سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :5

ٽِه ماهي ”مهراڻ“ بابت هڪ تاريخي دستاويز، جنهن موجب علامہ دائودپوٽي رسالي لاءِ ”مهراڻ“ نالو تجويز ڪيو

 

اڄ وري ”مهراڻ“ آيو مؤج ۾!

(سائين محمد ابراهيم جويي جو انٽرويو)

سوال: ”مهراڻ“ رسالي تي ”مهراڻ“ نالو ڪيئن ڌريو ويو؟ ان جو ڪجهه پسمنظر ٻڌايو، جيئن چيو وڃي ٿو ته ڊاڪٽر دائودپوٽي اهو نالو تجويز ڪيو؟

جواب: هڪ ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڳالهيون ٻولهيون ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حوالي سان ٿيون، سي سائين جي.ايم.سيد جي ئي معرفت ٿيون، ڇو ته پاڻ ئي 1940ع ۾ ”سنڌي ادب  جي واڌاري لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو هئائون. اُن وقت ان جو نالو ”سينٽرل بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ هو.  پاڪستان کان پوءِ، جڏهن هندو هتان لڏي ويا، ان سلسلي ۾ ڪم تقريباً بند ٿي ويو هو، سو سائين جي.ايم.سيد ئي ڪوشش ڪئي ته ان ڪم کي جاري رکيو وڃي، جيئن مقصد جي اڳڀرائيءَ جو سلسلو قائم رهي سگهي، اداري جي صورت ۾. تنهنڪري ضروري هو ته اُن رخ سان ڪم اڳتي وڌي، ته چڱو آهي.  ان طرح 1951ع ڌاري ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ٿيو.  جيستائين رسالي جي نالي جو سوال هو ته اسان کي خبر هئي ته اڳي ئي 1940ع واري ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران ”مهراڻ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن جو نالو ڊاڪٽر دائودپوٽي تجويز ڪيو هو ۽ ان سلسلي ۾ پاڻ پهرئين ئي پرچي ۾ خيال ظاهر ڪيو هئائون ته ڇو اهو نالو پاڻ پسند ڪيو هئائون. انهيءَ روايت مان فائدو وٺندي اسان نئين رسالي جو نالو ”مهراڻ“ مقرر ڪيو. ۽ پوءِ 1955ع ۾ جڏهن رسالو نڪتو، ته اسان اُهو ليک، جيڪو ڊاڪٽر دائودپوٽي جو لکيل هو، سو اُن ۾ به ڇپيو، ته جيئن خبر پوي، ته رسالي جي نالي تجويز ٿيڻ جو پسمنظر ڪهڙو آهي.

سوال: ”مهراڻ“ جاري ٿيو 1955ع ۾، ۽ اُن ئي زماني ۾ قائم ٿئي ٿو ون يونٽ! توهين ڪيئن ٿا سمجهو ته ”مهراڻ“ جو اجراء پنهنجي صحيح وقت تي ٿيو؟

جواب: جنهن زماني (1951ع) ۾ اسان کي نئين سر ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، اُن وقت اداري جو نالو هو ”هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر“ ۽ مون کي ان ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ڪري مقرر ڪيو هئائون. ان دَور ۾ منهنجي تبادلي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان ڪيائون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ طرف ”سينٽرل بورڊ فار سنڌي لٽريچر“ به ڪم ڪري ۽ ”هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر“ به هجي، سي ٻه ڳالهيون ساڳئي وقت مناسب نه هيون. ادارو هڪڙو هجي جو فيصلا ڪري ۽ انهن کي عمل ۾ به آڻي، سو ان مرحلي تي اسان اُن جو نالو بدلائي ”سنڌي ادبي بورڊ“ مقرر ڪيو. مقصد هڪڙوئي هو ته سنڌي ٻولي ۽ اُن جي ادب جو فروغ ٿئي، سو نالي جي تبديلي ان طرح سان عمل ۾ آئي. ۽ ٽن چئن سالن کان پوءِ اسان جڏهن رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو ته ان وقت بورڊ جي سڀني ميمبرن به تجويز ڏني ته رسالي جو نالو به ته اسان وٽ اڳي ئي موجود آهي، ان کي قائم رکڻ گهرجي، جو اُن ۾ وڏا فائدا آهن.

سوال: اڄوڪي گفتگوءَ ۾ فوڪس ”مهراڻ“ آهي. مهراڻ جي ڇپائيءَ جي جيڪا خوبصورتي آهي، اُها اُن جي پهرئين ئي رسالي سان لاڳاپيل آهي. ڇا اُن کان اڳ ۾ ڪي اهڙا ٻيا رسالا به هئا، جن کان متاثر ٿي اشاعتي خوبصورتيءَ کي اختيار ڪيو ويو؟

جواب: ان سلسلي ۾ آءٌ پوري ڀروسي سان ٿو اوهان کي ٻڌايان ته اهڙو ڪوبه رسالو ”نموني طور“ اسان جي آڏو ڪونه هو. بلڪ اُن زماني ۾، جيڪا ٽائيپ ڇپائيءَ ۾ ڪم ايندي هئي، سا فقط ”هڪڙي“ ئي فيس واري مروج هئي. 12 پائنٽ واري به هوندي هئي، 14 پائنٽ واري به هوندي هئي، 18 پائنٽ واري به هوندي هئي، پر اُن جي ”گهڙاوت“ يا ”جَڙت“ ساڳي هوندي هئي. انگريزي ٽائيپ ۾ ورائٽيءَ جي اسان کي خبر هوندي هئي، جو ڪتاب ۽ رسالا پڙهندا رهندا هئاسون. تنهن مان خواهش ٿي ته اسان جي ”سنڌي ٽائيپ“ ۾ به ايتري ”ورائٽي“ هجي، جيتري ”انگريزي“ ڇپائيءَ ۾ آهي. اُن ۾ هيڊنگس جيڪي اچن ٿيون، تن ۾ رومن به آهي، اِٽيلڪس به آهي، ٻيا مختلف قسم به آهن، مقصد هو ته تنوع هجي. ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪي ٽائيپ تيار ڪرڻ جون فائونڊريز هونديون هيون، سي سنڌيءَ لاءِ روايتي قسم جي هڪ- ڪرِي ٽائيپ تيار ڪنديون هيون ۽ اُنهن  کان اسان کي ورائٽيءَ جي سلسلي ۾ ڪا موٽ ڪانه ٿي ملي جو مختلف قسمن جا گهربل ”فيس“ تيار ڪري ميسر ڪري سگهن. اُن زماني ۾ سائوٿ نيپئر روڊ تي، ڊان پريس جي ويجهو ”آگي قدم پرنٽري“ هوندي هئي. اُن جي گجراتي مالڪ احمد جيواجيءَ سان واقفيت هئي، جيڪو فڪري لحاظ  کان هوندو هو حاتم علويءَ جي گروپ جو ۽ حاتم علوي  هوندو هو سائين جي.ايم.سيد جي گروپ جو. مون اُن سان ڳالهه ڪئي، جنهن جي مشوري تي، ”ڪراچي ٽائيپ فائونڊري“ سان رابطو ڪيو ويو، جن اسان سان ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ پهريون دفعو اسان کي ٽائيپ جا گهربل مختلف ”فيس“ تيار ڪري ڏنا، جيڪي پرشن ۽ عربيءَ ۾ به رائج هوندا هئا. ان طرح اسان سان هـُـن وڏا وڙ ڪيا ۽ لاڳيتو اسان سان رابطي ۾ رهندو هو. ان زماني ۾ آءٌ جڏهن آمريڪا ويس ته اُتي هڪ ماڻهو گڏيو، جنهن چيو ته عربيءَ ۾ ٽائيپ نئين پيو ٺهرايان، جيئن انگريزيءَ ۾ ”يونيفائيڊ“ ٽائيپ آهي، ڇو ته ”ڪمپائونڊ“ ٽائيپ ۾ هڪ ئي اکر جون ٽي ٽي چار چار شڪليون ٺاهڻيون ٿيون پون. ان طرح مون کي به سندس خيال وڻيو ته سنڌيءَ ۾ به ائين هجڻ گهرجي. موٽي اچڻ سان ڪراچي ٽائيپ فائونڊريءَ وارن سان ڳالهه ڪيم ۽ خواهش ڪيم ته اڳتي سنڌيءَ ۾ يونيفائيڊ ٽائيپ هجڻ کپي. يعني ڪمپائونڊيڊ سنڌي لفظن ۾ هر اکر جي شڪل ساڳي هڪڙي ئي هئڻ کپي. ان سلسلي ۾ دوستن سان به ڳالهه ڪيم، رابطا ڪيم، پر مناسب موٽ نه ملڻ ڪري اها رٿا اُتي بيهي رهي. بهرحال ڪراچي ٽائيپ فائونڊري وارن اسان بورڊ وارن سان ڪمپائونڊيڊ اکرن جي ٽائيپ جي تنوع جي سلسلي ۾ تعاون ڪيو.

سوال: ”مهراڻ“ جا پهريان پنا ڪٿي ڪمپوز ٿيا، ڪراچيءَ کان حيدرآباد ڪهڙيون پريسون هيون، جتي مهراڻ ڇپيو؟ ڪهڙين ڪهڙين پريسن مان اُن پنهنجو سفر ڪيو؟

جواب: ڪمپوزنگ، اسان جي سڀني ڪتابن ۽ رسالن جي، شروع کان وٺي آخر تائين اسان جي پنهنجي ئي ادبي بورڊ جي پريس ۾ ٿي، جا شروع کان وٺي تلڪ چاڙهيءَ تي هوندي هئي. اسان رڳو ٽائيپ جا نوان ”فيس“ ٺهرائي پنهنجن ڪتابن ۾ متعارف ڪرايا. ان طرح ڇپائي توڙي بائينڊنگ جاحتيٰ الامڪان، سمورا ڪم اسان جي پنهنجي پريس ۾ ٿيندا هئا. فقط هسٽري اسڪيم جا ڪجهه ڪتاب، جن لاءِ سينٽرل گورنمينٽ کان پئسا مليا هئا، تن مان ڪجهه ڪراچيءَ مان ڇپيا هئا، جو لاڳيتي گهڻي ڪم سبب اسان جي پنهنجي پريس کان ڪم وڌيڪ هو. ان طرح فارسي ۽ عربي ڪتاب اسان ڪراچيءَ جي مختلف پريسن ۾ ڇپايا.

سوال: ”مهراڻ“ جي ”انفراديت“ توهان جي زماني کان شروع ٿئي ٿي. ڇا اهو طئه ڪيو ويو هو، ته هڪ روشن خياليءَ کي آڻجي، جو اُن ۾ جديد شعر هجي، جديد افسانو....

جواب: اسان جو سمورو جديد ادب، جنهن جو هڪ خاص چرچو پيدا ٿيو، سو شروع ٿيو 1935ع ۾. پهريائين پهريائين اُپکنڊ جي ڪجهه سـُـڄاڻ ليکڪن هڪڙي ميٽنگ ڪئي انگلئنڊ ۾، جنهن ۾ سجاد ظهير، ملڪ راج آنند، ڊاڪٽر تاثير، ڊاڪٽر جيوتي گهوش، پرمود سين گپتا ۽ ٻيا به هئا. اُتان اها ڳالهه هندستان ۾ به آئي. ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جو جيڪو مئنيفيسٽو ڇاپيو هئائون، اُهو به مختلف ٻولين ۾ آيو. انهيءَ تحريڪ جو سڄو زور انهيءَ نقطي تي هو ته ’انڊين لٽريچرس‘ ۾ ’روايت‘ کي ڇڏي هڪ ’نئين ذهن‘ ۽ هڪ نئين ’پيغام‘ کي رائج ڪجي. اهو ويچار رڳو اردوءَ لاءِ نه هو، پر هنديءَ لاءِ، بينگاليءَ لاءِ ۽ سمورين ٻولين لاءِ به هو. ان زماني ۾ اها نئين ڳالهه عام ٿي، ۽ سنڌ ۾ به پهچي چڪي هئي. پوءِ اسان جڏهن ادبي بورڊ ۾ ڳالهه شروع ڪئي رسالي جي سلسلي جي، ته اهو نقطو اڳي ئي اسان جي آڏو هو. اُن کان اڳ جڏهن مان ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ آيس ته اسان ڪجهه دوستن گڏجي هڪ ”سنڌي ادبي انجمن“ به قائم ڪئي هئي. اُن ۾ گرامي صاحب، شيخ عبدالعزيز قنڌاري، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، عبدالله ”خواب“، محمد عثمان ڏيپلائي، مقبول ڀٽي، سرائي اميد علي، ع.ق.شيخ،ابن حيات پنهور، محمد قاسم شاذ، حسن علي نذير، لال بن يوسف- اِهي جيڪي پراڻا اديب هئا، تن سڀني کي گڏ ڪري اسان انجمن قائم ڪئي. اُن جو مئنيفيسٽو مون لکيو. ادب جي سلسلي ۾ اهڙا پڌرناما پوءِ مون ٽي چار ٻيا به لکيا، جيڪي منهنجن ڪتابن ۾ ڇپيل به آهن.

جڏهن ”مهراڻ“ شروع ڪيوسون ته ڳالهه نڪتي ته ان کي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان پيش ڪيو وڃي. ويچار ٿيو ته پهرين ڳالهه ته اُن کي ’نئين رخ‘ سان شروع ڪيو وڃي ۽ اهڙي ڳالهه ٿئي، جو پڙهندڙن کي پسند اچي، اڳيان جيڪي رسالا آهن، تن کان ’مختلف‘ ۽ ’نئين‘ معلوم ٿئي. اُن کي ڪهڙي رٿا ڏجي، سا ڳالهه به سوچڻ سان آئي. ته اول شعر هجي، اُن کان پوءِ ڪهاڻيون هجن، تنهن کان پوءِ مضمون هجن ۽ اُن کان پوءِ ڪتابن تي تبصرا ۽ ڪالم وغيره هجن. ان طرح اها سڄي ڳالهه هڪ خاص زاويي ۽ ويچار سان سوچي ويئي. ان سلسلي ۾ مهراڻ ۾ جيڪا به ’نئين ڳالهه‘ ڏسو ٿا، انهيءَ سموري نواڻ ۽ جدت کي شروع ڪرڻ ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو دخل گهٽ هو. جيڪي آءٌ سوچيندو هوس، منهنجا دوست اُن تي عمل ڪندا هئا. اها سندن مهرباني هوندي هئي، جو مون سان تعاون ڪندا هئا. سوچيوسين ته ترتيب ۾ اول شعر هجي ته شعر ۾ اول ڇا هجي؟ اسان جو ڪلاسيڪي ادب سنڌ جو ته  ”بيت“ آهي، ته سوچيوسون ته رسالي ۾ اول ”بيت“ هجڻ گهرجي. پوءِ ”وائي“ هجڻ گهرجي، پوءِ ”ڪافي“ هجڻ گهرجي.  ٻيو ته ”رسالو“ معنيٰ ”پيغام“، ته اسين ادب جي وسيلي ڪهڙو ”پيغام“ ڏيڻ ٿا گهرون پڙهندڙن کي،  انهيءَ نقطي کي به ذهن ۾ رکيوسون، ته اول ’اهميت‘ جي حوالي سان ’پنهنجون‘ اصلي صنفون اول رکيون وڃن. ’غزل‘ توڙي جو ٻاهرين صنف آهي، پر اسان وٽ مروج آهي، انڪري اُن کي به آندوسون. سڄي ڳالهه مهراڻ جي فڪر ۽ ترتيب جي سلسلي ۾، اسان پنهنجي آفيس ۾ ئي طئه ڪئي.

سوال: اڄڪلهه ڪمپيوٽر جو دَور آهي ۽ ”مهراڻ“ اوائل ۾ مونوٽائيپ ۾ شروع ٿيو ۽ ڇپيو. اهو جيڪو ٻن طريقن ۾ فرق آهي، اوهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: ظاهر آهي ته اهو پرنٽ- اسڪرپٽ جو موضوع هو. پرنٽ اسڪرپٽ ۾ سڄيءَ دنيا جي ٻولين ۾ تبديلي ٿي آهي، پوءِ اُها انگريزي هجي يا ٻي ڪا ٻولي هجي. لِٿو کان وٺي مونوٽائيپ تائين بتدريج پرنٽنگ ۾ جيڪا تبديلي آئي، اُها وڏي ترقي آهي. اُن کان پوءِ هاڻي جيڪو اسان وٽ ڪمپيوٽر آيو آهي ته اها به هڪ وڏي ترقي ٿي آهي، جنهن کي ويهارو کن سال ٿيا آهن. اها ته هاڻوڪي ڳالهه آهي، پر اسان اُن اوائلي زماني ۾ جيڪي ڪوششون ورتيون، تن ۾ ٻه ڳالهيون ٿيون. هڪ ته ٽائيپ ’فيس‘ سٺا ٿي ويا ۽ اُنهن ۾ ورائٽي پيدا ٿي ۽ ٻيو ته ضرورت پيدا ٿي ته اسان وٽ جيڪي اعرابون آهن، تن کان سواءِ خاص ڪري شعر جو ڇپجڻ صحيح اُچارن کي نروار نٿو ڪري. اها صورتحال اڄ به قائم آهي ته شعر جي ڇپجڻ ۾ اعرابن جو استعمال بيحد لازم آهي. جيستائين شعر ۾ زيرون زبرون نه اينديون، تيستائين اُنهن جا لفظ، بند ۽ مصراعون درست اُچاري نه سگهبيون. سو هڪ ته اها ترتيب آهي شعر جي ڇپائيءَ جي، ۽ ساڳئي وقت هيڊنگس آهن، نثر ۾ پئرائون آهن، تن جي درست رٿابندي- اهي نقطا خاص طرح سان خيال ۾ رکيا ويا.

ان طرح مضمونن جي آخر ۾ جتي ڪا جاءِ بچي پوي ته اُتي مناسب نشانيون آڻي، اُنهن کي جاذب بنائجي. ان طرح ڊرائنگس/السٽريشنس جو انتظام ڪيو ويو، اهي نيون ٺهرايون ويون ۽ اُنهن کي اسان ڪم آندو. ان ڪم ۾ اسان جي سُڄاڻ ساٿي ع.ق.شيخ اسان جي لاڳيتي گهڻي مدد ڪئي ۽ نوجوان ظفر ڪاظمي به هٿ ونڊايو. پر وڏي ۾ وڏو ڪم اسان جيڪو ڪيو، سو زيرن زبرن جو هو. ان سلسلي ۾ منهنجي چوڻ تي ڪراچي ٽائيپ فائونڊري وارن اسان کي گهربل زيرون زبرون، پيش، شد، جزم ۽ بيهڪ جا سمورا ٽائيپ ذرا ٺاهي ڏنا. خاص طرح سان، منهنجي صلاح سان اُنهن اُهي اهڙا ٺاهي ڏنا، جي حرفن سان گڏ سائيز ۾ ڀچي بيهن، نه ته  اڳ ۾ الڳ نئينءَ سـِـٽ وجهڻا پوندا هئا. ساڳيءَ طرح اهو به فيصلو ٿيو ته مختلف اعرابون هر حرف جي جيئن ته ’پويان‘ اچن ٿيون، انڪري حرف جي بنهه مٿان نه اچن ته ڀولو نه هو. ان طرح سان اعرابن کي ”درست هنڌن” تي آڻڻ جو انتظام ڪيو ويو، فائونڊريءَ وارن جي سهڪار سان.

سوال: هينئر به اسين ڏسون پيا ته اسان جا ڪيترائي ليکڪ اُنهن اعرابن جي درست استعمال جو خيال ڪونه ٿا ڪن، انڪري سڄو اسڪرپٽ ئي ايڊيٽنگ جو محتاج ٿيو پوي......

جواب: ها، اِن لاءِ پهرين سڄي اسڪرپٽ جي ايڊيٽنگ ٿيڻ کپي. لازمي طرح اهو مواد ايڊٽ ٿئي، جنهن ۾ اعرابون پنهنجن درست هنڌن تي نروار ڪيون وڃن. اوهان کي ٻڌي عجب لڳندو ته مهراڻ ۾ تيستائين ڪجهه به نه ڇپجندو هو، جيستائين آءٌ اُهو اسڪرپٽ پڙهي درستيون ڪري اعرابون لڳائي، ايڊٽ نه ڪندو هوس. پوءِ ته دوستن به اسان کي اُن ڪم ۾ گهڻيون مددون ڪيون. بورڊ ۾ سڀ کان پهرين ته شمشيرالحيدري اسان جي مدد ڪئي، گراميءَ ۽ سراج مدد ڪئي، تنهن کان پوءِ ناشاد مدد ڪئي. ان طرح اعرابن جي درست نرواريت ۾ دوستن اسان جون مددون ڪيون. پر جيستائين ٽائيپ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جو تعلق آهي، ته اهي  گهربل شيون، ابتدا ۾ ئي اسان ڪراچيءَ ۾ پوري ڳڻ ڳوت ڪري، نيون اعرابون ٺهرائي پوءِ ڪم شروع ڪيو. جيستائين جزم ۽ شد جو تعلق آهي، ته اُنهن جي اسان کي مجبوري نه آهي، ڇو ته سنڌيءَ ۾ اسان کي انهن جي ڪا خاص ضرورت به ڪانهي. پر اسان اُهي نشان به ٺهرايا. توهين ڪوبه ڪتاب ڏسندؤ ادبي بورڊ جو، خاص ڪري ”ڪليات حمل“، ته اُن ۾ زير، زبر، پيش، شد، جزم جي استعمال جو جيترو خيال ڪيو ويو آهي، اوترو ٻئي ڪنهن جي به ڪتاب ۾ ڪونه ڪيو ٿي ويو. ان ڪتاب جو تازو چوٿون ڇاپو شايع ٿيو آهي فوٽو- فلمنگ جي ذريعي، ته اُن ۾ اُهي سموريون اعرابون جيئن جو تيئن برقرار آهن. ان طرح اسان جي ”مهراڻ“ ۾ جيڪو شعر ڇپبو هو، اُن ۾ اسان خاص طرح سان اعرابن جو خيال رکيو ۽ ان بندوبست شعر کي تمام گهڻو مقبول ڪيو، خاص ڪري اياز جي شاعري تمام گهڻي هردلعزيز ٿي. جيستائين صحيح صورتخطي ۽ لفظن جي جوڙجڪ جو تعلق آهي، ته مان عرض ڪريان ته جيڪو ماڻهو انگريزي پڙهي ٿو، لکي ٿو ۽ اُن کي سمجهي ٿو، ته هو اها ڳالهه محسوس ڪري ٿو ته اِسپيلنگس تي ڪيڏو نه ڌيان ڏنو ٿو وڃي. انگريزيءَ ۾ باقاعدي اُن تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو ۽ ڪامپيٽيشن ٿي ٿئي اسپيلنگس تي. اُن موضوع تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا ۽ گهڻو توجهه ڏنو ٿو وڃي. اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾، ان طرف ڌيان گهٽ آهي. اسان وٽ عملي طرح سان لفظن جي اسپيلنگس لاءِ ڪافي گنجائش آهي معياري بنجڻ جي. هڪڙو ته لفظ پاڻ ۾ ملندا آهن. مثلاً  حرف جملو يا حرف جر. مثلاً ”جو“. ”ڪتاب جو صفحو“ لکجي ته اڳي ب سان گڏ ج گڏي ڇڏيندا هئا، پوءِ اهو فيصلو ڪير ڪري؟ ظاهر آهي ته اهو فيصلو گرامر ڪري. گرامر ۾ هر شيءِ کي نالو ڏنو وڃي ٿو ته اهو اسم آهي، ضمير آهي، صفت آهي، حرف جملو آهي، حرف جر آهي، حرف ندا آهي- ائين ست نالا آهن. سنڌي لفظن کي اوهان گرامر جي ستن نالن سان سڏي سگهو ٿا، ته هر اُهو لفظ الڳ ٿيڻ کپي. انهيءَ سان گڏ ڪنهن ٻئي لفظ کي ڳنڍجي نه. اهو اسان اصول ڪري ڇڏيو. پوءِ اهو به سوچيوسين ته لفظ ”پَنهنجو“ ”تُنهنجو“ کي ڇا ڪجي! تُنهن ۽ پَنهن ته الڳ لفظ نه آهن. پوءِ اهو اصولي فيصلو ڪيو ويو ته ”پَنهنجو” ۽ ”تُنهنجو“ بلڪل گڏ ڪجن، انڪري، جو اهي گرامر ۾ الڳ لفظ ناهن. ان طرح ”منهنجو“  لفظ به آهي. پر جيڪي لفظ پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب ۾، جدا حيثيت رکن ٿا ۽ گرامر ۾ به نالو اٿن، انهن کي به ڳنڍيو ٿو وڃي ته ٺيڪ ناهي.

سوال: ”جنهن جو“، ”ڪنهن جو“، ”تَنهن جو“....

جواب: هائو، ان طرح، سڀيئي لفظ لکڻ ۾ الڳ ڪياسون.

بي ٽيءَ جي ٽريننگ ۾ مون جيڪا ٻوليءَ جي تدريس جي اسپيشلائيزيشن ڪئي، اُن ۾ لفظن کي الڳ تحريري صورت ڏيڻ تي گهڻو زور ڏنو ويو هو. بمبئيءَ مان اُها ٽريننگ وٺي موٽيو هوس ته سنڌ مدرسي ۾ پاڙهڻ لاءِ هيٺيان درجا مون کي ڏنائون. اُتي اها ڳالهه لازمي ٿي ته اسپيلون ياد ڪرائجن. هر اسم خاص جو پهريون حرف ”وڏو“ (Capital) هجي. ان طرح بورڊ ۾ مون کي دل ۾ خيال ٿيو ته اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ٻوليءَ جي معياري پڙهائيءَ لاءِ جيڪي شيون ضروري آهن، سي ڇو نه رائج ڪجن. ان سلسلي ۾ اسان کي خاص طرح اُن زماني ۾ پنڪچوئيشن جي ضرورت به گهڻي محسوس ٿي. ان طرح مون ڳالهه ڪئي سراج سان ته هن موضوع تي مضمون لکي وٺي ۽ انگريزيءَ ۾ پنڪچوئيشن تي جيڪو مواد هو، اُهي ڪتاب به ڏنامانس. توهان کي عجب لڳندو ته اها پنڪچوئيشن انگريزيءَ ۾ گرامر جي جن اصولن موجب ڪم ٿي اچي، انهن ساڳين ئي اصولن تي سنڌيءَ ۾ به ڪم اچي ٿي. سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ طرح مرڪب جملا ۽ مرتب جملا به ٿين ٿا. ته پنڪچوئيشن جا اُهي ئي اصول ۽ قاعدا قانون آڻڻ ضروري هئا ۽ آندا ويا، جن لاءِ انگريزي ٻوليءَ کي ڏسي ڪري اسان کي خيال آيو ته ان جي پوئواري ڪجي.

سوال: ورهاڱي کان اڳي اسان جي سنڌي ٻولي ترقي يافته ٻولي شمار ڪئي ويئي آهي. ان ۾ اصلي لکڻيون آهن، ترجما به ٿيا، ڇاپخانا به قائم هئا ته ”معيار“ جي خيال کان اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو فرق آهي موجوده صورتحال جي خيال سان؟

جواب: ”معيار“ جي لحاظ کان وري به پنڪچوئيشن جو موضوع سامهون اچي ٿو. ورهاڱي کان اڳي اسان جا جيڪي هندو ليکڪ هئا، سي گهڻو ڪري انگريزي پڙهيل هوندا هئا. تن جڏهن لکڻ شروع ڪيو، تڏهن اُنهن پنهنجن لکڻين ۾ اڳي ئي پنڪچوئيشن جو خيال رکيو، ۽ اسين اُنهن جا ٿورائتا آهيون. پر مسلمان جيڪي لکندڙ هئا، سي گهڻو خيال نه ڪندا هئا ۽ اڃا به گهٽ ٿا ڪن. شروعات کان وٺي ويهه ٽيهه، چاليهه صفحا، بلڪ ستر اَسي صفحا- به لکي ويندا ته به وچ ۾ پئراگراف ڪونه هوندو! جملن جو به ڪو خيال ڪونه ڪندا هئا. اسان وٽ پاڪستان کان پوءِ جيڪي لکندڙ هئا، سي گهڻا مسلمان ئي هئا. انهن سان اسان کي اها ڳالهه پوريءَ صفائيءَ سان ضرور ڪرڻي پيئي بيهڪ جي نشانين ۽ انهن جي استعمال جي ۽ گرامر جي صحت جي.

سوال: اُنهيءَ زماني ۾ جيڪي انگريزي پڙهيل هئا، مثلاً مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيا، انهن سڀني انگريزي لٽريچر پڙهيو ۽ اُن کان متاثر ٿيا ۽ اُهي ڪيتريون شيون اسان انگريزيءَ مان پنهنجون ڪيون..... پنڪچوئيشنس..... ترجما.... ته معيار جيڪو آهي ادب جو ته ان حوالي سان مهراڻ جو معيار اوهان ڪيئن قائم ڪيو؟

جواب: ادا....اُن ۾ ۽ اِن لاءِ گهڻا اثر ڪارفرما ٿيا. هڪڙو ته منهنجو پنهنجو جيڪو زندگيءَ ڏانهن رَوَيو رهيو پراگريسو.... يعني  ماڻهو غلاميءَ مان آزاد ٿئي ۽ ماڻهو ڪنهن جو ڳيجهو نه ٿئي، پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ پورهئي ۽ ڄاڻ کي هر طرح مانُ ملي. فطري طرح ٻوليءَ وسيلي هڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي ٿئي، پوءِ اُها زباني هجي يا ڇپائيءَ واري هجي بلڪ چـُـپ چاپ ئي ڇونه هجي- پر ٻوليءَ جو مطلب ته اصل ڳالهه هڪٻئي کي سمجهائڻي آهي. ڪهڙي ڳالهه مان توهان کي سمجهائڻ گهران ٿو، ۽ ڪهڙي ڳالهه مان توهان کان سمجهڻ گهران ٿو ته انهيءَ ۾ جيڪو فرق ٿي ٿو پوي، وقت وقت جي ضرورت مطابق ڳالهه ڪرڻ، ۽ جنهن جنهن نظريي کي، جنهن جنهن اصول کي ۽ جنهن جنهن فلسفي کي توهين پيش ڪرڻ گهرو ٿا، سو فڪري مسئلو ٻوليءَ جي استعمال تي اثرانداز ٿو ٿئي. انهيءَ کي چئبو آهي انگ ڍنگ جي پڪائي، ”ڪوالٽي“، يا صفت. ڪم جون صفتون ٽن قسمن جون آهن: هڪڙي  آهي صفت خالص، جيئن سـُـٺو. ٻي صفت آهي تفصيل Comparative  Adjective وڌيڪ سٺو ۽ ٽين صفت آهي صفت مبالغو يعني تمام سٺو، بنهه سٺو. هاڻي انهن ڳالهين جو ته هرحال ۾ خيال ڪبو. ٻوليءَ جي سلسلي ۾ به ڪبو، فڪر جي خيال کان به ڪبو. فڪر به منهنجي لاءِ اُهو سٺو، جنهن سان آءٌ هم راءِ آهيان، جنهن سان اتفاق راءِ منهنجو. دل سان جيڪا ڳالهه مون کي لڳي، اُهائي ڳالهه ٻڌائڻ گهران ٿو مان پنهنجين لکڻين ۾ يا ٻين جي لکڻين جي معرفت! ته آءٌ پنهنجي يا ٻئي جي اهڙي لکڻي ڇو پبلش ڪريان، جنهن ۾ چڱي خيال جي نفي ٿيل هجي. اها ته هڪ فطري ڳالهه آهي نه سائين! اگر اوهان کي موقعو ملي ڪنهن رسالي کي پبلش ڪرڻ جو ۽ اُن رسالي ۾ جيئن ٻيا چون ته هيئن ڪريو، هونءَ ڪريو، ته پوءِ اوهان جو اُن ڪم ۾ ڇا رهيو؟ اهوئي سبب هو، جو ”مهراڻ“ سان پوءِ منهنجو ذاتي واسطو ۽ ناتو ايڏو گهرو ۽ چهٽيل رهيو.

گهڻو گهڻو پوءِ 1983-1984ع ڌاري اسان، يعني منهنجن دلي دوستن جمال رند ۽ ٻين جاري ڪئي ”هدايت“ هفتيوار. فقط ڇهن مهينن لاءِ اها اخبار نڪتي، آءٌ اُن جو چيف ايڊيٽر هوس. آهي صفت جو مسئلو... سٺو، وڌيڪ سٺو، تمام سٺو، ۽ پوءِ تمام سٺي جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. ته فڪر به ائين ئي آهي ۽ جنهن فڪر سان اوهان جو لاڳاپو آهي، ته ظاهر آهي ته انهيءَ کي توهين اڳتي به ڪندؤ، وڌائيندؤ به سهي. ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش به ڪندؤ: ته انهيءَ فڪر جي روشنيءَ ۾ چونڊ جيڪا ڪبي هئي ”مهراڻ” جي مواد لاءِ، سا ”بلڪل“ انهيءَ نقطي جي روشنيءَ ۾ ٿيندي هئي. پهريان ٻه سال ته مون اُن کي ايڊٽ ڪيو. انهن ٻن سالن ۾ ڪن اَڻاسن وٺي جو گوڙ ڪيو، ته اهو ڪـُـفر آهي، هيئن آهي، هونءَ آهي... ته مون چيو ته ٺيڪ آ، آهي ته وري به اسان جي هٿن ۾. ۽ جيڪي ڪم ڪندڙ آهن يا لاڳاپي ۾ آهن- اياز آهي، ڏيپلائي آهي، گرامي آهي، سراج آهي، رباني آهي، ابن حيات آهي، شمشير آهي، نياز همايوني آهي، سڀ اسين پنهنجا آهيون. آءٌ هٽي ٿو وڃان، ۽ پوءِ واقعي ٿيو به ائين.

باقي 1961ع تائين، جيستائين آءٌ بورڊ ۾ رهيس ته ڪا هڪڙي به اهڙي ڳالهه مهراڻ ۾ ڪانه ڇپي هئي، جا منهنجي پسند جي نه هجي. ان ۾ اسان ڪجهه جـُـزوي ڪامپرومائيز به ڪيا، مصلحتون به ڪيتريون ڪيون سين. پر اُهي مصلحتون، جيڪي اسان جي پنهنجي نئين خيال، انقلابي خيال، ترقي پسند خيال جي بلڪل ئي اُبتڙ نه هجن، اُن سان لاڳاپيل هجن، رليٽيڊ هجن، بلڪ مددگار ثابت هجن ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، ته ان انداز سان ڳالهه جي ”معيار“ قائم هجڻ جي ڪوشش ڪئي سين.

مون پهرين به اوهان سان ڳالهه پئي ڪئي ”هدايت“ اخبار جي، ته ڇهن مهينن جي عرصي لاءِ اسان اُها شايع ڪئي. اُن جو انتخاب پوءِ اسان شايع ڪيو ”مُٺ مُٺ موتين جي“ نالي ڪتابي صورت ۾. ته اوهان اهو ڪتاب پڙهي ڏسو ته اندازو ٿيندو ته فقط ڇهن مهينن ۾ هفتيوار اخبار ۾ اسان ايترو ته نظرياتي مواد ڏنو جو گورنمينٽ کي اها اخبار بند ڪرڻي پيئي. ان ۾ اسان فڪري لحاظ کان اُهي ٻيئي ڀيرا ڀرپور مواد ڏنو. لکندو مان هوس، ترجما مان ڪندو هوس، دوستن کان به لکائيندو هوس ۽ ترجما ڪرائيندو هوس. ان طرح پـُـڇڻا نه مـُـنجهڻا، ڳولبو ته ڳالهه ملي ويندي. ايتريقدر جو هڪ واري مون کي ضرورت محسوس ٿي ته زندگيءَ سان لاڳاپيل تجربا هجن، ته مهراڻ ۾ ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ مون پاڻ لکي ۽ شروع ڪيوسون اهو سلسلو. اهي ۽ اهڙيون لکيتون به جيڪڏهن گڏ ڪبيون ته سو سوا صفحن جو ڪتاب ٿي سگهي ٿو.

اِها ڳالهه نيچرلي.... ايڊيٽر جيڪو آهي... مثلاً ”ڊان“ اخبار آهي. ”ڊان“ اخبار جي پاليسي ڇو قائم ۽ سالم رهي آهي؟ ڇو ته هو اُن کان لِچڪن ڪونه ٿا. ڇاڪاڻ ته جيڪو ايڊيٽر آهي، سو قبول ڪري ٿو، پسند ڪري ٿو، اُن لکڻيءَ کي، جيڪا هن جي پنهنجي پاليسيءَ مطابق آهي. ”واٽ از دَ ايڊيٽرس پاليسي آف دَ پيپر؟“ ته برابر کوٽ به هوندي هئي مواد جي، ته ان لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو هو، ۽ جڏهن اسان جو پيغام پهتو ماڻهن کي، ته جنهن ڳالهه جي ڳولا آهي، اسان اُن ۾ لکون، پوءِ ته کوڙ پيدا ٿي پيا لکڻ لاءِ، ۽ ان طرح اهو سلسلو وڌيو ۽ بيٺو اڃا به ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com