سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :16

 

ٻئي طرف ڪن عالمن پنهنجين ٻولين جي آڳاٽين لکيتن ڏانهن ڌيان ڏنو. هن ڏس ۾ انگريزي ٻوليءَ ۽ ٻين قريبي ٻولين مثلاً: فِرسينَ، ڊچ، جرمن، اسڪئنڊينيوين ۽ گوٿوڪ وغيره جي مطالعي تي فرئنسسڪس جونـَـس (1589- 1677ع) نالي هڪ ٻولي وگيانيءَ وڏي محنت صرف ڪئي. جارج هائيڪس (1642- 1715ع) نالي ٻئي هڪ عالم گوٿڪ ۽ ائنگلوسئڪسن ٻولين جو هڪ گرامر(2) تيار ڪيو ۽ پڻ انگريزيءَ ۽ ٻين قريبي ٻولين جي قديم صورتن متعلق هڪ متفرقه معلومات جو ذخيرو(3) شايع ڪيو.

ارڙهين صديءَ جي هنن عالمن جي ٻولين بابت معلومات مجموعي طور هيئن بيان ڪري سگهجي ٿي: (1) ٻوليءَ جون گرامري خصوصيتون عام طرح، هنن رڳو فيلسوفي انداز جي تعميمي صورت ۾ بيان ٿي ڪيون، ۽ ٻولين جي پنهنجي پنهنجي الڳ بناوت ڏانهن هنن ڪو خاص ڌيان ڪونه ٿي ڏنو. بلڪ اهڙن فرقن ۽ تفاوتن کي هنن لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ڀـِـچائي، مرڳو ئي لـَـٽي ٿي ڇڏيو. (2) ٻوليءَ جي آوازي صورت تي ويچار ڪرڻ بدران، ان کي رڳو لکيل الف- بي جي نشانين سان ئي لاڳاپيل سمجهيو ٿي ويو. (3) ڇاڪاڻ ته هو اها ڳالهه محسوس ڪونه ٿي ڪري سگهيا ته ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ جو استعمال محض هڪ مصنوعي ۽ خالص علمي مشق جي حيثيت کي وڃي رسيو هو، تنهنڪري هو هن ڳالهه کي چنبڙيا رهيا ته ٻولي فقط پڙهيل ۽ باخبر ماڻهن جي خاص استعمال سبب ئي محفوظ رهي ٿي سگهي، ۽ رڳو انهيءَ عقيدي ماتحت، هي گرامر جا عالم پنهنجي مرضيءَ موجب ٻولين جا عجيب غريب قاعدا مرتب ڪندا رهيا، جن جو بنياد سندن خيال ۾ منطق تي بيٺل هو، جنهن ۾ اختلاف جي ڪا گنجائش ڪانه هئي. ههڙن اڻپورن ۽ غلط خيالن سبب هي عالم گهربل حقيقتن ۽ ٺوس مواد جي موجود هوندي- مثلاً: قديم ٻولين جون لکيتون، جهنگلي قبيلن جي اڻ تراشيل ٻولين بابت معلومات، جديد ٻوليون ۽ انهن جون اپڀاشائون، ۽ سڀ کان وڌيڪ، ساڳيءَ ٻوليءَ مثلاً: لئٽن، جديد رومانس ٻولين، ائنگلوسئڪسن ۽ جديد جرمئنڪ ٻولين جي تدريجي اوسر بابت شهادتون وغيره-- انهن سمورين حقيقتن ۽ ان سڄي مواد کي استعمال ڪرڻ کان هو قاصر رهيا. جيتوڻيڪ سندن علم ۾ هيءَ ڳالهه هئي ته ڪن ٻولين جي هڪٻئي سان مشابهت آهي، تنهن هوندي به انهن مشابهتن جي مطالعي کان هو حذر ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته سندن نظريي موجب اُهي مشابهتون محض اتفاقي بگاڙي جو نتيجو هيون ۽ بس. سندن ذهن ۾ جو هيءُ خيال ويٺل هو  ته لئٽن ٻوليءَ ۾ ڪا ڦيرگهير ڪانه آئي هئي ۽ اها جيئن اصل هئي، تيئن ئي وٽن موجود هئي، تنهنڪري هو ائين سمجهڻ لڳا ته ٻيون آسپاس جون ٻوليون ئي، اتفاقي بگاڙي سبب، هڪٻئي منجهان ڦٽي نڪتيون هيون. منجهانئن گهڻن هيبريو (عبراني) کي منڍ جي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ٿي، پر ڪن جي راءِ اُن کان الڳ هئي. ائنٽوَرپ جي رهواسيءَ، گوروپيس بيڪانس، جو پاڻ ڊچ هو، پنهنجي وطني حب جو مظاهرو ڪندي، هي ظاهر ڪيو ته لئٽن کان سواءِ، يورپ جون ٻيون سڀ ٻوليون ڊچ ٻوليءَ منجهان نڪتل هيون.

تقريباً  انهيءَ زماني ۾، يعني ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري يوروپي عالمن کي پاڻنيءَ جي گرامر جي سُڌ پيئي. سنسڪرت جي گرامر جو هيءُ ڪتاب ڪنهن مخصوص مفروضي بدران، حقيقتن ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ مرتب ٿيل هو، ۽ ان جي وسيلي يوروپي عالمن جي سامهون ٻولين جي تقابلي مطالعي جا امڪان پڌرا ٿيا. پاڻنيءَ جي گرامر ٻوليءَ جي ڇيد جو اصول سيکاريو، جنهن موجب، ٻولين جي ترڪيبي جزن جي ڀيٽڻ سان سندن هڪجهڙايون، جيڪي هونئن لڪل ۽ ڍڪيل رهن ٿيون، سي پوري ڀروسي سان لڀجي سگهيون ٿي. سڀ کان اول ٻولي وگيان جي ماهر، وليم جونس (1746- 1794ع)، هي وضاحت پيش ڪئي ته لئٽن، سنسڪرت، انگريزي، فارسي وغيره ڪنهن هڪ ئي قبل از تاريخي ٻوليءَ جون الڳ الڳ صورتون هيون. سندس چوڻ موجب سنسڪرت، يوناني ۽ لئٽن ۾ ايتري ته ويجهي مشابهت آهي، جو اها محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو ٿي نٿي سگهي. بلڪ ان مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اهي ٽيئي ٻوليون ڪنهن هڪڙيءَ منڍ واريءَ ٻوليءَ منجهان ڦٽيون آهن، جيڪا شايد اڄ ڪٿي موجود ڪانهي. ۽ گوٿڪ (جرمئنڪ) ۽ ڪيلٽڪ ٻوليون به شايد ان ساڳيءَ ئي منڍ  واريءَ ٻوليءَ مان نڪتل آهن(1) . وليم جونس جي انهيءَ بيان کان پوءِ يوروپي ٻوليءَ وگيانن جيڪو هند- يوروپي ٻولين جو تقابلي مطالعو ڪيو آهي، سو واقعي هڪ نهايت ڦلدائڪ ڪوشش ثابت ٿي آهي.  وليم جونس جو هي چوڻ  ته جرمئنڪ ٻولين جو لئٽن، يوناني وغيره ٻولين سان تعلق آهي، سچو ثابت ٿي چڪو آهي، ۽ ساڳيءَ طرح سندس اهو اندازو ڪيلٽڪ ٻولين (آئرش، ويلش، ڪارنش، وغيره) بابت پڻ صحيح ثابت ٿي چڪو آهي. فارسي، الباني، هـِـٽي ۽ پڻ ڪيتريون مشرقي ٻوليون، جن جون بنهه مختصر لکيتون ئي موجود هيون، سي پڻ هند- يوروپي سٿ منجهان ثابت ٿي چڪيون آهن.

جيڪڏهن ڪا ٻولي ڪنهن وڏيءَ ايراضيءَ ۾ يا لڏپلاڻ سبب، گهڻين الڳ الڳ ايراضين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، ته ان ٻوليءَ ۾ جدا جدا هنڌن تي جدا جدا انداز ۽ نموني سان ڦيرگهير واقع ٿيندي. ان ڦيرگهير جو نتيجو هيءُ نڪرندو ته مختلف مگر لاڳاپيل ٻوليون وجود ۾ اينديون- مثلاً: اٽالين، فرينچ، پورچوگيز، رومينين، ڪئٽالين، اسپئنش ۽ ٻيون رومانس ٻوليون،  جن کي هڪ ئي سٿ يا گروهه جون ٻوليون سڏي سگهبو. ساڳيءَ ريت ٻين لاڳاپيل ٻولين جي ٽولن کي پڻ، مثلاً هند- پاڪستاني، سـِـلاو ۽ ٻين اهڙين ٻولين جي ٽولن کي، جن ۾ پڻ ساڳئي قسم جون هڪجهڙايون موجود ڏسبيون، ساڳئي ئي طريقي سان پيدا ٿيل سڏي سگهبو. هيءُ هڪ خالص تاريخي اتفاق آهي، جو اسان وٽ ٻوليءَ جو اوائلي تحريري رڪارڊ موجود ڪونه آهي. هنن اصلوڪين اڻ لکيل ۽ هن وقت غير موجود ٻولين کي ٻولي وگيان ۾ پروٽو سلاوڪ، پروٽو جرمئنڪ، پروٽو اِنڊڪ وغيره نالا ڏنا ويا آهن. ان کان پوءِ جڏهن ٻولين جي هنن ٽولن جي وچ ۾، اهڙيون ڪي هڪجهڙايون ڏسجن ٿيون، جيڪي محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو نٿيون ٿي سگهن، تڏهن اسان انهن کي هڪ ئي مُک سٿ (هند- يوروپي) جون ٻوليون شمار ڪري ٿا سگهون. ۽ وليم جونس جي چوڻ موجب اها پختي راءِ قائم ڪري سگهون ٿا ته اهي سڀيئي ٻوليون ڪنهن هڪ ئي قبل از تاريخي ٻوليءَ منجهان اُسريل آهن، جنهن هڪڙيءَ بنهه شروعاتي ٻوليءَ کي ٻولي وگيان ۾ اڄ ‘پروٽو- هند- يوروپي ٻولي’ سڏيو وڃي ٿو.

هند- يوروپي ٻولين جي سلسليوار ڀيٽ جي شروعات سنسڪرت، يوناني، لئٽن، فارسي ۽ جرمئنڪ ٻولين جي فعلي گردانن جي ڀيٽ سان ٿي، ۽ جرمن عالم، فرئنز باپ، سن 1816ع ۾ هڪ ڪتاب(1) شايع ڪيو، جو ان سلسلي جو هڪ بنيادي ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. 1819ع ۾ هڪ ٻئي جرمن عالم، جيڪب گِرم، پنهنجي ڪتاب grammatic Deutsch جو پهريون جلد ۽ ٽي سال پوءِ، 1822ع ۾ ان جو ٻيو جلد پڌرو ڪيو، جن ۾ هن جرمئنڪ ۽ ٻين هند- يوروپي ٻولين جي وچ ۾ ’صحيح حرفن‘ جي آوازي مشابهت تي هڪ تفصيلي بيان پيش ڪيو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ بنيادي طرح ٻولين جي تاريخ جو ئي ورنن ڪيو ويو هو، پر ان آوازي مشابهت يا هم آهنگيءَ جي ٻيءَ طرح به هڪ وڏي اهميت هئي. ان مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي، ته جيئن انساني عمل جي ٻين دائرن ۾، تيئن ٻولين جي طويل اوسر ۾، آوازن جو پيدا ٿيڻ ۽ ان ۾ ڦيرگهير جو واقع ٿيڻ پڻ هڪ قسم جي باقاعدگيءَ ۽ ترتيب سان عمل ۾ اچي ٿو.

سن 1833ع ۾ مٿي ذڪر ڪيل جرمن عالم، فرئنزباپ، هند- يوروپي ٻولين جي تقابلي گرامر جو هڪ تفصيلي ڪتاب(1) پيش ڪيو، جيڪو ٻوليءَ وگيان ۾ وڏيءَ اهميت جو ڪتاب شمار ٿئي ٿو. انهيءَ سال ساڳيءَ ئي اهميت وارو هڪ ٻيو ڪتاب(2) پڻ هند- جرمئنڪ ٻولين متعلق علم ”اشتقاق“ جي موضوع تي شايع ٿيو، جنهن جي اشاعت سان ٻولي وگيان ۾ لفظ ”اشتقاق“ جي آخرڪار هڪ صاف ۽ واضح معنيٰ مقرر ٿي. يوناني عالمن وٽ هن لفظ جو مطلب هيءُ هوندو هو ته لفظن جي صورت ۾ متعلقه شين سان سندن نسبت جو مطالعو ڪيو وڃي. پر هاڻي ان جي معنيٰ هيءَ مقرر ٿي ته ڪنهن لفظ جي تاريخ جو اهڙيءَ ريت مطالعو ڪيو وڃي، جو ٻوليءَ ۾ ان جون پراڻيون صورتون ۽ ٻين لاڳاپيل ٻولين ۾ ان جون اُهي صورتون جيڪي سندس اصل صورت جا ڌار ڌار روپ يا نمونا آهن، اُهي ظاهر ٿي سگهن. انهيءَ لحاظ کان انگريزي لفظ مـَـدر (ماءُ Mother =) جو اشتقاق نائين صديءَ جي پراڻي انگريزي لفظ مُدور آهي، جيڪو پراڻيءَ نارس ٻوليءَ جي لفظ مُزير، پراڻيءَ فـِـرسين جي مُدير، پراڻيءَ سئڪسن جي مُدار، پراڻيءَ جرمن جي مُوئوتير (جيڪو نڪتل آهي پروٽو جرمن جو مُدير مان) سان لاڳاپيل آهي. هن لفظ جون اهي جرمئنڪ صورتون وري سنسڪرت جي لفظ ماتا، اويستا (پراڻي پارسيءَ) جي ماتا، پراڻيءَ آرمينين جي مييَر، قديم يونانيءَ جي مـِـييتير، آلبانيءَ جي موتِر (هتي لفظ جي هن صورت جي معنيٰ آهي ”ڀيڻ“، جنهن سان ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن هڪ قديم اصل وارو لفظ معنيٰ ۾ ڦري ٿو). لئٽن جي ماتير، پراڻيءَ آئرش جي ماٿـِـر، پراڻيءَ سلاوڪ جي ماتي، لٿونين جي موتي، (هتي هن جي معنيٰ آهي ”زال“- جيڪو البانيءَ ۾ معنيٰ جو ڦيرو ڏٺوسون، هي ان جو ٻيو مثال آهي). سان لاڳاپيل آهن. هن لفظ جون اهي مڙيئي صورتون هڪ ئي منڍ واريءَ يعني پروٽو هند- يوروپيءَ جي گهڙيل يا فرض ڪري ورتل لفظ ”ماتير“ مان نڪتل شمار ڪيون وڃن ٿيون. ياد رکڻ گهرجي ته مثال طور کنيل هن لفظ جون اصلوڪيون صورتون ڪا هروڀرو پراڻي يا وڌيڪ صاف معنيٰ اسان کي ڪانه ٿيون ڏسين.

هڪ ڳالهه ته صاف آهي ته ڪي ٻوليون هڪٻئي سان ايتريقدر ته مشابهت رکن ٿيون، جو ان کي محض جيڪي رڳو اتفاق جو نتيجو سڏي نٿو سگهجي. هنن مان ڪي مشابهتون ته واقعي اهڙيون آهن، جيڪي رڳو ٻوليءَ جي عام خصوصيتن سبب ئي ائين ڏسجن ٿيون. مثلاً آواز، پد، لفظ، جملا وغيره- اهي ته هرڪنهن ٻوليءَ ۾ موجود آهن، ۽ اُهي خصوصيتون هر ٻوليءَ جي عمارت لاءِ گويا سرن ۽ گاري جو ڪم ڏين ٿيون. ٻيون به اهڙيون خصوصيتون، مثلاً  اسم- نما لفظ، ۽ فعل- نما لفظ، جيتوڻيڪ سڀني ٻولين ۾ مشترڪ نه آهن، پر اُهي ايتريقدر ته اڪثر ٻولين ۾ موجود آهن، جو ان سبب انهن  ٻولين ۾ ڪنهن نه ڪنهن لاڳاپي جو اُنومان ضرور ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ڪي مشابهتون ته ٻولين ۾ اهڙيون پڻ آهن، جي واقعي صرف اتفاق جو نتيجو آهن. مثلاً جديد يوناني ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽِي“ (= اک) ذري گهٽ ملايائي ٻوليءَ جي لفظ ”ماٽا“ جهڙو آهي، جنهن جي معنيٰ پڻ اک آهي. بهرحال هنن ٻنهي ٻولين جي اوسر جي جيڪا ڄاڻ موجود آهي، تنهن مان چئي سگهون ٿا ته منجهن اها مشابهت محض اتفاقي آهي. ملايائي ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽا“ ان جي قديم ترين مثالن ۾ پڻ جيئن جو تيئن موجود آهي. پر جديد يونانيءَ جو لفظ ”ماٽِي“ نڪتل آهي قديم يونانيءَ جي لفظ ”اَم ماٽِيؤن“ مان، جيڪو نڪتل آهي سندس اصل ”اَمما“ (اک) منجهان. ساڳيءَ طرح ٻيون اهڙيون مشابهتون  پڻ آهن، جيڪي ثابت ٿيل آهن ته اڌاري طور ورتل آهن. مثلاً سنڌيءَ جو لفظ ”ڪٽلي“ انگريزيءَ جي ”ڪيٽِل“ مان، يا انگريزيءَ لفظ پيچ (Peach) فرينچ جي ”پيش“ مان، جيڪو هڪ پراڻيءَ فرينچ جي لفظ ”پيسڪا“ مان، جيڪو لئٽن جي ”پيرِسڪا“ مان، جيڪو پراڻيءَ لئٽن جي ”پَرِسڪا“ مان، جيڪو وري پراڻيءَ لئٽن جي اصطلاح ”پرسڪا فروٽا“ (Perseka Fruta) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ايراني ميوو“. ههڙا لفظ يا انهيءَ قسم جا ٻيا خاصا ٻين ٻولين کان اڌارا ورتا ويندا آهن ته جيئن ڪنهن سڀيتا ۾ نون عنصرن جي داخلا سبب ٻوليءَ جون پيدا ٿيل ضرورتون پوريون ٿي سگهن. انهيءَ قسم جي اڌارڻ کي ٻوليءَ جي سهل پسندي سڏي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو سڀيتائي عنصر اُڌارو ٿو وٺجي، تڏهن اُن جو نالو به اُن سان گڏ کڻي ٿو وٺجي. البت اهڙين سڀيتائي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ٻولي خالص پنهنجا لفظ گهڙي ٿي، جنهن جو مشهور مثال آمريڪا جي ريڊ انڊين قبيلن ۾ ملي ٿو، جن جڏهن ريل جي انجڻ ڏٺي، تڏهن ان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سڏيائون ”لوهائون گهوڙو“. سنڌيءَ ۾ پڻ ان جا مثال ملن ٿا، جيئن ته ”آگ گاڏي“ وغيره.

جڏهن ائين ٿو چئجي ته ٻولين ۾ مشابهت يا هڪجهڙائي سندن لاڳاپي يا سـنٻنڌ سبب آهي، تڏهن ان جو مطلب هيءُ ٿئي ٿو ته اهي ٻوليون ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽيءَ ٻوليءَ جون پوءِ پيدا ٿيل صورتون آهن. مثلاً اڄوڪي بنگالي ۽ اڄوڪي سنڌي ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽيءَ ٻوليءَ مان نڪتل چئي سگهجن ٿيون. پراڻي زماني ۾ ڪنهن به خاص وقت جي نقطي تي آڱر رکي، ائين نٿو چئي سگهجي ته اجهو هتان اها نسبتاً اصلوڪي ٻولي هنن يا هُنن ٻن يا چئن نين ٻولين جي صورت ۾ ورهائجي ويئي، يا اجهو هن وقت کان اڄوڪي سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي يا اجهو هتان اڄوڪي بنگالي ٻولي شروع ٿي. مجموعي طور ٻوليءَ جي منڍ ۽ قبل از تاريخي دور کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٻولي وگيان جي جاکوڙ ۽ کوجنا ڪنهن گڏيل ۽ ڀروسي جهڙي نتيجي تي اڃا ڪانه پهتي آهي. ٻولي هڪ سدا وهندڙ درياءُ آهي، ۽ سندس رخ بدلائڻ جا، سندس سموري طيءِ ٿيل اکٽ رستي تي، ڪي به کليل ۽ هڪ هنڌاوان نشان ڪونه ٿا ملي سگهن. ڪهڙين حالتن ۾ ٻولي پنهنجا رخ بدلائي ٿي، صرف اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ۽ بيان ڪري سگهجي ٿي. ساڳيءَ ٻوليءَ ڳالهائڻ وارا ماڻهو، خاص طرح ان جي لکيل صورت ۾ اچڻ کان اڳ، جڏهن ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي، جاگرافيائي طور هڪٻئي کان علحده ٿي وڃن ٿا، ۽ منجهن ڪو جماعتي سـنٻنڌ ڪونه ٿو رهي، تڏهن پنهنجي پنهنجي خاص ماحول ۽ الڳ الڳ روزمره جي ضرورتن پٽاندر سندن ٻوليءَ ۾، آوازن ۽ اُچارن، لفظن جي ذخيري، ساڳين لفظن جي الڳ معنائن ۽ پڻ اهڙين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ علحدگي ۽ اختلاف اُڀري ٿو. ۽ جيترا جيترا اُهي ٽولا پنهنجي پنهنجي نئين ماحول ۾ پنهنجو پنهنجو اندروني ۽ باهمي سـنٻنڌ قائم ڪري، پنهنجي پنهنجي تاريخ جا ڪي دور گذارين ٿا، ايتريون ئي صورتون سندن اصلوڪي ٻولي اختيار ڪري وٺي ٿي. انهيءَ ڪري ماڻهن جي ڪنهن خاص تعداد جو هڪڙي خاص ٻولي ڳالهائڻ هڪ اهڙي ته عظيم ۽ انتهائي گنڀير حقيقت آهي، جنهن جي اهميت جو اندازو، ثقافتي توڙي سياسي ميدانن ۾، پوريءَ ريت لڳائي ئي نٿو سگهجي. ٻولي ئي آهي، جنهن جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺهي ٿو ۽ قائم رهي ٿو. سوَن، هزارن بلڪ لکن سالن جي تاريخي پسمنظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مستقبل ۽ علحده صورت اختيار ڪري ۽ قائم رکي سگهي  ٿي. قومون پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن، جيتريون سندن علحده علحده ٻوليون.

                         (”مهراڻ“ 2-3/1964ع)


 


(2)  Institutiones grammaticae Anglo Saxonicae et Mesogothicae- Oxford, 1689.

(3)  Linguarum Thesaurus- Oxford, 1705.

(1)  ”Asiatic Researches”- Calcutta, 1788 (1: 422)

(1)  Franz Bopp: Uber das Konjugations Systeme der Sanskritsproche”, 1816- Franfurt an main.

(1)  ”Vergelenchende grammatik des Sanskrit, Zend, greichischen, Lateinische, Littonischen, gottischen und Deutschen Sprochen”.

(2) H.F.Pott: Etymologische der Indo-germanischen”.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com