سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :1

مهراڻ 2006ع (2 ۽ 3) گولڊن جُبلي نمبر

ايڊيٽر:نفيس احمد شيخ

سائين سدائين، ڪرين  مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!

(شاهه)

سوچ – لوچ

 

”گولڊن جُبلي نمبر“

        ”مهراڻ“ جو ”گولڊن جُبلي نمبر“ وڏي ادب ۽ احترام سان سنڌ جي مانوارن عالمن ۽ اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن ۽ سُڄاڻ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي سعاديت حاصل ڪجي ٿي، جو مهراڻ پنهنجيءَ اشاعت جا پنجاهه ورهيه پورا ڪيا آهن.

سنڌ جي مانوارن اديبن ۽ باشعور قارئين مهراڻ جي اڌ صديءَ واري اشاعت کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي لاءِ نيڪ فال قرار ڏنو آهي، جا ڳالهه ادارهء مهراڻ ۽ بورڊ لاءِ هر طرح فخر جو ڪارڻ آهي. اِنهيءَ ڳڻپ جوڳي مرحلي تي انهيءَ مڃتا ۽ عزت افزائيءَ کي مهراڻ جي مستقبل لاءِ اُتساهه جو سبب ۽ پڻ اُن جي ترقيءَ ۽ بقا جي علامت تصور ڪري سگهجي ٿو.

ادارهء مهراڻ کي ان تاريخي موقعي تي ان حقيقت تي بجا طور تي اعتراف ۽ فخر حاصل آهي ته ان سموري ڪاميابيءَ جو سهرو فقط سنڌ جي مانائتن ليکڪن ۽ محققن، شاعرن ۽ اديبن ۽ پڻ صاحبِ ذوق پڙهندڙن جي سر تي ئي سونهي ٿو، جن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي نيڪ مقصد کي اڳيان رکي، بنان ڪنهن دنيوي ۽ مالي دستوري طمع ۽ ڪشش جي، نهايت ئي خلوص ۽ پنهنجائپ سان ادارهء مهراڻ سان مثالي علمي سهڪار ڪندي پنهنجن ادبي جواهر پارن سان پئي نوازيو آهي ۽ ان ادبي سخا ۽ علمي تعاون تي اسين سندن بيحد ٿورائتا آهيون. سنڌ جي ساڃهه وند ۽ فراخدل اديبن ۽ علمي ساٿ الحمدلله اڄ به ائين ئي جاري آهي، جيئن مهراڻ کي پنهنجي اجراء واري ابتدائي زماني ۾ حاصل هو.

اڌ صديءَ واري طويل عرصي دوران، زماني جد دستور موجب، ادارهء مهراڻ کي ڪيترن ئي لاهن چاڙهن ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ مسئلن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو، تن جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونه آهي. اسان ڪنهن به تفصيل ۾ وڃڻ بدران فقط ايترو سو عرض ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون ته بنيادي طرح سان اهو فقط مانوارن ليکڪن جو فراخدلانه ڀرپور ادبي ساٿ سهڪار ئي آهي، جنهن وسيلي مهراڻ زماني جي گردشن ۽ هيٺ مٿانهين کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏيئي، پنهنجو سفر جاري رکي سگهيو آهي. ان لحاظ کان، وري به سنڌ جا دروانديش اديب ۽ عالم ئي مبارڪباد جا مستحق آهن، جن جو ساٿ مهراڻ جي بقا ۽ دوام جو ضامن ثابت ٿيو آهي. ان لحاظ کان اداري کي پنهنجي قابل صداحترام لکندڙن تي بجا طور تي فخر حاصل آهي. مون کي ذاتي طرح سان اهو شرف حاصل آهي ته گذريل چاليهارو کن سالن کان وٺي ادارهء مهراڻ سان پنهنجي وابستگيءَ جي حوالي سان آءٌ ان پيرائتي حقيقت جو اکين ڏٺو شاهد آهيان.

ان موقعي تي ادارهء مهراڻ، پنهنجن مانوارن لکندڙن ۽ سڄاڻ پڙهندڙن کي اها خوشخبري ڏيڻ مناسب ٿو سمجهي ته الحمدلله هن وقت بورڊ کي موجوده سنڌ سرڪار جي ڀرپور علمي سرپرستي حاصل آهي، جنهن ۾ ”مهراڻ“ جي استحڪام جو پهلو به اچي ٿو وڃي. هڪ طرف سنڌ جي علم دوست وڏي وزير جناب ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم بورڊ جي  فياضانه مالي مدد ڪندي ٻن ڪروڙ رپين جي خصوصي رقم عطا ڪري اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي ته ٻئي طرف سنڌي ادبي بورڊ جي سڄاڻ چيئرپرسن محترمہ ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبہ کي بورڊ جي ترقيءَ لاءِ لاڳيتو هڪ فطري اون ۽ دلچسپي آهي ۽ سندس دست شفقت بورڊ لاءِ وڏي آٿت جو سبب آهي.

        ساڳيءَ طرح بورڊ جي موجوده فعال ۽ سرگرم وائيس چيئرمن، جناب مدد علي سنڌي جي مسلسل دلچسپي ۽ توجهه، بورڊ لاءِ ترقيءَ جي علامت آهي، جنهن موجب هو صاحب لاڳيتو بورڊ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. حُسن اتفاق سان، سنڌ جي وڏي وزير جي پريس سيڪريٽريءَ جي منصب طور سندس وابستگي سونتي سهاڳي مثل آهي، انڪري بورڊ لاءِ سندس سرپرستي خصوصي حيثيت رکي ٿي. مهراڻ جي هن خاص شماري جي اشاعت دوران محترم مدد علي سنڌي جو بنده کي شخصي علمي تعاون۽ پرخلوص همت افزائي حاصل رهي. جنهن لاءِ آءٌ ذاتي طرح به سندس ٿورائتو آهيان.

مهراڻ جي هن خاص پرچي جو بنيادي خاڪو بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي معزز ميمبرن جي تعميري رٿائن جو هڪ وڻندڙ حصو آهي، جنهن کي اُن وقت جي سڄاڻ چيف ايڊيٽر محترم امداد حسيني ابتدائي روپ ڏنو. اصولي طرح سان پنجاهه ساله ذخيري مان چونڊ مواد کي هن نمبر لاءِ بنياد بنايو ويو آهي. گذريل جولاءِ ۾، بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ پنهنجي منصب سنڀالڻ کان پوءِ محترم اعجاز احمد منگي ادارهء مهراڻ کي پنهنجن دلپذير علمي روين سان نوازي گهربل آسانيون ميسر ڪري ڏنيون، جن جي ئي نتيجي ۾ هن ضخيم نمبر جي اشاعت خاطرخواهه انداز سان ممڪن ٿي سگهي آهي. سچ ته محترم منگي صاحب طرفان اعتماد ۽ عزت افزائي بنده لاءِ وڌيڪ جاکوڙ ۽ سڪون جو سامان پيدا ڪيو، اُن لاءِ آءٌ سندس خاص طرح سان شڪرگذار آهيان. پنهنجي پنهنجي پياري ڀاءُ ۽ ورهين جي وڻندڙ ساٿي ادي طارق عالم جون محبتون وسرڻ جون نه آهن، جن وسيلي هن خاص نمبر جي اُٿاهه ڪم دوران مون کي ڪيئي فني آسانيون ۽ دلنوازيون فراهم ٿيون. هن شماري جي سرورق جي سموري سونهن سوڀيا سندس فني ڪمال جو من موهيندڙ نتيجو آهي.

        آخر ۾ هڪوار وري به سنڌ جي مانائتن عالمن ۽ محققن اديبن ۽ شاعرن جي محبت آفرين علمي تعاون جو اعتراف لازم آهي، جن پنهنجا ڀال ڀلائي قيمتي وقت مان ڪجهه لمحا ڪڍي هن خاص نمبر لاءِ پنهنجن تاثرات سان نوازيو. اداري کي خاطري آهي ته ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي خدمت جي نيڪ مقصدن خاطر سندن ادبي سهڪار اسان کي سدائين حاصل رهندو.

آديسي اُٿي ويا!

* ويجهڙائيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ادب ۽ ثقافت جا ٻهڳڻ خدمتگذار- سائين ”اظهر“ گيلاني، سائين نثار حسيني، سائين ولي محمد طاهرزادو ۽ ”آثم“ ناٿنشاهي- اسان جُدا ٿي ويا.

* سائين اظهر گيلاني هڪ قادرالڪلام شاعر جي حيثيت ۾ وڏي مقام ۽ مڃتا جو صاحب هو. سندس ادبي ۽ ثقافتي خدمتون هڪ وڏي دَور تائين ڦهليل آهن. وڏيءَ اوستا تائين به علمي ۽ سماجي خدمتن ۾ مصروف رهيو.

* سائين نثار حسيني جي ثقافتي ۽ ادبي خدمتن، سنڌي ناٽڪ ۽ ثقافت سان گڏ علم ادب ۽ اشاعت جي دنيا کي اوڄ ڏني. آگم پبلشنگ هائوس، سندس صلاحيتن ۽ خدمتن جو مرڪز رهيو.

* سائين ولي محمد طاهرزادو سنڌي ادبي بورڊ جو پراڻو ڪارڪن هو. سندس لوڪ ڏاهپ مثالي هئي. سنڌ جي ريتن ۽ رسمن، رواجن ۽ روايتن جي ڄڻ انسائيڪلوپيڊيا هو. ٻولي ۽ گرامر، لغت ۽ محاورن، پهاڪن ۽ چوڻين تي کيس دسترس حاصل هئي ۽ علمي لحاظ کان وڏو ڪم ڪيائين.

* سائين ”آثم“ ناٿنشاهي هڪ ڪهنه مشق ۽ صلاحيتمند شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجي دلاويز فڪر جي حوالي سان اُهو باشعور شاعر آهي. جنهن جي فن کي صحيح معنيٰ ۾ دوام حاصل رهندو. سندس منفرد اسلوب سنڌي شاعري کي ججهي جلا بخشي آهي، جنهن ۾ تخليقيت جو وڻندڙ ذخيرو سندس ئي سڃاڻپ آهي.

        سائين اظهر گيلاني، سائين نثار حسيني، سائين ولي محمد طاهرزادي ۽ سائين ”آثم“ ناٿنشاهي کي رب ڪريم جنب ۾ جايون ڏئي. ادارهء مهراڻ سندن پوين سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.         – ن.ا.ش

 

پيغام

جنين ڏاند نه ٻج، تنين تنهنجو آسرو،

پوءِ اُڀارين  سج،  اول ڏين انهن کي.

مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ جو ”گولڊن جـُـبلي نمبر“ شايع ڪيو پيو وڃي. يقيناً سنڌي ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ ٽِه-ماهي مهراڻ جو ڪردار بنيادي آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺرائڻ ۾ مهراڻ مخزن جون ڪيل خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جهڙيون نه آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ لالچند امرڏنيمل ۽ ورهاڱي کان پوءِ محمد ابراهيم جويي مهراڻ مخزن کي وڏو اوج وٺرايو. مهراڻ  مخزن گذريل اڌ صدي کان مٿي واري عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ طرفان باقاعدگيءَ سان شايع ٿي رهيو آهي. جيڪا هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي. محمد ابراهيم جويي کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائي ۽ مولانا غلام محمد گرامي تائين مهراڻ رسالي ۾ خاص طرح ريسرچ جي حوالي سان جيڪو مواد شايع ٿيو آهي ان کي هڪ هنڌ سهيڙي محفوظ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو هڪ اهم علمي ادارو آهي، جنهن ماضيءَ ۾ وڏو مثالي ڪم ڪيو. انهيءَ ڪم کي پنهنجو نصب العين سمجهي اڄ به جيڪڏهن بورڊ جي انتظاميه پنهنجي آڏو رکي ته هوند سندن گهڻي رهنمائي ٿي سگهندي. اها ڳالهه هر ڪنهن کي معلوم آهي ته ماضيءَ ۾ بورڊ کي ڪا ايڏي وڏي گرانٽ به نه ملندي هئي پر ان هوندي به بورڊ جو ڪم تمام گهڻو معياري هو، پر بعد ۾ توڙي اڄ جڏهن بورڊ جي گرانٽ ڪروڙ کان مٿي آهي، پر بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم اطمينان جوڳو ڪونهي. هن وقت ترقياتي ڪمن لاءِ موچاري رقم منهنجي حڪم تحت بورڊ کي ڏني ويئي آهي ته جيئن ادبي بورڊ پنهنجي ماضي وانگر شاندار ڪم ڪري سگهي. يقيناً ايترن وسيلن هوندي بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي، بائينڊنگ، گيٽ اپ ۽ لي آئوٽ بهتر ٿيڻ گهرجي،

سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب بابت انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪيترو مواد اڄ به اسان جي نظرن کان اوجهل آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي ماضيءَ جو بهترين علم ۽ ادب فارسي زبان ۾ موجود آهي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان جيڪڏهن ”بيورو آف ٽرانسليشن“ جو شعبو قائم ڪري. سنڌ جي تاريخ جي ان لڪل خزاني کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو وڃي ته اهو هڪ وڏو ڪم ٿي پوندو. دنيا جي جڳ مشهور لائبريرين ۾ اڄ به  اهو مواد موجود آهي، جنهن کي هٿ ڪري هت آندو وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ جا لڪل ۽ ٽُٽل تاريخي سلسلا سنڌ جي ماڻهن جي آڏو اچي سگهن. لنڊن، پيرس، ڪلڪتي ۽ برلن جي ڪتبخانن ۾ اهڙو ڪيترو ئي مواد موجود آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي اُنهن ڪتبخانن سان پاڻ کي ڳنڍڻ گهرجي. سنڌ جي ماضيءَ جو اهو شاندار تاريخي تصور سنڌي ماڻهن آڏو ظاهر ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو مواد هن نسل توڙي ايندڙ نسل لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي.

خود مهراڻ مخزن کي پڻ سنڌ جي جديد توڙي قديم ادب جي نمائندگي لاءِ وقف ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي عالمن جهڙوڪ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مرزا نادر بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ ٻين اديبن بابت مهراڻ مخزن کي خاص نمبر شايع ڪرڻ گهرجن. مون کي اميد آهي ته مهراڻ مخزن ماضيءَ جي شاندار روايتن جي پوئواري ڪندي پنهنجي منزل ڏانهن اڳتي قدم کڻندي رهندي، آءٌ سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ليکڪن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعاگو آهيان ته سنڌي ٻولي اڃا به ترقي ڪندي رهي.

 ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم

 وزيراعليٰ سنڌ

 

پيغام

مون کي اهو معلوم ڪري دلي خوشي ٿي آهي ته سنڌ جي جڳ مشهور اداري سنڌي ادبي بورڊ جي ٽِه-ماهي رسالي ”مهراڻ“ جو ”گولڊن جُبلي نمبر“ شايع ٿي رهيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ اسان جو نهايت مانائتو قومي علمي ادارو آهي، جنهن جتي ڪتابن جي اشاعت وسيلي پنهنجي شاندار ادبي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان مشرق ۽ مغرب جي علمي حلقن ۾ سنڌ جي عظيم تهذيب، وڻندڙ ثقافت ۽  مايه دار مشرقي ادب کي روشناس  ڪرايو آهي، اُتي مهراڻ وسيلي جديد ادب ۽ تحقيق جي شعبن ۾ صحتمند علمي قدرن جي آبياري پڻ ڪئي آهي. نتيجي ۾ سنڌ وارن کي ”مهراڻ“ رسالي تي بجا طور تي ناز حاصل آهي.

اسان جو هيءُ فخرلائق تحقيقي ادارو 1940ع ڌاري، سنڌ جي قابل صد احترام علمي شخصيت سائين جي.ايم.سيد  قائم ڪيو ۽ ممتاز اهل قلم سائين ميران محمد شاهه ان جو پهريون چيئرمن هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1951ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده نالي سان اُن پنهنجي علمي ڪم جي باقاعده شروعات ڪئي. هونئن ته بورڊ جي ترقيءَ لاءِ ڪيترن ئي عالمن ۽ سنڌ جي سپوتن پاڻ پئي ملهايو آهي، پر ان سلسلي ۾ چند نيڪ نالا نمايان حيثيت رکن ٿا، جن ۾ منهنجو والد خانبهادر محمد ايوب کهڙو، علامه آءِ.آءِ.قاضي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي، عثمان علي انصاري، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سيد حسام الدين راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو ۽ مولانا غلام محمد گرامي شامل آهن. ان طرح 1946ع ڌاري مهراڻ رسالو جاري ٿيو، جيڪو 1955ع کان وٺي موجوده شڪل صورت ۾ پابنديءَ سان شايع ٿي رهيو آهي ۽ جنهن جي اشاعت کي هاڻي پنجاهه ورهيه پورا ٿيا آهن.

ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ سنڌ جو سمورن عالمن ۽ محققن، اديبن ۽ شاعرن، تعليم دانن ۽ دانشورن جي ادبي دلچسپين جو مرڪز آهي ۽ سنڌ جا اهل قلم ان سان هڪ خاص اُنس رکن ٿا، جنهن جي معياري خدمتن کي سنڌي ادب ۾ ”تاريخي“ حيثيت حاصل آهي.

”مهراڻ“ لاشڪ سنڌي ادب ۾ هڪ نهايت مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ طرف تخليقي جديد ادب جي آبياريءَ ۾ مهراڻ شروع کان وٺي پنهنجو مٽ پاڻ ئي رهندو ٿو اچي ته ٻئي طرف تحقيق ۽ تاريخ جي موضوعن تي ان ۾ سمايل علمي ذخيرو اسان جي نئين نسل جي ذهني تربيت ۽ اُتساهه جو سبب رهندو ٿو اچي. مهراڻ ۾ سنڌ جي تصوف ۽ پاڪيزه روحاني شاعري، قديم آثارن ۽ ثقافت، لوڪ ادب ۽ لغت، تعليم ۽ صحافت جي مختلف پهلوئن تي هميشه معياري مواد پئي شايع ٿيو آهي. ساڳيءَ طرح مهراڻ، سنڌي ڪهاڻي ۽ فـِـڪشن جي مختلف عنوانن تي پڻ هميشه ليکڪن جي وڏي حوصله افزائي پئي ڪئي آهي، ان طرح جديد سنڌي شاعري جي آبياريءَ دوران مهراڻ جي خدمتن کي مرڪزي ۽ اهم حيثيت پئي حاصل رهي آهي.

”مهراڻ“ جي حوالي سان اڄ مون کي جيڪو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ خاص نُڪتو ياد اچي رهيو آهي، سو اهو آهي ته سنڌ جي سمورن اديبن ۽ شاعرن، ليکڪن ۽ ڪهاڻيڪارن، عالمن ۽ محققن، پنهنجي تخليقات ۽ تحقيقات وسيلي، شروع کان وٺي وڏي چاهه ۽ اُتساهه سان مهراڻ سان علمي سهڪار پئي ڪيو آهي ۽ سندن اهي اخلاصمندانه جذبا اڄ به متحرڪ ۽ سرگرم آهن. سنڌي ٻوليءَ جي مانائتن ۽ وڙائتن اديبن جي انهن جوان جذبن ئي مهراڻ کي ڪامياب رکيو آهي ۽ مان سندن انهيءَ قدر لائق علمي ساٿ ۾ خاطري محسوس ڪندي، مهراڻ جي هڪ نهايت ئي تابناڪ ۽ روشن مستقبل جي متمني آهيان.

”مهراڻ“ جي ”گولڊن جُبلي نمبر“ جي اشاعت جي موقعي تي آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن، سيڪريٽري، ايڊيٽر ۽ سمورن ورڪرس کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿي.

 ڊاڪٽر حميده کهڙو

     چيئرپرسن- سنڌي ادبي بورڊ

 

پيغام

 

سنڌي ادبي بورڊ، جيڪو آگسٽ 1940ع ۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان تڏهوڪي وزيرتعليم سائين جي.ايم.سيد جي ڪوشش سان ٺهيو، تنهن جو پهريون چيئرمن سيد ميران محمد شاهه هو ۽ ان جا ميمبر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مولانا دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي ۽ ٻيا هئا. بورڊ طرفان جنوري 1946ع کان جنهن ”مهراڻ“ رسالي جي علمي شروعات ٿي، اهو رسالو اڄ ڏينهن تائين لڳاتار شايع ٿيندو پيو اچي. مهراڻ مخزن کي اوج وٺرائڻ ۾ ورهاڱي کان اڳ جي ايڊيٽرن عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، لالچند امر ڏنيمل جڳتياڻي ۽ هرومل سدارنگاڻي ۽ ورهاڱي کان پوءِ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، آغا تاج محمد ۽ 1955ع ۾ ان کي جديد ڪرڻ ۾ خاص طرح محمد ابراهيم جويي جو وڏو هٿ هو. انهن عالمن جي خدمتن کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي. انهيءَ مهراڻ رسالي جي گولڊن جـُـبليءَ جي موقعي تي گذريل 50 سالن جي چونڊ مواد تي ٻڌل هڪ خاص نمبر شايع ڪيو پيو وڃي، جيڪا هڪ خوش آئنده روايت آهي.

دراصل ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي هڪ سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. گذريل 50 ورهين جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته خاص طرح ورهاڱي کان پوءِ به ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ هن مخزن هر طرح سان پاڻ پتوڙيو آهي. مان هن مخزن کي گذريل چاليهارو  ورهين کان به مٿي واري عرصي تائين پڙهندو پيو اچان. مون کي ياد آهي ته اسان جي گهر ۾ منهنجي مامي مرهيات ميان فقير محمد سيوهاڻيءَ جي لائبريريءَ ۾ مهراڻ جا 1955ع جا اوائلي پرچا سيارو، بهار، اونهارو ۽ سرءُ پيل هوندا هئا، جن کي پهرئين منهنجو وڏو ڀاءُ ممتاز علي قريشي وڏي چاهه سان پڙهندو هو ۽ بعد ۾ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ مون به مهراڻ کي پڙهي سنڌي ادب سان پنهنجو تعلق قائم ڪيو، جيڪو ساٿ اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي.

1970ع واري ڏهاڪي ۾ غلام رباني آگري، سيد اسد الله شاهه حسيني ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ وٽ گاڏي کاتي ۾ واقع ادبي بورڊ جي آفيس ”امين منزل“ ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جتي مولانا صاحب ۽ نفيس احمد ناشاد مهراڻ رسالي کي ترتيب ڏيڻ ۾ مشغول هوندا هئا. ان وقت به مهراڻ ۾ تحقيقي ادب کي وڏي اهميت سان شايع ڪيو ويندو هو ۽ اڄ به اهو سلسلو جاري آهي. ڪيڏو نه سٺو ٿئي جيڪر گذريل 50 سالن اندر مهراڻ مخزن ۾ شايع ٿيل چونڊ ادب ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿئي ته انهيءَ سان اڄ جي نسل کي پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ادب کان واقفيت حاصل ٿي ويندي. اها چونڊ ڪهاڻين، مقالن ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ جدا جدا شايع ٿئي ته وڌيڪ بهتر. اميد اٿم ته ٽِه-ماهي مهراڻ ترقيءَ جي منزل تي اڃا به وڌيڪ وکون کڻندو رهندو. منهنجون دعائون ۽ نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ آهن.

       مدد علي سنڌي

  وائيس چيئرمن

 سنڌي ادبي بورڊ

 

پيغام

 

نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ پنهنجي اشاعت جا پنجاهه ورهيه پورا ڪيا آهن ۽ اُن جو ”گولڊن جُبلي نمبر“ شايع ٿي رهيو آهي. ان خاص نمبر جي اشاعت اميد ته سنڌي ادب لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيندي.

”مهراڻ“ سان منهنجو لاڳاپو ڄڻ پهرئين ئي ڏينهن کان وٺي هلندو ٿو اچي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جڏهن ”سنڌي لغت“ تيار ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن اُن زماني ۾ لغت واري ڪم کي معياري بنائڻ ۽ اُن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مون عثمان علي انصاري صاحب کي هڪ تفصيلي خط لکيو، جيڪو ”مهراڻ” (آڳاٽو دَور) جي ابتدائي پرچي (جنوري 1946ع) ۾ مضمون جي صورت ۾ شايع ٿيو. (اهو خط منهنجي تازو شايع ٿيل ڪتاب ”سڄڻ ساريندي“ ۾ ص 111 تي ڏسي سگهجي ٿو.)

اڳتي هلي 1955ع ۾ جڏهن ”مهراڻ“  موجوده رنگ ڍنگ ۽ شڪل صورت ۾ پڌرو ٿيو ته اُن زماني ۾، بورڊ ۾ اسان سڀ ميمبر ان جي سڌاري واڌاري ۾ گڏ هئاسون، ۽ علمي لحاظ کان اُن کي معياري بنيادن تي قائم ڪرڻ لاءِ رٿائون جوڙيون سون. ان ڪوشش سان خاص طرح مختلف علمي ادبي موضوعن تي ضخيم ۽ جامع تحقيقاتي مقالن لکڻ جي هڪ نئين روايت پيدا ٿي،  جيڪا اڳتي هلي مهراڻ جي بنيادي سڃاڻپ بڻي ۽ اڄ به پنهنجي افاديت سان قائم آهي.

خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو مختلف دَورن ۾، مختلف لاهن چاڙهن ۽ مختلف پاليسين جي باوجود، ٽِه- ماهي مهراڻ ”تحقيق“ جي سلسلي ۾ بهرحال هڪ مضبوط ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. ”تحقيق“ جي لحاظ کان مهراڻ جي تازي شايع ٿيل شماري (بهار 2006ع) کي خاص اهميت حاصل آهي، جو ان ۾ معيار وارا مقالا شايع ٿيل آهن.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ادب جي مثبت، ڀرپور ۽ صحيح خدمت خاطر، منفي روايتن کي پاسيرو رکي، حقيقتن کي برملا بيان ڪريون.

 ”گولڊن  جـُـبلي نمبر“ جي اشاعت جي موقعي تي آءٌ بورڊ جي لائق سيڪريٽري ۽ محنتي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ کي مبارڪ ڏيان ٿو.

 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

علامـہ آءِ.آءِ.قاضي چيئر

سنڌ يونيورسٽي

26- جون 2006ع

 

پيغام

 

مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته ٽـِـه- ماهي ”مهراڻ“ رسالي جو ”گولڊن جـُـبلي نمبر“ شايع ٿي رهيو آهي، جو هن معروف رسالي پنهنجي اشاعت جا پنجاهه ورهيه پورا ڪيا آهن.

”مهراڻ“ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاتل سڃاتل ۽ ڏيهه پرڏيهه ۾ مڃيل ادبي رسالو آهي. مون کي اُن جي ذاتي سانڀر به آهي، جو منهنجي يونيورسٽي تعليم دوران هڪ طرف ”مهراڻ“ رسالي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هاڪ هوندي هئي ته ٻئي طرف ان جي ايڊيٽر، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب ۽ دانشور مولانا گرامي صاحب جي علمي حلقن ۾ وڏو ڌاڪو هوندو هو.

”مهراڻ“ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان گڏ سنڌ جي ”تعليم“ جي به خوب خدمت ڪئي آهي. بنگال جي نامياري اديب ۽ شاعر ڪوي جسيم الدين جو قول آهي ته ”اسان اديبن جو ڪم اُتان شروع ٿئي ٿو، جتي يونيورسٽين جو ڪم ختم ٿئي ٿو.“ لاشڪ، مهراڻ کي ان سلسلي ۾ پوري اعتماد سان ڳڻي سگهجي ٿو، جو مهراڻ پنهنجي ”انتهائي معياري مواد“ سان پنجاهه ورهين کان وٺي سنڌ جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تدريسي ادارن ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪندو اچي ٿو. اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ زماني کان وٺي ”مهراڻ“ وسيلي سنڌي شعبي جي شاگردن خوب علمي لاڀ حاصل ڪيو آهي. مون کي ڪامل يقين آهي ته مستقبل ۾ پڻ مهراڻ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن سان عظمت جي بلندين کي ڇهندو رهندو.

ٻئي طرف مون کي اها به خوشي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا متعدد معزز محقق ۽ عالم ۽ اديب پنهنجي تحقيقات وسيلي مهراڻ سان علمي سهڪار ڪندا اچن ٿا. اهڙن عالمن مان اسان جو فاضل دانشور ۽ محترم استاد پروفيسر اميريٽس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سرفهرست آهي، جنهن جا قيمتي مقالا مون مهراڻ ۾ پڙهيا آهن. ان طرح ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، شوڪت حسين شورو، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، ڊاڪٽر قمرجهان مرزا، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، آزاد قاضي ۽ ٻيا اڄ به مهراڻ سان ادبي ساٿ نڀائي رهيا آهن.

مهراڻ گولڊن جـُـبلي نمبر جي اشاعت جي موقعي تي آءٌ بورڊ جي انتظاميا، ايڊيٽر مهراڻ مسٽر نفيس احمد شيخ ۽ سمورن ڪارڪنن کي مبارڪباد پيش ٿو ڪريان.

 

مظهرالحق صديقي

وائيس چانسيلر،

سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو

 

 

”مهراڻ“- ذهني ترقيءَ ۾ حصيدار

 

مهراڻ رسالي جي معيار ۽ اعليٰ علمي سطح کي ڏسندي ڪير اعتبار ڪندو ته آءٌ اهو پنهنجي ڪافي ننڍيءَ عمر کان وٺي پڙهندي پيئي اچان، ڇو ته بابا، ادا سراج، ادا عبدالحق، انعام سڀئي پڙهڻ جا شوقين هئا ۽ سنڌ ۽ هند مان ڇپجندڙ سڀ رسالا اسان وٽ ايندا هئا. انهن مان سنڌيءَ جو ”مهراڻ“ ۽ اردو ۾ نياز فتح پوريءَ جو ”نگار“ خاص طور اسان جي ذهني ترقيءَ ۾ حصيدار ٿيا. ”مهراڻ“ ”نگار“ ۽ ”نقوش“ جي معيار کان به مٿڀرو رسالو هوندو هو. مهراڻ ۾ ڇپجندڙ شاعري، افسانا ۽ تحقيقي مقالا اسان ۾ اهو ادبي شعور پيدا ڪري سگهيا، جنهن اڳتي هلي اسان جي گهر مان هڪ کان وڌيڪ ليکڪ پيدا ڪيا. سائين محمد ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، امداد حسيني ۽ نفيس احمد ناشاد- هڪ کان هڪ اعليٰ پايي جو ايڊيٽر ان کي مليو.

شاعريءَ جو پهريون پنو شيخ اياز کان شروع ٿيندو هو ۽ آخري پني تائين هرهڪ شاعر پنهنجو مَٽ پاڻ هوندو هو. مضمون ۽ مقالا اهڙا جو اسان پاڻ ته ايم.اي جي تياريءَ لاءِ اُهي پڙهيا، پر پنهنجن شاگردن کي به اُهي پڙهڻ لاءِ چوندا آهيون. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به اُن جو معيار قائم ۽  بلند آهي. مهراڻ جي ذريعي اسان کي مولانا گراميءَ جو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جهڙو بهترين مقالو مليو ته سائين محمد ابراهيم جويي جي پرمغز ايڊيٽوريلس ۽ ٻين ليکن سان اسان جي ذهني تربيت ٿي. ادا سراج خوشنصيب آهي جو کيس اوائل ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ مهراڻ جي ذريعي اهڙو ماحول ۽ اهڙا دوست مليا، جن سندس ذهني تربيت ڪئي ۽ اسان وري سندس دوستن جي لکيتن مان اهڙو شعور حاصل ڪيو. اميد ته آئيندي به اها روايت قائم رهندي ايندي.

 ڊاڪٽر فهميده حسين

ميمبر- بورڊ آف گورنرس

سنڌي ادبي بورڊ

 

لکڻ  وارا  تاريخ  لکندا  رهيا

 

”مهراڻ“ سان جيءَ- جڙيون اٿم. پوءِ  موج ڀريو مهراڻ هجي (جيڪو منهنجي ڳوٺ ٽکڙ وٽان وهندو آهي، جنهن جي سون- ورن پاڻيءَ ۾ تڙڳيو آهيان ۽ جنهن جا سانوڻ سياري سهس روپ پـَـسيا اٿم) يا سنڌي ادبي بورڊ جو ٽه- ماهي  ”مهراڻ“. اُن  سان منهنجو پهريون ناتو پڙهندڙ وارو آهي، تڏهن کان جڏهن کان پڙهڻ جي چوس پئي- اهو ناتو اڄ به قائم آهي. ان کان پوءِ لکندڙ وارو ناتو آهي مهراڻ سان، جو ڪڏهن ڇنو به ته اُميري پائي جوڙيندو رهيو آهيان.  ”مهراڻ“ سان ٽيون ناتو ايڊيٽر وارو آهي. اها ذميواري پهرين مون کي 1976ع ۾ ڏني وئي، جيڪا مون ٻه سال کن نڀائي. 1992ع ۾ مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ  جي ذميواري ڏني وئي، تڏهن ”مهراڻ“ به هڪ سال سنڀاليم. مارچ 2004ع ۾ مهراڻ، سرتيون ۽ گل ڦل جي نگرانيءَ لاءِ  چيف ايڊيٽريءَ جي آڇ ٿي، اها قبوليم ۽ مهراڻ- بهار 2006ع تائين اها ذميواري نڀايم. پوءِ هڪ صورتحال پيدا ڪري، مون کي ان ذميواريءَ کان آجو ڪيو ويو، جڏهن ته اُن وقت به ”مهراڻ“ گولڊن جـُـبلي نمبر  تياريءَ هيٺ هو ۽ اُن ۾ منهنجي محنت به شامل آهي. مهراڻ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ مونو ٽائيپ ۽ پوءِ ڪمپيوٽر تي ڇپجندو رهيو. مونو ٽائيپ تي اکر اکر ڪري ڪمپوز ڪبو آهي، جيئن پکي داڻو داڻو ڪري چڳندا آهن. 1955ع کان پوءِ جڏهن مهراڻ جو نئين سجاڳيءَ وارو دور شروع ٿيو، تڏهن اُهو اُنهن ڪمپازيٽرن جي پورهيت هٿن جو ڪرشمو آهي، جو مهراڻ ۾ ڇپائيءَ جي سونهن به سوائي آهي. 1992ع ۾ جڏهن لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ جي بحر/ڇند جي حوالي سان الياس عشقيءَ جو ليک مهراڻ ۾ ڇپيو، ۽ ڪمپيوٽر اعرابن ۽ ڇند جي ماترائن جي اهڃاڻن ڏيڻ ۾ اَسڦل رهيو، تڏهن مونو ٽائيپ ان ڏس ۾ ڪم آئي. مهراڻ ۾ ٻوليءَ جي صحت جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، خاص طور صورتخطيءَ تي. ڪهڙا لفظ گڏي، ڪهڙا ڌار لکڻا آهن، اُن تي به ڌيان ڏنو ويندو آهي.

مهراڻ تي ڏکيا ڏينهن به آيا. ڪڏهن ان مان خطن جو، ته ڪڏهن تخليقي ادب (شاعري/ڪهاڻي) جو ڀاڱو خارج ڪيو ويو. مهراڻ ۾ ڇپجندڙ مواد جو لفظ لفظ ڌيان سان پڙهجي ٿو. گهربل درستيون ڪجن ٿيون. پروف ڌيان سان ڏٺا وڃن ٿا. ريسرچ به ڪجي ٿي. ان ڏس ۾ ’ناشاد‘ ڏاڍو چيڙهو آهي. ٿورڙي به شڪي داخلا هوندي ته پڪ اَوس ڪندو.  هو مهراڻ جي گهمندي گهتندي تاريخ آهي. اداري پاران روبرو، فون ۽ خط پٽ وسيلي اديبن سان مسلسل رابطو رکيو وڃي ٿو.

ايڊيٽنگ جو ڪم ڏکيو آهي ۽ خاص ڪري مهراڻ جهڙي وڏي رسالي جي ايڊيٽنگ جو ڪم. ان لاءِ ڄاڻ ۽ اُٿاهه محنت لازمي آهي. جوڳين سهوليتن جو هجڻ لازمي آهي. پنهنجي دَور ۾ اختلاف راءِ کي اهميت ڏنم، جيڪا علمي بحث لاءِ ضروري آهي. ائين تنقيدي ادب جي کوٽ جو پورائو ٿي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ ڪڏهن ڪڏهن گهڻو ڪجهه ٻُڌڻو ۽ سـَـهڻو به پوي ٿو. پر اهو ياد رکڻ کپي ته لکندڙ کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ نقاد کي پنهنجو- ۽ ٽي.ايس. ايليٽ چواڻي ”تنقيد ساهه کڻڻ جيان اڻٽر آهي.“ تنقيد ڪنهن به لکڻيءَ جي مـُـلهه- ڪٿ آهي، ان سان لکندڙ کي اُتساهه ملي ٿو.

ٽه-ماهي مهراڻ هڪ وڏو ۽ اهم ۽ هر ٽهيءَ/مڪتبئه فڪر جو  رسالو آهي. بيشڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ علمي، ادبي ۽ ثقافتي دستاويز آهي. ان ۾ مواد خالص ”معيارءِ جي بنياد تي ڇپجي ٿو. ”مهراڻءِ جا لکندڙ توڙي پڙهندڙ سنڌ، هند، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ موجود آهن. مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ جهڙي عظيم علمي ادبي اداري ۾ هڪ ٻيو ادارو آهي. مهراڻ سنڌ جي اتهاس جو هڪ فخر لائق حصو آهي- ۽ اهو سڀڪجهه انهن عظيم شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ عالمن جي سهڪار سان ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي، جن پنهنجي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت کي بچائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ، نور نچوئي، پنهنجين اَملهه ۽ اَمر لکڻين سان هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي:                      

 امداد حسيني

ميمبر- بورڊ آف گورنرس

سنڌي ادبي بورڊ

 

”مهراڻ“-  نون  ليکڪن  کي  اڳيان  آڻڻ  لاءِ ڪردار!

ٽماهي ”مهراڻ“ سنڌي ادب جي اُفق تي ان وقت نمودار ٿيو جڏهن ورهاڱي سبب ادب تي جمود طاري ٿي چڪو هو. ”مهراڻ“ نه رڳو ان جمود کي ٽوڙيو، پر ليکڪن جي هڪ اهڙي نئين نسل کي متعارف ڪرايو جنهن اڳتي هلي شاعريءَ ۾، افسانن ۾ ۽ تحقيقي مقالن لکڻ ۾ وڏو نالو ڪڍيو. محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، پير حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي ۽ شمشيرالحيدري جهڙن نامور عالمن ۽ اديبن مختلف وقتن تي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽرن ۽ معاون ايڊيٽرن جا فرض بخوبي ادا ڪري ان کي وڏي اوج تي رسايو. بلاشڪ اهو ”مهراڻ“ جو سونهري دور هو جنهن ۾ اسان جي سنڌو دريا واري موج مستي ڀريل هئي. جيتوڻيڪ مختلف ايڊيٽرن جا مختلف دور هئا، پر سڀني معيار جي تسلسل کي قائم رکيو ۽ ائين ڄڻ ته وڏي عرصي تائين مهراڻ جو معيار جي لحاظ کان هڪ ئي دور هلندو رهيو.

مهراڻ۾ ڇپيل مواد- شاعري، افسانن ۽ تحقيقي مقالن کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل آهي. سنڌي زبان ۾ جديد ادب کي فروغ ڏيڻ ۽ نون ليکڪن کي اڳيان آڻڻ ۾ ”مهراڻ“ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ”مهراڻ“ جي هڪ وڏي دين اها به آهي ته ان جي وسيلي هن دور جي عظيم شاعر شيخ اياز کي پڙهندڙن وٽان مڃتا ملي ۽ مهانتا حاصل ٿي.

سنڌي زبان ۽ ادب جي لاءِ ”مهراڻ“ جي ڪيل خدمتن کي تاريخي حيثيت حاصل آهي، پر بدنصيبيءَ سان ”مهراڻ“ جي ان تاريخي ڪردار کي تڏهن ڌڌڪو رسيو، جڏهن ان کي هڪڙي مخصوص دور ۾ حزب اقتدار جي سياستدانن ۽ وڏن عهدن تي ويٺل ڪامورن جي خوشامد ڪرڻ جو ذريعو بنايو ويو. ”مهراڻ“ جهڙي اعليٰ ادبي قدرن رکڻ واري رسالي ۾ اقتدار ۾ آيل واڳ ڌڻين جا رنگين (فل پيج تي) فوٽا شايع ڪيا ويا ۽ سندن شان ۾ خوشامدي نوٽ لکيا ويا، ڄڻ ته ”مهراڻ“ اطلاعات کاتي جو ڪو پبلسٽي وارو رسالو هو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ”مهراڻ” جي خالص ادبي، علمي ۽ تحقيقي حيثيت کي هر صورت ۾ قائم رکيو وڃي ۽ ان جي معيار کي اوچو رکڻ ۾ ڪنهن به قسم جي مصلحت پسنديءَ کي رڪاوٽ بنجڻ نه ڏنو وڃي.

 شوڪت حسين شورو

ميمبر- بورڊ آف گورنرس

سنڌي ادبي بورڊ

 

”مهراڻ“- ذهنن جي آبياري

رڪارڊ تي آيل دنيا جي پهرئين نقاد لونجائنس پنهنجي شاگرد ٽيرين ٽياس کي لکيو هو ته ”دنيا ۾ ڀلي ڀاڳ جي ڀيٽ ٻي ڪنهن به شيءِ سان نه ٿي ڪري سگهجي. ان کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان ڪارائتي شيءِ  سٺو مشورو آهي.“

ان آڳاٽي پر اڄ به نئين نڪوري ڳالهه سان اتفاق ڪندي مان پاڻ کي خوشنصيب تصور ٿو ڪريان، جو مون کي ان ”مهراڻ“ ۾ ٻه اکر لکڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن جي سـِـٽن جي سوڙهين گهٽين ۾ گهمندڙ هڪ ٻار، اڄ اُن اداري جي آفيس ۾ هي ڪجهه لفظ لکي رهيو آهي، جنهن آفيس مان اُهي ڪتاب ۽ رسالا شايع ٿيندا هئا، جيڪي پنهنجي جهلڪ ۾ ٽامي جي ڪلاسيڪل زيورن جهڙو ڏيک ڏيندا هئا- جن جي پويان خيالن جو خوبصورت جادونگر هو! ۽ اڄ سنڌي ادبي بورڊ جي ايڊيٽر ”مهراڻ“ محترم نفيس احمد ناشاد جي اصرار تي ”مهراڻ“ جي گولڊن جـُـبلي نمبر جي لاءِ پنهنجي پاران هڪ رسمي نوٽ لکڻ ويٺو آهيان ته ادب جي حوالي سان هن اونداهي دور ۾ مون کي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو تمام گهڻو ياد اچي رهيو آهي، جنهن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ سال اڳ ان رسالي جو نالو ”مهراڻ“ تجويز ڪيو، جيڪو رسالو سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه، عثمان علي انصاريءَ، لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ، مولانا دين محمد وفائيءَ، هرومل سدارنگاڻيءَ ۽ علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ جهڙن پنهنجي دَور جي روشن ستارن جي کـُـليل اکين ۾ هڪ چانڊوڪيءَ جي خواب جهڙو هو! منهنجي خيال ۾ ”مهراڻ“ جو نالو اُن جي مقصد جو امين آهي. اياز لکيو آهي:

آ چوڌاري ”مهراڻ“ مـَـتو، جنهن جو نه پـَـهي، جنهن جو نه پـَـتو،

هـــي روح جزيرو حيرت جـــو، تنهـن منجهه سمايـــو آ، پيارا!

تيئن اسان جي بزرگن فن ۽ فڪر جي حوالي سان شعور جي ”مهراڻ“ کي ايترو مچائڻ ٿي چاهيو ته جيئن سنڌ جو روح اُن ۾ حيرت جي جزيري وانگر سمائجي وڃي.

هيءَ ڳالهه ڀلي ادبي بورڊ جي رڪارڊ/منٽس ۾ نه به هجي، پر مون کي يقين آهي ته ڪنهن شام لڙيءَ جو اسان جي مٿين بزرگن پنهنجن دلي دوستن سان ڪچهري ڪندي ”مهراڻ“ جي باري ۾ اهي لفظ ضرور اُچاريا هوندا ته ”جهڙيءَ طرح اسان جي سنڌوندي، اسان جو مهراڻ، سنڌ جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح اسان جو ”ادبي“ مهراڻ سنڌ جي ذهنن کي سيراب ڪندو.“

اسان ان تي ٻي ڪا راءِ نه  ٿا رکي سگهون ته اسان جو لهرون لهرون ”مهراڻ“ اسان جي ڌرتيءَ جي تريءَ تي ڀاڳ جي ريکا آهي، پر اُن کان پوءِ اسان جو لفظن سان ڇلڪندڙ ”مهراڻ“ لونجائنس  مطابق بيحد اهم ۽ ڪارائتن مشورن جي کاڻ آهي. سو، منهنجيءَ نظر ۾ ”مهراڻ“ جي اڌ صديءَ جو سفر به اسان جي اُن سنڌوءَ جو سفر آهي، جنهن جي باري ۾ جهوني پستڪ رگويد ۾ اهي ٻول آيل آهن: ”اي سنڌو! تنهنجا اُرهه سوئا گانءِ وانگر ڀريل آهن.“ جنهن نه رڳو سـُـڪا پـَـٽ ساوا ڪيا، پر اُن جي وِيرن ۾ ڪيتريون ئي آسائتيون به وهي ويون.

سنڌوءَ جو سفر هماليا کان سمنڊ تائين جو سفر آهي. اها افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي سنڌوءَ جي صدين جو سفر ”مهراڻ” جي اڌ صديءَ جي سفر جي علامت بڻجي ويو آهي. اڄ جڏهن آسمان جا بادل مهربان ٿيا آهن ته ”سنڌو” سون ورن جهلڪ سان وهي رهيو آهي، نه ته اُن جي سيني تي سواءِ اُڏرندڙ خشڪ واريءَ جي ٻيو ڪجهه نه هو. ۽ اُن ۾ موسمن جي مرضيءَ جي عمل دخل سان گڏ ڪي سازشون به سوڪهڙي جو سبب بنجي رهيون هيون!

پر مان مجموعي طور تي ان راءِ جو آهيان، ته ”مهراڻ“ آئينو آهي اِن حقيقت جي عڪس جو، ته سنڌ ۾ تخليقي ۽ تحقيقي چشما سـُـڪي رهيا آهن،  جن کي روان دوان ڪرڻ جي وڏي ضرورت آهي.

هڪ سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان نه، پر صرف هڪ پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي حيثيت ۾ مان سمجهان ٿو ته اسان کي زمانوي مصروفيتن ۽ ذاتي مفادن جا بند ٽوڙي ”مهراڻ” کي اڃا به مچائڻ گهرجي. ڇو ته منهنجو يقين آهي ته هي ٻئي ”مهراڻ” پنهنجي وسيع تناظر ۾ هڪ ٻئي سان ذهن ۽ ضمير وانگر مشروط آهن.

اعجاز احمد منگي

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com