سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :32

ان ئي سال ”بهار“ جي پرچي ۾ جيڪڏهن ”بزم خليل“ سان وابستا شاعرن جا فارسي رنڱ ۾ رڱيل غزل ڇپيا، ته شيخ اياز جو غزل به انهن کان ڪجهه مختلف ڪونه هو. سنڌيءَ ۾ فارسيءَ جي اثر هيٺ لکيل شاعريءَ جا به ڪجهه لوازمات آهن ۽ انهن جو پنهنجو حُسن پڻ آهي. جيڪڏهن ان ۾ شاعريءَ جا لوازمات پنهنجي صحيح ماترا ۾ موجود آهن، انهن ۾ فارسي ترڪيبن جي اجائي ڀرتي نه آهي، ان ۾ خيال جي خوبصورتي، فڪري وحدت، ٻوليءَ جو حسن، سلاست ۽ نغمگي، بحر وزن جي پختگيءَ سان گڏ تخيل جو حسن موجود آهي، ته اهڙا غزل پنهنجي مستيءَ ۽ حسن جي ڪري هڪ الڳ حيثيت رکن ٿا. انڪري انهن شاعرن کي ۽ سندن شاعريءَ کي اسين مڪمل طرح رد نٿا ڪري سگهون- اسان وٽ انهن کي رد ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻيا علمي ۽ ٽيڪنيڪي بنياد هجڻ کپن. ان دَور ۾ غزل جو اهو مخصوص رنگ هو- ۽ ان دور ّکي اسين 65-1955ع تائين جي ڏهن سالن تائين (بلڪ ڪجهه ان کان به پوءِ تائين) محيط ڪريون ته بيجا نه ٿيندو. انهن شاعرن جو مهندار ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“ هو- جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب کي کوڙ سارا اهم ڪتاب ڏنا- ”بزم خليل“ جي هر هفتي ٿيندڙ گڏجاڻين  سنڌي ٻوليءَ کي، سنڌي شاعريءَ ذريعي روان رکيو ۽ نون شاعرن کي بحر وزن ۽ فن جو هُنر ڏنو ۽ شاعريءَ جي فن ذريعي ماڻهن کي حسن ۽ ترتيب جو هنر عطا ڪيو ۽ شعر و ادب کي عوامي سطح تائين مقبول بڻايو. اهڙن ئي شاعرن ۾ حيدرآباد جو هڪڙو شاعر ”خواب“ حيدرآبادي به هو، جنهن جو تلڪ چاڙهيءَ تي موجود درزڪو دڪان ادبي ذوق رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ ڪشش رکندو هو. اڄ اسان کي سڄي حيدرآباد ۾ اهڙو ڪوبه پڙهيل ڳڙهيل ۽ شعر و شاعريءَ جو ذوق رکندڙ درزي ته ڇا، پر ڪوبه ڌنڌوڙي نه ملندو. اسان جي سماجي سـيٽ اپ جي ڊسٽرب ٿيڻ جو هڪڙو ڪارڻ اهو به آهي، ته اسان جي سماج جي هيٺئين تهه ۾ موجود اهو نرم تهه وقت سان گڏ گسي ختم  ٿي ويو ۽ انهن جي ڪائي replacement نه ٿي ۽ ٺڙڪ ٺڳيءَ جا ماڻهو، چالاڪ ۽ لٻاڙي ماڻهو ادب جي سکڻي نالي ۾ ادارن ۾ اچي ويهي رهيا، جتي هجڻ انهن deserve به نٿي ڪيو. هاڻي ته جيڪو اديب شاعر آهي ئي ڪونه، اهو به سنڌي ادب جو نه رڳو ميمبر آهي ۽ ان جي ڪنهن ذيلي برانچ جو سيڪريٽري به آهي. جن جو ادب ۾ حصو محض چند صحافتي معيار جي لکڻين تي منحصر آهي ۽ اهي ان آڌار تي ئي اگهامجي ٿا وڃن. شايد اهڙي ئي ڪنهن صورتحال تي خواب حيدرآبادي- ادبي دنيا ۾ ”اهل سخن“ جي تلاش ڪندي 1955ع ۾ ڪجهه خوش بياني ڪئي هئي:

”بزمِ ادب ۾ اهلِ سخن، خوش بيان ڪٿي!“

ان غزل جا ٻه شعر جيڪي ٽپيڪل غزل جا شعر آهن، هتي ڏينديس:

”ڇيڙيان نٿو مان پنهنجي تباهيءَ جو داستان،
افشا ٿئي نه راز توهان جو متان ڪٿي!
ويران ٿئي نه ڪنهن جو ڀريو گهر، خدا ڪري،
گذري نه انقلاب ڪو ڪنهن جي مٿان ڪٿي!“
                               (مهراڻ، بهار 1955ع، ص: 38)

”خواب“ حيدرآباديءَ جي ان غزل جو پويون شعر خود اسان جي موجوده حالتن تي ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو!

اهڙيءَ ريت ان ساڳئي پرچي ۾، انهيءَ رنگ جو هڪ ٻيو به غزل ڇپيل آهي- ”بيدل“ نوآباديءَ جو غزل- جنهن کي عنوان پڻ ڏنل آهي: ”ناهي ته ٻيو ڇاهي؟“ هي هڪڙو شعر ئي سنڌي شاعريءَ جي اتهاس جو هڪ اهم شعر آهي. شاعر ڪيڏي وڏي، ڪيڏي اهم ۽ ڪيڏي گهري ڳالهه ڪيڏي نه سادگيءَ سان ڪري ويو آهي:

”هي آزادي جنهين تي آهه توکي فخر، اي نادان!
غلامي ئي به عنوان دِگر ناهي ته ٻيو ڇاهي؟“
                                                    (ساڳيو، ص: 42)

اهڙي شاعري جنهن ۾ شاعر جو شعور بکي، سا ئي سچي شاعري آهي، شاعري سکڻي بحر وزن ۽ سکڻي لفاظيءَ جي پلٽان پلٽ ۽ تُڪ بنديءَ جو نالو ناهي. جهڙوڪ:

”مثالِ سيلاب وقت گذري، لٽي ڇڏيو قصرِ عاشقيءَ کي
ڪٿي جبينون جهڪيون الائي، ڪٿي هيو سنگِ آستانا
نگاهه جادو ڀري اوهان جي، طلسم هوش وخرد تي  جوپئي
فسانا ها صورتِ حقيقت، حقيقتون صورتِ فسانا
جڏهن به هو زلف مشڪبو، حلقئه خيالات ۾ اچي ويو،
تمام پيچيدگيءَ فڪرِ حيات کي ويا ملي بهانا.“
                                                   (ساڳيو، ص: 38)

1956ع جي پهرئين پرچي ۾ تنوير عباسيءَ ”ديپڪ“ ڇيڙي هڪ نئين باهه ٻارڻ جا سانباها ڪري ٿو. تنوير جو هي گيت تبديليءَ جو هڪ نئون اهڃاڻ آهي: ”سُر کي مٽائڻ“ ۽ ائين ”جڳ بدلائڻ“ جو جتن آهي. شاعرن پنهنجي سرن کي ”ڪومل“ بدران ”تيور“ ۾ بدلايو. اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون vision ملي ٿو، شاعر نئين دور جي نون مسئلن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي ٿو، ۽ هڪ نئون خيال ۽ نئون فڪر اسان کي آڇي ٿو. تنوير عباسي پنهنجي نظم ”موهن جو دڙو“ ذريعي اسان کي اسان جي برباديءَ بابت شعور ۽ آگهي عطا ڪري ٿو. ”موهن جو دڙو“ جيڪو سنڌ جي قدامت ۽ عظمت جو يادگار آهي- هو ان ”موهن جي دڙي“ کي برباديءَ جي استعاري طور کڻي ٿو. ان نظم ۾ هن جي irony پنهنجي انتها تي رسي ٿي جڏهن هو چئي ٿو ته:

”هي ڊَٺل جايون ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي
هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي.
تنهنجي ويرانيءَ ۽ برباديءَ کي وسعت ٿي ملي
سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي!“
                                     (مهراڻ، 1-1956ع، ص: 40)

هن نظم جا ٻه شعر جيڪي ’شاهه شعر‘ آهن، سي مان اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهينديس:

”وقت جي ڦيري هنن باغن کي بدلي بَرُ ڪيو
ڪالهه هئا جِت هنج اڄ ڪانون اُتي آ گهر ڪيو.
ڳوٺ خالي ٿي ويا ۽ شهر ويران ٿي ويا
خواب هئا جيڪي ترقيءَ جا پريشان ٿي ويا!“
                                               (ساڳيو، ص: 40)

”مهراڻ“ پنهنجي پهرئين سال ۾ هڪڙي روايت قائم ڪئي هئي- اڳوڻن شاعرن ۽ اڳوڻي شاعريءَ کي ڇپڻ جي، سا روايت قائم رکندي صوفي خير محمد فقير (ڪافي)، فقير غلام علي مسرور (ڪافي)، مرزا قليچ بيگ (ڪافي)، علامه اسد الله شاهه”فدا“ ٽکڙائي (غزل) ۽ ٻين کي تبرڪ طور ڇپيو ويو. هن ئي پرچي ۾ ”انيس“ مهيريءَ جو قصيدو ”آه وطن!“ پنهنجي موضوع توڙي فڪر جي لحاظ کان، توڙي هيئت، فن، ٻولي، قافيا، اندروني قافيا، ان جي هر سٽ ۾ چار ڀيرا قافيو اچي ٿو، ان ريت چئن سٽن ۾ 16 ڀيرا قافيو- اندروني قافيو اچي ٿو- ان ۾ لفظي پڇاڙين کي شاعر ڪمال خوبيءَ سان قافيي طور استعمال ڪيو آهي، جهڙوڪ:

اٿم، ڏٺم، لڌم، مليم ۽ سندم

وزن ۽ نغمگيءَ جي لحاظ کان نهايت وڻندڙ ۽ اهم ڪلام آهي: پنهنجي وطن لاءِ شاعر جي اٿاهه اُڪير جو اعليٰ مثال آهي:

”دلدار وطن، منٺار وطن،
غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
ٿيا خار سندءِ گلزار مثل،
هر وار وطن! اي سنڌ وطن!
هي بخت اٿم، ٿيو تو ۾ جنم،
سڀ شهر ڏٺم، مڙ ملڪ عجم،
بس تنهنجو قسم مَٽ ڪين لڌم،
هڻندو نه ڪو دم، ڪشمير ارم،
سُک تو ۾ مليم، ناهيم ڪو غم،
توتان سارو جسم، هڏ ماه ۽ چم،
قربان سندم ڪريان ته ختم،
هڙ مال رقم، ارواح اٿم،
همراه ٿئين بيواه سندو،
آڌار وطن، اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن،
غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!“
               (مهراڻ، 1-1956ع، ص: 62)

مهراڻ ۾ ”آزاد نظم“ ڇپجڻ جي ابتدا 1955ع ۾ ئي شيخ عبدالرزاق راز جي ”آزاد نظمن“ ڇپجڻ سان ٿي چڪي هئي. نون شاعرن مان بشير مورياڻيءَ جا آزاد نظم اسان کي 1956ع ۾ ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل ملن ٿا: ”نئون سال ۽ مان اڪيلو.“ ان کان پوءِ واري پرچن ۾ شيخ اياز، هري درياني دلگير، سڳن آهوجا جا آزاد نظم پڻ ملندا.

هتي مان سڳن آهوجا جي آزاد نظم ”ستارا“ کي ساراهيندي ان جون ڪجهه سٽون ضرور ڏيڻ چاهينديس:

چاندني رات جي تارن جو هجوم!

ڪارخاني ۾ جئين ڪار ۾ مشغول هجن

ڪسمپرسيءَ ۽ غريبيءَ جا انوکا شهڪار،

جن تي سُک چين حرام آهه ۽ محنت لازم

جن جي جيون کي ڇهي ورلي ڪوئي خواب، اُمنگ،

جن جي هستيءَ کي ڪا معني! ڪوئي مطلب ناهي،

۽ جي آهي ته اهوئي آهي:

ڪنهن جي سرمايي جون بيدرد ۽ بيحس ٻانهون،

تن جي نس نس کي نپوڙي پل پل

زرد جسمن مان ڦڪي خون کي ڪڍنديون ئي رهن!

                                             (ص: 67)

 ”ستارا“ سنڌيءَ ۾ لکيل آزاد نظمن ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. هن نظم جو سٽاءُ، ان جو خيال، ان جي پرزنٽيشن، نظم جا استعارا ۽ اهڃاڻ، آزاد نظم جو تسلسل، ان جي خوبصورت ابتدا، پورو رَسيل وِچ ۽ پرفيڪٽ انتها- آزاد نظم کي هڪڙي Entity ۾ بدلائي ٿو- ۽ اهو سڀڪجهه ”ستارا“ ۾ موجود آهي. ”ستارا“ پورو پڙهڻ جهڙو آهي. ستارا ۾ ”چاندني رات جي تارن جو ٽمڪڻ... چاندني رات جي تارن جون اکيون..... چاندني رات جي تارن جون ڦڪايون گهريون..... چاندني رات جي تارن جو هجوم..... جهڙيون سٽون مختلف منظرن کي ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان ملائين ٿيون ۽ جزيات کي هڪ ڪُل ۾ بدلائن ٿيون. ان جون محض چند سٽون اهو حق ادا نه ڪري سگهنديون. انڪري هتي ئي ڪٿي ڇپيل ”ستارا“ اوهين پورو ۽ مڪمل پڙهو ۽ آزاد نظم جو حِظ ماڻيو.

مهراڻ 2-1956ع ۾ بيت: مخدوم غلام احمد، صالح ميرل ۽ شيخ اياز، سينگار: عارف الموليٰ، دوها: بشير مورياڻي، ڪافيون: محمود شاهه ’سائل‘، غلام محمد گرامي، برده سنڌي، نارائڻ شيام، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، تنوير عباسي، عارف الموليٰ، محمد خان غني، پمون مل آنندرام پياسي، ميرل، حافظ محمد احسن، راز بلڙائي، وائي: شيخ اياز، گيت: محمد خان غني، محمد صالح سپيو، تاج صحرائي، خواجه سليم، سراج، عارف الموليٰ، تنوير عباسي، برده سنڌي، هري دلگير، گوورڌن محبوباڻي ۽ شيخ اياز، ڇيڄ: شيخ اياز، لوڪ گيت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. نظم: گوورڌن محبوباڻي، هري دلگير، شيخ اياز، غلام محمد گرامي، بشير مورياڻي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، برده سنڌي، ابن حيات پنوهر، مرزان خان بلوچ، نيون طرزون- سانيٽ: نارائڻ شيام، بشير مورياڻي، ترائيل: نارائڻ شيام، غزل: شيخ اياز، هري دلگير، عبدالڪريم عباسي، گوورڌن محبوباڻي، نارائڻ شيام، عبدالحليم ’جوش‘، تنوير عباسي، بشير مورياڻي، حافظ شاهه، قصيدو: برده سنڌي، قطعا: گوورڌن ڀارتي، شيخ اياز، علي محمد مجروح. رباعيون: نارائڻ شيام، آزاد نظم: شيخ اياز، شيخ راز، هري دلگير، بشير مورياڻي، سڳن آهوجا.

عارف الموليٰ جي شاعري شروع کان وٺي ”مهراڻ“ جو سينگار بڻي، هو پنهنجي طرز جو هڪ سٺو شاعر هو.

2- 1956ع جي ”مهراڻ“ ۾ هن جلال کٽيءَ جي رنگ ۾ ”سينگار“ شاعري لکڻ جو هڪ سهڻو تجربو ڪيو:

”ڇيلا کنيو ڇوڪريءَ، وِڌا ٿي واڙي،
ڪارا نانگ ڪلهن تان، لٿا لتاڙي،
ڇُڳنڌ ڇوڙي ڇڏيون، ڳتون ڳناڙي،
سيني سينڌل ڇڏيو، لوئيءَ کي لاڙي،
بوندن بهاريون ڪيون، مکڙو مناڙي،
چولو چُست چنبيل کي، وريو ولاڙي،
گونٽا گل بدن جا، بيٺا اُرهه اُڀاڙي،
اعليٰ عين عجيب جا، چوڏس چمڪاڙي
بينيءَ برابر اچي، ڪَنتر ڪُڄاڙي،
چيلهه چيلاٽي سنهڙي، چِيتا چيهاڙي،
چيهي چَرن چوڙيل جا، راسين رتاڙي،
وڄون وَسڻ آئيون، پرين جي پاڙي،
پسي هلڻ حَسين جا، هاٿي هِرکياڙي،
دليون لک ڌاڙي، ”عارف“ عجيبن هنيون!“
                                     (ص: 13)

نارائڻ شيام جي ڪافيءَ مان:

اشــــارن ۾ اورن ســـڄو حــــال ســـــي،
ڪڇن ڪينڪي مرم واريون اکيون.
                                   (ص: 16)

ڪافي: تنوير عباسي:

ڪونه ٻڌائي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون.

 

اوندهه ۾ ڪيئن گهارينداسين؟
نيٺ ته گڏجي ٻارينداسين،
واچوڙن ۾ لاٽ، اسين اڻ سونهان سونهون.
                                      (ص: 16)

حافظ محمد ”احسن“ جي ڪافيءَ مان:

ڏينهن ڏکــــن جا ڏاڍا ڏٺا مون، سور سٺم صدبار

                      ڇيهون ڇيهون ٿي وئي ڇاتي!

دوست نه ٿي دم ڌار- هوت الاجي ڇا هي حياتي!

(ص: 19)

شيخ اياز جو گيت:

هاءِ حياتي! هي ٿوهر جو وڻ!

جڏهن اٿيون گهنگهور گهٽائون، جڏهن وسيو سانوڻ!
نـــيـــري اُڀ ۾ ٺهي ڊهي ويا، ڄڻ ڪڪرين جا ڌڻ!
                                                 (ص: 22)

2-1956ع ۾ تنوير عباسيءَ جو:

        مُرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

                مکڙي! مرڪ گهڙي پل لاءِ:

جيون جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ!

پنهنجي خيال توڙي فڪر جي لحاظ کان هڪ بيحد اهم گيت آهي. ان ئي پرچي ۾ گوورڌن محبوباڻيءَ جو نظم ”رات راڻي“ پڻ هڪ خوبصورت نظم آهي:

”غيب جي پڙدي پٺيان، ڪوئي وڄائي ساز ٿو
ساز مان سنگيت جو مٺڙو اچي آواز ٿو.“
                                                  (ص: 38)

هري درياني دلگير جو نظم ”او سانوڻي گهٽائون“ خوبصورت خيال، حسين تخيل، تُز لفظن سان سينگاريل هڪ سرل نظم آهي.

بشير مورياڻيءَ جو نظم ”وچ اوڀر“ جيتوڻيڪ 1956ع ۾ لکيل ۽ ڇپيل آهي، پر هيل ان کي ٻيهر پڙهي مون کي ائين لڳو ته هي اڄ جو نظم آهي. بغداد سان جيڪو ”بغداد“ ٿي چڪو ۽ ٿئي پيو- سو، اڄ به انهن لاءِ ”هلاڪو“ کُٽا ناهن:

اي خيابانن جا مُلڪ، اي تيل جي چشمن جا مُلڪ!
جنهن تي موهت سامراج آهي سا دولت تو ۾ آهه
پنهنجي جهڪيل ڪنڌ کي ٿورو مٿي ڪرڻو اٿئي
توکي ڦِرڻو آهي، وٺڻي آهي هڪ صورت نئين!
                                                       (ص: 42)

وچ اوڀر جي هڪ ”نئين صورت“ وٺڻ جو خواب اڄ کان پنجاهه سال پهرين سنڌ جي هڪ شاعر بشير مورياڻيءَ ڏٺو هو- ۽ اهو خواب ”مهراڻ“ جي صفحن تي لکيل هو. اڄ پنجاهه سالن کان پوءِ شاعر وچ اوڀر جا نوحا: ٽنگ پروڻ ٿيل انساني لاشن جا ڍير، ٻرندڙ تيل جا کوهه، سامراجيت جي بُک جا تحفا آهن- ”فيلسوفن، عالمن ۽ پيغمبرن جي سرزمين“ سان سنئين وک کڻڻ ۽ هڪ نئين صورت ڏيڻ جو خواب اڃا ان نظم ۾ زندهه آهي.  نياز همايونيءَ جي نظم ”رت جا ڍُڪ“ جون سٽون:

زندگي!  تولاءِ  ٿو سانڊي  جيان  جئڻو پوي!

زندگي! تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!“

هي نياز جي اهم نظمن مان هڪ آهي.

ان ريت عبدالڪريم گدائيءَ جو هڪ ڪلاسڪ نظم ”خزان ويندي بهار ايندو“ پڻ  2-1956 مهراڻ ۾ ڇپيل آهي. ان نظم جو فارميٽ نئون آهي. ان جو خيال، منظرڪشي ۽ نظم جي رسيلائپ ان نظم کي نمايان ڪندڙ خوبيون آهن. ان نظم جو هر بند خوبصورت آهي:

”مهر جا مينهن پوندا ۽ ترايون تار ٿي وينديون،
وطن جون واديون گلپوش ۽ گلزار ٿي وينديون،
مسرت سان مليرياڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون،
نئين رَت ساڻ نؤ ورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون،

 

سمو پڻ سازگار ايندو،

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگـهــارن ۾ سُڪار ايندو،

 

بهار ايندو  قرار ايندو!“ (ص: 46)

ان ئي پرچي ۾ شيخ اياز جو آزاد نظم:

”هرڻ هٺيلا

ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي ٿڪجي

ڪنهن وڻ هيٺان بيٺا سوچن!“ (ص: 64)

پنهنجي content توڙي خيال جي لحاظ کان هڪ اهم
آزاد نظم آهي.

ان پرچي ۾ هري درياني دلگير جي غزل مان هن جي دل جو درد ٿو ڇلڪي پوي- جيڪو هن جي رديف جي چونڊ مان وڌيڪ پڌرو ٿئي ٿو: ”پڃري منجهان“ هي نه رڳو هڪ نئون ۽ unusual رديف آهي- پر ان رديف غزل جي هر شعر مان درد کي ڇلڪايو آهي:

”عرش جي نيلاڻ ڏي مان ٿو ڏسان پڃري منجهان،
يا ڏسي ٿو مون ڏي شايد آسمان پڃري منجهان.“
                                                  (ص: 53)

دلگير جو غزل جيترو درد سان ڀريل آهي- گوورڌن محبوباڻيءَ جو غزل اوتروئي نئين اُتساهه سان ڀريل optimistic غزل آهي:

”هاڻ پيڙهين جي پراڻي ڌُن مٽايون ٿا اسين،
اڄ نوان نغما نون سازن تي ڳايون ٿا اسين.“
                                                  (ص: 55)

3-1956ع ۾ سڀ کان پهرين هڪڙي ئي صفحي تي شيخ اياز، لطف الله بدوي ۽ عبدالجبار ”شام“ جا بيت ڏنل آهن. (ص: 11) شيخ عبدالرزاق راز جو آزاد نظم ”زمان و مڪان“ ۽ بشير مورياڻيءَ جو سانيٽ جديديت ڏانهن وک آهن. ”ٻولي“ ڪجهه ڪجهه لوڪ رنگ ۾ رچيل هڪ اهم ڪلام آهي.

گوورڌن محبوباڻيءَ جو نئون گيت، تنوير عباسيءَ جو غزل:

”هڪڙي ئــي سج کي روشن ڪرڻ لئه،       
تارن  جو  ڪيئي  شـمعون وساڻيون.“   (ص: 46)

1957 ۾ 2-1 گڏيل پرچو نڪتو هو، ان ۾ محمد خان غنيءَ جا ڳيچ ۽ پڻ بيت ”جاجڪ، جهوناڳڙهه“ جي سري سان، ساڳئي ئي صفحي تي اياز جي پنجن بيتن سان گڏ ڇپيل آهن.

گوورڌن محبوباڻيءَ جو غزل:

”ملڻ کي موت ٿي سمجهي، جدائيءَ کي مگر جيون،
سدا ڇڪتاڻ ۾ آرام پائي، زندگي منهنجي.“
                                                    (ص: 63)

۽ تنوير عباسيءَ جو غزل:

”جيئن ابد تائين رهي رنگ سلامت گل جو،
هير جان پاند ۾ خوشبوئي کڻي وينداسين!“
                                                 (ص: ساڳيو)

جديد غزل ڏانهن وکون کڻن ٿا.

1، 2-1958 جي ڇهن مهينن جي گڏيل پرچي ۾ عزيزالله ”مجروح“ جو لکيل سنڌڙيءَ جو قصيدو ”جيئين شال جڳ ۾، او سنڌڙي سنهاڻي!“ ڇپيل آهي- جيڪو موضوعاتي لحاظ کان اهم آهي:

”تون برڪت ڀري سنڌ بيشڪ ڀلاري،
وڻن تنهنجا وڻ ٽڻ، وڻي تنهنجي واري،
تون ماتا اسان جي وڏي مانَ واري،
اسان کي تو جهوليءَ ۾ پاليو آ پياري،
جنم- ڀومي آهين اسان جي اباڻي،
جيئين شال جڳ ۾ او سنڌڙي سنهاڻي!“
                                     (ص: 7)

هري درياني ”دلگير“ جو هڪ خوبصورت گيت ”سوداگر سنسار“ ڇپيل آهي. خيال، فڪر ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان هي گيت اهم آهي:

”سوداگر سنسار، اسان جو سوداگر سنسار!
پيسي سان مکڙين جو مرڪڻ، ڦولن جي سرهاڻ،
پيسي سان ساگر جا موتي، آڪاسي چانڊاڻ،
پيسي سان ئي روپ جواني، پيسي سان ئي پيار!
                                          سوداگر سنسار.....

ذهن وڪامي، فڪر وڪامي، عام وڪامن گيت،
علم، عقل ۽ ڏات مٿان آ، ذات سندي اڄ جيت،
ڪوڏين بدلي موتي وڪڻي، وڻجارو وينجهار!
                                         سوداگر سنسار.....
                                                    (ص: 18)

تنوير عباسيءَ جو گيت ”آئي رات سُهائي“ (ص: 18)

شيخ اياز جو گيت ”ياد اوهان جي آئي.“ (ص: 19) پڻ ڇپيل آهي.

ان ساڳئي پرچي ۾ ساران جکريءَ جا لوڪ گيت پڻ ڇپيل آهن. جيڪي اصل ۾ عبدالجبار ”شام“ جي مضمون ۾ ڏنل آهن. اهي ”مورا ۽ لوليون“ پنهنجي سادي سٽاءُ جي ڪري ۽ سادن سودن خيالن جي ڪري، اسان جي عالم ۽ پڙهيل ڳڙهيل شاعرن جي شاعريءَ کان بنهه مختلف آهن ۽ شاعريءَ جي عوام سان تعلق کي چٽو ڪن ٿا. ويهين صديءَ جي ابتدا جا اهي لوڪ گيت شاعريءَ بابت هڪ عام ۽ اڻپڙهيل ماڻهوءَ جي رويي جو اظهار ڪن ٿا ۽ پنهنجي نجي احساسن کي سادي سودي ٻوليءَ ۾ اُجارين ٿا:

”اُٺ ته چَري ڪيٽ ۾

سُور سانڍيم پيٽ ۾

پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.“ (ص: 26)

            يا

”نالو ته منهنجو ساران

دليون تنهنجون ٻارنهن

پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.               

نالو ته منهنجو بــچي

متان ڙي ڪرين سچي

پرديسي وهنيل کي لولي چوان.       

نالو ته منهنجو چاڳان

ساريون راتيون جاڳان

پرديسي جانب کي لولي چوان.               

نالو ته منهنجو جُلي

ڙي ساريون راتيون رُلي

پرديسيءَ پرينءَ کي لولي چوان. (ص: 27)

ليکڪ کي هنن خيالن ۾ ”اڻکٽ سونهن ۽ جوت“ ڏسڻ ۾ اچي ٿي:

”درياءَ جـون ڪنڌيون

رُنيون اکيون انڌيون

        ٻيلي لولي چوان

دريـاءَ جـــا ڪَپ

چمان تنهنجا چَــپ

        پرديسيءَ پکيءَ کي لولي چوان

درياءَ جـــون ڇوليون

مٺيون  تنهنجون  ٻوليون

        ڏيان توکي لوليون....“ (ص: 28)

1، 2-1958ع جي مهراڻ ۾ هري درياني ”دلگير“ جو هڪ خوبصورت غزل ڇپيل آهي. هي هڪ مردف غزل آهي- پر ان ۾ ”ڏس ته سهي“ جهڙي مشڪل رديف کي ”دلگير“ غزل جي قافين سان ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ڀِچايو آهي-

بيحد سليس ٻوليءَ ۾ خوبصورت خيالن کي ڏاڍي سَرلتا سان سِٽن ۾ سمايو آهي:

”زندگي سڀ کـــان نئين، سڀ کان پراڻي آهي،
پر پــرولي نه سندس ڪنهن به سَلِي، ڏس ته سهي!“
                                                    (ص:44)

نئين ۽ پراڻي جو تڪرار، ۽ ”سَلِي“ جو قافيي طور تز استعمال، سَلِي ۽ سهي ۾ موجود تجنيس، خيال جي خوبصورتيءَ کي وڌائين ٿا:

”واٽ تنهنجي ٿو تڪيان، ٻاري ڏيا اکڙين ۾،
ختم ٿــي عمر،نه مــون آس پَلي، ڏس ته سهي!“                                                        (ساڳيو)

غزل جي پهرين سٽ جي سَرلتا ان جي سُر مان پڌري آهي، ۽ خود اکڙين ۾ ڏيا ٻاري ڪنهن جي واٽ تڪڻ جو خيال ئي يونيڪ ۽ شاعراڻو آهي، بلڪ ان جو لفظ لفظ پنهنجي پوري ۽ مڪمل اهميت رکي ٿو. خود اسم تصغير ”اکڙين“ جو استعمال انتهائي برمحل ۽ خوبصورت آهي. ۽ خود ”ختم ٿي عمر، نه مون آس پَلِي“ شاعر جي سڄي عمر جي تپسيا ۽ رياضت جو اظهار ڏاڍي Optimistic  نوٽ تي ختم ٿئي  ٿو. اِتي ”ڏس ته سهي“ ناقابل يقين ڳالهه تي انتهائي حيرت جو اظهار آهي ۽ هي شعر:

”شرم کان هيٺ اکين کي تـو جهڪايو ڇالاءِ؟
نيڻ کڻ، مون سان نه ڳالهاءِ ڀَلِي- ڏس ته سهي!“                                               (ساڳيو)

”سادگي ۽ سونهن“ ان پوري منظر ۽ ان جي اظهار ۾ موجود آهي. ”نيڻ کڻ“ ۾ رڳو ”ڻ“ النڪار جي طور اچڻ. يا نيڻ، مون، سانِ ۽ نِه“ ۾ ”ن“ جو النڪار طور اچڻ ۽ ان سان گڏ ”ن“ ۽ ”ڻ“ جي nasalized sound جو اچڻ ئي رڳو سِٽ جي سونهن ناهي، سٽ جي سموري سونهن ان سموري منظر ۾ آهي: ”نيڻ کڻ/مون سان نه ڳالهائي/قَلِي/ڏس ته سهي!“ شاعر ان ڪيفيت ۽ احساس کي محض ڏهن لفظن ۾ ڪيڏي نه ڪاريگريءَ سان چِٽيو آهي ۽ خود اتي رديف ان سٽ جو اَٽُٽ حصو بڻجي ٿو وڃيThat is what Poetry is!

” غزل جو هي شعر پنهنجي خيال ۾ ڪيترو نه منفرد آهي، ان شعر ۾ ظلم، جبر ۽ بربريت جي ڳالهه ڪيڏي نه آرٽسٽڪ انداز ۾ ڪئي وئي آهي.  نه ته هوند اهڙن شعرن کي نعريبازيءَ کان نه بچائي سگهبو آهي. اهائي ان شعر جي گهرائي آهي، اهوئي ان شعر جو حسن آهي:

”هر جڳهه قيد ۽ هر موڙ تي ڦاسي ٿو پسان،
ڇا انهيءَ کي ٿا سڏن تنهنجي ڳَلِي؟ ڏس ته سهي!“                                                              (ساڳيو)

خود اتي ”تنهنجي ڳَلِي“ جي ته ڪا تشريح ٿي  ئي نٿي سگهي ۽ ”اها ڳَلِي“ به ته هر دور ۾ آهي. دلگير جو هي غزل صحيح معنيٰ ۾ هڪ جديد غزل آهي- خيال، فڪر، احساس، ٻولي (diction) سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو توريل تڪيل ۽ خوبصورت استعمال، بحر وزن تي گرفت ۽ خود ان غزل ۾ موجود سنڌيت جو رنگ، اهي سڀ ملي ان غزل کي مڪمل تازاڻ ۽ نواڻ عطا ڪن ٿا.

تنوير عباسيءَ جو غزل هڪ مستيءَ ڀريو غزل آهي ۽ ان ۾ ڪجهه ڪجهه شوخ رنگ ٿو ڇلڪي، او سهڻا! اهو شايد ان ”او سهڻا!“ رديف جي ڪري به آهي:

”عمر ڀر پئندي به اُڃ ڪين لٿي هــئي منهنجي،
۽ نه مَي تنهنجي اکين مان ئي کُٽِي، او سهڻا!“
                                             (ساڳيو، ص: 45)

مهراڻ 1-1959ع ۾ اٿندي ئي، سدا جيان پهرين بيت موجود آهن. نياز همايوني، ’درد‘ دريشاڻي ۽ موتي پرڪاش جا بيت هڪڙي ئي صفحي تي موجود آهن، انهن مان ’درد‘ دريشاڻيءَ جو هڪڙو بيت سونهن ۾ سوايو آهي:

”آئـي رُتِ بسنت جـــي، لڳو ٿڌڙو واءُ،
گُونجيو تنهنجي کِلَ جو، ڪنن ۾ پڙلاءُ،
لُڙڪن  جــو  درياءُ،   اُٿلي   آيو،   او   پرين!“ (ص: 7)

موتي پرڪاش جو بيت آهي:

”اکيون اُڃايون گهڻيون، نگاهن کي اُڃَ،
ساجن بنان سرتِيون، ساوڪ آهي سُڃَ،
هي جڳ آهي رُڃَ، ڀٽڪيو ڀٽڪيو ٿي ڀُڻان.“

 

مهراڻ جي ان پرچي ۾ شيخ اياز جو گيت ”جوت“ هندي لفظن جي حسن ۽ نغمگيءَ سان سينگاريل آهي ۽ اهو ميٺاج ئي ان جو حسن آهي:

سانجهي سهڙي آ هستيءَ تي ڪــارا پَر ڦهلائي،

ڪوهيڙي ۾ ڪونج افق تي، پرڙا پئي ڦڙڪائي،

                                         آشا- ديپ جلائي-

هن دنيا جي وَهه تي ويو ڪو آشا- ديپ جلائي.
                                                   (ص: 13)

مهراڻ جي ان پرچي ۾ تنوير عباسيءَ جو گيت، هڪ انتهائي خوبصورت گيت آهي:

”سهڻا سائين، تنهنجي پيار، جيءَ ۾ جوت جلائي آهي

جيءَ ۾ جوت جلائي آهي، تن ۾ تات لڳائي آهي.“

تڏهن تنوير عباسيءَ هڪ نوجوان شاعر هوندي به پنهنجي شاعراڻي انفراديت کي مڃرايو- سلاست ۽ سادگي هن جي شاعريءَ جي سونهن آهي، ان سان گڏ فڪر ۽ خيال جي گهرائي، ٻوليءَ جي سونهن، ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ سَرلتا- ۽ ڪٿي به اها نغمگي معنيٰ جي حسن کي نٿي اورانگهي- اهو سڀ اسين مٿي ڏنل ٻن سٽن ۽ هيٺ ڏنل ان گيت جي بند ۾ پڙهي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا:

گُل تي پوپٽ جيئن جيئن آيا، اُڀ تي بادل جيئن
                                                       جيئن ڇايا
منهنجا مٺڙا، تنهنجي سارَ ايئن ايئن دل ۾ آئي آهي-
ايئن ايئن دل ۾ آئي آهي....تن ۾ تات لڳائي آهي!
                                                        (ص: 16)

ان ساڳئي پرچي ۾ بردي سنڌيءَ جو گيت ”پرڏيهي پکي“ ۽ بشير مورياڻيءَ جو ”گفتگو“  پڻ اهم آهي.

مهراڻ 1، 2-1960ع جي پرچي ۾ بيت، دوها، ڪافيون، گيت، نظم، آزاد نظم، لوڪ گيت ۽ غزل جون صنفون ڇپيل آهن. بيت: شيخ اياز، محمد سومار شيخ، محمد خان ”غني“، عبدالجبار ”شام“، دوها: ”شيخ اياز“ ۽ ”تنوير“ عباسي، ڪافيون: ڊاڪٽر علي احمد قاضي، محمد خان غني، ميران محمد شاهه’مير‘، مير محمد’ميرل‘، آشا درگاپوري ۽ سرشار عقيلي- گيت: تنوير عباسي، موتي پرڪاش، منظور نقوي، نارائڻ آشا، محسن عباسي، سليم ڳاڙهوي، ڪرشن راهي، نندلعل ’نندن‘، نظم: گوورڌن محبوباڻي، عبدالڪريم گدائي، لکميچند پريم، تنوير عباسي، ذوالفقار راشدي، نياز همايوني، ا.ح.جئسنگاڻي، سليم ڳاڙهوي.

آزاد نظم: سراج ۽ شمشيرالحيدري، لوڪ گيت: رائچند چيلهار. غزل: سوڀراج نرملداس’فاني‘، شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ’ارشد‘، علي محمد ’مجروح‘، شيخ ’راز‘، حسين بخش ’خادم‘، عبدالله ’خواب‘، سڳن آهوجا، ارجن چاولا سائل، شعبان بخت، اوج علوي، الطاف عباسي، ’ولي‘ سرشاري، ’ناز‘ حيدري ۽ شمشيرالحيدري.

شيخ اياز جا 35 دوها ان پرچي ۾ ڏنل آهن جن مان هڪڙو دوهو تبرڪ طور پيش ڪجي ٿو:

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهاوَ اسان جا، نگر نگر ۾ نينهن،

ڪهڙيون ڪهڙيون راتيون ساريون، ڪهڙا ڪهڙا ڏينهن.

(مهراڻ 1، 2-1960ع، ص: 13)

تنوير عباسيءَ جا ٿورا پر بيحد خوبصورت ’دوها‘ ڇپيل آهن انهن مان تنوير عباسيءَ جون ڪلاسڪ سِٽون آهن:

”اوهين به پارس ناهيو سائين، اسين به پارس ناهيون،
پيار ڇُهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون.“
                                              (ساڳيو، ص: 15)

ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي ”ڪافي“ هڪ ”ماڊرن ڪافي“ آهي، جنهن ۾ ”ايٽم جا ڌڌڪارا“ کي ڪافيءَ جو موضوع بڻايو ويو آهي. شاعرن جي اهڙن تجربن ئي هر دور ۾ شاعريءَ جو شان وڌايو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي بحيثيت شاعر ڪي گهڻيون شيون اسان کي ڪونه ٿيون ملن- پر بهرحال ”تجربي جي جرئت“ جي حوالي سان هڪڙي شيءِ جي اهميت بهرحال آهي- تنوير عباسيءَ پنهنجي مضمون ”جديد سنڌي شاعريءَ“ ۾ پڻ ان جي پهرين سِٽ کي ڪوٽ ڪيو آهي:

”ٻڌ ’ائٽم‘ جــــا ڌڌڪارا،

وئي لاٽ چڙهي، اُڀُ سارا!

آتشبازيون عرش اُڏاڻيون       ٿيا تجلا تابَ نيارا“

(ساڳيو، ص:  16، 1960ع)

محمد خان ’غني‘ جي ڪافيءَ جو ٿل آهي:

”اوهان جي اکين هي مڙئي قهر ڪاريا،
بڇي بيڪسن تي ڪي باشا بيهاريا!“
                                (ساڳيو، ص: 61)

ميران محمد شاهه ’مير‘ جي ڪافيءَ جون سٽون آهن:

”سال سڪي ٿيم، سهڻا سائين،
هاڻ هتي هڪوار، اچڻ کان عار نه ڪر.“
                                (ساڳيو، ص: 17)

”آشا“ درگاپوريءَ جي ڪافي پنهنجي اصلوڪي رنگ، ٻوليءَ ۽ خيال جي لحاظ کان سريلي ڪافي آهي:

آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي؟ واڳون تنهنجي وَس
ڍڪج ڍول ڍِليءَ کي، ڏس نه ڪارانهن ڪس.....
ڪُٺل تنهنجي قرب جي، جيئڻ ناهي جس.....
منهنجي هيڻي حال جو، ڏج ڏاتر کي ڏس.....
منهنجي لکيل ليک جي، اچي ميٽج مس.....
                               (ساڳيو، ص: 17)

اها ڪافي پڻ هڪ ماڊرن ڪافي آهي- (ٽرئڊشنل اسٽائيل ۾).

”سرشار“ عقيليءَ جي ڪافيءَ جو ٿل آهي:

”عمر! هيءَ پرت شل منهنجي پري ايندي پنوهارن سان،
پري ايندي پنوهارن ساڻ، سانگيڙن سنگهارن سان.“
                                                  (ساڳيو، ص: 18)

تنوير عباسيءَ جو گيت:

رات کُٽي، او رات کُٽي! باک ڦٽي، او باک ڦٽي!

چمڪيو آهي وهائو تارو

جاڳو يارو، جاڳو يارو!

                     منهنجا يـــارو جاڳو! (ص: 19)

هڪ اهم گيت آهي جنهن ۾ ”ڏينهن ڏسڻ جي آس“ ۽ ”ماڪ پيئڻ جي پياس“ جهڙيون اَملهه ۽ اوريجنل سِٽون، پنهنجي دور جي درد کي تخليقي سطح تي اُڀارين ٿيون.

موتي پرڪاش جو گيت ”آءُ ته چوريون چنگ“ پڻ هڪ خوبصورت گيت آهي:

”آءُ ته چوريون چنگ، او چارڻ، آءُ ته چوريون چنگ!
جهونا سُر ۽ ساز وساري، تار تار ۾ ٻارڻ ٻاري.....“
                                                      (ص: 20)

موتي پرڪاش اهڙي سر ۾ ساز وڄائڻ چاهي ٿو، جو پاڻ به جهومي ۽ جڳ کي جهومائي، ساري جهرجهنگ کي جهومائڻ جي سوچ کي ساڪار ڪرڻ ٿو چاهي.

’منظور‘ نقويءَ جو گيت ”شام سويري“ ان دور ۾ ريڊيو تي هر وقت وڄندڙ گيتن مان هڪ آهي:

”شام سويري، پريت جي ماري دل ٿي ياد ڪري!“
                                                      (ص: 21)

نارائڻ شرما ’آشا‘ جو گيت پنهنجي ٻوليءَ، خيال ۽ نغمگيءَ جي ڪري پنهنجو مَٽ پاڻ آهي:

دنيا ساري توتان گهوري، توسان نينهن نڀايان، سائين،
پرواني جان، پيار ۾ تنهنجي پنهنجو پاڻ پچايان، سائين،
پاڻ وڃايان، توکي پايان، جيون سڦلو ڀانيان، سائين:
پيار ۾ پنهنجو پاڻ وڃائڻ، اهڙي ڪا ٻي جيت؟
                                الا، مان تنهنجا ڳايان گيت.......

(ص: 22)

عبدالڪريم گدائيءَ جوگيت ”اڃا دور منزل“ پنهنجي سٽاءُ، خيال ۽ موضوع توڙي سلاست ۽ فصاحت ۽ بلاغت جي لحاظ کان هڪ منفرد گيت آهي. ان جا قافيا پڻ تمام خوبصورت آهن:

اڃا رات آهي، ڪٿي آ سويرو؟
اڃا دور منزل، اڃا دور ديرو!

 

اڃا آدمي، آدمي تي مسلط،
اڃا پنڌ انسانيت جو پريرو.
لکين لاڏليون ٿيون وڪامن هٽن تي،
اڃا عصمتون هت لُٽي ٿو لُٽيرو،
ازل کان اهو آهه دستور، ساٿي،
هجي دور منزل، ته هلجي سويرو،
نه گهٻراءِ همدم، صبح دور ناهي،
اجهو دور اوڀر ۾ جاڳيو سويرو!
                                       (ص: 27)

سليم ڳاڙهويءَ جو نظم ”منهنجي مٺڙي سنڌڙي“ پنهنجي طرز بيان توڙي خوبصورت ٻوليءَ، تز قافين ۽ خيالن جي ترتيب جي لحاظ کان هڪ خوبصورت نظم آهي:

”شل هجين سَرهي ۽ سائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
مان ته دل توسان لڳائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
جي وسارن ٿا وطن کي، حيف تن جي حال تي،
عمر تن جي ٿي اجائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!“

 

ان ئي پرچي ۾ (1، 2-1960ع) شمشيرالحيدريءَ جو (ص: 38- 39) هڪ خوبصورت آزاد نظم ”مسرت جي منزل“ ڇپيل آهي، جيڪو سنڌي ”آزاد نظم“ جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان آزاد نظم ۾ شروع کان آخر تائين خيالن جي حسين اُڻت، ان آزاد نظم جي سِٽن جو سِٽن سان جڙاءُ شروع کان پڇاڙيءَ تائين هڪ اهڙي تسلسل سان هلي ٿو، جو سِٽون سِٽن کان ٽُٽن نٿيون ۽ محسوس ائين ٿئي ٿو ته هي نظم هڪ يڪي ۽ طويل سِٽ آهي:

”زمانو نه بيٺو،

ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!

 

هي منزل جا دوکا، هي دوکن جي منزل،

هي خوش فهميون ۽ غلط فهميون

هي منزل جي رخ تي هزارين ئي وڻڪار جا ڪاڪ محلات،

پنهنجي ڪمالات جي دلڪشيءَ سان

هرهڪ راهرو قافلي کي، ائين ئي، پيا عيش آرام

جون دعوتون التجائون سڃيندا.

 

نهايت ئـــي مسـرور آهن نگاهون

نهايـت ئي مشڪوڪ آهن نظارا

تصور جـــي تخليق جا ڪارناما.

 

مسرت جـــي منزل جـي تاريخ بيحد پراڻي پراڻي،

 ازل    کان    ابد    جي    مسلسل   ڪهاڻي!

                                       (ص: 41)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com