سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :17

ايم. ايڇ. پنهور

سنڌ جي سرحدن جي مقرري

(ڪنهن به خطي جي سرحدن جي ڄاڻ، جاگرافيائي تاريخ جو هڪ اهم پهلو هجي ٿو. ان ريت سرحدي حدبندين جي مطالعي کان سواءِ خود تاريخ جو اڀياس به اڻپورو رهجي وڃي ٿو. سنڌ جي سرحدن جي مقرريءَ بابت، جناب ايم. ايڇ. پنهور جو هيءُ انگريزي مقالو رسالي ”سنڌالاجيڪل اسٽڊيز“ جي سال 1989ع جي اونهاري واري پرچي ۾ ڇپيو آهي.)

*   *   *   *

ابتدا ۾ جڏهن ته ڪي به نقشا نه هئا، ماپن ڪرڻ جا اوزار به نه هئا، ۽ نه وري سرحدن کي نروار ڪري پٿر هڻبا هئا، تڏهن سنڌ جي سرحدن تي هميشـہ تڪرار رهندا هئا. ان نوعيت جا مامرا طاقت جي زور تي نبيريا ويندا هئا. اڻويهين صديءَ جي شروع ۾ بهاولپور جي حاڪمن ۽ راجسٿان جي راجائن جو سنڌ جي ٽالپر حاڪمن سان، سرحد تي تڪرار هلندڙ هو. راجسٿان ۽ بهاولپور جي رياستن، ترتيب وار سال 1815ع ۽ سال 1820ع ۾ برطانوي بالادستي قبول ڪئي هئي. انگريزن کي مذڪوره سرحدي تڪرار جي ڀرپور ڄاڻ هئي، جنهن کي پاڻ جلد کان جلد نبيرڻ گهريائون ٿي. کين اهڙو موقعو 1843ع ۾ سنڌ جي فتح ڪرڻ سان ملي ويو، ڇو ته هاڻي انگريز فيصله ڪن پوزيشن ۾ اچي ويا هئا. انهن هيءُ مسئلو هن ريت حل ڪيو:

بهاولپور ۽ راجسٿان جي سرحد:

مير علي مراد جي حدن مان بهاولپور جي حاڪم کي ڀنگ ڀاڙه ۽ سبزل ڪوٽ ڏنا ويا، جڏهن ته جيسلمير جي راجا کي شاهه ڳڙهه ۽ گهوٽارو ڏنا ويا. ان کان علاوه اٻاوڙي تعلقي مان فتح پور، دولت پور ۽ کنڀ پڻ بهاولپور جي رياست ڏي منتقل ڪيا ويا. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ٻه دلچسپ نقشا ڏنا آهن، جي سال 1839ع ۽ سال 1845ع جي سرحدن جي نشاندهي ڪن ٿا. پر اصل ۾ هي نقشا سال 1932ع جي هڪ نقشي ۾ ٿوري تبديليءَ سان تيار ڪيا ويا آهن. لئمبرڪ هي نقشا ”سر چارلس نيپئر ائنڊ سنڌ” نالي ڪتاب ۾ڏنا آهن. هيءُ ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 1952ع ۾ شايع ڪيو هو. ٻنهي نقشن جا عنوان هن ريت رکيا ويا آهن:

(1) Upper Sindh, Kachhi and parts adjoining in 1839.

(2) Sindh in 1845.

 سنڌ جي اوڀارئين سرحد 1845ع ۾ مقرر ٿي، پر مفصل نقشا 1862ع ۽ 1874ع ڌاري موجود ڪيا ويا.

ٿرپارڪر ضلعي سان راجسٿان جي سرحد ۽ بلوچستان سان حدبندي:

بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر شعبي جي ليفٽيننٽ ڪرنل نيل ڪيمپ بيل جو تيار ڪيل سنڌ جو نقشو سال 1850ع ۾ شايع ڪيو ويو. هيءُ نقشو '' 54 x '' 60 (انچ)  سائيز جو هو ۽ هڪ ميل لاءِ اٺن انچن جي ماپ تي مشتمل هو. ان جي هڪ ڪاپي انڊيا آفيس (I.O.No.LV) لائبريري لنڊن ۾ موجود آهي. هيءُ نقشو پهريون ڀيرو آر. هيوز ٿامس جي ڪتاب: ”ميمائرز آن سنڌ“ ۾ شامل ڪيو ويو. مذڪوره ڪتاب سال 1855ع ۾ بمبئيءَ مان ٻن جلدن ۾ ڇپيو هو. هن ڪتاب جو 1979ع ۾ ڪراچيءَ مان به هڪ ڇاپو نڪتو آهي، ليڪن ان ۾ هيءُ نقشو شامل ڪونهي. نقشو اڻ چٽو آهي. مون وڏي محنت سان ان کي نئون ڪري، هر هڪ چيز کي پنهنجيءَ جاءِ تي رکي، جاگرافيائي ماڳن جي نالن کي اصلي هـِـجي (Spellings) سان نروار ڪيو آهي (هيءُ نقشو پنهور صاحب وٽ موجود آهي). هن نقشي ۾ سنڌ جي سرحدن جي مقرريءَ بابت ڪي مکيه ڳالهيون هي آهن:

رڻ ڪڇ واري سرحد ڪيپٽن اليگزينڊر برنس جي ڪيل سروي موجب (1825ع کان 1828ع تائين) ڏيکاريل آهي، جنهن کي 1829ع ۾ نقشي جي شڪل ۾ آندو ويو هو. ليڪن ڪئارٽر ماسٽر هن سرحد جي منظوري نه ڏني هئي. ٻاڙميڙ ضلعي سان سنڌ جي اوڀارين سرحد، ڏکڻ ۾ ننگر پارڪر تعلقي جي هالا ڳوٺ ۽ ٻاڙميڙ جي ڳوٺ گواريو کان وٺي خيرپور ضلعي سان موجوده سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ڪوملالاٿور تائين اتر ۾، مير علي مراد جي علائقائي سرحد تائين ڏيکاريل آهي.

1855ع جو نقشو قلات ۽ لس ٻيلي سان سنڌ جي اولاهين سرحد، هاڻوڪي شهر خيرپور ناٿن شاهه جي اٽڪل روءِ اولهه ۾، جيڪو تڏهن ڪراچي ضلعي جي حدن اندر هو ۽ ڏکڻ اولهه ۾ حب نديءَ تي ڳوٺ جهنگ ڪنڊ تائين، جيڪو تعلقي ٿاڻي بولاخان ۾ هو- پنهنجي حد ڏيکاري ٿو. هن نقشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي حدبندي، حب نديءَ جي وچ تي ٿيڻي هئي، جيڪا هڪ دائمي ندي آهي.

جيڪب آباد ضلعي سان اترين سرحد:

اپر سنڌ فرنٽيئر جي پوليٽيڪل سپرنٽنڊنٽ ۽ ڪمانڊر ميجر جان جيڪب، بمبئي سرڪار کي 2- نومبر 1854ع تي هڪ رپورٽ موڪلي، اتر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن وٽ آباد قبيلن جي فهرست رواني ڪئي هئي. هن رپورٽ سان گڏ هڪ نقشو به آهي، جنهن ۾ جيڪب آباد ضلعي سان سنڌ جي اترين سرحد: قلات، پنجاب ۽ بلوچستان سان ڏيکاريل آهي (1) سرحد موجوده سرحد جو ڏيک ڏئي ٿي. پر جڏهن ان وقت جي ماڳن جي مفاصلي کي ماپجي ٿو، تڏهن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اها حقيقي ماپن بجاءِ زور زبردستيءَ سان طئه ڪئي وئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته سرحد مقرر ڪئي وئي هجي، پر نقشا درست ماپ ذريعي نه ٺاهيا ويا هجن.

انگريزن شڪارپور ۽ جيڪب آباد (خان ڳڙهه) جا علائقا سال 1839ع ۾ والاريا هئا، جڏهن انڊس آرمي افغانستان ڏي رواني ٿي هئي. هيءُ قبضو سال 1843ع تائين جاري رهيو، جڏهن سنڌ کي به فتح ڪري گورنر جنرل جي حوالي ڪيو ويو.

جان جيڪب سال 1848ع ۾ سرحد کي مقرر ڪيو ۽ سنڌ هارس چيڪ پوسٽون: شهدادپور، ڳڙهي خيرو جمالي، روجهاڻ، دل مراد، ڳڙهي حسن، تنگواڻي، ڪمري ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ مقرر ڪيون ويون، جن جو انتظام جان جيڪب وٽ خان ڳڙهه (جيڪب آباد) ۾هو. هي چيڪ پوسٽون ٻروچن تي نگاهه رکڻ لاءِ قائم ٿيون، جي سنڌ جي ڳوٺن تي حملا ڪندا رهندا هئا. لئمبرڪ جي ڪتاب (جان جيڪب آف جيڪب آباد) ذريعي تصديق ٿئي ٿي ته هي پوسٽون سرحد کان ڪجهه ميل پري هيون. خان قلات يا ٻروچ قبيلن سان ٺاهه ڪرڻ کان سواءِ هي سرحد زوريءَ مقرر ڪئي وئي هئي. ان جو مقصد آباد ڳوٺن جو تحفظ ڪرڻ هو ۽ هيءُ ڪم  مناسب طرح سان ٿي ويو. مٿي ذڪر ڪيل جايون يا ماڳ لئمبرڪ هڪ نقشي ۾ ڏيکاريا آهن. هن نقشي جو عنوان هن ريت آهي:

Upper Sindh, Kachhi and adjoining Countries 1839- 1858.

هيءُ نقشو ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“ ڪتاب ۾ ڏنل آهي، بهرحال استعمال  ڪيل نقشو گهڻو پوءِ جي دور جو لڳي ٿو ۽ بلڪل انهن نقشن جهڙو لڳي ٿو، جيڪي ويهين صديءَ جي شروع ۾ ڪتب ايندا هئا(1) .

ڪڇ سان سرحد:

سال 1851ع ۾ بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر جنرل
20''x13'' (انچ) جي چئن ڪاغذن (Sheets) تي حيدرآباد ضلعي جو هڪ نقشو جاري ڪيو، جنهن ۾ هڪ انچ برابر ٻه ميل ڏيکاريل آهن. هيءُ اصل ۾ مختلف رستن جي ماپن بابت چيف انجنيئر جي ماپ تي مشتمل هڪ نقشو هو. هن ۾ رڻ ڪڇ سان سنڌ جي ڏاکڻين سرحد ڏيکاريل آهي پر معتبر ڪانهي. ٽالپرن جي دور ۾ ”سنڌڙي“، ڪڇ سان سنڌ جو هڪ سرحدي شهر هو. اهو 1891ع جي زلزلي سبب رڻ ڪڇ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو. سرحد نقشي ۾ سنڌڙيءَ جي اتر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي ڏيکاريل آهي، جا ٽالپرن جي دور ۾ ڪسٽم چيڪ پوسٽ هئي.


(1) نقشو: ”ميمائرس آن سنڌ“ ص 125 جي سامهون ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب ٻن جلدن ۾ بمبئي سرڪار 1855ع ۾ ڇپيو هو. تازو ڪراچي مان ٻن جلدن ۾ ڇپيو آهي. (1979ع). هيءُ نقشو اسسٽنٽ ڪمشنر پي.ايڇ.ايلس جو نقل ڪيل ۽ دستخط ڪيل آهي.

(1) ايڇ.ٽي.لئمبرڪ: ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“ ص 157- 158.

هيءُ نقشو ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ به آهي، جو آڪسفورڊ يونيورسٽي 1975ع ۾ ڇپيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com