سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :37

(شاعر نمبر- 1969ع)

مخدوم جميل الزمان

غزل

 

اي جذبئه وصال، خبردار ٿي ڀلا،
ڪر جستجو تيار ٿي هشيار ٿي ڀلا.
اي سنگدل! حبيب ٿي سرڪار ٿي ڀلا،
يا ماڳهين ”جميل“ جو دلدار ٿي ڀلا.
عاشق جي آهين حضرتِ عاشق ته پوءِ هاڻ،
پرده نشيني ڇڏ اُٿي نروار ٿي ڀلا.
هجرِ صنم اڃا به تون مشڪل پسند ٿيءُ،
جي ٿي نٿو سگهين ته پو هموار ٿي ڀلا.
تنهنجي جفا ۽ منهنجي وفا ۾ نه فرق پيو،
جانِ بهار! هاڻ کڻي يار ٿي ڀلا.
اڄ اچ ته ميڪدي جا مٽائي ڇڏيون اُصول،
آئون ٿيان ٿو ساقي تون مئخوار ٿي ڀلا.
ديوانگيءَ جو لطف ته حاصل ڪري ڏٺئي،
ڏکڙا ڏسڻ جي لاءِ سمجهدار ٿي ڀلا.
من مانـين ۾ عمر گذاري ڇڏي اٿئي،
اي محتسب تون صاحبِ ڪردار ٿي ڀلا.
مطلوب ٿي رهڻ جي وڻيئي نٿو ’جميل‘،
واڌائيون قبول، طلبگار ٿي ڀلا.

 

(1/1991ع)

 

”محبوب“ سروري

غزل

پرواهه ناهه، ڪجهه به پراوا چوڻ لڳا،
مون کي الائي دوست به ڇا ڇا چوڻ لڳا!
سبتا هئا جي ٻول سي اُبتا چوڻ لڳا،
دريا کي موج، موج کي دريا چوڻ لڳا!
چرين جي اسپتال ۾ آءٌ گهمڻ ويس،
مون کي چريو! چريو! اُتي چريا چوڻ لڳا!
ڦيرو عجيب گردشِ ايام جو ڏٺم،
ليليٰ کي مجنون، مجنون کي ليليٰ چوڻ لڳا!
حاوي ٿيا بزارِ محبت ۾ جعل ساز،
منهنجا سچا سِڪا به سي کوٽا چوڻ لڳا!
جنهن وقت آيو محفلِ رندان ۾ محتسب،
مڪي جي شهر ۾ خرِ عيسيٰ چوڻ لڳا!
ذوقِ جمال تي به سياست جو آ اثر!
محدود منهنجي  قرب جي ڪوٽا چوڻ لڳا!
هو حزب اختلاف ته پڇندا به ڪونه ها،
مليو جو اقتدار ته آقا چوڻ لڳا!
جيڪي هزار بار گلائون ڪندا هئا،
ڪم تن جو پيو، حضور ۽ قبلا چوڻ لڳا!
پيري ۾ پيار جن به حسينن سان مون ڪيو،
مون کي وڏي سي چاهه مان ”چاچا” چوڻ لڳا!
جنهن وقت سالڪن ڪيو لفظن تي غور و فڪر،
”الله“ جي ئي عڪس کي ”هالا“ چوڻ لڳا!
دنيا کان دُور جو ٿيو، عقبيٰ کان بي نياز،
ماڻهو انهي کي طالبِ موليٰ چوڻ لڳا!
ڏسندي جمالِ يار ڪيون دانهون عاشقن،
الله! هاءِ هاءِ! ڙي گهوڙا، چوڻ لڳا!
بزمِ سخن ۾ اهلِ سخن ٻيا به ها گهڻا،
سڀ ”سروري“ جي شعر تي وهوا چوڻ لڳا.

 

(1/1991ع)

تاج بلوچ

 

آئي مند ملهار

ساوڻ آيو برکا برسي،
وڇڙيل پرتا مُرڪي مُرڪي،
ٻهڪيو ٻهڪيو سڀ سنسار،

 

- آئي مند ملهار.

سُڏڪا سُڏڪا ٽهڪ بڻي پيا،
آهون آهون نغما ٿي پيا،
هرسُو گيتن جي گونجار،

 

- آئي مند ملهار.

هرڪو مُکڙو مهڪي مهڪي،
ٽانگر وانگيان هردل ٽهڪي،
باتيون، لاتيون، ماکيءَ لار،

 

- آئي مند ملهار.

سُرها سُرها غنچا نکڙيا،
تازا ٿي پيا دل جا جذبا،
آئي جواني آئي بهار،

 

- آئي مند ملهار.

چئني پاسي سائي ڌرتي،
مُرڪي پيئي دل جي بستي،
پنهنجي مستي مور نه مار،

 

- آئي مند ملهار.

مکڙيون مکڙيون گل گل ٿي پيا،
جن جا چهرا شبنم ڌوتا،
وک وک خوشبوءِ جو وهنوار،

 

- آئي مند ملهار.

(شاعر نمبر- 1969ع)

مظفر حسين ”جوش“

غزل

هي هجومِ غنچه و گُل ڪاروانِ رنگ و بو،
عالمِ صد جذب و مستي گلستانِ آرزو.
شغلِ ناؤ نوش آهي بزمِ رندان ۾ وري،
هيچ زاهد جو تقدس، برهمن جي ساحري.
زخمهائي دل ٿيا تازه به تازه نؤ به نؤ،
ٿي ڪري صحرا کي روشن داغهائي دل جي لنؤ.
فصلِ گل آئي ڪِ آئي هر طرف خورسندگي،
اهلِ وحشت کي ملي آهي نويدِ زندگي.
هاءِ هي زلفِ سيه جا خم ۽ هي زهره جبين،
برسرِ پيڪار آهن پاڻ ۾ دنيا و دين.
ڪو ڏسي صحنِ گلستان ۾ هجومِ مهوشان،
آسمان تان ڄڻ لهي آئي زمين تي ڪهڪشان.
ڪونه افسرده ٿو ڏسجي ۽ نڪو آهي اُداس،
برگ و گل تبديل ڪيو آهي پنهنجو ڪهنه لباس.
ڄڻ فضائن ۾ خرامان آهي ڪو نازڪ بدن،
هي گهٽا آهي يا ڪنهن سيمين بدن جو پيرهن.
فصلِ گل آئي، لهي ويو ميڪشن جو انتظار،
ميڪدا رقصان ٿا ڏسجن زيرِ دامانِ بهار.

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

عبدالقيوم ”صائب“

غزل

عقل و دانش تي سدائين آهه انسان کي گهمنڊ،
نڪتـہ موهوم تي آهي ٿيو نادان کي گهمنڊ.
ساده و معصوم اڄ ڪنهن کي رسي ڪنهن کي رسي،
هڪ طرف ٿيو اهرمن، ٻئي پاسي يزدان کي گهمنڊ.
پنهنجو مطلب آهه ڪڍڻو ٻيو پريشان ٿئي ته ٿئي،
ڪيئن نه ٿئي تاويل تي زلفِ پريشان  کي گهمنڊ.
ڪير پنهنجي منهن ۾ وجهندو گهُنڊ گلرو جي اڳيان،
آهه ٽڙندڙ گل تي هرهڪ روئي خندان  کي گهمنڊ.
منهنجو دامن ليڙون ليڙون ٿي وڃي ڀَل ٿي وڃي،
از ازل دشتِ جنون تي آهه دامان  کي گهمنڊ.
قتل جو دائم نشان قائم ڪري خوش ٿي ويا،
قاتلن جي جراتن تي آهه ايمان  کي گهمنڊ.
هن جي دنيا لُڙڪ هارڻ، هن جو مطلب التجا،
روڄ جي ديوار تي هو چشمِ گريان  کي گهمنڊ.
تون سيہ پوشي نه ڏس، رک دل جي ڪارٺ تي نظر،
جنهن تي هردم ٿو رهي خود تنهنجي مهمان  کي گهمنڊ.
مطلب و معنيٰ عجب هي ظاهر و باطن عجب،
جنهن جي بنيادن تي آهي ڪنهن جي ارمان  کي گهمنڊ.
چار سؤ چاري هجن تاهم نه جي چارو ملي،
اهڙي صورت ۾ نه ٿئي نِت ڪيئن بيابان  کي گهمنڊ.
ماڳ تي موڳن کي جنهن پهچايو پنهنجي پار ۾،
ڇو نه اهڙي واهرو تي ٿيندو حيران  کي گهمنڊ.
منهنجي لئه سو آهي ڪافي دين و ايمان درجهان،
جنهن تي ’صائب‘ هو سدا بي سرو سامان  کي گهمنڊ.

 

(1/1976ع)

عارف الموليٰ

گيت

مُند ملڻ جي آئي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

ساوڻ جي رُت آئي سهڻا، مينهن ڪيا مانڊاڻا،
ساوا گاهه گسن تي ٿيڙا، ٿوهر ڦوڳ ڦلاڻا،

 

تاڙو ”تون تون“ تند تنواري، ڪوئل ”ڪوڪو“ڪيو پوڪاري.

 

وڄ چمڪي ٿي، گوڙ گجي ٿي،

ڪڪرن ڪئي آ چوٽي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

ننڍي وَهيءَ کان نينهن اوهان جو سنڌن منجهه سمايو،
ڏاج ڏُکن جو مليو مهندان سورن سانگ بنايو،

 

پيوند پيچ پريمي پيڙا، ورهه جا وَنگ وڪوڙي وِيڙا،

 

سِڪ جي سئيءَ سان ساهه سبيو تو،

عشق جي ڏيئي اوٽي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

طعنا تنڪا لوڪ جون لُوپُون، مِهڻا ۽ مهميزون،
مَرڪ اِهو مُشتاقن اصلان، پِرت ۾ ڇا پرهيزون،

 

لُڙڪ لَڙي ڳل ڳوڙها آيا، دُک جا دِل تي بادل ڇايا،

 

تولئه پورب پنڌ پڇايم،

لال ڪڍي لانگوٽي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

ڇو ٿو ڇرڪين ڇو ته ٽهين ٿو، نيڙي آ دل جاني،
قرب جا بند ڪمند پيا ڳٽ ڳوپ ڳنڍيون ڳل ڳاني،

 

توڙي ڌڪارين در نه ڇڏيندس، محب اوهان کان منهن نه مٽيندس،

 

درد وارن سان ڇڏ او دلبر،

عذر گهڻا دل کوٽي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

ساري رات سنڀاريو، سهڻا، ڏَسڪيو ڏينهن ڪيان ٿو،
تارا تارن سان ٽمڪايو، نياپا چنڊ ڏيان ٿو،

 

هر هر ڏِياٽيءَ جي وَٽ سوريان، ٽيڙو ڪتين سان ڏُک اوريان،

 

”عارف“ سان ڪر ڪيمَ عجيبا،

نازڪ يار نڇوٽي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

                (1/1956ع)

 

عنايت بلوچ

گيت

                پَل پَل تنهنجو پُور!

                            او ڍوليا!

                 پَل پَل تنهنجو پُور!

راحتَ اوڏي ڪين اٿم ڪيا، ثمر سراسر سور.
مرهم ڪين ڇُٽائي مورئون، نينهن سندو ناسور.
دوُد دکائي، جان جلائي، ٿي وئين دلبر دور.
تون بيپرواه مست مگن، مان راهن تي رنجور
نينهن لڳائڻ، ڪين نباهڻ، دنيا جو دستور.
تو ڀي اُن دستور کي دلبر! ويتر ڪيو مشهور.
انگ ازل جو وهيو وڇوڙو، ڪنهن جو ناهه قصور.
ڪري ’عنايت‘ يار ’اُداسي‘، پاڻ ٿئين ’مهجور‘.

 

(4/1973ع)

محمد علي جوهر

غزل

 

شعر منهنجو وقت جو آواز آهي دوستو،
 

فڪر و فن، تقدير جو همراز آهي دوستو.
 

چَپ چُرن ٿا هِت، فلڪ آواز ٿو هُتڙي ڪڍي،

ربطِ باهم جو اهو انداز آهي دوستو.

ٿي جهان بيني سندم روشن ضميري جو ثبوت،
 

مون کي جَم کان وڌ مليو اعزاز آهي دوستو.

هي قلم ويهي لکي لوح و قلم جون ڳالهيون،

هي خدائي ڏات ۽ اعجاز آهي دوستو.
 

علم آفاقي ٿيو، طبعِ رسا جو آ ڪمال،

هن فراست فهم تي ٿيو ناز آهي دوستو.
 

هر نفس منهنجو بڻيو خاموش آهي احتجاج،

زندگي جو ساز بي آواز آهي دوستو.

منهنجي چهري مان عيان، آزرده دل جو هر بيان،
 

چپ سبي، ظاهر ڪيو مان راز آهي دوستو.

ٿو وڄايان بينسري بيدرد دنيا جي اڳيان،

جو ٿيو درد آفرين هي ساز آهي دوستو.
 

فيصلو تاريخ ۾ صادر ڪيو آهي حُسين،

سر ڏيڻ وارو سدا ممتاز آهي دوستو.
 

آتشِ نمرود توڙي نيل جو دريا هجي،
 

ڌو اندر ئي عاشقي انداز آهي دوستو.
 

ظلم جو خنجر وري ڪو آزمائي اڄ ڏسي،
 

زيرِ خنجر گردنِ جانباز آهي دوستو.
 

جاري رهندو جوهرِ دانايِّ حڪمت جو جهاد،

جو اڃا طبعِ جهان ناساز آهي دوستو.

 

(4-1985ع)

غلام حسين رنگريز

 

نظم

 

اُهي نينهن واريون نهارون به هونديون
سوين سِڪ سنيها ۽ سارُون به هونديون.
 

پيو موج مستي ۾ مهراڻ وَهندو،
 

پراڙن تي ڪيئي پُڪارون به هونديون.
 

خزان جو سدائين نه هي راڄ رهندو،
 

هوا ۾ هڳاءُ بهارون به هونديون.
 

اُٿاري ڇڏيو ٿا ڌڪاري ڇڏيو ٿا،
 

پڄاڻان اسان جي پچارون به هونديون.
 

لِڪي لوڪ کان عشق ناهي ڪيوسين،
 

گهڻن جون اسان ڏي ميارون به هونديون.
 

ٽٽل ڪينرو جو پيو ماٺ آهي،
 

اُنهي منجهه تڙپون تنوارون به هونديون.
 

قصو درد ناهي رڳو رنگ غزل جو
 

اِنهيءَ ۾ ڪُٺل دل جون ڪارون به هونديون.
 

لڳي لوهه هڪ کي لُڇن ٿيون لکين ئي،
 

لَمي لات ڪن سي اُڏارون به هونديون.
 

منجهان ڪُڙم منهنجي کريا کيت ڪيئي،
 

اُنهن لاءِ ڌرتي ڌڪارون به هونديون.
 

هي خوشبو بدن ۽ هي گُلرنگ ماڻهو،
 

نگاهن ۾ تن جي بهارون به هونديون.
 

سوين سج ”رنگريز” ڪندا راهه روشن،
 

ستارن جون سر تي قطارون به هونديون.
 

(4-1985ع)

استاد بخاري

وائي

 

ازل ابد جا، حد بيحد جا، پلڪ پلڪ پاڇا.
                        اک آئينو- اچرج سينو.

فرش تماشا، عرش الائي ڇا! ڇا مان ٿيا ڇا ڇا!
                        اک آئينو- اچرج سينو.

پوءِ ته پوءِ اچون ٿا ’پاپا‘! اڳ ڪنهن اوڳاڇا؟
                         اک آئينو- اچرج سينو.

ڪاٿان’ٿيءُ‘ ۽ ’ٿيڻيون‘ ڪيتر؟ ڪير ڪري ڪاڇا!
                        اک آئينو-  اچرج سينو.

سَوَ سمجهاڻيون، سڀ هٺ هاڻيون، ڇا به چوين چاچا!
                        اک آئينو-  اچرج سينو.

جيڪا جانِ جهانن جي آ، سا شڪتي آ ڇا؟

 

(3-1985ع)

غزل

 

اي وطن جا آسرا ۽ آس يار،
هيتريون سُستيون، هجئي شاباس يار.
زندگي بي روح، ڄڻڪي لاش آهه،
دل ۾ دل ناهي ته خالي ماس يار.
وقت وٺندو امتحان تي امتحان،
هوشياري، ٿين متان ناپاس يار.
همسفر ڪن ٿا چڙهايون چنڊ تي،
تو کنئي تازي پَتن جي تاس يار.
پنهنجي ڪوشش جي ڪرامت ڪا هلا”،
قسمتن جون ڪين باسون باس يار.
تنهنجي عزمن ۾ اميدون بيشمار،
تنهنجون مايوسيون، لکين وسواس يار.
عظمتِ انسان سندو کوڙي ڇڏيون،
چنڊ ۽ زهري مٿان انگاس يار.
هيتريون ويرانيون، ”استاد“ ڇو،
ڄڻ گهمي آهي ويو راڪاس يار.
                                     (1/1971ع)

 

رباعيون

 

هيءَ ظلم جا زنجير ٽُٽي ئي پوندا،
هي باهه ڀريل تير، گسي ئي ويندا،
پرچاءُ ڪندا مون سان ۽ توسان آخر،
هي بخت ۽ تقدير، رُسي ئي پوندا.

هي هيڏا وڏا ڪوٽ ڊهي ئي پوندا،
محلن جا مٿيان چوٽ ڊهي ئي پوندا،
ڪنهن وقت به ڌرتيءَ جي ڪو ڌوڏو کاڌو،
گهوڙن تي چڙهيل گهوٽ ڊهي ئي پوندا.

رخسار جي شعلن کان بچي نڪتاسين،
زلفن جي سياهي ۾ پڪڙجي پياسين،
ڀُورن جي تسلط کان ڇٽاسين مس مس،
ڪارن جي غلاميءَ ۾ جڪڙجي پياسين.

قارون ۽ شداد، اهي ناهن ڇا؟
مجنون ۽ فرهاد، اُهي ناهن ڇا؟
هيءَ عام خيال آهه ته بشر سُڌريو آ،
بيداد ۽ بغداد، اُهي ناهن ڇا؟

طوفان اُٿيو عشق جو، سهڻا ڀڄجان،
منهنجا ته پٽيا پير، مگر تون بچجان،
مجبور ڏسين مون کي ٻُڌان ٿو جنهن دم،
اُن وقت ڪنارو ٿي، اچي هٿُ وٺجان.

آ عشق جي طوفان ڪيو انڌارو،
تون کِسڪ هينئر آهه، رَئي وسڪارو،
گمراهه ٿي جنهن وقت وڃان اوجهڙ ڏي،
فانوس ٿي اچجان ڪو ڏِسان مَن چارو.
                                               
 (2-3/1964ع)

”آثم“ ناٿن شاهي

اوڏڻ

او سانوري، سادي ۽ نماڻي اوڏڻ!
محنت ۽ مشقت جي ڪهاڻي، اوڏڻ!
اَڻ آريا تهذيب جي وسريل تاريخ،
هر آريا عورت کان سياڻي اوڏڻ!

گجري جا اِهي ٽونر، سڳين جون جهوڙيون،
ٻانهن ۾ پيل عاج جون ڀُوريون چوڙيون-
سڀ ٺيڪ، اِهي ڏنگ هڻن ٿيون ڏاڍا،
جي نرڙ تي آهن تو ڪڍون ڏينڀوڙيون.

پرڀات ڦُٽي آهه، پَسو وَس آهي،
هر ڪنهن جي اڃا جسم تي آرس آهي:
تون ننڊ مان جاڳي ٿي ڪرين ڪم گهر جو،
شاباش، اِها توکي وڏي جَس آهي!

ڌرتيءَ تي گهڙيون صبح جون ڄايون آهن،
گڏهن تي رکيون تو به ڪَجايون آهن:
هر حال ۾ مزدور پَتيءَ سان ساڻي،
ڇا تنهنجون سچايون ۽ صفايون آهن!

سچ آهه ته ٿَڪ تنهنجي بدن ۾ آهي،
مِٽي به گڏيل تنهنجي لَٽن ۾ آهي،
ليڪن تون وڏي ڀاڳَ ڀري آهين زال،
تعمير جو ڪم تنهنجي هٿن ۾ آهي!

پسمانده قبيلي جي ڄائي، اوڏڻ!
ڪنهن کان تو هي تعليم پرائي، اوڏڻ!
ڏُک سور ۾ ساٿيءَ سان نباهڻ هردم،
اي ڪاش، سِکي توکان ڪو، مائي اوڏڻ!
                                      (1-2/1965ع)


 

”راز“ ناٿن شاهي

قطعا

(1)

اسان جي فڪر مان سورج جي روشني نڪتي،
اوهان جون جهُور اکيون تاب ئي سهي نه سگهيون:
اسان جي سچ ۾ پليل جوان خيالن تي،
اوهان جي ظلم جون ڪاتيون مُڏيون وهي نه سگهيون.
 

(2)

مان ظلم جي سيني ۾ کُپي پيو آهيان،
اونداهه جي ڇاتيءَ تي ٻري پيو آهيان:
ان لاءِ بغاوت جو ڏين ٿا الزام،
جو سچ جي حمايت ۾ اُٿي پيو آهيان.
 

(3)

ضوريز، شرربيز اُجالن ۾ اچي،
تاريڪ اُميدن کي وساري ڇڏيو:
جنهن هنڌ ڏسو آهه انڌيرو جهونو،
ڪا تازه اُتي شمعِ نو ٻاري ڇڏيو.
 

(4)

ڇا چوان حالِ دردِ پنهاني،
وقت ڪوتاهه، قصو طولاني:
عيشِ دنيا کان دل ٽهي ويئي،
هي ڏسي رنگِ عالمِ فاني.
 

(5)

آ دشوار تر سجدهِّ شوق ڪرڻو،
جبين چئي رهي آ ته مشڪل نه آهي:
نشيب و فرازِ الم ڇا ٻڌايان،
ڪو طوفان نه آهي، ڪو ساحل نه آهي.
                                                        (1-2/1965ع)

سرويچ سجاولي

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

* وَهه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊون جنهن جون چمن،
سوَ سوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول تن جا قيمتي،
ويهي رُڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
* جت جيڏڙيون جنسار ڪن، ست ست رنگا سينگار ڪن،
هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پسجن جو به جو، سرهاڻيون پڻ سو به سو،
دَرشن ٿين جي دُو به دُو، تان ڄڻڪ حورون هو به هو،
سبحانـہ سبحانـہ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
* سرما وجهي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرن لاءِ پدمڻيون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون،هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
ڪن کي نَٿون ڪن وينڊڙا، سر تي سمورين سينهڙا،
گجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا،
هو لاڏ مان لڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
* جي ٻوليون تن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪر چالن چرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سرن، يا روهه تان برفون ڀرن،
يا گيت پيو ڪو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي،
يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُـڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
* خوش ٿي کٿيريون جي کلن، تان ماڻڪن جا مڻ ملن،
جي ٽول پائي ٿيون ٽِلن، تان ساڙ ۾ ڊيلون جلن،
هو ديس تان گهوريون گهمن ۽ مُلڪ جي مٽي چمن،
هو ديس جي خاطر جيئن، ۽ ديس جي خاطر ڄمن،
شل جيئنديون ٻئي جُڳ رهن، هي جوڌيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

 

* ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جت، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گهوٽيا گهمن گهاٽن سان جت، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
ڇا بُت بدن جو بيهڪون، ٿا سرءَ جون لاهين سڪون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
* جن جا جنگي ۽ جواڻ پٽ، ڳاڙها جيها حلواڻ پُٽ،
رانديون ڪڏن رت ساڻ پٽ، سرويچ پُٽ سرواڻ پُٽ،
هڪ هڪ سندا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي ٽوڙي ٽَڪر،
هڪ هڪ اٿئي سيني سپر، هڪ هڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
هڪ هڪ سنديءَ مستيءَ ۾ ڏس، تون مستيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

 

(3-4/1974ع)

راشد مورائي

غزل

پوپٽن ورتي گلن ۾، مِرُن جهنگن ۾ پناهه،
ڪين ماڻهوءَ کي ملي ٿي، هاءِ ماڻهن ۾ پناهه.
شل حسينن کي پوري ڪو رحم، راضي ٿي پون،
من وٺن سورائتا سورن کان سهڻن ۾ پناهه.
منهنجي مٺڙي يار جي اڄ مُنهن مبارڪ کي ڏسي،
شرم کان آ چنڊ ورتي، ڏس ته ڪڪرن ۾ پناهه.
ڏاڍ کان ڏَم جي زماني جي غمن کان تنگ ٿي،
خيال سهڻيءَ جي وڃي ورتي آ کرڪن ۾ پناهه.
درد جي لشڪر ڌِڪي نيڻن مان ڳوڙهن کي ڪڍيو،
ڊوڙندا اچيو وٺن ٿا منهنجي دامن ۾ پناهه.
شوق ۾ گلڙن چمڻ جي، دربدر ٿيندي رهي،
نيٺ بلبل آهه ورتي هاڻ ڪنڊن ۾ پناهه.
سور ڌرتيءَ جا سهي، سک چنڊ تارن ۾ نه ڳول!
ڪر اچي تڪيو هتي، وٺ منهنجي تارن ۾ پناهه.
ڳالهه ڪرڻي هئي اثر واري طريقي سان تڏهن،
خيال جي اظهار ورتي، شعر جي فن ۾ پناهه.
زندگي ڀر آءٌ رهندس راشدا! ٿورائتو،
درد دل منهنجي وتِي آ، تنهنجي شعرن ۾ پناهه.

 

(3-4/1979ع)

ابراهيم ”منشي“

مون پَڪ سُڃاتا...

مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها گڏ ڌارين سان ڪي ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏَسيائون ويرين کي ويهي وانگيڙن جي واڙي ۾.
* تن ڳاهي ڳاهي ڳاهه ڪيا ڪئين ڳڀرو ڳاڙها ڳوٺاڻا،
تن گونج مچائي گولين جي ٿيا وانگي وطن ۾ ويڳاڻا،
تن ڀاڳ ڀليرن ڀاڳين جا سڀ ڀينگ ڪيا آهن ڀون ڀاڻا،
تن ساهه سُڪايو سانگين جو، هر سانگيءَ سينو ساڙي ۾.
* جت چالون چِنيون چاهه منجهان ۽ چوڏس هئي چونگار چڙن،
جت ڇورن ڇيلا ڇاڇر ۾ ٿي ڇوڙي ڇڏيا ڇيڪ ڇنن،
اڄ ماڳ پِسيو سي مارن جا ٿا من ۾ منهنجي مچ مچن،
اُت ڀوتن جا اڄ ڀنڀٽ ڀائو! ناهي پنوهر ڪو پاڙي ۾.
* جت چرچا چارئي پهر چمن ۾ چوڙيلين جا چاڳ هئا،
جت مالوندن ميهاڳ متارن ماروئڙن جا ماڳ هئا،
جت لاکين لوين وارين لائق لويارين جا لاڳ هئا،
اُت چٻرن جا چيخاٽ ته چوڏس هيبتناڪي هاڙي ۾.
* تن ماروئڙن کي مارِي مارِي مال مڏيون سڀ ميڙي ويا،
۽ کيٽ کرا سڀ کاهڙ جا سي کوٽا کوٽي کيڙي ويا،
سي وقت کان اڳ ۾ واچوڙي جيئن ويڙهيچن کي ويڙهي ويا،
سي رهزن راتو رات اچي ڪئين راڄ وجهي ويا راڙي ۾.
* اڄ ڌارين کي وري ڌار ڪرڻ لئه ڌرتي ڌوڻي ڌڱ اُٿيا،
اڄ لال لکين لـڄ پال کڻي ڪي لوهن جهڙا لڱ اُٿيا،
اڄ سورهيه ساري سنڌ منجهان کڻي سانن جهڙا سڱ اُٿيا،
سي مُرڪي مرندا ماريندا ايندو منهندا جو به مهاڙي ۾.
* اڄ غدارن کي غرق ڪبو ڪريون ڇو غلامي غيرن جي،
پر پهرين پٽڻي پاڙ اٿئون هن گهر جي چور وڏيرن جي،
جن ڪُڙم سڄي سان ڪيس ڪري ٿي خاڪ بنايئون پيرن جي،
اڄ پُسجي”منشي” پهچ پيئي هر پنوهر پير اگهاڙي ۾.

 

(3/1973ع)

”سوز“ ٽکڙائي

بيت

انب ٻوريا، گل ٽڙيا، ٿيون بهاريون،
ڪر اچڻ واريون، اڱڻ تي اسان جي.

انب ٻوريا، گل ٽڙيا، وڻن پاتو ويس،
اسان اٻوجهن تي، من ڪو رحم پويس،
پر اينءَ ڪير چويس، ته هيڏي ڪر نه هيڻيءَ سان.

انب ٻوريا گل ٽڙيا، پکين لا تي لات،
ساري ساجن ساريان، ساري ساري رات،
آهي تنهنجي تات، اٺئي پهر اندر ۾.

اٺئي پهر اندر ۾، تات آهي تاري،
ڪري وفا جا واعدا، پرت نه تو پاري،
هاڻ ڪو اچڻ واري، نه ته مڙهه ملندئي منهنجو.

مڙهه ملندئي منهنجو، ويهي رئندي راڻا،
هُري ايندءِ هنئين تي، سي ٿاڪ ۽ ٿاڻا،
مون موءِ پڄاڻا، ڪندين ماڻا ڪِن سان!

ڪندين ماڻا ڪِن سان، رئندين راتو ڏينهن،
ياد ايندئي دل تي، نرمل منهنجو نينهن،
پييون وسائيندءِ مينهن، اکيون اوهيرا ڪري!

اکيون اوهيرا ڪري، پييون پسائينديون پَٽَ،
چڪي چور ٿيندءِ ڦوڙائي جا ڦٽَ،
پوءِ اِهي ناز ۽ نَٽَ، ويندءِ، سڀ وسري.

 

(سيارو- 2004ع)

قمر شهباز

وائي

 

اڄ ڏيئڙو ڏيئڙو ڏاهَه، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

جا واٽ سڄي مون ورجائي، سا سٽ بني سوداءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

جي جاڳ اسان جي واڳ وٺي، پوءِ گهوريو سڌ سماءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

مون پيار ڏنو، پرڀاءُ ڏنو، تون پيڙا ۽ پڇتاءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

مون موت کي جوت بنايو آ، ڇا تِکَ هجي، ڇا تاءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

هي درد مليو دل وارن کان، مون در در لاتو داءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

هي نيڻ اُڃايل آسوَندا، ڄڻ ساوڻ جو سوداءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

هي سمنڊ مٿان ڪي سونهن-پکي، هو ڦيڻ ڀريو ڦهلاءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!
 

هن چنگ جو ڏنگ ڏهوڻو هو، جيئن گهورن جو گهراءُ، ميان!
 

اڄ هيرن منجهه هڳاءُ، ميان!

 

(4/1973ع)

”خاڪي“ جويو

بيت

جنهن جنهن ڏنو رت، ڌرتي، تنهنجيءَ ڌوڙ کي،
ڏاريو تنهين ڏاڍَ جو، پراڻو پربت،
پي وڃ هي امرت، هاريل منهنجيءَ هوڏ جو.

منهنجو ڪنڌ ڪريو، ڌرتي! تنهنجيءَ ڌوڙ ۾،
ڪئن ڪئن ڪنڌ ڪٽائجي، هيڻو هاڻ هريو،
ڇرڪي آهه ڇريو، نيٺ دراوڙ ديس جو.

ڀينر منهنجو ڀاءُ، رڱيو ريٽي رت ۾،
موٽڻ مهڻو ڄاڻندو، ويڙهاڪن جو وياءُ،
سوڀن سندو ساءُ، وسري ڪيئن وريام کان.

ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، آرڻ ۾ آهين،
ڪوپا وچ ڪٽڪ ۾، ڪيهر جان ڪاهين،
لوهه ڪيو لاهين، ڪنڌ ڪلهن کان ڪرٽ سان.

ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، رڻ ۾ ڪن راماڻ،
ڪڏائي ڪيڪاڻ، راند رچائن رت سان.

ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، رت سان رانديون ڪن،
ڪڏائي ڪيڪاڻ سي، آرڻ منجهه اچن،
سينو تاڻيو سامهون، ويرين ساڻ وڙهن،
مولهاٽا مانجهين، رڱيا ريٽي رت سان.

ڪونڌر ڪنگي رنگ جا، ويڙهاڪا وريام،
مائن تن ڏي موڪليا، سهسين سرخ سلام،
آزاديءَ کي عام، ڄاڻُ ته ڄاتو ڄاڻَ سان.

 

(4/1973ع)

عبدالڪريم پلي

ڪافي

وري آ او جاني، جدائي ٿي ماري،
ڏسان راهه تنهنجي، هنجون روز هاري!
 

اچي جنگ سورن، جڏي جيءَ سان جوٽي،
وئين جيئن ته ڪَل ڪا لڌئي ڪانه موٽي،
 

ٿڪس ڪانگ تولئه اُڏاري اُڏاري!
 

نئين سج، نوان پور تنهنجا پون ٿا،
کُٽن ئي نٿا ڏينهن ڏکيا ڏکن جا،
 

عجب آهه ويهي رهئين ڪيئن وساري!
 

سدا تات ۽ تار تنهنجي ئي آهي،
سوا تنهنجي ٻيو ڪجهه رهيو ياد ناهي،
 

اٺئي پهر، دل ’تون ئي تون‘ ٿي تنواري!
 

ڀري پِرت مان پير ايندين ڪڏهن تون،
اچي جيءَ ۾ جايون اڏيندين ڪڏهن تون،
 

’ڪريم‘ آسري ۾ پيو ڏينهن گهاري!
ن
 

(شاعر نمبر- 1969ع)

ولي محمد ”وفا“

غزل

جڏهن دل ۾ يادن جي بارات ايندي،
ته تاريڪيِّ شب درخشان ٿي ويندي!
معطر ڪرڻ آئي آهي قفس کي،
صبا ڪنهن جي زلفن جي خوشبو جهٽيندي!
اوهين بدگمان آهيو ناحق اسان کان،
اسين جي ڪُڇون ٿا ته هيهات ٿيندي!
تمنائون ماتم ڪنديون، مرنديون رهنديون،
مگر بيڪسي ڪونه دامن ڇڏيندي!
ڀلا ڇو اداس آهين، ايڏو ’وفا‘ تون،
شبِ هجر آخر ته گذري ئي ويندي!

 

(شاعر نمبر- 1969ع)


 

”وفا“ناٿن شاهي

غزل

رابطا ڪاٽي ڇڏيئي ۽ واسطا ٽوڙي ڇڏيئي،
ايئن لڳي ٿو جئن هميشه لاءِ منهن موڙي ڇڏيئي.
تنهنجي سوچن تي، وفا، سڀ ڪِشتيون ڇڪتاڻ ۾،
پيار کي تاري ڇڏيئي ۽ پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيئي.
لاش کائڻ ڀي نٿو ڪوئي اچي، پُورڻ ته ڇا،
اي وڇوڙا، ڄڻ هڏن تان ماس ئي روڙي ڇڏيئي.
منصفي تنهنجي عجب آ ۽ وڪالت منفرد،
ساڌ کي نوڙي ڇڏيئي ۽ چور کي ڇوڙي ڇڏيئي.
هاڻي بزمِ رنگ و بو سان تنهنجو ڪهڙو واسطو،
نوجوانيءَ کي هنڊائي، جسم کي چوڙي ڇڏيئي.
خواهشن تي چاهتن جي پيڙهه جا پٿر رکي،
پنهنجي هستيءَ، پنهنجي مستيءَ جا عَلم کوڙي ڇڏيئي.
ڪيترو سنگين ۽ رنگين آهي حادثو،
ڪنهن جي هٿ جوڙيءَ کان پوءِ دنيا کي هٿ جوڙي ڇڏيئي.

 

(1-2/1994ع)

”منير“ سولنگي

غزل

جلون جي خدائي ۾ هڪ رنگ رچي ويندو،
محفل ۾ جڏهن سهڻو هڪوار اچي ويندو.
سِڪ لاهه اچي ساجن، جو روح اُڃو آهي،
هڪ مُرڪ سندءِ سان هي بيمار بچي ويندو.
جنهن وقت سڄڻ مون کي، نيڻن ۾ لڪائيندو،
کَرُ پوءِ سڙي، کامي، پڄري ۽ پچي ويندو.
ساقيءَ جي سخاوت جي هت هاڪ ٻُڌي يارو،
مئي نوش مڙيا آهن، هڪ شور مچي ويندو.
محبوب مٿان هردم، مشتاق ’منير‘ آهي،
مقتل ۾ کِلي ويندو، ٻهڪي ۽ پچي ويندو.

 

(1/1976ع)

تاجل ”بيوس“

گيت

ڇم ڇم ڇم ڇمڪار-

                        سانوڻ رُت جا بادل آيا.

ڀيڄ ڀنيءَ جو اوتَ اُتر جي، واهڙ ويرو تار،
جهڙا ڪجلا نيڻ ڪڪوريل، تهڙا مينگهه ملهار:

 

ڇم ڇم ڇم ڇمڪار!

موتيو مُرڪي، جهانجهر جرڪي، واسيا ڀنڙا وار،
مور ڊِٻن تي جهولن جهومن، ڪوئل ڪئي ڪوڪار:

 

ڇم ڇم ڇم ڇمڪار!

کيت خماريا، ڦوڳ ڦُلاريا، هئه هئه هي هُٻڪار،
واهه وڻن ٿا، گونج ڪڍن ٿا، ڪرڙ ڪنڊا ڪچنار:

 

ڇم ڇم ڇم ڇمڪار!

مينڍا ڍوليا! مينهن ڀِڄايا، ڪيئن ڳُنڌايان وار،
ههڙي رُت ۾ روح رڙي ٿو، ساجن لهه ڪا سار.

 

ڇم ڇم ڇم ڇمڪار!

(1/1976ع)

سروپچندر ”شاد“

وائي

سچ جي لاءِ سِر سَهسائي، ڪوٽَ ڪوڙ جا ڊاهي،
                                                ڪوئِي آهي؟
ڪاري ٻاٽ کي ڪاٽ ڪري جو، چِت چانڊوڪي چاهي،
                                                ڪوئِي آهي؟
مقصد خاطر مُرڪِي مُرڪِي چَڙهِي وڃي جو ڦاهي،
                                                ڪوئِي آهي؟
سڪ جي سڏ تي سينو تاڻي، پوي ڪُنن ۾ ڪاهي،
                                                ڪوئِي آهي؟
دِل ۾ درد جي جوتِ جلائي، نئون شِوالو ٺاهي،
                                                ڪوئِي آهي؟
آڌيءَ ويلي تارَن- جوت ۾ جرڪي ٿو سو ڇاهي؟
                                                ڪوئِي آهي؟

 

1/1976ع)

”محسن“ ڪڪڙائي

غزل

جيءَ ۾ جايون جوڙي ويو آن،
نازن ساڻ نهوڙي ويو آن.
ساهن منجهه سُري ويو آهين،
مُرڪي ڪنڌُ مروڙي ويو آن.
رڳ رڳ ۾ ٿو رَت جان ڊوڙين،
 نينهن- نديءَ ۾ ٻوڙي ويو آن.
چوٽ چڙهي وَڻ- ويڙهيءَ وانگر،
وارو وارُ وڪوڙي ويو آن.
سڪ جي سرهيءَ سيجَ سمهاري،
سيلَهه، سُيون، سوَ کوڙي ويو آن.
آس- نراس جي سوريءَ چاڙهي،
روح رڳن مان روڙي ويو آن.
سِر جي سينَ وري به اچي هَڻ،
منهن ڇو منگتا، موڙي ويو آن.
ڇاهي، نيٺ ڀلا ڇو ‘محسن’،
سڱ سمورا ٽوڙي ويو آن.

 

(1/1976ع)

معمور يوسفاڻي

وائـــي

اوکو پنڌ، اڙانگي واٽ- ڪيئن مسافر ماڻن منزل؟

رڻ جا رولا، واٽون واري، اڻ سينڌائي، اوندهه ٻاٽ:

 

ڪيئن مسافر ماڻن منزل!

اؤجهڙ اَڏون، اوٽ نه اولو، اوس ۽ اوگهم اُڃ اساٽ:

 

ڪيئن مسافر ماڻن منزل!

اونڌا ڪپرا، اونهون پاڻي، گهور انڌيرو، گهيڙ نه گهاٽ:

 

ڪيئن مسافر ماڻن منزل!

مشڪل هڪ ’معمور‘ نه آهي، ساريون واٽون سورن ساٽ:

 

ڪيئن مسافر ماڻن منزل!

(شاعر نمبر- 1969ع

فتاح ملڪ

آس

جيئن جنڊيءَ جا چِٽ ڏسين ٿو،
يا ڪا سهڻي سِٽ ڏسين ٿو.

 

ساڳي من ۾ مورت آهي، آئيندي جي صورت آهي.
جئن دليءَ جي ڪورَ ڏسين ٿو، پاتالن ۾ پور ڏسين ٿو.
اهڙا اونهـان اندر ۾ ٿي، پنهنجي من جي مندر ۾ ٿي.
جئن سرنهن جو گـل ڏسين ٿو، هُٻڪارن جا هُل ڏسين ٿو.
تئن وڄن جا وار ڏسـون ٿا، آيندي جا اُڏار ڏسون ٿا.
جئن حياتيءَ هـور ڏسون ٿا، موڳا ڪنهن پر مور ڏسون ٿا.
اڀ نهاري ويـــٺا سوچيـــون، آگم خاطر آشا اوتيون.
جئن تکا طوفان ڏسـين ٿو، يا ڪي ڊڪندا سانَ ڏسين ٿو.
اهــڙا پنهنجي جـــــيءُ جنجهوڙا، جئن ڪنهن ماٽيءَ ڏڌ ولوڙا.
جئن ڪو ڄاڻو هــاڻ ڏسـين ٿو، ڄڀ ڪپايل پاڻ ڏسين ٿو.
اهـڙا گهـاءَ گهٽائن آهن، هاڻ ته جوڳ جٽائن آهن.
تون جئن نئون ڪو سج ڏسين ٿو، يا ڪنهن ڌرتيءَ ٻج ڏسين ٿو.
پنهنجي سوچن سنگ اچن ٿا، سارا تنهن پر انگ نچن ٿا.

 

(4/1973ع)

”تاج“ جويو

غزل

ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ،
گيت، سنگيت جي مات ٿيڻي نه آ.
سوچ جا گل ٽڙيا، سونهن جو سج ڦُٽو،
روشني، روشني، رات ٿيڻي نه آ.
اڄ قلم جي رکڻ لـڄ وڏي ڳالهه آ،
سَنڍِ ذهنن ۾ پرڀات ٿيڻي نه آ.
باک جي ساک کڻ، پرهه ڏي پيرُ وجهه،
سچ جي سونهن خيرات ٿيڻي نه آ.
نينهن نُورا ٻَڌايا، نچايا سوين،
ڪيئن چوان، برهه- برسات ٿيڻي نه آ؟
همسفر! تون سِڪن تي ڇَڪن ٿي پئين،
ڏات- ويڪوءَ سان بات ٿيڻي نه آ.
تو چپن کي سِبيو، سوچ کي تو گهُٽيو،
سوچ ساڄي سندم، گهات ٿيڻي نه آ.

 

(1-2/1977ع)

عبدالجبار ”شام“

دوهو

وِرهه وڇوڙو اوکو آهي، سوکو تنهنجو سنگ،
تنهنجي جوت جلي ٿي جيءَ ۾، تنهنجي آهه اُمنگ.
نُور ڀريا ٻئي نيڻ اوهان جا، نُور ڀري پيشاني،
ڪهڙي ديس کان آيا آهيو، ناهه اوهان جو ثاني!
پريمَ پکيئڙا! تولئه بڻايم، اکڙين ۾ آکيرو،
ساجنَ تو ۾ سونهن ڀري آ، منهنجو من آ ميرو.
پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڪونه ڏسي ٿو ڪير،
پاڻ ئي ڪنهن جي هَڙَ چورائي، پاڻ کڻي ٿو پير.
پل پل پل پل گهاٽَ گهڙي ٿو، ٺاهي ٿو محلات،
کن ۾ اوچو ڳاٽ ڪري ۽ کن ۾ کائي مات.
سچ جو سودو آهه اسان وٽ، سچ جي آهي وائي،
جيڪو سچ کي آڏو ايندو، تنهن سان آهه لڙائي.
ڏات بنا سڀ ڏوهه آ پيارا، ڏات کي آهي سلام،
پاروٿي ماني سا آهي، ڏات سواءِ ڪلام.

 

(1-2/1965ع)

 

”پروانو“ ڀٽي

غزل

مُرڪَ منهنجي درد تي ماتم ڪيو،
لُڙڪَ موتين جيان اچي نروار ٿيا.
هيڏي جڳ ۾ مون کي تنها ڄاڻندي،
دوستن جا ظلم ٿيا، هر بار ٿيا.
سُکَ اُٿي هليا، ڏسي مون کي مگن،
ڏک اچي ويٺا، رُنا ۽ يار ٿيا.
الامان، اي جذبئه جوشِ جنون،
بارها جيب و گريبان تار ٿيا.
تنهنجي محفل جو ڀرم رهجي اچي،
هاڻ ديوانا اچي هشيار ٿيا.
هاءِ هيءَ مايوسين جي انتها،
لڙڪ ”پرواني“ جا اڄ اشعار ٿيا.

 

(1-2/1965ع)

محمد خان مجيدي

ملوڪن جو ميڙو

(1)

هن شهر ۾ هو پاپ جو دستور پراڻو،
سيوهڻ ۾ هتي ماس ٿي ماڻهن جو وڪاڻو،
هو ڪونه جياپي جو هتي ساٿ سٽاڻو،
هو راڄ جي راڻن جو هتي ارٿ اُڏاڻو،
هِت موت جو مهمان هو باغين جو گهراڻو،
جي لال هجي ها نه هتي تنهنجو ٺڪاڻو،
هت ڪير رَهي ها ۽ هتي ڪير اچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(2)

توحيد جو پرچار هتي ڪير ڪري ها،
شهباز جو ڪردار هتي ڪير ڪري ها،
پاڻي مان ڏُڌو ڌار هتي ڪير ڪري ها،
شيطان کي نروار هتي ڪير ڪري ها،
مستن سان پڪو پيار هتي ڪير ڪري ها،
سيوهڻ کي سگهادار هتي ڪير ڪري ها،
جي تون نه هجين ها ته نڪو رنگ رچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(3)

جي تون نه هجين ها ته هتي ڪنگ رڙن ها،
سانگين جا سٺا سانگ سمرَ سنگ سڙن ها،
ڳڀرن جا ڳڀي ڪاڻ ڳٽا ڳاٽ ڳڙن ها،
لُٽ مار ڏسي لاکَ رتا لڙڪ لڙن ها،
ويرين جي هٿان وِيرِ مرن، وير پڙن ها،
هر چونڪ مٿي ساڌ سوين چوٽ چڙهن ها،
هي پاپ ڏسي توکان سوا ڪير پچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(4)

جي تون نه هجين ها ته رڳو روه هجي ها،
پارس نه هجي ها ته رڳو لوه هجي ها،
هت قوم سموري سان وڏو ڊوه هجي ها،
ڏُٻرن جي مٿان ڏاڍ ڏمر ڏوهه هجي ها،
پاڇي ۾ گهڻو پاپ ۽ پَٽ کوهه هجي ها،
ميخوار نه مستان نڪو موهه هجي ها،
نانگا نه هجن ها ۽ نڪو نينهن نچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(5)

هن شهر جي لُٽجڻ جا بنيا هاءِ بهانا،
دارا ۽ سڪندر به لُٽي ٿي ويا روانا،
ارغون ۽ ترخان جا گذري ويا زمانا،
ڪنهن من ۾ رهيا ياد نه مغلن جا فسانا،
سڀ خان کڻي پاڻ سان ويا مال خزانا،
رهندا ته فقط لال جا هِت ناد نشانا،
جي لال هجين ها نه هجي ڪجهه نه بچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(6)

راجا به سُتو ننڊ ۾، هئي ننڊ ۾ راڻي،
هو ماٺ صفا ماٺ ۾ مهراڻ جو پاڻي،
پاڻي جي حوالي ٿي نذر نيڪ نياڻي،
ٿي دين جي نالي ۾ هتي پاپ پڄاڻي،
ٿي ماءُ رُني ڪين پني آس اُجهاڻي،
چرٻٽ جي اڃا آهه چٽي لوڪ ڪهاڻي،
جي تون نه هجين ها ته هچاري نه هچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(7)

جي تون نه هجين ها ته نڪي ڀيد ڀُرن ها،
جي تون نه هجين ها ته نڪي چنگ چرُن ها،
جي تون نه هجين ها ته نڪي ساز سُرن ها،
جي تون نه هجين ها ته نڪي ٻول ٻُرن ها،
جي تون نه هجين ها ته نڪي هوت هُرن ها،
جي تون نه هجين ها ته نڪي جهنڊ جهرن ها،
جي تون نه هجين ها ته رڳو ڪاچ ڪچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(8)

ڏاڍن کي هو مسڪين جي ڦرمار جو ٺيڪو،
لوڪن هو لنگهيو دين دَيا لـڄ جو ليڪو،
هو ڪونه رهيو هوش حيا سوچ سليقو،
هو ڪونه ڪو ڪنهن ريت هتي ڌڻ ڌڻيڪو،
شهزور جو ڪمزور تي هو شور ۽ شيڪو،
تو لال اچڻ ساڻ ڏنو طور طريقو،
نه ته خون هتي باهه جي ٽانڊن تي ٽچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

(9)

جي تون نه هجين ها ته هي ميلو نه هجي ها،
ٻيڙي نه هجي ها ۽ بتيلو نه هجي ها،
هي مال مٺو انب ۽ ڪيلو نه هجي ها،
گُر پير مهامير ۽ چيلو نه هجي ها،
پوڙهي سان ڪَٺو پُٽ پٽيلو نه هجي ها،
رنگين فضا روح جو ريلو نه هجي ها،
سوچن ۾ صداقت ۽ سچائي نه سچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(10)

هن پنڌ خطرناڪ ۾ پانڌي نه پَهيو هو،
چورن ٿي لُٽيا ڳوٺ، ڪو ڪُتو نه بَهيو هو،
ڏاهو به چريو هو ته هتي ڏڏ ڏهيو هو،
باهن جي بِلي ڪاٺ ڪلو ڪانهن ڪَهيو هو،
هت ڇا نه ٺهيو ڇا نه ڊهيو ڇا نه رهيو هو،
بگهڙن کي ڏسي خوف وچان وڳ ٽهيو هو،
جي تون نه هجين ها ته نڪو گرگ گچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.

 

(11)

اڳ ۾ جي اسان شهر جي عظمت تي لکون ها،
هن شهر جي ماڻهن جي شرافت تي لکون ها،
راڻن ۽ رهاڪن جي رفاقت تي لکون ها،
مخدوم بلاول جي شهادت تي لکون ها،
هر دور جي تڪليف ۽ آفت تي لکون ها،
تاريخ تمدن ۽ ثقافت تي لکون ها،
اڄ ڪين منجهون ها نه وجهون ڏيهه ڏچي ها،
ميڙو هي ملوڪن جو ڀلا ڪيئن مچي ها.
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com