سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :34

 

لطيفي لات

 

موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،
ڪي اُٿيون استنبول ڏي، ڪن مڃيا مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقند سار،
ڪي رمي ويئون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار،
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنار،
ڪن جنبي جيلسمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀُڄ ڀِڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
ڪنهين اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولهار،
سائينم، سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين
                                                             - شاهه

 


 

حيدر بخش جتوئي ”حيدر“

درياهه شاهه

 

اَيا سنڌ جا ساهه فضلِ الله،
اَيا هند جا حسن زيور ۽ جاه،
اَيا فخرِ دنيا، خدا جي نگاه،
تونگر ۽ مسڪين جي پشت و پناه،
تو ئي ابرِ رحمت، توئي رنگِ شفقت،
سندم جان تو ۾، ۽ ايمان تو ۾،
چوي توکي دم دم محبت ۽ چاه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

سندءِ پاڙ ساري جهان جو آ تخت،
جتي مينهن موتين سندو آه سخت،
وهي ٿو هتان هر هميشه جو بخت،
هي دنيا ۾ آهي بهشتي درخت،
جو چاهي لهي ٿو، ڪٿي ڀي رهي ٿو،
فرنگي ۽ هندي، جپاني ۽ سنڌي،
منجهان اهڙي سندر سخي بارگاه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

هتان پاڪ گنگا جو آغاز ٿئي،
۽ جمنا جو ڀي ناز انداز ٿئي،
ٿي بنگال برهما سان دمساز ٿئي،
هتي ڪشف الله جو راز ٿئي،
زمين آسمان سان، عرب گلستان سان،
پيا هتڙي گڏجن، مخالف به سڏجن،
هتي فرق مغرب ۽ مشرق ۾ ناه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

اچين مانسروور مان ڪشمير ۾،
۽ باغِ عدن واري تصوير ۾،
ڀرين تنهن کي خوشبوءَ اڪسير ۾،
مفرح کڻي سنڌ لئي سير ۾،
ڏئين دل کي فرحت، ڏئين روح راحت،
۽ ڪيلاش پربت، منجهان شير شربت،
ٿو گلزار گلشن جا آڻين اٿاهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
 

ٽڪر ٽاڪي پهچين ٿو پنجاب ۾،
وجهي توکي پنجاب ٿو خواب ۾،
ڀرين ملڪ کي خواب ۾ آب ۾،
وجهين آب کي ڪين گرداب ۾،
ويون چاڙهيون لاهيون، نيون واهه واهيون،
ڇڏي گوڙ گهمسان، هلين ٿو مزي سان،
اي روحِ روان، صاحبِ عزوجاه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي،
۽ ستلج ۽ جهلم نمسڪار تي،
ٿين مست ٿيون، تنهنجي للڪار تي،
ڪِرن تنهنجي قدمن جي آڌار تي،
ٿين توتان قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،
ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو،
جو ميلو سمايل فنا اندر آهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو اَخير،
جا آ عشق تنهنجي ۾ اصلا اَسير،
سحر وقت، سنڌي، اچي ٿي حقير،
ڪري تنهنجي پوڄا، مڃي توکي پير،
اي ”سنڌو“ سدائي، تون ڪر ”سنڌ“ سائي،
تون همنام سان رهه، وفا سان هميشه،
جو سنڌو سوا سنڌ ٻي ڪجهه به ناهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

 

ٿو آخر وڃين سمنڊ ۾ گم ٿئين،
ٿو ٽڪرن ۽ جبلن کان بي غم ٿئين،
۽ بي انت ساگر سان همدم ٿئين،
رموزِ خوديءَ جو ٿو محرم ٿئين،
ابد ذات تنهنجي، همہ بات تنهنجي،
تون هر شي جو مايو، سندءِ سڀ تي سايو،
تر ۽ خشڪ کي بخشين نئون رنگ ۽ ساه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

هو اول ۾ تنهنجو سمندر ۾ گهر،
تپش عشق جي پر ڪرايئي سفر،
گهمئين ملڪ سهسين، ڏٺئي شهر و بَر،
هماليه تي ورتي تو شڪلِ گُهر،
ٿيو پاڻي گوهر، پيو سمنڊ اندر،
سمندر مان ڄائين، وري تنهن ۾ آئين،
هي دنيا آ چرخي سندي چاڙهه لاهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

ٿي سانوڻ ۾ توکي بهاري ٿئي،
بهاريءَ ۾ خوش خلق ساري ٿئي،
ٿي ساري سان ڌرتي به ڪاري ٿئي،
ٿي هرڪا زمين برک واري ٿئي،
ٻنيون ريج کائن، سگهو اَن اُپائن،
ڀرن واهه ريلا، ڪري جهنگ ٻيلا،
ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چار ماهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

دمِ عيسيٰ ڦوڪين ٿو هر واهه ۾،
ڪسي سڀڪا سهڪي پئي چاهه ۾،
ڪڻس آبِ حيوان اچي گاهه ۾،
قدم خضر جو آهه هر راهه ۾،
ٿئي جهنگ گلشن ۽ هر باغ روشن،
ٿي هر ٻوٽي ٻهڪي، پکي تنهن تي چهڪي،
ڌتاري ٿو اکين کي هر گاهه، گاهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

 

خوشيءَ مان نه ماپين ٿو اونهاري ۾،
پڄي تنهنجو ڀاڪر ڪچي ساري ۾،
ڪرين تنگ تون بند کي گهاري ۾،
اچي شل نه ڪو گهاري لهواري ۾،
ٿئي بحر بر مان، مڃي تنهنجو فرمان،
سڙن پوکون سايون، ٿين غرق جايون،
تون بيحد خوشيءَ مان نه ماڻهن تي ڪاهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!

ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇهي آسمان،
چڙهن مٿس ”حيدر“ مثل آس مان،
هي سچ نوح جي ڪشتي جي آ سمان،
جنهين جي سڙهن آ چٽيو آسمان،
ڀلا اوج تنهنجي، ڀلا موج تنهنجي،
عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون،
هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نين ساهه،
ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
                   (مهراڻ- اونهارو 1955ع)


 

ڪشنچند ”بيوس“

پکيءَ جي پڪار

 

تازو تَري اچي ٿو دل تي اُهو زمانو،
جنهن ۾ اَڏيو اَجهو مون، آزاد آشيانو،
لامُن تي لوڏَ منهنجي، شاخن تي شادمانو،
غُنچن گُلن ڦُلن تي، منهنجو هو خاص گانو،
موجود ۽ ميسر هو سيرُ آسماني،
چهري مان ٿي خوشيءَ جي نروار ٿي نشاني.

 

سهڻو صبح سَمو مون گلزار ۾ گذاريو،
مُکڙين کي هيرَ ايندي ٿي ننڊ مان اُٿاريو،
نازڪ گلن ڦلن کي منهن ماڪ ٿي ڌئاريو،
ڌرتيءَ جي فرش کي ٿي سبزيءَ کُلي سنواريو،
منهنجو اُٿڻ، اُڏڻ هو پنهنجي وڏي ولر سان،
خوش هوس پنهنجي پَر ۾ گَدگَد گذاري گهر سان.

 

ڪافي نه قوت منهنجو ٿورن ڪچن ڪڻن تي،
آزاد ٿي وڃي جي ويهي رهان وڻن تي،
چوڳي لئه چهنب منهنجي شايد پوي مڻن تي،
خوراڪ آهه خاصي گهاٽن ڇُڳن گهڻن تي،
وٺندو وتان خوشيءَ سان مٺڙي هوا چمن جي،
مون کي پَڻي پياري پنهنجي پرين وطن جي.

 

وڇڙي وطن وَلر کان هيءُ حال ٿي رهيو آ،
دل غم کي پي رهي آ، غم دل کي پي رهيو آ،
جيڪُس هي جسم جنسي بي جان جي رهيو آ،
هيڻن هڏن بنا ٻيو باقي نه ڪي رهيو آ،
پڃري جو قيد مون لئه موجن جو ماڳ ناهي،
هيءَ دانهن آهي دردي، آلاپ راڳ ناهي.

 

آجو رهي ٿو ماري ڪيئن پاڻ مَوج ماڻي،
ليڪن نه مون پکيءَ تي ٿو ترس ڪوبه آڻي،
آزاد جنهن گذاريو سو قيد مان نه ڄاڻي،
بانديءَ جي حالُ دل جو باندي رڳو پڇاڻي،
آزاد مون کي ڪر تون او قيد ڪندڙ سائين!
مون بي زبان جي ”بيوس“ آسيس کٽ سدائين!
                                                    (1-1956ع)

 

جهوُپڙي

 

* جا آهه جائداد نه ورثي وبالَ کان،
ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان،
اونو نه جنهن کي آهه ڪو جوکي جنجال کان،
هلڪي رهي جا هانوَ تي سولي سنڀال کان،
جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي-
اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* جا ونئن وڃي ٿي چيز ڪنهن نازڪ نفيس کان،
آجي رَهي جا اوچ گذاري جي ريس کان،
پڻ ٿي پناهه ۾ رهي حاسد حريص کان،
ڌاري نه خاص خوف ڪو خوني خبيث کان،
بي ڪُرف ۽ ڪَڙي رهي سوگهي صندوقڙي-
اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* ڇانگي ڇَنو اڏيائون جو لامن لکن منجهان،
سارو اجهو سٽيائون، پراڻن پکن منجهان،
ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان،
پورهيو پٽيائون پاڻ ۽ سرتن سکن منجهان،
مفتي مدد تي آيا مچي مڙس ٿي مِڙي-
اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* جنهن تي نه نقشِ ساز کي ڪو ناز ٿو رهي،
رازو، ڊکڻ نه جنهن تي ڪو لوهار ٿو وهي،
چوني، پٿر يا سر جو نه سر بار ٿو رهي،
”محصول جاءِ“ ڳاهه جي هيٺان نه جا ڳهي،
مسواڙ بي مهار جي آهي نه جا پِڙي-
اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* سج، چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان،
تِرڪيو اچن ٿا ترورا تارن ڪتين منجهان،
ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان،
ڇڻڪار مينهن ٿو ڪري ڇٽڪي ڇتين منجهان،
قدرت سندي ڪمال، صحت لاءِ سوکڙي-
اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي!
* جنهن ۾ جشن مچي، مٺي ڍوڍي جوار تي،
سادو گذر وجهي نه طبيبن تنوار تي،
پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيري ڄمار تي،
غالب پوي نه حرص خوشيءَ جي خمار تي،
”بيوس” جتي جلائي نه چنتا جي چوچڙي
اَلا! جهُري مَ شالَ غريبن جي جهوپڙي!
                                             (سرءُ، 1955ع)

 

شيخ اياز

بــيــت

( 1 )

آءٌ اُها لَس- ليٽَ، جنهن تي چمڪي چاندني،
اُڀران اوچي چنڊ ڏي، ٻوڙيان ڪيئي ٻيٽَ،
ساگر ڪهڙي ڀيٽَ، تارن هيٺ تَلاوَ سان!
 

( 2 )

سَنڌيا ٽاڻي ڏِيئڙا، تن ۾ پنهنجي سونهن،
ٻي ڪا وِيرَ ورونهن، اُڀري اُڏري چنڊ ڏي!
 

( 3 )

هيءَ نه امرت اوتَ، وهه به وَٽيءَ ۾ وينگسو!
پر جي چاهيو چَس کي، ڪونه ڪيو ڳڻڳوتَ،
ماري ناهي موتَ، سُرڪيون جنهن کي ساهه ۾.
 

( 4 )

آڌيءَ رات اُجهام، ڪنهن کي گهرجي سوجهرو!
تنهنجو ههڙي واءَ ۾، ڪهڙو آهه قيام!
ڪهڙي ويرَ! وِسام، ڏيئا منهنجيءَ ڏات جا.
 

( 5 )

ڏيئا منهنجيءَ ڏات جا، ايڏو واءُ وَڻاءُ!
توتي ڪنهن به پتنگ جي، پَرَ نه ڪيو پڙلاءُ،
آڌيءَ منجهه اُهاءُ، پو به اُهو ئي ٿو ڪرين!
 

( 6 )

ڳوڙها ڳاڙي رَت جا، پيلا ڳَل لڪاءِ،
اُف اُنهن تي جي اچي، چَپ ڪپي اُڇلاءِ،
تِن وٽ ووءِ نه واءِ، جن وٽ نعرا نينهن جا!
 

( 7 )

ويڄَ اسان جي وَڍ کي، مور نه گهرجي مَک،
ڪُکِ ته ڀانيو ڪک، ڪَڙڪَڙ ڪانَ گهڻي ڪئي!
 

( 8 )

هيءَ نه کينهونءَ کيڏ، سوچي آءُ اُڇاترا!
گهوٽ گهڻيئي گهير ۾، جن جا ڀڳا ڀيڏ،
اوسيريءَ اک- ٽيڏَ، ڪيئي مانجهي ماريا.
 

( 9 )

پريت پڇاڙيا ڪيترا، ڌرتي توتي ڌَڱ،
لوڏ جنهين جي لونءَ ۾، سو لُولا تن لَڱ،
جن ۾ آگَ اُلاوَ ها، تن جا ڳوڙها ڳَڱ،
سوچي سوچي سَڱ، ڪوهياري سان ڪو ڪَري!
 

( 10 )

ڪالهه ڏٺم ڪلوَنت جو، هاريل ريٽو رَتُ،
اَڄُ اُهو اَمرت، سڀ کي چَس چريو ڪيو.
 

( 11 )

ڪالهه ڏٺم ڪَلونت جو، ڪاٺيءَ مٿان ڪَنڌُ،
ڪوڪن ساڻُ ڪلوُر جي، ساڻو هرهڪ سَنڌُ،
اَڄ اُهو سؤڳنڌ: مانُ مٽيءَ جو ايترو!
 

( 12 )

ڪالهه لَهوءَ ۾ لالَ، آيو ڪوئي ڪاپڙي،
رَنگَ ڪري ٿو رَت جي، تن جو ناهه مثال،
ڀانءِ اُنهيءَ جو ڀالُ، ڪاڪِ ڪَڪوري ٿي وهي.
 

( 13 )

مون جئن اکڙيون ڪيتريون، جن جا لُڙڪ اُٿاهه،
ڳوڙها وِچ درياهه، ڪـُہ ڄاڻان تن جي ڪنڌي!
 

( 14 )

تو وٽِ موتين ٿالُ، سرُ تِريءَ تي مون ميان،
ڪيئن چوان ڪنهن آڇيو، آهه مهانگو مال!
تو به ڀلايو ڀالُ، جَرڪايو ٿي جُوءِ کي!

 

(شاعر نمبر- 1969ع)

شيخ اياز

وايون

( 1 )

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار- اڙي آهيڙي،
                                هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!
 

تون به ته ڪنهن جو ساٿي آهين، پنهنجي  سينڌي سار،
                                         اڙي آهيڙي!

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!

هَهڙا ڳاٽَ نه ڳول، اَلا تون، ڪائي ٽورَ ته ٽار،
                                           اڙي آهيڙي!

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!

جي هيءَ توتي تورُ ته ان کي تاڙي مارِ، اُڏار،
                                          اڙي آهيڙي!

هَيءِ هَيءِ ڪونج نه مار!

پر جي تو ۾ جاڙ ته پوءِ تون، جوڙي جوڙي مار،
                                           اڙي آهيڙي!

ڪهل ته ڪـــائي ڌار،

                        اڙي آهيڙي!

هڪڙي ڪونج نه مار،

                        اڙي آهيڙي!

 

( 2 )

جهُول هوا ۾ جهُول، موتيا!
 

جهُول هوا ۾ جهُول!

منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو،
توکان سُندر ڦول، موتيا!

 

جهُول هوا ۾ جهُول!

سُرهي سانت، اڪيلي اَؤجهڙ،
سِج لٿي گوَڌول، موتيا!

 

جهُول هوا ۾ جهُول!

ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀونئرا ايندا،
مُڙي نه ويندا مول، موتيا!

 

جهُول هوا ۾ جهُول!

( 3 )

گُهل ڏکڻ اَڙي، نيڻَ ٿا نِنڊَ ڪن!

گيتَ گونجارجي واءُ مان ٿا وَرَن:
                        نيڻ ٿا ننڊ ڪن!

جيءَ جا جهولڻا جهانءِ ۾ ٿا جهُلن:
                        نيڻ ٿا ننڊ ڪن!

سانت جي سيرَ ۾ ٿا تنبورا تَرن:
                        نيڻ ٿا ننڊ ڪن!

چَنڊ جا ناکئا ناوَ سان ٿا ڏِسن:
                        نيڻ ٿا ننڊ ڪن!

پَٽ جهڙا پرين پارَ کان ٿا اَچن:
                        نيڻ ٿا ننڊ ڪن!

راتڙيون جاڳندي، جهَپ آئي نه تَن:
                        نيڻ ٿا ننڊ ڪن!

گهُل ڏَکڻَ اَڙي، نيڻ ٿا ننڊ ڪن!

 

( 4 )

تَڙ تَڙ تي طوفانُ، الوميان-

                        ناوَ هلي آ گيت کڻي!

ونجهه نه وانجهي، موڙها مانجهي،
سانجهي سرگردانُ، الوميان:
                         ناوَ هلي آ گيت کڻي!

گهاٽَ مٿان گهنگهور گهَٽا ۾،
اڄڪلهه جو انسانُ، الوميان:
                         ناوَ هلي آ گيت کڻي!

ڪو وڻجارو، اوٿَ- اَسارو،
نينهن ڪيو نادانُ، الوميان:
                        ناوَ هلي آ گيت کڻي!

(شاعر نمبر- 1969ع)

 

شيخ اياز

غزل

 

جي ناهه ڏياٽي، وِڄُ سهين، ڪا جوت ته ٻاري ٿي سگهجي،
اونداهه ته آ درياهه جيان، ڪا لهر اُجاري ٿي سگهجي.
مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو،
هي هٿ هٿوڙا اَڄُ به اَٿي ۽ دنيا ڏاري ٿي سگهجي.
ڇا من وَرتي من ڀاوڪ هئي هوءَ ناري ساري ساوڪ هئي،
هي پرڪرتي دُکدائڪ آ پر پو به سنواري ٿي سگهجي.
ڪنهن وقت بسنت ته اچڻو آ ۽ رنگ هوا ۾ رَچڻو آ،
هاڻي به اچي ٿي جا خوشبو ڪنهن ريت نه ٽاري ٿي سگهجي.
هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پَلُ ان جي ڇايا آ،
ٿا اُن ۾ پنهنجا پير وَڌَن ۽ اُس اُڀاري ٿي سگهجي.
ٿو اڳتان ماري جل ڇوليون، پر پيار اُنهيءَ کان پـَرٻل آ،
جي وَنجهه هلايو، پار ڪڏهن هي ناوَ اُتاري ٿي سگهجي.
هي ڏات ڏسي ٿي ڪجهه اڳتي ويهي ته نه رهڻو آ دڳ تي،
ٿي سوچي اڄ ته ”اياز“ ڪٿي ڪنهن جي ته پناري ٿي سگهجي.

 

سنسار ته ڪوئي پل آهي....

 

ڪيئن ڏينهن ٿئي ڪيئن رات لهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان،
ڪئن دل ٿي ايڏو درد سهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
هر لهر هئي مضراب جيان ۽ ساري عمر رباب جيان،
آ وقت جيئن درياهه وهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
هن رُوح هرڻ جي ڳولا ۾ ڪو پاڻي آهي؟ ڪونه آهي؟
ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن ڪهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
سنسار ته ڪوئي پَل آهي ۽ ان جو انت اٽل آهي،
ڪنهن وقت ٺهي، ڪنهن وقت ڊَهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
پل پيار بنان ڄڻ وَئل آهي، هي جيوَن ڄڻ ڪو بئل آهي،
ٿو چڪر ۾ ڪيڏو نه ڳهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان؟
من روز منجهائي ٿو ساهي، ڪنهن وقت ”اياز” تري تائين،
ٿو سِپ ڏسي موتي نه لهي، مان ڇا ڄاڻان، مان ڇا ڄاڻان!
 

نظم

سوچئين تون متان

مون مٿان مقبرو!

چنڊ، تارا، ڪَتيون

سِجَ جون مشعلون

مون مٿان

روز ٻرنديون پيون!

هي خدائي مجاور جيان

روز مون تي ڪندا سوجهرو

روز مون تي شفق پَڙَ پائي زريءَ جا، عقيدت جا اظهار مون

سان ڪندي،

ڏينهن جو روز سورج مُکين سان پئي زندگي جرڪندي

رات رابيل جا گُل نڇاوَر ڪندي،

ماڪ سان تنهن مٽيءَ کي معطر ڪندي

آنءُ هوندس جِتي،

تون متان هن گهنگار کي

ڪنهن وڏي پِير سان ڀيٽئين

شاعري ريٽئين

جنهن هزارين بُزرگيون مٽائي ڇڏيون،

سِجَ هيٺان ڪڪر جئن لڪائي ڇڏيون

سمنڊ ۾ ريت وانگر ڇُپائي ڇڏيون

مشعلون سَو جلائي ڇڏيون

جي نه ڪوئي ٻُجهائي سگهي،

۽ نه طوفان ڪوئي به تِن کي وسائي سگهي.

(1-2/1992ع)

شيخ اياز

وايون

(1)

ڇا تون مون سان روهه جي، چوٽيءَ تي هلندين؟
                                سوچي پوءِ وَراڻ تون!
ڇا تون بيهي چنڊَ جي پٿر ۾ ڍَلندين؟
                                سوچي پوءِ وَراڻ تون!
ڇا تون چال اُڇال سان سَرهه جي چلندين؟
                        سوچي پوءِ وَراڻ تون؟
مٿاهون ٿي موت کان، قضا ۾ پلندين؟
                                سوچي پوءِ وَراڻ تون؟

 

(2)

تون جو مون ۾ ٿو جيئين
 

                        مون ۾ مرين ٿو!
 

ڇا تون منهنجي ڏات ٿي، مون کي ڏَرين ٿو؟
اُلا اُلا رنگ ٿي، مون ۾ ٻرين ٿو!
مون ۾ پنهنجون روشنيون، ڪيڏيون ڪرين ٿو!
جڏهن اُفق پار کان، مون تي وَرين ٿو!
                                 مون ۾ مرين ٿو!

 

(3)

ٻاريان پيو شمع کي، ٻنهي پاسي مان،

 

ڳَري ڳَري ڪيترو.

 

هيئن نه پنهنجي ڪو ڏٺئه، اڄ تائين پٺتان!
سورج ۽ سورج مکيءَ، ڳالهيون ڳُجهه منجهان!
مون تنهنجو ڳَل ڳَل ڏٺو، اُڏري پوپٽ جان!

 

(4)

کُهنبن ڪپڙن ڪاڻ، ڳاڙهن چپڙن ڪاڻ،

 

                     ڪيڏا ڏينهن وِڃائيئه!

ڪيڏيون آيون پاڻ ئي، ڀُوريون تنهنجي ڀاڻِ!
سارُون جن جون لوڏيئه، هانوَ هندوري هاڻِ!
ڪيڏا ميگهه ملار ها، مٽيءَ جي مانڊاڻِ!
هاڻي ڇاڻي عمر جي، ڇاڻيون ويٺو ڇاڻِ!

 

(5)

تون ڪنهن جي اڌ رات جو، وڃين پئي ڪَڍ،

 

        ڇم ڇم ڪندي شاعري؟

 

جيئن ڀٽائي وٽ گُلان،، ائين تنهنجي اَڍ!
اڃا پرهه پار کي، نانهن ڏِنا وَڍ،
ڏورانهين ڏهڪار ۾، توکي ڪهڙا ڏَڍ؟

 

(6)

ٿر تنهنجا ٿوهر،
 

         وسري وسرن ڪينڪي.

 

توتي سانوڻ مينهڙا، ساوا سارا سَر،
تو بن ڄڻ اُٻاڻڪا، هيل ڪراچيءَ گهر،
تن جا اندر ڪينئرا، شهر ته سارا شر.

 

(7)

تون ٽين دنيا کي،
هاڻي ٻيو ڪو ڏي،

 

                        ڪوئي نئون ڏيئڙو.

 

ڌرتي گُرڙيون رَت جون، ساري رات ڪري!
سارو سپنو ڪوڙُ هو؟ ڏاهه نه ڪنهن ڏاهي؟
متان ويجهو آڻئين، ٻيهر ڪنهن ڪوڙهي؟

 

(8)

هيل نه مرندس مان،

 

                        مون مان لاهه نه آسرو.

 

وَهندي ندي وقت جي، اَڃا ترندس مان،
جئن پاڻيءَ تي ڏيئڙو، ائين ٻرندس مان،
پر جي وڃان، واعدو، جلدي وَرندس مان.

 

(9)

مان جئن آهيان سنڌڙي، تنهنجو مصور،

                         ٻيو ڪو ٿيندو ڪينڪي.

 

اَکرن ۾ ويو اُڪرجي، واريءَ تي گهر گهرُ!
هي ماڻهو، هي مونگهرڙو، هي ٿر جو ٿوهر!
تن جي مٿان چنڊ جو، سانوڻ رات سفر!
۽ هي ڪوسو ”ڪَڇَ“ ۾، ريٻاريءَ جو ورَ!
 

(1-2/1992ع)

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

سنڌ جو ساوڻ

 

هن ملڪ ۾ نه گوشئه چمني جو ڪاروبار،
بادِ سموم آڻي فقط گرد ۽ غبار،
نسرين، ياسمين ۽ نرگس نه بيشمار،
سر و سمن نه آهه نه سنبل ئي غمگسار،
لاله و گل ڪٿي، نه ڪٿي بلبلِ هزار،
ساوڻ ئي منهنجي سنڌ جو بس غيرتِ بهار.

هت نازور نگار نه مغبچا مهه جبين،
حسنِ ادا ۽ حسنِ خرامي کان دلنشين،
بدمست ڪن، کڻن جو کڻيو چشمِ نرگسين،
مي تلخ تن جي هٿ ۾ لبن مجهه انگبين،
مارو اسان جا ڪينڪي ڄاڻن اُنهن منجهان،
سمجهن هي سادا سودا ٿا کيرن ڏڌن منجهان.

 

بادِ سحر نه، پر هتي پورب ئي خابرو،
هر ذي حيات کي ٿي ٿئي تنهنجي جستجو،
ڪک پن ۾ جنهن کان زندگي پيدا ٿئي سُو به سُو،
ڪٿ مشڪ يا گلاب ۽ ڪٿ هي اُٺي جي بُو،
صبحِ بهار کان سٺي ساوڻ جي شام آهه،
موسم حيات بخش تي هردم سلام آهه.

 

ساوڻ جي مينهن وارا مڙئي خوشگوار ڏينهن،
جهڙ ڦڙ جي جهانءِ ساڻ ٿين غمگسار ڏينهن،
رشڪ بهار ٿين ٿا سي بي بهار ڏينهن،
وسريو وڃن هو سال جا سڀ بيقرار ڏينهن،
هر هر صدا بلند ٿئي ٿي جهان مان،
آبِ حيات پيو وسي اڄ آسمان مان.

 

ڪارا ڪڪر ڏين شهون زلفِ نگار کي،
خاتم، سياهه بخت جا، گل ڪن ٿا خار کي،
گجگوڙ سان چڙهن ته پو آڻن سڪار کي،
ڍايو ڇڏين هاري ۽ هاريءَ جي ٻار کي،
وقتائتا وسي ٿا وسائن پڪي ڪچي،
ساوا ٿين جو پَٽ ته کٿوري جي بُو اچي.

 

جينءَ جينءَ ڪري ٿو گهُٽ ۽ گرمي ٿئي شديد،
آسائتن جي لاءِ اهو وقت آهي عيد،
سج بيٺي ٿو وسي ته سُڪارن جي سا نويد،
ان جي پکي ڏري جي به ساعت اها سعيد،
دريا جي جان آهه ۽ ڀاڳين جو ڀاڳ هُو،
ڦڙ ڦڙ انهيءَ جي روحِ تمنا ۽ آرزو.

 

سارو مهينو سج به رهي ٿو نقاب ۾،
توڙي سدائين آهه سو پنهنجي شباب ۾،
چوڏهينءَ جو چنڊ پڻ اچي اڪثر حجاب ۾،
پوشيده جئن هجي ڪو بيان ڪنهن ڪتاب ۾،
بادل چڙهن ته صبح به ڄڻ شام ٿيو وڃي،
جي شام هوندي آهه ته ناڪام ٿيو وڃي.

 

هر سال پنهنجا وقت تي وعدا وفا ڪري،
هر آدمي جا حق هميشہ ادا ڪري،
گهر ويٺي آڻيو رحمتِ عظميٰ عطا ڪري،
ڪوئي نه آهه جيڪو سندس ڪا گلا ڪري،
ٿي برق ان جي رشڪِ ثريا ۽ رشڪِ ماهه،
چمڪي ته پو ڏڪار جو نڪري وڃي ٿو ساهه.

 

اڪثر اچي ٿو مينهن ڏُهائيءَ جي وقت تي،
نئون ويس ٿو ڍڪائي، پوي جنهن درخت تي،
گل ڦل ٿين ٿا ڀونءِ سندي لخت لخت تي،
ڪشمير کي حسد وٺي سنڌڙيءَ جي بخت تي،
سچ پچ ته هيچ آهه فلاورس نرسري،
نوروز کي به ناهه ڪا ساوڻ تي برتري.

 

تقريب شاندار هي هڪ يادگار آهه،
هر شخص باوقار ۽ خوشدل بهار آهه،
هي ارضِ پاڪ آهه يا ڳاڙهي ڪنوار آهه،
لائُن لهڻ جي واسطي سا بيقرار آهه،
بادل کنوڻ ۽ گوڙ ۾ عالم سڄو نچي،
ساوڻ جو مينهن، ڄڃ سان گهوٽ پيو اچي.

 

مانڊاڻ جي مَنڊي ۽ کڻي مينهن ڪو مچي،
مسڪين ۽ غريب جي لئه رنگ ٿو رچي،
جي وڏڦڙو ٿو زور سان ڇم ڇم ڪريو اچي،
سمجهو ته ڇير ساڻ ڪو ناچو پيو نچي،
پاڻيءَ ۾ پو حباب ٿا پيدا کڻيو ٿين،
خوشحالين جون خوب نويدون اُٿيو ڏين.

 

ساوڻ جي مينهن لئه ٿي زمين بيقرار ٿئي،
اُن جي وسڻ سان ڳڀ جهلي ڪامگار ٿئي،
وڻ ٽڻ ٿو ڦلجي ڦولجي ۽ باوقار ٿئي،
بيتاب، بيقرار ٿو هر جاندار ٿئي،
جذباتِ جنس ٿو ڏئي اهلِ حيات کي،
هيجان پڻ عطا ٿو ڪري خواهشات کي.

 

جنسِ لطيف ۾ ئي لطافت وڌيو وڃي،
سنگين مزاج ۾ به نفاست وڌيو وڃي،
گفتار ۾ هزار نزاڪت وڌيو وڃي،
رفتار ۾ انهيءَ جي قيامت وڌيو وڃي،
مردانه، خوب حس وجاهت ڪري ظهور،
خودبيني، خودسئي ۽ طاقت ڪري ظهور.

 

پيدا ٿين حواس ۾ ٿا ڪيئي ولولا،
ذهنن ۾ ڪشمڪش جا بپا ٿين ٿرٿلا،
ٽڪريو نگاهون پاڻ ۾ آڻن ٿيون زلزلا،
سودا ٿيڻ لڳن ٿا محبت جا برملا،
هٿ جي گهڙيل نه ڳالهه هي فطرت جو راز آهه،
قدرت بنايو اينهين ئي صورت جو ساز آهه.

 

مستن ۾ زوردار ٿي مستي بپا ٿئي،
ديوانگيءَ ۾ جوش الستي بپا ٿئي،
عاجز ۾ هڪڙي نوع جي هستي بپا ٿئي،
بيڪار ۾ به ڪانه ٿي پستي بپا ٿئي،
هردم پکي پکڻ به هجي ٿو ورونهن ۾،
سڀڪو ڏسو ته گم آهه ساوڻ جي سونهن ۾.

 

ويرانا، جن مان خون جي هردم اچي ٿي بُو،
تن تي وسايو مينهن ڪري سبزه زار هُو،
هر ٻجَ ۾ ٿو پيدا ڪري قوتِ نمو،
سانگي اُتي پڄن، ٿئي جهرمر ٿي سو به سو،
ٻانهاريون ۽ سهاڳڻيون نگار اُتي جو ٿين،
هر وقت هو سڪار جو سهڻيون ثبوت ڏين.

 

دريا مچي ته ٻيلا ٻڏي ٿين ڀرجهلا،
چوڦير ڏين چوڙ ڪنون کير جا دِلا،
سائي زمين ٿي ٿئي سڀرا ڏئي سلا،
هٿ ڪن تي ڏئي ڌنار پيا ڪن الا الا!
ساوڻ ۾ ڀاڳيا، هاري ۽ ناري ٽپا ڏين،
سڀريون ته سايون ٿين ۽ اَڀريون به ٿيون لڳن.

 

موسم جو مينهن رحمتِ يزدان جو هڪ نشان،
هڪ هڪ ڦڙي ٿي غيرتِ لولوئي داستان،
تڏهين زمين ٿي ٿي وڃي رشڪِ آسمان،
اُن جو ڀلا ڇا  ”طالب الموليٰ“ ڪري بيان،
محبوب گڏ نه آهه ته ساوڻ سڄوئي سُڃ،
ڪوڇن، ڪڙين، تلاءَ تراين جا ريج رُڃ.
                                        (مهراڻ- 1/1975ع)

 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

نئون سال، نئون نينهن

 

* نوان ڏينهن راتيون، نيون روشنايون،
نوان شعر ڪافيون، نوان بيت وايون،
نوان باغ بنگلا، هي بستيون ۽ جايون،
نئين سال ۾ سڀ نيون بنجي آيون:
پِرين، هو پراڻيون ڇڏي ڏي جدايون،
نئين سال ۾ اچ، نئون نينهن لايون!
* نوان گل چمن ۾، نئون رنگ و بو آ،
صنوبر، سمن، موتيو سرخرو آ،
نئين سال جي اڄ خوشي سوبسو آ،
مگر مون کي تنجي اڃا آرزو آ:
وري پاڻ گڏجي خوشي ڪا ملهايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
* خوشيءَ مان وڻن سبز پوشاڪ پاتي،
گلن ساڻ بلبل ملائي ٿي ڇاتي،
مان پايان ٿو تولاءِ جهاتيءَ تي جهاتي،
نه معلوم تو آهي ڇو دير لاتي:
سگهو آ ته بلبل ۽ گل کي سِڪايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
* اسين ڪشوَرِ دل جا سلطان آهيون،
نه ٻئي مال و دولت جا خواهان آهيون،
چون ٿا جهان وارا، نادان آهيون،
محبت ڪريون ٿا جو انسان آهيون:
غريبي اميريءَ جا ويڇا وڃايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
* هجون پاڻ گڏ زندگيءَ جي سفر ۾،
فضا ۾، بيابان ۾، ۽ بحر و بر ۾،
اگر آهيون بيڪار ڪنهن جي نظر ۾،
ٿئي ڪو نه ڪو عيب ٿو هر بشر ۾:
سڀن ۾ ٿين ٿي بُرايون ڀلايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

* وئي مون کان اڄ اوچتو آه نڪري،
مان ڀانيان ٿو توکي ويو آهيان وسري،
گهڙي ڌار توکان گذارڻ نه سٿري،
سڄڻ، هي به سڪندي ئي ويو سال گذري:
حياتيءَ جون گهڙيون وڃن ٿيون اجايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
* نهاريو مون شام و سحر، تون نه آئين،
قمر آيو، رشڪِ قمر، تون نه آئين،
اڃا تائين مون کي نظر تون نه آئين،
ٻيا سڀ اچي ويا، مگر تون نه آئين:
مٺا، آءُ موٽي، ڪري لک ڀلايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
* ستارن ۽ شمس و قمر کان لِڪي آ،
فلڪ کان ۽ شام و سحر کان لڪي آ،
لڪي آءُ، جن و بشر کان لڪي آ،
سڄڻ، تون سڀن جي نظر کان لڪي آ:
نه ڪنهن کي ٻڌايون، نه ڪنهن کي سڻايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
* نئين آئي موسم، نوان ٿيا نظارا،
نئون چنڊ نڪتو، نوان ڏئي اشارا،
جُدائيءَ ۾ مون تان کِلن ٿا ستارا،
خدارا وري آءُ، پرديس وارا!
ڪري درگذرچ ڪچايون ڦڪايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
* ڀلا ڇو سڄڻ ويٺين وعدا وساري،
هي عاشق اڃا ويٺو راهون نهاري،
’فهيم‘ آهي تنهنجي  ئي سهڻل سهاري،
پرين، جيڪڏهن تون اچين قول پاري،
ته لوڪان لڪي پاڻ محفل مچايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
                                                   (4/1959ع)

 

عبدالڪريم ”گدائي“

خزان ويندي، بهار ايندو!

 

اجهو موسم ڦري، ساٿي، خزان ويندي، بهار ايندو!
گجِي گرنار پاسي کان، اجهو ابرِ بهار ايندو،
انبن جي ٻور تي ڀئونرو، به ٿي بي اختيار ايندو،
ڪليون ٽڙنديون اميدن جون، دلين کي ڀي قرار ايندو،

 

وڻن ۾ برگ و بار ايندو!

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
بهار ايندو، قرار ايندو!

 

ڪري سينگار ساهيڙيون، سهانا گيت ڳائينديون،
هٿن پيرن کي ميندي، سي ۾ سندُور لائينديون،
اندر جا راز رمزن ۽ اشارن ۾ ٻُڌائينديون،
ڪري هڪ ٻئي کي ڪتڪايون، کِلي هر هر کلائينديون،

 

۽ جوڀن تي بهار ايندو!

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو!

 

ڪُراڙيون پاڻ ۾ ويهي، جُڳن جا راز کولينديون،
نَڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون،
قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جوئان هڪ ٻئي جون ڳولينديون،
جڏهن هو پنهنجي سيني تي سيه واسينگ کولينديون،

 

ته عاشق بيقرار ايندو!

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو!


دماما، دهل، شرنايون، ڪٿي ڌمچر مچائينديون،
ننڍيون نيٽيون، مڙي لاڏا ۽ هرا خوب ڳائينديون،
دهل جي تال تي گڏجي، ڪئين تاڙيون وڄائينديون،
ڪنواريون گهوٽ سان چرچا ڪندي ميندي لڳائينديون،

 

بنو ٿي شرمسار ايندو!

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو!

 

مهر جا مينهن پوندا، ۽ تراريون تار ٿي وينديون،
وطن جون واديون گلپوش، ۽ گلزار ٿي وينديون،
مسرت سان مليرياڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون،
نئين رَت ساڻ نوورني سڀئي گلنار ٿي وينديون،

 

سمو پڻ سازگار ايندو!

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،

 

بهار ايندو، قرار ايندو!

 

جوانيون اوٽ ۾ ويهي، سلينديون راز الفت جا،
ونڊيندا درد هڪ ٻئي سان، ويهي دمساز الفت جا،
ڪنڊن ڪِرڙن منجهان ايندا، مٺا آواز الفت جا،
ليون لاڻيون سڻائينديون، ”گدائي“ ساز الفت جا،

 

وڻن ۾ برگ و بار ايندو!

ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
بهار ايندو، قرار ايندو!

 

(2-1956ع)

 هوند راج ”دکايل“

گيت

 

پٻن کڙي پيهي تي بيهي پل پل ڪريان پڪار،
ڪانوَ تڙي تو طرف مُنجان ٿي، من ڪو پهچئي پار،
                                پٻن کڙي پيهي تي بيهي...
رونبا نڪتا، اوٻر نڪتا، نڪتو پئي ڄڻ ساهه،
ساوَن مان پيلا ٿيا تيلا، لاب پيا، ٿيو ڳاهه،
تڏهن به تون آئين نه مسافر، ڪهڙي ڏيانءِ ميار؟
                                پٻن کڙي پيهي تي بيهي...

وائر ۾ ڇـڄ ويهه ويهه ڀيرا، ڄڻ ٿي هٿ مان ٿڙڪيو،
پيارو پورهيو بار لڳو پئي، تو ريِّ هڏ هڏ ٽڙڪيو،
تن ميرو ٿيو ڌوڙ وسائي، چيڙهه وڃايم وار،
                                پٻن کڙي پيهي تي بيهي...

ديرا ميرا لڳن، مسافر! تو نه ڪيو جي ديرو،
اوطاقن ۾ اوندهه ڀانيان، پيو نه جي تنهنجو پيرو،
من منهنجي کي ڪين وڻن ٿا تو ريءَ اَن انبار،
                                پٻن کڙي پيهي تي بيهي...

اُکريءَ ۾ منهن پائي ويٺيمهري ٿي کڙڪايان،
آهٽ پائي، ڇرڪ ڀري، اک ور ور در ۾ پايان،
مايوسيءَ کان اَن ڪڻن کي ڏيان ٿي ڪيڏي مار،
                                پٻن کڙي پيهي تي بيهي...

آس وڃائڻ واري ناهيان، ڇو ته ڳهيلي آهيان،
تڏهن ته دم دم دڳ واجهائي پئي ٿي دل پرڀايان،
نيٺ ته هڪ ڏينهن ايندين ”دکايل“، پاڙيندين اقرار،
پٻن کڙي پيهي تي بيهي پل پل ڪريان پڪار.

 

(3/1955ع)

 

”تنوير“ عباسي

گيت

 

صبح نه آهي دور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.

 

لنبي رات وهامي ويندي، دُک جي آگ اجهامي ويندي،

 

آس نه لاٿي، جي تو ساٿي!

 

اوندهه مان ئي باکون ڦٽنديون، ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون،

 

ڇو ٿو وڃين وهلور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.

 

رات ٿي پنهنجو دم ٻوساٽي، اونداهين جو هانءُ ٿو ڦاٽي،
ڪارن پردن مان پرڀاتيون، اوڀر کان ٿيون پائن جهاتيون،

 

صبح ٿئي ٿو، نور وسي ٿو،
ڄاڻ لٿا هي سور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.

 

ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو، ر موڙي آ ننڊ مان جاڳيو،

 

صبح جو پهريون، پهريون ڪرڻو،

 

اونداهيءَ جا پردا چيري، وڌندو اچي ٿو ڌيري ڌيري،

 

ڄاڻ وسي ٿو نور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.

 

اچ ته رفيقن کي جاڳايون، صبح سان گڏجي جوت جلايون،

 

منهنجا سنگتي، منهنجا ساٿي!

 

آءُ ته ڳايون گيت سحر جا، اچ ته ڪريون دنيا ۾ اُجالا،

 

ٿيندا هي دک دور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.
(3/1955ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com