کي کپي ته اسين ملڪ جي هرهڪ گهٽيءَ ۾ پنهنجن سولجرن کي بيهاري ڇڏيون. هر هڪ سولجر وٽ هميشه رپيا هڪيا تڪيا حاضر هجن. بس، جنهن کي ٽهڪ ڏيڻو هجي، سولجر جي اڳيان ڏئي. ماڻهن کي سهوليت هڪ طرف ٿيندي، ته ٻئي طرف اسان کي ملڪ جي سموري خبر پيئي پوندي، خاص ڳالهه اها ٿيندي جو فوج ڪم ۾ لڳي ويندي!“

راجا اڳتي وڌي هن کي ڀاڪر پاتو، ۽ بچاءُ کاتي جي وزير داد ڏنس.

بس، راجا جي حڪم جي دير هئي، وري ملڪ ۾ دهلن تي اعلان ڪيو ويو ۽ سڄي ملڪ ۾ فوج کي بيهاريو ويو. ماڻهن ۾ هراس ڦهلجي ويو. چرچو ته چرچي جي ماڳ، ماڻهن هڪٻئي سان گڏجڻ ڇڏي ڏنو. مشڪل سان ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪرندو هو. ڌنڌي ڌاڙيءَ وارن ماڻهن ڌنڌن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو. ماڻهن وٽ اَن اَٽو ته ڪـَـٺو رهندو هو، گوشت مڇيءَ جا مارڪيٽ ۽ ڀاڄين جا دڪان بند ٿي ويا ته هنن ڍوڍي چٽڻيءَ تي گذران شروع ڪيو. گايون ۽ مينهون هرڪنهن وٽ هونديون هيون، ڍوڍي مٿان لسيءَ جو گلاس مليو ته باقي ڇا کپي.

سولجر بندوقون کڻي ملڪ ۾ ڦِرڻ لڳا، مگر نه ڪوئي هنن جي اڳيان چرچو پيو ڪري ۽ نه کِلي ئي پيو. مشڪل ڪو ماڻهو رستي تان لنگهيو ٿي. ڳالهائڻ بند. هفتي جي اندر ئي فوجي تنگ ٿي پيا. هو ماڻهن کي ڳچين کان پڪڙي پيا چوندا هئا، ’چرچو ڪريو! کِلو! پيسا وٺو!‘ ڪن سولجرن ته ماڻهن کي مارڪُٽ به ڪئي. هڪ سولجر ته خارن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي گولي هڻي اُڦٽ ماري به ڇڏيو.

هڪ دفعي راجا ويس بدلائي، راڻيءَ سان گڏ ملڪ جو
واءُ سواءُ لهڻ نڪتو، شام جو وقت هو. ڪنهن سڃاتس ڪونه. ڏسي ته مار، ملڪ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو! سولجر، جن جو ڪم آهي کائڻ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ، اُهي به اُداس پريشان ٿي، بيوقوفن جهڙيون شڪليون بڻائي، رستن جي خاڪ ڇاڻي رهيا هئا.

هڪ گهر مان هڪ ٻار جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هو. راجا ان گهر جي هڪ دريءَ وٽ وڃي بيٺو. ڏٺائين ته هڪ ماءُ پنهنجي رئندڙ پٽ کي چئي رهي هئي: ”اڙي روءُ نه، متان راجا جو ڪوئي ماڻهو اِن کي راڳ سمجهي توکي پڪڙي نه وڃي. ٻاهر راجا جا ماڻهو بندوقون کڻي ڦـِـري رهيا آهن!“ ٻار بندوق جو نالو ٻڌي، ڊپ وچان کڻي ماٺ ڪئي.

راجا جي ڇاتيءَ تي ڄڻ ڪنهن مـُـڪ ٺڪاءُ ڪئي. رعيت ۾ ايترو هراس ڏسي هو حيران ٿي ويو. هن راڻيءَ ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ اڳيان وڌيو. سج اولهه ۾ لهي رهيو هو، مگر ان کي ڪوبه ڏسڻ وارو نه هو. آسمان ۾ بادلن طرح طرح جون شڪليون بڻايون هيون، پر ڪنهن جو به اوڏانهن ڌيان نٿي ويو. جڏهن سج لهي چڪو، تڏهن اوڀر کان پورنماسيءَ جو چنڊ نڪتو، مگر چنڊ کي ڏسي ڪوبه ڳائڻ وارو نه هو.

راجا راڻيءَ سان هلندو هلندو، آخر شهر جي ان ڀاڱي ۾ وڃي پهتو، جتان ٻئي ملڪ جي سرحد شروع ٿي رهي هئي. اتي راجا ٻن نوجوانن کي هڪٻئي سان کـِـلي ملندي ڏٺو. راجا سوچيو، شايد منهنجي حڪومت ۾ صرف هيءُ ٻه ماڻهو ئي خوش آهن. هو راڻيءَ جي ٻانهن پڪڙي، تڪڙو تڪڙو اڳيان وڌيو، ۽ هڪ وڻ جي پريان بيهي هنن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.

هو ٻه ماڻهو هڪٻئي جا دوست هئا. انهن مان هڪ پرديسي هو، جو ڪن سالن بعد هن ملڪ ۾ آيو هو. دوست سان ڀاڪر پائي ملڻ بعد چيائين، ”گهڻن سالن کان پوءِ تنهنجي ملڪ ۾ آيو آهيان. پر، يار ڪر خبر، ملڪ ۾ رونق ئي نٿي نظر اچي، ماڻهو موڳا موڳا پيا لڳن، ڇا هتي ڏڪار پيو آهي يا ڪا نـُـگري بيماري پيئي آهي؟“

ڏيهيءَ ماڻهوءَ چيو، ”نه، اهڙي ته ڪا ڳالهه نه آهي.“ جواب ڏيندي هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.

”تون روئين ڇو ٿو؟“ دوست پڇيس.

’ڇو ته مان کـِـلي نٿو سگهان!‘ ڏيهيءَ جواب ڏنس.

هن جو جواب ٻڌي، هن جو دوست زور زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

پريان هڪ سولجر به بيٺو هو. ٽهڪن جو آواز ٻڌي، هن جون اکيون چمڪي اُٿيون. عرصي بعد هن اهو ٽهڪ ٻڌو هو. سوچيائين ’راجا کي جڏهن اِها ڳالهه ٻڌائيندس ته هو اعتبار ئي نه ڪندو، پر جي اعتبار ڪيائين، پوءِ ته مالا مال ڪري ڇڏيندو، شايد عهدو ئي وڌائي ڇڏي. بهتر ٿيندو، مان هنن ماڻهن کي راجا وٽ وٺي وڃان‘. وري خيال آيس، ”جيڪڏهن هي ماڻهو اَلـِـي وڃن ته؟“ سو بندوق سڌي ڪري، هنن ڏانهن وڌي ويو. رڙ ڪري چيائين، ”خبردار!“ هو ٻيئي دوست حيران ٿي ويا.

”سچ ٻڌايو، چرچو ڪنهن ڪيو؟“ هن پڇيو.

ٻنهي مان ڪنهن به جواب نه ڏنو.

”سچ ٻڌايو، نه ته شـُـوٽ ڪندوسانوَ!“

”چرچو ته ڪنهن به ڪونه ڪيو.“ ڏيهيءَ چيو.

”ته پوءِ ٽهڪ ڪنهن ڏنا؟“ سولجر پڇيس.

”مون!“ پرديسيءَ چيو.

”گهڻا ٽهڪ ڏنئه!“ سولجر پڇيس.

”تنهنجو مطلب؟“ پرديسيءَ پڇيس.

”مطلب سان تنهنجو واسطو؟ جلد ٻڌاءِ، گهڻا ٽهڪ ڏنئه؟ نه ته اِتي جو اِتي ماري ڇڏيندوسانءِ!“

”مون ٽهڪ ڳڻيا ٿوروئي پئي!“ پرديسيءَ جواب ڏنس.

”ڇو، تون اڻپڙهيل آهين ڇا؟ توکي ٽهڪن جو خسيس حساب رکڻ به نٿو اچي. کڻي ڳڻين ها!“

پرديسيءَ وري به چار ٽهڪ ڏيئي چيو، ”ٽهڪ ڳڻبا آهن ڇا؟“

”چار!“ سولجر رڙ ڪري بندوق پٽ تي رکي. چيائين، ’ڏهه کن ٽهڪ اڳ ۾ ڏنا هوندءِ!‘ پوءِ کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍي، پورا چوڏنهن رپيا پرديسيءَ جي هٿ ۾ رکيائين.

پرديسيءَ وائڙو ٿي پڇيو، ”ڀائي، ڳالهه ڇا آهي؟ ڇا توهان جي ملڪ ۾ ماڻهو پئسن تي کِلندا آهن؟“

ڏيهي ماڻهوءَ هن کي سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي، پرديسيءَ چانديءَ جا چوڏنهن رپيا زمين تي ڦٽا ڪندي چيو، ”جنهن ملڪ ۾ نچڻ ڳائڻ جي منع آهي، ان کي مان جهنگل کان بدتر ٿو سمجهان! هي ملڪ آهي، قبرستان آهي؟ اهڙي منحوس ملڪ جو پاڻي پيئڻ به حرام آهي؟“ ائين چئي، هو تڪڙو تڪڙو واپس وڃڻ لڳو.

سولجر رڙ ڪئي، ”خبردار، جي اڳتي وڌيو آهين! تون منهنجي ترقي روڪي رهيو آهين! اڙي احمق، اسان جي ملڪ ۾ ٽهڪ تي هڪ رپيو ملي ٿو. پنهنجا پئسا کڻ، ۽ مون سان گڏ راجا وٽ هل. ممڪن آهي، راجا توکي شاندار عزت ڏئي!“

پرديسيءَ چيو، ”مان نه هلندس!“

سولجر جيئن ئي هيٺ جهڪي بندوق ٿي کنئي، تيئن پرديسي ماڻهو وڻن جي اوٽ ۾ گم ٿي ويو، ۽ ڏيهي ماڻهو، سولجر کي ڌڪو ڏيئي، ٻئي پاسي ڀڄي ويو. سولجر خارن مان گاريون ڪڍڻ لڳو. راجا ۽ راڻي وڻ جي اوٽ ڇڏي ٻاهر نڪري آيا. سولجر راجا ۽ راڻي کي سڃاڻي نه سگهيو. بندوق کڻي چيائين، ”خبردار، جي چـُـريا پـُـريا آهيو! نه ته هنن جو بدلو توهان کان وٺندس!“

راجا رڙ ڪري چيو، ”اڙي، متان گولي هلائين، مان راجا آهيان، راجا!.... منهنجو ويس بدليل آهي.“

سولجر حيرت ۾ پئجي ويو. راجا وڌي اچي هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو. آهستي چيائين، ”مون کي خبر آهي ته تون هڪ ايماندار سولجر آهين. خيال نه ڪر، مان تنهنجو عهدو وڌائيندس.“

سولجر جي دل ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. بندوق ڦٽي ڪري چيائين، ”راجا، ههڙيءَ ذليل نوڪريءَ ڪرڻ کان خودڪشي ڪرڻ بهتر آهي! آخر اسين سولجر به ته انسان آهيون، ڪيستائين اسين پنهنجن هموطنين کي ڪـُـتي جو موت مارينداسين؟“

راجا ڪجهه چوي، ان کان اڳ ئي سولجر اُن پاسي وڌي ويو، جنهن پاسي پرديسي ويو هو.

راجا اهو حال ڏسي، پنهنجي مٿي تي ٻه ڌڪ هڻي، پٽ تي ويهي رهيو ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. راڻيءَ هن جي ڪلهي تي هٿ رکي هن کي پرچايو، ۽ پوءِ پنهنجي ساڙهيءَ جي آنچل سان هن جون اکيون اگهي، آهستي آهستي هن کي اُٿاريائين. هوءَ پوءِ راجا جي چيلهه ۾ ٻانهن وجهي کيس نديءَ ڏانهن وٺي ويئي. راجا جو ڪنڌ هيٺ هو، هن هڪ اکر به نٿي ڳالهايو. هو نديءَ ڪناري هڪ وڏي پٿر تي اچي ويٺا. راڻيءَ چنڊ ڏانهن نهاريو، ۽ راجا نديءَ ڏانهن. چنڊ آسمان ۾ چمڪي رهيو هو، ۽ اُن جي چانڊوڪي نديءَ جي لهرن سان گلي ملي رهي هئي. ٿڌي هوا لڳي رهي هئي. ڪناري تي وڻ جهومي رهيا هئا. راڻيءَ آهستي آهستي هڪ درد ڀريو گيت ڳائڻ شروع ڪيو. راجا پنهنجو منهن راڻيءَ جي گود ۾ لڪايو. راڻي ڳائيندي رهي، ۽ راجا ٻڌندو رهيو.

راڻي سڄي رات ڳائيندي رهي. راجا رکي رکي هن جي گود مان اُٿيو ٿي. ڪڏهن چنڊ ڏانهن، ڪڏهن لهرن ڏانهن، ۽ ڪڏهن راڻيءَ ڏانهن نهاريائين ٿي، ۽ پوءِ وري راڻيءَ جي گود ۾ ليٽي ٿي پيو.

صبح ٿيو. پکين آکيرن مان نڪري آسمان ۾ اڏامڻ شروع ڪيو. انهن طرح طرح جا مٺا گيت ٿي ڳايا. نديءَ ۾ لهرون اُٿي رهيون هيون، ۽ هوا ۾ وڻ جهومي رهيا هئا.

اوچتو، راجا راڻيءَ جي ٻانهن ۾ پنهنجا هٿ وجهي چيو، ”راڻي، تو ڇا مون کي بيوقوف سمجهيو آهي!“

”ڇو، راجن؟“ راڻيءَ عجب مان پڇيس.

”توکي خبر نه آهي ته مان نچڻ ڳائڻ جي خلاف آهيان!“ راجا چيو، ”پوءِ تو راڳ ڇو ڳايو؟“

راڻي کلڻ لڳي. راجا چيس، ”راڻي توکي ته پئسن جي ضرورت آهي ڪانه، پوءِ تون ڇو ٿي کلين؟“

راڻيءَ چيو، ”راجا، ماڻهو رپين پئسن تي نه کلندو آهي، اهو سڀ ماڻهوءَ جي سڀاءَ تي ڇڏيل آهي - ۽ توهين ماڻهن جو سڀاءُ بدلائي نٿا سگهو!“

”تون به ڏسج، راڻي، مان ماڻهن جو سڀاءُ بدلائي رهندس!“ راجا چيو.

پوءِ هو محلات ڏانهن وڌيو. اڃا ٿورو اڳيان وڌيو ته ڏٺائين، هڪ ننڍو ٻار هڪ گهر جي ٻاهران ٿورو نچي به رهيو هو ته ڳائي به رهيو هو. راجا اڳيان وڌي پڇيس، ”اڙي ڇوڪرا، ڇا توکي خبر ڪانهي ته هتي نچڻ ۽ ڳائڻ تي بندش آهي؟“

”ها، سائين“، ٻار چيو، ”منهنجي ماءُ مون کي ٻڌايو آهي.“

”پوءِ تون نچين ڇو ٿو، ڳائين ڇو ٿو؟“ راجا پڇيس.

”دل ٿي ٿئي.“ ٻار چيو.

”ڇو ٿي دل ٿئي؟“ راجا ڪاوڙ مان پڇيس. ”جيڪڏهن توکي راجا جو ڪوئي ماڻهو ماري ته؟“

”ڇو ماريندو! صبح جو پکي راڳ ڳائيندا آهن، ڀلا اُنهن کي ڪير ماريندو آهي؟ هوا ۾ وڻ جهولندا آهن، ڀلا اُنهن کي ڪير ماريندو آهي؟ مون کي به دل ٿيندي آهي ته مان پکين وانگر مٺا مٺا راڳ ڳايان، مان به وڻن وانگر جهولان، جهومان! منهنجي ماءُ مون کي راڳ ڳائڻ کان منع ڪندي آهي، پر پاڻ جڏهن سنان ڪندي آهي، تڏهن پاڻ به آهستي پکين وانگر ڳائيندي آهي... پوءِ مان ڇو نه ڳايان؟“

راجا سامهون جهوليندڙ وڻن ۽ آسمان ۾ اُڏامندڙ پکين ڏانهن نهاريو.

راڻيءَ چيو، ”راجا! ٻڌايو. راجا! گهڻن پکين کي جلا وطن ڪندا؟ گهڻن وڻن کي شُوٽ ڪندا؟“

راجا جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هو ان ٻار جي پيرن تي ڪري پيو. پوءِ راڻيءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”راڻي، برابر مان اِنسان جو سڀاءُ مٽائي نٿو سگهان، قدرت جو قانون مٽائي نٿو سگهان. سچي زندگي نچڻ ۽ ڳائڻ، کلڻ ۽ خوش رهڻ ۾ آهي!“

اُن ئي ڏينهن ليکڪن کي آزاد ڪيو ويو. نچڻ، ڳائڻ وغيره تان بندش لاٿي ويئي. جن کي جلا وطن ڪيو ويو هو، تن کي واپس گهرايو ويو. شهر مان فوجون هٽايون ويون. وري ملڪ ۾ ساڳي رونق موٽي آئي. وري شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ گانا بجانا شروع ٿي ويا.

(مهراڻ- 3 ۽ 4/1960ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com