سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :31

شاعري

 

”.... سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو فڪر آهي، جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽ مخصوص آهن، جن کي ’ڪافي‘ ۽ ’ڏوهيڙو‘ چئجي ٿو. انهن جا استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون ۽ نج نبار مقامي آهن. اُهو ڪجهه، جيڪو هتان جو ماڻهو پنهنجن اکين سان ڏسي ٿو، جن سان صدين کان وٺي سندس سروڪار آهي ۽ پيڙهين کان وٺي سندس پيچ پيل آهن، تن کي ئي بيان ڪري ٿو. مسلسل نظم جو به سنڌ کي پنهنجو منفرد نمونو آهي، جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سُر ۽ ساز به پنهنجا ته تند ۽ تنوار به پنهنجي آهي. باوجود ان جي، جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي ظالمانه قبضي جي پيڙا رهي، غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو، ٻاهرين جون رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي فطرت ۽ فڪر تي اثرانداز ٿي نه سگهيا ۽ نه انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حُسن جي پرک پنهنجي، عشق جو معيار الڳ، محبوب جو تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن، آرزوئن ۽ اُمنگن جو اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۾ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق کان ڪِريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور. ڳالهه توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي، ليڪن انت وڃي حقيقي عشق سان ٿيندس....“

- سيد حسام الدين راشدي

 ڊاڪٽر سحرامداد حسيني

ٽِه- ماهي ”مهراڻ“- اڌ صديءَ کان سنڌي شاعريءَ جو اُهڃاڻ

(هڪ سرسري جائزو)

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ 1940ع ۾ سنڌ سرڪار پاران ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو ويو. سيد ميران محمد شاهه ان بورڊ جو پهريون چيئرمن ٿيو ۽ مرڪزي صلاحڪار بورڊ کان ”سنڌي ادبي بورڊ“ ٿيڻ تائين سانده ڏهه سال ان جو سربراهه رهيو. مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي مُول متن ۾ هڪڙي ادبي رسالي جو اجرا ِّ به شامل هو.

”مهراڻ“ جو پهريون پرچو 1946ع  ۾ نڪتو. ائين ”مهراڻ“ جو پهريون دور 1946ع کان 1948ع (جون) تائين هليو(1) . 1946ع ۽ 1947ع جي ٻن سالن ۾ ”مهراڻ” ريگيولر نڪتو. جيتوڻيڪ انهن پرچن جي ضخامت گهڻي نه هئي، پر انهن مختصر پرچن جي پويان مقصد وڏا هئا: سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ، ڦهلاءُ ۽ ڦلار جا مقصد. ان وقت چئن ڄڻن تي مشتمل هڪ ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو ويو هو، جنهن ۾ عثمان علي انصاري (چيئرمن)، مولانا دين محمد وفائي (چيف ايڊيٽر)، لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي (مئنيجنگ ايڊيٽر)، ۽ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي (ايڊيٽر) شامل هئا.

1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان ٺهيو. ورهاڱي جي نتيجي ۾ اوچتو حالتون بدليون- هٿراڌو انتشار پيدا ڪرڻ لاءِ شهرن ۾ هُل هنگاما ڪرايا ويا، خونريزيون ٿيون ۽ نيٺ لڏپلاڻ ٿي، جيڪا  ان منصوبي جو حصو نه هئي. بهرحال قصو مختصر ته ان سموري بدليل ماحول جي نتيجي ۾ ”مهراڻ“ جي ڇپائي پڻ متاثر ٿي ۽ 1948ع ۾ 6 مهينن جو هڪڙو گڏيل پرچو نڪتو: جنوريءَ- جون جو پرچو. اهو پرچو ”مهراڻ“ جي پهرئين دَور جو آخري پرچو هو:

”اهو پرچو گويا ”مهراڻ“ جي پهرئين دَور جي پُڄاڻي ثابت ٿيو ۽ اڄ تائين ”مهراڻ“ وري نه نڪتو.“ (گذارش، مهراڻ، سيارو 1955ع، ص: 2)

 ”مهراڻ“ جي پيڙهه مضبوط بنيادن تي پئي هئي. لالچند امرڏني مل جهڙو يڪتا شاعر ۽ اديب ان جو مئنيجنگ ايڊيٽر هجي ۽ هرومل سدارنگاڻي ان جو ايڊيٽر هجي ته ٻيو ڇا گهرجي؟ پر وقت انهن کي وِٿي نه ڏني ۽ وقت جي ستم ظريفيءَ هنن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو. ڊگهي ماٺار کان پوءِ ”مهراڻ“ وري موج ۾ آيو.

 ”مهراڻ“ جو ٻيو دَور 1955 کان شروع ٿئي ٿو. پنجاهه سالن جي ان طويل عرصي کي آءٌ ٽن مکيه دَورن ۾ ورهايان ٿي:

(1) محمد ابراهيم جويو - دَور

(2) غلام محمد گرامي - دَور

(3) امداد حسيني     -  دَور

ان جي چوٿين دور کي Post Imdad Hussiani Period  چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ”مهراڻ“ ڪي به نيون روايتون قائم نه ڪري سگهيو.

محمدابراهيم جويو - دَور:

مهراڻ جو اهو دَور 1955 کان 1956 تائين هليو. ان وقت محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو. هو ساڳئي وقت مهراڻ جو ايڊيٽر به رهيو. محمد ابراهيم جويو، جيڪو خود به هڪ سٺو نثرنويس هو ۽ جنهن کي شاعريءَ جو شعور پڻ هو. ان سان گڏ شمشيرالحيدريءَ جهڙو پنهنجي دَور جو هڪ اهم شاعر ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو، اسسٽنٽ ايڊيٽر طور سندس ٻانهن ٻيلي رهيو. اهوئي سبب آهي، جو مهراڻ جهڙو مخزن ادب ۾ اعليٰ روايتون قائم ڪري سگهيو.

 ”مهراڻ“ جي ٻئي دور جي شروعات ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور ماڻهوءَ ان جي آڳ واڳ سنڀالي ۽ ان جو ايڊيٽر ٿيو.

 ”مهراڻ“ جي پهرئين ايڊيٽوريل ۾ پنهنجي قومي فرضن کي سڃاڻڻ ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ تي زور ڏنو ويو:

”اڄ هر قوم پنهنجي ادب ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهڙي دَور ۾ سنڌي قوم تي فرض آهي ته هو پنهنجي ادب ۽ تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت جي خدمت ۽ اشاعت لاءِ ڪمربسته ٿئي.“   

(گذارش- مهراڻ، سيارو 1955ع، ص: 3)

”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي (سيارو 1955ع) کان ئي تمام اعليٰ ۽ معياري شاعري ڇپجڻ شروع ٿي. ان دَور جو مهراڻ پنهنجي مضمونن، مقالن، ڪهاڻين توڙي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ اعليٰ مقام رکندو هو. مهراڻ جي ان پهرئين پرچي ۾ خود شاعريءَ جي حوالي سان ٻه اهم تحقيقي مقالا پڻ ڇپيا هئا، جن مان هڪڙو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو طويل ۽ اهم مقالو ”سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو“ (قسط-1) هو ۽ ٻيو مقالو جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ جو ”شاهه جي شعر جي بناوت تي هڪ نظر”“ هو. اهڙا مقالا علم جي وسعت ۽ ترويج سان گڏ اديبن ۽ شاعرن جي تربيت پڻ ڪندا آهن ۽ شين کي منطقي نموني سمجهڻ جو شعور بخشيندا آهن.

ڊسمبر 1954ع ۾ ون يونٽ قائم ٿيو، 1955ع جنوري ۾ ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿيو ۽ ائين سنڌي شاعرن ۽ اديبن پنهنجي نئين سفر جي شروعات ئي ڪنڊائن پيچرن تان ڪئي. سنڌي شاعر پنهنجي نئين سڃاڻپ ماڻڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي re-invent ڪرڻ جي مرحلي ۾ ئي هئا، جو رياستي قانون سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي سوڙهي ۽ سوگهي ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهڻ ۽ قانون گهڙڻ شروع ڪيا. تڏهن اسان جي شاعرن ۽ اديبن علامتي ادب جي اهميت کي ڄاتو ۽ شعر توڙي نثر ۾ ”اهڃاڻ“ (Symbol) جي اهميت، وقت جي ضرورت هئي. اسان جي ليکڪن، نثرنويسن توڙي شاعرن اهڃاڻن جو سهڻو استعمال ڪيو. ”مهراڻ“- بهار 1955ع جي ايڊيٽوريل ”گذارش“ ۾، 1860ع ۾ گڏيل فوجن پاران اٽليءَ جي فتح کان پوءِ، اتي جي هڪ محب وطن گئري بالڊيءَ جو حوالو ڏيندي، هن جا جملا لکيا ويا آهن:

      ”ملڪ  منهنجو  ويو،  ته نيٺ  وري  پوندو،

منهنجي ٻـــولــي شل مون کان نه وڃي!“ (ص: 2)

اهو جملو، بلڪ اهي سِٽون سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت ان ڳڻتيءَ جو اظهار آهن، جيڪا اٽليءَ جي حوالي سان ڪئي وئي هئي- ان کي اسين اشاريت چئون، رمزيت چئون، پر بهرحال اتي اٽلي سنئون سِڌو ”سنڌ“ جو اهڃاڻ (Symbol) آهي.

سو، ان قهري دَور ۾ به سنڌ جي سمورين ساڃهه وند ڌُرين تن من ۽ ڌن سان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪيو. ان ساڳئي ايڊيٽوريل (گذارش) ۾ سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت جي امتيازي خصوصيتن جو ذڪر ڪري، هڪ سِٽ لکي وئي، جيڪا اڳتي هلي هڪ سلوگن بڻجي وئي ته:

 ”سنڌي ٻولي امر آهي.“  (ساڳيو، ص: 3)

ان ايڊيٽوريل ۾ ادب جي بنيادي ڪارج بابت چٽائيءَ سان لکيو ويو آهي ته، ”ادب محض واندڪائيءَ جي وندر ۽ ناموري ۽ پيسي ڪمائڻ جو ذريعو ناهي.“ بلڪ ان ”گذارش“ ۾ م.ا.ج صحيح سمجهه ۽ شعور روشناس ڪرڻ، دنيا بدلائڻ ۽ نئين سر ٺاهڻ، نوان جذبا ۽ همٿ پيدا ڪرڻ، نوان عزم ۽ ارادا پيدا ڪرڻ، سچ لاءِ محبت ۽ حسن جي پروڙ ۽ پرک لاءِ جمالياتي حِس پيدا ڪرڻ جهڙن اعليٰ مقصدن کي آڏو رکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هو ”ٻوليءَ ۽ ادب جي تحفظ جو گڏيل مقصد“ آڏي رکڻ جي پڻ ڳالهه ڪري ٿو. اهڙو نگهوساريت جو دور، جڏهن سنڌ جي ڪُماڻهن پنهنجي خسيس مفادن لاءِ رياست سان ٺاهه ڪيو ۽ ون يونٽ ٺاهيو، تڏهن اهو سنڌي اديب ۽ شاعر ئي هو، جنهن ”سنڌ“ کي پنهنجي شاعريءَ جي سِٽن ۾ زندهه رکيو ۽ انهن ئي سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ ۽ ڦلار ۽ ان جي بچاءُ لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو.

هنن وطن جي لـڄ وڪڻندڙ ۽ سِٽون سٽيندڙن کي پنهنجي سٽن ۾ وائکو ڪيو:

وطن جي لڄ وڪامي ٿي، سَر بازار ڪوڏين تي،
ڀلائي ٻي ڪندين بيدادگر! ڪَهڙي اڃان باقي؟
                                      (عبدالڪريم گدائي)

 

غلام محمد گرامي 1955 کان 1960 تائين ”مهراڻ“ جي دَور کي ان جي ”نشاهِ ثانيه“ جو دور چئي ٿو. هو 1960 جي ”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي جي ايڊيٽوريل (گذارش) ۾ لکي ٿو:

 ”مهراڻ پنهنجي ’نشاهِ ثانيه‘ جي دَور ۾ 1955 کان اڄ تائين، حتي المقدور زندگي بخش ۽ صحتمند قدرن جو حامل رهندو آيو آهي.“ (ص: 5)

اِهو دَور نه رڳو ”مهراڻ“ جي نشاهِ ثانيه جو دَور هو، پر پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تباهه ٿيل ماحول ۽ گهُگُهه اونداهي دَور کان پوءِ خود سنڌي ادب جي renaissance  جو دَور هو، نين روشنين جو دَور ۽ نئين تعمير جو دَور!

غلام محمد گرامي - دَور:

غلام محمد گرامي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ان وقت مقرر ٿيو، جڏهن ”مهراڻ“ جي پيڙهه مضبوط بنيادن تي نه رڳو رکجي چڪي هئي. بلڪ مهراڻ، اعليٰ روايتن جو علمبردار بڻجي چڪو هو. ”مهراڻ“ کي پنهنجي دَور جي نامور اسڪالرن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو مڪمل ساٿ ۽ سهڪار حاصل هو. غلام محمد گرامي پاڻ به هڪ شاعر ۽ عالم هو، عملي طور تي ادبي تحريڪن جي اڳئين صف ۾ شامل رهيو. هن ”مهراڻ“ جي قائم ٿيل روايتن کي جاري رکيو.

 گرامي سنڌي ادب توڙي اديب، ۽ خود سماج توڙي فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڪيترائي سوال اُٿاريا:

 ”سچ پچ ته هن دَور جي زندگيءَ ۽ موت جو سوال وابستا آهي دانشور طبقي سان، جن جي فن ۽ فڪر سان، قوم ۾ صالح ۽ صحتمند انقلاب پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ هيءُ مرده ۽ کوکلو سماج نه فقط زندهه ٿي سگهي ٿو، پر هڪ مثالي سماج بڻجي سگهي ٿو.“ (ص: 10)

شاعر ۽ اديب پنهنجي فن ۽ فڪر سان نه رڳو انقلاب آڻي سگهن ٿا، پر هڪ مرده ۽ کوکلي سماج کي هڪ زندهه سماج ۾ بدلائي سگهن ٿا. هڪ مثالي سماج جا جنم داتا آهن- شاعر ۽ اديب. شاعر جي سُک ۽ سُڪار آڻي نٿو سگهي، ته به هو ان سُک ۽ سُڪار جا سُپنا ضرور اُڻي ٿو ۽ عوام کي اهي سونهري سُپنا آڇي ٿو ۽ اهي سونهري سُپنا ئي عوام ۾ جيئڻ جو اُتساهه پيدا ڪندا آهن. شاعر جو آدرش ڪيڏو نه اوچو ۽ اعليٰ آهي. اهو غلام محمد گراميءَ 1964ع جي ڇهن مهينن جي گڏيل پرچي ۾ پنهنجي ضخيم مقالي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ۾ سمجهايو. هڪ سرڪاري گرانٽ تي هلندڙ اداري ۾ اهڙو مقالو ڇپڻ به جگر جو ڪم هو، جيڪو گراميءَ ڪيو.

ظالم ۽ ڦورو طبقن کي شاعر جو شعور ۽ عوام جو اُتساهه ڪونه ٿو وڻي. هر دَور جا آمر تخليقڪار جي قلم کان ڪؤ کائيندا آهن. اهوئي سبب آهي جو جن تخليقڪارن پنهنجي جيئرين جاڳندين سِٽن سان هڪ مرده ۽ کوکلي سماج ۾ روح ٿي ڦوڪيو، ته موت جي واپارين کي اها زندگيءَ جي نويد نه وڻي. غلام محمد گراميءَ جي دَور ۾ ئي ”مهراڻ“ مان تخليقي ادب- شاعريءَ ۽ ڪهاڻيون ڇپجڻ تي پابندي مڙهي وئي. اونداهه جي هيراڪن کي روشني نه وڻي، انڪري انهن سج آڏو سُپ ڏنو- ۽ تخليقي ادب جو ڀاڱو ”مهراڻ“ ۾ بند ڪيو ويو. شايد انهن سمجهيو ته ائين شاعر شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏيندا- پر شاعر نه رڳو شعر چوندا رهيا، بلڪ ”سنڌي شامن“ ۾ عوام جي روبرو اهي شعر پڙهندا به رهيا. ائين سنڌي شاعريءَ جو شاندار سفر جاري رهيو.

”مهراڻ“ جو اهو دَور هڪ ڏکيو دَور هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ جون (1959ع) ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪون پوري زور شور سان هليون. ”مهراڻ“ انهن تحريڪن جي سڌي اڻسڌيءَ طرح پٺڀرائي ڪندو رهيو. سنڌي زبان سوسائٽيءَ جون مڪمل رپورٽون ”مهراڻ“ جي پرچن ۾ محفوظ آهن. ان ريت ”مهراڻ“ هڪ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو. بقول گرامي صاحب ”مهراڻ“ حتي المقدور زندگي بخش ادب ڇپيندو رهيو. ائين زندگي بخش ادب ڏيندي ڏيندي، گرامي پنهنجي زندگي ڏيئي ڇڏي!

غلام محمد گراميءَ جو مهراڻ سان هڪ طويل سفر پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو- 1976ع ۾.

امداد حسيني - دَور:

اتان کان ان عَلَم کي امداد حسينيءَ پنهنجي مضبوط هٿن ۾ سنڀاليو. امداد  ان عَلَم کي اوچو اُڀ ڏانهن رکيو. ”مهراڻ“ جو امداد حسينيءَ جو دَور جيتوڻيڪ ٽن مختلف ٽڪرن ۾ وراهيل آهي، پر ان ۾ 1977ع ّکان وٺي اڄ تائين سوچ جي اها زندگي بخش ڌارا روان دوان آهي. 79-1977ع جي ٻن سالن ۾ (جڏهن امداد حسينيءَ کي خاص ”مهراڻ“ سنڀالڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ کان ڊيپوٽيشن تي گهرايو ويو هو). هن ”مهراڻ“ جا نو(9) يادگار پرچا ڏنا. ان ۾ نائون پرچو گراميءَ جي دور (1976ع) جو آخري پرچو هو- جڏهن ته ”مهراڻ“ جي آفيس ۾ ڪو پنو، ڪو ليک، ڪو شعر، ڪجهه به لکيل مواد موجود نه هو. آءٌ ان جي اکين ڏٺي گواهه آهيان ته امداد ڪيئن پنو پنو ڪري مواد گڏ ڪيو هو.

”مهراڻ“ جا اهي پرچا امداد حسينيءَ جي فڪري ڪسوٽيءَ جا ماڻ ۽ ماپا هئا ۽ جيڪي هن جي تخليقيت جي اعليٰ معيار جو عڪس هئا. انهن پرچن جا لکيل سندس ايڊيٽوريل هڪ نئين تاريخ رقم ڪن ٿا ۽ هو اسان کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڏياري ٿو:

”ٻولي ۽ ان جي آوازن کي صدين ۽ جُڳن جو پس منظر آهي ۽ انهن کي صدين ۽ جڳن جو پيش منظر ڏيڻ اڄ جي اديب ۽ شاعر جو ڪم آهي ۽ ائين اسان جون ذميواريون گهٽجن نٿيون بلڪ وڌي وڃن ٿيون.“

(سوچ لوچ، مهراڻ 1-2/1977ع، ص: 5)

هو سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ جي فرضن ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن اسان جي ورتاءُ جي ڳالهه ڪيڏي نه دردمنديءَ سان ڪري ٿو:

”ٻوليءَ سان اسان جو ورتاءُ عام طور تي نستو، ٿڌو ۽ ڏاڍو ڏکوئيندڙ پئي رهيو آهي. گهرن ۽ گهٽين جي غير سنڌي ماحول، غير سنڌي ميڊيم اسڪولن هاڻوڪي نسل جي ٻيڙي تاري ڇڏي آهي. ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جا لاهه اڳيئي نڪتل آهن. رهي کهي ڪسر اخبارن ڪڍي ڇڏي آهي. اجوڳا ڌاريان لفظ ته ڇا، جملن جو سٽاءُ به سنڌي نه هوندو آهي. ريڊيو، ٽي.وي، ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا ٻوليءَ جي ڦهلاءُ جا مکيه وسيلا آهن. انهن تي چوڪسي هئڻ ضروري آهي. انهن کي ٻوليءَ، ساهت ۽ سنگيت لاءِ ڪارائتي بنائڻ لاءِ اثرائتا اُپاءَ وٺڻ ضروري آهن. اهو هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ جو فرض آهي، ته هو جڏهن به، جتي به ٻوليءَ سان هاڃو ٿيندي ڏسي، ته هڪ پوسٽ ڪارڊ وسيلي، واسطيدار اداري تائين پنهنجي راءِ ضرور موڪلي.“ (ص: 6)

امداد حسينيءَ وٽ هر خطري کي منهن سمهون ٿيڻ ۽ هر چئلينج کي قبولڻ جي سگهه هئي. هن ٺهيل ٺڪيل نظرين، مدي خارج ۽ اڏوهي کاڌل ويچارن کي وائکو ڪيو ۽ ”مهراڻ” کي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي ڦهلاءَ ۽ ڦلار جي ڏس ۾، ڏکين حالتن هوندي به، هڪ اهڃاڻي ڪردار عطا ڪيو.

ٻن سالن جي ان دَور کان پوءِ 92-1991ع جو هڪڙو پورو سال (۽ ان هڪڙي سال ۾ امداد حسينيءَ ”مهراڻ“ جا پنج پرچا ڏنا) ۽ ان کان پوءِ 2004ع کان وٺي اڄ تائين امداد حسينيءَ جي چيف ايڊيٽر شپ ۾ نڪرندڙ ”مهراڻ“ جي انهيءَ سموري عرصي کي، مان 79-1977ع واري دَور جي Extension ئي سمجهان ٿي. جيتوڻيڪ ان عرصي ۾ پُل هيٺان ڪيترو پاڻي لنگهي چڪو آهي. اسان جي سينئر ٽهيءَ جا ڪيترائي ناميارا شاعر ۽ اديب اسان ۾ نه رهيا آهن. اسين هاڻ انهن جي ڪابه نئين شيءِ نه پڙهي سگهنداسين. ها، هو اسان جي روشن تاريخ جو حصو ضرور بڻجي ويا آهن. سينئرن مان جيڪي بچيا آهن (الله انهن کي ڏينهن ڏئي) انهن مان گهڻن لکڻ تياڳي ڇڏيو آهي، باقي نون لکندڙن ۾ ڪن ٿورن شاعرن ۽ اديبن جي تحريرن ۾ دم آهي، نه ته ٻيو ڪُل پيران دا خير!

امداد جڏهن 1992ع ۾ سيڪريٽري (ايڊيشنل چارج) سنڌي ادبي بورڊ ٿي آيو هو، تڏهن ”مهراڻ“ جا ٻه پرچا نه اچي سگهيا هئا. يعني ”مهراڻ“ اڳ ۾ ئي ٻه پرچا ليٽ هو- ۽ اتي مواد جي ڏس ۾ ڪاريءَ وارا ڪک هئا. ڪو ليک، ڪو پنو، ڪا سِٽ ڪانه هئي.... ۽ امداد حسينيءَ سِٽ سِٽ ڪري، پنو پنو ڪري- ليک، ڪهاڻيون، مقالا ۽ شاعري ڪٺي ڪئي. هي اهو دَور هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل سنڌي اديبن جو بورڊ سان بائيڪاٽ هو، جيڪو امداد حسينيءَ جي اچڻ سان به ختم نه ٿيو! جيتوڻيڪ شيخ اياز به سنگت جي ساٿين کي امداد سان سهڪار ڪرڻ ۽ بائيڪاٽ ختم ڪرڻ لاءِ چيو هو، جنهن جو ثبوت خود ان دَور ۾ مهراڻ ۾ شيخ اياز جي تحريرن جو ڇپجڻ آهي. اياز نه رڳو سهڪار ڪيو، پر ڀرپور سهڪار ڪيو. بهرحال قصو ڪوتاه، سنگت جي بائيڪاٽ باوجود امداد اڪيلي سر ”مهراڻ“ جا پنج(5) عاليشان پرچا سنڌي ادب کي ڏنا- اهو سڀ ائين ئي ڪونه ٿيو، هن پنهنجا ڏينهن توڙي راتيون، بورڊ کي بلڪ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپيون. هن هڪڙي ماڻهوءَ ٽن ايڊيٽرن جون ذميواريون نڀايون، ڪتابن جي پبليڪيشن جون ذميواريون توڙي انتظامي ذميواريون به نڀايون. ”مهراڻ“ جي ايڊيٽوريل ۾ هو سموري صورتحال کي اجهو هيئن چِٽي ٿو:

”۽ پوءِ برف پگهرڻ لڳي

ٽيپو..... ٽيپو ٿي

ڦڙو..... ڦڙو ٿي پگهرڻ لڳي.

۽ پوءِ نئيون، نديون ۽ نالا وهيا

۽ هاڻ مهراڻ ڇولان ڇول آهي

مان جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو هئس

تڏهن مهراڻ ۾ واري پئي اُڏامي

ان ۾ هڪ بوند (لفظ) به نه هئي

ان ۾ ڪائي لهر (سِٽ) به نٿي لُڇي

هڪ پنو به نه هو مهراڻ لاءِ!

۽ پوءِ لفظ لفظ چونڊڻو پيو

ائين جيئن ست- رنگا پيرون چونڊبا آهن

سِٽ سِٽ لسارڻي پئي

ايئن جيئن پوڻيءَ مان تند لساربي آهي

پنو پنو گڏ ڪرڻو پيو،

۽ پوءِ برف پگهرڻ لڳي

ٽيپو..... ٽيپو ٿي

ڦڙو.... ڦڙو ٿي پگهرڻ لڳي

۽ هاڻي مهراڻ ڇولان ڇول آهي

         (سوچ لوچ، مهراڻ 1-2/1992ع، ص: 2)

ايڊيٽوريل جو اهو آخري ڀاڱو ڪيڏو نه Poetical ۽ ڪيڏو نه Impressive آهي ۽ ڪيڏو نه گهرو سچ آهي ان ۾، اهو سچ سنڌو دريا جي حوالي سان به آهي ته ”مهراڻ“ ادبي مخزن جي حوالي سان به آهي:

That is what literature is!

اڄ جڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جون آخري هڏڪيون پيون پون، تڏهن شاعريءَ جي صورتحال بهرحال ايڏي مايوس ڪندڙ به ناهي. گهٽ ۾ گهٽ مهراڻ جي صفحن ۾ ڇپجندڙ شاعري ”ايڊيٽنگ“ جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. انڪري ئي مان هميشه چوندي آهيان ته ڪنهن به ٻوليءَ کي، ان جي ادب ۽ شاعريءَ کي هڪ سٺو ايڊيٽر بچائي سگهي ٿو. هڪ اهڙو ايڊيٽر جيڪو ٻولي، ادب، آرٽ، گرامر، صورتخطيءَ، نثر توڙي شعر جي ٽيڪنيڪل ضرورتن بابت گهڻي ڄاڻ رکندو هجي ۽ تحرير جي تخليقي حسن بابت گهڻو حساس هجي. امداد حسينيءَ ۾ هڪ سٺي ايڊيٽر واريون اهي سڀ خوبيون موجود آهن. ساڳئي وقت هو هڪ يڪتا شاعر آهي، ذهين ۽ جينئس آهي، انڪري ئي ”ڏڏ ٿي ڏاڻ گهرڻ“ وارن جي ”اک جو ڪنڊو“ هُو اڄ به آهي. مٿي تي ڪنڊن جو تاج پائي راهن ۾ وڇايل ڪنڊن تان رت ڳاڙيندو هو اڄ به لڳاتار پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي. ڇو ته هن جو ويساهه آهي ته:

ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇپون پير ڇِنن،
ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائِيان!

 

سو، مهراڻ 1955ع کان وٺي اڄ تائين شاعريءَ ۽ ادب جي اعليٰ قدرن کي قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. شروع کان وٺي اڄ تائين مهراڻ ۾ ڇپجندڙ شاعري هر مڪتبهِّ فڪر جي عڪاسي ڪندي هئي، ڇو ته هر شاعر مختلف رنگ ۾ شاعري ڪندو آهي. انڪري ڪنهن به دَور جي شاعري مڪمل طور هڪڙي ئي رڱ ۾ رڱيل ٿي ئي نٿي سگهي. انڪري ئي مهراڻ ۾ ڇپيل شاعريءَ ۾ جديديت توڙي قديميت، تفريديت توڙي تجريديت، لوڪ توڙي ڪلاسيڪل، تصوريت پسندي، تاثريت پسندي، شعوريت پسندي، لاشعوريت پسندي، اهڃاڻيت پسندي- غرض ته شاعريءَ جو هر رنگ اسان کي مهراڻ جي صفحن ۾ ملندو. هن دَور ۾ ٽي چٽيون ڌارائون اسان کي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون:

(1) جديديت

(2) نيم ڪلاسيڪي

(3) روايتي

شاعريءَ ۾ جديديت جي ڌارا ۾ پاڻ ڳڻائيندڙ شاعرن ۾ خود گهڻي Variation اسان کي ملندي. ڪن تي ڪلاسيڪي رنگ ۽ فڪر Dominating آهي، ته ڪن تي وري لوڪ رنگ حاوي آهي، انڪري ئي 1955ع کان وٺي مهراڻ جي شاعريءَ جي صفحن ۾ ڇپيل مختلف شاعرن جي شاعريءَ ۾ سيد ميران محمد شاهه جو ڪلاسيڪيت جو رنگ به اسان کي ملندو، ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نيم ڪلاسيڪيت جو رنگ به انهن صفحن ۾ اسان کي ملندو، ته حاجي احمد ملاح جو نج سنڌي رنگ ۽ عوامي فڪر واري شاعري به اسان کي مهراڻ جي صفحن ۾ملندي، ته دلگير جي دنيوي فڪر واري شاعري به ملندي، ته اسان کي شيخ اياز جي انقلابيت جو رنگ به ملندو، ته تنوير عباسيءَ جو رومانيت جو رنگ به ملندو، ته بردي سنڌيءَ جو لوڪ رنگ به ملندو، ته عبدالڪريم گدائيءَ جو حقيقت پسنديءَ جو رنگ به ملندو، ته نياز همايونيءَ جي تاريخيت جو رنگ به ملندو، ته امداد حسينيءَ جي جديديت جو رنگ به ملندو، ته شمشير جو ڳُوڙهو فڪر به ملندو، ته بشير مورياڻيءَ جي تجربيت به ملندي، ته نعيم دريشاڻيءَ جي تجريديت جو رنگ به ملندو، ته گورڌن محبوباڻيءَ، سروپچندر شاد ۽ قمر شهباز جي نغمگيءَ به ملندي، ته ذوالفقار راشديءَ جي تغزل جو رنگ به ملندو، ته سليم ڳاڙهويءَ جي قوميت جو رنگ به ملندو، ته انورپيرزادي جي مارڪسيت جو رنگ به ملندو،(1) ته اسان کي 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪيترن ئي شاعرن وٽ مابعد جديديت جو رنگ به ملندو، ان ريت انڊلٺ جي ستن رنگن مان ٺهيل سهسين شيڊز اسان کي مهراڻ ۾ ڇپيل سنڌي شاعريءَ ۾ نظر ايندا.

مهراڻ جي ان کير ڌارا  ۾ سوين شاعر ستارن جيان چمڪندي ڏسڻ ۾ ايندا. انهن مان ڪيترا پنهنجي حصي جي روشني ڏيئي کِڙي چڪا، انهن مان ڪيترا تاريخ جي پنن تي رقم ٿي چڪا. انهن مان ڪيترا اڄ به ستارن جيان اسان جا سونهان آهن. انهن هيڏن ستارن ۾ ڪو زهرو آهي، ته ڪو مريخ ۽ مشتري، ته ڪو قطب تارو به آهي، جو ڏسائن جو ڏس ڏئي ٿو ۽ ڀُليلن کي رستو ڏيکاري ٿو ۽ ٻيا هزارين ستارا جن کان سواءِ ادب جو آسمان جيڪر ٻُسو ٻُسو لڳي.

1955ع کان 2005ع تائين جي پنجاهه سالن ۾ سَون شاعرن کي ”مهراڻ“ ڇپيو هوندو. ان هيڏي شاعريءَ ۾ اسان کي ”بيت“ جو نِجپڻو به ملندو، ته ”وائيءَ“ ۽ ”ڪافي“ جي سريلائپ به ملندي، ته ”رباعيءَ“ جو رعب به ملندو، ته ”قطع“ جي ڪاٽ به ملندي، ته ”دوهي“ جي دلبري به ملندي، ته ”گيت“ جي نغمگي به ملندي، ته ”غزل“ جو تغزل به ملندو، ته ”نظم“ جو نيمڪ به ملندو، ته ”آزاد نظم“ جي آزادگي به ملندي، ته ”قصيدي، جو قصد به ملندو، ته ”هائيڪو“ جي هِڪَ به ملندي، ته ”ٽيڙوءَ“ جي ٽِم ٽِم به ملندي، ته اولهه کان آيل نين صنفن ”سانيٽ“ ۽ ”ترائيل“ جو تِڙڪو به ملندو. ائين سنڌي شاعريءَ جي گوناگوني، ان جو منفرد ساءُ ۽ سواد ۽ خود ان جي خوشبو ۽ رنگ، من کي وڻندا ۽ روح ۾ ترنگ ڀريندا ۽ سمورن حواسن تي حاوي ٿيندا ويندا.

اسين ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل شاعريءَ جي انهن پنجاهه سالن کي ڏهن ڏهن سالن جي پنجن ڌارائن ۾ جي ورهايون، ته اسين پنج مکيه رنگ شاعريءَ جا انهن سالن ۾ پَسنداسين ۽ شاعريءَ جا اهي مکيه رنگ آهن: ترقي پسندي، قومي، نيم ڪلاسيڪي، جديد ۽ مابعد جديد. انهن مان ڪنهن به هڪڙي رنگ جو ڦهلاءُ ۽ جٽاءُ ڏهن کان پندرهن سالن تائين ئي آهي. ڪنهن به هڪڙي دَور ۾- جي اسين ائين سمجهون ٿا، ته محض هڪڙي قسم جي ۽ هڪڙي ئي رنگ جي شاعري ٿي رهي آهي- يا ٿيندي رهڻ کپي، ته اسين ڀُليل آهيون، ڇو ته ڪنهن به هڪڙي دَور ۾، اهڙا سوين هزارين ماڻهو هوندا، جيڪي هڪٻئي کان بنهه مختلف نموني سوچين ٿا ۽ محسوس ڪن ٿا ۽ عمل ڪن ٿا. انڪري فڪر جي انهن مختلف ڌارائن جو اثر شاعريءَ تي اَوس پئي ٿو. خود هڪڙو شاعر به مختلف وقتن ۽ مختلف موڊس ۾ مختلف حالتن ۾، مختلف جذبن، مختلف احساسن ۽ ڪيفيتن کي مختلف انداز ۾ تحرير ڪري سگهي ٿو.

انڪري ئي شاعري صدين کان ٿئي پئي ۽ پوءِ به پراڻي نه ٿي آهي. نِت نِت نئين آهي شاعري. اهو ائين ئي آهي جيئن سنڌو درياهه صدين کان وَهي پيو، پر سنڌوءَ جو پاڻي هر ڀيري نئون آهي ۽ روان آهي. دريا جي ڌارا ۾ پراڻو پاڻي ۽ نئون پاڻي مسلسل ائين ملندو رهي ٿو، جو پراڻي ۽ نئين جو ڪو سَنڌو سيڙهو نٿو رهي. اهي نوان پراڻا پاڻي ڪڏهن ڌيمي ڌارا جي صورت، ته ڪڏهن تيز گڙگاٽ ڪندا وهن ٿا. ان مسلسل روان پاڻيءَ ۾ ڪڏهن ڪو خراب ۽ Contaminated پاڻي به جيڪڏهن ٿوري مقدار ۾ اچي ٿو وڃي، ته اهو پڻ پاڻيءَ جي وهندڙ ڌارا ۾ ملي Dilute ٿي گم ٿي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته پاڻي نه پراڻو آهي، نڪو ئي نئون آهي، پاڻي فقط پاڻي آهي: صاف، سٺو، مِٺو، ٿڌو ۽ زندگي بخش. سو شاعري به سدا وهندڙ دريا وانگر آهي ۽ شاعريءَ جي مسلسل وهندڙ وهڪري جي روانيءَ ۾ پڻ اهڙوئي ڪمال آهي.

سو 1955ع ۾ ”مهراڻ“ جي اجراءَ شاعريءَ جي ان سدا وهندڙ ڌارا کي هڪ نئون گس ڏنو. انڪري ڪيترائي اهڙا شاعر جيڪي تخليق جو هُنر ڄاڻندا هئا، پر سنڌيءَ ۾ ڪنهن سٺي ۽ ريگيولر رسالي نه هجڻ ڪري، ٻين ٻولين ۾ لکڻ لڳا هئا تن کي پڻ ”مهراڻ“ پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ ائين هو خود به پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي جاتيءَ سان ٻيهر جُڙيا. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال شيخ اياز جو کڻي سگهون ٿا، جنهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1948ع کان وٺي، ڪراچيءَ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻين ۾ نه رڳو شرڪت ڪئي، پر اتي پنهنجا اڙدو نظم پڻ پڙهيا. ائين 1952ع ۾ سکر لڏي وڃڻ کان پوءِ، هن جا گهڻي ڀاڱي دوست اڙدو سرڪل سان واسطو رکندڙ اديب ۽ شاعر هئا، جن جو ذڪر هو خود به بار بار ڪندو رهيو آهي ۽ خود آفاق صديقي ان جو گواهه آهي ته اياز انهن گڏجاڻين ۾ پنهنجا اڙدو نظم ۽ آزاد نظم پيش ڪندو هو.

انڪري ئي اياز جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو اڙدوءَ ۾ ”بوئي گل نالئه دل“ جي عنوان سان 1954ع ڌاري سکر مان ڇپيو، جنهن جي هڪڙي ڪاپي خود شيخ اياز 1969ع ۾ مون کي تحفي ۾ ڏني هئي. ان ڏس ۾ ”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي ۾ شيخ مبارڪ ”اياز“ جي بيتن کان پهرين، هن جي خط جو هڪڙو ٽڪرو ڇپيل آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو:

”ڪجهه وقت اڳ، مان اردوءَ کي پنهنجي خيالات جو ذريعئه اظهار انڪري بڻايو جو مون سمجهيو ته اردو سنڌيءَ کان وڌيڪ وسعت ٿي رکي ۽ منهنجي خيالات جي پيچيدگي ۽ گهرائي ان ۾ چڱي طرح سمائجي سگهندي.“ (مهراڻ، سيارو 1955ع، ص: 6)

سو، ”مهراڻ“ جو اچڻ اسان لاءِ مبارڪ ثابت ٿيو جو شيخ مبارڪ ”اياز“ اڙدوءَ کان سنڌيءَ ڏانهن لڙيو، پر هن جو لڙڻ سج جو لڙڻ بنهه نه هو. هن ته ”مهراڻ“ جي ڪنڌيءَ تان سج جيان ڪني ڪڍي هئي:

اچي اوت شراب، اٿم اُڃ ازل جي
سندم روح ربــاب، سِڪي پيو ڪنهن سُرلاءِ.
                             (مهراڻ- سيارو 1955ع، ص: 7)

سو، اياز جو روح رباب جنهن سُر لاءِ سِڪيو پئي، سو نيٺ هن کي سنڌي ٻوليءَ جي صورت ۾ مليو- ۽ هن ازل جي اُڃ اجهائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ساغر کي ڇلڪايو- ۽ هن پرهه جي پياڪ چُڪيون چاڙهيون چنڊ مان:

پرهه جا پياڪ، چُڪيون چاڙهين چنڊ مان،
ستارن جي سنگ ۾، راتين جا رولاڪ،
مٽجي ٿيا ماڪ، ڳوڙها ڳاڙي ڳُجهه ۾.
                                            (ساڳيو، ص: 8)

۽ ائين هن راتين جي رولاڪ ڳجهه ۾ ڪيترائي ڳوڙها ڳاڙيا جيڪي ”مهراڻ“ جي پنن تي ”طرز پراڻي- نياپو نئون“ بڻجي ويا:

”سدا آهـه ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍو بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي.“

(ساڳيو، ص: 8)

ان ريت سُکن ۽ سُورن جي هيءَ راند اسان کي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي بيتن جي سِٽن مان پڻ ساڳئي ئي دَور ۾، ليئا پائيندي نظر اچي ٿي:

سُورن ڏنا سُک، سُکن سُور سوين ڏنا

يا

ڏکن ڪين ڏکوئيو، سُکن ڏنا سُور.

ان ريت مخدوم طالب الموليٰ نِج صوفياڻي لهجي ۾ ائين پڻ چيو ته:

”دنيا آهي ڍونڍ، اها ڍونڍيو ڪن پيا ڍَو“

(ساڳيو، ص: 9)

طالب الموليٰ جي بيتن توڙي اڪثر شاعريءَ ۾ سنڌ جو صوفياڻو رنگ ليئا پائي ٿو:

سُکن جي سنگت ۾ ٿي، وصالئون وياس،
پر سُورن اچي سيگهه ۾، محبن ڏي مُڪياس،
سورن جي سڀئين پَرئين، آءٌ ٿورائتي ٿياس،
”طالب“ تهدل يار جي، طلب کڻي تاياس،
پهچايائون پرينءَ کي، ٿي ماندي آءٌ مياس،
تن سُورن کي شاباس، جي سختيءَ ۾ ساڻي ٿيا.
                                             (ساڳيو، ص: 9)

جتي مخدوم طالب الموليٰ چئي ٿو ته: ”تن سُورن کي شاباس، جي سختيءَ ۾ ساڻي ٿيا!“ اُتي ان ساڳئي پرچي ۾ اياز پنهنجي بيت ۾ صوفياڻي فڪر جي Antithesis پنهنجي بيت ”سدا آهي ساهه کي....“ ۾ پيش ڪري ٿو. ان ريت اياز جو پنهنجي قدما جي فلسفي کي رد ڪرڻ سڀاويڪ ۽ فطري عمل هو، ڇو ته ائين ئي هر ذهين ماڻهو پنهنجي الڳ جاءِ ٺاهيندو آهي.

”مهراڻ“، سيارو 1955ع ۾ هري دلگير جو نظم ”آٿت“ ڇپيل آهي، جيڪو هڪ بيحد خوبصورت نظم آهي. ”دلگير“ اسان جي دَور جو هڪ سينئر شاعر آهي، جيڪو ”بيوس“ کان پوءِ ۽ اياز کان پهرين اچي ٿو. هو هڪ خوبصورت ۽ يگانو شاعر آهي، سندس نظم ”آٿت“ جون ڪجهه سِٽون آهن:

ڪندين جي ياد، ته تنهنجي نهار ۾ هوندس
چمن ۾ کيت ۾، هرڪوهسار ۾ هوندس
جڏهن تون سيڄ تي سمهندينءَ ته خواب ۾ ايندس
۽ جاڳ ۾ تنهنجي ڳوڙهن جي تار ۾ هوندس.
مان ڪِرڻي ڪِرڻي مان لهندس، جي هوندي چانڊوڪي،
۽ توسان گڏئي مان، روپي قطار ۾ هوندس.
                                           (ساڳيو، ص: 22)

ان نظم ۾ خيال جي خوبصورتي، ان جو فڪر، نظم جي ٻولي، توڙي نظم جي نغمگي، ان جي سونهن کي سوايو ڪن ٿا. شاعريءَ جو اهو دَور ڀرپور نغمگيءَ، فن ۽ فڪر جو دَور هو. اهوئي سبب آهي جو ان دَور جي ”مهراڻ“ جا صفحا اها ساک ڀرين ٿا، ته نه رڳو ڄاتل شاعرن، پر ڪيترن ئي نون ۽ اڻڄاتل شاعرن جو شعر پڻ ان ڪسوٽيءَ تي پورو هو. جنهن جو ننڍڙو مثال دلگير جي نظم کان فورا= پوءِ ڇپيل هڪ اڻڄاتل شاعر عبدالمنان ”خالد“ جي ڇپيل ڪلام ”ساٿي آءُ ته دل وندرايون“ مان ملي ٿو، جنهن جو مختلف فارميٽ، قافيا ۽ نغمگي شعر جي حسن کي سوايو ڪن ٿا:

شهر کان ٻاهر نهر ڪناري،
دور افق تي تارن ڌاري
صبح اسان کي روز سنڀاري،
شام اسان جي واٽ نهاري
ساٿي آءُ وري هڪ واري
دنيا جا ڏک سور وساري
ماضيءَ کي دهرايون
ساٿي آءُ ته دل وندرايون.
                         (ساڳيو، ص: 23)

ان پهرئين پرچي ۾ ئي اسان کي ان دور جي نئين ۽ نوجوان شاعر تنوير عباسيءَ جو غزل پڻ ملي ٿو، جيڪو بلاشڪ هڪ نوجوان جو لکيل لڳي ٿو:

وري لبريز پيمانا ٿين ٿا
وري آباد ميخانا ٿين ٿا.
                               (ساڳيو، ص: 37)

ان ريت اسان کي تنوير عباسيءَ جي ئي همعصر ساٿاري خواجه شمشيرالحيدريءَ جو غزل پڻ ان پهرئين پرچي ۾ ملي ٿو:

اي دوست! منهنجي تشنگيِّ ديد کي ته ڏس،
دامن ڪشِ نگاه، نگارن جي ڳالهه ڪر.
                                      (ص: 35)

ان پرچي ۾ جتي دلگير جهڙن مڃيل ۽ پڪن پختن شاعرن جو ڪلام ڇپيل آهي، اتي ئي مخدوم طالب الموليٰ ۽ شيخ مبارڪ اياز جي تازي تواني ڪلام سان گڏ، ڪجهه نون ۽ اڻڄاتل شاعرن جو خوبصورت ۽ پڪو پختو ڪلام پڻ ڇپيل ملي ٿو. اها الڳ ڳالهه آهي، ته انهن اڻڄاتل شاعرن مان ڪيترا شاعر اڳتي هلي مسلسل ۽ سٺو لکڻ جي ڪري سنڌيءَ جا ڄاتل سڃاتل شاعر بڻجي ويا، جهڙوڪ تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدري.

”مهراڻ“ جا 1955ع جا چارئي پرچا پنهنجي ضخامت، توڙي مواد جي لحاظ کان انتهائي اهم آهن. انهن چئني پرچن ۾ بيحد اهم شاعري ڇپيل آهي. ڪيترين ئي صنفن انهن پرچن جي سونهن ۽ سوڀيا وڌائي آهي.

”مهراڻ“ جي ٻئي پرچي يعني اونهارو 1955ع جي شروع ۾ ئي شيخ مبارڪ ”اياز“ جا بيت ڏنل آهن. اهي بيت انهن 200 بيتن مان چونڊ آهن، جن جو ذڪر اياز ”مهراڻ” جي پهرئين پرچي ۾ ڇپيل خط ۾ ڪيو هو. جنهن جو ريفرنس مان ان کان پهرين ڏيئي چڪي آهيان، انهن مان ڪي چونڊ بيت آهن:

وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،
ڪونهي اڄ ڪلام ۾، سُر جو سِر سان سنگ
ڀريان آءٌ امنگ، ڪريان لات لطيف جي.
                                *

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کِليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙيئي بيت، تو وٽ آهن آيتون.
                                                      (ص: 21)

ان ريت اياز سنڌي ماڻهن ۾ اُمنگ ڀرڻ لاءِ اُتساهت نظر اچي ٿو. هن کليل لفظن ۾ ڄاڻايو ته هن پنهنجي شاعريءَ جي زمين جي ٻيجاري لاءِ، لطيف سرڪار جي کيتيءَ مان ڪڻا کنيا آهن. پنهنجي شاعريءَ لاءِ ”مڙئي بيت“ لفظ ڪتب آڻي، شاهه لطيف جي بيتن کي ”آيتون“ ڪوٺي هُو تاريخ جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته: اياز هڪڙو ڀيرو وري سنڌي ٻوليءَ ڏانهن آيو ۽ هن پنهنجي شاعريءَ جي کيتيءَ لاءِ ٻج ڀلو چونڊيو.

اونهارو 1955ع ۾ بردي سنڌيءَ جو گيت ”مستاني رت“. (ص: 34) ۽  سرشار عقيليءَ جي ”ڪافي“ (ص: 27)، تنوير عباسيءَ جو گيت ”صبح نه آهي دور ساٿي“ (ص: 37) هن پرچي جون اهم تخليقون آهن. ان ئي پرچي ۾ حيدر بخش جتوئيءَ جو ٽيهن جي ڏهاڪي ۾ لکيل/ڇپيل نظم ”دريا شاهه“ ”مهراڻ“ ۾ re-print ٿيو، ته گهڻن ماڻهن ان کي حيدربخش جتوئيءَ جي نئين تازي شاعري سمجهيو- جڏهن ته ائين نه هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته، هي نظم 30 جي ڏهاڪي جو هڪ بيحد اهم نظم آهي:

”اَيا سنڌ جا ساهه فضل الله،
اَيا هند جا حسن زيور ۽ جاهه،
اَيا فخر دنيا، خدا جي نگاهه،
تونگر ۽ مسڪين جي پشت و پناهه،
توئي ابر رحمت، توئي رنگ شفقت،
سندم جان تو ۾، ۽ ايمان تو ۾،
چوي توکي دم دم محبت ۽ چاهه،
ڀلي آئين جِي آئين دريا شاهه!

دم عيسيٰ ڦوڪين ٿو هر واهه ۾،
ڪَسي سڀڪا سهڪي پئي چاهه ۾،
ڪڻس آب حيوان اچي گاهه ۾،
قدم خضر جو آهه هر راهه ۾،
ٿئي جهنگ گلشن ۽ هر باغ روشن،
ٿي هر ٻوٽي ٻهڪي، پکي تنهن تي چهڪي،
ڌتاري ٿو اکين کي هر گاهه گاهه،
ڀلي آئين جِي آئين دريا شاهه!

ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇُهي آسمان،
چڙهن مٿس ”حيدر” مثل آس مان،
هي سچ نوح جي ڪشتي جي آ سَمان،
جنهين جي سڙهن آ چٽيو آسمان،
ڀلا اوج تنهنجي، ڀلا موج تنهنجي،
عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون،
هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نينِ ساهه،
ڀلي آئين جِي آئين دريا شاهه!“
                                       (ص: 9-8)

”مهراڻ“ سرءُ 1955ع ۾ شيخ اياز جا بيت به ڇپيل آهن، ته غزل به. اياز جي غزل کان پهرين شمشير ۽ تنوير جا غزل ڇپيل آهن. ان پرچي ۾ هڪ غير معروف شاعر ڊاڪٽر انندرام مهرچنداڻي ”مهر“ جو ”ديس وارن کي سلام“ (ص: 38 تي) ڇپيل آهي، جيڪو هڪ خوبصورت ۽ مختلف نظم آهي:

ڏي وڃي بادِ صبا! تون ديس وارن کي سلام،
جن ونڊيا ٿي قرب، اهڙن قربدارن کي سلام.
ڳوٺ جي هرهڪ وڏيري” مُکيءَ کي ڏي سلام،
ڏي اميرن ۽ غريبن، ڪامگارن کي سلام.
روح جي شام و سحر ٿي مون ڪئي جن سان رهاڻ،
غم غلط جن ٿي ڪيو، تن غمگسارن کي سلام.
جن نظارن ٿي ڪيو مدهوش مون کي رات ڏينهن،
سبز ساون لال پِيلن، تن نظارن کي سلام.
(ص: 38)


(1) ”مهراڻ” جي ان پهرئين دور جو اڀياس ”مهراڻ”- بهار 2005ع ۾، وڌيڪ ڄاڻ لاءِ پڙهندا

(1) سحرامداد پاڻ به ان رنگ- رتي ڌارا جو حصو آهي.          - ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com