سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :41

4. ”سنڌ ۾ خط نستعليق جو رواج“:  ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، سنڌيڪار: غلام محمد بـُـلو، ص: 62-66.

5. ”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“: ناسف علي شيراز، ص: 67-91.

6. ”بيان العارفين- هڪ عام جائزو“: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ص: 92-98

7. ”ميانوال طريقت ۾ ”آزي“ جي اهميت“: اميرالنسا ِّ مگسي، ص: 99-110.

8. ”گيت گلن جا هارَ هٿن ۾“: (مير محمد پيرزادي جي گيتن جو فني ۽ فڪري جائزو)، سائل پيرزادو، ص: 111-137.

9. ”مرزا قليچ بيگ جي شاهه جي رسالي جو مطالعو“: سليم ڀٽو لطيفي، ص: 138-142.

10. ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙو“- (سنڌ جو هڪ مدبر حڪمران) انعام شيخ، ص: 143-146.

”مهراڻ“ نمبر 2 (اونهارو) 2004ع

1. ”جپسي“: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ص: 81-86.

2. ”ڌرتي منهنجو ديس“.... آغا سليم، ص: 78-95.

3. ”ادارا، فرد ۽ ڪارڪردگي“ (سنڌ جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تنظيمن جي موجوده صورتحال)، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ص: 94- 95.

4. ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي“: (قسط- 1)، ناسف علي شيراز، ص: 96-114

5. ”ڪرشماتي سفر“: (دهليءَ جو داستان-1) حميد سنڌي، ص: 115-127.

هن اشاعت سان ترتيب ۾ خوبصورتي ۽ نواڻ جو هڪ نئون من موهيندڙ انداز شروع ڪيو ويو آهي، جو تاحال برقرار آهي. پڙهندڙن کي ”سوچ- لوچ“ (ايڊيٽوريل) ۾ توجهه ڏياريو ويو آهي ته پنهنجي تنقيدي راءِ کان آگاهه ڪن ۽ ”مهراڻ“، جنهن کي سڄي جڳ جهان جي سنڌين جي رسالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان جي سرڪيوليشن/تعداد ۾ ڪيئن اضافو ڪجي ۽ ”مهراڻ“ گهڻن هٿن تائين ڪيئن پهچائجي؟ ان تي اظهار خيال آهي.

 ”مهراڻ“ نمبر 3 (سرءُ) 2004ع

هن پرچي ۾ به ترتيب کي پرڪشش بنايو ويو آهي. ”سوچ- لوچ“ ۾ پرچي ۾ ڇپجندڙ مواد جو تعارف نهايت مختصر پر جامع ۽ وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪيل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، سنڌي اديبن، شاعرن، عالمن ۽ اُستادن کي پنهنجي فرض منصبيءَ کي توڙ پهچائڻ لاءِ ذميواري جو احساس ڏياريل آهي، ڇو ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو گنڀير آهي ۽ آخر ۾ ”جهان بقا“ ڏي راهي ٿيندڙن متعلق به تعزيت جو اظهار ٿيل آهي.

”مهراڻ“ ۾ روايتي طور پهرين ”شاعري“ جو عنوان مسلسل پئي رهيو آهي، پر گذريل پرچي کان نئون عنوان ”وکر سو وِهاءِ“ جي نالي سان شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو
شعر و سخن ۾ دلڪش ۽ پسنديده آهي. هن شماري ۾ به سنڌ جي قديم ۽ جديد شاعرن جو ڪلام، انهن جو تعارف ۽ اهميت جي تعريف سان ڏنو ويو آهي، جيڪو تاريخي حوالي ۽ معلومات جي نقطئه نگاهه کان پرلطف آهي، جيئن ته: قاضي قاضن (ص 10)، مخدوم نوح سرور (ص 11)، شاهه ڪريم (ص 12)، پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ (ص 13)، سيد مصري شاهه (ص 14)، سيد حافظ شاهه ٽکڙائي، نياز همايوني، ابراهيم منشي ۽ محمد خان مجيدي. هن کان پوءِ ”تحقيق“ جو عنوان شروع ٿئي ٿو.

تحقيق:

1. ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي“ (قسط-2 آخري)،  ناسف علي شيراز، ص: 21-40. (پهرئين قسط لاءِ ڏسو مهراڻ نمبر 2، اونهارو 2004).

2. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“: (قسط- 6)، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 41-64.

3. رومي- اُڪر ٿيل قبرن جو قبرستان: ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، ص: 65-67.

4. لفظ نه آهن کيڏوڻا..... امداد حسيني، ص: 69-80.

ڪهاڻيون/”ليک“.

1. ”ڪرشماتي سفر“- (دهليءَ جو داستان-2) حميد سنڌي، ص: 139-153. (هن جي پهرين قسط ڏسو ”مهراڻ“ نمبر2- سال 2004).

2. (اوسار) جمال ابڙو- ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 154-157.

ذاتي تاثرات: غلام رباني آگرو، ص: 158-164.

 هڪ تاثر: گل محمد عمراڻي، ص: 164-165.

 ”نئين دور جي ڪهاڻيءَ جو جنم داتا: ولي رام”ولڀ“

                                ص: 166-167.

 ”جمال ابڙو“- شوڪت حسين شورو، ص: 167.

 ”جمال ابڙي جي عظمت“- سحر امداد، ص: 168-170.

”سداحيات ڪهاڻيڪار“، نصير مرزا، ص: 170-172.

”جمال ابڙو“- (ساروڻيون)، شيخ اياز ص: 173-176.

”ماڻهو مڻيادار“-1 ”سائين قاضي سچيڏني جي ياد ۾“- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 183-184.

”مهراڻ“ نمبر-4 (سيارو)  2004ع

هن پرچي جي مـُـنڍ ۾ چونڊ قديم عارفن ۽ جديد شاعرن جو ڪلام، انهن جو تعارف ۽ سندن ڪلام جي اهميت کي به خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي، جيئن ته ميون شاهه عنات رضوي ص: 10، خواجه محمد زمان (لواري شريف) ص: 11، خليفو نبي بخش لغاري ص: 12، فقير نواب ولي محمد خان لغاري ص: 13، خوش خيرمحمد هيسباڻي ص: 14، زمان شاهه ”ساقي“ ص: 15، عبدالڪريم ”گدائي“ ص: 16، بردو سنڌي ص: 17 ۽ استاد بخاري ص: 18. هن کان پوءِ ”تحقيق“ جو عنوان شروع ٿئي ٿو.

مقالا:

1. ”شاهه جو رسالو- معياري متن“، (جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو): ناسف علي شيراز، ص: 21-48.

2. ”شاهه جو شعور“: ڊاڪٽر فهميده حسين، ص: 49-55.

3. ”ماضيءَ جي روشني- ان جي اهميت ۽ حدون“: آرنلڊ جي ٽائنبي/مراد علي مرزا، ص: 56-60.

4. ”شيخ اياز- سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏيندڙ شاعر“: ادل سومرو، ص: 61-67.

5. ”سنڌ ۾ ڪلهوڙا حڪمراني“: محمد نامدار خان بوزائي، سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد قاسم سومرو، ص: 68-75.

6. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“-7، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، (هن مقالي جون شروعاتي چار قسطون، ترتيبوار، ”مهراڻ“ جي سال 1995ع جي چئن پرچن ۾ ڇپيل آهن ۽ پنجين قسط 1999ع جي نمبر 1 ۽ 2 ۾ ۽ ڇهين قسط ”مهراڻ“ نمبر 3 سال 2004ع ۾ شايع ٿيل آهي). ص: 76-94.

ڪهاڻيون/ليک:

1. ”ڪرشماتي سفر“- (دهليءَ جو داستان-3)، حميد سنڌي، ص: 159-142.

2. ”مولوي حڪيم محمد صادق راڻيپوري“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 163-168.

3. ”سنڌي نثر جي اَوسر ۽ اُن جا ڪلاسڪ نمونا“: گل محمد عمراڻي، ص: 169-171.

4. ”جمال رند“، (هڪ تاثر)، غلام رباني آگرو، ص: 172-179.

5. مولانا گرامي ۽ اڄوڪو دانشور: امر سنڌو، ص: 180-182.

”مهراڻ“ نمبر 1 (بهار)2005ع

”وکر سو وِهاءِ“ جي عنوان سان هي سلسلو سنڌ جي پسنديده، مڃيل ۽ معروف ترين شاعرن جي سخنوريءَ سان آراسته آهي ۽ انهن جي شاعري ۽ زندگيءَ متعلق تعارف ڏنو ويو آهي، جيئن پڙهندڙن جي معلومات، فڪر ۽ عرفان و ايقان ۾ اضافي جو سبب ٿئي. هن پرچي ۾ سيد محمد راشد (روضي ڌڻي)، سيد قنبر علي شاهه ”شريف“ ڀاڏائي، سيد بلال شاهه رضوي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، علامه قاضي اسدالله شاهه”فدا“ ٽکڙائي، غلام محمد شاهه ”گدا“ ۽ سيد فاضل شاهه شامل آهن.

 مقالا:

1. ”سنڌي ادب جو سماجي ڪارج“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ص: 18-29.

2. رسالي ”مهراڻ“ جو پهريون دَور: (هڪ اڀياس)، آزاد قاضي، ص: 30-46.

3. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“-8، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 47-61.

4. ”سنڌي نثر جي اَوسر ۽ ان جا ڪلاسڪ نمونا“: گل محمد عمراڻي، (آڳاٽو ادب-2) ص: 62-70.

5. ”آزادي“- برٽرئنڊ رسيل/سليم نور حسين، ص: 71-78.

چونڊ ليک:

1. ڪرشماتي سفر: (دهليءَ جو داستان-4)، حميد سنڌي، ص: 147-153.

2. ”شعور- شعر ۽ شاعري“: سحر امداد، ص: 154-158

هن پرچي ۾ آزاد قاضيءَ، رسالي ”مهراڻ“ جي پهرئين دَور متعلق وڏي محنت سان تفصيل گڏ ڪري، ”مهراڻ“ جي مقصد جي اپٽار ڪئي آهي ۽ سنڌي ادب، ثقافت، ٻولي ۽ ان جي اهميت متعلق ويچار ونڊيا آهن. انهيءَ حقيقت کي ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي، ته سنڌي اديب، شاعر، محقق ۽ دانشور پيدا ڪرڻ ۾ سنڌ جي ”پرائمري استاد“ جو وڌ ۾ وڌ ڪردار آهي. سنڌيءَ ۾ بنيادي تعليم ۽ ٻوليءَ لاءِ تعليم دانن ۽ تعليم کاتي جي منتظمين پاڻ کي وقف ڪري ڪم ڪيو. اڄ جيتوڻيڪ پرائمري تعليم کي يتيم بنايو ويو آهي، پر حقيقت ۾ اهو ڄڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ کي يتيم بنائڻ جي برابر آهي. اڳي سنڌيءَ ۾ چار درجا هوندا هئا ۽ ”فائنل“ جو امتحان وڏي ۾ وڏو هوندو هو، پر سنڌيءَ جا چار درجا پڙهيل به لکڻ پڙهڻ ۽ شعر و شاعريءَ ۾ مهارت رکندو هو. ”مهراڻ“ رسالي جي اوائلي دَور ۾، ليکڪ، اديب ۽ شاعر، انهيءَ دَور جي پرائمري تعليم جي مستحڪم ماحول مان نڪتل هئا، جن رسالي ”مهراڻ“ کي سنڌ جي علمي ۽ ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ميدان ۾ مٿي پهچايو. هن وقت به اسان جا استاد جيڪڏهن چاهين ته پرائمري تعليم تي توجهه ڏيئي، بنيادي تعليم کي مٿڀرو ڪري سگهن ٿا. اها حقيقت گهڻن کي ياد هوندي، ته پرائمريءَ جي چوٿين درجي ۾، استاد بحر وزن، فارسيءَ جو آمدنامو ۽ فارسيءَ جا ڪجهه سبق پاڙهيندا هئا، جنهن مان شاگرد ۾ ذهني ۽ شعوري طور اڳتي وڌڻ لاءِ ذوق ۽ شوق پيدا ٿيندو هو. انگريزي بلڪل اڄ جي ضرورت آهي، پر پرائمريءَ کان انگريزي تعليم ڏيڻ وارن استادن ۾ اهڙي صلاحيت نه آهي، جو اُهي انگريزيءَ کي جديد طريقي سان پاڙهي سگهن. اُهي صرف سنڌيءَ کي ٻوليءَ جي ضرورت ۽ اهميت مطابق پاڙهين ته به وڏو احسان آهي. بهرحال، اهو هڪ جدا ۽ وڏو موضوع آهي، تاهم ضمناً ڪجهه راءِ نڪري ويئي آهي. ”مهراڻ“ جي شروعاتي دَور تي آزاد قاضي جو مقالو توجهه طلب ۽ تحسين جي لائق آهي.

”مهراڻ“ نمبر 2  (اونهارو) 2005ع

هن پرچي ۾ به شاعريءَ ۾ ”وکر سو وِهاءِ“ جي عنوان هيٺ جيڪي شاعر چونڊ ڪيا ويا آهن، سي هن ريت آهن: حمل فقير، نانڪ يوسف، فقير قادر بخش بيدل، روحل فقير ۽ دريا خان فقير (ص 12 کان 16 تائين).

مقالا:

1. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“-9، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 18-30.

2. ”هيم ڪوٽ/جهم ڪوٽ“: اشتياق انصاري، ص: 31-45.

3. ”حيدر ڪلوچ-  سنڌ جو مشهور فارسي گو شاعر“: مدد علي سنڌي، ص: 46-58

4. ”سنڌو درياهه تي مغربي محققن جي تحقيق“: ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“، ص: 54-64.

5. ”پُراڻ- سنڌو درياهه جو قديم وهڪرو“: مراد علي راهمون، ص: 59-64.

6. ”شڪارپور“- ڪجهه نوان پراڻا ورق، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر بدر اُڄڻ، (تحقيقي سلسلو-1)، ص: 65-68.

7. ”مولائي شيدائي“- سنڌ جو ناميارو محقق: مخمور بخاري، ص: 69-73.

8. ڪتاب ”سنڌ اسٽڊيز ڪلچرل“ جو علمي ۽ تنقيدي جائزو: گل محمد عمراڻي، (سنڌيڪار: ڊاڪٽر الهرکيو ٻـُـٽ)، ص: 74-80.

9. ”ڪلهوڙا دَور حڪومت“: ايم-ايڇ- پنهور، ص: 81-86.

ليک:

1. ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“: مشتاق ڀرڳڙي، ص: 151-162.

2. ”برنارڊ شا سان ٽيهه سال (يادگيريون)، بلانچي پيچ/يوسف سنڌي، ص: 163-174.

3. ”سنڌ مدرسي ۾ تعليم ۽ هاسٽل لائيف“- رحيم خان ”جرس“ جوکيو، (ساروڻيون-2)، ص: 175-178.

4. رسالي ”مهراڻ“ جو پهريون دَور: آزاد قاضي، (ضميمو)، ص: 179-180.

(”مهراڻ“ جي نمبر-1 سال 2005ع ۾ آزاد قاضي ذڪر ڪيو هو ته کيس ڪوشش جي باوجود ”مهراڻ“ 1950ع وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سالگرهه وارو نمبر نه ملي سگهيو، پر پوءِ کيس اهو نمبر مليو آهي ۽ هن مقالي ۾ انهيءَ بابت ويچار ونڊيل آهن. اهڙيءَ ريت، هيءُ مقالو ”مهراڻ“ جي شروعاتي دَور تي نهايت ضروري ۽ اهم معلومات تي مڪمل آهي).

5. ”سردارپور جهنڊير جو ڪتبخانو“: مخدوم سليم الله صديقي، ص: 181-182.

”مهراڻ“ نمبر-3 (سرءُ) 2005ع

”وکر سو وِهاءِ“ (چونڊ شاعرن جو ڪلام)

1. مخدوم امين محمد ”امين“ 2. صوفي صديق فقير ”صادق“، 3. محمود فقير کٽياڻ، 4. منٺار فقير راڄڙ، 5. غلام محمد خانزئي، (ص 8 کان 12 تائين.)

مقالا:

1. ”شاهه جي رسالي جي مستند معياري متن جي تڪميل بعد اڳتي قدم“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 14-22

2. ”قاضي قادن جو رسالو“ (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو): ناسف علي شيراز، ص: 23-60.

3. 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو-10، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 61-87.

4. ”شڪارپور ضلعي جي انتظامي رپورٽ“- (1900ع) سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر بدر اُڄڻ، ص: 88-95.

5. ”خط، خطاطي ۽ ڪتبخانا“: مخدوم سليم الله صديقي، ص: 96-105.

6. شاعري ۽ نظريا: ڊاڪٽر سحرامداد حسيني، ص: 106-110

”مهراڻ“ نمبر-4 (سيارو) 2005ع

 ”وکر سو وِهاءِ“ سلسلي ۾ هيٺين شاعرن جو ڪلام ۽ تعارف شامل آهي. 1. شاهه لطف الله قادري، 2. صوفي مراد فقير، 3. صاحبڏنو شاهه، 4. حاجي احمد ملاح، 5. اختر هالائي، ص: 8 کان 12 تائين.

مقالا:

1. ”منهنجو ساٿي ۽ سڄڻ: مرحوم محمد اسماعيل نُون“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 14-18.

2. ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو جامع، مستند ۽ معياري متن: هڪ صديءَ کان هلندڙ تحقيق جي تڪميل- (ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جو جائزو)“، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ص: 19-27.

3. ”ڪيپٽن جارج اسٽئڪ“- (سنڌي ٻوليءَ جو پهريون لغت نويس): ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي، ص: 28-31.

4. ”هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو درجو“: ستيش روهڙا، ص: 32-35.

5. ”پير حسام الدين راشدي“- (هڪ مثالي تاريخدان)، ايم- ايڇ- پنهور، ص: 36-38.

6. ”سنڌي نثر جي اوسر ۽ ان جا ڪلاسڪ نمونا“: گل محمد عمراڻي، ص: 45-54.

7. ”مفتاح الصلـواة“: (هڪ سنڌي عالم جي قيمتي تحرير)، مخدوم سليم الله صديقي، ص: 45-54.

8. ”پير صاحب پاڳاري شهيد ۽ حرن بابت تحقيقي مواد“: محمد عمر چنڊ، ص: 55-66.

9. ”سنڌي شاعريءَ ۾ جديديت جي کوج“: (مير عبدالحسين ”سانگي“) ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، ص: 67-73.

10. ”پاٽ شهر جون يادگيريون“: قاضي علي اڪبر درازي، ص: 74-76.

11. ”ڪوهه قاف جي شهزادن کي سلام“: نصير مرزا،
ص: 77-88.

(محترمه مهر افروز مرزا جو لکيل ڪتاب ”جارجين ساگا“ سنڌ جي ٻن وڏن بزرگن مرزا خسرو بيگ گُرجي ۽ مرزا فريدون بيگ گـُـرجي جي روس ملڪ جي ”جارجيا“ شهر مان 1805ع ڌاري سنڌ ۾ آمد ۽ انهن بزرگن جي اصل نسل بابت معلومات تي مشتمل آهي ۽ پوري مرزا خاندان جي سنڌ ۾ سندن گوناگون خدمتن جو احوال تاريخي ۽ يادگار آهي. نصير مرزا جو هيءُ مقالو مائيدار ٻولي ۽ نهايت دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي ۽ هن خاندان جي مثالي حيثيت کي نمايان ڪري ٿو ۽ هن مضمون ۾ مرزا خاندان جون ناياب تصويرون به شامل آهن).

12. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“-11: (اسلام، قاديانيت ۽ عيسائيت بابت)، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص: 89.

13. ”لطيفيات ۽ تاريخي سنڌي روايتون“: (هڪ علمي ڪچهري): غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي، ص: 115-122.

ليک:

1. ”وقت ڇا آهي؟“- شفيق احمد مهيسر، ص: 174-176

2. ”اَبڙو وَڏ وَڙو“: (هڪ اڀياس) دين محمد ڪلهوڙو، ص: 177-181.

 

 


 

نصير مرزا

”مهراڻ“..... ڳالهه مان ڳالهه.....!

 

ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ پنجاهه ورهين جو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي توهان سان ڪهڙو ڪوڙ، ته هن سال 2006ع ۾، پنهنجي ڄمار به عين بين ايتري ٿي چڪي! لوڪ ڪهاڻين ۾ آهي ته پٺيان مـُـڙي ڏسبو ته پنڊ پاهڻ ٿي وڃبو. ڊڄان ٿو ڪنڌ ورائي پويان ڏسڻ سان، ائين ٿي نه پوي واقعي!

۽ ڇا ته زمانو هو اُهو!... ۽ ان زماني دوران مهراڻ ۾ شايع ٿيل مواد جو اڄ به تصور ٿو ڪريان ته ڪيڏي نه مسرت ٿي ٿئيم. ۽ اِن جي مقابلي  ۾ ڀلا خود پنهنجي پنجاهه ورهين جي ٿي وڃڻ تي؟ ظاهر آهي ته اِها ڪا خوشي ڏيندڙ ڳالهه ڪانهي منهنجي لاءِ ۽ اها ڀلا هجي به ڇو؟ جو اِنهيءَ عمر تائين پهچندي پهچندي، ماڻهو ويچارو نه نوجوان رهندو آهي ۽ نه جوان! بلڪ خوامخواهه ۽ تمام تر مـَـک چـَـک جي به، اولڊِي گولڊِي لڳڻ شروع ٿي ويندو آهي. معافيءَ جو طلبگار آهيان. پنجاهه ورهين جي ٿي وڃڻ تي اِها گستاخانه اِتير پتير، ٽـِـه- ماهي مهراڻ جي لاءِ نه، آءٌ پنهنجي شان ۾ پيو لکان.

۽ الا!....... مهراڻ جي اُن ڦوهه جوانيءَ واري وقت ۾،

هيڏانهن پاڻ به:

ڪيڏا نه سهڻا  هاسين

سڀني کي وڻندا  هاسين.

۽ جي ڀُلجان نٿو، ته امداد جون اِهي يا اهڙيون ئي ڪي ملندڙ جلندڙ سٽون مون ’مهراڻ‘ جي ئي ڪنهن اڳوڻي (۽ ڪافي اڳوڻي) شماري ۾ پڙهيون هيون.

۽ رب جي ڀـُـلائي نٿو ۽ ياد ٿو پوي مون کي جيتريقدر، ته مون غريب جو (غريب غُربو) پهريون شعر، بلاشڪ ته عبدالواحد آريسر سائينءَ پنهنجي رسالي ’پيغام‘ ۾ شايع ڪيو هو ۽ اُنهيءَ کان فوراً پوءِ واري شاعري؟... اُها، مولانا گرامي صاحب، ٽِه- ماهي مهراڻ ۾ ڇاپي هئي.

هلو هلو گرنار.... اسان ٻئي وار نـه اينداسين،

*

ڌرتيءَ جو ڀڳوان.... الو ميان... آهي خود انسان.

*

منهنجي پريت پرائـي پونم.

تون راهي، هڪ رات جو آهين.

۽ اُهو سن؟..... چٽيءَ طرح ياد اٿم، ته 1973ع هو يا 1974ع. ۽ هاڻي سال 2006 عيسوي پيو هلي ۽ اُنهن ٽيٽيهن يا چوٽيهن سالن جي رفاقت باعث، يقين ڪريو، ’مهراڻ‘ رسالي کي مون هميشه پنهنجي ڪنهن ذهين، حسين دوست وانگر ئي پئي تصور ڪيو آهي. ۽ ڀلا جي ڪو دوست اهڙن ڳـُـڻن جو مالڪ هجي، ته پوءِ، اُوچن اُوچن آلاپن ۽ وڏن وڏن سـُـرن ۾، اُن جي عظمت جا ڳيچ آخر ڳائجن به ڇو نه!

 

پر هتي اهڙا ڳيچ ڳائڻ کان پهرين، ۽ اُنهيءَ طول طويل ’دوستاڻي سفر‘ جي روداد ٻڌائڻ کان پهرين، مون کي سورهن سترهن سالن جي اَلهڙ جوان، ’نصير شاد مرزا‘ ٿي وڃڻ جي موڪل ملي.

۽ هتي ائين چوڻ جي به اجازت ملي ته بيشڪ مهراڻ ۽ آءٌ بلڪل همعصر ئي آهيون، ۽ ڪافي بهترين دوست پڻ. پر اسان جي هڪ ٻئي سان پهرين پهرين جيڪا باقاعدي شناسائي ٿي، اُها ٿي هئي سال 1973ع ڌاري، جڏهن تلڪ چاڙهيءَ وٽ سچل سائنس ڪاليج ۾ مون ايڊميشن وڃي ورتي هئي. (۽ ڪيڏو نه موهيندڙ وقت هو اُهو منهنجي لاءِ. سونهري وار ۽ سهڻا نقش نگار ۽ هاڻي ته سڀ خلاص!)

۽ مون کي ياد آهي علي الصبح جو پهرين ته آءٌ ٽنڊي ٺوڙهي مان نڪري ڦليلي ٽانگي اسٽئنڊ تائين، ڪـُـئڪ مارچ ..... ڪُئـڪ مارچ.... ڪندو ويندو هوس ۽ اُن کان پوءِ ٽاور مارڪيٽ تائين ’ٺُڙ ٺُڙ... ٺُڙ ٺُڙ- ٽانگي ۾! ۽ اُتان کان پوءِ سَٽڪ ٻَٽڪ....سَٽڪ ٻَٽڪ.... ڪندو سڌو سچل ڪاليج تلڪ چاڙهي وڃي پهچندو هوس.

۽ اُن ئي تلڪ چاڙهيءَ بابت مظفر حسين ”جوش“ ڪنهن وقت ڪيڏو نه مزيدار گيت لکيو هو:

        تلڪ چاڙهيءَ تان ٻيڙي ڊوڙي، سنڌونديءَ ۾ ريل،

ٻارو، ڏسو نرالو کيل.

آ....آ....آ.... ڏسو نرالو کيل.

۽ مون کي ياد آهي، انهيءَ زماني ۾ اسان کي پنهنجي ذاتي وڪٽوريا گاڏي هوندي هئي، جنهن ۾ چڙهي ٽرئننگ ڪاليج فارمين جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۽ پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا هئاسين ۽ اسان جي اُن وڪٽوريا جو ڪوچوان به هڪ عجب جهڙو انسان هوندو هو ۽ مٿي تي ڦُندڻ واري تُرڪي ٽوپي پائيندو هو ۽ سرفراز واري چاڙهيءَ تان گاڏيءَ کي ڊوڙائڻ وقت هوا ۾ جڏهن هن جي ان ٽوپيءَ جو ڦـُـندڻ تيزيءَ سان ڦيراٽيون کائڻ لڳندو هو، تڏهن سندس ڦُندڻ جي اهڙي ڦِرڦران کي ڏسي، منهنجا وڏا ڀائر ۽ شرارتي سَوٽ، زور زور سان ڳائڻ لڳندا هئا:

ڏسو ڦُندڻ جو کيل ٻارو....

ڏسو ڦُندڻ جو کيل...

آ.... آ.... آ.... ڏسو نرالو کيل.....

        ۽ مون کي اها به چٽي سانڀر آهي ته سري گهاٽ وٽ، جتي هاڻي ڪوئي دڪاندار بريانيءَ جي ديڳ رکيو ويٺو آهي، اُتي آني ٻي آني عيوض، مسواڙ تي ڪتاب ڏيندڙ، ڪو ماڻهو لائبريري کوليو ويٺو هوندو هو. اسڪول مان واپسي وقت منهنجا سَوٽ اُن شخص کان ابنِ صفيءَ جا جاسوسي ناول پنهنجي لاءِ، ۽ اي.آر. خاتون جا ناول وڏين ڀيڻن لاءِ، وٺڻ ڪڏهن به ڪونه وساريندا هئا.

        معافيءَ جو طلبگار آهيان- قصو ٻئي پاسي هليو ويو، سو انڪري ’ابائوٽ ٽرن‘ چئي، واپس تلڪ چاڙهيءَ تي ٿو موٽي اچان.

        ۽ هاڻي تلڪ چاڙهيءَ وٽ جنهن هنڌ ڪوزي حليم وارن جو هٽ آهي، ان جي ڀرسان باغبان جوئيلرس هوندو هو ۽ اڄ به آهي ۽ ان جي ڀرسان سروس شوز وارن جو شاپ، ان جي ڀرسان اينٽيڪ ٽائپ شوڪيسن وارو سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال ۽ بس انهيءَ سان بلڪل لڳولڳ، ٻاهران لوهي ڄاريءَ سان بند هڪڙو دڪان نما ڊگهو هال هوندو هو ۽ سچ پڇو ته، تلڪ چاڙهيءَ جي بهاني سان هي جو آءٌ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون پيو اوهان سان ڪريان، انهن ۾ اصل ڳالهه ته اوهان سان مون کي اُن ئي بند ڄاريءَ واري دڪان بابت ڪرڻي آهي.

        پر پهرين ترسو..... هتي مون کي اوهان سان هڪڙي ٻي ڳالهه ڪرڻي آهي، پنهنجي هڪ استاد محترمه جي ڳالهه...

۽ ڀلا اُها استاد محترمه ڪير؟

مئڊم نورجهان هميراڻي.

        ۽ اِها سويٽ ۽ ڪيوٽ خاتون، سچل ڪاليج ۾ اسان کي باٽنيءَ جو سبجيڪٽ پڙهائيندي هئي. هڪڙي ڏينهن الائي ڪهڙو پُور پيس!.... ٻڌائڻ لڳي: منهنجو هزبنڊ تعليم جي شعبي ۾ آفيسر آهي ۽ وڏو اديب، اسڪالر ۽ نقاد پڻ.

        ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن عجب اتفاق، ڪلاس روم ۾ هن اسان کي انهيءَ سان ملرايو.

        قداور انسان، اڳيان ٿورو پيٽ نڪتل، مٿو ۽ وات نسبتاً ننڍا ۽ چهري تي نمايان جيڪا شيءِ اُهو سندس نوڪدار نڪ- ۽ اهو شخص هو ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، جنهن جا سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج بابت ڪي نهايت شاندار اڀياس مون اڳتي هلي مهراڻ ۾ پوءِ ايندڙ زمانن ۾ نهايت ذوق ۽ شوق سان پڙهيا ۽ هي نظم به:

ڍنڍ ڀر تي جو ڪُڏي،

نيٺ ٿو آخر ٻُڏي.

ٻوهيو صاحب پنهنجيءَ اِن پهرين ملاقات وقت مون کي هڪڙو اهڙو پـُـربهار ۽ بي ساخته ٽهڪ ڏيندڙ انسان لڳو، جنهن جي ٽهڪن جي مزيدار آوازن تي خود مون کان به وڌيڪ ٽهڪ ٿي نڪريو ويا ۽ مون کي ياد آهي، مئڊم نورجهان هميراڻي ڪلاس روم ۾ اسان کي هڪڙي ڏينهن اهو به ٻڌايو هو ته حيدرآباد جي رستن تي، سوٽ بوٽ پائي، کيسن ۾ رنگ رنگ جون پينون وجهي، مٿي تي صاحب لوڪن جهڙو وڏو هئٽ پائي، ۽ ڏينهن ڏٺي جو هٿ ۾ ٽارچ ٻاري، هي جيڪو نيم پاڳل بزرگ انسان، مارڪيقٽ ٽاور کان صدر ۽ اتان گاڏي کاتي تائين سڄو ڏينهن هلندو رهي ٿو، اِهو منهنجو بلڪل سڳو چاچو آهي ۽ جنهن کي ادبي حلقن ۾ سڀ ”شاعر هميراڻي“ جي نالي سان سڏيندا ۽ سڃاڻندا آهن.

        پاڳل ڪهڙي سبب ٿي ويو اهڙو جينٽلمين انسان؟ هڪڙي ڏينهن مئڊم کان مون پڇيو هو. ٻڌايائين:

        - هڪ ته سندس نوجوان پٽ، لطيف آباد ريلوي ڦاٽڪ وٽ، جوانيءَ ۾ ايڪسيڊنٽ جو شڪار ٿي گذاري ويو، ۽ ان کان فوراً پوءِ ٻيو حادثو ان سان هي ٿيو جو هڪ ڏينهن گهر ۾ ڇت وارو پکو، اسٽول تي چڙهي مستريءَ کان درست پئي ڪرايائين جو اُهو اوچتو هـَـلي پيو ۽ هلي پوندڙ پَر جي لوندڙي ۾ لڳي وڃڻ سبب هو ويتر حالئون بي حال ٿي ويو!

معافيءَ جو طلبگار آهيان، جو هن تحرير ۾ في الحال شاعر هميراڻي به منهنجو موضوع ڪونهي، انڪري ڳالهه جو رخ ڦيرايان ٿو. اگرچ ٻڌو اٿم ته اُهوئي هميراڻي صاحب مهراڻ جي ايڊيٽر گرامي صاحب سان گهڻو ئي گهاٽو گهرو هوندو هو ۽ هو سندس  اهڙي تِت ٻِت شاعريءَ تي کِل ئي کِل ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اصلاح به ڏيندو ويندو هو، پر خير.

        هتي اِن اعتراف ڪرڻ ۾ به ڀلا ڪهڙو شرم ته اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ به هڪڙو عجب جهڙو ئي شاعر هوندو هوس ۽ ذهني حالت منهنجي اِها هوندي هئي جو هڪڙي ڏينهن، اونڌا ابتا شعر لکي، لفافي ۾ وجهي، اڃا پوسٽ ڪري ايندو مس هوس ۽ عين ٻئي يا ٽئين ڏينهن تلڪ چاڙهيءَ تي اُن بند ڄاريءَ واري گدام نما دڪان جي آڏو وڃي بيهندو هئس ۽ ننڍن ننڍن پاون وارن ڊگهن ڊگهن صندلن تي مهراڻ جي فارمن کي فولڊ ڪندڙ بائينڊرن کان ايلاز منٿون ڪري وڃي پڇڻ لڳندو هوس: ڀائرو.... اي بائينڊرو! ڀلائي ڪري انهن ڇپيل پنن ۾ ٿورو ڏسي ته ٻڌايو ته ڪنهن صفحي تي نصير شاد مرزا جي نالي واري ڪنهن شاعر جي شاعري ڇپيل ته نظر ڪانه ٿي اچيوَ؟ (۽ پنهنجي اُن اتاولائي، آترويلا ۽ معصوميت کي اڄ به تصور ۾ آڻيندو آهيان ته لڄارو ٿي پوندو آهيان.)

 

        ۽ هاڻي مهراڻ جي ايڊيٽر مولانا گرامي صاحب سان منهنجي مختصر ملاقات جو مذڪور ٻڌو. ڀانيان ٿو ته 1974ع يا 1975ع جو سال هوندو جو گرامي صاحب کي مون پهريون ۽ آخري ڀيرو روبرو ڏٺو هو (۽ آخري ڀيرو  هتي انڪري لکيو اٿم، جو ان کان پوءِ ايندڙ سالن ۾ هو زندهه رهيو ئي ڪٿي هو!)

        ۽ اُن ملاقات جو مذڪور هن ريت آهي ته، مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد ۾ ڪو ادبي فنڪشن هو. مون کي ياد آهي، امر جليل ۽ ادي ماهتاب محبوب کي به پهريون ڀيرو مون اُن ئي گڏجاڻيءَ ۾ ڏٺو هو (۽ ادي ماهتاب جي ننڍڙي ’زمر محبوب‘ اُن وقت هـُـن جي ڪڇَ تي هئي). آرٽس ڪائونسل جي لان تي جنهن وقت سڀني چانهه پئي پيتي، اسين ٽي هڪجيڏا دوست، قطار ٺاهي گرامي صاحب جي اڳيان وڃي بيٺا هئاسين.

        سڀ کان اول سکر مان آيل منهنجي دوست گرامي صاحب کي پنهنجو تعارف ڏيندي چيو:

        سائين! مان اياز گل.....

        ۽ ان کان پوءِ ٻئي دوست پنهنجو نالو ٻڌائڻ لاءِ چپ چوريا: سائين! مان همايون گل.....

        ۽ انهيءَ کان اڳ جو آءٌ پنهنجي واقفيت گرامي صاحب کي ڏيان، پاڻ يڪلخت، خوش دليءَ سان مون ڏانهن پنهنجو ڪن وڌائيندي چيائون:

جي ابا- تون ڀلا ڪهڙو گل؟

۽ الاس..... ٽيٽيهن ورهين کان مسلسل ڪجهه نه ڪجهه لکڻ جي باوجود، هي آءٌ ويچارو نصير مرزا ڪوئي سُرهو گل بڻجڻ کان اڃا تائين ته محروم ئي رهيو آهيان. ها، ڪنهن ڪوماڻل گل وانگر پنکڙي پنکڙي ٿي ڇڻندو ضرور رهيو آهيان..... (۽ هـُـنوز ڇڻندو ئي رهان ٿو) خير، ان ڳالهه کي به في الحال اتي ئي ڇڏي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو مهراڻ آفيس ۾ پهرئين ڀيري وڃڻ جو قصو ٿو اوهان کي ٻڌايان.

1978ع يا 1979ع جو زمانو هو ۽ آءٌ اُن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس ۽  بلڪل پهريون ڀيرو ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويو هئس.

امداد حسيني ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر هو ۽ بورڊ جو سيڪريٽري هو هنج پکيءَ جهڙو اڇو اُجرو انسان: سائين ظفر حسن شاهه.  ادبي بورڊ جي آفيس ۾ پهتس ته خبر پيئي ته مهراڻ جي آفيس هيٺ ڪنهن پراسرار ڪنڊ ۾ آهي. پُڇائيندو پُڇائيندو، ڪي موڙ مُڙي ۽ وڪڙ اُڪري، جنهن ننڍي ڪمري ۾ پهتس، اُن ۾ ڪوئي دل لُڀائيندڙ مهانڊن ۽ ڪارن سِلڪي وارن وارو هڪڙو نوجوان ڪنڌ جهڪائي لکڻ ۾ مصروف نظر آيو. مون سڃاتو، اُهو مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ناشاد هو ۽ ڪنهن ٿي ڄاتو ته اِنهماڪ سان علمي ڪم ڪندڙ سِلڪي وارن وارو اُهوئي چيلهار کان ڪهي حيدرآباد جي پُربهار هوائن فضائن ۾ تحليل ٿيل ٿري نوجوان، سـُـتت ئي اِن نشانبر رسالي جو ”ايڊيٽر“ بڻبو ۽ ان حيثيت سان، ’مهراڻ‘ جا ڪيئي شاندار ”شخصيت نمبر“ ۽ ”خاص نمبر“ هن جي ڪريڊٽ تي ايندا، ۽ بطور ”ايڊيٽر مهراڻ“، هن جي ايڊٽ ڪيل اُنهن مثالي نمبرن جي حوالي سان هن جو نالو اهم تاريخي حوالي طور دستاويزن ۾ لکيو ويندو. ۽ سچ پڇو ته مرزا قليچ بيگ کان وٺي شيخ اياز، پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب تائين هن جيڪي اِهي خاص نمبر سليقي سان ترتيب ڏيئي شايع ڪيا، اسان کي انهيءَ جي اعتراف طور، اُٿي بيهي هن کي سيليوٽ ڪرڻ جڳائي. ۽ اِهو اِنڪري به ڪرڻ جڳائي جو بورڊ ۾، چاليهارو ورهين کان وٺي اڄ تائين ان سموري عرصي ۾، هن جيڪي ادبي خدمتون ”خاموشيءَ“ سان سرانجام ڏنيون آهن، اهڙيون بورڊ جي ٻين ڪارڪنن جي حصي ۾ گهٽ ئي آيون ۽ خاص ڪري سُست ۽ لکڻ کان ’ڀان‘ ڪري ويل ليکڪن کي جنجهوڙي، جاڳائي، ناشاد کانئن اهڙو ڪجهه لکرائي ورتو، جو بعد وصال جي، شايد هو اُنهن ئي تحريرن عوض جيئندا رهندا. خير.... اُن وقت ناشاد هڪ نيم نگاهه کڻي مون کي ڏٺو هو ۽ مون به هن کي. پر شايد اُن زماني ۾ ساڻس واقفيت پوري ساري هئڻ سبب اُتي ترسڻ جو نه هـُـن مون کي چيو، نه آءٌ ئي بيٺس ۽ اُتان ئي هڪڙي ٻئي روم ۾ هليو ويس.

اِهائي مهراڻ رسالي جي آفيس هئي. ديوار تي شيشي جي فريم ۾ مرحوم مولانا گرامي صاحب جي تصوير آويزان هئي ۽ ڪنڊ سان رکيل ٽيبل تي ڪتابن ۽ مواد جي فائلن جا انبار پيا هئا ۽ انهن جي ڀرسان، هڪڙي جهوني پراڻي يُگ جي ٽئبل لئمپ رکي هئي ۽ اُنهي ڪاٺ ڪٻاڙ جي وچ ۾، گهاٽن وارن ۽ اونهين گـَـهرين اکين وارو مهراڻ جو ايڊيٽر ويٺو هو: امداد حسيني!

۽ الائي ڇو سنڌي ٻوليءَ جو اُهو جديد تر سڏجندڙ شاعر ان وقت مون کي جديد نه، ڪنهن جهوني يـُـگ جي قديم هندي ڪويتاڪار وانگر لڳي رهيو هو. ظاهر آهي، امداد منهنجي لاءِ ڪو اڻڄاتل ۽ اوپرو شخص ڪونه هو، بلڪ ائين چوان ته اِهو ئي ته هو منهنجو اُهو من- ڀاوَڪ شاعر، جنهن جي ڊالر پينسل جهڙي هلڪي ڦلڪي ’هاٺي‘ ۽ ’شاعريءَ‘ جو آءٌ ابتدا کان ئي قائل ۽ مداح هوس ۽ مون کي ياد آهي، ڪيفي جارج کان گول بلڊنگ تائين (جتي هن جي رهائش گاهه هوندي هئي) مون اڪثر هن جو پيڇو ڪيو هوندو ۽ هن جي ڇڏيل پيرن جي نشانن تي پنهنجا پير اُن شوق ۾ رکيا هوندا، ته جيئن آءٌ به سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جهڙي شاعري ڪري سگهان.

خير، موٽي پنهنجي موضوع تي ٿو اچان ۽ لکڻ پيو چاهيان ته سچل ڪاليج ڏانهن ويندي، تلڪ چاڙهيءَ مٿان، ڪنهن زماني ۾ هڪڙي ڪا ”ڪيفي يونٽي“ هوندي هئي، جنهن جي اڇين اڇين سنگ مرمر جي ٽيبلن تي سگريٽ ڦوڪيندي ۽ ادبي بحث مباحثا ڪندي مون ڪيئي ڀيرا ناراض پيڙهيءَ جا ڪيترائي ليکڪ ڏٺا هئا.

۽ ڀلا اُهي ڪهڙا ليکڪ؟

 

علي بابا، ماڻڪ، مدد، شوڪت شورو، مشتاق شورو، عبدالحق عالماڻي ۽ امداد.... ۽ کين جڏهن به ڏٺم، دل ۾ ڪيڏو نه چاهيم ته اي ڪاش! اسان هڪجيڏن جو به اهڙو ڪو ادبي گروپ هجي! ۽ اجهو اهڙن پراڻن ڏينهن جي تصور ۾ ڪيفي يونٽيءَ کان موڪلائي ان جي بلڪل سامهون واري هوٽل ”ڪيفي جبيس“ کي ٿو ذهن ۾ آڻيان، جنهن جي مٿان غالباً سيڪنڊ فلور واري فليٽ ۾، مهراڻ جو اڳوڻو عظيم ايڊيٽر ۽ ادبي بورڊ جو گهڻگهرو انسان محمد ابراهيم جويو صاحب رهندو هو. مون کي ياد آهي، سنگ مرمر جي اڇن، ٿڌن ۽ شفاف ڏاڪن تان سنڌي ادب لاءِ اٽل ارادن سان ڪم ڪندڙ جويي صاحب کي مون ڪيئي ڀيرا اُنهيءَ عمارت مان لهندي چڙهندي ڏٺو هو ۽ مون کي ياد آهي ته نه فقط جويي صاحب جي ان فليٽ ڏانهن مٿي وٺي ويندڙ سنگ مرمر جي انهن ڏاڪن کي، پر گاڏي کاتي ۾ گرامي صاحب جي گهر واري ڏاڪڻ جي ٽٽل ڦٽل ڏاڪن تي به، منهنجي جڏهن جڏهن نظر پيئي، منهنجون اکيون انهن ڏاڪڻين جي ڏاڪن جي محرابن ۾ سجدا ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهنديون هيون. ۽ تلڪ چاڙهيءَ کان صدر ۽ صدر کان گاڏي کاتي تائين ڦوهه جوانيءَ ۾ ڪيل پنهنجن انهن رولڙن کي جڏهن جڏهن به هاڻي ياد ڪندو آهيان ته شيخ اياز جي ترائيلن ۾ سمايل ڪيفيتن وانگر اداس ٿي ويندو آهيان. اڪثر سوچيندو آهيان، ڪهڙو نه عجيب دَور هو اُهو، آيو ۽ گذري ويو! (۽ ڪنهن چيو آهي ته دَور ايندا ئي انڪري آهن ته جلد از جلد گذري وڃن) ۽ اِها به اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه ئي ته لڳي پئي جو مان ننڍڙو هئس، جوان ٿيس ۽ ڪيئي بزرگ ۽ ماءُ، پيءُ اکين جي اڳيان هئا ۽ هاڻي:

جوڳي جيڪس ويا جبروت،

ماءُ! ڏٺم اڄ ماٺُ مڙهين ۾.

مون کي ياد آهي ته 1965ع تائين اسان جي گهر ۾ ڪتابن سان ڀريل ڪاٺ جو هڪ وڏو ڪٻٽ هوندو هو ۽ جنهن جي هيٺئين خاني ۾ بابا جا ورتل رسالي ’مهراڻ‘ جا ڪي ضخيم پرچا محفوظ رکيا هوندا هئا. (۽ اندر انهن ۾ ڇا هوندو هو ۽ هاڻي اُهي سڀ رسالا ويا ڪيڏانهن هليا؟ ۽ انهن لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي، سواءِ اِن جي ته، دنيا دم گذر ڙي بابا..... دنيا دم گذر ڙي بابا... دنيا.....)

۽ اُن زماني کان پوءِ پنهنجيءَ سانڀر ۾، ٻئي دَور ۾ ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيل مواد جو اڄ تصور ويٺو ٿو ڪريان ته سڀ کان پهرين جيڪو ليک مون کي ياد اچي ويو آهي، اُهو خود گرامي صاحب جو پنهنجو لکيل مضمون آهي: ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“. (۽ ڇا ته شاهڪار تحرير هئي اُها) مون ڪڏهن رکيل ۽ پراڻو شراب ڪونه پيتو آهي، جنهن لاءِ چوندا آهن ته جنهن اُهو چکيو، پوءِ اُن جا کيپ، يا عمر، انهيءَ انسان تان لهندا ئي ڪونه آهن. ڀانيان ٿو ته گرامي صاحب جي ان ڪيف آور مقالي جي مطالعي کان پوءِ، اهڙي ڪنهن  شراب جي طلب اول ته ڪڏهن ٿيندي ئي ڪانه مون کي ۽ جي ڀلا ڪڏهن ٿي ته، گرامي صاحب جي ان مقالي کي هڪ دفعو ٻيهر اکين سان پي وٺندس.

ها ياد آيم، ’مهراڻ‘ جو هي به اهو ئي شمارو هو، جنهن ۾ نارائڻ شيام جا دوها ۽ سورٺا شايع ٿيل هئا ۽ هاڻي ڇا عرض ڪريان ته اهڙا ڪـِـرسٽل، شفاف، اُجرا ۽ حسين ترين دوها، شايد ئي وري ڪڏهن ڪٿي مون پڙهيا هوندا.... ۽ شيام جا اُهي دوها ۽ سورٺا ياد ته مون کي سڀ ئي آهن، پر هتي صرف ٻه ٿو نقل ڪريان:

چانڊوڪيءَ جي آرسي، روپهلي ايڪانت،
پنهنجي سونهن ڏسي ڏسي، ڳائي پيئي سانت.

رات ائين ها سيج تي، وِٽڙيل تنهنجا وارَ،
ڄڻ شاعرَ جي ذهن ۾، ربط بنان اشعار.

 

۽ ان کان سواءِ تنوير عباسيءَ جي ڪنهن گل ڦل گلابي ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي چنچل چال جهڙي هيءَ سـِـٽ:

ڇيٽ جو چولو آهي جنهن کي سوسيءَ جي سلوار،

ڀلو ڙي سوسيءَ جي سلوار

يا امداد جي ڌار ڌار نظمن جون هي ٻه سٽون:

نظر  جي  ڏور  ٻڌيو  تاڻجان  پيو  تو  ڏي.

يا هيءَ ٻي سِٽ:

ڪپجي وئي نهارَ رڳون تاڻجي ويون.

يا شيخ اياز جو موهن جي دڙي واري رقاصه، سمبارا جهڙو هي حسين دوهو:

نيڻن مان جو نئن ڇلي، ڪکُ پنُ ٿي ويا رنجَ،
نڪتيون تنهنجون ڳالهڙيون، جيئن پاڻيءَ تي هنجَ.

 

اڄ جي شاعرن کان پڇي سگهان ٿو ته، ڇا اهڙي شاعري هاڻي به ٿئي پيئي ڪٿي، ۽ جي ٿئي پيئي ته اهڙيون سچي سون جهڙيون سٽون ڇپجن به پيون ڪٿي؟

۽ يارو! مهراڻ جو شايد سال 1979ع وارو شمارو هو، ۽ ان جو ايڊيٽر هو ’ناشاد‘. ۽ مارئيءَ جي پاڪ پاڪيزه سرير جهڙي جنهن اعليٰ ترين مضمون جو ذڪر هتي آءٌ ڪرڻ چاهيان ٿو، ان جي ليکڪا هئي مانائتي بيگم ممتاز راشدي ۽ سندس ان انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ڊاڪٽر سهاڳ ۽ اُن تي نظر ثاني ٿيل هئي ولي رام ولڀ جي. ۽ مضمون جو عنوان هو: ”من موهيندڙ سنڌ“. يقين سان چوان ٿو، جيئن نه سهاڳڻ جي نڪ ۾ سهاڳ جي ڦـُـلي سهڻي لڳندي آهي، يا جيئن گجَ تي اُس ۾ ٽِڪ تجلا ڏيندي آهي، بيگم ممتاز راشديءَ جو سنڌ جي ثقافت بابت لکيل اُهو مضمون مون کي ائين ئي وڻيو هو!

۽ جيتوڻيڪ اُنهيءَ مضمون پڙهڻ کان اڳ ۾ ان جي ليکڪا کي مون اڳي ڏٺو ڪڏهن به ڪونه هو، پر ايترو ضرور ڀاسيو هئم ته ان مضمون جي خالق، پنهنجي ان
دلاويز نثر وانگر ئي پڪ سان حسين ۽ ذهين خاتون هوندي. عجب اتفاق، پنج کن ورهيه اڳ ان خاتون کي ڪراچيءَ جي هڪ فور-اسٽار هوٽل ۾، مون عورتن بابت ٿيل هڪ سيمينار ۾ ماڊرن بيگمات ۾ گهيريل ڏٺو هو. گڊ گاڊ!.... ممتاز راشدي صاحبه، عين منهنجي تصور مطابق هڪ پـُـربهار خاتون نظر آئي هئي مون کي! اکين تي بليڪ گاگلز، گفتگوءَ ۾ پير علي محمد راشديءَ وارو ’ڪروفر‘، انداز ۾ سَڄ ڌَڄ ۽ جاهه و جلال.... مٿي تي موٺڙي جو رئو، آڱرين، ٻانهن ۽ ڳچيءَ ۾ ائنٽيڪ ٽائيپ چانديءَ جي جيولري، بدن تي ڀرت ڀريل چولو ۽ سوسيءَ جي سلوار.... تڏهن اوچتو، ڪنهن زماني ۾ مهراڻ ۾ شايع ٿيل سندس مضمون ”من موهيندڙ سنڌ“ مان ڪي سِٽون، ننگر پارڪر جي مورَ وانگر، کنڀ کنڊيري منهنجي ذهن ۾ جهومڻ لڳيون هيون:

- پير علي محمد  کي مون پنهنجي بنگال جي مٽيءَ واري بدن مان ٻه سنڌي ٻار (عادل ۽  عنادل) ڄڻي ڏنا آهن، جيڪي سنڌ ۽ بنگال جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جي آميزش آهن.

- سنڌي نيڪ، سٻاجها ۽ گهڻ- سهو آهن.

- ڪرڙ جا ٻوٽا، پنجاب ۽ سرحد ۾ گل ڪونه جهلين پر سنڌ ۾ منجهن گل ٽڙندا آهن ۽ اِهو خالص سنڌ جي مٽيءَ جو ڪرشمو چئبو آهي.

۽ بيگم ممتاز راشدي، جيڪا ڪڏهن پنهنجي ذاتي حلقن سان گڏ پوري پاڪستان ۾ ’مميءَ‘ جهڙي محترم ۽ مانائتي نالي سان گهڻو گهڻو معروف رهي، 1- نومبر 2004ع تي پنهنجي لحد ۾ لهي چڪي آهي، پر سندس ان منهنجي محبوب مضمون ۽ اُن ۾ شيشم جي ڪاٺ جهڙين املهه سٽن کي آءٌ پنهنجي لحد ۾ لهڻ تائين شايد ئي وساري سگهندس!

۽ مهراڻ ۾ شايع ٿيل خاص خاص تحريرن بابت، يادگيرين جي آڌار تي هي جيڪي سٽون آءٌ هتي لکان پيو ۽ جيڪي اڄ منهنجي حافظي جو حصو آهن، اهڙين ڪن لکڻين مان امداد جي زماني ۾ شايع ٿيل طارق عالم جي بهترين ڪهاڻي ’پيلو ڌنڌ’ ڇا مون کان ڪڏهن وسري سگهندي! شايد ڪڏهن به نه- ۽ ڪڏهن ڪڏهن ويٺي ويٺي ان ڪهاڻيءَ جو تصور ايندو اٿم ته ڀائيندو آهيان ته سرينهن جي پشم پشم گلن جي خوشبوءَ سان هـُـٻڪارجي ويو آهيان. ۽ ان ڏس ۾، ’سانول‘ جي ڪنهن زماني ۾ شايع ٿيل اڻپوري ناول ’مهراڻ‘ جو باب به، اڄ تائين آءٌ وساري ناهيان سگهيو.

سانول پنهنجي اڻپوري ناول جي ان پهرئين باب ۾ ثقافتي تشبيهن جا جيڪي عڪس چٽيا هئا، آءٌ ۽ منهنجو دوست طارق عالم ڏينهن جا ڏينهن سانول جي اُن ناول جي سحر ۾ گم هوندا هئاسين. ۽ خاص طرح سان ان ناول جي ٻوليءَ ۾ جيڪو ڌيرج ۽ ترنم هو، ان کي ته هڪڙي ڏاڍي پـُـرفريب انوکائپ هئي ۽ ان جي ساروڻي اڄ به پنهنجي ڳوٺ لڳ پڃاري واهه جي ڪنٺ سان وڻن جي هوا ۾ ڌيرج سان لُڏڻ جهڙي ردم وانگر، مون کي پُرلطف محسوس ٿيندي آهي.

۽ سانول جي ان ناول کان سواءِ ڀٽائي صاحب بابت مراد علي مرزا صاحب جو شايع ٿيندڙ قسطوار ناول ”سامي سـڄ وڙاءُ“ تز ٻولي ۽ پلاٽ تي گرفت جو اعليٰ نمونو،  ماهتاب محبوب صاحبه جي شاهڪار ڪهاڻي ’سُريت‘ ۽ جمال ابڙي صاحب کان پوءِ نسيم کرل ۽ ماهتاب محبوب جي اسلوب ۾ جيڪا شوخي، طنز ۽ شگفتگي نظر ايندي آهي، ڀانيان ٿو سنڌي ٻوليءَ جي سينئر افسانه نگارن مان اهڙي خوبي هاڻي شايد ئي ڪنهن ليکڪ ۾ هوندي. اسڪرين پلي اسلوب ۾ ماڻڪ جي اعليٰ ڪهاڻي ڪاري به پهرين پهرين مون مهراڻ جي ئي ڪنهن شماري ۾ پڙهي هئي ۽ ڇا ته ڪهاڻي هئي.... الامان والحفيظ!

مهراڻ ۾ شايع ٿيل غيرافسانوي تحريرن مان غلام رباني آگري صاحب جي پير علي محمد راشدي، شيخ اياز ۽ تنوير عباسي بابت لکيل تعزيتي مضمونن ۽ انهن ۾ آگري صاحب جي نثر جي اعليٰ اسلوب جو ذڪر دل چاهي ٿي ته خصوصيت سان ڪريان. خاص ڪري واقعن جي ڦهلاءَ، ماحول ۽ فضا کي پنهنجي دلفريب نثر ۾ هو جيئن پورٽري ڪري ٿو، ان جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي!

ڄاڻان ٿو، مهراڻ جي هن پنجاهه ساله نمبر لاءِ منهنجو هي تاثراتي ليک بور ڪرڻ لڳو هوندو اوهان کي- پر باوجود ان جي هنن پڇاڙڪن پئراگرافس ۾ ’مهراڻ‘ جي گذريل ڪيترن ئي شمارن ۾ ولي رام ولڀ صاحب جي شايع ٿيل ڪيترن ئي اهم ترجمن جو ذڪر نه ڪندس ته ڄڻ زيادتي ڪندس پنهنجو پاڻ سان  ۽ ولي رام ولڀ بابت اڄ ڪير نٿو ڄاڻي ته دنيا جي جديد ادب جي سنڌيءَ ۾ ترجمي جي حوالي سان هن جون بي حد و بي حساب خدمتون آهن ۽ ان جي باوجود هو هڪڙو انوکو انسان آهي!... ماٺ ميٺ ۾ لاڳيتو ڪم ڪرڻ جو قائل ۽ بنا طلب ۽ طمع جي پنهنجي ڪم ۾ اڻٿڪ رڌل ۽ نه ڪنهن سان پنهنجي بي قدريءَ جي پچار ۽ نه ڄڻي ڄڻي سان پنهنجي ناقدريءَ جو اظهار ۽ ائين غير محسوس انداز  ۾ پنهنجي وجود جو وڻندڙ احساس ڏياريندڙ، جيئن اوچتو ڪڏهن پري کان ڪٿان باغن مان امن جي پکيئڙي ڳيري جي گُوگُهو ٻڌبي آهي يا ڪوئل جي اداس ڪوڪ- جنهن جي ٻڌڻ سان ماڻهو مسرت سان ڀرجي ويندو آهي.

مهراڻ 1978ع جي اپريل- مئي- جون واري شماري ۾ دنيا جي عجب جهڙن ليکڪن بابت سندس ترجمو ڪيل هڪڙو ڊگهو مضمون: ’پن ڇڻ جا ڇڻيل سدا ساوا پن‘ ڀانيان ٿو ته نه فقط ولي رام لاءِ پر اهو مضمون خود مهراڻ جي لاءِ به وڏي فخر جو سبب چئي سگهجي ٿو.

هتي مون کي به فخر ۽ اعتراف آهي ته مُڇن جي ساول اچڻ کان وٺي هاڻي انهن ۾ ’اَڇا‘ پئجي وڃڻ تائين، مهراڻ ۾ آءٌ مسلسل شايع ٿيندو رهيو آهيان ۽ ڄاڻان ٿو ته باوجود اهڙي اعزاز حاصل هجڻ جي، آءٌ ڪو اهڙو ليکڪ قطعي ڪونه بڻجي سگهيو آهيان، جنهن جي لکڻين شايع ٿيڻ سان مهراڻ جي معيار ۾ ڪو اضافو ٿيندو هوندو. آءٌ ته پاڻ اِن وڙ لاءِ پنهنجي دوست نفيس احمد شيخ جو احسانمند آهيان جيڪو بار بار خط لکي ۽ فونون ڪري مون جهڙي ڪاهل ۽ غير قدرتي ليکڪ کان ڪجهه نه ڪجهه لکرائي شايع ڪندو رهندو آهي... ۽ صرف هي آءٌ ئي ڇا؟... مون جهڙن ٻين به الائي ڪيترن سدائين سـُـتل ۽ اڌ سجاڳ ليکڪن کي پنهنجن خطن مٿان خطن ۽ فونن مٿان فونن وسيلي جاڳائيندڙ انهيءَ ئي ناشاد جي دلچسپ ۽ ’شادڪام‘ طبيعت ۽ مزاج بابت، ڪنهن وقت جي ويهي سوچيندو آهيان ته تپرس وٺي ويندو اٿم! يا منهنجا مؤلا!... هي ناشاد ته ڪو انوکو ۽ عجب جهڙو ئي ايڊيٽر آهي. ٻين کي ته وڏي اهتمام سان، مهراڻ ۾ ڇاپي، سندن تحريرن جي آب و تاب سان تشهير پيو ڪندو ۽ ڪيترن کي ته ذري مان آفتاب پيو بنائيندو آهي، پر خود پاڻ کي؟ ۽ نٿو ڀانئيان ۽ سنڀران، ته چاليهه ساله سفر دوران، ڪڏهن ”مهراڻ“ ۾ هُن پنهنجي پاران لکيل ايڊيٽوريلس جي هيٺان، ڪڏهن پنهنجو پورو نالو لکيو هوندو يا ڪڏهن اتفاق سان ڪنهن گروپ فوٽي ۾ سندس تصوير جي ڪٿي موجود به هوندي آهي، ته ٻين جا نالا بيشڪ ته پوري جا پورا ڪئپشن ۾ اُتي موجود ملندا آهن، پر پورو نالو جي اُتي درج ناهي هوندو ته خود رسالي  جي ايڊيٽر جو ۽ نفيس احمد شيخ بدران ڪُنڊ ۾ ڪٿي لکيل ملندو آهي: ”ن.ا.ش“! بحيثيت ايڊيٽر، انهيءَ ڳالهه ۽ ڳڻ کي آءٌ ناشاد صاحب جي وڏائي ۽ خوبي سمجهان ٿو ۽ اهڙي ڪسرنفسيءَ جي واٽ اختيار ڪرڻ تي دل کولي هتي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان.

ته بس يارو! هن ليک ۾ ان تي آءٌ پنهنجي زحمت اوهان تي تمام ٿو ڪريان، پر ويندي ويندي ايترو به اوهان کي گوش گذار ڪندو هلان ته گذريل صفحن ۾ مهراڻ جي پنجاهه ساله دَور ۾ جن جن پنهنجن پسنديده ليکڪن ۽ لکڻين بابت مون پنهنجي سرسري راءِ ڏني آهي، ڇا ايندڙ زمانن ۾، آءٌ به انهن وانگر ئي ڪڏهن سٺو، مُلهائتو ۽ موهيندڙ ادب سرجي سگهندس؟ ۽ اِهو ڪيئن چوان؟ انگريزي شاعر رابرٽ برائوننگ ڪنهن وقت چيو هو: اي پيارا پڙهندڙؤ، خبردار رهو، منهنجو بهترين دَور، اڳيان اچڻ وارو اٿو!

۽ ڄاڻان ٿو، ايندڙ زمانن ۾ به آءٌ اهڙو ئي ڪجهه لکندو رهندس، جهڙو ماضيءَ يا حال ۾ لکندو رهيو آهيان. پر پوءِ به ايندڙ پيڙهيءَ ۽ پاڻ کي- محض آٿت ڏيڻ لاءِ ئي سهي- هتي ائين چوڻ ۾ به، ڀلا حرج ئي ڪهڙو آهي ته:

My best is yet to be!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com