سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :21

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پس منظر

موجن ڀريو مهراڻ، سنڌ صوبي جي نواب شاهه ضلعي جي گهڻي ڀاڱي کي آباد ڪري ٿو. هن ڀاڱي جي زمين گهڻي قدر سنئين سڌي آهي ۽ آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي.

هن ضلعي جي اُترئين حـصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري چوندا آهن. ساهتي پرڳڻي ۾ ڪنڊيارو، نوشهرو فيروز ۽ مورو تعلقا اچي وڃن ٿا، ۽ انهن ٽنهي تعلقن کي گڏي ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري سڏين ٿا(1). قديم زماني کان وٺي، ان پرڳڻي ۾ ”سهتا قوم“ گهڻائيءَ سان آباد آهي، ۽ انهيءَ ڪري ئي هن ايراضيءَ کي ”ساهتي“ ڪري سڏيو ويو. ساهتي پرڳڻي تي ان نالي پوڻ متعلق پڻ مؤرخن ۾ مختلف رايا ۽ نظريا پئي رهيا آهن. سيد مدد علي شاهه لڪياري لکي ٿو ته:

”ساهتيءَ ۾ سهتا قوم قديم زماني کان وٺي آباد هئي. اهي اسلامي دور کان اڳ هندو ڌرم جا پوئلڳ هئا، مسلمانن جي دور ۾ هڪ مسلمان حاڪم (؟) اُن تي راضي ٿي جاگير انعام ڏنس.... ساڳئي وقت ان مسلمان حاڪم چيس ته اُٿي گهوڙو ڊوڙاءِ، جنهن هنڌ گهوڙو ٿڪجي بيهي، اهو تُنهنجي جاگير جو هنڌ ٿيندو. مڙس هو حريص ۽ لالچي، سو وٺي گهوڙو ڊوڙايائين. اٽڪل سٺ ميلن جي مفاصلي تي گهوڙو ڦانءِ ٿي ڪِري پيو، پر تڏهين به هــُـو ان کي گهليندو رهيو. جنهن هنڌ اها گهل گهلان ٿي، اُن تي نالو ئي ”گهلپور” پئجي ويو(2). ان مفاصلي اندر سهتن جون سٺ جاگيرون هيون ۽ سندن لقب ”ڄام“ هو(3).

مٿينءَ روايت هڪ ڏند ڪٿا معلوم ٿئي ٿي ۽ ڏند ڪٿا کي ڪا به تاريخي حيثيت نه هوندي آهي. تاريخ جي مطالعي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ ”ساهتي پرڳڻو“ هڪ وڏي ايراضيءَ وارو پرڳڻو هو. ان اوائلي زماني ۾ هن پرڳڻي ۾ لاکا، سما، سهتا ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ”سماٽ“ قومون ڪثرت سان آباد هيون. انهن قومن جون ڪيتريون ئي بستيون هيون، جيڪي پنهنجن پنهنجن قومي سردارن جي نالن سان سڏبيون هيون.

ان سلسلي ۾ اسان کي هڪ ٻي روايت ميان نيڪ محمد سهتي ذريعي ملي ٿي، جا پڻ ڪنهن حد تائين انهيءَ مسئلي تي روشني وجهي ٿي. هو لکي ٿو ته:

”محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت جوڌپور رياست جو حاڪم مري ويو هو. سندس ٻن پٽن جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ تڪرار ٿي پيو. آخر گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ اُنهن مان هڪ شهزادو ڪامياب ٿيو، ۽ جوڌپور جي تخت جو وارث بڻيو. اُن شهزادي جي ڀاءُ جو نالو موڙا سنگ هو. اهو ڪاوڙجي محمد بن قاسم وٽ دانهن کڻي آيو، ته هو کيس جوڌپور جو تخت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري. پر محمد بن قاسم موڙا سنگ کي سنڌ ۾ رهڻ لاءِ جاگير ڏني، ۽ هـُـو پوءِ هميشه لاءِ سنڌ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو. موڙا سنگ کي ست پٽ هئا، جن مان ”سهتو“ سندس چوٿون نمبر پٽ هو، ۽ اُن جي نالي تان ”سهتا قوم“ سڏجڻ ۾ آئي. موڙاسنگ پنهنجي پٽ کي جاگير ۾ ”ساهتي“ پرڳڻو ڏنو. ساهتي نالو ”سهتا“ قوم تان پيل آهي(4).

ميان نيڪ محمد سهتو وڌيڪ لکي ٿو ته: موڙا سنگ کي ست پـُـٽ هي هئا: ڌارو، جنهن مان ڌاريجا قوم آهي ۽ روهڙيءَ جو مٿيون حصو سندن جاگير ۾ هو. شورو، جنهن مان شورا قوم آهي ۽ کين حيدرآباد جي طرف کان هيٺيون حصو جاگير ۾ مليو(5). ڪونئرو، هن مان ڪونئريجا قوم آهي ۽ سڪرنڊ جي آسپاس وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو. سهتو، جنهن جي پوئتان سهتا قوم آهي ۽ ڪنڊيارو، نوشهرو فيروز ۽ مورو تعلقا سندن جاگير ۾ هئا (۽ جنهن علائقي کي ”ساهتي“ ڪري چوندا آهن). مڱڻ، هن مان مڱڻيجا قوم ٿي ۽ گنبٽ وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو. اُڄڻ، جنهن مان اُڄڻ قوم آهي ۽ هيءُ پيءُ جو پيارو پـُـٽ هو ۽ پيءُ جي جاگير سنڀاليندو هو“(6).

مٿي آندل انهن ٻنهي روايتن ۾ تاريخ جي لحاظ کان ڪافي شڪ ۽ گمان پيدا ٿين ٿا. اِهي روايتون مون کي سنڌ جي ٻي ڪنهن به تاريخ ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. باقي انهن روايتن ۾ بيان ڪيل جن قومن جو ذڪر اچي ٿو، اُهي قومون ۽ نشان پتا، ۽ سندن رهڻ جا هنڌ اڄ به قائم آهن. روايتن ۾ جنهن راجپوت شهزادي موڙاسنگ جو بيان اچي ٿو، اهو ممڪن آهي ته محمد بن قاسم کان اڳ ۾ ٿي گذريو هجي، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي اچڻ وقت سنڌ جي سهتن ڪنهن به جنگ ڪرڻ کان سواءِ ئي اطاعت قبول ڪئي هئي. يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت  هو لوهاڻي صوبي ۾ ڪنهن پرڳڻي جو جاگيردار هجي. ليڪن چچ نامي جي احوالن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ ”ساهتي پرڳڻو“ موجود هو.

مير علي شير قانع جي بيان مان ظاهر آهي ته سنڌ جا اصل اوائلي رهاڪو ”سماٽ” قومن مان ليکجن ٿا. هـُـو الڪرام ۾ لکي ٿو ته: ”ايوڌيا جي سورج ونسي گهراڻي کان سنڌ جي سماٽ قومن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو”(7). هن وقت به سنڌ ۾ سماٽ قوم ججهي انداز ۾ آباد آهي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته: ”سما اصل ۾ حضرت نوح عليـ* السلام جي پٽ سام جو اولاد آهن. سام کي چار پٽ هئا: بدها، سنگا، همهر ۽ ڀاڳوت. بدها کي سورنهن پٽ هئا، جن مان سهتو به هڪ هو، جنهن کي راٺوڙ به ڪري چون ٿا. سهتا قوم، بدها جي پـُـٽ سهتي جو اولاد آهن“(8 - 9).

اِنهن حقيقتن مان اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته ”ساهتي پرڳڻي“ تي اهو نالو ”سهتا“ قوم جي نالي پوئتان پيو. هيءُ پرڳڻو قديم هندو دور ۾ به موجود هو ۽ اُن زماني ۾ ”لوهاڻي“ صوبي جو هڪ اهم ۽ مکيه پرڳڻو هو(10).

ساهتي پرڳڻي جي تاريخي حيثيت:

ساهتي پرڳڻي جي تاريخ پڻ قديم آهي. هيءُ پرڳڻو اوائلي دور کان وٺي علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز هو. ساهتي پرڳڻي جو تاريخي احوال سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ تفصيل سان بيان نه ڪيو آهي. هن پرڳڻي جو ماضي ڏاڍو شاندار هو. چچ نامي جي احوالن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته قديم هندو دور ۾ ساهتي پرڳڻو موجود هو. لوهاڻو اُن قديم هندو دور ۾ سنڌ جو هڪ اهم صوبو هو. ان صوبي جو حاڪم راءِ گهراڻي جي زوال وقت ”اگهم“ هو. انهيءَ ”لوهاڻي“ صوبي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا قوم جون قديم بستيون هيون. لوهاڻو صوبو مکيه ٽن ننڍن پرڳڻن ۾ ورهايل هو، جهڙوڪ: لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي وغيره (11). هر هڪ پرڳڻي جي مٿان اُن قوم جو سردار حڪومت ڪندو هو (12). هن علائقي مان وهندڙ درياهه کي اڪثر ڪري ”لوهاڻو درياهه“ ڪري سڏيو ويندو هو. ڪن تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ايترو معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن سمي ”هاڪڙي“ درياهه جي هڪ شاخ جو وهڪرو ساهتيءَ مان وهندو هو، جنهن کي ساهتيءَ ۾ ”لوهاڻو درياهه“ به ڪري سڏيندا هئا. اهو ئي درياهه ساهتي پرڳڻي جو وچ ڏيندو، ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻي، بهلاڻي، گهيڙ گجو، ڀائي خان جي ٻَنڌ، هالا ۽ شهدادپور کان سهڻي ۽ ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو، رحمڪي بازار کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو(13). ”راور“ وارو قديم رستو، جنهن کي ساهتيءَ ۾ اڪثر وڏيءَ عمر وارا ماڻهو انگريزن جي دور ۾ ”تار وارو رستو“ (قومي شاهراهه) ڪري چوندا هئا، اهو ساڳيو ”راءِ گهراڻي“ جي دور ۾ ساهتيءَ ۾ ”راور“ وارو رستو، لاکاٽ ۽ لوهاڻي پرڳڻي ۾ ”اگهم“ واري رستي جي نالي سان سڏبو هو. اهو رستو درياهه جي انهيءَ وهڪري سان گڏوگڏ لنگهندو هو. سنڌ تي جڏهن به ڌارين حاڪمن جا حملا ٿيندا هئا ته اهو ئي ”راور“ وارو رستو ڏئي اچي سنڌ کي تهه و بالا ڪندا هئا. اُنهن احوالن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هاڪڙي درياهه جي هڪ شاخ روهڙيءَ کان وهندي هئي، جيڪا ”ساهتي پرڳڻي“ کي سيراب ڪندي هئي.

سنه 711ع ۾ عربن سنڌ تي حملو ڪيو. اُن وقت به سنڌ جو ساهتي پرڳڻو لوهاڻي صوبي جو هڪ حصو هو ۽ اُن وقت سنڌ جي حاڪم راجا ڏاهر جي پاران اُن تي هڪ هندو راجا راڄ ڪندو هو. محمد بن قاسم جڏهن سيوهڻ جو علائقو فتح ڪيو، تڏهن لوهاڻي صوبي جي حاڪم ”اگهم“، جنهن جي هٿ هيٺ لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي پرڳڻا هئا، فرمان موڪلي، تابعداريءَ جي گهُر ڪئي (14). چچ نامي جي مطالعي مان اها ڳالهه پڻ واضح ٿئي ٿي ته محمد بن قاسم جي فوج لوهاڻي پرڳڻي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ اُن پرڳڻي جي ٻيءَ اهم سرڪار يعني ساهتيءَ طرف پيش قدمي ڪئي هئي. ساهتيءَ جي هندو حاڪم ۽ سهتا قوم جي سردارن سواءِ ڪنهن جنگ جي عربن جي فرمانبرداري قبول ڪئي هئي (15).

’تاريخ معصومي‘ ۽ ’تحف الڪرام‘ جي احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳئين زماني ۾ ”ڊڀرو“، جنهن کي هن موجوده زماني ۾ ”درٻيلو“ ڪري سڏين ٿا، هڪ جدا شهر هو ۽ ”درٻيلو“ هڪ پرڳڻي جو نالو هو، پر پوءِ وقت گذرندي ”درٻيلو“ ۽ ”ڊڀرو“ ٻئي ساڳئي نالي سان سڏجڻ ۾ آيا. مير علي شير ”قانع“ لکي ٿو ته:

”سلطان آرام شاهه جي زماني ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ جا چار صوبا هئا، جن مان اُچ، ملتان ۽ ساريءَ سنڌ تي ناصرالدين قباچہ جو فرمان جاري هو. سنڌ جا ست راڻا ملتان سرڪار جا ڏن ڀرو هئا (16). راڻو سهتو ڀونئر راٺوڙ درٻيلي تي راڄ ڪندو هو(17) ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ ”ڊڀرو“ هو (18).

انهيءَ بيان مان انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ٿئي ٿي ته قديم زماني ۾ درٻيلي جي حاڪم جي هٿ هيٺ سمورو ساهتيءَ جو پرڳڻو هو. سنه 401 هه مطابق 1010ع ۾ سلطان محمود غزنويءَ ملتان تي حملو ڪيو. اُن وقت بکر سرڪار جو علائقو ملتان سرڪار جي تابع هو. محمود غزنويءَ (416هه مطابق 1025ع) جي انهيءَ حملي وقت به غالباً ساهتيءَ جو پرڳڻو اصل حيثيت ۾ موجود هو ۽ ”ديرو“ اُن جو تخت گاهه هو.

انهيءَ اوائلي وقت ۾ جيڪي به اتر اولهه کان ڌاريا سنڌ تي ڪاهي ايندا هئا ته سڀ کان پهرين سيوهڻ کان اچي حملو ڪندا هئا. گويا ان دَور ۾ سيوهڻ ڌارين جي ڪاهن لاءِ سنڌ جو هڪ دروازو هو. سيوهڻ ساهتيءَ جي قديم شهر ۽ تختگاهه درٻيلي جي بلڪل سامهون هو، ان ڪري دشمن سولائيءَ سان هن علائقي ۾ اچي سگهندا هئا.

سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ساهتي پرڳڻي کي خاص طرح سان وڏي اهميت هئي. مرزا شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا شاهه حسن سنڌ جي تخت جو وارث بڻيو. ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن جي خلاف بغاوت جو علم کڙو ڪيو ۽ ساڻس جنگ ڪئي، جنهن ۾ ڄام فيروز شڪست کاڌي ۽ گجرات جي طرف ڀڄي ويو. گجرات جي مظفريه بادشاهه سندس لاءِ معقول وظيفو مقرر ڪيو. ”لـُـب تاريخ سنڌ” جو مصنف لکي ٿو ته:

”انهيءَ فتح کان پوءِ مرزا شاهه حسن هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان شڪار ڪندو اچي ساهتيءَ جي تختگاهه درٻيلي ۾ وارد ٿيو. ان موقعي تي خوش ٿي درٻيلي جو علائقو (ساهتي) مير فرخ کي جاگير طور ڏنو ۽ پاڻ بکر طرف روانو ٿي ويو“(19).

دهليءَ جو مغل شهنشاهه همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، سنڌ ڏانهن ڀڄي نڪتو ۽ هتي رلندو، ڀٽڪندو اچي بکر کان نڪتو ۽ اتان ڪوچ ڪري سيوهڻ ۾ اچي سهڙيو. ان زماني ۾ سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون هو. هن سنڌ جي سڀني درياهي پتڻن جي ملاحن کي حڪم ڏنو هو ته ڪوبه معزول شهنشاهه کي درياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي نه ڏئي. همايون، سيوهڻ کان موٽندي درٻيلي کان درياهه پار ڪرڻ ٿي گهريو. ان وقت سنڌ جي وڏي عالم ۽ درويش مخدوم نوح رح ميربحرن کي ٻيڙين ڏيڻ لاءِ چيو ۽ همايون سنڌو درياهه پار ڪري، ساهتيءَ جي علائقي ۾ داخل ٿيو ۽ ان زماني ۾ درٻيلي جي هڪ با اثر رئيس ارباب دائود بن عمر شاهه سهتي وٽ اچي ڊاٻو ڪيو. هن بادشاهه جو گهڻو آڌر ڀاءُ ڪيو(20). ”لُب تاريخ سنڌ“ واري انهيءَ سلسلي ۾ ”تاريخ طاهري“ جي حوالي سان همايون بادشاهه جو هڪ خط نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ سهتي سردار جو ذڪر ڪيو اٿس(21).

مرزا شاهه حسن ارغون، 22- ربيع الاول سن 962هه/1550ع ۾ ڳوٺ علي پوٽي ۾ بنا اولاد وفات ڪئي ۽ سنڌ جي سلطنت مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾ ٿيل معاهدي موجب ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. سمنڊ کان وٺي لڪيءَ جي پهاڙن تائين ملڪ جو ڀاڱو مرزا عيسيٰ ترخان جي حـصي ۾ آيو ۽ سيوهڻ کان اُٻاوڙي تائين سنڌ جو ڀاڱو سلطان محمود بن مير فاضل ڪوڪلتاش جي قبضي ۾ آيو. هڪ سال گذرڻ کان پوءِ ارغون اميرن جي سازشن جي ڪري سلطان محمود بکريءَ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا ۽ نوبت جنگ تائين وڃي پهتي. سلطان محمود خان سيوهڻ جي قلعي جو محاصرو ڪيو ۽ انهيءَ تي مرزا عيسيٰ ترخان به پنهنجي فوج وٺي اچي سندس سامهون ٿيو. تاريخ معصوميءَ وارو صاحب لکي ٿو ته مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي فوجي ڇانوڻي درٻيلي ۾ اچي قائم ڪئي، جو سامهون هو(22). ساهتيءَ جي سهتن سردارن ان جنگ ۾ مرزا جي ڏاڍي مدد ڪئي هئي.

مرزا عيسيٰ جي وفات  کان پوءِ سندس وڏو پٽ مرزا محمد باقي سلطنت جي گاديءَ تي ويٺو. مرزا محمد باقيءَ تيرهن سالن جي ظلم ۽ ستم جي حڪومت ڪندي، سن 993هه ۾ هڪ رات پاڻ کي گهات ڪيو. کانئس پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي مرزا جاني بيگ ويٺو. انهيءَ زماني ۾ مغل شهنشاهه اڪبر جي سپہ سالار عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو. سن 998هه/1591ع ۾ خان خانان ٺٽي ويندي، ساهتيءَ جي علائقي مان لنگهندي اچي درٻيلي ۾ رهيو. درٻيلي جي وڏي جيد عالم مخدوم محمد عثمان کان سنڌ جي فتح جي دُعا گهرايائين. سنڌ جي فتح کان پوءِ اڪبر بادشاهه ”ساهتيءَ جو پرڳڻو“ مير معصوم بکريءَ کي جاگير طور ڏنو (23). مؤرخ سنڌ سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:

”جنهن سال (995هه) خان خانان کي بکر جو علائقو مليو، انهيءَ سال مير معصوم، جيڪو ٻن سالن پڄاڻان بادشاهه کان موڪل وٺي واپس وطن ٿي ويو، تنهن کي بکر جي صوبي مان درٻيلي (ساهتيءَ) جو علائقو بطور جاگير مليو“ (24).

مغلن جي دور حڪومت ۾ پڻ ساهتي پرڳڻو بکر سرڪار جي ماتحت هو، ۽ گويا هيءُ سمورو علائقو اُنهيءَ ۾ شامل هو. علامه ابوالفضل ”آئين اڪبري“ ۾ درٻيلي پرڳڻي (ساهتي) جي ايراضي 121146 چورس ميل ڏيکاري ٿو. ساهتي پرڳڻي جي تحفظ ۽ بچاءَ لاءِ ٻه سـَـو سوار ۽ پنج سـَـو سپاهي فوج جا هوندا هئا. هن پرڳڻي جي حيثيت محالڪاري واري هئي(25). ڪلهوڙن جي اوائلي دور تائين هن پرڳڻي جي حالت ساڳي رهي ۽ هيءُ پرڳڻو هر لحاظ کان وڏي عروج تي هو.

ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي شهادت کان پوءِ سن 1657ع ۾ ميان صاحب جو ڀائٽيو ميان نصير محمد گادي نشين ٿيو، ۽ هن پنهنجي زماني ۾ وڏو عروج حاصل ڪيو. اُن وقت جي بکر جي مغل گورنر کي ميان صاحب جي وڌندڙ طاقت وڏو خطرو نظر آئي، ۽ هن مختلف طريقن سان سازشون ڪري، ميان صاحب کي قيد ڪري اورنگزيب ڏانهن موڪلي ڏنو. نيٺ ڪنهن طريقي سان ميان نصيرمحمد دهليءَ مان واپس وريو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي، اورنگزيب بادشاهه جي زماني ۾ (سن 1069هه/ 1684ع) ساهتيءَ جو پرڳڻو هٿ ڪيو، ۽ هن علائقي جو فتح ڪندڙ سندس خليفو وارڙ هو، جنهن نوشهري فيروز جو شهر ٻـَـڌو، جنهن جو وجود اڃاتائين قائم آهي“(26).

سن 1168هه/1755ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ساهتيءَ جي علائقي مان سندس فوجون ڦرلٽ ڪنديون اچي نوشهري فيروز پهتيون. ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي پاران ديوان گدومل سفير ٿي بادشاهه وٽ ويو هو. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو ٻن حصن ۾ ورهايل هو. ساهتيءَ جو اُتر وارو حصو، جو ڪنڊيارو پرڳڻو سڏيو ٿي ويو ۽ ٻيو ڏاکڻو حصو، جنهن ۾ نوشهري فيروز ۽ موري جو حصو ٿي آيو، ان کي ”نوشهرو پرڳڻو“ ڪري چوندا هئا. ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي ڪنڊياري جو پرڳڻو پنهنجي ڀاءُ محمد خان ڪلهوڙي کي جاگير ۾ ڏنو هو(27). نادر شاهه افشار   پنهنجي سنڌ واري حملي وقت لاڙڪاڻي کان ٿيندو، ساهتيءَ جي شهر نوشهري فيروز ۾ اچي منزل انداز ٿيو، جتان ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو پيڇو ڪندي اچي شهدادپور پهتو. ”مرآة دولت عباسيه“ جو قول آهي ته خيرو اوٺوال نوشهري فيروز ۾ سموري ساهتيءَ پرڳڻي جو منتظم هو. ساڳيو مصنف لکي ٿو ته: دائودپوٽن نوشهري فيروز ۽ کاهيءَ تي حملو ڪيو، پر ميان يارمحمد انهن ٻنهي شهرن کي وري واپس ورتو(28).

ميان نورمحمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد مرادياب خان گاديءَ تي ويٺو. سن 1171هه/1758ع ۾ ميان عطر خان گادي نشين ٿيو ۽ سندس ڀاءُ ميان احمد يار خان سان ٿيل ورهاڱي موجب ساهتيءَ جو علائقو  ميان عطر خان کي حصي ۾ مليو. پر جلد ئي احمد يار خان ۽ عطر خان جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو. انهيءَ تي ميان غلام شاهه فوج وٺي ڪاهي آيو ۽ عطر خان شاهي حملي جو تاب نه جهلي ڀڄي ويو ۽ ساهتيءَ جو پرڳڻو ميان غلام شاهه جي قبضي ۾ آيو.

ميان غلام شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان سرفراز خان سنڌ جو حاڪم ٿيو. سندس  غير دُور انديشيءَ جي ڪري سنڌ جي سرزمين جي مٿان ڏاڍيون آفتون آيون ۽ سنڌڙيءَ پنهنجن جي هٿان ڪافي تڪليفون سَٺيون. ميان صاحب پنهنجن نااهل صلاحڪارن جي چوڻ تي وقت جي با اثر مير بهرام خان ٽالپر سان چڱا پير نه کنيا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ زماني جي نيرنگين ۽ ستم ظريفين جو شڪار ٿي قيدي بڻيو ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي هٿان حيدرآباد جي قلعي ۾ قتل ٿيو. اهڙيءَ طرح سان ميان عبدالنبي تخت ۽ تاج لاءِ پنهنجن جي خون سان هٿ ڳاڙها ڪيا، پر ميان صاحب کي به سنڌ جو تخت گهڻو وقت نصيب نه ٿيو. سندس غلط سياسي سوچ سبب ئي سنڌ کي هڪ ظالم، بيرحم ۽ ڪٺوردل انسان جي ظلم جو شڪار ٿيڻو پيو. سن 1781ع ۾ قنڌار مان مدد خان پٺاڻ سنڌ مٿان چڙهي آيو. مدد خان سنڌ ۾ ڦرلٽ، باهين ۽ غارت گريءَ جي بازار گرم ڪري ڇڏي. شهر، ڳوٺ، واهڻ، وٿاڻ ۽ وستيون سڀ اُجاڙي، برباد ۽ تباهه ڪري ڇڏيائين. ساهتيءَ جو سمورو سرسبز علائقو سندس ظلمن جو شڪار بڻيو. ساهتيءَ جي وسندڙ ۽ علمي شهرن جي سونهن ۽ سوڀيا لٽجي ۽ اُجهامي وئي. شهرن جا شهر ۽ انهن جي آسپاس علائقا بُٺ ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويا. هڪ شاعر ان واقعي جو اظهار هن طرح ڪيو آهي: ”اي داد از ظالم بي داديءَ منحوس“ (سن 1141هه).

محراب خان جتوئي، ساهتيءَ ۾ جتوئي قبيلي جو سردار هو. سن 1189هه ۾ ميان سرفراز خان کان پوءِ بادشاهه گرديءَ جو دور شروع ٿيو. اُن وقت مير فتح علي خان ميان صاحب جي ڀاءَ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو. محراب خان جتوئي، محمود خان جو وزير بڻيو. محراب خان جتوئيءَ کي ساهتيءَ جو پرڳڻو جاگير ۾ ڏنو ويو ۽ هن هالاڻيءَ کي ساهتي علائقي جو صدر مقام مقرر ڪيو. هالاڻي کان اڀرندي طرف محراب خان جتوئيءَ هڪ ٻيو نئون ڳوٺ ٻڌايو، جو محرابپور* جي نالي سان سڏجي ٿو(29). محراب خان جتوئي ميرن سان وڙهيو ۽ لانياريءَ جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌائين. مدد خان پٺاڻ جي حملي وقت چالڪ جي پل وٽ لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو. انهيءَ وقت هالاڻيءَ ۾ ڌڱاڻو جتوئي سندس پاران نائب هو(30).

ڪلهوڙن حاڪمن جي خانه جنگيءَ جي ڪري، ٽالپرن ۽ سندن وچ ۾ سن 1782ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي شڪست کاڌي ۽ سنڌ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ آئي. هالاڻيءَ جي لڙائيءَ کان پوءِ ٽالپرن سنڌ پاڻ ۾ ورهائي حصا ڪري کنئي. اتر سنڌ جو وسيع علائقو خيرپور جي مير سهراب خان کي حصي ۾ آيو، جنهن ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو نوشهري فيروز تائين اچي ٿي ويو. مير سهراب خان (رحلت سن 1246هه) جي وفات کان پوءِ سندس خاندان ۾ تخت لاءِ ويڙهه لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان انگريزن جي شهه تي ڪامياب ٿيو. مير صاحب جي دور ۾ به ساهتيءَ جو ڪافي حصو سندس رياست ۾ شامل هو.

انگريزن جي دور حڪومت ۾ جڏهن برٽش سرڪار رياست مان ريلوي لائين وڇائي تڏهن ڪن شرطن هيٺ ساهتيءَ وارو اهو ساڳيو علائقو برٽش سرڪار جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي سرزمين جو هيءُ پرڳڻو ڪيترين ئي خاصيتن ۽ خوبين سان مالامال آهي،مگر هن خطي جون اُهي خوبيون ۽ خاصيتون هميشه پوشيده رهيون آهن. ساهتيءَ ۾ڪيتريون ئي قومون آباد آهن، جي هن وقت ٻين نالن سان سڏجن ٿيون. سنڌ جي ٻين علائقن کان هيءُ ساهتيءَ جو خطو گهاٽو وسايل آهي. هتان جي ماڻهن جا رسم ۽ رواج، رهڻ ڪرڻ جا طور طريقا ۽ ڳالهائڻ جو لهجو هڪ مخصوص نوعيت وارا آهن.

ساهتي پرڳڻي جا رهاڪو قديم دور کان وٺي علم ۽ فضل جي عظيم دولت سان سرفراز رهيا آهن. عربي فتوحات وقت هن ساري علائقي ۾ وک وک تي درسگاهون ۽ خانقاهون قائم ٿيون، جن جو علمي فيض ڪيترين صدين تائين روان دوان رهيو.

انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي باقاعدي تشڪيل ۽ شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر لاءِ ”ساهتي پرڳڻي“ جي ”سنڌي لهجي“ کي سرڪاري طرح ”معياري لهجو“ مقرر ڪيو ويو، جو اڄ سوڌو نصابي ڪتابن ۾ رائج آهي ۽ اهوئي لهجو ”ادبي ٻوليءَ“ جو درجو رکي ٿو.

حوالا ۽ وضاحتون:

(1) مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام ج 3 (سنڌي ترجمو) فوٽ نوٽ.

(2) اهو ”گهلپور“ جو شهر اڄ تائين تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي.

(3) سيد مدد علي شاهه، مضمون ”هالاڻي“، رسالو نئين زندگي ڪراچي، ماهه فيبروري 1957ع، ص 17.

(4) ميان نيڪ محمد سهتي جي ”تاريخ قوم سهتا“ فارسيءَ ۾ قلمي صورت ۾ مرحوم قاضي نورالله بهلاڻيءَ واري جي ڪتبخاني ۾ ڏسڻ ۾ آئي. هن جو نقل ڪندڙ به قاضي صاحب خود آهي. ڪتابت جو سن وغيره ڄاڻايل نه آهي. ان ساڳيءَ تاريخ  جو حوالو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پڻ هڪ مضمون ۾ ڏنو آهي.

(5) ”شورا“ قوم اڄ به موجود آهي، ۽ ”ڄام شورو“ سندن مرڪز ۽ يادگار آهي.

(6) پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڀائرن کانئس سموري زمين کسي ورتي، ان تي هڪ سگهڙ چيو آهي ته:

اُڄڻ ٿيو اڻڄاڻ، جو ڀُونءِ نه آيس هٿ ۾.

(7) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، تحفة الڪرام، جلد 3 (سنڌي ترجمو) ص 147.

(8) مرزا قليچ بيگ،”سنڌ جا قديم ماڻهو ۽ شهر“، سنڌي ادبي بورڊ، ص 394.

(9) مرحوم علي محمد سيال، ”سماٽ قوم جو اصل نسل“، سماهي مهراڻ 1-2. سال 1966ع.

(10) ميان رحمت الله سهتو ويجهڙائيءَ جي دَور ۾ هڪ بلند پايه شاعر ۽ ذهين طبع شخص ٿي گذريو آهي. هن سهتا قوم تي ڪافي ڪجهه لکيو آهي. سهتا قوم کي ساهتيءَ طرف ونڊير، سڌو پوٽا ۽ مـُـلان فقير به ڪري چوندا آهن. مڱڻيجا قوم سهتن جي شاخ آهي. هن قوم جو چڱو مڙس ماڻهن کان ونڊيون (مقرر حصو) وٺندو هو، انڪري ونڊير سڏبا آهن. انهيءَ قوم مان ڄام اُهيو هڪ جاگيردار ٿي گذريو آهي. سندس ٺهرايل مسجد اڄ به هڱورجن ۾ قائم آهي.

(11) نوابشاهه ضلعي جا ٽي تعلقا: ڪنڊيارو، نوشهرو فيروز ۽ مورو ساهتيءَ ۾ هئا. لاکاٽ ۾ هالا ۽ حيدرآباد تعلقي جا ڪجهه حصا اچي ٿي ويا. لوهاڻي ۾ شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقي جي ايراضي شامل هئي.

(12) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چچنامو، تعليقات ص 402.

(13) مولائي شيدائي ”هاڪڙي“ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”سري ۾ الور به هاڪڙي جي شاخ تي الهندي ڪپ تي واقع هو. هتان هاڪڙو ٿر ڏي ويندي، ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو. ڪي شاخون هاڻوڪي مهراڻ ۾ وڃي پونديون هيون. هالڪنڊي، برهمڻ آباد، نيرون ڪوٽ ۽ منصوره جا قديم شهر اُن تي آباد هئا. (”هاڪڙو ۽ ان جو وهڪرو“، مهراڻ اخبار جو خاص نمبر، نومبر 1958ع، ص 20). هن وقت سم جي پيدا ٿيڻ ڪري انهيءَ درياهه جا ڦٽل نشان ظاهر ٿي پيا آهن.

(14) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چچنامو ص 335. اعجازالحق قدوسي، ”تاريخ سنڌ“ (اردو) جلد اول، ص 26.

(15) چچنامو (سنڌي) ص 55.

(16) ناصرالدين قباچہ جي دَور ۾ سنڌ جون ست رياستون هن ريت هيون: 1. درٻيلو، 2. روپاهه، 3. ماڻڪ تارو، 4. سيوي، 5. ڀاڳناڙي، 6. همہ ڪوٽ 7. برهمڻ آباد. (مولائي شيدائي ”جنـت السنڌ“ ص 252).

(17) اوائلي زماني ۾ ”ڊڀري“ کي ”ديرو“ به ڪري چوندا هئا (لُب تاريخ سنڌ“ فارسي ص 36).

(18) مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، ص 220.

(19) لب تاريخ سنڌ، ص 67-66.

(20) قاضي عبدالخالق، ”ساهتيءَ جا قديم علمي مرڪز“ (قلمي) سال 148ع.

(21) لُب تاريخ سنڌ، ص 65.

تاريخ طاهريءَ  جو مصنف مير طاهر محمد بن سيد حسين ٺٽوي هو. ’لُب تاريخ سنڌ‘ جي مصنف ارباب دائود بن عمر شاهه سهتو ڪري ڄاڻايو آهي. اصل ۾ اهي ٻئي جدا شخصيتون آهن. ارباب دائود سهتو آهي ۽ عمر شاهه سندس پيءُ ٿئي. ارباب دائود سهتو، تاريخ طاهريءَ جي مصنف جو مامو ۽ عمرشاهه نانو ٿئي. تاريخ طاهري ۽ سندس مصنف جي باري ۾ سر ايلئيٽ لکي ٿو ته ”تاريخ طاهريءَ جو مصنف مير طاهر محمد بن سيد حسين اصل ننگر ٺٽي جو رهاڪو هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دَور ۾ سندس خاندان هلنديءَ وارو هو. ننگر ٺٽي ۾ اچي مولانا اسحاق وٽ تعليم ورتي هئائين. طاهر محمد جو نانو عمرشاهه ۽ سندس مامو دائود سهتو، درٻيلي جي پرڳڻي جا وڏا ناليرا سردار هئا. همايون جڏهن هندستان مان تڙجي سنڌ ۾ آيو هو، ته درٻيلي ۾ قيام وقت عمرشاهه سهتي سندس گهڻي مدد ڪئي. همايون خوش ٿي کيس پروانو لکي ڏنو ته جڏهن آءٌ وري بادشاهه ٿيس ته درٻيلي جو سارو علائقو تنهنجي حوالي ڪندس. بکر جي نواب محمد خان اُن تان ناراض ٿي ٻنهي سهتن سردارن کي مارائي ڇڏيو. عمر شاهه کي جيئرو کل ۾ سبائي بکر جي قلعي تان درياهه ۾ اُڇلارايو، ۽ دائود جي کل لهرائي بُهه سان ڀرائي مرزا شاهه حسن ارغون ڏانهن ٺٽي موڪلي ڏنائين. اهڙي ظلم سبب سهتن جو باقي خاندان، پنهنجي وطن سنڌ مان لڏي، احمدآباد وڃي مقيم ٿيو. طاهر محمد پنهنجيءَ تاريخ ۾ عمرشاهه کي ”ڄام“ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. ڪڇ وارا ڄام اُنهن سهتن سردارن جو اولاد آهن. طاهرمحمد پنهنجي حياتيءَ جو ڪافي وقت پنهنجي ناناڻي ملڪ ساهتيءَ جي شهر درٻيلي ۾ گذاريو. کيس سنڌ جو ”حاجي بابا“ ڪري چوندا هئا. پاڻ ”نسياني“ جي نالي سان سڏبو آهي. هن سنڌ جي ”قصن ۽ ڪهاڻين“ کي ڪتابي صورت ۾ ”نسياني“ جي نالي سان لکيو آهي، ۽ سمورو ڪتاب نظم ۾ آهي، ۽ ڪتاب ۾ 254 صفحا آهن.

(22) تاريخ معصومي (فارسي) ص 226.

(23) تاريخ معصومي (فارسي) ص 250.

(24) سيد حسام الدين راشدي، تذڪره اميرخاني، ص 21.

(25) علامه ابوالفضل، آئين اڪبري، جلد اول (اردو) مولوي فداعلي طالب ص 1045 حيدرآباد دکن 1357هه/ 1939ع.

(26) مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“ ص 383.

(27) غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دَور، (جلد اول) (سنڌي ترجمو) ص 484.

* تاريخ ۾ اچي ٿو ته ميان يارمحمد جي زماني ۾ ڪنڊيارو پرڳڻو ۽ ڪچره (گچيرو مورو تعلقو) دائودپوٽن جي قبضي ۾ اچي ويا هئا، جن کي ميان صاحب وري ٻيهر پنهنجي قبضي ۾ آندو.

(28) مرآة عباسيه ص 107، بحواله تاريخ ڪلهوڙا، جلد اول.

(29) سال 973هجري مطابق 1565ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي پٽ مرزا محمد باقي سان گڏجي بکر ڏانهن روانو ٿيو. ان زماني ۾ درٻيلو (ساهتي پرڳڻو) بکر سرڪار جي علائقي ۾ شامل هو. مرزا عيسيٰ جڏهن درٻيلي پهتو تڏهن بکر جي حاڪم محمد خان پنهنجن سڀني قلعن ۾ لشڪر موڪلي مضبوط مورچا ٻڌا. مرزا عيسيٰ ساهتي پرڳڻي جي سرسبزي ۽ شادابي ڏسي ارادو ڪيو ته درٻيلي شهر کي فتح ڪري، سيوهڻ جي علائقي سان ملائي ڇڏيان.

* محرابپور شهر عام طرح مير محراب جي نالي سان منسوب آهي، پر اُهو محراب خان جتوئيءَ جو ٻڌايل آهي.

(30) قريشي حامد علي خانائي، مضمون”درٻيلو“، سماهي مهراڻ 4/1970ع، ص 131.

 


 

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

يارهين صدي هجريءَ جي سنڌ

 (يارهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري، مرڪزي ايشيا جي هڪ سياح، محمود بن امير واليِّ بلخ، ننڍي کنڊ جي سياحت ڪئي. وطن واپس ٿيڻ بعد هن ”بحرالاسرار“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. هيءُ ڪتاب تازو ڪراچيءَ ۾ ڇپيو آهي، جنهن مان سنڌ بابت مواد، ترجمي ۽ حاشين سان پيش ڪجي ٿو.)

محمود بن امير واليِّ بلخ:

محمود 1004هه/1595ع ۾ بلخ ۾ ڄائو ۽ اعليٰ تعليم بخارا ۾ ورتائين. شروع ۾ سڄو ڌيان شاعريءَ ڏي ڏنائين، جنهن ۾ مختصر ڄمار ۾ ڇهه ڪتاب (محبت نامه، گلڪده، نجم الثاقب، نزهـة الارواح، اخلاق حسني ۽ ديوان هڪ عدد) ترتيب ڏئي سگهيو. ليڪن شاعر جي حيثيت ۾، کيس ڪو خاص رتبو حاصل نه ٿيو. ان بعد تصوف ڏي ڌيان ٿيس، جنهن ۾ پڻ هڪ ڪتاب ”روح الطيبه“ نالي لکيائين. افسوس جو سندس مرشد ميرڪ شاهه الحسيني ستت ئي فوت ٿيو، جنهن سبب مورڳو زندگيءَ مان نراس ٿي پيو ۽ مختصر مدت بعد ننڍي کنڊ جي سفر تي روانو ٿيو.

محمود، بلخ مان 1034هه-5-1624ع ۾ روانو ٿيو ۽ پهرين محرم 1035هه (سيپٽمبر 1625ع) تي لاهور پهتو، جتان هو هلال آباد آگري پهتو. هي سياح هتان کان پٽنا ۽ ڪن ٻين شهرن مان ٿيندو، وچ ذوالقعد 1035هه برابر جولاءِ 1626ع ۾، حيدرآباد (گولڪنڊه) پهتو. محمود پوءِ ڏکڻ هندستان جي ڪجهه شهرن مان گهمي ڦري، سيلون جي سفر تي روانو ٿيو.

هيءُ سياح سيلون جي سفر کان پوءِ، سوماترا جي سفر لاءِ اُسهيو. بدقسمتيءَ سان اها ٻيڙي، جنهن ۾ محمود پڻ سفر ڪري رهيو هو، طوفان جي ور چڙهي وئي، انڪري سفر ڪندڙن جو قافلو محمود سميت، اچي اوڙيسا جي ڪناري ڀيڙو ٿيو. محمود پوءِ اوڙيسا جي تختگاهه ڪٽڪ پهتو. هي هتي جي گورنر محمد باقر جي دوست ۽ مهمان جي حيثيت ۾، اوڙيسا ۾ ٻه سال وڏي ٺٺ سان رهيو. هتي هڪ هندوءَ سان دوستي ٿيس، جيڪو هڪ ڏينهن اوچتو گم ٿي ويو. هڪ سال بعد کيس پنهنجي گم ٿيل دوست جو پتو، مانڪ پور (ماڻڪ پور) ۾ پيو ۽ محمود ڪٽڪ مان ڪهي اچي ساڻس مليو. وچ ايشيا جو هيءُ سياح اوڙيسا ۾ ٻه سال (رجب 1036هه/ مارچ 1627ع جمادي الثاني 1038هه/ جنوري 1629ع) رهيو ٿو ڏسجي. ان بعد پاڻ اوڙيسا جي گورنر جي ڀاءُ، مرزا حسن (مرزا حسيني) سان گڏ، ذوالحج 1038هه/جولاءِ 1629ع ۾ هندي دارالحڪومت آگري پهتو. محمود هڪ سال آگري ۾ عيش آرام سان رهيو. هن جڏهن ذوالحج 1039ع  ۾ آگرو ڇڏيو، تڏهن مرزا حسيني پڻ ساڻس گڏ بکر جي نئين فوجدار جي حيثيت ۾ سفر ڪري رهيو هو. فتح پور، اجمير ۽ جيسلمير کان ٿي، سياح ۽ حاڪمن جو هيءُ قافلو شعبان 1040هه/ مارچ 1631ع ڌاري بکر پهتو. سنڌ ۾ ٻه سال رهڻ بعد محمود 20 محرم 1041هه/ 8-آگسٽ 1631ع تي واپس بلخ پهتو، جتي اتان جي حاڪم نظر محمد(1). کيس شاهي ڪتبخاني جو منتظم مقرر ڪيو ۽ ساڳئي وقت کيس حڪم ٿيو، ته هو (محمود) ڪائنات متعلق هڪ ضخيم ڪتاب تيار ڪري. حاڪم هن ڪتاب جو نالو پاڻ ”بحرالاسرار“ تجويز ڪيو. ليکڪ باقي سموري زندگي بلخ ۾ گذاري.

بحرالاسرار (جنهن جو سڄو نالو ”بحرالاسرار في مناقب الاخيار“) آهي، هڪ ضخيم ڪتاب هو، جيڪو ستن جلدن تي مشتمل هو. هر جلد وري چئن رڪنن ۾ پکڙيل آهي، ليڪن ڇهين جلد جي شروع ۾ فاتح ۽ پڄاڻيءَ تي هڪ خاتمو ۽ پڻ ستين جلد جي آخر ۾ هڪ خاتمو ڏيندي، ليکڪ هن ڪتاب کي ايڪٽيهن حصن ۾ ورڇيو ٿو ڏسجي. هن وقت دنيا ۾ صرف پهرئين ۽ ڇهين جلد جو اڌ وڃي بچيو آهي. پهرئين جلد جي ٽئين رڪن ۾ زمين، عنصرن، ملڪن، شهرن ۽ جبلن جو احوال ڏنل آهي. هن حصي ۾ سنڌ جي ڪجهه شهرن جو احوال پڻ ملي ٿو (هيءُ مواد اسين پنهنجي مقالي جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڏينداسين). ڇهين جلد  جي خاتمي تي ڪجهه ترڪ قبيلن جي ذڪر کان پو”، ليکڪ پنهنجي هند- سنڌ جي سفر جي روئداد ڏني آهي. (هن مقالي ۾ اسين، سنڌ جي سفر جو احوال، پهرئين ڀاڱي ۾ ڏينداسين).

افسوس جو هاڻي دنيا ۾ صرف، هن ڪتاب جي پهرئين جلد جو اڌ ۽ پڻ ڇهين جلد جو اڌ وڃي بچيو آهي. جنهن جا هاڻي صرف ٻه قلمي نسخا (انڊيا آفيس لائبريري ايٿي نمبر 575، ۽ تاشقند نمبر- 1385) وڃي بچيا آهن. هنن ٻنهي نسخن جي آڌار تي، ”بحرالاسرار“ جي سفرنامي وارو حصو، ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب ايڊٽ ڪري جامع انگريزي مقدمي سان، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”ويسٽرن اينڊ سينٽرل ايشين انسٽيٽيوٽ“ پاران سال 1980ع ۾ ڇپيو آهي(2).

بحرالاسرار ۽ سنڌ:

بدقسمتيءَ سان محمود بن امير جو، سفر دوران سڄو ڌيان بيڪار ڳالهين ڏي ويو، انڪري سندس سفرنامي ۾ ڪم جو مواد تمام گهٽ آهي. سونهن سندس خاص ڪمزوري هئي. سيلون جي سونهن جو پاڻ خاص طرح مداح ڏسجي ٿو. سفر متعلق سندس راءِ آهي ته: ”در تمامت آن سير و سفر محض مشاهدت و خالص تماشا منظور بود“. (مشاهدو، ديدار بازي ۽ تفريح). ان جي باوجود به، محمود جو هيءُ ڪتاب سيلون سميت ننڍي کنڊ جي سماجي ڄاڻ لاءِ، سٺي مددي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو.

سنڌ ۽ وچ ايشيا جو ڏهين- يارهين صدي هجريءَ ۾، گهرو ادبي لاڳاپو ڏسجي ٿو(3). ان دَور ۾ هي ملڪ، مرڪزي ايشيا جي رولو توڙي ڏتڙيل عالمن ۽ سياحن لا”، اهم پناهه گاهه ۽ پيٽ قوت جو مکيه وسيلو هو. ان قسم جا عالم سنڌ ۾ پهچي، مملڪت جي ذميوارين ۽ پاليسين ۾ حصيدار ٿي، ڏاڍي عيش ۽ آرام جي زندگي پڻ گذاريندا هئا(4). پر بدقسمتي اها آهي، جو جڏهن هي اديب وطن واپس ٿيندا هئا، تڏهن سنڌ جو پنهنجن تصنيفن ۾ بلڪل گهٽ ذڪر ڪندا هئا. بهرحال جن چند سياحن ۽ عالمن پنهنجي پنهنجي وطن موٽي، سنڌ متعلق لکت ۾ ڪجهه نه ڪجهه مواد ڇڏيو، محمود بن امير به انهن مان هڪ آهي، انڪري سندس سفرنامي ”بحر الاسرار“ کي اسان جي تاريخي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. بلخ جي هن سياح جي سفري ڪيفيت مان ٿلهي ليکي سنڌ متعلق اسان کي هيءَ ڄاڻ ملي ٿي:

- مغل سنڌ جي سماجي حالتن جي پروڙ پوي ٿي.

- سنڌ جي وسعت ۽ انتظامي حدن جي ڄاڻ ملي ٿي.

- حڪمرانن ۽ اجنبي ليکڪن جي لاڳاپن جي خبر پوي ٿي (۽ انهن لاڳاپن ذريعي، حڪمرانن جو سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ڏي، سندن رويو معلوم ڪري سگهجي ٿو).

- مغل دَور ۾ مؤرخن ۽ ليکڪن جو سنڌ لاءِ جيڪو دشنام طرازي ۽ بهتان بازيءَ وارو رويو ڏسجي ٿو، افسوس جو ان وهڪري ۾، محمود به لڙهي ويل ڏسجي ٿو.

- سنڌ واسين، سمن جي سلطنت جي خاتمي (1520ع) تي، ارغونن خلاف، جنهن جدوجهد جو آغاز ڪيو، ڏسجي ٿو ته هيءَ تحريڪ سنڌ مان مغل راڄ جي خاتمي تائين برابر جاري رهي. جنهن جي شاهدي محمود پڻ پنهنجي شهرن جي مذڪور ۾ ”ٺٽي” جو ذڪر ڪندي ڏني آهي.

- ۽ سنڌ جي طبي تاريخ جو اهم ۽ گم ٿيل ڪردار، مولانا صلاح الدين سيوهاڻي، پهريون ڀيرو ”بحرالاسرار“ جي ذريعي نروار ٿئي ٿو.

سال 1981ع ۾، بنده کي محترم سيد حسام الدين شاهه راشدي صاحب وٽان ”بحرالاسرار“ جي ڇپيل ڪاپي عنايت ٿي ۽ خود سندن خواهش تي هيءُ مقالو تيار ڪيو پئي ويو. ليڪن افسوس جو هيءُ ڪم سندن زندگيءَ ۾ پورو ٿي نه سگهيو. ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب، هن موضوع تي پنهنجي ڇپيل مضمونن جون ڪاپيون فراهم ڪيون، جنهن لاءِ آءٌ سندن ٿورائتو آهيان ۽ پڻ مولانا رحيم بخش قمر ۽ عبدالرسول قادري صاحب، فارسي مواد کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنو، انڪري سندن شڪرادائي پڻ واجب آهي.            

 - غ.م.ل

 (الف) اُتر سنڌ جو احوال:

جيئن مٿي آيو آهي، سياح محمود ذوالحج 1039هه/ جولاءِ 1631ع ۾ آگرو ڇڏيو ان وقت بکر لاءِ، نئون مغل فوجدار، مرزا حسيني پڻ ساڻس گڏ سفر ڪري رهيو هو. محمود بن امير فتح پور، اجمير ۽ جيسلمير کان پوءِ سنڌ جي سرحدي ۽ تاريخي شهر اروڙ ۾ داخل ٿيو. پاڻ سنڌ متعلق اسان جي ڄاڻ ۾ هن ريت واڌارو ڪري ٿو:

جڏهن لشڪر جيسلمير جهڙي عصمت سوز علائقي ۾ چوڏنهن ڏينهن رهيو ۽ پنهنجي تنظيم ۽ ترتيب لاءِ ڪي رعايتون حاصل ڪيون، تڏهن پندرهينءَ واري رات (پندرهين ڏينهن) قافلي جي ڪوچ ٿيڻ جو گهنڊ وڳو. ستين ڏينهن الور(5) پهتو، جيڪو بکر جي تابع آهي(6). هڪ ڏينهن اتي خوش خورم گذاري، ٻئي ڏينهن سنڌو درياءُ ٽپي، سکر جي شهر ۾ رهائش پذير ٿيو.  جڏهن شهر ۾ هر ڪنهن جو مقام مقرر ٿي ويو، تڏهن سڀڪو وڃي پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿيو. هن ملڪ جي هيءَ عجيب و غريب رسم آهي ته زالون ۽ مرد بنا شرم ۽ حياءَ جي، اگهاڙا ٿي، نديءَ جي ڪناري تي ڪپڙا صاف ڪندا هئا (غسل ڪندا هئا؟) (ص 95)، پر پوءِ به تعجب آهي ته مردن کي لذت جو احساس نه ٿيندو هو، توڙي جو سنڌ جي هن علائقي جون عورتون نهايت ئي خوبصورت هيون. عجب ته هنن معاملن هوندي به اهي ماڻهو پاڻ کي مسلمان، نيڪ ۽ مذهب جو پائبند سمجهندا هئا ۽ مذهب جي پيرويءَ ۾ پاڻ کي منفرد ۽ مخصوص ڄاڻندا هئا(7). ان ملڪ ۾ انب، کجور، گـِـدرو، هنداڻو، انگور ۽ ڏاڙهون تمام بهترين قسم جو پيدا ٿئي ٿو(8) ۽ هتي جا ماڻهو مسافرن (پناهيگرن ۽ سياحن) لاءِ مهمان نواز آهن ۽ مذهب، خاص ڪري روزي نماز جي پائبنديءَ ڏي مائل رهن ٿا.

سال جو هڪ فصل هن شهر ۾ گذريو (شايد ٽي مهينا) ۽ ٻئي فصل ۾ بکر جي واليءَ پاران سڀني کي اوڏي منتقل ٿيڻ لاءِ چيو ويو(9). بکر کي هڪ مضبوط قلعو آهي، جنهن جون ديوارون مضبوط آهن(10). اندرين فصيل ۽ ٻاهرينءَ ڀت جي وچ ۾ سهڻيون عمارتون ۽ باغ اٿس. سنڌو درياءُ قلعي جي چوطرف وهي ٿو. قلعي جو احوال نقشن ۽ چارٽن سميت، سلطان جلال الدين خوارزم شاهه جي بيان ۾ ڏنو ويو آهي(11). مطلب ته اهڙي سهڻي شهر ۾ ڇهه مهينا رهيس (ص 96) ۽ منهنجي اميدن جي سڪل پوک تي هميشه احسان ٿيندا رهيا.

نيٺ ڪجهه مدت بعد، حالتن ڦيرو کاڌو ۽ طبيعت خراب ٿي پئي ۽ آءٌ واري جي تپ (مصنف ”تب ربع“ لکيو آهي، جيڪو هر چوٿين ڏينهن اچي ٿو) جيڪو هن علائقي ۾ ٿيندڙ آهي، ۾ مبتلا ٿي ويس. علاج صحيح نه هجڻ سبب وري جلندر جو عارضو به ٿي پيو. هيءُ مرض اٺ مهينا جاري رهيو ۽ ايترو ڪمزور ٿي ويس، جو چري پري به نه پيو سگهان. ان وچ ۾ حاذق حڪيم ۽ طبيب مولانا صلاح الدين سيوهاڻيءَ جو سايو سر تي پيو(12)، جنهن  هريڙ جي رس ذريعي (ص 97)، ڇهن ڏينهن ۾ هن مرض جو ڪامياب علاج ڪيو. جڏهن چاق ٿيس، تڏهن هن ملڪ کان موڪلائڻ ۽ پنهنجي وطن واپس ٿيڻ جي تمنا اهڙو ته تنگ ڪيو، جو دل کان زبان تي ۽ زبان کان بيان (ٻڌائڻ) ڪرڻ تي مجبور ٿيس ۽ شهر جي واليءَ کان، جنهن سان رڳو صحبتون قائم هيون، موڪل گهري، کيس اجازت ڏيڻ تي راضي ڪيم. جنهن اجازت ڏيئي مون کي گنجابه پرڳڻي(13)، جيڪو افغانستان جي حدن ۾ واقع آهي، جو منتظم مقرر ڪيو. مان به ڳڻ ڳوت کان سواءِ هائو ڪري هٿ وڌائي ويٺس (يعني راضي ٿيس) ۽ اتان روانو ٿي ويس (ص 98).

محمود بن امير، بکر مان شعبان 1040هه/مارچ 1631ع ڌاري وطن لاءِ نڪتو. هتان سياح، بکر جي فوجدار پاران گنجابه جي حاڪم طور روانو ٿيو، ليڪن جيئن ئي اتي پهتو، تيئن شير خان افغان حملو ڪري، کيس گرفتار ڪيو. جڏهن بلخ جو هيءُ سياح آزاد ٿيو، ته وري سفر جاري رکي،پنهنجي وطن واپس پهتو ۽ اتي جي حاڪم جو لائبررين مقرر ٿيو.

(ب) سنڌ جي شهرن جو احوال:

ياد رهي ته ”بحرالاسرار“ جو اهو ڀاڱو، جنهن ۾ شهرن جو ذڪر آيل آهي، اصلي حالت ۾ اڃا ڪٿي به نه ڇپيو آهي. اسين هيءُ احوال ڊاڪٽر رياض الاسلام جي مقالي ”اي سيونٽينٿ سينچري اڪائونٽ آف سنڌ“ (انگريزي) جي مدد سان، سنڌ جي شهرن متعلق هيءُ قيمتي مواد هتي ڏئي رهيا آهيون.

بکر: بکر سنڌ جي شهرن مان هڪ آهي. اهو سنڌو دريا ِّ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ وانگر واقع آهي. پراڻي زماني ۾ ان کي منصوره سڏبو هو(14). هن کي هڪ زبردست قلعو آهي ۽ ڪيترا مدرسا ۽ مسجدون پڻ. هي سڀ اجير Ajir (سرون ۽ سينگاريل پٿر) سان ٺهيل ۽ ڪاشيءَ سان سينگاريل آهن. بکر کي ڪيئي تابع ملڪ (علائقا) ۽ مضافات (Suburbs) روهڙي ۽ سکر آهن. هي ٻئي جايون نديءَ جي ٻنهي پاسن تي واقع آهن، جن مان روهڙي ساڄي ۽ سکر کاٻي پاسي آهي(15). بکر ۾ کجي، ڊاک، ڏاڙهون، گدرا (ڇانهون) ۽ انب پيدا ٿين ٿا. هن شهر ڪيئي عالم ۽ سٺين خوبين وارا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. هتي جا ماڻهو شريف، حياءَ دار ۽ قناعتي آهن، ليڪن حجاب (حياءُ) ۾ گهٽ آهن. هتان جون عورتون پاڻ کي صاف نه ٿيون رکن ۽ ائين پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ ڌڪار جو سبب بنيل آهن. جيڪڏهن ڪو کين ٻاهر هلڻ جي آڇ ڪري ته اهي مائٽن، ٻارن ۽ مڙسن کي ڇڏڻ لاءِ به تيار ٿيو وڃن(16)، پر جيئن ته اهي چهري ۽ ڊول ۾ سهڻيون نه آهن، انڪري سواءِ چند خرمغز واپارين جي، جيڪي ٻاهر وڃي کين وڪڻن ٿا، ٻيو ڪوبه انهن کي ٻاهر وٺي وڃڻ پسند نه ٿو ڪري.

سبي ۽ گنجابو: محمود، سبي ۽ گنجابه (هاڻي بلوچستان) کي، سنڌ جي تابع ٻڌايو آهي. سندس چوڻ آهي ته گنجابه ۾ بلوچ قبيلا، لشاري، مگسي، ڊومبڪي ۽ رند رهن ٿا، جڏهن ته سبيءَ تي پٺاڻن جو تسلط آهي.

ٺٽو: هيءُ سنڌ جي شهرن مان هڪ آهي. اهو پهرين ولايت ۾ آهي، پر ڪي ان کي ٻي ولايت ۾ رکن ٿا. ٺٽو ڪيچ ۽ مڪران جي ڀر ۾ آهي، جيڪو ايران ۽ هندستان کي ملائي ٿو. شروع ۾ هن جاءِ کي بيبل، پوءِ ديبل ۽ پوءِ اتي جي گرم آب و هوا سبب ٺٽو سڏيو ويو(17). هيءُ بحر هند جي ڪناري تي واقع ۽ مشهور بندرگاهن مان هڪ آهي. گرم ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ ميوو، هتي ججهي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿو(18). هن (ٺٽي) جي ڀرسان مهراڻ وهي ٿي، جيڪا هندي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ڪپڙو ۽ ايران توڙي هند جون مصنوعات به هتي موجود آهن. هتي جي ڀر پاسي ۾ رهزن ڌاڙيل جام ڏسجن ٿا(19). هتان فارس، عراق ۽ عرب بندرن جا واپاري وڏي تعداد ۾ لنگهن ٿا. هتان جي اڪثر آبادي حنفي فرقي سان واسطو رکي ٿي، جيڪي زاهد ۽ روزي نماز جا وڏا پائبند آهن.

ملتان: هيءُ سنڌ جي شهرن مان هڪ آهي ۽ ماضيءَ ۾ ان جو تختگاهه هو(20). هتان جي ماڻهن هند- سنڌ ۾ سڀني کان اڳ اسلام قبول ڪيو. رسول صلي الله عليہ وسلم جن جا ڪيئي ساٿي (اصحاب) پڻ هتي پهتا هئا. اسلام کان اڳ هت هڪ وڏو مندر هو، جنهن ۾ ملتان نالي هڪ بت هو، جنهن جي پٺيان هن شهر جو نالو رکيو ويو. مسلم فاتحن هتان لٽ جو هيڪاندو مال هٿ ڪيو، جنهن کين ايترو ته خوش ڪيو، جو انهن هن شهر کي بيت الفرج (خوشين جو گهر) ۽ بيت الذهب (سون جو گهر) سڏيو(21). هن جا ٻيا نالا به آهن، هي شهر مهراڻ تي واقع آهي، جنهن کي هاڻي پنجاب (شهر) سڏجي ٿو. هيءُ واپاري رستو آهي، جيڪو اولهه ۾ خراسان، عراق ۽ ٻين ملڪن ۽ اوڀر ۾ هندستان کي ملائي ٿو. سنڌ جي اڪثر جاين کان هتي جي آب و هوا سٺي آهي ۽ هتي اَن ۽ ميوو ججهي تعداد ۾ پيدا ٿئي ٿو. قديم دور ۾ ملتانين کان سواءِ هند- سنڌ جو ڪوبه ماڻهو، ايران توران ڏي نه ويندو هو. انڪري اڄ به ڪو هند- سنڌ مان، ٻاهر وڃي ٿو ته ملتاني سڏجي ٿو. وڏن بزرگن مان شيخ زڪريا ملتاني ملتان سان واسطو رکندو هو. بزرگي سندن ورثو آهي، جيڪو به هن منصب تي ويهي ٿو، اهو خدا وارو ٿئي ٿو.

سمجهاڻيون:

1. بلخ جي حاڪم نظرمحمد (1641- 1650ع). جي احوال لاءِ ڏسو ايم.بي.سري واستاوا جو ڪتاب: ”پاليسيز آف دي گريٽ مغلز“ ص 136- 144. بڪ ٽريڊرس، لاهور 1979ع.

2. محمود بن امير جي سوانح، ڊاڪٽر رياض الاسلام جي ايڊٽ ڪيل ”بحرالاسرار“ جي انگريزي مقدمي تان کنيل آهي.

- ”بحرالاسرار“ جي اشاعت کان اڳ، هن ڏس ۾ هي مضمون ڇپيا آهن:

1. B.g. gafurov: "The Bahr-al-Asrar"

2. Dr. Riazul-Islam: "The Bahr-al-Asrar- A note on the travel portion."

3. Dr. Riazul-Islam: "A Seventeenth Century account of Sindh."

هي سڀ آرٽيڪل پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي جي انگريزي رسالي ۾ ڇپيل آهن.

3. ڏسو عبدالغني مرزايف جو آرٽيڪل: ”سنڌ ۽ ماوراءُ النهر جي ادبي لاڳاپن جا ڪجهه پهلو“ (رسالو: سنڌ ڪئارٽرلي 3-1978ع، ڪراچي سنڌ)

4. قاطعي هروي: ”مجمع الشعرا ِّ جهانگير شاهي“ ايڊٽ ڊاڪٽر سليم اختر، ص 61، 62 ۽ 114. ناشر ويسٽرن اينڊ سينٽرل ايشين انسٽيٽيوٽ، ڪراچي يونيورسٽي 1979ع

5. اروڙ اسلام کان اڳ سنڌ جي گادي هو. هن شهر جا آثار به روهڙيءَ کان اٽڪل 5 ميل ڏکڻ- اوڀر طرف موجود آهن (”چچ نامه“ ص 21 ۽ 375، حاشيا- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

6. مغل دور ۾ ”بکر” سنڌ جي ڇهن ڊويزنن (سرڪارن) مان هڪ هو، جنهن ۾ اَٺ پرڳڻا هئا: ماٿيلو: اروڙ، لڌو گاگن، ڪاڪڙي ۽ درٻيلو ۽ (روهڙيءَ طرف) ۽ جتوئي، ٽڪر ۽ چانڊڪو (سکر طرف) (”تاريخ مظهرشاهجهاني“ ص 5-22. ايڊٽ- سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1962ع)

7. محمود والي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فرق معلوم نه ڪري سگهيو آهي. حقيقت ۾ هيءَ رسم ان وقت سنڌ جي هندن ۾ رائج هئي. محمود جي سنڌ مان روانگيءَ کان صرف چار سال پوءِ (1044هه)، ميرڪ يوسف هن رسم متعلق لکي ٿو: ”هن ڳوٺ ۾ ڪوهه کن پرتي جبل ۾ گندرف جو هڪ چشمو آهي. هتي رات ڏينهن سيوهڻ توڙي ٻين پاسن، بکر ۽ ٺٽي جا هندو، ٻارين ٻچين وهنجندا آهن، هي تماشو سدائين جاري آهي. زالون توڙي مرد بـُـت اگهاڙا ڪري پاڻيءَ ۾ غسل ڪن ٿا. مرزا جاني بيگ هيءُ تماشو لڪي ويهي ڏسندو هو.“ (ڏسو: ”مظهر شاهجهاني“، ايڊٽ- سيد حسام الدين راشدي، ص 226).

8. بکر جي ميون لاءِ وڌيڪ ڏسو: ”تذڪره اميرخاني” ص 57 ۽ 58. مؤلف- سيد حسام الدين.

9. محمود سياح جي زماني ۾، بکر جو فوجدار مرزا حسيني هو. هن سلسلي ۾ ڏسو: ”لُب تاريخ سنڌ“ (ايڊٽ- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ص 77. ناشر سنڌي ادبي بورڊ سال 1959ع. ۽ پڻ ڏسو فريد بکري: ”ذخيرة الخوانين“ (ايڊٽ ڊاڪٽر معين الحق) ص 242 ۽ 243، جلد ٻيو. ناشر پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، ڪراچي سال 1970ع

10. بکر جي قلعي ۽ ان جي اهميت لاءِ ڏسو: ”سنڌ جا قديم آثار“ (انگريزي). هينري ڪزنس. ص 142، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي، سال 1975ع.

11. ڪتاب جو هيءُ ڀاڱو اڻلڀ آهي.

12. هيل تائين معلوم سنڌي طبيبن (مغل دور) ۾، مولانا صلاح الدين سيوهاڻيءَ جو ذڪر ڪٿي به نه ٿيو آهي. (ڏسو: حڪيم نياز همايوني ”سنڌ جي طبي تاريخ“  جلد ٻيو، ص 525-535. ناشر سنڌ سائنس سوسائٽي، سال 1976ع).

13. گنجابو ”سبي ملڪ“ ۾ شامل هو. ياد رهي ته مغل دور ۾ سنڌ چئن ملڪن ۾ ورهايل هئي، جنهن مان سبي به هڪ هو (ڏسو: ”مظهر شاهجهاني“، ص 2 ۽ 28، فارسي ڇاپو).

14. بکر کي مغليه مؤرخن پڻ، غلطيءَ مان منصوره سڏيو آهي. (ڏسو: ”آئين اڪبري“ ص 1037. مترجم: مولوي فدا علي، جلد پهريون، ڀاڱو ٻيون، ناشر سنگ ميل پبليڪيشنز، لاهور)

(ياد رهي ”منصوره“ عربن جو تختگاهه هو، جيڪو سانگهڙ ضلعي ۾ هو).

15. روهڙي درياءَ جي کاٻي ۽ سکر ساڄي طرف آهي.

16. سنڌ جي عورت تي، هيءُ نسورو الزام آهي.

17. هن قسم جو اظهار قدرت الله فاطمي پڻ پنهنجي مقالي ”ديبل جا جاڙا بندرگاهه“ ۾ ڪيو آهي (”سنڌ ٿرو دي سينچريز“ ص 97- 105. مرتب: ڊاڪٽر حميده کهڙو، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي 1981ع).

18. حوالو (8).

19. ٺٽي ۾ جوکيا، نومڙيا ۽ ٻيا مقامي باهمت ۽ غيور قبيلا مغلن خلاف لاڳيتو برسر پيڪار رهيا. افسوس جو هندي ۽ مقامي مؤرخن وانگر، محمود پڻ هنن قبيلن کي رهزن سڏيو آهي. هن سياح کان ويهه سال پوءِ (سال 1-1060هه)، اورنگزيب، شاهجهان کي، پنهنجن خطن ۾ هنن ساڳين قبيلن جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو هو (ڏسو: ”آداب عالمگيري“ (فارسي) جلد پهريون، ص 24 ۽ 25. ايڊٽ چوڌري عبدالغفور، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، پنجاب يونيورسٽي، لاهور سال 1971ع).

20. اسلام کان اڳ ملتان، سنڌ جي چئن صوبن مان هڪ جو دارالحڪومت رهيو آهي (چچ نامه، ص 23). دهلي سلطنت جي زماني ۾ پڻ هيءُ شهر سنڌ جو تختگاهه ليکيو وڃي ٿو.

21. ”چچ نامه“ (از: مخدوم امير احمد) ص 4-358. ناشر سنڌي ادبي بورڊ.

                          (”مهراڻ“: 4/1983ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com