سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :40

ڊاڪٽر گل حسن لغاري

”مهراڻ“- تحقيقي ادب جو مثالي خزانو

 

ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ جي پنجاهه سالن جو سفر، سنڌي ٻولي، تاريخ، ثقافت ۽ تحقيقي ادب جو هڪ روشن مثال آهي ۽ انهيءَ دوران جيڪي تخليقون، شعر، ادب، ٻوليءَ، تاريخ ۽ ثقافت متعلق شايع ٿينديون رهيون آهن، سي تحقيقي لحاظ کان هڪ مثالي خزانو آهن ۽ جيڪو به مواد شايع پئي ٿيو آهي، اهو سنجيده، شسته و شايسته، معياري ۽ قابل تعريف آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شناس هجي، تاريخي تجزيا هجن، ثقافتي ۽ فرهنگي ناتا هجن، ادب يا تاريخ ۾ تحقيق هجي- اهي سڀ موضوع ”مهراڻ“ جي گذريل اشاعتن ۾ نمايان طور ملن ٿا. اهڙيءَ ريت ”مهراڻ“ پنهنجي شروعاتي معيار کي هميشه برقرار رکيو آهي. ضروري ۽ اهم نمبر به شايع ٿيندا پئي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.

”مهراڻ“ جو مشهور ۽ مقبول ”سوانح نمبر“ 1957ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 128 سوانح عمريون شامل آهن ۽ انهن جا عنوان هن ريت آهن: علما ِّ و فضلاء، بغاوت جا باني ۽ علمبردار، قومي خادم ۽ سياسي رهنما، درويش ۽ فقرا ِّ، اديب ۽ شعرا ِّ، سگهڙ ۽ سياڻا ۽ ٻيا شامل آهن. هيءُ سوانح عمرين وارو نمبر اڄ به محققن ۽ علم جي جستجو ڪندڙن جي لاءِ وڏي رهنمائيءَ جو باعث آهي. انهيءَ کان علاوه ٻيا به خاص نمبر ۽ اشاعتون، علم ۽ ادب، تاريخ ۽ تحقيق جي لاءِ توجهه جي لائق آهن، جيئن ته:

*- ڏهه ساله نمبر-  1 ۽ 2 سال 1965ع

*- شاعر نمبر- 1969ع

*- قائداعظم نمبر- 3 سال 1976ع

*- گرامي نمبر- 4 سال 1976ع

*- علامه اقبال نمبر- 3 ۽ 4- سال 1977ع

*- سيرت نمبر- 1980ع

*- فهرست نمبر- (مهراڻ ۾ ڇپيل مواد جو تفصيل 1955ع کان 1980ع تائين) 1/1984ع

*- سنڌي ادب سيمينار نمبر- 2/1984ع

*- رني ڪوٽ نمبر 3- سال 1984ع.

*- مقالا نمبر-4 سال 1984ع

*- تحريڪ آزادي نمبر، 1 ۽ 2- سال 1985ع

*- لوڪ ادب نمبر-4 سال 1991ع

*- سيد حسام الدين راشدي نمبر 1983ع ۽ بعد ۾ 1997ع

* - شيخ اياز نمبر 1-2 سال 1998ع

*- تنوير عباسي نمبر 1 ۽ 2، 2000ع

*- مرزا قليچ بيگ نمبر-4 سال 2003ع

1973ع ۾ حيدرآباد ۾ ”بين الاقوامي ڪتابي سال“ جو جشن ملهايو ويو ۽ ڪتابن جي نمائش ۽ سنڌي ڪتابن جي مسئلن تي مذاڪرو ٿيو. ان جو احوال نمبر شماري 1 ۽ 2 ۾ ص 197 کان ص 214 تائين ڏنو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه، هن ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو مقالو ”سنڌ تي تحقيق جا مسئلا“ به شامل آهي. غلام محمد گراميءَ جو مقالو ”ڪتاب ۽ سنڌ“ (ص 227 کان ص 244 تائين) تحقيقي ۽ فڪرانگيز مقالو آهي. مولانا گرامي صاحب ص 233 تي- ”سنڌ جي لاءِ عربن جو اعتراف“ بابت تحقيق سان چئي ٿو ته ابن ابي صبيعه لکيو آهي ته:

”ابن عدي چوي ٿو ته سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت تي وڏو ذخيرو موجود آهي. مون کي معلوم آهي ته يونان ۾ اهو سارو ذخيرو سنڌ مان ويو.“

انهيءَ ساڳئي مقالي ۾ مولانا گرامي ”سنڌ، علم ۽ دانش جو مرڪز“ جي عنوان سان وڌيڪ تحقيق سان، سنڌ جي علم ۽ دانش بابت بحث ڪيو آهي. ڊاڪٽر قاضي محمد علي جو مقالو ”ڪتبخانن جي اهميت“ تي آهي، جيڪو علم ۽ فڪر جي نشاندهي ڪري ٿو.

”مهراڻ“ جي ترقيءَ ۾ گرامي صاحب جي شخصيت ۽ سندس عالمانه ڪوششون نمايان رهيون آهن. هن جي فڪر ۽ دانش جي پروڙ سندس تحريرن مان جهلڪي ٿي. ساڳئي وقت هن جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها هئي جو فقيرانه ۽ ٻاجهاري انداز ۾ نوان نوان لکندڙ پيدا ڪندو رهيو ۽ لکڻ لاءِ اُتساهه پيدا ڪرڻ ۾ کيس خاص ڏانءُ هو. جيئن ته پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو عالم هو، انڪري سندس ڪوشش هئي ته سنڌي ادب ۽ ثقافت کي ”مهراڻ“ ۾ ڀرپور انداز ۾ سموهجي. سندس فڪر ۽ دانش ۾ قيد ۽ بند نه هو. هو انساني اخلاقي اقدار ۽ انسانيت جي حرمت تي حرف اچڻ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو هو. خوددار، بيباڪ ۽ ادبي لحاظ کان نهايت قدآور شخصيت جو مالڪ هو، پر نهٺائي ۽ رواداريءَ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. سندس مطالعي جي وسعت ۽ فڪر جي اونهائي وحدانيت جي اصول تي مبني هئي. جهڙيءَ ريت خدا تعاليٰ پنهنجي مخلوق کي پسند ڪري ٿو، اهڙيءَ ريت مخلوق سان محبت ۽ ان جي عزت ۽ عظمت جو قائل هو. شعر ۽ ادب ۾ ”شعر العجم“ ۽ ”ادبيات ايران“ تي فني ۽ تاريخي لحاظ  کان ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ”تاريخ ادبيات ايران“، چار جلد، اِي. جي. برائون جي لکيل ايراني ادب تي هڪ شاهڪار تاريخ  آهي. ان کان سواءِ به ايراني محققن جا ڪيترائي ادب، تصوف ۽ عرفان تي لکيل ڪتاب موجود آهن. ليڪن گرامي صاحب ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ مقالو (مهراڻ 3-4 سال 1964ع ص 204 کان 478 تائين) لکيو، جيڪو نهايت فڪرانگيز ۽ غور طلب آهي.

معاشرتي ۽ ثقافتي تاريخ جي سلسلي ۾ ”مهراڻ“ ۾ مختلف موضوعن تي تحقيقي مقالا شايع ٿيندا پئي رهيا آهن. جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مقالو، هڪ قلمي ڪتاب ”تذڪره مشائخ سيوستان“ تي انگريزيءَ ۾ لکيل هو، جنهن جو اردو ترجمو ”المعارف“ رسالي لاهور فيبروري 1970ع ۾ ڇپيو ۽ ”مهراڻ“ 1- سال 1972ع ۾ سنڌي ترجمو شايع ٿيو. انهيءَ ساڳئي ڪتاب ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي فارسي نسخي کي سيد حسام الدين راشدي حواشي، تصحيح ۽ تعليقات سان سينگاري ”مهراڻ“ 3  ۽ 4 سال 1974ع ۾ شايع ڪرايو، جيڪو ص 199 کان 224 تائين آهي. هن جو سنڌي ترجمو به ڇپجي چڪو آهي.

ٺٽي جو شهر سنڌ ۾ قديم دور کان وٺي علم ۽ ثقافت جو مرڪز پئي رهيو آهي. راشدي صاحب جو تحقيقي مقالو ”ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي“ (قلعا، بازاريون، حويليون، باغ وغيره) حصو پهريون- ”مهراڻ“ نمبر 3 سال 1972 ۾ ڇپيو. (ص 97 کان ص 166 تائين). ٺٽي شهر متعلق هيءُ مقالو تاريخي شاهڪار آهي. انهيءَ ساڳئي مقالي جو ٻيو آخري حصو مهراڻ 4 سال 1972ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ ٺٽي ننگر متعلق  وڌيڪ معلومات ڏني ويئي آهي. مقالو ص 123 کان شروع ٿئي ٿو ۽ 136 صفحي تائين تحقيقي ۽ تاريخي معلومات سان ختم ٿئي ٿو. ان بعد ٺٽي شهر جو نقشو آهي ۽ صفحي 137 کان صفحي 190 تائين ٺٽي شهر جي تاريخي جاين ۽ جڳهين جون پراڻيون ۽ ناياب تصويرون به ڏنل آهن، جنهن مان ٺٽي شهر جي قدامت ۽ اهميت ظاهر ٿئي ٿي.

جناب سيد حسام الدين راشديءَ جو سنڌ جي تاريخ، ثقافت، فارسي ۽ سنڌي شعر و ادب تي وڏو احسان آهي. مون ڪيترائي دفعا کيس ”زوار بوڪ ڊيپو“ ڪراچيءَ تان فارسيءَ جي تاريخ ۽ ادب جي ڪتابن جي خريداري ڪندي ڏٺو. ٽيڪسي گهرائي ڪتاب کڻي ويندو هو. هڪ ڀيري مون زوار بوڪ ڊيپوءَ جي ايراني مالڪ کان پڇيو ته: ”آقاي راشدي چرا ماشين نداري؟“ (جناب راشدي صاحب گاڏي ڇو نٿو رکي؟) انهيءَ تي ايرانيءَ جواب ڏنو ته: ”ايشان ميگويند که بولهاي که به ماشين خرج کنم، بهتر است که به کتابهاي خرج کنم.“ (پاڻ چون ٿا ته اهي پئسا، جيڪي گاڏيءَ تي خرچ ڪريان، انهيءَ جي بجاءِ بهتر آهي ته ڪتابن جي خريداريءَ تي خرچ ڪريان). اهوزمانو 65-1964ع جو آهي.

”مهراڻ“، نمبر 1 سال 1971ع جي اشاعت ۾ راشدي صاحب جو مقالو ”ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ“ (سيدي علي رئيس جي سفرنامي جو ترجمو) ڇپيو آهي. سيدي علي رئيس تُرڪي ٻيڙي جو اميرالبحر هو. هو ڏهين صدي هجريءَ جي ٽئين چوٿائيءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۽ هند پهتو. هن پنهنجو سفرنامو ”مراة الممالڪ“ جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ هن ڪيئي اکين ڏٺا واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي سياسي اهميت رکن ٿا ۽ اهڙيون ڳالهيون به لکيون اٿس، جيڪي عام تاريخن ۾ نٿيون ملن. راشدي صاحب هن اصل ڪتاب جو عڪس به ڏنو آهي ته سفرنامي جي ٻن بابن جو ترجمو به ڪيو آهي، جن مان هڪ جو تعلق ارغوني ۽ ترخاني دَور جي سنڌ سان آهي ۽ ٻئي باب جو تعلق همايون واري هندوستان سان آهي.

سيدي علي رئيس پاڻ عثماني، ترڪي ۽ چغتائي ٻولين جو شاعر هو. ”مراة الممالڪ“ ڪتاب سندس سفرنامي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي سفر جو احوال (64-941هه) قلمبند ڪيو آهي. هن اهو ڪتاب 964هه ۾ لکي سلطان سليمان وٽ پيش ڪيو، جنهن کيس وڏو انعام ڏنو ۽ عزت افزائي ڪئي. سيدي علي رئيس 20 ربيع الاول 962هه کان 15 شعبان 962هه  تائين، جملي پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن سنڌ ۾ رهيو.

راشدي صاحب جو مقالو ص 113 کان شروع ٿئي ٿو ۽ ص 117 تائين ڪتاب جي اهميت ۽ ان جا ترجما وغيره بيان ڪيا ويا آهن. ترجمي جي شروعات ص 118 کان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي ص 149 تي ٿئي ٿي. ان کان پوءِ اصل ڪتاب ص 150 کان شروع ٿي ص 175 تي ختم ٿئي ٿو. سنڌ جي تاريخ متعلق هن ڪتاب ۾ حقيقي واقعا بيان ڪيل آهن ۽ هن اصل ڪتاب ۽ ترجمي کي علحده ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي ثقافتي ۽ فرهنگ و هنر جي رشتي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي تاريخي ورثي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ  راشدي صاحب جون علمي ڪوششون هميشه ياد رهنديون. ”مهراڻ“ 4- سال 1975ع ۾ سندس مقالو ”اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري“ ڇپيو، جنهن ۾ اصفهان جي تاريخي جاين، مسجدن ۽ مير معصوم بکريءَ جي ڪتبن بابت تصويرون به آهن ۽ ايران ۽ سنڌ جي لاڳاپن جي ڀرپور نشاندهي ڪيل آهي. هيءُ مقالو ص 141 کان ص 152 تائين آهي ۽ ان کان پوءِ به ويهن صفحن تي مشتمل اصفهان جي تاريخي جاين، پـُـلين ۽ مسجدن جون تصويرون ڏنل آهن.

 مير معصوم بکري 13- 1012هه ۾ اڪبر بادشاهه جي طرفان سفير جي حيثيت سان ايران جي بادشاهه شاهه عباس صفويءَ (1038هه-994هه) جي درٻار ۾ ويو هو. سفر دوران، رستن ۽ راهن ۽ پنڌ پيچرن جي تاريخن کي، پٿر جي ڪتبن ذريعي محفوظ ڪري ڇڏيائين. اصفهان ۾ مسجد ”جي“  ۽ مسجد ”علي“ ۾ سندس نصب ٿيل ڪتبا اڄ به موجود آهن.  اهڙن ڪتبن متعلق ايران جي نامور محقق علي اڪبر جعفريءَ جو مقالو مهراڻ نمبر 1 ۽ 2-1976ع ۾ ”مير معصوم بکريءَ  جا  ٻه  ٻيا  ڪتبا“ شايع ٿيو، جنهن ۾ لکيل آهي ته زاهدان کان 170 ميل ڏکڻ اوڀر ۾ ”گوشت“ نالي هڪڙي دڙي تي فارسيءَ ۾ ڪتبو لکيل هو ۽ انهيءَ ڪتبي جي هڪ پاسي تي هيءَ عبارت به لکيل هئي:

”در وقتي که از هند برسالت ايران آمده بود، اينجا رسيد 1013 هزار و سيزده.“

ٻيو ڪتبو ”ڪوهڪ“ جي قلعي ۾ هڪ مقبري تي لڳل آهي.

مير صاحب بهترين خوشنويس هو ۽ ڪتبن تي هن جي پنهنجي هڪ خاص خطاطي آهي. ممڪن آهي ته مير صاحب جا اڃا به وڌيڪ ڪتبا خصوصاً مشهد، سبزوار، ڪاشان، ري (تهران)، قزوين، تبريز، اردبيل، يزد، ماهان (ڪرمان) ۽ ٻين شهرن ۾ دفن يا گم هجن. هن مقالي ۾ ايران جو نقشو ۽ سفر جي راهه، پٿر تي ڪتبا، ”گوشت“ ڳوٺ جو نخلستان، هتي جا گهر ۽ ماڳ مڪان تصويرن سان ڏنل آهن.

هن ئي شماري ۾ ميان غوث محمد ”گوهر“ پيرزادي جو مقالو ”ڪوٽڙي ڪبير“ شايع ٿيل آهي، جيڪو تاريخي ۽ ثقافتي آثارن تي مشتمل آهي. هن  ۾ ڪوٽڙي ڪبير جي باني مخدوم ميان محمد ڪبير ۽ ٻين مخدومن جي روضن جون تصويرون ڏنل آهن. سنڌ ۾ ديني تعليم ۽ روحاني فيض جي هن مرڪز ۾ ”ڪبيريه“ نالي ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ ناياب خطي ڪتاب موجود آهن.

سنڌ جا تاريخي، ثقافتي ۽ تجارتي تعلقات عرب،
وچ- ايشيا ۽ يونان سان ته رهيا آهن، پر جيڪي يورپي سياح سنڌ ۾ آيا، تن جي ڪتابن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا تعلقات يورپ سان به رهيا آهن. انهيءَ متعلق محترم محمد حسين پنهور جو مقالو ”يورپ ۽ سنڌ جا تعلقات“، مهراڻ 4 سال 1967ع ۾ ڇپيو آهي، جيڪو مختصر ۽ جامع آهي. انهيءَ کان سوا”، انهيءَ ساڳيءَ اشاعت ۾ ليلي رُچنداڻيءَ جو مقالو ”يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سٻنڌ“، ص 124 کان صفحي 133 تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جو يونان سان تعلق سڪندراعظم جي دَور کان ڏيکاريو ويو آهي. يونان سان سنڌي قوم جي واسطي سبب، يوناني ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ سنڌي ٻوليءَ سان ملندڙ آهن ۽ نحوي صورتن تي به بحث ٿيل آهي. بهرحال هيءُ مقالو يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعلق ۽ ميل ميلاپ بابت اهم آهي.

ايران جي موجوده اسلامي انقلاب جي تاريخ پراڻي آهي. انهيءَ جي شروعات تيرهين صدي هجريءَ جي ”قاچاريه سلسلي“ جـي ظالم حڪمرانن جي استبداد سبب ٿي. هن دَور ۾ ايران جي شاعرن ۽ اديبن انقلاب جي مهم شروع ڪئي، جنهن ۾ مرزا ابوالقاسم قائم مقام، فراهاٽ، فتح علي خان، صبائي ڪاشاني، رضا علي خان ”هدايت“ يغماني جندقي، قاآني شيرازي، سروش اصفهاني، نشاط اصفهاني ڀرپور حصو ورتو ۽ ايران جي عوام جي حالت زار ۽ قاچاري خاندان جي شهزادن ۽ حڪمرانن جي شاهانه مستين خلاف آواز اُٿاريو ۽ ايران جي سجاڳي ۽ حقن جي پاسداريءَ لاءِ شعر و ادب ۾ شروعات ٿي ۽ ايران ۾ آزاديِّ انصاف، مساوات ۽ ملڪ جي خودداريءَ جي احساس کي تقويت ملي. ايران جي انقلاب جو پهريون شاعر ابونصر فتح الله شيباني آهي، جنهن 1877ع ۾ ايراني عوام جي بدحاليءَ تي اشعار لکيا ۽ اهي تهران جي روزنامه ”حبل المتين“ ۾ شايع ٿيا:

مُلک ايران چه زلف معشوقان- سخت شوريده است
اين زمان داند او که از هرسوي- فتنه ها دست گريبان است
سيستان از بلوچ پر آشوب- و ز عرب فتنه در لُرستان است
مردم از خاک فارس گشته نفور- روي شان بحر عمان است
بادشاهي است کاري مشکل- نه چنين سهل و ست و آسان است

 

(ايران جو ملڪ حسن ۽ نزاڪت ۾ معشوقن جي زلف مثل آهي، جيڪو اڄ ڪلهه سخت پريشان آهي. هن وقت هو (بادشاهه) ڄاڻي ٿو ته هر طرف فتنا برپا آهن ۽ هر ڪنهن جو ڳچيءَ ۾ هٿ آهي. سيستان، بلوچن جي ڪري، فتنن جي ور چڙهيل آهي ۽ عربن جي ڪري، لرستان ۾ فتنا ۽ فساد آهن. فارس جي سرزمين جي ماڻهن ۾ نفرت آهي ۽ انهن جي نگاهه عمان جي سمنڊ ڏانهن آهي. بادشاهي ڪرڻ مشڪل ڪم آهي، اهو ڪو اهڙو آسان ڪم نه آهي!)

”ايران ۾ جديد ادب جي ارتقا“ متعلق ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسينيءَ  جو مقالو ”مهراڻ“ 1 ۽ 2 سال 1963ع صفحي 159 تي آهي، جيڪو ايران جي جديد ادب ۽ انقلاب بابت مفصل معلومات تي مشتمل آهي ۽ نهايت تحقيقي آهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ دولهه دريا خان شهيد جو نالو، محب وطن، مدبر ۽ سپهه سالار جي حيثيت سان اٽمِٽجندڙ نقش آهي. سنڌ جي محقق، تعليم جي ماهر ۽ شاهه لطيف رح جي رسالي تي پاڻ کي وقف ڪندڙ، لغت ۽ لوڪ ادب، تاريخ ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪندڙ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مقالو ”سپهه سالار دريا خان جو حسب نسب“ مهراڻ نمبر 1 ۽ 2 سال 1980ع ۾ ص 99 تي ڇپيو آهي. جيڪو تاريخي ۽ تحقيقي آهي، محققن ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ ئي هنڌ مواد مهيا ڪري ٿو.

انهيءَ ساڳئي شماري ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جو مقالو ”ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ ص 114 تي آهي، جنهن ۾ ارغون ۽ ترخان دَور، مغليه دَور، ڪلهوڙا دَور، ٽالپر دَور ۽ انگريزن جي دَور تائين، هن تهذيبي مرڪز جي اهل علم ۽ اصحاب قلم جي تصنيف ۽ تاليف جو تحقيقي جائزو ورتو ويو آهي ۽ هيءُ مقالو ننگر ٺٽي جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين تي ناياب ۽ اهم ترين معلومات مهيا ڪري ٿو.

ساڳئي سال (1980ع جي شماري 1 ۽ 2) ۾ ص 144 تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقالو: ”قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“ شايع ٿيو آهي، جيڪو قرآني تعليمات کي سمجهڻ لاءِ، مختلف عالمن طرفان قرآن مجيد جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن کي نروار ڪري ٿو. هن ۾ جملي ٻارهن ترجمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ تفسيرن ۾ 23 تفسير بيان ڪيا ويا آهن. هيءُ مقالو قرآن مجيد جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن تي تحقيقي روشني وجهي ٿو ۽ اهم مقالو آهي.

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي تاريخ، ثقافت ۽ قديم شهرن تي تحقيق ڪندڙ صلاحيتمند ۽ محنتي عالم آهي. ادب ۽ علم جي خدمت ۾ سندس ڪوششون قابل تعريف آهن. ”مهراڻ“ 3 ۽ 4 سال 1982ع ۾ سندس مقالو ”تورڪيءَ جو قديم تاريخي قبرستان“ صفحي 145 تي شايع ٿيو آهي. هيءُ قبرستان ٽنڊي آدم کان ٽنڊي الهيار ڏانهن ويندڙ پڪي رستي جي بلڪل وَٽ سان اترئين ۽ اولاهين ڪنڊ تي تورڪيءَ جي قديم وسنديءَ ۾ واقع آهي. هن قبرستان تي تاريخي حوالن سان تحقيق ٿيل آهي ۽ تمام ٿورن ماڻهن کي هن قبرستان بابت معلومات آهي، پر ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ نهايت تفصيل سان قبرستان بابت لکيو آهي ۽ خوبصورت تصويرن سان سينگاريو آهي.

ڊاڪٽر خانائيءَ جو مقالو ”گچيرو“، ”مقالا نمبر“ 1984ع ۾ ص 102 تي شايع ٿيو آهي. هيءُ شهر قديم دَور ۾ سيوهڻ سرڪار واري پرڳڻي جو اهم شهر هو ۽ علم ادب، تجارت، صنعت، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو مکيه مرڪز سمجهيو ويندو هو. ”گچيري“جو پراڻو شهر نوابشاهه ضلعي جي موجوده شهر موري کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي، اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ تي سنڌو درياءُ جي بچاءُ بند اندر، درياءُ جي کاٻي ڪناري تي آباد هو، پر گچيري جو نئون شهر موري شهر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ڊاڪٽر خانائيءَ ”گچيري“ جي قديم شهر بابت ڳوڙهي تحقيق ڪري، وسريل تاريخي ورثي جي اپٽار ڪئي آهي ۽ نهايت مستند تاريخي حوالا ۽ واڌارا به ڏنا آهن، جيڪي قابل قدر آهن ۽ اڳتي جي محققن لاءِ رهبري ڪندڙ آهن.

هن ئي ”مقالا نمبر“ ۾ ”سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا“ عنوان سان سيد حسام الدين راشديءَ جي تحقيقي مقالي جو ترجمو ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ڪيو آهي، جيڪو ص 9 کان حوالن سميت ص 39 تائين آهي. هي سنڌ ۽ ايران جي تعلقات تي نهايت اهم مقالو آهي.

”مهراڻ“ نمبر1- سال 1986ع ۾ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي مقالا شامل آهن، جيڪي وڏيءَ محنت ۽ تحقيق سان لکيا ويا آهن، جن ۾ اهم هن ريت آهن:

1. سنڌ علم جو مرڪز: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
(ص 41 کان 46 تائين).

2. ”سنڌ جا عالم ۽ علمي درسگاهون“ (ڪوٽڙي ڪبير جا عالم ۽ درسگاهون). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (ص 47 کان 56 تائين)

3. ”ميان نورمحمد جا قبا“: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي. هن ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي مقبري جو نقشو ۽ قبن جون تصويرون به ڏنل آهن. (ص 93 کان 114 تائين)

4. ”انتخاب منتخب- سنڌ جي تاريخ جو وڌيڪ ماخذ“، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو (ص 115 کان 126). ”منتخب التواريخ“ 1056هه ۾ اٽڪ جي محمد يوسف تيار ڪئي. انهيءَ جو ”انتخاب منتخب“ نالي تاريخي ڪتاب شيخ عبدالشڪور 1084هه ۾ لکيو. تاريخي تسلسل جي لحاظ کان هيءُ مقالو قابل قدر آهي.

سال 1987ع جي ”مهراڻ“ نمبر1 ۾ هيٺيان مقالا توجهه جي لائق آهن ۽ تاريخي، ادبي ۽ ثقافتي حقيقتن جي نشاندهي ڪن ٿا. نهايت تحقيق ۽ دقيق محنت سان لکيل آهن، محققن ۽ تاريخ جي شائقين لاءِ اهم آهن:

1. ”حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت ويچار“ (ص 41) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

2. ”جيد وقت حضرت مولانا هاليجوي رح“، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي.

3. ”هالن جا مخدوم ۽ ڀٽائي رح“، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ص 63

4. ”سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط“، سيد حسام الدين راشدي، مترجم: غلام محمد لاکو، ص 80

5. ”هالاڻيءَ جو جنگي معرڪو“، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص 91

سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حر مجاهدن جون قربانيون ۽ سنڌ جي جليل القدر عالم و فاضل، بيباڪ مجاهد، سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله شاهه راشدي جو نام نامي نه صرف سنڌ ۾ بلڪ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۾ ثبت ٿيل آهي. ”مهراڻ“ 4 سال 1988ع جي شماري ۾ ص 118 کان 121 تائين محمد قاسم سومري جو مقالو ”حر مجاهد ۽ تحريڪ آزادي” هن تحريڪ بابت مختصر ۽ جامع تعارف آهي. تاريخي ۽ تحقيقي حوالن سان لکيل آهي.

”مهراڻ“ نمبر 1 ۽ 2- سال 1988ع ۾ تاريخ، ثقافت ۽ ادب متعلق هيٺيان مقالا نمايان آهن:

1. ”ٺٽي جو وجودي بنياد ۽ ٺٽي شهر جو اصل نسل“
ص 25، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

2. ”سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ جا لاڳاپا“،
ص 33، سيد حسام الدين راشدي. مترجم: غلام محمد لاکو

3. ”مرند، ملتان ۽ سيوهڻ“، ص 49، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.

4. ”شڪارپور جون ادبي انجمنون ۽ اشاعت گهر“، ص 78، انور فگار هـَـڪڙو.

5. ”خليل جبران“، ص 115، محمد حسين ”ڪاشف“.

”مهراڻ“ نمبر 1- سال 1989ع ۾ ڪجهه تاريخي، تحقيقي ۽ ثقافتي مقالا شايع ٿيا آهن، تن مان چونڊ هن ريت آهن:

1. ”ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا“،
ص 117، غلام محمد لاکو. (هن ۾ ڪتبن جا فوٽو ۽ فارسيءَ ۾ ڪتبا شامل آهن).

2. ”سنڌونديءَ جي هاڻوڪي تاريخ“، ص 135. ڊي.اي. هومز. مترجم: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي.

(سنڌونديءَ جي وهڪرن تي ڊي.اي.هومز 1963ع کان 1965ع تائين تلاش جو ڪم ڪيو. هن پهريون ڀيرو فضائي تصوير ڪشي ذريعي زميني نقشا تيار ڪيا ۽ اهڙيءَ ريت سنڌونديءَ جي اڳوڻن وهڪرن، پَٽن ۽ ٻيٽن، شاخن ۽ سيلابي ميدانن کي جديد سائنسي طريقي سان نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌونديءَ جي جاگرافيڪل سروي ۽ اُن جي اهميت تي هڪ اهم دستاويز آهي. حبيب الله صديقيءَ جو ترجمو سليس ۽ وڻندڙ آهي.

”مهراڻ“ 1989ع- نمبر 2 جي صفحي 25 تي ”فردوسي ۽ شاهنامي جو سنڌ تي اثر“ جي عنوان سان سيد حسام الدين راشدي جو مقالو آيو آهي، مترجم آهي عبدالرسول قادري.

هيءُ مقالو سنڌ ۾ فارسيءَ جي اثر ۽ فارسي علم ۽ ادب جي تاثير کان سنڌ جي عالمن، شاعرن ۽ محققن  جي دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت فارسيءَ جو ذوق ۽ تعليم نه رهيا آهن، پر سنڌي ٻوليءَ جي ترويج، ترقي ۽  چاشنيءَ ۾ فارسي علم ادب جو وڏو حصو آهي ۽ سنڌ جي بنيادي تاريخ فارسي ۾ ئي آهي ۽ انهيءَ ورثي کي بچائڻ لاءِ فارسي زبان کي ترڪ ڪرڻ، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت کي ترڪ ڪرڻ جي مثل آهي.

انهيءَ مٿئين شماري ۾ هيٺيان مقالا سنڌ جي مشهور هستين بابت مفيد معلومات تي مشتمل آهن ۽ اهڙين بزرگ شخصيتن کي ياد ڪرڻ حق بجانب آهي:

1. ”مخدوم غلام حيدر رح“، محمد اسماعيل عرساڻي، ص 112.

2. ”مخدوم بصرالدين سيوهاڻي“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ص 118.

”مهراڻ“ نمبر  4 سال 1989ع ۾ آيل مقالو: ”سيوهڻ- سياحن ۽ پرڏيهي مؤرخن جي نظر ۾“، ص 33، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. هيءُ هڪ تحقيقي، تاريخي ۽ ثقافتي مقالو آهي ۽ سيوهڻ جي ماضيءَ جي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. نهايت معلوماتي آهي.

”مهراڻ“ سال 1990ع -  نمبر 1 ۾ هيٺيان مقالا نهايت اهم ۽ معلوماتي آهن:

1. ”سروري جماعت جو ”ڏهر“ ۽ اويسي طريقو“ (ص 33- 48) مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“.

2. ”شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (ص 49-90). (قسط 2) هن جو پهريون حصو ڏسو ”مهراڻ“ نمبر 3- 1989ع (ص 1-26).

3. ”شاهراهه ريشم“، ڊاڪٽر غلام علي الانا. (حصو پهريون). (ص 91-104).

4. ”سنڌي ساهت جو هڪ لڪل ورق“: (پراڻناٿ جون 524 چوپايون) جهمون رامچند ڇڳاڻي، ص 106-214.

5. ”سنڌ جا قديم سڪا، (سنڌ ۾ انگريزن جا اوائلي سڪا)، عبدالله ورياهه، (ص 164-166).

6. ”برٽش ميوزم ۾ موجود آيت الڪرسي سنڌي جو تحقيقي مطالعو“، غلام محمد لاکو، (ص 167-176).

”مهراڻ“ نمبر 2- سال 1990ع

1. ”سنڌي ٻوليءَ جا تحريري دستاويز“: (ميين محمد صلاح جي سنڌي) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (ص 33-46).

2. ”فتاويٰ عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف ۽ سندن بزرگ“: سيد حسام الدين راشدي. مترجم: عبدالرسول قادري، (ص 47-56)

3. ”شهنشاهه اڪبر ۽ دين الاهي“: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي (ص 57-76).

4. ”ميانوال تحريڪ جو سرواڻ، ميان نصير محمد ڪلهوڙو ۽ ان جا ساٿي“ (قسط-1) عبدالله مگسي، (ص 77-90).

5. ”سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽ اسان جون جوابداريون“: غلام محمد لاکو، (ص 91-104).

6. ”سنڌ جي تاريخ جو حصو“: دلور جا دڙا/منصوره/ برهمڻ آباد“: بابر سومرو. (ص 110-120).

7. ”سنڌ جا قديم سڪا“: سنڌ ۾ ٽالپر دور جا سڪا: عبدالله ورياهه (ص 120 الف کان 120 ج تائين).

”مهراڻ“ نمبر1-  سال 1991ع

1. ”سنڌ- سياحن جي نظر ۾“: (قسط-1) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، (ص 41-49)

2. سفرنامو/مثنوي مير محمد نصيرخان ٽالپر ”جعفري“ ضمير حسن مرزا (ص 50-59).

3. ”قاسم ڪيسر رنگ....“ (خليفي نبي بخش لغاري جي مزاحمتي شاعريءَ جو جائزو)، محمد حسين ”ڪاشف“، ص 70-78

4. ”مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي هالائي“ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي، ص 88-94.

5. ”سنڌ جا قديم سڪا“ (سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جا سڪا) (قسط-2) عبدالله ورياهه، ص 107-122

”مهراڻ“ نمبر 2 ۽ 3- سال 1991ع

1. ”خواجه حافظ شيرازي ۽ شاهه ڀٽائي“: مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، ص 41-53

2. ”ابن بطوطه جا سيوهڻ بابت تاريخي حوالا“: عبدالله ورياهه، ص 64-72

3. ”بهم جي ڀڙي جا قديم آثار“: ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، مترجم مراد علي مرزا، ص 73-82

4. ”سنڌ- سياحن جي نظر ۾“ (قسط-2) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ص 83-100

5. ”سنڌ جو دارالمصنفين- سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص 101-127.

6. ”رغبة الطالبين“- ٽالپر، دور جو هڪ ناياب تفسير: عبدالرزاق گهانگهرو، ص 128-137

”مهراڻ“ نمبر 4 (لوڪ ادب نمبر) 1991ع

1. ”ڪافي ۽ اُن جو فن“: مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ”، ص 41-56

2. ”سنڌي زبان جا قديم شاعر“، پير حسام الدين راشدي، ص 57-68

3. ”طالب الموليٰ جو لوڪ ادب ۾ حصو“، عبدالله ورياهه، ص: 84-113.

4. ”اڻلڀ سنڌي بيتن جو ذخيرو“: ڊاڪٽر نواز علي شوق، ص: 114-137 (”حڪايات الصالحين“ جي حوالي سان).

5. ”جنگنامو يا کرڙيءَ جي جنگ جو احوال“: ميرزا عباس علي بيگ، ص: 138-156.

6. ”سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق“: هدايت پريم، ص: 180-185.

”مهراڻ“ نمبر 1 ۽ 2- سال 1992ع

1. ”سنڌ جا قبيلا ۽ سنڌ جا نسب ناما“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 172-176.

2.”ڪراچيءَ جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون“: ڊاڪٽر اي.آر.ٻُٽ، ص: 177-176.

3. ”شاهه بهاري جو مقبرو“: انيس انصاري، ص 231-234

4. ”سفرنامو: هڪ مقبول ادبي صنف“ (هڪ سـَـو سالن ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل هڪ سـَـو سفرنامن جو سرسري جائزو، 1891ع کان 1991 تائين) ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي، ص: 238-256.

5. ”شاهه جي شاعريءَ ۾ فن جي اپٽار“: ڊاڪٽر الياس عشقي، ص: 285-301.

”مهراڻ“ نمبر 3- سال 1992ع

1. ”اديب ۽ شاعر مولوي عطا محمد مهيسراڻي“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 104-91.

2. ”سنڌ ۾ فنونِ لطيفه ۽ انهن جو مڪتب فڪر“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 105-112.

3. ”حُر تحريڪ“: ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، ص: 113-126

4. ”سنڌي ٻوليءَ جا محاورا“: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ص: 144-134.

5. ”شاهه جو مذهب، اسلامي تصوف ۽ ويدانت“: ڊاڪٽر الياس عشقي (قسط-1) ص: 145-154.

6. ”منهنجو ننڍپڻ“: (1919ع- 1944ع) مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، ص: 155-162.

”مهراڻ“ نمبر 4- سال 1992ع

1. ”شاهه جو مذهب، اسلامي تصوف ۽ ويدانت“: ڊاڪٽر الياس عشقي (قسط-2)، ص: 92-95.

2. ”سنڌي ٻوليءَ جو محاورو: مقالي ۾ پيدا ڪيل
غلط فهمين متعلق ڪي حقيقتون“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 97-117.

ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ جي سال 1992ع جي اشاعتن ۾ نگران ايڊيٽر جي ذميواري سيد امداد حسينيءَ جي حوالي ٿيڻ سان، سمورو مواد نهايت محنت سان ڇپيو آهي ته ترتيب ۽ تدوين (سٽاءُ) نهايت دلڪش ۽ پسنديده آهي. رسالي کي ترتيب ڏيڻ، هڪ هڪ اکر ڏسڻ، رات ڏينهن پورهئي ۾ رهڻ ۽ معيار کي برقرار رکڻ لاءِ پاڻ ارپڻ آسان ته نه آهي. انهيءَ لاءِ جذبو، احساس ۽ اندر جي لوچ ۽ سوچ درڪار آهي. مٿي صرف ڪجهه چونڊ مقالن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي، پر شاعري، ڪهاڻيون، ڳالهه ٻولهه ۽ ليک به قابل تعريف آهن.

”مهراڻ“ نمبر 1 ۽ 2- سال 1993ع

1. ”شاهه جو مذهب، اسلامي تصوف ۽ ويدانت“: ڊاڪٽر الياس عشقي، (آخري قسط) ص: 128-136.

2. ”لطيف شناسيءَ لاءِ نيون سوچون ۽ نوان قدم“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 137-150.

3. ”مخدوم بلال جي شهادت جو مسئلو“: غلام محمد لاکو، ص: 151-168.

4. ”انسان جي تخليق جو مقصد“: غلام محمد بلو، 
ص: 253-275

”مهراڻ“ نمبر  3 ۽ 4- سال 1993ع

1. ”علم جي کاڻ- انڊيا آفيس لائبرري، لنڊن“: مدد علي سنڌي، ص: 57-66.

2. ”ڪرنل تروٽ- ٿرپارڪر جو پهريون پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ“، غلام محمد لاکو، ص: 86-99.

3. ”الوحيد سازش ڪيس“: ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ ۽ بشير احمد ميمڻ، سنڌيڪار: عبدالڪريم کٽي، ص: 113-121.

هن اشاعت ۾ ڪجهه علمي خط، ”ادبي ڇنڊڇاڻ“ جي عنوان سان شايع ٿيا آهن. (پهريون خط لکندڙ نياز همايوني ۽ ٻيو خط لکندڙ محمد عمر چنڊ آهي.)

اهي ٻئي خط علمي، ادبي ۽ تحقيقي لحاظ کان نهايت معلوماتي آهن).

”مهراڻ“ نمبر 1 ۽ 2- سال 1994ع

1. ”سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا“: ايم.ايڇ.پنهور، سنڌيڪار: غلام محمد لاکو، ص: 43-61.

2. ”سنڌ جي اوائلي اسلامي شهرن جو بين الاقوامي واپار“: ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، ص: 63-82.

”مهراڻ“ 2 ۽ 3- سال 1994ع

1. ”خليفي مخدوم ميان محمد ٺٽويءَ جي سنڌي“: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص: 51-76.

2. ”جَتڪيءَ ۾ مينهن جا نالا“: ڊاڪٽر پرسو گدواڻي،
ص: 77-81.

3. ”بکر ۾ تصنيف ۽ تاليف جو مختصر جائزو“: محمد پنهل ڏهر، ص: 82-94.

4. ”فوائد الاخبار“: (سنڌ جي پهرين سنڌي/پارسي هفتيوار اخبار)، ڊاڪٽر الهرکيو ٻـُـٽ، ص 95-97

5. ”سنڌو“- آڳاٽو مشهور ادبي رسالو (هڪ تعارف)،
انور فگار هـَـڪڙو، ص: 121-107.

6. ”سچل جي فارسي ڪلام جا اٺ قلمي نسخا“: پروفيسر محمد ابراهيم ”خليل“، سنڌيڪار: غلام محمد لاکو، ص: 126-122.

7. ”پير حسام الدين راشدي: رمز شناس شخصيت“، ڊاڪٽر سيد محمد اسلم، سنڌيڪار: محمد قاسم سومرو، ص: 129-127.

”مهراڻ“ نمبر1-  سال 1995ع

1. ”ٿر جا مدرسا“- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 40-25.

2. ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ص: 95-75.

3. ”سنڌ جي تاريخ جا ماخذ“: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص: 111-96.

4. ”1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“: ڊاڪٽر الهرکيو ٻـُـٽ (قسط- 1)، ص: 134-112.

5. ”اروڙ جو تاريخي شهر: هڪ سرسري جائزو“،غلام محمد لاکو، ص: 39-135.

6. ”ڪلهوڙا دور جا ماخذ“: محمد پنهل ڏهر، ص: 140-153.

7. ”نئين ٺـُـل جا پراڻا گل-1“: (اُنڙ واهه ريلوي اسٽيشن جو احوال)، نظام الدين کوسو، ص: 166-154.

”مهراڻ“ نمبر 2- سال 1995ع

1. ”مولانا محمد شفيع لاهوري“: سيد حسام الدين راشدي، سنڌيڪار: سلميٰ لوهر، ص: 25-17.

2. ”ميان شاهل محمد ڪلهوڙو ۽ بکر جا مغل نواب“: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص: 36-26.

3. ”قديم فارسي شاعريءَ ۾ سنڌ جو ذڪر“: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ص: 44-37.

4. ”سمن جي دور جي علمي ۽ سرڪاري زبان“: غلام محمد لاکو، ص: 56-45.

5. ”ڪلهوڙا دور ۾ قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“: ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، ص: 72-57.

6. ”بلاول فقير زرداري“: ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ص: 88-73.

7. ”1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“: (قسط- 2) (درسي، اسڪولي ڪتاب) ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 130-89.

8. ”ڪلهوڙا حڪمرانن جا علمي ۽ ادبي ڪارناما“: محمد پنهل ڏهر، ص: 135-131.

”مهراڻ“ 3- سال 1995ع

1. ”ڪچهري بدين“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 49-35.

2. ”جنگنامه منظوم فارسي“: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي (سن 1114هه/1702ع ۾ بختاور خان جي بغاوت ۽ ان جو انجام)، ص: 70-50.

3. ”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“: غلام محمد لاکو، ص:93-71.

4. ”نوابشاهه ضلعي جا ڪتبخانا“: عبدالرسول قادري، ص: 109-94.

5. ”چچنامي ۾ موجود فارسي شعرن جي باري ۾ هڪ گذارش“: ڊاڪٽر نذير احمد، مترجم: محمد پنهل ڏهر، ص:  119-110.

6. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“: (اسلام، هندو ڌرم ۽ عيسائين جا 1900ع تائين ڇپيل ڪتاب) (قسط-3) ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 120 140.

7. ”دستاويزن ۽ مخطوطن جي مرمت جا طريقا“: گرڏنو گانگاڻي، ص:  159-141.

8. ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“: (ڪشنچند ”بيوس“ جي ٻارن لاءِ شاعري)، نصير مرزا، ص: 76-160.

”مهراڻ“ نمبر 4- سال 1995ع

1. ”خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جي هڪ وڌيڪ تصنيف“: غلام محمد لاکو، ص: 56-31.

2. ”سمن جي دور جي سرڪاري ٻولي“: ڊاڪٽر هدايت پريم، ص: 65-57.

3. ”سچل سرمست لائبرري خيرپور ۾ موجود قلمي نسخن جو تعارف“: محمد پنهل ڏهر، ص: 65-66.

4. ”نئين ٺُل جا پراڻا گل-2“: (دليلپور ۽ ڀرپاسي جو احوال)، نظام الدين کوسو، ص: 96-73.

5. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“: (قسط- 4) (ادب جي معروف صنفن ۽ متفرقه مضمونن جا ڪتاب) ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 113-97.

6. ”عالمي معياري ڪتاب نمبر ۽ سنڌي اشاعتي ادارا“: خديجه انصاري، ص: 122-114.

”مهراڻ“ نمبر 1- سال 1996ع

1. ”سنڌو درياهه جا گذريل پنجن هزارن سالن ۾ غيرمعمولي ڪارناما“: ايم-ايڇ-پنهور، سنڌيڪار: ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 39-25.

2. ”مير محمد معصوم بکريءَ جو اولاد ۽ آثار“: (وڌيڪ تحقيق جي روشنيءَ ۾)، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص: 51-40.

3. ”مير معصوم جو لڌل هڪ وڌيڪ ڪـتبو“: امام راشدي، ص: 56-52.

4. ”نونار جي جنگ ۽ معاهدو“: غلام محمد لاکو،
ص: 74-68.

5. ”سنڌ جا ميربحر- انهن جون ذاتيون ۽ پاڙا“: محمد پنهل ڏهر، ص: 90-75.

6. ”سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت“: نذيراحمد ”شاڪر“ بروهي، ص: 110-91.

7. ”رسالهءِ عبدالرؤف“: (اڀياس جو هڪ ٻيو رخ) سيد خضر نوشاهي، ص:121-111.

”مهراڻ“ نمبر 2- سال 1996ع

1. ”سنڌ جي سرحدن جي مقرري“: ايم-ايڇ-پنهور، مترجم: غلام محمد  لاکو، (1947-1843ع)، ص: 31-23.

2. ”پير حسام الدين راشديءَ جون ادبي ۽ تحقيقي خواهشون“: محمد پنهل ڏهر، ص: 45-32.

3. ”مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي“: ڊاڪٽر
نواز علي شوق، ص: 52-46.

4. ”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“: ڊاڪٽر
محمد ادريس السندي، ص: 73-53.

”مهراڻ“ نمبر 3- سال 1996ع

1. ”شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح“: محمد حسين ”ڪاشف“، ص:34-23.

2. ”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج“: ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ص: 47-35.

3. ”اُڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي اخبار نويسيءَ جو هڪ جائزو“: ولي رام ولڀ، ص: 89-48.

4. ”نئين ٺـُـل جا پراڻا گل“- 3: نظام الدين کوسو،
ص: 111-90.

5. ”ادب ۾ سفرنامن جي اهميت ۽ الطاف شيخ جي سفرنامن جو جائزو“:- مهرخادم، ص: 119-112.

6. ”عورت، سماج ۽ ڏاڍ“: تنوير جوڻيجو، ص: 138-120.

ڪالم:

1. ”اُترادي ٻوليءَ جو مطالعو“: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ص: 201-195.

2. ”شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اُچار جا مسئلا“: ڊاڪٽر الياس عشقي، ص: 205-202.

3. علمي خط- ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي (هيءُ خط ڊاڪٽر خانائي، مهراڻ 3/1995ع ۾ آيل سندس مقالي ”جنگنامه منظوم فارسي- رسالهِّ عبدالرؤف“ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ جي اڀياس مهراڻ 1/1996ع- جي وراڻيءَ طور لکيو آهي.

4. ”موت ۽ مرڻ بابت نظريا“: فخر زمان، سنڌيڪار:
زاهد علي مگسي، ص: 217-209.

5. ”ٿرپارڪر جون ساروڻيون“: سيد علي انور شاهه، سنڌيڪار: نصير مرزا، ص: 220-218.

”مهراڻ“ نمبر 4- سال 1996ع

1. ”روحل فقير جو هندي ڪلام“: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ص: 32-23.

2. ”مغربي فن مصوري جي مختصر تاريخ“: ڊاڪٽر محمد علي ڀٽي، ص: 59-41.

3. ”ٿر جا ڏوهيڙا“: حاجي محمد ڪنڀر، ص: 70-60

4. ”ٻارن لاءِ سنڌي شاعري، مختصر جائزو“: اياز گل، (1924ع-1996ع)، ص: 76-71.

ڪالم:

1. ”پٿر ۽ پٿريون“: مراد علي مرزا، ص: 150-138.

The Road to Mecca“ هيءُ ڪتاب دراصل سعودي عرب ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ايران ۽ افغانستان جو سفرنامو آهي، پر اهو مصنف محمد اسد جي روحاني سفر جو پڻ دلچسپ داستان آهي، جيڪو نهايت خوبصورت لفظن ۽ اثرائتي اسلوب ۾ لکيل آهي.

2. ”مان صدين تائين ڳائيندس“: (مختيار ملڪ جي شاعري جو اڀياس) تنوير عباسي، ص: 159-151.

3. ”مور اُڏاڻو مور“: سفرنامو 1990ع: نصير مرزا،
حيدرآباد کان مِٺيءَ تائين سفر ۽ ڪارونجهر جبل جو سير نهايت مائيدار ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. ص: 189-160.

4. مائي غلام فاطمہ ”لال“: اختر درگاهي (اُتر سنڌ جي هڪ مشهور شاعره ٿي گذري آهي، ان جي سوانح ۽ ڪافين متعلق معلومات آهي).

”مهراڻ“ نمبر 1 - سال 1997ع

1. ”شاهه جي رسالي ۾ ٻين شاعرن ۽ سالڪن جو ڪلام“ نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 42-25

2. ”اصفهان جي هڪ يادگار شام“، سيد حسام الدين راشدي، سنڌيڪار: امام راشدي، ص: 58-51.

3. ”سيد حسام الدين راشدي جي سوانحي ماخذن جو جائزو“: محمد قاسم سومرو، ص: 77-59.

4. ”کرڙيءَ جي جنگ“: محمد پنهل ڏهر، ص: 104-87

5. ”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسوروئي نينهن جو!“: خواجا
سليم احمد، (اشفاق قاضيءَ جي ياد ۾!) ص: 112-119.

6. ”آسڻ جن عدم“: عبدالغفار سومرو (امير علي چانڊئي جي ناگهاني موت تي تاثرات)، ص:227-120

”مهراڻ“ 3 ۽ 4- سال 1997ع

1. ”پلئه پايو سچ....“: محمد حسين ”ڪاشف“ (شاهه جو رسالو- رسالي جو ڪلام، جلد ڏهون تي اڀياس)،ص: 77-59.

2. ”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“: محمد پنهل ڏهر، ص: 79-78.

3. ”مخدوم ابوالحسن ڏاهري“: ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري، ص: 90-103.

4. ”دولهه دريا خان لاشاري بلوچ نه هو“: ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ، ص: 104-111.

5. ”راضي فقير سنڌي“ (لاهور): يعقوب علي زرداري، ص: 112-119.

6. ”پڪل پيرُن جهڙا غزل لکندڙ ڪوي- اياز گل“: بيدل مسرور، ص: 132-152.

7. ”پيراڻي ڀنڀري جي بيتن جو مطلب ۽ بيان“ (لوڪ ادب) ولي محمد طاهرزادو، ص: 153-156.

علمي خط:

1. ”سچل سرمست لائبرريءَ ۾ قلمي نسخا“: هڪ وضاحتي مراسلو: محمد پنهل ڏهر، ص: 215-217.

2. ”ڪليات سرفراز بابت هڪ وضاحت“: يعقوب علي زرداري، ص: 218-220.

 ”مهراڻ“ نمبر: 3 ۽ 4- سال 1998ع

1. ”ڪلهوڙن جي عروج ۽ زوال تي ماحوليات جو اثر“: ايم-ايڇ-پنهور، سنڌيڪار: ڊاڪٽر الهرکيو ٻـُـٽ، ص: 13-24.

2. ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظي ترتيب جو مسئلو“: محمد عمر چنڊ،ص: 25-54.

3. ”سنڌي ساهت سميلن“: ڊاڪٽر انور”فگار“ هڪڙو، (شڪارپور 15- اپريل 1933ع)، ص: 55-67.

4. ”شيخ اياز- ڀارت ۽ سنڌ جي هڪ پُل“: رام امرلال پنجواڻي، ساوتري ڪوٽومل منسکاڻي، ص: 68-71.

5. ”چانڊڪي پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جا يادگار“: سيد
امام المتقين راشدي، ص: 72-84.

6. ”سنڌي شاعريءَ تي ويدانت ۽ صوفي مت جو اثر“: تنوير عباسي، ص: 85-94.

7. ”فارسي ادبيات جي ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ڪيل ڪوششون“: غلام محمد لاکو، ص: 95-106.

8. ”بلگرام جي هڪ علمي گهراڻي جي سنڌ ۾ وقائع نگاري“: عارف نوشاهي، سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر، ص: 116-125.

9. ”مرتضائي ٺٽويءَ جون ادبي خدمتون“: ڊاڪٽر
ديدار حسين شاهه رضوي، ص: 126-175.

10. ”ايران: اڳي ۽ هاڻي“، غلام رباني آگرو، (سفرنامو)، ص: 193-228.

”مهراڻ“ 1 ۽ 2- سال 1999ع

1. ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 27-39.

2. ”ناول سانگهڙ تي هڪ نظر“: حميد سنڌي، ص: 40-44.

3. ”ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي“: غلام محمد لاکو، سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر، ص: 45-54.

4. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“: (قسط-5) (لوڪ ادب بابت ڪتاب)، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 59-102.

5. ”نيرون کان راوڙ“: ابوبڪر شيخ، ص: 103-112.

6. ”سنڌي ٻوليءَ ۾ جامع انسائيڪلوپيڊڪ لغت جي گهرج“: خديجه انصاري، ص: 113-121.

7. ”بلوچن جو عظيم هيرو- چاڪر اعظم“: (حقيقت يا افسانو)، نذير احمد ”شاڪر“بروهي، ص: 122-151.

”مهراڻ“ نمبر 3- سال 1999ع

1. ”برصغير هند و سنڌ ۾ قرآن پاڪ جو پهريون ترجمو“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو)، ص: 27-40.

2. ”ڊاڪٽر مهڪري- منهنجي حياتيءَ جي اڻ وسرندڙ شخصيت“: مظهر يوسف، ص: 56-62.

3. ”سنڌ ۽ ماورا ِّ النهر جي ادبي لاڳاپن جا ڪي پهلو“: پروفيسر عبدالغني ميرزايوف (سنڌيڪار: غلام محمد لاکو) ص: 63-68.

4. ”مڪلي ٽڪري“: ڊاڪٽر انيمري شمل (سنڌيڪار: ڊاڪٽر نواز علي شوق)، ص: 69-105.

5. ”سنڌي زبان ۾ لغت نويسي“: (هڪ سرسري جائزو)، تاج جويو، ص: 106-113.

6. ”پوڪرداس ٿانورداس- سنڌي ڪتابن جي اشاعت جو بانيڪار“، ڊاڪٽر انور”فگار“ هَڪڙو، ص: 114-126.

7. ”راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال“- شڪارپور: (هڪ تعارف)، ’نقش‘ ناياب منگي، ص: 127-150.

8. ”شڪارپور ۾ مير معصوم بکري جو لڌل هڪ ڪتبو“: ارشاد ڪاغذي، ص: 151-163.

9. ”اِي تان آه عشق جي“: (شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام، جلد 4 جو اڀياس)، محمد حسين ”ڪاشف“،  ص: 164-182.

10. ”سنڌ“- تاريخي پس منظر ۾: غلام رباني آگرو، ص: 183-195.

”مهراڻ“ نمبر 4- سال 1999ع

1. ”ماضيءَ جي تاريخ کي وڏي ويچار سان سامهون آڻڻ گهرجي“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 50-57.

2. ”دريا خان جي سوانح ۽ مقبرو“: شيخ خورشيد حسن، سنڌيڪار: عطامحمد ڀنڀرو، ص: 58-71.

3. ”ڪراچي شهر جي اوائلي تاريخ“: (ڪلهوڙن جو دَور)، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ص: 72-88.

4. ”انگريزن جي دَور ۾ عربي- سنڌي لکاوٽ“: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ص: 89- 127.

 ”مهراڻ“ نمبر 3- سال 2000ع

1. خَط- شاهه ولي الله دهلويءَ جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن“، غلام رباني آگرو، ص: 33-73.

2. ”ميمڻي زبان جو لوڪ ادب“: يحييٰ هاشم ٻاواڻي، سنڌيڪار: رخمان گل پالاري، ص: 74-84.

وکر سو وِهاءِ:

اڳوڻو ”مهراڻ“ رسالو: اپريل 1946ع (جلد 1- نمبر2)،
ص: 153-188.

(موجوده ”مهراڻ“ رسالو 1946ع واري ”مهراڻ“ جو تسلسل آهي ۽ هن ۾ 1946ع جو هڪ مڪمل پرچو ڏنو ويو آهي).

”مهراڻ“ نمبر 4- سال 2000ع

1. ”خط“ (شاهه ولي الله دهلويءَ جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن). قسط-2 غلام رباني آگرو، ص: 33-53.

2. ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ“: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ص: 54-70

3. ”سيد عبدالحسين موسوي- بحيثيت مضمون نگار“: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص: 71-85.

4. ”اروڙ جا قديم آثار“: شيخ خورشيد حسن، سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، ص: 86-89.

5. ”خانقاه عاليه ڀرچونڊي شريف جي ڪتبخاني ۾ قرآن مجيد جي قلمي نسخن جو ناياب ذخيرو“: محمد پنهل ڏهر، ص: 90-111.

6. ”جوهي تعلقي ۾ زردشتي آثار“: عزيز ڪنگراڻي، ص: 112-129.

”مهراڻ“ نمبر 1- سال 2001ع

1. ”قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو“: غلام رباني آگرو، ص: 41-86.

2. ”ٺٽو شهر، ان جو قيام، عروج ۽ زوال“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 78-106.

3. ”ديک ڪبيرا رويا“: (هندي شاعري بابت هڪ جائزو)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ص: 107-122.

4. ”سنڌ ۽ قلات لاڳاپن جو هڪ دستاويزي مطالعو“: غلام محمد لاکو، ص: 123-133.

5. ”سنڌي آتم ڪهاڻيون ۽ آپا شمس عباسي“: تاج جويو، ص: 134-147.

6. ”شاهه عبداللطيف- (پيدائش ۽ وفات جا صحيح عيسوي سن)، محبوب اختر پٺاڻ، ص: 148-153.

”مهراڻ“ نمبر 2- سال 2001ع

1. ”گوجر قبيلو ۽ اُن جي گوجري ٻوليءَ جو اڀياس“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 27-61.

2. ”ٺٽو: ڪلهوڙن جي دَور ۾“: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ص: 62-72.

3. ”سکر جي صحافت جي تاريخ“: ڊاڪٽر انور”فگار“ هـَـڪڙو، (1860 کان 1947 تائين)، ص: 73-112.

4. ”موکي متارا“: استاد لغاري، ص: 113-121.

5. ”يادگيريون“: مولانا عبيدالله سنڌيءَ جا آخري ڏينهن“: ص: 195-198. (مولوي عزيزالله جروار سان ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي خصوصي ملاقات تي مبني انٽرويو، جنهن ۾ مولوي صاحب پنهنجون يادگيريون قلمبند ڪرايون).

”مهراڻ“ 3 ۽ 4- سال 2001ع

1. ”سنڌيءَ ۾ ماهي ثقافت ۽ مهاڻن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو اڀياس“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 25 62.

2. ”نصرت نامه ترخان“- هڪ عام جائزو: ڊاڪٽر
غلام محمد لاکو، ص: 63-78.

3. ”ڪريما“، فارسيءَ جو مطالعو سنڌ ۾: ڊاڪٽر محمد ادريس السندي (ترجما- شرح- تتبع- تضمينون ۽ تخميسون)، ص: 79-109.

4. ”شيخ حاجي محمد صالح ڏاهري رح“: محمد پنهل ڏهر، ص: 110-120.

5. ”سنڌ جي تاريخ جا ڪي ورق“: مترجم: پروفيسر اعجاز قريشي، ص: 121-127.

6. ”سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي“: غلام رباني آگرو، ص: 128-144.

7. ”غريب“ جي سخنوري (ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي شاعري)، ڊاڪٽر انور”فگار“ هَڪڙو، ص: 145-172.

”مهراڻ“ نمبر 1 ۽ 2-  سال 2002ع

1. ”سنڌ ۾ ”جل پوڄا“ جو رواج ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۾ ان جو ذڪر“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 23-50.

2. ”سنڌي لفظن جو لساني جائزو“: دين محمد ڪلهوڙو، ص: 51-70.

3. ”ڳالهيون پير حسام الدين راشدي جون“: (يادگيرين جو سفر)، حميد سنڌي، ص: 71-79.

4. ”علم الانسان ۽ علم الاثار“: سنڌو تهذيب جي تشريح جا اهم ماخذ: شيخ خورشيد حسن، سنڌيڪار: غلام محمد لاکو، ص: 80-86.

5. ”نصرت نامهِّ ترخان“: هڪ تنقيدي جائزو- ڊاڪٽر محمد سليم اختر، سنڌيڪار: عبدالاحد جوڻيجو، ص: 87- 97.

6. ”مير امين الدين خان ٺٽويءَ جون فارسي ادب لاءِ ڪيل خدمتون“: ڊاڪٽر عارف نوشاهي، سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر، ص: 98-107.

7. ”جتي مشرق ۽ مغرب ملن ٿا“ (ترڪيءَ جي شهر ”قونيه“ ۾ مولانا روميءَ جي مزار تي حاضريءَ بابت تاثرات)، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو (مترجم: اڪبر لغاري)، ص: 108-115.

8. ”تنوير عباسي- سنڌي ادب جو موتي داڻو“: شوڪت حسين شورو“، ص: 116-122

9. ”سورٺ- سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار“: ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ص: 123-132.

”مهراڻ“ نمبر 3 ۽ 4- سال 2002ع

1. ”ابوذر غفاري رضه الله عنه“: علي مير شاهه، ص: 33-62.

2. ”سنڌ ۾ مصوريءَ/چترڪاريءَ جي فن جي اوسر“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 63-83

3. ”منهنجي زندگي ڪيئن بسر ٿي؟“ مير غلام الله خان ٽالپر (يادگيريون)، ص: 84-91

4. ”پنڊت برج موهن ڪيفي دتاتريه“: سيد حسام الدين راشدي، سنڌيڪار: ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو، ص: 92-114.

”مهراڻ“ نمبر 1- سال 2003ع

1. ”سنڌ ۾ خوشنويسيءَ ۽ خطاطيءَ جي فن جي ابتدا ۽ اوسر“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 33-64

2. ”ايڪويهين صديءَ ۾ درگاهن جي اهميت ۽ ڪارج“: شوڪت حسين شورو، ص: 65-72.

3. ”سنڌ جي سما حڪمرانن جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو جائزو“: تنوير جوڻيجو، ص: 73-90.

”مهراڻ“ 2 ۽ 3- سال 2003ع

1. ”مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون ڇپيل تصنيفون“: ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، ص: 33-79.

2. ”سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق- پاٽ جي صديقي خاندان لاءِ عالمگير جو فرمان“، عبدالغفار صديقي،ص: 80-86.

3. ”ڊاڪٽر ائنيمري شمل“: غلام رباني آگرو.

”مهراڻ“ نمبر1  (بهار) 2004ع

1. سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ ”مهراڻ“ جو ڪردار، سراج،
ص: 33-34.

2. ”ويدن جا ويچار، سي سنڌيءَ منجهه سُڻايم“: (ساميءَ تي اڀياس)، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 35-44.

3. ”ٽرمپ- ايلس راءِ ۽ سنڌي الف- ب وارو معامرو“: ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 45- 61.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com