سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :42

غلام رباني آگرو

”مهراڻ“- ادب جو ”سنڌ نامو“

 

 ”مهراڻ“ سنڌي ٻوليءَ جو مثالي ادبي رسالو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شايع ٿيو. پاڪستان کان اڳ، هونئن ته گهڻا رسالا نڪتا هئا، پر ”سنڌو“ نالي هڪ رسالو هوندو هو، جيڪو شڪارپور مان هڪ هندو ’ادب دوست‘ بولچند راجپال ڪڍندو هو. ان جو به وڏو نانءُ هو، اڃا ڳائجي ٿو.

پاڪستان ٺهيو ته مرڪزي حڪومت ”نئين زندگي“ نالي ماهوار رسالو ڪڍيو. بنيادي طرح اُن جو مقصد اهو پيغام ڏيڻ هو، ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ”نئين قومي زندگي“ شروع ٿي آهي. پر، اُن جو اصل ڪم سنڌ ۾ مهاجرن کي وَسائڻ لاءِ پرچار ڪرڻ ۽ وزيرن جون تقريرون ۽ تصويرون شايع ڪرڻ هو. ”لِٿو“ طريقي سان ڇپبو هو. پهرئين ئي ڏينهن کان مولانا عبدالواحد رسالي جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، جنهن جي تربيت ڊاڪٽر ذاڪر حسين، صدر جامعه مليه، دهلي (۽ بعد ۾ صدر هندستان) ڪئي هئي. سائين عبدالواحد ذات جو انڍڙ هو. سندس رڳن ۾ سنڌي رت هو. ننڍپڻ ۾ ئي دهليءَ ويو هو، جتان 1947ع ۾ مهاجر ٿي سنڌ ڏي موٽيو.

”نئين زندگيءَ“ کي عقلمنديءَ سان مٿي کنيائين. رسالو لِٿو بدران ٽائيپ ۾ ڇپايائين. وزيرن جون تقريرون گهٽائيندو ويو. ادبي مواد ۽ ٻيو مسالو وڌائيندو ويو. نيٺ اُهو ڏينهن به آيو، جو ”نئين زندگي“ سنڌي زبان جو سڀ کان مقبول رسالو ٿي ويو. ان جي اشاعت وڃي ڇهن ستن هزارن کي ڌڪ هنيو.

پاڪستان پبليڪيشنس اردوءَ ۾ ”ماه نو“، فارسيءَ ۾ ”هلال“، عربيءَ ۾ ”الوعي“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”Pakistan Quarterly“ رسالا ڪڍندي هئي. پر، ڪوبه رسالو ”نئين زندگيءَ” جيترو شايع ڪونه ٿيندو هو. اهو سڄو نتيجو سائين عبدالواحد سنڌيءَ جي محنت جو هو.

مان سنڌ سيڪريٽريٽ جي مالي کاتي ۾ ملازم هئس. هڪ ڏينهن آفيس ۾ آيو. چيائين ته ”مرڪزي حڪومت جي ملازمت صوبائي سرڪاري نوڪريءَ کان سٺي آهي.“ ”نئين زندگيءَ“ جي آفيس ۾ پنهنجو معاون مقرر ڪرايائين. ٻه سال 1956ع ۽ 1957ع ساڻس گڏجي ڪم ڪيم. اهي ٻئي سال گويا مان ئي رسالو ڪڍندو هئس، سائين نظرداري ڪندو هو.  پوءِ جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۾ وٺي ويو.

”نئين زندگي“ رسالو اڃا به نڪري ٿو. پر، ”هاڻي پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“ جڏهن ثمينه وقار پي.آءِ.ڊي جي ڊئريڪٽر هئي، تڏهن دل جي سچائيءَ سان ”نئين زندگيءَ“ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. هاڻي سندس جاءِ تي عبدالغفور ميمڻ، پي.آءِ.ڊي جو ڊئريڪٽر ٿي آيو آهي. نهايت نهٺو ۽ باصلاحيت انسان آهي. سندس سچائيءَ، قرب ۽ محبت ۾ ته الاهي اميدون آهن.

*       *       *        *

”نئين زندگيءَ“ ۽ ”مهراڻ“ تي هڪڙو حرف ايندو، ته ٻئي سرڪاري رسالا آهن، تڏهن ايترو عرصو هليا آهن. بلاشبه، اها حقيقت آهي. پر، اهو حرف حساب ته سنڌ جي جاگيردار طبقي تي اچڻ گهرجي. ڪنهن زماني ۾ ته انهيءَ طبقي جا اشراف به نوشهري فيروز ۽ ٽنڊي باگي ۾ اعليٰ پايي جا درسگاهه ٺهرائي ويا. هاڻي، الائي ڇا ٿيو آهي جو کين ڪڪڙن جي ويڙهه ۽ رڇ تي ڪُتن جي بَڇ کان سواءِ ٻي ڪرت ڪانهي. بظاهر، فرق هي آهي ته اڳي انگريز جهڙو قانون جو پابند مٿانئن حاڪم هو، ليڪن هاڻي جاگيردار طبقو مادر پدر آزاد آهي.

انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ قابل صد احترام حسن علي افندي ۽ نورمحمد وڪيل به عاليشان درسگاهه قائم ڪيا، پر اُهي زميندار يا جاگيردار طبقي مان ڪونه هئا. انهيءَ ڪلاس مان ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد ٽالپر ۽ سيد الله آندي شاهه  جا نالا سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهن، جن سنڌ جي تعليم جي پرگهور لڌي.

اُنهيءَ ئي دَور ۾، سنڌ ۾ اهڙا اهل دل انسان به هئا، جن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سارسنڀال لڌي. تمام سٺا خانگي رسالا ڪڍيائون. سنڌي هندن ۾ پرمانند ميوارام جو نالو هميشه نياز ۽ نوڙت سان کنيو ويندو، جنهن ”جوت“ رسالو ڪڍيو. مسلمانن وري اڳتي هلي ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ برپا ڪئي، جنهن لاجواب ڪتاب ڪڍيا. مون پنهنجي والد صاحب جي ذاتي لئبرريءَ ۾ ننڍپڻ ۾ ئي سوسائٽيءَ جي ڪتابن جو سڄو سيٽ پڙهيو هو.

 پر، جي قلم ۽ ڪاغذ جي حوالي سان رسالن ۽ ڪتابن سان گڏ اخبارن جو به ذڪر ڪبو، ته سر حاجي عبدالله هارون تمام وڏو نالو آهي، جنهن ”الوحيد“ اخبار شايع ڪئي. هونئن، لعل بن يوسف پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته ”انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ پهرين پهرين سنڌي اخبار آنربل غلام محمد ڀرڳڙيءَ شايع ڪئي هئي.“ هو عظيم انسان ۽ وڏو قوم پرست هو. مٿس سٺي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ڀرڳڙي صاحب جيڏا وڏا ماڻهو ٿورڙا پيدا ڪيا.

*             *               *             *

”مهراڻ“ رسالي جي شروعات پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سنڌ سرڪار جي ٺاهيل ”سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ڪئي هئي. اها 1940ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. تڏهوڪو مهراڻ رسالو ضخامت ۾ ننڍو ۽ سائيز ۾ ڪڏهن ڪيترو، ته ڪڏهن ڪيترو نڪرندو هو. پر معياري ادبي رسالو هو. سنه 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو. صلاحڪار بورڊ جا هندو عالم هندستان لڏي ويا. رسالو بند ٿي ويو.

مون اُنهيءَ رسالي جا ٻه ٽي پرچا پڙهيا هئا. منجهن شيخ اياز جا گيت، ڪوهستان بابت الله بچائي سمي جو مضمون ۽ گورخ هِل اسٽيشن تي هڪ مضمون پڙهيو هئم. تازو، عزيزم اعجاز چانڊيي ڳالهه ڪئي ته گورخ جو صحيح نالو گورغ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”بوندن جي وسڪاري وارو هنڌ“. چيائين ته ”گورغ تي کنڊ جي داڻن جهڙي سنهي برف پوي ٿي. اونهاري ۾ وڃبو، تڏهن به سيءَ کان پاڻ بچائڻو پوندو.“ اعجاز چيو ته ”گورغ سائين جي.ايم.سيد جي دريافت آهي. کيس سنڌ جي تاريخي هنڌن ۽ قدرتي نظارن جي ڊيولپمينٽ جو ڏاڍو شوق هوندو هو.“

اها ڳالهه صحيح آهي. پير حسام الدين راشديءَ، جويي صاحب، محمد حسين پنهور، مون ۽ جناح اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر ڪرنل خواجه عبدالرشيد پڻ ”رني ڪوٽ“  پهريائين پهريائين سائينءَ جي دعوت تي ڏٺو هو. ڪرنل رشيد مشهور محقق مشفق خواجه جو وڏو ڀاءُ هو. اسان سڀ سن ۾ ٽي راتيون سائينءَ وٽ رهياسين. رني ڪوٽ تي پهريون پهريون معياري مضمون ڪرنل خواجه عبدالرشيد اُنهيءَ ئي تاريخي سفر کان پوءِ انگريزيءَ ۾ لکيو هو، جنهن ”رني ڪوٽ“ جي شهرت پيدا ڪئي.  مير صاحبن مان ڪنهن اُن جي اڏاوت جي دعويٰ ڪئي هئي. پر، خواجه صاحب جو چوڻ هو ته ”ميرن وٽ نه ايترو پئسو هو ۽ نه اهڙا ڪاريگر هئا، جو جبلن ۾ ايڏو شاهڪار قلعو ٺهرائين. شهرن ۾ ئي ڪي قابل ذڪر عمارتون ڪونه ٺهرايائون.“

ميرن کي شڪار ڪرڻ جو شوق هو، سڄي سنڌ ’شڪارگاهه‘ ڪري ڇڏي هئائون. ميرن ۽ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ آباديءَ هيٺ زرعي زمين جا انگ اکر ڪڍبا، ته سڄي ڳالهه صاف ٿي ويندي.  مسٽر محمد حسين پنهور زراعت سان گڏ تاريخ ۽ قديم آثارن جو ماهر به آهي. هن به ساڳي ڳالهه ڪئي  ته ميرن فقط رني ڪوٽ جي ميريءَ واري حصي جي مرامت ڪرائي هئي، جيڪا اصل اڏاوت کان پڌري بيٺي آهي.

ڪرنل خواجه عبدالرشيد رني ڪوٽ کي ”سٿين لوڪن“ جو ٺهرايل قرار ڏنو آهي. سائين جي.ايم.سيد به اهڙي ئي راءِ جو هو، ته قلعو ڪنهن قديم زماني ۾ ٺهيو آهي.

تازو، ٽي سال اڳ جرمنيءَ جو سفير مسٽر برومر ۽ سندس بيگم، ڪراچيءَ ۾ جرمنيءَ جي قانصل جنرل سان گڏ مون وٽ حيدرآباد ۾ مهمان ٿي آيا. اصل ۾ رني ڪوٽ ڏسڻ آيا هئا. پس منظر اهو هو ته ڏهاڪو سال اڳ مان اسلام آباد ۾ هئس، ته ڊاڪٽر شمل جي ڪري، جرمن سفارتخاني سان گهري گهاٽي دعا سلام ٿي هئي. تڏهوڪو جرمن سفير ۽ سندس بيگم ۽ ڊاڪٽر شمل مون سان گڏ چترال گهمڻ هليا هئا.

مون مسٽر برومر کي مخدوم رفيق الزمان، اعجاز قريشيءَ، حميد سنڌيءَ، نفيس احمد ناشاد، نصير مرزا ۽ ٻين دوستن جي مدد سان رني ڪوٽ گهمايو. حيدرآباد جي چيمبر آف ڪامرس کان سندن اعزاز ۾ لنچ ڪرايم ۽ ڊنر جو انتظام رئيس الله بخش مگسيءَ ڪيو، جنهن ۾ سنڌي اديب ۽ عالم به موجود هئا.

جرمن سفير، سندس اهليه ۽ جرمن قانصل جنرل ”رني ڪوٽ“ ڏسي ڏاڍا متاثر ٿيا. جرمن سفير مون کي چيو ته، ”هن کي ڊيولپ ڇو نٿا ڪريو؟ هي ته دنيا جو عجوبو آهي.“ هن چيو ته ”اسلام آباد اچو، ته ان باري ۾ صلاح صباب ڪريون.“ مون ساڻس هائو ڪئي. بعد ۾ قانصل جنرل ڪراچيءَ مان ۽ جرمن سفير اسلام آباد مان خط به لکيا. مون سفير جو خط ته مهراڻ رسالي ۾ ڇاپي ڇڏيو، پر جواب ٻنهي کي ڪونه موڪليو. اصل ڳالهه اها هئي ته عراق واري جنگ ڇڙي پيئي، سو geo-Political صورتحال اهڙو پلٽو کاڌو، جو ڪنهن سان به ملڻ مناسب ڪونه سمجهيم. ڪجهه عرصي کان پوءِ جرمن سفير به بدلي ٿي ويو.

رني ڪوٽ جو ذڪر ’گورغ‘ تان نڪتو. نوابشاهه ۾ منهنجو هڪ دوست آهي مسٽر منظور پنهور. انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽس افيئرس جو ڊئريڪٽر آهي. تنهن ٻڌايو ته سائين جي.ايم.سيد ساڻس ڳالهه ڪئي ته ”مان ۽ پير علي محمد راشدي 1940ع ۾ گورغ گهمي آيا هئاسين. هتان Land Rover تي چڙهي ويا هئاسين. پر اڳتي ان جو هلڻ به مشڪل هو. سو، مقامي ميزبان جي چوڻ تي خچرن تي چڙهياسين. اونهارو هو، پر گورغ تي ايڏي ٿڌ هئي، جو هيٺان مٿان سوڙيون وجهي، ڪچهري ڪئيسون.“

اڳوڻي ”مهراڻ“ رسالي ۾ گورغ کي ”هِل اسٽيشن“ طور ڊيولپ ڪرڻ بابت مضمون به اُنهيءَ ئي زماني ۾ ڇپيو هو. مان پرائمري اسڪول ۾ ٽيون درجو پڙهندو هئس. انهيءَ ڳالهه کي ڀريا پنجاهه سال ٿي ويا آهن، پر گورغ هِل اسٽيشن اڃا ڊيولپ ڪانه ٿي آهي! ان وچ ۾ سنڌ کي چار وزيراعظم ۽ الائي ته ڪيترا صوبائي وزيراعليٰ مليا آهن. انهيءَ حقيقت مان هن بدنصيب ماٿريءَ جي مستقبل جو اندازو ڪري سگهجي ٿو! سنڌي معاشرو ڏينهون ڏينهن جو زوال پذير آهي، تنهن جا ضرور ڪي ته سبب هوندا؟ نوابشاهه ۾ نُور عباسي هوندو هو، جنهن جو هڪ شعر آهي ته:

”ڀينگ ٿي وئي آهي دلبر، ٻيو مڙيوئي خير آ!“

سنڌ جي انهيءَ معاشري ۾ ”مهراڻ“ رسالي جو تڳڻ سنڌي ادبي بورڊ جو هڪ معجزو آهي. رسالي تي نالو سنڌو درياهه تان پيو، جو هاڻي خود سال جو چڱو عرصو سُڪو پيو آهي. درياهه جي پيٽ ۾ واري پئي اُڏامي. سانوڻ ۾ به پاسي کان پاڻيءَ جي فقط هڪ لڪير نظر ايندي آهي، يا وري ڪنهن ڪنهن هنڌ بيٺل پاڻيءَ جا دُٻا!

*     *      *      *

1955ع ۾ ”مهراڻ“ رسالو نڪتو، ته ڄڻ سنڌي ادب جي چمن ۾ بهار آيو. خاص طرح سان جديد سنڌي ادب ڏاڍي ترقي ڪئي. ان زماني جا افسانا هاڻي سنڌي ادب جا شاهڪار آهن. تازو، رسول بخش پليجي ڪنهن ٽي.وي چئنل تي پنهنجين اڳوڻين يادگيرين جو ذڪر ڪندي چيو ته، ”مون مهراڻ ۾ سنڌي اديبن تي لکيو هو.“ درحقيقت، هن اُنهن ئي اديبن تي لکيو هو، جن جون تحريرون اُنهيءَ شروعاتي زماني ۾ جويي صاحب ”مهراڻ“ ۾ ڇپيون هيون. بعد ۾ پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“ نالي هڪ سٺو ڪتاب به لکيو.

مهراڻ ۾ تحقيقي مضمون به وڏي معيار جا ڇپبا هئا. مثال جي ڳالهه ته پير حسام الدين راشديءَ جو ٺٽي جي جاگرافيءَ تي مضمون. اهو مضمون ڪيئن لکيائين، تنهن جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. هڪڙي آچر ڏينهن پنهنجي ڀائٽي شمنُ شاهه راشديءَ ۽ مون کي پنهنجي فوڪس ويگن ڪار ۾ ڪراچيءَ مان کنيائين. مانيءَ جو ٽِفن باڪس به کنيائين. مڪليءَ ٽڪريءَ تي آرڪيالاجي کاتي جي ريسٽ هائوس ۾ پهچي هٿ منهن ڌوتوسون. هڪ ڪئميرا شمن کي ڏنائين ۽ ٻي پاڻ کنيائين. سفيد ڪاغذن جو ٿهو منهنجي حوالي ڪيائين. ٺٽي جي ڪنهن بازار وٽان شهر ۾ گهڙياسون، جنهن جو نالو ياد ڪونهي. مختلف محلا ۽ پاڙا پُڇائيندو هليو. هڪ تصوير پاڻ ڪڍي، ته ٻي شمن، ۽ مان تصويرن جا نمبر نوٽ ڪندو، اهو لکندو وڃان، ته فلاڻي تصوير ڪٿان جي آهي ۽ ڪهڙي سبب ڪري ڪڍيل آهي. مون کي اهو سڄو احوال پير صاحب ئي لکائيندو رهيو.

ٺٽو اڳي وڏو شهر هوندو هو. بلڪل انهيءَ ئي اڳوڻي وڏي شهر جي هاڻي ويران اُتر، اولهه، اوڀر ۽ ڏکڻ طرف پيادل وياسين ۽ سمورن پراڻن هنڌن، ماڳن، مسجدن ۽ مدرسن، واهن ۽ اُجڙيل باغن جون تصويرون ڪڍي وڃي پار پياسين. ڪابه اهم جاءِ ڪانه ڇڏيسون.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي رهائشگاهه تي به وياسين. چيائون ته گهر ۾ ڪير ڪونهي. بزرگ جي ڪا پوٽي يا پڙپوٽي آهي، جا سٺ ستر ورهين جي عمر ۾ آهي ۽ سڄو ڏينهن تڏي تي نفل ۽ فرض نمازون پڙهندي رهندي آهي. پير صاحب کيس دعا لاءِ عرض موڪليو. مان ڀانيان ٿو ته اڄ جي پاڻ مخدوم محمد هاشم جي پيرانديءَ ۾ پوريل آهي ته غالباً انڪري جو اُها دعا قبول ٿي.

ٺٽي جي گهٽين ۾ هلندي هلندي سڄو ڏينهن گذري ويو. جڏهن موٽي آثار قديمه کاتي ۾ پهتاسين، ته منهن ۽ مٿي مان مٽيءَ جا تَهه، صابڻ هڻي، مهٽي لاهڻ ۽ وهنجڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو. منجهند جي ماني ٽيپهريءَ ڌاران کائي ڪراچي موٽياسين. جيڪو مواد ڪٺو ڪري آياسين، ان کي پير صاحب بعد ۾ ترتيب ڏيئي ٺٽي جي جاگرافيءَ وارو مضمون لکيو، جو مهراڻ ۾ ڇپيل آهي. هاڻي سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار آهي.

1954ع ۾ سنڌ تي ”ون يونٽ“ جو پاڇو پيو. سائين جي.ايم.سيد نظربند ٿيو. اسيريءَ واري اُنهيءَ زماني بابت ”بنديخاني جا ڏينهن“ نالي سان مضمون لکيائين. اهو به هڪ تاريخي يادگار مضمون آهي، جو مهراڻ ۾ ڇپيل آهي. سراج، چيتن ماڙيوالا جي 1857ع جي بلوي ۾ سنڌ جي رول بابت نهايت اهم تاريخي مضمون جو ترجمو به مهراڻ ۾ ڇپايو هو.

پير علي محمد راشديءَ جو شاهڪار مضمون ”ڪونج ۽ سنڌ“ به مهراڻ ۾ ڇپيل آهي. مون ئي اهو مضمون راشدي صاحب کان لکايو هو. نفيس احمد شيخ جي ڪوشش سان ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو”سنڌي شاعريءَ تي هندي شاعريءَ جو اثر“ مضمون به مهراڻ ۾ ڇپيل آهي. مون ڀٽائيءَ جي يارَ، مخدوم معين ٺٽويءَ ڏي شاهه ولي الله جي خطن وارو مضمون به مهراڻ ۾ ڇپايو هو. مولانا گراميءَ جو مضمون ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ پڻ مهراڻ ۾ ڇپيو هو، جنهن تي وڏو ممڻ متو هو.  ٻيا به ڪيترائي لاجواب مضمون مهراڻ ۾ ڇپيل آهن. مون وٽ هن وقت رسالي جا پرچا ڪونهن، جو هت اُنهن جو تفصيل ڏئي سگهان.

ون يونٽ ٺهڻ کان پو، سائين جي.ايم.سيد جي نظربنديءَ جو فائدو وٺي دقيانوسي ذهن ۽ قدامت پسند عناصر ڪٺا ٿيا ۽ بورڊ جي ميمبرن وٽ جويي صاحب جي خلاف رڻ ٻاريائون. چي، ”وارو ڪريو، جو سڄيءَ سنڌ کي ڪافر ٿو ڪري.“ پر، تڏهن بورڊ جي ميمبرن ۾ خانبهادر کهڙي، سائين جي.ايم.سيد، ميران محمد شاهه ۽ پير علي محمد راشديءَ جهڙا قداور بزرگ ۽ معاملي فهم شخص هوندا هئا. مخالفن جو وات بند ڪرڻ لاءِ سو، بورڊ جويي صاحب جي جاءِ تي في الحال شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ پير سائين حسام الدين راشديءَ ٻنهي ڄڻن کي عارضي طرح رسالي جا ايڊيٽر مقرر ڪري ڇڏيو. ڳالهه ٺري ويئي.

*       *       *        *

جويي صاحب کان پوءِ گرامي صاحب ايڊيٽر ٿيو. کيس جويو صاحب ئي ٽريننگ ڪاليج مان وٺي آيو هو. ٻيئي ڄڻا اُتي مدرس هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ گرامي صاحب جويي صاحب سان اختلاف ڪري، بورڊ ڇڏي ويو. مخدوم صاحب جو ”شاعر“ رسالو وڃي ڪڍيائين ۽ جويي صاحب تي الزام هنيائين ته ”مهراڻ کي ’هڪ وڙَ‘ جو دڪان بنائي ڇڏيو اٿس.“ ستت پاڻ ”شاعر“ ۾ مضمون ڇپايائين، ته ”ملهار راڳ ڳائڻ سان مينهن وسندو آهي!“ جويي صاحب ”مهراڻ“ ۾ ان تي اهڙو تبصرو ڪيو، جنهن جو جواب گرامي صاحب ڏئي ڪونه سگهيو. ”شاعر“ ستت بند ٿي ويو. گرامي صاحب مجبور ٿي، موٽي جويي صاحب وٽ آيو، جنهن کيس وري ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ڪرايو.

مهراڻ جي اشاعت ۾ سيڪريٽري ۽ نائب سيڪريٽريءَ جو به ڪجهه اثر هوندو هو. ان لحاظ کان اول سراج ۽ پوءِ مان جويي صاحب جا ٻانهن ٻيلي هوندا هئاسين. گرامي صاحب کي ته پِٽائيندا به هئاسين، پر اُن زماني ۾ ٻيائي، بغض ۽ ڪينو ڪونه هوندو هو. بورڊ ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيو، ته گرامي صاحب صبح سان گاڏي کاتي واري آفيس  ”امين منزل“ ۾ روزانو مون وٽ اچي ڪلاڪ کن محبت ڀري ڪچهري ڪندو هو ۽ چانهه پيئندو هو. مان اُتي ئي رهندو هئس. پوءِ ٻئي ڄڻا پنهنجين پنهنجين آفيسن ۾ ويندا هئاسين. روزانو ان ڳالهه تي تنقيد ڪندو هو ته، نيرن تي چانهه سان رُکي ماني ٿو کائين، پيٽ ۾ اٽو ۽ ڪوسو پاڻي گڏجي ڳوڙهو ٿي پوندو. صلاح ڏيندو هو، ته ڪا ڀاڄي ڪرائي کاءُ، پر مون وٽ ايڏو پئسو ڪونه هوندو هو.

مرحوم اسدالله شاهه حسيني اعزازي سيڪريٽري ٿيو ته اُنهن ڪچهرين ۾ هيڪاري رنگ آيو. منجهند جو ٽيئي ڄڻا بعضي بعضي کاهي روڊ تي رَمون ڪوريءَ جي هوٽل تي ماني کائڻ ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن وري اسدالله شاهه جي ٻنيءَ تي هليا ويندا هئاسين. سندس ٻنيءَ تي ٻٻر جي گهاٽي وڻ هيٺان ماني لڳندي هئي ۽ ادبي ڪچهري به هلندي هئي. ”مهراڻ“ ته خاص موضوع هوندو هو.

اسدالله شاهه ۽ گرامي صاحب ٻئي ڄڻا مخدوم صاحب جا خاص ادبي مقرب هئا، پر اوليت جو شرف گرامي صاحب کي هو. اڳتي هلي ٿيو ائين ته اسدالله شاهه ۽ سندس ڀاءُ شبير هاتف مخدوم صاحب کي وڌيڪ ويجهو ٿي ويا. اِنهيءَ پسمنظر ۾ اسدالله شاهه ۽ گرامي صاحب جي رقابت به ڪڏهن ڪڏهن اسان جي مجلسن ۾ منهن ڪڍندي هئي. پر، انهن سڀني معاملن جي باوجود اسان ٽنهي جي ادبي بورڊ ۾ رفاقت نهايت قرب واري رهي. مول، متو ۽ مقصد سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت هئي. مخدوم صاحب جو بورڊ تي شفقت وارو سايو هو.

هڪ دفعي هڪ دلچسپ واقعو ٿيو. مون ڪنهن دوست سان ڳالهه ڪئي ته: ”يار، سائين جي.ايم.سيد سان ملاقات ٿئي، ڪو زمانو ٿيو آهي.“ سائين سن ۾ نظربند هو، ۽ ملڪ ۾ ايوب خان جو مارشل لا هو. پر، مون واري يار همٿ ڪري جيپ جو بندوبست ڪيو. مان، منهنجو يار ۽ منهنجو هڪ مائٽ گڏجي، جيپ ۾ سن روانا ٿياسون. سائينءَ سان وڃي ملياسين. ڏاڍو خوش ٿيو. سڄو ڏينهن ساڻس ڪچهريءَ ۾ گذري ويو. مون وارو مائٽ پنج وقت نمازي هو، سو اسان سان گڏ ماني کائي، پاسي واريءَ مسجد ۾ نماز تي ويو. اُتان نماز پڙهي ٻاهر نڪتو ته قد جو ڊگهڙو، بت ۾ سنهڙو، ٻُچي ڏاڙهي ۽ قادياني ڪَٽَ ڪو همراهه، جو اڌرڪ اردو ۽ اڌرڪ سنڌي پيو ڳالهائي، ساڻس ڳالهيون ڪندو، سائينءَ جي بنگلي تائين گڏيو آيو. پاڻ ئي چيائينس ته: ”ادا، مڙئي پيٽ گذر لاءِ نوڪري ڪرڻي آهي. هيڊڪوارٽر دادوآهي، پر سن ۾ سائينءَ جي مٿان سي.آءِ.ڊي لاءِ رکيو اٿن. منهنجو هت نه واقف نه ڪو دوست، سائين مهرباني ڪري ٽيئي وقت ماني کارائيندو آهي. فقير مزاج ماڻهو آهي. جنهن ڏينهن گهران نڪري بنگلي تي ايندو آهي، ته مان به کيس پيرين پوڻ ويندو آهيان.“

گهڙي کن رکي، پڇڻ لڳس ته ”اُهو ٿلهڙو ۽ بُت ۾ ڀريل سائينءَ جو مهمان، جنهن الائي ته ٻن ٽن ڏينهن کان ڏاڙهي ڪانه لاٿي آهي، الائي ته مشين سان ڪترائي اٿس، ڪير آهي؟“

منهنجي مائٽ چيس ته: ”اوهان ڪونه سڃاڻوس؟ مولانا غلام محمد گرامي ته مشهور معروف ماڻهو آهي.“

سي.آءِ.ڊي واري چيس ته، ”نالو ته ٻُڌل آهي. ڀلا ٻيو ڄڻو  جيڪو عمر ۾ گرامي صاحب کان ڪجهه ننڍو ۽ رنگ جو ڀورڙو آهي، سو ڪير آهي؟“

مون واري مائٽ چيس ته ”پڪ ته مون کي به ڪانهي، پر ڀانيان ٿو ته گرامي صاحب جو ڪو ماتحت آهي.“

سي.آءِ.ڊي واري چيس ته ”پڪ، اهو ناشاد هوندو.“ ائين چئي هو کانئس موڪلائي ويو.

اسان سڄو ڏينهن سائينءَ سان ڪچهري ڪري شام جو موٽي اچي حيدرآباد پهتاسين. ٻه ٽي ڏينهن مس گذريا، ته سائين اسدالله شاهه منجهند مهل تڪڙو تڪڙو بورڊ جي آفيس ۾ آيو. گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي چيائين ته ”رباني صاحب ۽ گرامي صاحب کي وٺي اچ.“ مان ته بروقت ساڻس وڃي مليس. چيائين ته، ”چانهه گهرايو.“ ايتري ۾ گرامي صاحب به پنهنجي آفيس مان اچي ويو. سائين اسدالله شاهه کيس ڏسي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. گرامي صاحب اڃا ڪرسيءَ تي ويٺو ئي مس ته چيائينس ته، ”ميان، توهان کي پنهنجو ڪو خيال ڪونهي ته هُن اشراف جي عزت ته خراب نه ڪريو.“

گرامي صاحب وائڙو ٿي ويو. مون ڏي نهاري چيائين ته، ”ڇا ٿو چوي؟“

سائين اسدالله شاهه چيس ته، ”ڇا ٿو چوان؟... هاڻي مون سان چالاڪي ٿا ڪريو؟“

”ڇا جي چالاڪي؟“ گرامي صاحب چڙ مان چيس.

”تڏهن سي.آءِ.ڊي جي ايس.پي صاحب ”سانئن“ (سائينجن جو مخفف) مخدوم صاحب کي ڪوڙ هنيو آهي، ته گرامي صاحب پنهنجي ماتحت ناشاد کي وٺي آچر ڏينهن سن ويو هو ۽ سائين جي.ايم.سيد سان ملي آيو آهي.“

گرامي صاحب چُپ ٿي ويو!

سائين اسدالله شاهه وري ڪڙڪو ڪيو: ”ملڪ ۾ مارشل لا... سنڌ ون يونٽ جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل... جنسي پاڻي پيو ٿو ٻري... ’سانئن‘ الائي ته ڪيڏيءَ مشڪل سان بورڊ کي سنڀاليو ويٺا آهن... توهان کي ڪوبه حياءُ ڪونهي!“

پٽيوالو چاءِ کڻي آيو. گرامي صاحب چانهه پيئڻ بدران ڪاوڙ ۾ ڪرسيءَ تان اُٿي پنهنجي آفيس ۾ هليو ويو. سائين اسدالله شاهه ٿڌو ساهه ڀري مون کي چيو ته، ”اوهان ڪجهه سمجهايوس... هدايت ڪيوس... من ڪو لحاظ پويس.“ سائين اسدالله شاهه موڪلائي وري مخدوم صاحب جي بنگلي تي واپس روانو ٿيو. مان گرامي صاحب کي هدايت ڪرڻ لاءِ وٽس ويس. چيومانس ته ”ڏوهه ڪنهن جو به ڪونهي... سڄي شرارت سي.آءِ.ڊي وارن جي آهي... ڪوڙي رپورٽ ڪئي اٿن.“

گرامي صاحب چيو ته ”سڄو ڪوڙ هن ٽکڙائي سيد پاڻ گهڙيو آهي. مخدوم صاحب کي اهڙيون ڳالهيون ڪري ته مون کان گمراهه ڪيو اٿن. منهنجي ملائڪن کي به خبر ڪانهي، چي تون آچر ڏينهن سن ۾ سائين جي.ايم.سيد سان ملي آيو آهين!“

ان ڳالهه کي چڱو عرصو گذري ويو. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ نفرت زور وٺندي ويئي، جيئن هاڻي ڪالاباغ ڊيم خلاف آهي.

سائين جي.ايم.سيد ڪجهه قدر قيد و بند مان آزاد ٿيو، ته ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ ٺاهيائين ۽ پيرن فقيرن جي درگاهن تي ثقافتي ڪانفرنسون ڪوٺائي تقريرون شروع ڪيائين. اسان جو سڄو لڏو ساڻس گڏ هوندو هو، جنهن ۾ گرامي صاحب به شامل هوندو هو. بزم جو ”داد شهيد“ تي جلسو ٿيو، جنهن ۾ گرامي صاحب به دونهان ڌار تقرير ڪئي. ماڻهن جا هشام هئا. جلسو پورو ٿيو. گرامي صاحب پگهر سُڪائڻ لاءِ پنڊال مان نڪري، ٻاهر وائک تي ساهه پَٽڻ بيٺو ته ايتري ۾ هڪڙو ڊگهڙو، سنهڙو، ٻُچي ڏاڙهي، قادياني ڪَٽَ همراهه هوريان رڙهندو رڙهندو اچي سندس ڀرسان بيٺو. گهڙي رکي چوڻ لڳس ته، ”واهه گرامي صاحب، واهه!... سَن ۾ نمونو هڪڙو ته هِت ٻُڍاپور ۾ ٻيو... هاڻي ڏاڙهي به ڪجهه سَجيهه رکائي آيا آهيو، ۽ بُت ۾ ڀريا به آهيو... ڀلا ڍَوَ تي مفت جا مال ٿا کائو... اڄ به اوهان لاءِ ٻوڙَ پلاءَ تيار رکيا آهن.“

گرامي صاحب ڪاوڙ مان چيس ته، ”اڙي! رڍ جا پُٽ... ڪير آهين؟... ڪهڙي بڪ ٿو هڻين!“

سي.آءِ.ڊي واري کلي چيس ته، ”مون کان ڪيترو لڪي ڪيترو لڪندا؟ مان توهان کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن جيپ ۾ چڙهي سائينءَ سان سن ۾ ملڻ آيا هئا. اڄ ته تقرير ۾ به سائينءَ سان هڪ ٿيا بيٺا آهيو. هاڻي ئي وڃي ٿو سڄي رپورٽ لکان.“ ائين چئي سي.آءِ.ڊي وارو هليو ويو.

جلسي پوري ٿيڻ کان پوءِ ماني لڳي، ته گرامي صاحب رڙهي منهنجي ويجهو آيو. چوڻ لڳو ته ”ٻاهر وائک ۾ هلي مانيءَ گرهه  کائون.“ ٻاهر آياسين، ته کلي چيائين ته، ”اسدالله شاهه جو ڏوهه ڪونه هو. سي.آءِ.ڊي وارن ايس.پي کي اهڙي رپورٽ ڏني هئي ته مان سائينءَ سان ملڻ سن ويو هئس، انڪري ايس.پي ’سانئن‘ کي فون تي ڏوراپو ڏنو هو.“

مون چيو ته، ”اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟“

چيائين ته ”اُهو سي.آءِ.ڊي وارو هينئر مون سان مليو ۽ پاڻ ئي ڳالهه ڪيائين.“

اهو ٻڌي مان ۽ گرامي صاحب ڏاڍا کِلياسين.

هيءَ ته ٿي کل ڀوڳ جي ڳالهه، پر هڪ دفعي اهڙو واقعو ٿي پيو، جو سنڌي ادبي بورڊ لوڏن ۾ اچي ويو. ”ون يونٽ“ جي خلاف نفرت ڏينهون ڏينهن زور هئي. اديب ۽ دانشور طبقو عوام جي امنگن ۽ احساسن جو ترجمان ٿيندو آهي. گرامي صاحب کي ڪا ”جوُجِڪي“ آئي، سو سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ”ون يونٽ“ جي خلاف تمام سخت ايڊيٽوريل لکي وڌائين.

لاهور ۾ سنڌي ڪير ٿو ڄاڻي! ڳالهه نظرانداز ٿي وڃي ها، پر سرڪار جي انفارميشن کاتي ۾ ٻه ”سنڌي سٻاجهڙا“ ويٺا هئا. ٻيئي اُتر سنڌ ۾ ساڳئي شهر جا ويٺل هئا. سرڪار سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ ڪڏهن سائين جي.ايم.سيد ته ڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف اُبتيون سبتيون رپورٽون موڪليندا رهندا هئا. (ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ته هڪڙيءَ ئي ڦوڪ سان هڪڙي کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائين. ٻيو اڳيئي رٽائر ڪري ويو هو).

اُنهن ٻنهي سنڌي سٻاجهڙن کي گرامي صاحب جي ايڊيٽوريل ۾ به پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ جو روشن ترورو نظر آيو، سو، سرڪار کي رپورٽ موڪليائون ته ”بورڊ ۾ ون يونٽ جي خلاف سازشون پيون ٺهن. ثابتيءَ طور مهراڻ جو ايڊيٽوريل شامل آهي.“

هڪ ڏينهن بورڊ جي آفيس ۾ لاهور مان ليٽر اچي ڪڙڪيو  ته ”سبب ڏيو ته اوهان جي خلاف هن ڏوهه جي ڪري ڇو نه سخت قانوني قدم کڻجي.“

اسد الله شاهه اعزازي سيڪريٽري هو ۽ مان نائب سيڪريٽري. خط پڙهي پريشان ٿياسون. مخدوم صاحب کي فون ڪئيسون. چيائين ته ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪريو، مان اچان ٿو. پاڻ غلام نبي ميمڻ کي وزير قانون مقرر ڪرايو هئائين، سو حيدرآباد آيل هو. ٻئي ڏينهن صبح جو يارهين بجي مخدوم صاحب غلام نبي ميمڻ کي بورڊ ۾ وٺي آيو. چانهه پيتيسون. ميمڻ صاحب چيو ته خط ڏيکاريو. پڙهي چيائين ته، ”ايڊيٽر کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، ته بورڊ بچي ويندو.“

مخدوم صاحب چيس ته ”پوءِ باقي بچيو ڇا؟“

اسد الله شاهه ۽ مون کي تسلي ڏيئي، پاڻ ٻئي ڪنهن اعليٰ عملدار سان مشورو ڪرڻ ويا.

اسد الله شاهه ۽ مون حسين شاهه کي ڪراچيءَ فون ڪئي، جنهن ٻڌايو ته ”بابا (راشدي صاحب) ٽنڊي ڄام ۾ حسين پنهور وٽ اَٿوَ.“ اهو ٻڌي اسان ڪيُئي ڄڻا جيپ تي چڙهياسون. سڌو ٽنڊي ڄام. راشدي صاحب سان حالي احوالي ٿياسون. اسان کي دلجاءِ ڏنائين ۽ حسين پنهور کي ميز تي ماني رکائڻ لاءِ چيائين.

حسين پنهور وٽ ڪو تمام سٺو بورچي هو. ڪيئي لذيذ طعام تيار ڪيا هئائين.ماني کاڌيسون. راشدي صاحب هٿ ڌوئي صوفا سيٽ تي اچي ويٺو. پائيپ دُکايائين ۽ اسان کي چيائين ته شام جو ڇهين بجي غلام نبي ميمڻ جي ڪوهنور سئنيما ۾ ريسٽ هائوس ۾ اچو. اسان کانئس موڪلائي حيدرآباد آياسين.

اسان کان اڳيئي ڇهين بجي  پاڻ ريسٽ هائوس ۾ موجود هو ۽ پنهنجي دادوءَ واري فارم جي مقاطعي بابت ڪنهن ٺيڪيدار سان ڳالهائي رهيو هو. اسان کان ليٽر ورتائين. ٽائيپ رائيٽر ۽ اڇو پنو گهرايائين. نوٽن جي هڪ ٿهي اسدالله شاهه کي ڳڻڻ لاءِ ڏنائين. ٺيڪيدار سان سودو به چُڪائيندو رهيو ۽ رکي رکي ٽائيپ رائيٽر تي ”ٺڙ“ ”ٺڙ“ به ڪندو رهيو. اسد الله شاهه نوٽ ڳڻي چيو ته ”سائين ٽيهه هزار آهن.“ اهو ٻڌي، راشدي صاحب ٺيڪيدار کي چيو ته ”مقاطعو منظور آهي.“ ٽائيپ رائيٽر مان پنو ڪڍي اسان کي ڏنائين ۽ چيائين ته ”سرڪار کي موڪلي ڏيو. لاهور وري اوهان جو نالو ڪونه وٺندو.“

اسان کانئس موڪلائي، اچي سائين مخدوم صاحب کي احوال ڏنو، جو خوش ٿيو. سندس اجازت سان، اسان سرڪار کي جواب موڪلي ڏنو. لاهور واقعي وري اسان جو نالو ڪونه ورتو!

هي هڪ اڌ واقعو مون مهراڻ جي  پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکيو آهي. هونئن اهڙا ڪيئي قصا ياد اٿم.  پر هت اصل اهميت آهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مواد جي. اهو مواد سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ محققن جي محنت، احساسَ، اُمنگَ ۽ فنڪارانه صلاحيتن جو ثمر آهي. ائين کڻي چئجي ته گذريل اڌ صديءَ جي سنڌ جي تاريخ آهي. مان جيڪر اُن کي ”سنڌ نامو“ ڪوٺيان.

*        *        *            *

انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ ۾ تعليم جو درجو تمام بلند هو. پرائمري تعليم تي خاص توجهه هوندو هو. پير الاهي بخش سنڌ جو وزير تعليم هو. سندس نالو سونن اکرن ۾ لکڻ گهرجي.

درسي ڪتابن ۾ سَتَ سنڌي ريڊر پڙهائيندا هئا. ان کان پوءِ امتحان ٿيندو هو، جنهن کي ”ڪاميٽي“ ڪوٺيندا هئا. جيڪو امتحان ۾ پهريون نمبر کڻندو هو، سو ”سنڌي زبان جو گوهر“ هوندو هو.

سنڌي ٽئين درجي جي ريڊر ۾ هڪ سبق هوندو هو، جنهن جو عنوان هو: ”پورهئي جي وِرِڇ.“ سبق جا شروعاتي جملا هيئن هوندا هئا: ”هن نينگر کي ڪشميري جو سهڻو ڪوٽ پاتل آهي. ڪشميري جي انهيءَ ڪوٽ تي الائي ته ڪيترن ڪاريگرن محنت ڪئي هوندي.“ ان کان پوءِ ڪشميري جي ڪپڙي ٺاهڻ وارن ڪاريگرن کان وٺي ڪوٽ سبڻ وارن درزين جي ڊگهي فهرست ڏنل هوندي هئي.

”مهراڻ“ جو مثال به ڪشميري جي ڪوٽ وارو آهي. گذريل پنجاهه سالن ۾ الائي ته ڪيترن اديبن، دانشورن، شاعرن، محققن، ايڊيٽرن، سب ايڊيٽرن، پروف ريڊرن، پرنٽنگ پريس جي ڪمپازيٽرن، ڪمپيوٽر آپريٽرن، مشين مين ۽ سندن هيلپرن ۽ بائينڊرن جون محنتون ۽ خذمتون ”مهراڻ“ رسالي کي سنڌي ادب ۾ لازوال درجو ڏيارڻ ۾ شامل آهن.

ليڪن، انهن مڙني ۾ رسالي جي ”ايڊيٽر“ جو مان مٿاهون آهي. ”ايڊيٽر“ انگريزي زبان جو لفظ آهي. روزنامه ”ٽائيمس“، انگلينڊ جي گجندڙ اخبار آهي، جنهن جي تحرير کان برطانوي حڪومت به ڇرڪندي آهي. مون ”ٽائيمس“ جي ادبي ضميمي (Literary Suppliment) ۾ پڙهيو هو ته ”ايڊيٽر انهيءَ شخص کي ڪوٺبو، جيڪو اخبار يا رسالي لاءِ مواد جي چونڊ جو اختيار رکندو هجي.“ اصل انگريزي اکر هي هئا:

One who selects material for a daily paper or periodical”.

خوش نصيب آهن اُهي شخص، جن ”مهراڻ“ جي ايڊيٽنگ جو اعزاز ماڻيو. مون مٿي جويي صاحب ۽ گرامي صاحب جو ذڪر ڪيو آهي. ٻيا خوشنصيب شخصَ، جن کي اهو اعزاز بجا طور مليو ۽ کين سونهين ٿو، تن ۾ سرفهرست ٽي نالا آهن: شمشيرالحيدري، نفيس احمد شيخ ۽ امداد حسيني. ٽئي ڄڻا روشن خيالُ، مفلس حالُ، پر پنهنجي شان مان وارا ۽ ايڊيٽنگ جا ماهر آهن. مهراڻ جي حوالي سان ته سنڌي ادب ۾ ٽنهي جو منفرد مقام آهي. سڄي عمر قلم ۽ ڪاغذ جي دنيا ۾ گذاري اٿن. ”امير پنهنجي مال تي ۽ غريب پنهنجي حال تي مست آهن.“ اهو محاورو ٽنهي تي صحيح ۽ صادق آهي.

بورڊ ۾ گذريل پنجاهه سالن ۾ ڪيئي گهمرا اُٿل پٿل آئي. ناشاد تمام خوش اسلوبيءَ سان اُن کي منهن ڏنو ۽ ”مهراڻ“ تي حرف اچڻ ڪونه ڏنو. اها ڳالهه جتي سندس ڪارڪردگيءَ ۽ ڪاميابيءَ جو ثبوت  آهي، اُتي سندس غير معمولي ذهانت جو دليل پڻ آهي. انگريزيءَ ۾ ائين چئبو ته:

It is a convincing proof of the sharpness of his mind.

”مهراڻ“ رڳو بورڊ لاءِ نه، پر سڄيءَ سنڌ لاءِ عزت ۽ افتخار جو باعث آهي. ان جي افاديت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي ڳالهيون ضروري آهن:

1. مهراڻ جا جيڪي پرچا وڪامي ويا آهن، تن جون پنج پنج سَو، يا گهٽ ۾ گهٽ ٽي ٽي سَو ڪاپيون وري ڇپڻ گهرجن ته ادارن ۽ سنڌي ادب جي سڄڻن وٽ ”مهراڻ“ جو سيٽ مڪمل هجي.

2. ”مهراڻ“ جي انهيءَ مڪمل سيٽ مان گذريل اڌ صديءَ ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي حالتن بابت ماڻهن جي روين جو اونهو اڀياس (Indepth Study) ڪرڻ لاءِ، مهراڻ جي ”ڏِسڻي“ (Index) ٺاهڻ گهرجي. اهو ڪم ڪو ايڪسپرٽ ئي ڪري سگهي ٿو. اڄ اسان وٽ شمشيرالحيدري ۽ نفيس احمد شيخ کان وڌيڪ ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مواد جي تفصيل جو واقف ٻيو ڪير ڪونهي. ساڻن امداد حسينيءَ جهڙو سينئر ساٿي شامل ڪري، اهي ٻئي ڪم گڏوگڏ ڪرڻ گهرجن: يعني اڻلڀ پرچن جي دوباره ڇپائي ۽ مهراڻ جي انڊيڪس جي تياري.

سيد صباح الدين عبدالرحمان علامه شبلي نعمانيءَ جي قائم ڪيل ”دارالمصنفين“ جو جانشين هو. هڪ دفعي منهنجي دعوت تي حيدرآباد آيو ۽ بورڊ ڏٺائين. ٻڌايائين ته اسان ماهوار ”معارف“ رسالو شايع ڪندا آهيون. حالتون ۽ مشڪلاتون ڪهڙيون به هجن، ”معارف“ وقت تي شايع ٿيندو آهي. مون چيو ته جڏهن هندستان پاڪستان ٿيو ۽ برصغير ۾ وڏن شهرن ۾ فساد هئا؟ چيائين ته ”تڏهن به معارف مقرر وقت تي شايع ٿيو.“

”مهراڻ“ رسالو به ائين وقت جي پابنديءَ سان شايع ٿيڻ گهرجي. پر، ان لاءِ ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر کي گهربل عملو، پريس جي مڪمل مدد ۽ ٻيون سموريون سهوليتون ڏنيون وڃن.

هيءَ دنيا عالم اسباب آهي. جيستائين اسباب ڪونه جُڙندا، تيستائين نتيجا به ڪونه نڪرندا. آسمان مان ”من و سلويٰ“ نازل ٿيڻ وارو زمانو گذري ويو.

 

مُٺ مُٺ موتين جي

(”مهراڻ“ بابت سڄڻن جا سنيها)

 ”مهراڻ“- معياري اشاعتي پروگرام

ڪيترائي ادبي جريدا نڪرندا آهن، پر ڪن مالي ۽ ٻين سببن جي ڪري بند ٿي ويندا آهن. گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ ۾ به ائين ٿيو آهي. سنڌي رسالن ۾ نئين زندگي ۽ مهراڻ ئي ٻه رسالا اهڙا آهن، جن کي اڌ صديءَ کان مٿي مسلسل شايع ٿيڻ جو رڪارڊ آهي.

مهراڻ ورهاڱي کان اڳ به 1946ع- 1947ع ڌاري شايع ٿيندو رهيو هو، پر 1955ع کان مهراڻ جو ٻيو دَور خاص طور شاندار آهي. ڪيترن ئي ادب دوستن وٽ ممڪن آهي ته مهراڻ جي ٻنهي دورن جا مڪمل سيٽ هجن. مون وٽ به پهرئين دَور جا ٻه ۽ پوئين دَور جو مڪمل سيٽ موجود آهي. مون پنهنجي تحقيقي ۽ تدريسي عمل ۾ مهراڻ مان مڪمل فائدو ورتو آهي. مهراڻ جا خاص نمبر: سوانح نمبر، شاعر نمبر، اياز نمبر، راشدي نمبر ۽ تنوير نمبر ته اهم ادبي دستاويزن جي حيثيت رکن ٿا. اُنهن ۾ گهربل  موضوعن تي مستند مواد موجود آهي. ادبي اُڃ اُجهائڻ لاءِ توڙي تحقيق لاءِ مهراڻ اهم خدمت ڪئي آهي. جويو- گرامي ادارتي ساٿ کان وٺي سڀني ايڊيٽرن معيار کي بهتر بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ هڪ وڏو ادبي ادارو آهي. اُن جي سربراهن ۽ عملي جي ذمي ٻيو به گهڻو اشاعتي ڪم آهي، انڪري ڪن حلقن ۽ شخصن کي دوست نوازي ۽ اقرباپروريءَ جي به شڪايت رهي آهي، پر اُن جي مقابلي ۾ مهراڻ توڙي بورڊ جو اشاعتي پروگرام نهايت معياري رهيو آهي.

آءٌ بورڊ جي انتظاميه ۽ مهراڻ جي ادارتي عملي کي مهراڻ جي گولڊن جُبليءَ جي موقعي تي مبارڪون ڏيان ٿو.

- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 اڳوڻو چيئرمن

 سنڌي ادبي بورڊ

 

”مهراڻ“ ۽ گرامي صاحب

مان 1948ع ۾ پاڪستان ۾ آيس ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيس جتي ٻه سال گذريا.  بعد ۾ ريڊيو ۾ ملازم ٿي لاهور ويس ۽ ان کان پوءِ پشاور بدلي ٿي. 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن  قائم ٿي ته موٽي سنڌ ۾ آيس ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳس. ڪوٽڙيءَ جو ماحول ٻهراڙيءَ جو هو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد سان تعلق وڌيڪ هو، انڪري شهر جو به اثر هو، پر ٻهراڙيءَ جا ماڻهوگهڻو ڪري ايندا هئا ۽ منهنجي دلچسپي انهن سان وڌيڪ هئي. مان لسانيات جو شاگرد رهيو هوس، انڪري منهنجو ڌيان ”ٻهراڙيءَ جي ٻولي“ سان هو. مان سنڌي ٻولي ته نه ڄاڻندو هوس، پر مئگافون ذريعي ٻولين جي آوازن جي فرق کي سڃاڻندو هوس، ۽ مون کي خبر هئي ته سنڌي ٻوليءَ جا پنج خاص صوت آهن، جيڪي ٻين علاقائي يا صوبائي ٻولين ۾ نه ٿا ملن. اهي ب، ج، ڊ ۽ گ جي آوازن سان ملندا آهن، پر صوتي لحاظ کان جدا آهن. بعد ۾ معلوم ٿيو ته انهن جي لاءِ صورتخطيءَ ۾ جدا حرف ٺاهيا ويا آهن. (جي هن ريت آهن: ٻ، ڏ، ڄ، ڃ ۽ ڳ) انهن آوازن کي سڃاڻڻ جي ڪري ٻهراڙيءَ وارن ماڻهن جي ٻوليءَ کي غور سان سڻندو هوس. غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته اُنهن آوازن جي اُچارڻ ۾ ساهه ب، ج، ڊ ۽ گ جي آوازن کان انڪري مختلف آهن جو سنڌيءَ ۾ خاص آوازن ۾ ڳالهائڻ مهل آواز جو عمل وات ۾ اُبتو ٿئي ٿو. عام آواز ڳالهائيندي آواز وات کان ٻاهر ٿو اچي، پر خاص سنڌي آوازن (ٻ، ڄ، ڃ، ڏ ۽ گ) ۾ ساهه ٻاهر کان اندر ويندو آهي. اهي آواز ٻهراڙيءَ وارن طرفان  ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ چٽا ۽ صاف اچار سان ادا ٿين ٿا. ٻي ڳالهه جا مون کي معلوم ٿي، اها هئي ته سنڌي هڪ غنائي ٻولي آهي ۽ غنائي ٻوليون شاعريءَ ۽ راڳ سان وڌيڪ تعلق ٿيون رکن. اهڙين ٻولين ۾ فارسي ۽ فرانسيسي ٻوليون خاص آهن ۽ اها به حقيقت آهي ته سنڌي ٻولي به راڳ ۽ شاعريءَ سان خاص لاڳاپو رکي ٿي.

وقت گذرڻ سان ۽ ٻهراڙيءَ تائين شهرن جي اثر پهچڻ ڪري هينئر خاص آوازن ٻ، ڄ، ڏ ڳ ۽ ٽن غنائي آوازن ڃ، ڻ ۽ ڱ جي آوازن جي اُچار ۾ اُها چٽائي ۽ صفائي نه رهي آهي. انهن غنائي آوازن اُچارڻ ۾ ڻ جو آواز ته ٻين ٻولين ۾ به آهي پر ڃ ۽ ڱ فقط سنڌي ٻوليءَ سان مخصوص آهن، ڇو جو اهي ٻين ٻولين جي غنائي آوازن کان مختلف آهن ۽ انهن جو اُچار چئن خاص آوازن جهڙا آواز آهن. منهنجي هيءَ معلومات ۽ سنڌي بيت جي دوهي ۽ سورٺي مان اسرڻ جي معلومات، سنڌي ٻوليءَ جي سمجهڻ کان اڳي به هئي.

حيدرآباد ريڊيو ۾ اچڻ بعد پروگرام ٺاهڻ جي ذميواري منهنجي هئي، ڇو جو مان ٽرينڊ ماڻهو هوس پر ٻوليءَ کان اڻواقف هوس. منهنجي مدد لاءِ ٻه سنڌي اديب ڪانٽريڪٽ تي رکيا ويا. انهن جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ جي پروگرامن ٺاهڻ ۾ منهنجي تجربي ۾ واڌارو ٿيندو ويو ۽ مان سنڌي ٻولي سکڻ لڳس.

منهنجي يار مولانا گراميءَ مون کي سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ترغيب ڏني ۽ شاعري ڏانهن راغب ڪيو.، تقاضا ڪري لکارائي تعريف ڪندا هئا ۽ حوصلا وڌائيندا هئا ۽ مهراڻ ۾ ڇاپيندا هئا، انڪري منهنجو مهراڻ سان اٽڪل پنجاهه سالن جو تعلق آهي. جو ڪجهه لکندو رهيو آهيان، مهراڻ ۾ ئي ڇپيو آهي ۽ هي سلسلو اڄ تائين قائم آهي. مهراڻ سان تعلق جي شروعات مرهيات غلام محمد گرامي جي ذاتي محبت سان عبارت آهي ۽ مولانا گراميءَ جي شخصيت ۽ مهراڻ منهنجي لاءِ محبت ۽ عقيدت جا ٻه نالا آهن. مهراڻ کي مهراڻ بنائڻ ۾ مولانا گراميءَ جي علم ۽ محنت جو وڏو هٿ آهي ۽ مهراڻ جي گولڊن جُبلي نمبر جي موقعي تي منهنجون يادگيريون منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن. خدا مهراڻ ۽ اُن سان گڏ مولانا گرامي کي به پائنده رکي. مخلص ماڻهو سدا حيات هوندا آهن ۽ امداد حسيني ۽ ناشاد به مهراڻ سان گڏ رهيا آهن. خدمت ئي زنده رکي ٿي ۽ رهي ٿي.

- الياس ”عشقي“

(حيدرآباد، سنڌ)

 

شال ڪوبه ”مهراڻ“ سوڪهڙي جو شڪار نه ٿئي

سنڌو وارو  مهراڻ هٿراڌو سوڪهڙن، بندن ۽ ٻنڌڻن باوجود ڪڏهن سَرهو ته ڪڏهن اَرهو، ڪڏهن لائو ته ڪڏهن ڪانڊو، پر ”مهراڻ“ جو وهڪرو- جيڪو سنڌوءَ جو وهڪرو آهي- وهندو ئي رهي ٿو. سنڌوءَ جي وشال مهراڻي وهڪري جا به پنهنجا جائز ڏک سور آهن ۽ ڏاڍ ڏمر هيٺ هجڻ واريون ڪيفيتون پڻ آهن.

اسان جو ٽِه- ماهي مهراڻ 1955ع کان وٺي وڏي شانَ مانَ سان سنڌوءَ وانگر مهراڻي ڇولين سان ڀرپور سنڌي ادب جي اوج جا پڪا پختا اُهڃاڻ پَسائيندو ٿو رهي.

ٽِه-ماهي مهراڻ جو اوج اُهو هو جڏهن سائين جي.ايم.سيد، سائين ميران محمد شاهه، مخدوم سائين طالب الموليٰ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جهڙيون شخصيتون سنڌي ادبي بورڊ جي سربراهي ڪري رهيون هيون. ’مهراڻ‘ سان واڳيل ادارتي يا سهڪاري عملي هن رسالي کي پنهنجي اوج تي پهچايو، جن ۾ جويو صاحب، ڏيپلائي صاحب، گرامي صاحب، شمشيرالحيدري، ڀاءُ غلام رباني آگرو، سائين ظفر حسن، ادو امداد حسيني، مرهيات ابن حيات پنهور، نفيس احمد ناشاد، ميان علي بخش احمدزئي (پريس مئنيجر) ۽ ٻيا ڪيترا عالم ۽ اديب هن رسالي جا سکاني رهيا. پر صد افسوس، انهن مان اڄ ڪيترا اسان وٽ موجود نه آهن، ڄڻ هاڻ هتان اُٿي ويا هجن:

”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.“

جيڪي آهن اُهي اوطاقون اُجارين ويٺا. عزيزم امداد حسيني جي مهراڻ جي سنڀال لاءِ وري اچڻ سٺو سنوڻ آهي.

اڄ جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جو نئون ۽ سجاڳيءَ وارو دور هلي پيو آهي ته وقت جي گهرجن مطابق ”مهراڻ“ جو مقصد پنجاهه سالن کان پوءِ به هڪ نئين ووڙ ۽ ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي“ واري پهچ ۾ نوان ميل جا پٿر قائم ڪرڻ هجي.

”مهراڻ“ کي امرت يا آب حيات جي ڦڙن پيارڻ جي به ضرورت نه آهي. مهراڻ بذات خود اسان لاءِ اَمرت ڌارا ۽ آب حيات آهي، پوءِ ڀلي سنڌو هجي ٽِه-ماهي مهراڻ. شال ڪوبه مهراڻ سوڪهڙي جي واري نه واري. اسان جا مهراڻ هميشه وَهندا رهن ۽ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سکيو ستابو ۽ سندن مَنُ پرسن رکندا اچن!                                                      

- حميد سنڌي

(حيدرآباد، سنڌ)

 

”مهراڻ“- هڪ فڪري واٽ

”مهراڻ“ رسالو هميشه منهنجو دلپسند رسالو پئي رهيو آهي. منهنجو پهريون اخباري مضمون ڪي زمانا اڳ روزاني ”الوحيد“ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو ۽ پهريون ادبي خط رسالي ”مهراڻ“ حيدرآباد ۾ ڇپيو هو.

جنهن رات ”الوحيد“ جي ڪمپازيٽرن منهنجي پهرئين اخباري مضمون کي ڪمپوز ۽ سيٽ پئي ڪيو ۽ پوءِ ڇپائي ڪندڙن اُن مضمون وارو صفحو مشين تي ڇاپيو پئي، تنهن رات اُهو سڄو وقت آءٌ پريس ۾ مشين جي پاسي ۾ پيرن ڀر بيٺو هوس ته ڪيڏيءَ مهل ٿو مضمون ڇپجي پڌرو ٿئي! جيئن ئي پهرين آلي ڪاپي مشين تان لٿي، تيئن ئي آءٌ منٿون ڪري، اها پريس وارن کان وٺي ڀڳس پنهنجي سنڌ مدرسي واري حسن علي هال جي هاسٽل ڏانهن. پُڄندي شرط پنهنجن دوستن کي ننڊ مان اُٿاري کين مضمون ڏيکاريم ۽ جيسين اهو کين پڙهي نه ٻڌايم، تيستائين اُن مان هٿ ڪونه ڪڍيم. سنڌ مدرسي جي مئٽرڪ جي شاگرد رسول بخش جو ”مضمون“ سنڌ جي مشهور معروف اخبار ”الوحيد“ ۾ ڇپيو هو، ڪا معمولي ڳالهه ته ڪانه ٿي هئي!

جڏهن ”مهراڻ“ ۾ منهنجو پهريون ”ادبي خط“ ڇپجي ظاهر ٿيو (1956ع)، تڏهن به منهنجي ذهني ڪيفيت ذري گهٽ ساڳي هئي.

اهو خط مون ڏينهن جا ڏينهن پئي لکيو- ڊاٺو ۽ وري وري لکيو! مهراڻ ڏانهن لکيل اُن خط جو مرڪزي خيال هو پڙهندڙن کي اهو ٻُڌائڻ ته ”مهراڻ“ رسالي جي تن ڏينهين سنڌي ادب ۾ حيثيت ڪيڏي نرالي ۽ بلند هئي. اهو ڪو سولو ڪم ته ڪونه هو!

تن ڏينهين آءٌ ميرپورخاص ۾ وڪالت ڪندو هوس ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ وٽ ”سچائي منزل“ ۾ رهندو هوس. جيتوڻيڪ خط لکندي لکندي، ڊاهيندي ڊاهيندي ۽ وري وري لکندي لکندي اهو ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ غلام حيدر لغاري، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ ٻين آين وين ڪامريڊن کي بار بار پڙهي ٻُڌائي چڪو هوس، پر جڏهن رسالو منهنجي خط سميت آب تاب سان ڇپجي نروار ٿيو تڏهن ڪامريڊن کي ڪڏهن ريجهائي ڪڏهن زبردستيءَ بار بار پڙهي ٻُڌائڻ ۾ جيڪا دل کي بهاري ٿي سا اڄ به نٿي وسري!

تن ڏينهين ”مهراڻ“ جهڙي بي مثال رسالي ۾ خط ڇپجڻ اسان جهڙن سيکڙاٽ لکندڙن لاءِ ڪنهن تاريخي ادبي واقعي کان گهٽ ڳالهه هئي ڇا!

منهنجي ادبي تنقيد جي شروعات به ”مهراڻ“ کان ئي ٿي. اهو شعبو مون هڪ خاص مقصد لاءِ اختيار ڪيو هو. منهنجو مقصد هو ته سنڌي ادب جي معيار کي يورپي ۽ خاص ڪري روسي انقلابي ادب جي بلندين تي رسائجي. ائين ڪندي ڪڏهن ڪڏهن خود ”مهراڻ“ جي ڪنهن قابل احترام ايڊيٽر سان به با ادب علمي ڇيڙڇاڙ ٿي ويندي هئي. هڪڙي ڀيري ان وقت جي ايڊيٽر صاحب کي لکيم ته ”اوهان جو لکيل فلاڻو نظم بيحد وڻيو. جي اُن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڏيو ها ته پڙهي ۽ سمجهي اڃا وڌيڪ مزو اچي ها.“ جڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڻس ملڻ ٿيو ته پنهنجائيءَ واري حُجت وچان اُڀو ٿي ويو ۽ چيائين ته ”چئبو ته اسان کي سنڌي لکڻ نٿي اچي.“ مون عرض ڪيو ته ”عربي ۽ فارسي لفظن سان گڏ جيڪي ٿورا گهڻا سنڌي لفظ هئا سي ته سڄا سمجهه ۾ اچي ويا.... باقي ٻيا... اسان کان زور هئا.“ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين، ”چئبو ته ڪامريڊن عربي ۽ فارسي زبانن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ورتا آهن... ماشا ِّ الله! ماشا ِّ الله!“ ان محبوب صفت ايڊيٽر صاحب جو اسم گرامي هو مولانا غلام محمد گرامي!

”مهراڻ“ هڪڙي رسالي جو نالو نه هو پر اهو هڪڙي علمي، ادبي، ذهني ۽ فڪري واٽ جو، هڪڙي رويي جو، هڪڙي روشن خيال ۽ زندگي بخش فلسفي ۽ انسان دوست ۽ علم دوست جيئڻ جي ڍنگ جو به نالو هو. ”مهراڻ“ رسالي سنڌ جي اديبن ۽ قلمڪارن جون اهڙيون کيپن پٺيان کيپون تيار ڪيون، جن سنڌي علم ادب ۽ شاعريءَ کي بلندين جي نت نون ڏاڪن تي رسايو ۽ سندن وجود، نالي ۽ تخليقن کي ملڪ جي علم ۽ ادب جي پرستارن ۾ معروف ۽ معتبر بنائي ڇڏيو.

”مهراڻ“ رسالي زماني جي قسمين قسمين لاهين چاڙهين جي باوجود پنهنجي وجود جي تاريخي اهميت کي بنيادي طور قائم رکيو آهي ۽ ان ڳالهه جي ساک اُن جا اڪثر پرچا ڏيندا رهن ٿا. ”مهراڻ“ جو تازو پرچو به اها ئي شاهدي ڏئي ٿو.

 

- رسول بخش پليجو

 (حيدرآباد، سنڌ)

 

”مهراڻ“- منهنجي نظر ۾

سنڌي ادب ۾ مهراڻ جي هڪ حيثيت ۽ اهميت آهي. هيءُ رسالو علم ادب جي سڀني شاخن، تاريخ، فڪشن ۽ ڪلچر جي ترقي ۽ ترويج لاءِ پنهنجو پاڻ ملهائيندو رهيو آهي: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي لوڪ ادب جي صنفن جو مطالعو، سنجيده تحقيقي مضمون، افسانا، شاعري، ڊراما، خط، تجزيا ۽ تبصرا، پنهنجي مشاهيرن جو تعارف، سنڌ جي ڪهني ادب جون چونڊ لکڻيون. هيءُ رسالو ماضي ۽ حال جي وچ ۾ هڪ ادبي پُل آهي، جيڪا قديم ۽ جديد ادب کي اصلوڪين لکڻين توڙي ترجمن وسيلي پاڻ سان ملائي ٿي.

مهراڻ درحقيقت هڪ ادبي تحريڪ جو اهڃاڻ بنجي ويو آهي، جنهن کي ادبي بورڊ جي علمي ترجمان هئڻ جو شرف حاصل آهي. هن ۾ مرزا قليچ بيگ، سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، شمس العلما ِّ دائودپوٽو، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير حسام الدين راشدي، رحيمداد خان مولائي شيدائي، مخدوم امير احمد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محرم خان، شمشيرالحيدري، شيخ اياز، تنوير عباسي، نسيم کرل، نجم عباسي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، ماهتاب محبوب، قاضي خادم (راقم الحروف)، نياز همايوني، غلام رباني، سراج، شمس نورالدين سرڪي، شيخ عبدالرزاق راز، تاج بلوچ، تاجل بيوس، عنايت بلوچ، مراد علي مرزا، ڊاڪٽر الياس عشقي، غلام نبي مغل، طارق اشرف سميت سون جي تعداد ۾ جديد سنڌي ليکڪن جون  معياري تخليقون شايع ٿينديون رهيون آهن. هتي اها ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته مخدوم طالب الموليٰ کان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ تائين جيستائين عالم، اديب ۽ شاعر بورڊ جا چيئرمن رهيا، مهراڻ جي معيار جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونه هو، خاص طور تي مولانا غلام محمد گرامي ۽ شمشيرالحيدريءَ واري عرصي ۾ مهراڻ سنڌي اديبن جو ڄڻ ٻيو گهر هوندو هو. گرامي صاحب جي مشفقانه مرڪ ۽ پيار ڀريون تنبيهون اسان جهڙن ڪيترن ئي سيکڙاٽ ليکڪن کي اها همت ڏئي سگهيون، جو اسين مهراڻ ۾ لکڻ لڳاسين. هو بلڪل مولانا عبدالواحد سنڌي ايڊيٽر نئين زندگيءَ وانگر مهراڻ کي هڪ ادبي تحريڪ جيان هلائيندو هو ۽ پاڻ به مسلسل قلم جو پورهيو ڪندو هو. ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ هن جو اهو معياري مقالو آهي، جو جيڪڏهن هن کي به ڊبليو-بي-ييٽس W.B.Yeets وانگر ڪو مترجم ملي ها، جنهن ٽيگور جي گيتانجليءَ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري هن کي نوبل پرائز جي لسٽ ۾ شامل ڪرائي سگهيو، يا فٽز جيرالڊ، جنهن عمرخيام جون رباعيون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري انگريزن کان شيڪسپيئر جا سانيٽ وسارائي ڇڏيا، ته شايد گرامي صاحب به بين الاقوامي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بلند مقام تي نظر اچي ها. مهراڻ گرامي صاحب کان پوءِ وري امداد حسينيءَ ۽ نفيس احمد شيخ جي ادارت ۾ پنهنجو سفر اڳتي وڌايو، جن جي محنتن سان هي رسالو پنهنجو معيار برقرار رکندو پيو اچي.

هن اڌ صديءَ جي سفر ۾ مهراڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي جيڪا نمائندگي ڪئي آهي، اهڙي ٻيو ڪو رسالو سرڪاري خرچ تي هلندي نه ٿو ڪري سگهي. مون کي فخر ان ڳالهه تي آهي ته مولانا غلام محمد گرامي جهڙي اعليٰ عالم ۽ اديب شيخ اياز جو ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۽ تنوير عباسيءَ جو شاعريءَ جو مجموعو ”سج تري هيٺان“ تبصري لاءِ مون کي ئي ڏنا ۽ مهراڻ ۾ ئي شايع ٿيا.

جويي صاحب، غلام رباني، سيد ظفر حسن، امداد حسيني، حبيب الله صديقي کي بورڊ جي ٻئي ڪم ڪار سان گڏ مهراڻ جي اهميت کان بخوبي واقفيت رهي. رسالن کي محنت جي ضرورت ته هوندي ئي آهي پر ان ۾ جيڪڏهن محبت شامل نه آهي ته پوءِ اها محنت اڌوري آهي. مهراڻ جي ڪارڪنن ۾ محبت جو جذبو به آهي.

مون کي ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿو لڳي ته ڪو وقت هو جڏهن مهراڻ کي ڏسي هڪ اڻ لکي هيبت طاري ٿيندي هئي. ان جا عام پرچا توڙي خاص نمبر، جن مان هر نمبر پنهنجيءَ جڳهه تي پي.ايڇ.ڊي جي هڪ ٿيسسز جي حيثيت رکي ٿو. پير حسام الدين راشدي نمبر، شاعر نمبر، تحريڪ آزادي نمبر، شيخ اياز نمبر، تنوير عباسي نمبر ۽ ان قسم جا سڀ خاص نمبر سانڍي رکڻ جهڙا آهن. فهرست نمبر ته سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ اهم سورس مٽيريل آهي.

آءٌ مهراڻ جي ڪارڪنن کي رسالي جي هن تاريخي سفر تي مبارڪباد ڏيان ٿو، پر انهن لفظن سان ته هي اهو سفر آهي جنهن جي ڪابه پڄاڻي ناهي. هي هڪ اننت ياترا آهي. بقول هن دور جي هڪ عظيم ڏاهي، ماهر تعليم، عالم ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جناب مظهرالحق صديقيءَ جي، ته هي سفر بـہ کان بهتر ڏانهن ويندڙ سفر آهي، جنهن جي ڪا پڄاڻي ناهي، ڪو انت ناهي.

مهراڻ سنڌ جي فن ۽ فڪر، تاريخ ۽ فلسفي، علم ۽ ادب جو بي مثال ترجمان آهي، جنهن کي هن وقت به نفيس احمد شيخ جهڙو اورچ اديب مليل آهي، جو هن رسالي جي روح جي تسلسل کي برقرار رکندو ٿو اچي.

- ڊاڪٽر قاضي خادم

(ڄام شورو. سنڌ)

 

”مهراڻ“- جاڳرتا جي جوت!

آگسٽ 1940ع ڌاري، سنڌ جي اُن وقت جي تعليم واري وزير سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب (جي.ايم.سيد) جي ڪوششن سان سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو مقصد سنڌ جي ادب جي واڌ ويجهه ۽ وقت جي گهرجن پٽاندر اُن کي معياري بڻائڻ هو. ان حوالي سان بورڊ هڪ ادبي مخزن پڌري ڪرڻ جو عزم ڪيو، پر گڏيل هندستان جي حالتن سبب هند سرڪار نئين اشاعت لاءِ اجازت نه ڏني ۽ نيٺ 1946ع ڌاري ”مهراڻ“ جو پهريون پرچو منظر عام تي آيو.

”مهراڻ“ کي سنڌي ادب جي نامور علمي شخصيتن جي سرپرستي حاصل رهي، جيڪي نه رڳو مڃيل ۽ مانائتا اديب مڃيا وڃن ٿا، پر سنڌواسي اُنهن تي فخر پڻ ڪن ٿا. انهن ۾ سائين ميران محمد شاهه، عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، لالچند امرڏنومل جڳتياڻي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، پير علي محمد راشدي، سيد حسام الدين راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري ۽ امداد حسيني جهڙيون نالي واريون شخصيتون شامل آهن.

سنڌ تي مختلف وقتن تي ڏکيون حالتون رهيون، پر هر دَور“ هر ڏکي صورتحال ۾ ”مهراڻ“ ادبي حوالي سان سنڌ جي عوام جي ڀرپور ترجماني ڪئي. مهراڻ نه صرف بهترين ادب تخليق ڪرڻ جو ذريعو بڻيو پر قوم جي رهنمائي ۽ جاڳرتا جو به بهترين پليٽ فارم ثابت ٿيو. ڊسمبر 1954ع ڌاري جڏهن اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي ملائي
ون يونٽ قائم ڪيو ويو ته لفظ ”سنڌ“ لکڻ تي به بندش وڌي وئي. ٻين زيادتين سان گڏ سنڌ ۾ سرڪاري طور دفترن، ڪورٽن“ تعليم جي سمورن ذريعن مان سنڌي ٻوليءَ جو خاتمو آندو ويو. اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جا اديب پير پساري ڪونه ويٺا ۽ پنهنجي قلم ذريعي سنڌ سان زيادتين جو ذڪر پنهنجين لکڻين، شعرن، ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن، ڪالمن ۽ مضمونن ۾ ڀرپور انداز سان ڪندا رهيا. مهراڻ جي مهندار مولانا غلام محمد گرامي ”مهراڻ“ ۾ انهن لکڻين کي جوڳي جاءِ ڏني. گرامي صاحب مزاحمتي ادب کي هٿي وٺرائي قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي مثالي ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ مهراڻ جون لکڻيون سنڌي عوام جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ مشعل راهه بڻيون، جيڪو عمل اڄ 2006ع تائين به جاري آهي. ”مهراڻ“ اڄ به علم، ادب ۽ اسان جي سماج جو آئينو بنيل آهي ۽ سنڌ جي ساڃهه وند بزرگن ۽ سنڌ دوست سنڌي اديبن جي خواهشن جي آبياري ڪري رهيو آهي. منهنجي دعا آهي ته سنڌي ادب جو هيءُ موج ڀريو ”مهراڻ“ سنڌي ادب کي سدائين سيراب ڪندو رهي. آمين

- مهتاب اڪبر راشدي

سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت

(ڪراچي، سنڌ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com