سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :44

- ادل سومرو

(سکر، سنڌ)

”مهراڻ“- ڪهاڻي ڪلا جي حوالي سان

 ”مهراڻ“ سان منهنجو سُنٻنڌ تمام پراڻو آهي.  گرامي صاحب جڏهن اُن جو ايڊيٽر هو تڏهن منهنجون ڪي شروعاتي ڪهاڻيون ان ۾ شايع ٿيون. ”نئون تجربو“ موضوع جي لحاظ کان منهنجي هڪ بولڊ ڪهاڻي هئي، جيڪا گرامي صاحب ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪئي. ”مهراڻ“ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو نهايت معيار وارو تخليقي ۽ تحقيقي جرنل رهيو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻين کي هميشه جوڳي جاءِ ملندي رهي آهي. ان ۾ سنڌيءَ جي برک ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شايع ٿيون. ٻين ٻولين مان ترجمو ٿيل ڪهاڻين ۾ به رس چس هوندو هو. منهنجي پنهنجين ڪهاڻين جي حوالي سان ”مهراڻ“ جو اسي وارو ڏهاڪو گهڻو ملهائتو ثابت ٿيو، جڏهن امداد حسيني ان جو ايڊيٽر هوندو هو. امداد حسيني هڪ يگانو شاعر ته آهي ئي، پر ”سانول“ جي قلمي نالي سان سندس لکيل ڪهاڻيون پڻ جدت سان گڏ هڪ نئين حساسيت رکن ٿيون ۽ سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون. اها حقيقت آهي ته گهٽ نظر وارن تذڪره نويسن کي جدت ۽ نئين حساسيت واريون ڪهاڻيون توڙي شعر ڀانءِ ڪونه پون، سو گذريل اسي واري ڏهاڪي ۾ منهنجيون ڪي جديد ۽ علامتي طرز واريون ڪهاڻيون ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيون، جن ۾ سرفهرست ڪهاڻي ”منزل“ آهي. ”منزل“ ڪهاڻيءَ تي انڊيا جي برک نقادن نامديو تاراچنداڻيءَ، هيرو شيوڪاڻيءَ ۽ لکمي کلاڻيءَ پڻ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي ۽ ان کي ساراهيو هو. افسوس ته پوئين دَور  ۾ سنڌي ادبي بورڊ جن لاهن چاڙهن مان گذريو هو تنهن جو اثر ”مهراڻ“ جي مجموعي ڪارڪردگيءَ تي به پيو هو ۽ مون پارن جو تعلق مهراڻ کان ٽٽي ويو هو. هاڻ سڻائو واءُ لڳڻ شروع ٿيو آهي، جنهن جو هڪ مثال گولڊن جُبلي نمبر جي تياري آهي. جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ ”مهراڻ“ جو وڏو هٿ آهي. اميد ته ۽ قلمڪارن جي سهڪار سان ”مهراڻ“ وڌيڪ اوج ماڻيندو ۽ گذريل ويهين صديءَ وانگر ايڪويهين صديءَ ۾ به پنهنجي تاريخ جوڙيندو. مهراڻ جي ”گولڊن جُبلي نمبر“ ڪڍڻ جي موقعي تي مهراڻ جي سموري سٿ کي واڌايون.

- ممتاز مهر

 (ڪراچي، سنڌ)

”مهراڻ“ رسالو ۽ منهنجون يادون

سٺ واري ڏهاڪي ۾ آءٌ دادوءَ جي مين پرائمري اسڪول مان نڪري طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ٿيس. دادو شهر سان گڏ سڄو دادو ضلعو، ٻولي، ادب ۽ سياسي سماجي سرگرمين ۾ سنڌ ۾ ڪافي اڳڀرو هو. اهوئي دَور آهي، جڏهن ون يونٽ مخالف تحريڪ به هلي رهي هئي. سائين جي.ايم.سيد کان وٺي حيدربخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، حفيظ قريشي ۽ غلام محمد لغاريءَ تائين سمورا سياسي رهنما اڪثر دادوءَ جو دورو ڪري ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ کي هٿي وٺائيندا رهندا هئا. منهنجو والد صاحب، علي احمد قريشي، جيڪو دادوءَ ۾ وڪيل آهي، پڻ انهن سرگرمين ۾ ڪافي متحرڪ هوندو هو. ساڻس گڏ سندس ٻيا به ڪيترائي دوست هئا. ادبي سرگرمين ۽ مشاعرن جي حوالي سان دادو ڪافي اڳڀرو هو. ان ۾ سائين تاج محمد صحرائي، ضياءُ الدين بلبل، حافظ محمد احسن چنا، سائين شفيع محمد سولنگي، حڪيم محمد صالح، آخوند شفيع محمد وڪيل، ۽ ٻيا علم جا صاحب پيش پيش هوندا هئا.

آءٌ ڪافي ننڍو هوس، پر اڪثر ڪري انهن سڀني وڏن سان ملاقاتن جو شرف حاصل پئي رهيو، ڇو ته اڪثر ڪري گهڻيون ادبي، سماجي ۽ سياسي ڪچهريون منهنجي والد صاحب وٽ ئي ٿينديون هيون. ان طرح مون کي ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ جو شوق جاڳيو ۽ ڪجهه ننڍا وڏا رسالا ۽ ڪتاب خريد ڪرڻ لڳس، جنهن ۾ سنڌي ادبي  بورڊ جو رسالو ”گل ڦل“ سرفهرست آهي.  هڪ ڏينهن مون پنهنجي والد صاحب وٽ هڪ وڏو ضخيم ڪتاب ڏٺو، جيڪو ”مهراڻ“ جي نالي سان سندس ميز تي رکيل هو. گهڻي سمجهه نه هوندي به مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آهي ته مون سڄي ڪتاب جي ورق گرداني ڪئي ۽ پوءِ واپس رکي ڇڏيم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري کڻي شاعريءَ جا ڪجهه صفحا پڙهيم، جنهن مان ڪافي لطف اندوز ٿيس ۽ ڪن ڏکين لفظن جي معنيٰ پنهنجي استاد سائين تاج صحرائيءَ کان پڇيم، جنهن ڪجهه وضاحتون ڏئي مون کي ڪجهه سمجهايو ۽ گهڻي شاباس ڏنائين. ٻئي ڏينهن تي لعل چند امرڏني مل جو ڪتاب ”سون ورنيون دليون“ پڙهڻ لاءِ ڏنائين، جنهن جا نقش اڃا تائين منهنجي ذهن تي چٽيل آهن. جلد ئي وري اسڪول جي لائبريريءَ مان ”بلوکوکر“ ڪتاب پڙهيم، جنهن جو مترجم صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي آهي ۽ بورڊ جو ڇپايل آهي. تاج صحرائي صاحب ۽ منهنجو والد صاحب شروع کان وٺي پاڻ ۾ هميشه گهرا دوست رهيا ۽ 65 کن ورهيه هڪ ئي پاڙي ۾ گڏ رهيا، انڪري تاج صاحب منهنجي پڙهائيءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندو هو، خاص طرح منهنجي انگريزيءَ تي. هڪ ڏينهن مون کانئس مهراڻ ڪتاب بابت پڇيو، جنهن تي مون کي ٻڌايائين ته مهراڻ ”ڪتاب“ نه پر هڪ ادبي ”رسالو“ آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپيندو آهي ۽ اسان جي ٻولي ۽ ادب جو هڪ بهترين مجموعو آهي، جنهن ۾ اعليٰ قسم جا تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ۽ شاعري ڇپبي آهي. هن رسالي ۾ سنڌ جا برک اديب لکندا آهن ۽ اُن جو ايڊيٽر ناليوارو ۽ اعليٰ پايي جو عالم مولانا غلام محمد گرامي آهي. انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ پڙهائي لاءِ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ اچڻو پيو، جتي مون کي هڪ ٻيو محترم ۽ بهترين استاد سائين ڊاڪٽر غلام قادر سومرو مليو. پاڻ ”سنڌيءَ“ جي استاد هئڻ سان گڏوگڏ قومپرست ماڻهو به هو. سائينءَ جي ميز تي اڪثر ”مهراڻ“ جا رسالا نظر ايندا هئا ۽ آءٌ کانئس اُهي وٺي پڙهندو هئس.

مهراڻ رسالي جي پڙهڻ سان مون کي سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ بابت ڪافي ڄاڻ ملي ۽ ڪو وقت اهڙو به آيو جو مون اهو رسالو پابنديءَ سان خريد ڪرڻ شروع ڪيو. حيدرآباد ۾ هجڻ جا ڪيئي فائدا مليا، جن مان هڪ سائين محمد ابراهيم جويي سان ملاقاتون ٿيون ۽ بورڊ ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ادبي دوستن سان ملڻ جا ڪيترائي موقعا مليا. سائين جويو صاحب ۽ منهنجو والد صاحب پڻ پاڻ ۾ تمام گهاٽا دوست هئا/آهن. مون کي پنهنجي والد صاحب ئي پنهنجي بهترين دوست جويي صاحب سان ملايو.

بورڊ سان واسطو ٿيڻ سان اُتي ٻن دوستن هڪ بزرگ ۽ هڪ همعمر يعني ترتيبوار غلام رباني آگري ۽ ناشاد سان تفصيلي ملاقاتون ٿيون ۽ ستت ئي گهرا گهاٽا ٿياسين. انهن ئي ڏينهن ۾ گرامي صاحب سان سٺيون ملاقاتون ٿيون. پر ان کان اڳ ”عبرت“ اخبار طرفان حيدرآباد ۾ هڪ تقريري مقابلو ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ مون کي دادوءَ مان ايوان جو قائد ڪري گهرايو ويو هو ۽ اسان جي دوست عبدالجبار عباسيءَ کي ايوان جو مخالف ڪري گهرايو ويو هو. هيءَ سڄي ڪاوش قاضي سعيد اڪبر ۽ منهنجي پياري دوست پيرمظهر (جيڪو ان وقت ”ماما موجي“ جي نالي سان لکندو هو) جي هئي. خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي جو ان ڊبيٽ جي صدارت ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر گرامي صاحب ڪئي هئي، جنهن مون کي ٻين انعامن سان گڏ مهراڻ جا ٻه پرچا جدا ڏنا. سچ پچ ته اهي حاصل ڪري منهنجي دل ٽپا ڏنا. مهراڻ هڪ رسالو نه پر تحقيق ۽ تنقيد ۽ ”قومي ادب“ جي شاهڪارن جو هڪ ڀنڊار هو/آهي. مهراڻ جا ڪيترائي خاص نمبر جهڙوڪ: سوانح نمبر، رني ڪوٽ نمبر، شاعر نمبر، راشدي نمبر، شيخ اياز نمبر، تنوير عباسي نمبر، قليچ نمبر وغيره شايع ڪيا ويا آهن. مون کي اهو وقت به ياد آهي، جڏهن مون ڪاليج کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي شروع ڪئي هئي ته انهن ڏينهن دوران سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف ڀرپور قومي تحريڪ هلي رهي هئي. ٻين دوستن سان گڏ آءٌ به ان جو حصو بنيو هئس ۽ انهن سمورين سرگرمين جو هڪ لحاظ کان ”سنڌي ادبي بورڊ“ ڄڻ مرڪز هوندو هو، جتي سنڌ دوست اديبن ۽ شاعرن محمد عثمان ڏيپلائي، رسول بخش پليجي، شيخ علي محمد، ارباب نورمحمد پليجي، تنوير عباسي، نياز همايوني، ابن حيات پنهور، شمشيرالحيدري، امداد حسيني، حميد سنڌي، ناصر، اشفاق قاضي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، غلام حسين رنگريز، پٿر سنڌي، عبدالفتاح عبد، عبدالحئي پليجي، عنايت الله ڌمچر ۽ ٻين دوستن جا هميشه ميڙاڪا متل هوندا هئا. ان طرح ”مهراڻ“ رسالي کي جاڳرتا واري ان تاريخي تحريڪ دوران هڪ خاص حيثيت حاصل آهي.

ان پسمنظر ۾ روشن خياليءَ جي حوالي سان مولانا غلام محمد گرامي هڪ انتهائي ڀرپور تنقيدي ۽ فڪري مضمون ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جي عنوان سان لکيو، جنهن ڪافي ماڻهن جون آڱريون ڏندين آڻي ڇڏيون ۽ ادبي رجعت پرستن جي نظرين کي خاموش ۽ ڪنڊائتو ڪرائي ڇڏيو. مون ان مضمون کي وڏي شوق سان ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو، جنهن جي اهميت اڄ به اوتري ئي تازي آهي. مهراڻ جي اِها وڏي خوش نصيبي چئبي جو ان کي مولانا گرامي جهڙو روشن خيال عالم ۽ ترقي پسند ايڊيٽر مليو. اُن وقت رسالي ڪڍڻ ۾ گرامي صاحب ۽ جويي صاحب جي جوڙي هوندي هئي، جنهن ۾ اسان جو دوست ناشاد صاحب شروع کان وٺي ڏاڍو سرگرم ۽ پيش پيش هوندو هو. گرامي صاحب جي انهن عالماڻين صلاحيتن ۽ ترقي پسند فڪر سان لڳاءُ کي منهنجو سلام آهي. انهيءَ سلسلي ۾ جويي صاحب جا ڪيئي فڪري مضمون تمام گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ پڻ شمشير جي صلاحيتن ۽ ادارتي خوبين کي وساري نٿو سگهجي.

مهراڻ رسالي جو گيٽ اپ، ڇپائي، ٽائيٽل، بائينڊنگ ۽ لوگو گهڻي اهميت وارا رهيا آهن. رسالي جي تحقيقي مضمونن ۽ افسانن وارو ڀاڱو انتهائي منفرد ۽ معياري رهيو آهي. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته مهراڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي ۽ اڄ به پنهنجي پوري سگهه سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

- پروفيسر اعجاز قريشي

  (حيدرآباد، سنڌ)

هڪ رشتو- لهرين جهڙو

تاريخون ياد نه رهنديون اٿم، هير موجب تاريخون اورانگهيندو رهان ٿو. سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپو 1980ع ۾ (شايد) انور هالائيءَ، ايڊيٽر ”گل ڦل“، معرفت ٿيم. گل ڦل ۾ منهنجا نظم ڇپبا هئا تڏهن. ياد نٿو اچيم ته سنڌي ادبي بورڊ جي عمارت پهريون ڀيرو ڪڏهن ڏٺم. شايد تڏهن جڏهن امداد حسيني سيڪريٽري هو. بورڊ سان تڏهن کان ڳانڍاپو رهيو آهي، جڏهن لفافو رپئي ملندو هو، هاڻي ته اهو چئن رپين جو ٿي ويو آهي! پر خطن بهاني مواد موڪلڻ جو موهه اڄ به قائم آهي. خط تي س.ا.ب جي ائڊريس لکندي لڳندو آهي، ڄڻ ڪنهن محبوب ڏانهن پيو اُماڻيان. هتي پنهنجي هڪ عزيز پروفيسر مظهرالدين سومري جا لفظ ياد ٿا اچنم ته ”بابا اِهي ادارا اسان جي ميراث آهن. انهن سان اسين پيار نه ڪنداسين ته ٻيو ڪير ڪندو؟ انهن جي ڪمزور پاسن تي ڌيان ڏيڻ به اسان جي پيار جي نشاني آهي.“ بيشڪ اهي ادارا اسان جو ورثو آهن، بشرطيڪ، اسان ۾ وارثي ڪرڻ وارو ڳڻ به هجي.

منهنجي اڄ جيڪا به شاعراڻي حيثيت آهي، اُن ۾ مهراڻ جو به اهم ڪردار آهي. مهراڻ سان منهنجو رشتو لهرين جهڙو وڻندڙ آهي:

منهنجو رشتو اهڙو،
ٽِه- ماهي مهراڻ سان-
وڻندڙ لهرين جهڙو!

 

- وسيم سومرو

(نواب شاهه، سنڌ)

”مهراڻ“- سنڌي ادب جو تاريخي دستاويز

انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته Impermanence is the permanence of life پر انهيءَ چوڻيءَ جي اُبتڙ دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن، جن جي مستقل هجڻ کي ڏسي اهو مڃڻو پوندو ته اهي شيون واقعي مستقل آهن. اُنهن مستقل شين ۾ اسان جيڪي شيون شامل ڪري سگهون ٿا، اُنهن ۾ ”مهراڻ“ به شامل آهي، جيڪو خير سان گذريل پنجاهه سالن کان لڳاتار مستقل مزاجيءَ سان شايع ٿي رهيو آهي. ڀلي حڪومتن جا تختا اونڌا ٿين، وزارتن جا قلمدان مٽبا رهن، کاتن جا سيڪريٽري بدلجندا رهن، ادبي بورڊ جا چيئرمن ايندا ۽ ويندا رهن- بس ناهي بدليو ته ”مهراڻ“ جو اعليٰ معيار ۽ اوچو قد!

ڪجهه شيون معيار جي لحاظ کان اُتم هونديون آهن، جيئن اڪئڊمي/آسڪر ايوارڊ، بوڪر پرائيز، ٽائيم ۽ ايڪنامسٽ مئگزين، نئشنل جيوگرافڪ چينل يا ڊان اخبار جو معيار وغيره. اهڙيءَ طرح اسان جو رسالو ”مهراڻ“ به پنهنجي لحاظ کان هڪ ’مستقل معيار‘ قائم رکندو پيو اچي. سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد جنهن اعليٰ پايي جي هستين رکيو هو، اُنهن جي محنتن، ڪاوشن ۽ اڻٿڪ جدوجهد جو اولڙو اڄ به اسان کي ”مهراڻ“ ۾ نظر اچي ٿو. مهراڻ جو هر پرچو پنهنجي لحاظ کان هڪ تاريخ آهي، پر اُنهيءَ جا خاص شمارا، خاص ڪري مرزا قليچ بيگ نمبر، حسام الدين راشدي نمبر، شيخ اياز نمبر ۽ تنوير عباسي نمبر مڪمل تاريخي دستاويز آهن. اُنهن خاص نمبرن کي اهم حيثيت حاصل آهي.

”مهراڻ“ سنڌي ادب جي سفر جو هڪ تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دستاويز ۾ جيڪي به ليکڪ ”مهراڻ“ ۾ ڇپجڻ جي ڪري شامل ٿين ٿا، اُهي خودبخود ادبي تاريخ جي وهڪري ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. ادب جو تاريخدان جڏهن به سنڌي ادب جي تاريخ جو جائزو وٺندو ته هن کي ”مهراڻ“ ئي اصل ادبي تاريخي حقيقتون فراهم ڪندو.

مان تيستائين پاڻ کي سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار تصور ڪندو هوس، جيستائين منهنجون ڪهاڻيون ”مهراڻ“ ۾ نه ڇپيون هيون. جڏهن ”مهراڻ“ ۾ منهنجي پهرين ڪهاڻي ڇپي هئي ته اهو مون کي وڏو اعزاز محسوس ٿيو هو ۽ اُنهيءَ ڏينهن مون کي پنهنجو ادبي قد ڪاٺ وڌندي محسوس ٿيو هو.

”مهراڻ“ جو مانائتو ايڊيٽر نفيس احمد ناشاد پنهنجي مستقل مزاجيءَ  وارين صلاحيتن سان مهراڻ کي هميشه اڳتي وٺي ويندو رهيو آهي، اُنهيءَ جي جيتري به واکاڻ ڪجي گهٽ آهي. مهراڻ جي مستقل مزاجيءَ پٺيان ناشاد صاحب جو وڏو Contribution آهي.

آخر ۾ منهنجي دعا آهي ته سنڌي قوم جو هيءُ عظيم ورثو اڃا به وڌيڪ عظمت ماڻي ۽ ٻين ادبي ادارن ۽ رسالن لاءِ مشعلِ راهه ثابت ٿئي.

- منظور جوکيو

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“ جو سنڌي ادب ۾ ڪردار

مهراڻ هماليا جي ڪيلاش پربت جي اوچين چوٽين تي مانسروور ڍنڍ مان نڪري، ڪروڙين انسانن جي اُڃ اُجهائي، 1800 ميلن جو اڻانگو سفر طيءِ ڪري، سنڌ جي سرزمين ۾ داخل ٿي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اهائي مهراڻ جي وسعت آهي، جنهن پنهنجي وجود ذريعي ڪروڙين انسانن جو وجود قائم رکيو آهي. شايد مهراڻ جي انهيءَ وسيع ڏات کي ڏسي ڪري ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب رسالي جو نالو ”مهراڻ“ چونڊيو.

مهراڻ جي انهن مست ڇولين مون کي به دعوت ڏني ته آءٌ مهراڻ جي پنجاهه ساله نمبر لاءِ ٻه اکر لکان، جنهن لاءِ اداري جو شڪرگذار آهيان. منهنجي مهراڻ سان رفاقت ڪا ايڏي طويل ڪانهي. منهنجو مهراڻ لاءِ پهريون لکيل مضمون، ”شاهه جي ڄمڻ ۽ وفات جي صحيح تاريخ“ مهراڻ جي 1998ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو. ائين مهراڻ سان منهنجي ادبي ناتي جي شروعات ٿي.

مون مهراڻ 1997ع کان پڙهڻ شروع ڪيو. اهو عرصو ڪو ايڏو وڏو ڪونهي جو مهراڻ جي پنجاهه سالن واري عرصي ۾ شايع ٿيل علمي ۽ ادبي ڪاوشن جو جائزو وٺي سگهان. شروعاتي دور جا پرچا مون نه پڙهيا آهن جو ادب طرف منهنجو رجحان ان دَور ۾ نالي ماتر هو، پر خوش قسمتيءَ سان محمد ابراهيم جويي صاحب جو ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“ هٿ چڙهي ويو، جنهن ۾ مهراڻ جو به تمام گهڻو ذڪر ڪيل آهي.

مهراڻ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ طرفان 1946ع ۾ جاري ٿيو. مهراڻ ان وقت ڪراچيءَ مان شايع ٿيندو هو، جنهن جو چيئرمن عثمان علي انصاري، چيف ايڊيٽر دين محمد وفائي، مئنيجنگ ايڊيٽر لالچند امرڏنومل جڳتياڻي ۽ ايڊيٽر جا فرائض ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي انجام ڏيندو هو. ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي آفيس اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ هوندي هئي، جتي 1951ع ۾ اُن تي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو پيو. رسالو ٻه سال شايع ٿيندو رهيو، پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري اهو سلسلو جاري نه رهيو. جنوري 1948ع وارو پرچو مهراڻ جي پهرئين دَور جو آخري پرچو هو.

مهراڻ جو نئون دَور 1955ع ۾ شروع ٿيو ۽ اُن جي ايڊيٽريءَ جا فرائض محمد ابراهيم جويي صاحب جي حوالي ٿيا. ان وقت جي شروعاتي پرچن  ۾ جويي صاحب سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي گهڻو زور ڏنو ته هو صاف سنڌي لکن ۽ ڪوشش ڪري ٻين ٻولين جي لفظن جي استعمال جي بدران پنهنجي ٻوليءَ جا نج سنڌي اکر لکڻين ۾ استعمال ڪن. ان تحريڪ جو وڏو اثر ٿيو ۽ سنڌي نثر ۾ ڪافي سهڻي تبديلي آئي ۽ عربي ۽ فارسي لفظن جو استعمال به آهستي آهستي گهٽجڻ.

مهراڻ جي شروعاتي دَور ۾ جيڪو ادبي مواد شايع ٿيو ان جديد سنڌي ادب ۽ ان جي ليکڪن جي ذهني تربيت ۽ شعور ۾ وڏي تبديلي آندي، جنهن جي نتيجي ۾ سنجيده اعليٰ معياري ادب جي تخليق جو رجحان نمايان طور ظاهر ٿيو. ان دَور کي سنڌي جديد ادب جي اوسر جو ”سونهري دَور“ چئجي ته بيجا نه ٿيندو، جنهن ۾ شيخ اياز جي شاعري پروان چڙهي ۽ جمال ابڙو بحيثيت هڪ ڪهاڻيڪار اڀريو. جيتوڻيڪ اسان وٽ تنقيدي ادب ايترو گهڻو ڪونهي، پر رسول بخش پليجي ۽ الهداد ٻوهيي جهڙا سٺا تنقيدنگار پيدا ڪيا. اُن ئي دور ۾ ڪيترن ئي ناميارن ليکڪن ۽ شاعرن جو فن وڌيو ۽ ويجهيو. اهوئي مهراڻ جو پيغام آهي، جنهن پنهنجن پڙهندڙن کي احساس ڏياريو ته پنهنجي مادري ٻوليءَ ۽ ان جي ڳالهائيندڙن جي خدمت ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪري سگهجي ٿي. مهراڻ جي انهيءَ مثبت جذبي اُن کي سنڌ جي رسالن جي پهرينءَ صف ۾ بيهاريو، جنهن ۾ موجوده ايڊيٽر نفيس احمد شيخ جو به هٿ آهي.

مهراڻ پنهنجن پڙهندڙن لاءِ هر قسم جي ادبي شهپارن مان ڪجهه نه ڪجهه پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ لوڪ ادب، ناٽڪ، ڪهاڻيون، ٻولي، لغت، شاعري، تاريخ، سوانح، تنقيدي ۽ تحقيقي مقالا شامل آهن. اهو سمورو مواد مهراڻ جي پنجاهه سالن واري عرصي ۾ شايع ٿيل پرچن ۾ موجود آهي. انهن مان ڪي پرچا هاڻ اڻلڀ آهن. هِت آمريڪا ۾ شڪاگو يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ 1955ع کان وٺي 2005ع تائين جا سمورا پرچا محفوظ آهن.

جيئن ته اسان وٽ سائنسي، فني ۽ فلسفيانه موضوعن تي ايترو گهڻو نه لکيو ويو آهي، انڪري مهراڻ جي اداري کي گذارش آهي ته هو ان طرف به ڪجهه ڌيان ڏئي ۽ انهن موضوعن تي مضمون ۽ مقالا هٿ ڪري شايع ڪري ته جيئن ان ڪميءَ جي ڪي قدر تلافي ٿي سگهي.

 - ناسف علي شيراز

(آمريڪا)

”مهراڻ“ جا  پنجاهه  سال

”مهراڻ“ هڪ ”مؤقر“ معتبر جريدو آهي ۽ لاڳيتو گذريل پنجاهه سالن کان شايع ٿي ادبي رسالن ۾ هڪ رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي. هند ۽ سنڌ جو شايد ئي ڪو ٻيو ادبي رسالو مهراڻ سان بر ميچي سگهيو هجي! ان لاءِ جس هجي سنڌي ادبي بورڊ کي ۽ آفرين آهي مهراڻ جي ادارتي ۽ اشاعتي عملي کي، جن جي ذوق و شوق، مسلسل محنت ۽ جاکوڙ، مهراڻ جهڙي علمي ۽ ادبي جريدي کي هن عظيم منزلت سان نوازيو آهي. مهراڻ صرف هڪ رسالو ئي نه بلڪ سنڌ ۽ سنڌي زبان جي هڪ نمايان تاريخ آهي. ڏکين حالتن ۾ به اڪيچار ادبي مسئلن کي مُنهن ڏيئي ”مهراڻ“ پنهنجو وجود برقرار رکي، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ محققن کي سنڌي زبان جي ترجمان ”مهراڻ“ سان ڪيترو نه اُنس ۽ عقيدت آهي. اڌ صديءَ جو ترجمان مهراڻ ان حقيقت جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌي زبان ۾ قائم ۽ دائم رهڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي.

”قوم زندهه ٿي رهي، پر جي زبان زندهه رهي!“

”سنڌ“ جي مهراڻ جيان ”سنڌيءَ“ جو مهراڻ به سدائين روان دوان رهندو ۽ ان ۾ شايع ٿيل بيشمار علمي ۽ ادبي مضمون، مقالا، تحقيقي جائزا، ڪهاڻيون ۽ شعر، ادب جو اهو عظيم ذخيرو آهي جيڪو ساهه سان سنڀالڻ اسان جو فرض آهي. ڪوشش ڪجي ته جيئن هن سرمايي کي سهيڙي، سموهي ايندڙ نسلن جي رهنمائي لاءِ الڳ الڳ ڪتابي صورتن ۾ شايع ڪرايو وڃي. ادبي بورڊ جهڙا عظيم ادارا اسان جي قومي سڃاڻپ جو اُهڃاڻ آهن. اُنهن کي معياري ۽ مقداري طور تي وڌيڪ اوڄ ڏيڻ لاءِ هڪ ٽيم ورڪ سان اجتماعي سوچ ۽ لوچ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ماڻهو ايندا رهندا ۽ ويندا رهندا آهن، مگر ادارا پنهنجن مضبوط بنيادن سان هميشه لاءِ قائم رهڻا آهن. دعا آهي ته شال سنڌ جي مهراڻ ۽ سنڌيءَ جي مهراڻ کي ڪڏهن ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسڻو پوي. آمين

- حميد ”شهيد“

(هالا نوان، سنڌ)

اڌ صديءَ تي ”مهراڻ“ جون موجون

سنڌي ادبي بورڊ جو قائم ٿيڻ سنڌ لاءِ عظيم ادبي تحفو ثابت ٿيو. بورڊ سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه، علامه آءِ.آءِ.قاضي، علامه دائودپوٽي ۽ ٻين ساڃهه وند شخصيتن جو خوبصورت خواب هو، جنهن جي ساڀيا لاءِ وڏي جاکوڙ ٿي. بورڊ جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو اڳتي هلي پير حسام الدين راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويي ۽ غلام محمد گرامي جهڙا مدبر بورڊ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري باقاعدي ”ادارو“ ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا ۽ سوين قيمتي ڪتاب ڇپيا ۽ تاريخ ۽ تحقيق تي تمام گهڻو مواد ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو.

پر سڀ وڌيڪ دل موهيندڙ عمل هو ”مهراڻ“ جو اجراء هي علم جو مهراڻ سڄيءَ سنڌ کي سيراب ڪرڻ لڳو ۽ سنڌي ماڻهن جي ذهنن کي زرخيز ڪرڻ جو مثال قائم  ڪيائين. اڳتي هلي ٻارن لاءِ ”گل ڦل“ ۽ عورتن لاءِ ”سرتيون“ رسالا به جاري ٿيا، پر مهراڻ جون موجون سڀني کان وڌيڪ لاڀائتيون ٿيون. سنڌي ادب، تاريخ، ٻولي ۽ لوڪ ادب تي تمام معياري مواد مهراڻ ۾ سهيڙي پڙهندڙن جي ذهنن جي آبياري ڪئي ويئي ۽ اهڙي رسالي کي سائين غلام محمد گرامي جهڙو سڄاڻ سرواڻ مليو، جنهن مهراڻ لاءِ رات ڏينهن خدمتون وقف ڪري ڇڏيون. ان طرح گرامي صاحب، جويي صاحب ۽ نفيس احمد ”ناشاد“ مهراڻ رسالي لاءِ زندگيون وقف ڪري ڇڏيون.

اسان به جيئن ادب ڏانهن رجوع ٿياسين ته ”مهراڻ“ رسالو پڙهڻ اسان جي ايمان ۾ شامل ٿي ويو، پر ان جي ابتدا هيئن ٿي: هاءِ اسڪول جهمپير ۾ 1968ع جي زماني ۾ ڪلاس اٺون پڙهندا هئاسين. هڪ ننڍڙي الماريءَ ۾ ڪجهه ڪتاب لئبرريءَ طور رکيل هئا. منهنجي محسن استاد فيض محمد ٽالپر لئبرريءَ جي چارج ورتي ته ڪجهه ڪتاب سهيڙي لسٽ ٺاهي ۽ شاگردن کي همٿايو ته لئبرريءَ مان ڪتاب وٺي پڙهو. مون پهريون ڪتاب کنيو ”مهراڻ“ رسالو. سڀ مزا هئا- ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون! منهنجو ڪتابن ڏانهن لاڙو ننڍي هوندي کان ئي هو، ويتر مهراڻ پڙهڻ فرض ٿي پيو ۽ اڄ تائين مهراڻ سان ناتو جڙيل آهي.

1976ع ڌاري گرامي صاحب جي لاڏاڻي بعد مهراڻ کي ڪجهه سال سائين امداد حسينيءَ جا هٿ نصيب ٿيا. نفيس احمد ناشاد ته اڳيئي مهراڻ سان سلهاڙيل آهي. ان جون سڄي عمر جون ڪاوشون مهراڻ لاءِ آهن.

مطلب ته ”مهراڻ“ رسالو صاف سٿرو ۽ هر خيال کان من موهيندڙ رسالو رهيو آهي. سنجيده مواد ۽ تحقيقي مقالا، جديد ڪهاڻيون، خاص ڪري شاعري ته بلڪل چونڊيل چپوٽيل ۽ وڻندڙ. وڏي ڳالهه ته پروفن جي ڪا غلطي نظر نه ايندي.

اڄ جڏهن ”مهراڻ“ جي گولڊن جُبليءَ جو موقعو آهي ته اڌ صديءَ ۾ هن ڀرپور دستاويز تي فخر کان ڳاٽ اوچو ٿي رهيو آهي.

مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته جهمپير جي ماڳن مڪانن ”هيم ڪوٽ“، ”جهم“، ”جهول ماڙي“ تي مضمون لکيا، جي مهراڻ ۾ ڇپيا. ڪا هڪ اڌ ڪهاڻي به مهراڻ ۾ ڇپي. ان طرح پاڻ کي خوشنصيب محسوس ڪيم.

اڄ آءٌ ادبي بورڊ جي سرواڻن ۽ سڀني ڪارڪنن کي کيرون ٿو ڏيان ۽ مهراڻ لاءِ نيڪ تمنائون ٿو آڇيان.

- رسول بخش درس

(جهمپير، سنڌ)

نوجوانن کي ادب جي ضرورت

سنڌي علم ادب جي گذريل پنجاهه سالن کان خدمت ڪندڙ ”مهراڻ“ پنهنجي گولڊن جُبلي ملهائڻ لاءِ حق بجانب آهي. پنهنجي خوشنما سرورق سان سينگاريل هن رسالي ۾ علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي، سائنسي ۽ جديد دَور جي علم کان سنڌ جي ساڃهه وندن کي هميشه لاڀ حاصل ٿيندو رهيو آهي. سنڌ جي نوجوان نسل کي اهڙي ادب جي ضرورت هميشه رهي آهي. مولانا غلام محمد گرامي پارا داناءُ هن رسالي کي سنواري ۽ سجائي ويا آهن، جيڪا روايت اڄ تائين قائم آهي ۽ انشاءَ الله سدائين قائم رهندي. رب سائين اداري کي سڀئي ڪاميابيون عطا ڪري.

- سرفراز راڄڙ

(کپرو، سنڌ)

”مهراڻ“ بابت  تاثر

سنڌي ادب جي اوسر ۾ مهراڻ جو نهايت غير معمولي ڪردار رهيو آهي. ’نثر‘ کان ’شاعريءَ‘ تائين مهراڻ جي چونڊ ۽ ايڊيٽنگ نهايت منفرد ۽ اعليٰ رهي آهي. پنهنجي محدود مطالعي ۾ هاڻوڪي دَور جا پرچا رهيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ مهراڻ جي معيار ۾ اضافو ٿيو آهي. نه صرف شاعري، پر نثر جي هر صنف ۾ به محنت ظاهر آهي. شاعريءَ جي چونڊ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

ٻوليءَ جي حوالي سان شاعريءَ ۾ ڪيل ايتري محنت مهراڻ کان سواءِ ڪٿي به نظر نه آئي آهي.

- حبدار سولنگي

 (ڳيريلو، سنڌ)

لفظ ڳالهائن ٿا

”مهراڻ“ سنڌ جو اهو رسالو آهي، جنهن جو معيار اڄ تائين ساڳيو رهيو آهي، جنهن خوبصورتيءَ سان ”مهراڻ“ جو سفر جاري ٿيو هو. انشاءُ الله تعاليٰ اڳتي هلي اڃا وڌيڪ پنهنجي خوبصورتيءَ ۾ ويتر رنگ ڀريندو. ”مهراڻ“ کي خوبصورت ۽ معياري بنائڻ ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جا هٿ رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته ”مهراڻ“ کان سواءِ سنڌ جو ٻيو ڪوبه اهڙو رسالو نه آهي، جنهن جو معيار مسلسل بهتر کان بهتر ٿيندو رهيو هجي. ”مهراڻ“ اهو رسالو آهي، جنهن جي ذريعي ڪيترن ئي ڪوين جون ڪوتائون امر ٿي چڪيون آهن: مهراڻ جي چونڊ بهتر کان بهتر رهي آهي، جنهنڪري مهراڻ جي پڙهندڙن جو حلقو وڌندو رهي ٿو. مهراڻ جنهن سٺائيءَ سان شاعرن جي همٿ افزائي ڪري رهيو آهي، ٻيو ڪو به اهڙو رسالو نه آهي جنهن ڪئي هجي. اسان جون نيڪ تمنائون مهراڻ جي سموري اسٽاف سان گڏ آهن ۽ اڃا وڌيڪ اميد ٿا رکون ته مهراڻ جي معيار کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهندي.

- ياسين چانڊيو

(ڳيريلو، سنڌ)

”مهراڻ“  ۽  منهنجي  سِکيا

ڪوبه ليکڪ پنهنجين لکڻين کي تيسين نٿو سنواري سگهي، جيسين پنهنجي لکڻين کي سمجهڻ جو پاڻ ۾ ست نٿو ساري. تخليق کي تخليقڪار جو اولاد سڏيو ويو آهي، ۽ اولاد ڪؤڙو ناهي هوندو. لکڻين کي بهتر سمجهڻ لاءِ ڪو وسيلو هئڻ لازمي آهي. هونئن هر لکندڙ پاڻ کي پرفيڪٽ سمجهي ڪنهن مخزن، اخبار ۾ ڇپجي ويو، دوستن واهه واهه ڪئي ته هو به پاڻ کي ليکڪ سمجهڻ لڳو- پر هڪ ليکڪ تي گهڻي ذميواري آهي ۽ اُها هن کي ٻوليءَ، ادب، ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ ڌرتيءَ سرتيءَ ڏانهن پنهنجي فرض سڃاڻڻ سان ئي نڀائي سگهجي ٿي. مون 1997ع کان لکڻ شروع ڪيو. منهنجي شاعري رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي، دوستن وٽان داد به مليو، پر اندر جو بيچين ڪوي مطمئن نه ٿيو. مطالعي دوران ڪيترن شاعرن جون  اَڇهيون سٽون پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺنديون هيون. ائين مهراڻ ڏٺم ۽ پڙهيم. تخليق ۽ تحقيق جي ڏس ۾ مهراڻ نيارو لڳو، ان ۾ پنهنجون لکڻيون موڪلڻ لڳس. مهراڻ ۾ ڇپجڻ جو چاهه وڌندو رهيو. ”تنهنجي وائي مهراڻ ۾ ڇپي آهي،“ هڪ دوست چيو. ويساهه نه آيو، پر هن وائيءَ جون سٽون ٻڌايون. پوءِ ته لوهه پاتم ۽ ڪتاب- گهر تان مهراڻ ورتم. مهراڻ 3- 2000ع جو پرچو هو، ائين مهراڻ ۾ ڇپجڻ لڳس.

- ابرار ابڙو     

(ڳيريلو، سنڌ)

”مهراڻ“- معياري اشاعت

مهراڻ سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واحد رسالو آهي، جنهن نه رڳو لاڳيتي اشاعت جا 50 سال پورا ڪيا آهن پر ان جي معيار ۾ پڻ وقت ۽ حالتن موجب نواڻ ايندي رهي آهي. ان جي باوجود هن پرچي پنهنجي پهرئين ڏينهن کان وٺي جيڪو تخليق ۽ تحقيق جي واڌ ويجهه وارو بنيادي ڪم هٿ ۾ کنيو هو، ان تي اڄ به عمل پيرا آهي.

مهراڻ جو پهريون پرچو (آڳاٽو- پهريون دَور) جنوري 1946ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو ”مهراڻ“ نالي معياري پرچي نڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪندڙ ليک ”ادبي سنگت“ پڻ ڏنو ويو. اهو سنڌ ۾ افراتفريءَ وارو دَور هو، انڪري مهراڻ جي معياري ٿي نڪرڻ جي خواهش ڪندي واضح ڪيو ويو هو ته، اهڙو رسالو ”مهراڻ“ جا باني مباني مرڪزي ادبي بورڊ جا عضوا ۽ سنڌ جا ٻيا اديب هندو توڙي مسلمان گڏجي هڪ اهڙي ادبي منڊلي بنائين، جنهن جي طرف ٻيائيءَ جي بوءِ به نه هجي. ۽ جي وصال جا ورق واري ۽ وڇوڙي جا وَڍَ وڃائي، سنڌي ساهت کي معياري صورت ڏين، پختگي ۽ پايندگي بخشين.

اڄ ان ڳالهه کي ڄڻ زمانو گذري چڪو آهي، پر مهراڻ جي اهڙي معياري ۽ صحتمند مواد جي اشاعت واري ڪم ۾ ڪائي ڪمي نه آئي آهي. اها ڳالهه اسان سنڌ وارن لاءِ فخر جو باعث آهي. شال ايندڙ وقت ۾ به اسان جو هي معياري رسالو وڏي آب و تاب سان نڪرندو آهي.

- آزاد قاضي

(ڄام شورو، سنڌ)

سُندر ڦول ٻه ٽي

نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ۽ ادبي رسالي ”مهراڻ“ جو گولڊن جُبلي نمبر شايع ٿي رهيو آهي. منهنجي لائبرريءَ جي ٿورڙن ڪتابن ۾ مهراڻ جا نوان توڙي پراڻا، لڳ ڀڳ 60 کن رسالا موجود آهن. سڀ کان پراڻو پرچو 1956ع جو آهي. باقي ڪو رسالو هڪڙي ڪنهن سال جو آهي ته ڪو ٻئي ڪنهن سال جو.

مهراڻ هند ۽ سنڌ جي چونڊ شاعري پڙهڻ لاءِ پيش ڪئي آهي. مهراڻ جا پراڻا پرچا اٿلائينداسين ته اسان کي انهن مان روح پرور ادب پڙهڻ لاءِ ملندو، جنهن ۾ شاعريءَ وارو ڀاڱو اڃا به پنهنجي جوت جرڪايو بيٺو آهي.

اسين اميد ٿا ڪريون ته گولڊن جُبلي نمبر کان پوءِ انشاءَ الله ”مهراڻ“ پنهنجي پلاٽينيم جُبلي به ملهائيندو، ڇو جو زندهه قومون پنهنجي ادبي ۽ علمي ورثي کي مسلسل زندهه رکنديون آهن.

- استاد لغاري

(کپرو، سنڌ)

اسان جو پنهنجو رسالو

سنڌي ٻوليءَ ۾ هونئن ته ڪيترائي رسالا ڇپجي رهيا آهن، پر مهراڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اهو واحد رسالو آهي، جيڪو لاڳيتو ادب پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو رهيو آهي. ان جو وڏو سبب منهنجي نظر ۾ اهو آهي ته مهراڻ لاڳيتو شايع ٿيندو رهيو آهي ۽ ان جي ڇپائيءَ ۾ ڪوبه وقفو نه آيو آهي. تنهن کان سواءِ هن رسالي هر دَور ۾ پڙهندڙن کي معياري ادب پئي ڏنو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو هر اديب، شاعر، عالم ۽ عام پڙهندڙ ان کي پنهنجو رسالو سمجهي ٿو. مهراڻ جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته ان جي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو نئين پرچي جي مارڪيٽ ۾ اچڻ جو انتظار ڪندو آهي. ان رسالي سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي نوان شاعر، اديب ۽ پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. مهراڻ جي ”گولڊن جُبلي نمبر“ جي اشاعت تي، هرهڪ ڪارڪن، جيڪو ان جي اشاعت سان سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح تعلق رکي ٿو، مبارڪن جو مستحق آهي. خاص طور تي ادارتي شعبو، جنهن جي ڪاوشن سان مهراڻ اسان جي هٿن تائين پهچي ٿو. منهنجي دُعا آهي ته مهراڻ ائين ئي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي ڏس ۾ پنهنجو اعليٰ ڪردار ادا ڪندو رهي. آمين.

پروفيسر سليم سهتو

(پيٽاڙو، سنڌ)

”مهراڻ“- هڪ علمي قوت!

منهنجو ”مهراڻ“ سان لاڳاپو عزيز دوست مسٽر ناشاد جي حوالي سان سَٺ واري ڏهاڪي جي وچ واري عرصي کان پئي رهيو آهي، جڏهن اُهو حيدرآباد جي قاضي عبدالقيوم روڊ تي واقع ”امين منزل“ مان شايع ٿيندو هو. انهيءَ تعلق منهنجي ڪچڙي وهيءَ واري دماغ ۾ ادب ۽ شاعريءَ لاءِ چاهه وارو ٻج پوکيو. (ان وقت منهنجي عمر 14 يا 15 سال کن هئي). انهيءَ ساٿ مون کي اديبن ۽ گهڻ- پڙهيل ماڻهن کي مان ڏيڻ پڻ سيکاريو. مون انهيءَ ئي دَور ۾ ڪتابن مان سڪون وٺڻ پڻ سکيو ۽ ان شروعات موجب مان اڄ سوڌو پنهنجي پختي عمر ۾ مطالعي جي خوشي ماڻيندو رهيو آهيان.

”مهراڻ“ سچ ته هڪ عظيم ڪم ڪيو آهي. ان مخزن سنڌي ادب کي قائم رکيو آهي ۽ هي رسالو لکن ماڻهن جي ذهني اوسر جو ذريعو پڻ رهيو آهي. مهراڻ ڪيترا ئي لاها چاڙها به ڏٺا آهن، پر آخرڪار اُنهن مان ڪاميابيءَ سان پار پئي پيو آهي ۽ هن وقت اسان سڀني لاءِ هڪ علمي قوت جو موثر وسيلو آهي. مان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي مهراڻ جو مستقل خريدار پڙهندڙ رهيو آهيان ۽ جڏهن به انهيءَ جو تازو پرچو پهچندو آهي ته گهڻي خوشي رسندي اٿم.

هتي مان اها صلاح ڏيڻ چاهيندس ته سنڌ جا جهونا ماڻهو پنهنجون ساروڻيون سهيڙي تسلسل سان ”مهراڻ“ ۾ لکن. ”مهراڻ“ جي ڪجهه پرچن ۾ اهڙيون يادگيريون پڙهڻ لاءِ ملنديون به آهن، پر ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته انهيءَ موضوع ۽ سلسلي کي مستقل ڪيو وڃي.

- امتياز قاضي

 چيف سيڪريٽري- اُتريان علائقا

(گلگت)

اصل خراج تحسين ليکڪن کي

سنڌ، سنڌي ادب، سنڌي ٻولي توڙي ٻين شعبن سان لاڳاپيل مختلف رسالا حالتن پٽاندر ذاتي ڪوششن يا ڪجهه ادارن وقت به وقت ڇپيا، پر انهن مان ڪجهه ته حالتن جي نذر ٿي ويا ته ڪجهه وري پنهنجي ڪشش وڃائي ويٺا.

 ”مهراڻ“ سنڌي ادب جي آسمان تي هڪ روشن سج وانگر پنهنجي اٿاهه نور سان سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي علمي ۽ ادبي اُڃ اجهائيندو رهي ٿو.

ماڻهن جيان ڪتابن جا به مزاج ٿين ٿا ۽ ”مهراڻ“ لاءِ جڏهن مان سوچيندو آهيان تڏهن ٿاڻي بولا خان جي ڏورانهين علائقي ”تونگ“ جو اُهو چشمو اکين اڳيان تري ايندو آهي، جيڪو سال جا ٻارنهن ئي مهينا، ڏينهن ۽ راتيون، وَهندو ئي رهندو آهي.

سنڌي ٻولي لساني معيارن جي لحاظ کان دنيا جي ڪامل مڪمل ٻولين مان هڪ آهي، پر اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پندي ته ڪجهه تاريخي حقيقتن، ٻين ٻولين جي اثراندازي ۽ ڪن ٻين معروضي سببن جي ڪري اُن ۾ جديد مواد جي ازحد کوٽ آهي. هن تيز رفتار جديد ۽ ”معلومات“ (انفارميشن) جي ڌماڪه خيز دَور ۾ هڪ Vibrant ۽ ڊائنامڪ ٻولي، جيڪا همعصر زندگيءَ جي هر شعبي جي کوٽ پوري ڪري، اُن جي ضرورت آهي. ان پسمنظر ۾ اهو وري به اُميد سان چئي سگهجي ٿو ته مهراڻ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي محاذ کي خاطر خواهه انداز سان سنڀالي رکيو آهي.

پنجاهه سالن جي لاڳيتي اشاعت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ اڃا سکڻي ناهي ٿي، هي گولڊن جُبليءَ تائين جو سفر يقيناً مشڪلن کان خالي نه هوندو پر اصل خراج تحسين سنڌ جي انهن سڀني مانائتن ۽ اخلاصمند ليکڪن ۽ اديبن سان گڏ انتظامي طور لاڳاپيل شخصيتن کي، جن وقت بوقت مشڪلاتن سان مقابلو ڪري، مهراڻ کي جاري رکڻ جو سعيو ڪيو، آءٌ هن موقعي تي مسٽر ”ناشاد“ جي مسلسل جدوجهد، انڪساري ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان.

- ميان شفيق احمد مهيسر

(حيدرآباد، سنڌ)

گُل جي سُرهاڻ

اها خبر گل جي سرهاڻ وانگر آهي ته ”مهراڻ“ جو پرچو گولڊن جُبلي نمبر شايع ٿي رهيو آهي. مهراڻ جو هونئن به هڪ مٿانهون معيار رهيو آهي سو به آڳاٽي زماني کان، اها هڪ سٺي ڪوشش چئجي ته سنڌي ادبي بورڊ جي پاران اهڙو ساراهه جوڳوقدم کنيو پيو وڃي.

- انجنيئر پرڪاش ڪمار

(شهدادڪوٽ، سنڌ)

 ”مهراڻ“- ادب جي کاڻ

سنڌ جي عظيم ۽ جڳ مشهور اداري سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو ”مهراڻ“ پنهنجي معيار ۾ تمام گهڻو مشهور رهيو آهي. هن رسالي جو هر پرچو علم ۽ ادب جي کاڻ آهي، جنهن ۾ تحقيقي ادب، ڪهاڻيون، شاعري ۽ ٻين موضوعن تي مواد سهڻي نموني سان پيش ڪيو وڃي ٿو جيڪو سنڌ جي ساک ۽ سونهن کي هميشه اجاگر ڪندو رهيو آهي. هن رسالي ۾ سنڌي علم ۽ ادب جي ماهرن جا جيڪي مقالا ۽ مضمون شايع ڪيا وڃن ٿا، اهي اسان جي شاگردن کي ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي جي تيارين دوران رفرنس طور ڪم ايندا رهن ٿا. لاشڪ اسان جا سنڌي اديب، شاعر، مقالانگار ڀرپور ۽ سهڻي نموني ۾ پنهنجون لکڻيون پيش ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏياري رهيا آهن. هي رسالو ڪيترن ئي ناياب ادبي گلن جو ڄڻ گلدستو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي سرهاڻ بخشي ٿو ۽ هن رسالي سان سنڌي ٻولي ۽ قومي ورثي بابت ڄاڻ ملندي رهي ٿي. منهنجي دعا آهي ته هيءُ رسالو هميشه قائم ۽ دائم رهي.

- ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

(ڄام شورو، سنڌ)

اڌ صديءَ جو روشن سفر

مهراڻ هڪ ادبي ۽ تحقيقي رسالو آهي. گولڊن جُبليءَ جي حوالي سان، مهراڻ پنهنجي اشاعت جا پنجاهه سال پورا ڪري رهيو آهي، يعني پوري ”اَڌ صدي!“ پوئتي نظر ڪجي ٿي ته ڪيتريون ئي ڏياٽيون روشن نظر اچن ٿيون، جن جي سُهائيءَ ۾ مهراڻ پنهنجو ڊگهو رستو طئي ڪيو آهي. مختلف دورن ۾، وقتي لاهن چاڙهن، مهراڻ جي معيار ۽ غيرجانبدارانه پاليسين کي متاثر ڪيو، پر انتظاميا کان وٺي ليکڪن ۽ پڙهندڙن، مجموعي طرح سان رسالي جي معيار کي بهرحال قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. مهراڻ قومي رسالو آهي ۽ پنهنجي مڃيل حيثيت ۽ معيار کي برقرار رکندو ٿو اچي، مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ۽ مهراڻ جو ”مرزا قليچ بيگ نمبر“ اُن جا خاص طرح بهترين مثال آهن. اهڙا ٻيا به مثال ڏئي سگهجن ٿا. مهراڻ تحقيقي ڪم ۽ تخليق جي لڪل گوشن کي نروار ڪندي ادبي، علمي ۽ تنقيدي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ ڀرپور نموني ۾ ڪيو آهي.  منهنجيءَ نظر ۾ مهراڻ پنهنجو هڪ حلقو پيدا ڪيو آهي. علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ ۽ عام پڙهندڙ کان وٺي هڪ استاد ۽ شاگرد تائين، هر هڪ جي دلچسپي مهراڻ سان آهي ۽ هڪ رشتو قائم ٿيو آهي. منتظمين جي محنت ۽ ڪاوشن کي وساري نٿو سگهجي. هن خوشيءَ واري تاريخي موقعي تي، ايڊيٽر صاحبان ۽ بورڊ جي ڪارڪنن کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، جن جي سرڪردگيءَ ۾ مهراڻ ”گولڊن جُبلي نمبر“ پڌرو ٿيندو.                    

- ڊاڪٽر تهمينه مفتي

(ڄام شورو، سنڌ)

”مهراڻ“- نون ليکڪن لاءِ مڃتا

سنڌي ادبي بورڊ جن ڪاوشن جي ڪري کوڙ سارين مبارڪن جو مستحق بنجي ٿو، انهن منجهان هڪ اهم ڪاوش علمي ۽ ادبي رسالو ”مهراڻ“ به آهي، جنهن جو ”گولڊن جُبلي نمبر“ شايع ٿي رهيو آهي. ”مهراڻ“ جا اڳ به ڪيترائي پرچا، جيڪي خاص نمبرن جي حوالي سان شايع ٿي چڪا آهن، اُنهن کي سنڌي ساهت ۾ اهم مقام مليل آهي، جهڙوڪ: ”شاعر نمبر“، ”فهرست نمبر“، ”سنڌي ادب سيمينار نمبر“، ”مقالا نمبر“، ”رني ڪوٽ نمبر“ وغيره.

خاص نمبرن کان علاوه مهراڻ جا سالانه دستوري پرچا (بهار، اونهارو، سرءُ ۽ سيارو) به سنڌي علم ۽ ادب ۾ هڪ ضخيم دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. هنن پرچن کي به جنهن وڻندڙ انداز ۾ پڌرو ڪيو وڃي ٿو، تنهن لاءِ هن رسالي لاءِ جاکوڙيندڙ ”مهراڻ سٿ“ کيرون لهڻي. هن انڊلٺي رسالي ۾ پيش ڪيل لڳ ڀڳ سمورو مواد، پوءِ اُهو تاريخي هجي يا تحقيقي، تخليقي هجي يا علمي، نهايت ئي واکاڻ جوڳو هوندو آهي. ”ٽِه- ماهي مهراڻ“ ڪيترن ئي نون ليکڪن کي نه رڳو روشناس ڪرايو آهي پر کين جوڳي مڃتا ڏيارڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اُن حوالي سان ”مهراڻ“ جو ڪردار سنڌي ادب ۾ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. دُعا آهي ته خدا تعاليٰ ”مهراڻ“ کي بدنظر کان بچائي. آمين                  

- پروفيسر مير عبدالرسول ”مير“

(نوابشاهه، سنڌ)

”مهراڻ“ چوان يا مهراڻ جي موج چوان

مهراڻ جون پنجاهه ساله موجون سنڌ واسين جي دلين کي بهاريون ۽ روح کي راحتون ڏينديون رهيون. مهراڻ سنڌ جي تاريخ جو اهو دستاويز آهي جيڪو هر ڪتبخاني لاءِ ضروري ۽ هر ادب جي ذوق رکندڙ لاءِ رهنمائي ڪندڙ آهي. تحقيق جو ميدان هجي، يا ڪهاڻيون ۽ قصا هجن يا وري شعرو شاعريءَ جا ڀاڱا، جنهن به پرچي جي ورق گرداني ڪجي ٿي ته ادبي گل و گلزاريون ملن ٿيون.

هن پنجاهه ساله خزاني مان جيڪڏهن سوانح نمبر، ڪهاڻي نمبر، تحقيق نمبر، شاعري نمبر وغيره جي عنوانن هيٺ مختلف ضخيم جلد تيار ڪجن، جيئن گذريل پنجاهه سالن جون ڪوششون الڳ الڳ جلدن ۾ نروار ٿين ته جيڪر سنڌي ادب جي ”قيمتي وٿ“ ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ٿي وڃي. ڇو جو انهيءَ رسالي ۾ ڇپجندڙ مواد اڪثر اهڙن قلمڪارن جو آهي جن پنهنجون عمريون ادب جي ڪنهن نه ڪنهن صنف لاءِ مخصوص ڪيون آهن. هنن جي تخليق ۾ سنڌ جي هر وسنديءَ جو واس آهي. اهوئي سبب آهي جو مهراڻ جي جملي جلدن کي ”سنڌي ادب جي جامع ۽ مڪمل تاريخ“ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

عام طرح سان ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن به ناٽڪ ۾ ڪم ڪندڙن ويس ڌارين جو نالو زبان عام ٿيو وڃي پر ان جي تخليق ۽ اهتمام ڪندڙ ڊائريڪٽر ۽ هدايتڪار غير معروف شخصيت ئي رهجيو وڃي. هن رسالي جو پبلشر، مرتب، ايڊيٽر، ڪمپوزرس ۽ فني عملي جا ڪارڪن به يقيناً ساڳي مبارڪ جا مستحق آهن، جن جي مخلصانه پورهئي سان هي علمي ڪم خوبصورت انداز ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندو رهي ٿو.

- مخدوم سليم الله صديقي

(حيدرآباد، سنڌ)

 

”مهراڻ“- سگهارا ادبي لاڙا

”مهراڻ“ منهنجي لاءِ سدائين اُتساهه جو سبب رهيو آهي ۽ مهراڻ جي شايع ٿيڻ جو اوسيئڙو ائين ڪندو آهيان، جيئن ڪنهن محبوب دوست جي خط جو.

مهراڻ جي پنجاهه سالن جي تاريخ، جديد سنڌي ادب جي تاريخ آهي ۽ مهراڻ جو ڪردار سنڌي ادب کي سگهارن ۽ هاڪارن لاڙن ڏيڻ وارو رهيو آهي ۽ مهراڻ جا پنجاهه سال ڪيڏا نه اُتساهه ڀريا آهن. منهنجي دعا آهي ته ”مهراڻ“ ڪئين اهڙيون گولڊن جُبليون ملهائي.

- يوسف سنڌي

 (دڙو، سنڌ)

”مهراڻ“-  هيرن کاڻ

سڀ کان اول مهراڻ سٿ جي سڀني ساٿين کي ”گولڊن جُبلي نمبر“ تيار ڪرڻ لاءِ دل جي گهراين سان لک لک مبارڪون. مهراڻ گذريل اڌ صديءَ کان وٺي سنڌي ٻولي، تهذيب و تمدن ۽ ادب و  ثقافت جي هڪ بيباڪ ۽ نمايان نقيب جي حيثيت سان پنهنجو شاندار علمي ڪردار نڀائيندو اچي.

مهراڻ جڏهن پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو، تڏهن اُپکنڊ جي ادبي ۽ ثقافتي اُفق تي انيڪ معروف علمي جريدن ۽ مخزنن جو دٻدٻو ۽ عروج هو ۽ انهن جي تناظر ۾ مهراڻ پنهنجي مثالي نصب العين جو هدف مقرر ڪيو- اهو هدف هو: ”سنڌ دوستي ۽ سنڌ شناسي“. برسبيل تذڪره، جن ادبي رسالن جو ننڍي کنڊ ۾ علمي آبياريءَ جي حوالي سان گهڻو ذڪر اذڪار هو، اُهي هيا: ”معارف“ (اعظم ڳڙهه)، ”جامعه“ (دهلي)، ”ادب“ (لکنو)، ”زمانه“ (ڪانپور)، ”سهيل“ (عليڳڙهه)، ”شاعر“ (آگره)، ”فاران“ (بجنور)، ”ساقي“ (دهلي)، ”بيسوين صدي“ (دهلي)، ”شمع“ (دهلي)، ”ڪليم“ (دهلي)، ”رومان“ (لاهور)، ”همايون“ (لاهور)، ”نيرنگ خيال“ (لاهور)، ”ادبي دنيا“ (لاهور)، ”ادب لطيف“ (لاهور) ۽ ”شاهڪار“ (لاهور).

1955ع ۾ مهراڻ پنهنجي ”انسان دوست، ترقي پسند ۽ روشن خيال“ نظريي، دلڪش سٽاءُ، جاندار مواد، ديده زيب طباعت ۽ وڻندڙ ضخامت سان اشاعت پذير ٿي پنهنجن سمورن همعصر اردو، سنڌي ۽ انگريزي جريدن ۾ هڪ ”منفرد“ حيثيت ماڻي ورتي، ڄڻ آسمان ادب تي آفتاب عالم تاب ٿي اُڀريو! اُن جي صفحن تي علم ادب ۽ تحقيق جي اُها پالوٽ ٿي جيڪا عديم المثال هئي ۽ عهدِ جديد جا تقريباً سمورا لاڳاپيل ضروري ۽ گهربل موضوع اچي ٿي ويا. عالمي ادب ۽ جديد تحقيق و تنقيد کان وٺي لطيفيات، اساسي شاعري، ڊراما ۽ ناٽڪ، نئون سنڌي افسانو ۽ مضمون نگاري، فلسفو، آثار قديمه ۽ سوشل انٿراپولاجي، علم موسيقي ۽ لوڪ ادب- مطلب ته ”سنڌ شناسيءَ“ جي حوالي سان مهراڻ هڪ مستند حوالي ۽ دستاويز جي صورت ۾ ادب جي دنيا ۾ پنهنجو مانوارو مقام برقرار رکندي ۽ اُن ۾ لاڳيتو واڌارو ڪندي، خير سان پنجاهه سالن جو هڪ پڪو پختو ۽ ثابت قدم  بنجي، پنهنجن همعصر سمورن سنڌي رسالن واري قافلي جو ”ميرڪاروان“ بڻجي چڪو آهي. اُن تي علمي دنيا سان گڏ عام پڙهندڙن کي به بجا طور تي ناز آهي ۽ هئڻ به گهرجي. اسان جو مهان ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۽ مرحوم غلام محمد گرامي ماضيءَ ۾ هن مخزن جا سچا سورهيه سرواڻ رهيا آهن ۽ ٻنهي پنهنجي اَٿاهه علم، عميق مطالعي ۽ شعور سان مهراڻ جا بنياد پختا ڪري ان کي اهڙي شاندار منزل تي پهچايو، جو مهراڻ ادبي لحاظ کان ”هيرن کاڻ“ آهي.

- گل محمد عمراڻي

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- اڌ صديءَ  جو  ذخيرو

مهراڻ جي گولڊن جُبلي نمبر جي اشاعت جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. مهراڻ لاءِ مان فقط ايترو چوندس ته هن رسالي اديبن ۽ شاعرن جا نسل تيار ڪيا آهن ۽ وڏو ادبي ذخيرو اُن جي جلدن ۾ موجود آهي، جيڪو اڌ صديءَ جي ادبي مواد تي مشتمل آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي کپي ته ان مواد کي موضوعاتي ترتيب ڏياري ڪتابن جي شڪل ۾ شايع ڪرائي. مهراڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سڃاڻپ آهي. ان جا سالناما به تيار ڪرايا وڃن ۽ ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي محفوظ ڪيا وڃن.                                 

- آغا نورمحمد پٺاڻ

(ڪراچي، سنڌ)

”مهراڻ“- اَملهه ميراث

ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ جي ”گولڊن جُبلي نمبر“ جي اشاعت تي آءٌ دل جي گهراين سان توهان کي مبارڪباد پيش ٿو ڪريان. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ انتهائي شاندار ۽ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي جيتري به ساراهه ڪجي، گهٽ آهي.

تخليق، تحقيق، تاريخ، لسانيات، شخصيات، لطيفيات، آثار قديمه، ثقافت- مطلب ته اهڙو ڪوبه موضوع نه آهي، جنهن تي ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ ۾ معياري مواد موجود نه هجي. سچ ته اهو آهي ته ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان هڪ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ انتهائي اَملهه ميراث جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي.

مون کي اميد آهي ته ٽِه-ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ، هر مڪتبهِّ فڪر جي اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ عالمن جي سهڪار سان، پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندو رهندو“ سنڌ ۾ علم جو نور پکيڙيندو رهندو.

- پروفيسر عبدالعزيز مهراڻوي

        (ڄام شورو، سنڌ)

”مهراڻ“- سنڌي ادب ۾ نئين سجاڳيءَ جو نقيب

 ”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ ”نئين سجاڳيءَ جي تحريڪ“ جو نقيب آهي. ورهاڱي بعد سنڌي سماج کي عام طور ۽ سنڌي علم ادب کي خاص طور جيڪي ڪجهه وڃائڻو پيو، ”مهراڻ“ جو اجرا ِّ  ۽ ان پاران سنڌي علم ادب جي هرهڪ شعبي جي ترقيءَ ۽ تحفظ لاءِ ادا ڪيل بي مثال ۽ صحيح معنيٰ ۾ نتيجه خيز ڪردار ان جي ازالي جي هڪ ڀرپور ڪوشش ثابت ٿيو. جيتوڻيڪ تحقيقي حوالي سان به مهراڻ اهڙو پرچو آهي جنهن جي ڪنهن به ٻئي رسالي سان ڀيٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ته ممڪن ئي نه آهي، پر جيڪڏهن تخليقي ادب جي ڏس ۾ مهراڻ جي ڪردار تي نظر وجهجي ته اوس حيرت ۽ تعجب ئي پلئه پوندو، جو ان جي بدولت ئي سنڌي ادب هڪ مڪمل نئين، جديد، غير روايتي، روشن خيال، ترقي پسند ۽ فڪري طور انتهائي سگهاري ادبي دور سان آشنا ٿي سگهيو. مهراڻ بولچند وسومل راجپال پاران جاري ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي پهرئين جديد ادبي پرچي ”سنڌوءَ“ کان اڳتي جو قدم هيو، جنهن پنهنجي همعصر دور جي فڪر، احساسن، ويچارن، کوجنا ۽ تخليقي  رياضتن  کي سهيڙڻ ۽ منجهن هڪ مرڪزيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏ ايندڙ دور جي ادبي پرچن لاءِ به هڪڙا نوان ۽ مضبوط بنياد وڌا. ٻوليءَ کان وٺي ثقافت، قديم آثارن، تاريخ، تهذيب ۽ پنهنجي ملهائتي ورثي کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ محفوظ بڻائڻ کان علاوه مهراڻ هڪ ڳڻڻ جهڙو ڪم اهو ڪيو، ته ان سموري ڪم پٺيان چند بنيادي مقصد رکيا ۽ اهي ”چند“ بنيادي مقصد دراصل هڪ ئي مقصد جي تڪميل ڪري رهيا هئا، يعني ”پنهنجي هجڻ جي احساس کي مضبوط ۽ سگهارو بڻائڻ ۽ پنهنجي مثبت ۽ تاريخي شناخت لاءِ نئين کان نوان دليل ۽ ثبوت هٿ ڪرڻ.” ان سلسلي ۾ سنڌ جي سمورين اهم ۽ وطن دوست ادبي شخصيتن مهراڻ جي سفر کي سڦل ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ جيڪو غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو، تنهن کي سنڌ جي علمي ادبي تاريخ ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي.

هڪ اهڙي دور ۾، جڏهن ادبي پرچا زوال جو شڪار آهن ۽ انهن وٽ پنهنجي مسلسل جاري رهڻ لاءِ ڪوبه دليل مشڪل سان ئي بچيو هجي، تڏهن به مهراڻ جي اهميت ۽ افاديت ۾ ذري برابر به گهٽتائي نه آئي آهي. مهراڻ کان سواءِ باقي سرڪاري رسالا ته ڪڏهوڪو پنهنجي نڪرڻ جو جواز وڃائي چڪا آهن، پر جيڪڏهن نجي ۽ غير سرڪاري رسالن جو به تقابلي جائزو وٺجي ٿو، ته انهن کي ”علمي“ يا ”ادبي“ سڏڻ کان پهرين سَو ڀيرا سوچڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ انهن رسالن ۾ شايع ٿيندڙ لکڻين کي به ”علم“ يا ”ادب“ مڃڻو پوندو ۽ جيڪڏهن اهو سڀڪجهه علم ادب آهي، ته پوءِ بدقسمتي ڇا ٿيندي آهي؟

ڪنهن به ادبي يا علمي رسالي جو نيٺ به بنيادي ڪم ۽ فرض ڇا ٿو ٿئي، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن کي اڄ جي دَور ۾ انڪري به بحث هيٺ اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اڄ مهراڻ کي پنجاهه سال پورا ٿي چڪا آهن. هڪ اهڙو پرچو، جنهن پنجاهه سال پنهنجي ٻوليءَ جي ترقي، بهتري ۽ اوسر ۾ سڀ کان اڳرو ڪردار ادا ڪيو هجي، ان جي گولڊن جُبلي کان وڌيڪ بهتر موقعو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، ته اسان ان جي حاصلاتن ۽ پنهنجي سماج تي ان جي پيل اثرن سان گڏ پنهنجي دور ۾ نڪرندڙ همعصر رسالن جي معيار، مواد جي چونڊ، انهن جي نڪرڻ پٺيان نيتن ۽ مقصدن تي به ذميوارانه نگاهه وجهون. بدقسمتيءَ سان ادب جي نالي ۾ تضحيڪ آميز مواد، غيرتخليقي ۽ بي مقصد شعرن جا ڍير ۽ اوٽ پٽانگ تحريرون آڇيندڙ شمارا ايترا وڌي ويا آهن، جو هڪ گهُٽ ۽ ٻوسٽ ۽ اونده جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. پڙهيا لکيا، ٻوليءَ، گرامر ۽ ايڊيٽنگ جي فن ۾ مهارت رکندڙ معامله فهم ايڊيٽر ناپيد ٿيندا پيا وڃن، جيڪي ٻوليءَ جي بگاڙ سميت تحقيق توڙي تخليق جي نالي ۾ ٿيندڙ ڏاڍ مڙسي ۽ سينا زوريءَ واري ناسور جي روڪٿام ڪري سگهن. نتيجي ۾ سرقي نويسي، خيالن کان تحقيقي نتيجن تائين جي چوري هڪ ”معمول“ ٿيندو پيو وڃي. مهراڻ هڪ اهڙو شاندار شمارو آهي، جنهن اهڙي قسم جي بيمار روين کي سخت ناپسند ڪندي، اُنهن آڏو بَند ٻڌڻ ۾ وضعدار ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. ان ۾ محمد ابراهيم جويي کان وٺي امداد حسينيءَ ۽ غلام محمد گراميءَ کان وٺي شمشيرالحيدريءَ ۽ نفيس احمد ناشاد جهڙن ڄاڻو ايڊيٽرن جي صلاحيتن ۽ پنهنجن فرضن سان همـ* وقت لڳاءُ جو به وڏو عمل دخل آهي، جو ڪوبه رسالو ان جي ايڊيٽر جي ذهن ۽ اندر جو آئينو ٿيندو آهي. تنهنڪري مهراڻ جي صاف شفاف ۽ سنجيده ڪردار ۾ مختلف وقتن تي ان جي ايڊيٽر رهڻ جو شرف حاصل ڪندڙ شخصيتن جي والهانه ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي کي هن موقعي تي ياد نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي.

- اسحاق سميجو

(ڄام شورو، سنڌ)

سنڌي ادب جي مستقل حفاظت

مهراڻ پنهنجي پنجاهه ورهين جي معياري اشاعت سان سنڌي ادب جي حفاظت خاطر ڄڻ هڪ پروقار ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو قلعو تعمير ڪري ورتو آهي، ۽ هاڻي اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ جو پورو پورو اطمينان آهي.

مهراڻ رسالي بابت مون کي پنهنجي ننڍپڻ جون نهايت والهانه يادگيريون ان طرح آهن، جو پيڪنگ توڙي هانگ ڪانگ ۾ رهائش دوران بابا پير علي محمد راشدي وٽ جڏهن به ادبي بورڊ مان مهراڻ جي ڪاپي ايندي هئي ته بابا اُن جي تعريف مان ٿڪبو ئي ڪونه هو ۽ اهڙي قيمتي ۽ ساراهه جوڳي مخزن لاءِ بابا جي واتان اُڪيرون ٻڌي منهنجي دل ۾ مهراڻ لاءِ احترام پيدا ٿيو، توڙي جو آءٌ اُن وقت سنڌي ٻولي پڙهي نه سگهندو هوس. وري جڏهن ملڪ موٽي آياسين ۽ آءٌ پنهنجي ڏاڏاڻي ٻولي سکيس ته چاچا حسام الدين شاهه وٽ ڪتبخاني ۾ مهراڻ رسالي جا اڪيچار جلد ڏسي ان مخزن لاءِ سندم احترام ۾ واڌارو ٿيو. اڳتي هلي بابا ۽ چاچا طرفان ناشاد صاحب لاءِ شفقت ۽ غيرمعمولي پيار مون کي وڌيڪ ذهن نشين ڪرايو ته مهراڻ منهنجي ڏاڏاڻي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ سمورن رسالن جو مهندار مخزن آهي. مون کي اهو پڻ فخر حاصل آهي ته بابا ۽ چاچا جا لاتعداد مضمون مهراڻ ۾ شايع ٿيل آهن، جي ٻيئي ادبي بورڊ جي معمارن مان آهن. ان طرح ناشاد صاحب ممي (ممتاز راشدي) جا به ڪجهه مضمون انگريزيءَ مان ترجمو ڪرائي مهراڻ ۾ شايع ڪيا هئا، جي ڏاڍو پسند ڪيا ويا هئا. جيئن ته منهنجو تعلق صحافت سان آهي، انڪري آءٌ مهراڻ رسالي جي عظمتن کان ائين ئي پوريءَ ريت آگاهه آهيان، جيئن هرهڪ سنڌي اديب ۽ شاعر آهي. اهوئي سبب آهي جو آءٌ هڪ عرصي کان وٺي باقاعدگيءَ سان مهراڻ جو سالانه خريدار رهندو ٿو اچان ۽ جڏهن به نئون پرچو پهچندو آهي ته ڏاڍو فخر محسوس ٿيندو آهي.

مهراڻ سنڌي ٻوليءَ جي اٿاهه خدمت ڪئي آهي. منهنجو اندازو آهي ته موجوده تيز رفتار ۽ تڪڙي تبديل ٿيندڙ روزمره واري سنڌ جي مجموعي سماجي صورتحال ۾، سنڌي ادب جي مستقل حفاظت واسطي مهراڻ جي اشاعت هڪ خوشگوار ۽ بنهه ضروري ڪرشمي کان گهٽ نه آهي. ان موقعي تي آءٌ هڪ تجويز ڏيڻ چاهيندس ته مهراڻ ۾ ڇپيل چونڊ مواد کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي، جيئن عالمي سطح تي اسان جي شاهوڪار ادب کي تعارف ملي سگهي ۽  پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين کي به پنهنجي ادب کان آگاهي حاصل ٿي سگهي، جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي ڄاڻ کان محروم آهن. خوشقسمتيءَ سان مهراڻ کي اڄڪلهه سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڄاڻو وينجهار محترم سيد امداد حسينيءَ جي مهارت حاصل آهي، جنهن جي شاعرانه عظمتن تي مون کي الڳ سان هڪ خصوصي ناز آهي. مهراڻ جي تمام پراڻي خدمتگذار ناشاد صاحب- جو اسان جو ڄڻ گهر ڀاتي رهيو آهي- لاءِ آءٌ شخصي نيڪ تمنائون پيش ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. پنجاهه ساله گولڊن جُبلي اشاعت جي موقعي تي ادبي بورڊ کي مبارڪباد!

- عادل راشدي

(ڪراچي، سنڌ)

پهريون ڏاڪو

محبتن جي مامَ ”مهراڻ“ کي به خوب اچي وئي آهي!

عشق اعجاز هوندو آهي، انسان جي مٿان عجيب و غريب منظر ظاهر ڪندو آهي. انسان پنهنجي اندر ۾ عجب اندازن جي خوشبو محسوس ڪندو آهي.  تنهائي ۾ هڪ هجوم ورائي ويندو آهي. اڪيلائي اوهان سان گفتگو ڪري ۽ جي اُها سمجهه ۾ اچي ته سبحان الله... اُهائي گفتگو ڪاغذن تي منتقل ٿيندي آهي. ڪاغذ، جيڪي اوهان جي اندر جي درد جي ڳالهه ڪري سگهن ٿا. هڪ سرجڻهار اُنهن ڪاغذن جي مدد سان ئي اندر جو گهاءُ لفظن جي مرهم پٽيءَ جي حوالي ڪري ٿو ۽ اُهي لفظ جي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجن ته اعتبار جي مسند تي ويهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. سامهون وارو نظر ڀري اوهان کي ڏسي ٿو.... پنهنجي پاڻ تي پاڻ ئي پيار اچڻ لڳي ٿو.

اسين عجيب انسان آهيون. عشق جو دعوو ڪندي، اسان کي محبت ڪرڻ ڪانه ايندي آهي. دوستيءَ جو در کوليندا آهيون ۽ حجت جي فن کان ناواقف هوندا آهيون. لائڻ ۾ الاءِ ڇو ايترا هوشيار هوندا آهيون ۽ سنڀالڻ ۾ اوترائي ڪسا. منهنجي ذاتي خيال ۾ عشق جي اُن آويءَ ۾ پچندي، اسان مهراڻ سان به اُهوئي ڪيو آهي. اُن سان عشق جي دعوا ته اسان سڀني کي آهي، پر اُن کي سنوارڻ سينگارڻ لاءِ لفظن جي مالها اسان کان گهٽ جُڙي آهي. اسان جون تحريرون ابتدا ۾ مهراڻ جي صفحن لاءِ سلنديون آهن، پر پوءِ ”نيم- فيم“ جي هن ميدان ۾، مهراڻ لاڳيتو اسان ڏانهن نهاريندو ئي رهندو آهي ۽ اسين  الاءِ ڇو ڪنهن ٻئي موج مستيءَ جي حوالي ٿي ويندا آهيون. الاءِ ڇو ذاتي طور تي مون کي ائين به لڳندو آهي ته شهرتن جي ان ڏاڪي لتاڙڻ لاءِ پوءِ- جنهن کي ”مهراڻ ۾ ڇپجڻ“ چئبو آهي- اسين صرف ڏاڪڻ ڏانهن نهاريندا آهيون. ”پهريون ڏاڪو“ اسان کان وسري ويندو آهي... مهراڻ منتظر ئي رهندو آهي!

سنڌي ادب ۾ محبتن جو هيءُ سفر ۽ پورهئي جي هيءَ صدا، خيرن سان پنجاهه سالن جو هنر، وقت جي ٽِڪَ جي حوالي ڪيو آهي. آئينن ۾ عڪس اهو ٻڌائين ٿا ته مهراڻ ڪڏهن به پنهنجي مانَ مرتبي تي ڪو به سودو قبول ناهي ڪيو. سنڌي نثر ۽ نظم، تحقيق ۽ ترويج جي سڀني رنگن ۾ مهراڻ پنهنجو هڪڙو ”درجو“ سدائين سامهون رکيو آهي، جنهن لاءِ اُهو کيرون لهڻي. ان عمل ۾، مهراڻ جو سڄو عملو به برابر جو شريڪ آهي، جن پنهنجو نور نچوئي، علم ادب جي اها آبياري ڪئي آهي.

خوبصورت سفر جي هن خوبصورت مائل اسٽون تي تعريفون مهراڻ جو حق آهي، انهن کي چمچه گيري ۾ نه شمار ڪيو وڃي ته اها وڏي مهر ٿيندي. اسان جو هڪڙو عذاب اهو به رهيو آهي ته اسان چمچه گيري يعني خوشامد ۽ عزت جي وچ ۾ گذرندڙ سنهي لڪير کان اڻواقف رهون ٿا. جتي عزت ملندي آهي، لڳندو آهي ته اڳلو خوشامد پيو ڪري. جتي خوشامد چنبڙندي آهي، اُتي چوندا آهيون ته لکَ عزتون وٺي آيا آهيون. ته اهو الميو هتي نه ورجائجي ته چڱو. گذريل پنجاهه سالن جي هيءَ ادبي تاريخ ”مهراڻ“- جنهن ۾ ڏاهن، عالمن، دانشورن ۽ قلمڪارن جي سوچ جي آبياري شامل رهي آهي- واقعي به ”سنڌ“ مهراڻ جي واحد با اثر ۽ باعمل نشاني رهي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جا اُهي ورڪرز، جيڪي هن علم جي سرمايي سان لاڳاپيل رهيا آهن، کيرن لهڻن.

خدائي لم يزل، ازل ابد جو مالڪ آهي. بقا صرف اُن جي ذات کي آهي. فنا هر شيءِ ٿيڻي آهي. ڪڏهن نه ڪڏهن ته هي هنر به موڪلائيندو، پر دعا آهي ته ڌڻي مٺو ”مهراڻ“ کي مهراڻ جيتري حياتي، عزت ۽ عظمت عطا ڪري. آمين.

اچو، علم ادب جي ڏاڪڻ تي نگاهه وجهون. مٿي نه، هيٺ تي. ”پهرئين ڏاڪي“ تي، جنهن جي ذريعي ئي اسين شهرتن جو سفر طئه ڪيون ٿا. پنهنجي سفر جي تيزيءَ ۾ اسين اُنهن انومانن ۾ ٿا رهون ته ٻه ٻه ڏاڪا لتاڙڻ ڪو مسئلو ئي ناهي. پر وقت جڏهن سڀ  طنابون  ڇلي وٺي ٿو، تڏهن اهو احساس ٿئي ٿو ته هاڻي ته پهرئين ڏاڪي تي به پير نه ٿو پهچي. لفظ رُسي وڃن ٿا. وري سفر جي ابتدا جي سوچ هجي ٿي. واپسي ناممڪنات مان هڪ عمل لڳي ٿي. پر جي ٿي وڃي ته نگاهه وري به ان منظر جي سونهن ٿي جهٽي ته خيرن سان مهراڻ آڌرڀاءُ لاءِ موجود آهي. ناشاد صاحب، طارق ۽ ٻيا سڀ اُتي ئي آهن، ۽ سندن ڀاڪر جي اها گرمي اڃان جهڪي ناهي ٿي. اهي اسين ئي آهيون، جن کان اهو ”پهريون ڏاڪو“ وسري ويو آهي.

 - محمود مغل

(ڄام شورو، سنڌ)

”مهراڻ“- سنڌي سماج جو شعور

سنڌي معاشري ۾ سماجي شعور جي ارتقا توڙي اديبن جي فڪري اوسر ۾ ”مهراڻ“ جو وڏو حصو پتي آهي. ڪنهن به سماج جي سماجي شعور طور سڀ کان اهم مظهر ادب ۽ ٻولي ئي هجن ٿا. ڇاڪاڻ ته خود ادب ۽ ٻوليءَ جي اعليٰ شاهڪار واري نهج جي صورت ۾، سماجي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر کان بهتر ڪرڻ لاءِ به اعليٰ تجويزون ۽ نظريا به ٻولي ۽ ادب جي ذريعي ئي ميسر ٿين ٿا. ۽ مجموعي طور تي سماج پنهنجي بنيادي ڍانچي توڙي مٿئين ڍانچي  يعني جوهر توڙي مظهر ۾ ارتقا وٺندو آهي. افلاطون جي ”رياست“ ۽ ارسطوءَ جي ”پوئٽڪ“ کان مارڪس جي ”داس ڪئپيٽال“ تائين ادب جا سڀئي اعليٰ ترين شاهڪارَ انساني سماجن جي بهتريءَ ۽ سنوار سينگار جو باعث بڻيا آهن. سڄو مغرب ۽ يورپ اُن جو نادر نمونو آهي، سو سنڌي سماج جي اوسر کي به اُن نهج تي پهچائڻ لاءِ جيڪا شعوري جدوجهد ٿي آهي، اُن جُهدِ مسلسل جي اعليٰ سفر ۾ ”مهراڻ“ جو لاريب وڏو ڪردار آهي ۽ ٻين لفظن ۾ جويي صاحب ۽ گرامي صاحب کان وٺي امداد حسيني ۽ نفيس احمد ناشاد تائين جن به هن شعوري سفر ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار نباهيو آهي، سچ پچ ته سي سڀئي کيرون لهڻن.               

- ساجد سومرو

(حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“-ادبي تحريڪ

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ”مهراڻ“ جو وڏو مقام رهيو آهي. هن ادبي رسالي جا ٽي دَور رهيا آهن: پهريون دَور مارچ 1946ع کان شروع ٿئي ٿو، ڪجهه صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جو پرچو هوندو هو. 1947ع ۾ ڪجهه پرچا ڊيمي سائيز ۾ نڪتا ۽ 1948ع ۾ صرف هڪ پرچو جنوري- جون نڪتو. اصولي طور اهو پرچو ”مهراڻ“ جي پهرين دَور جو آخري پرچو هو، پر نوجوان محقق آزاد قاضيءَ جي تحقيق موجب 1949ع ۽ 1950ع ۾ شاهه لطيف جي ميلن جي موقعن تي محمد صديق ميمڻ پاران نڪتل ”لطيف سالگره نمبر“ پڻ مهراڻ جا ئي پرچا آهن.

”مهراڻ“ جو ٻيو دَور جنوري 1955ع کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن اُن جي نئين جوڙجڪ بعد اُن کي ”ٽِه- ماهي“ پرچي جي صورت ۾ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن نئين دَور ۾ بورڊ جو سيڪريٽري سائين محمد ابراهيم جويو مهراڻ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. جويي صاحب مهراڻ کي ”سياري، بهار، اونهاري ۽ سرءُ“ جي حوالي سان شايع ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جديد سنڌي ادب جي واڌ ويجهه جي حوالي سان محمد ابراهيم جويي رسالي وسيلي هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. جويي صاحب نه رڳو جديد سنڌي نثر ۽ شاعريءَ جي سمورين صنفن کي اهميت سان شايع ڪيو، پر تنقيدي شعور جي واڌ لاءِ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جويي صاحب جي ادارت هيٺ نڪتل مهراڻ جا پرچا اڄ به مطالع ڪجن ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته جويي صاحب مهراڻ کي هڪ ”ادبي تحريڪ“ طور جديد ادب جي مختلف موضوعن جي اشاعت جو ذريعو بنائي ڇڏيو هو. هِن نه رڳو جديد تخليق، تحقيق ۽ تنقيد بابت ادب ڇاپيو، پر ترجمي جي ميدان ۾ به عالمي ادب مان اهڙيون شيون ترجمو ڪري يا ڪرائي ڇپيون، جن ۾ جويي صاحب جي فڪر کي وڏو دخل هو.

”مهراڻ“ جو ٽيون دَور، مولانا غلام محمد گرامي ۽ اُن کان پوءِ سندس لائق شاگرد ”ناشاد“ جي خدمتن تي مشتمل آهي. ان وچ ۾ 1977-1978ع ۽ بعد ۾ 1991- 1992ع دوران سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر امداد حسيني به مهراڻ جو ايڊيٽر رهيو آهي، پر مجموعي طور تي هيءُ دَور گرامي صاحب جي تسلسل ۽ اُن جي ارتقائي سلسلي جو دَور آهي. 1964ع کان ادارهِّ مهراڻ سان وابسته ناشاد صاحب 1979ع کان ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جنهن سنجيدگيءَ ۽ ذميواريءَ سان هن پرچي کي سوڌي سنواري شايع ڪندو رهيو آهي، اُن روايت بنا ڪنهن شڪ جي سنڌي ادب کي وڏي اوڄَ ڏني آهي. ويجهڙائيءَ (2004ع) ۾ جڏهن امداد حسيني صاحب جو هٿ مهراڻ کي لڳو ته اُن ”سون تي سُهاڳي“ جو ڪم ڏنو ۽ سندس نگرانيءَ ۾ نڪتل ست اٺ پرچا ”مثالي“ ڳڻي سگهجن ٿا.

بورڊ انتظاميه پاران ”مهراڻ“ جو ”گولڊن جُبلي نمبر“ شايع ڪرڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. پنجاهه ساله عرصي ۾ مهراڻ ۾ ادب جي هر صنف تي شايع ٿيل مواد نه رڳو سنڌي اديبن جي ”ذهني غربت“ کي گهٽايو آهي، پر سندن رهنمائي به ڪئي آهي. اڌ صديءَ ۾ ڇپيل ”معياري ادب“ يقيني طور ”شاهڪار ادب“ جي زُمري ۾ شمار ٿئي ٿو، ان لاءِ محمد ابراهيم جويي کان وٺي گرامي صاحب ۽ امداد حسيني ۽ نفيس احمد ناشاد تائين سمورن ايڊيٽرن جو پُرخلوص علمي پورهيو خراج لائق آهي.

- تاج جويو

(حيدرآباد، سنڌ)

گولڊن جُبلي- سنڌ لاءِ فخر!

جڏهن به ”مهراڻ“ جو ذڪر نڪرندو ته مولانا غلام محمد گرامي ۽ ناشاد جو ذڪر اڻٽر آهي. سائين گرامي صاحب جيترا بُت ۾ ڳرا هئا اوتروئي سندن ڳالهه ۾ ڳراڻ ۽ وزن هوندو هو. پاڻ عربي ۽ فارسي جا عالم هوندي به سنڌي ٻولي اهڙي سلوڻي ۽ سليس لکندا ۽ ڳالهائيندا هئا جو حيرت لڳندي هئي. اسين سڀ اديب ۽ قومي ڪارڪن سندن دادلا هوندا هئاسين، انڪري حجت هروقت جاري هوندي هئي. پاڻ جيترا چرچا ڀوڳ ڪندا هئا ان کان وڌيڪ سَهندا هئا. سنڌ جو ڪهڙو وڏو اديب آهي جنهن گرامي صاحب جي ادارت ۾ مهراڻ ۾ پنهنجو ليک، نظم، بيت يا ٻه اکر ڇپائڻ فخر جهڙي ڳالهه نه سمجهي هجي. ناشاد سندن ادبي تسلسل ۽ لاڏلو هو ۽ آهي. هينئر به ناشاد کي نٿو ڀُلجان ته پنجاهه نه تڏهن به چاليهه کن سال ٿيا هوندا جو مهراڻ سان لاڳيتو واڳيو اچي. ايڏي اوچي پيماني ۽ معيار جو رسالو ايترو هلي جو گولڊن جُبلي ٿئي، اها اسان سڀني پڙهيل لکيل سنڌين لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي. جيڪو به مهراڻ سان رهيو، لکيائين ۽ خدمت ڪئي، ان کي جس هجي. شال رسالو اڳي کان اڳرو هجي.

ڪنهن به اديب لاءِ مهراڻ ۾ نالو شايع ٿيڻ هميشه فخر جهڙي ڳالهه رهي آهي. اميد اٿئون ته مهراڻ پنهنجي ساک کي قائم رکندو. بورڊ وانگر اهو به هاڻي اسان جو من موهيندڙ ثقافتي نشان آهي.

شيخ اياز جي وطن دوست انقلابي شاعريءَ کي جيترو ”مهراڻ“ ۽ ”روح رهاڻ“ ڇپيو، اوترو ڪنهن نه ڇپيو. اهو وڏو سبب آهي جو سنڌ جي آواز شيخ اياز جو ڪلام سنڌ جي ٻچي ٻچي تائين پهتو.

سنڌ- هند جي شاعرن ۽ اديبن جون لکڻيون مهراڻ ۾ شايع ٿي سنڌ جي ادب کي عالمگيريت ۽ روشن خيالي ڏينديون رهيون آهن، اُن لاءِ جويي صاحب، گرامي صاحب، شمشير، ناشاد صاحب ۽ سائين امداد حسيني جون خدمتون تحسين لائق آهن.                                 

- ڄام ”ساقي“

 (حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- گڏيل خدمتون!

 ”مهراڻ“ ”گولڊن جُبلي نمبر“ جي خاص اشاعت مبارڪ!

حقيقت ۾ ڪنهن به رسالي جو لاڳيتو اڌ صدي جاري رهڻ ڪرامت کان گهٽ نه آهي. ان دوران ”مهراڻ“ تي ڪئين لاها چاڙها آيا، پر سنڌي ادبي بورڊ جي لائق انتظاميه، فرض شناس ۽ باصلاحيت ايڊيٽرن ۽ سنڌ جي لکندڙن جو علمي تعاون قابل تحسين آهن، جن سڀني جي گڏيل ڪوششن ۽ خدمتن سان مهراڻ جو علمي سفر جاري آهي.

ورهاڱي کان اڳ مهراڻ جي ”پهرئين دَور“ جون علمي خدمتون به يادگار رهيون آهن. اُنهن پرچن جو اجمالي تعارف به ”مهراڻ“ جي ئي تازن پرچن ۾ محترم آزاد قاضي اهڙي سهڻي نموني سان لکيو آهي، جو ڄڻ ته اُهو سڄو دَور اکين آڏو اچي ويو آهي.

مهراڻ جو ”ٻيو دَور“ 1955ع کان 2005ع تائين پنجاهه ساله عرصو به شاندار رهيو ۽ جاري آهي. هونئن ته سراسري طور مهراڻ ۾ تاريخي مضمون، سگهاري شاعري، بهترين ڪهاڻيون، تبصرا، وفات نامہ، علمي خط ۽ اداريہ وڏو علمي خزانو آهن، پر اُن جا ”سوانح نمبر“، ”شاعر نمبر“، ”ڏهه ساله نمبر“، ”گرامي نمبر“، ”راشدي نمبر“ ۽ ”رني ڪوٽ نمبر“ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شاهڪار درجو رکن ٿا.

مهراڻ ذريعي هڪ طرف ڪهنه مشق عالمن اهل سنڌ کي پنهنجي تحقيق ۽ تنقيد سان فيضياب ڪيو، ته ٻئي طرف نون ليکڪن شاعريءَ ۽ فڪشن ذريعي سنڌي ادب کي مالامال ڪيو. مهراڻ ذريعي ڪيترا اديب ۽ شاعر اُسريا نِسريا ۽ ادبي گلشن ۾ وڌي وڻ ٿيا ۽ انهن جو ثمر آور سلسلو جاري آهي.

جيتوڻيڪ سنڌو درياهه ”مهراڻ“ ۾ ماٺ آهي، پر هن علمي ادبي رسالي ”مهراڻ“ جي موجن ۾ ماٺار نه آهي. ”مهراڻ“ تحقيق، تاريخ ۽ علم ادب جو دستاويز آهي. دعا آهي ته موجن ڀريو ”مهراڻ“ هميشه جاري رهي.

- ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

(سڪرنڊ، سنڌ)

”مهراڻ“- معيار جي برقراري

سنڌي ادبي بورڊ جي انتظام هيٺ نڪرندڙ ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ خير سان پنهنجا پنجاهه سال پورا ڪيا آهن، جيڪا نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي. قومون پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ ادارن جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن. سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اها وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته محترم محمد ابراهيم جويي ۽ گرامي صاحب جهڙن ڏاهن سرواڻن جي نگرانيءَ ۾ مهراڻ نه رڳو اوج ماڻيو، پر هن وقت تائين لاڳيتو نهايت معياري انداز سان جاري آهي، جنهن لاءِ انتظاميه ۽ ايڊيٽر صاحب خاص مبارڪن جا مستحق آهن. بعد واري زماني ۾ سائين امداد حسيني ۽ ادي نفيس احمد ناشاد سخت محنت ۽ ڪوششن سان نه رڳو پرچي کي نئين سر سنواريو سينگاريو آهي، پر معياري لکڻين، اعليٰ ادب، بهترين شاعري، جديد ڪهاڻين ۽ بلند پايي جي تحقيقي مقالن جي روايت کي پڻ قائم رکيو آهي. ”مهراڻ“ گذريل پنجاهه سالن جي عرصي ۾ معياري تحقيقي مقالا ۽ ٻيو مواد شايع ڪيو آهي، جنهن نه رڳو عام پڙهندڙن پر اديبن جي پڻ رهنمائي ڪئي آهي. اعليٰ پايي جي آفاقي شاعري، امرڪهاڻين ۽ دنيا جي عظيم ادبي شهپارن ۽ فني شهڪارن کي پيش ڪري مهراڻ اديبن جي لائبريرين ۾ نمايان جاءِ والاري آهي.

- رفيق سومرو

 (حيدرآباد، سنڌ)

”مهراڻ“- ڌرتيءَ سان نينهن نباهه

”مهراڻ“ رسالي جي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان ساڳي نسبت آهي، جيڪا مهراڻ يعني سنڌو درياهه جي سنڌ جي خوشنصيب ڌرتي سان آهي. جهڙيءَ طرح مهراڻ صدين کان سنڌ کي سيراب ڪندو، سنڌ واسين کي خوشين ۽ خوشحاليءَ جو پيغام ڏيندو اچي، بلڪل اهڙيءَ طرح ٽه ماهي ”مهراڻ“ به پوين پنجاهه سالن کان سنڌي ٻولي، علم ادب ۽ شاعري سميت مختلف موضوعن  تي سنڌ وارن کي املهه موتي آڇيندو اچي. گويا ”مهراڻ“ ۾ ڇپجندڙ مضمون ۽ مقالا، ڪهاڻيون ۽ شاعري مهراڻ جي مست موجن مثل آهن، جيڪي پڙهندڙن جي من ۾ نون جذبن، امنگن ۽ ارادن کي جنم ڏيندا رهن ٿا.

مهراڻ سان سنڌ جي ناميارن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو گهرو تعلق رهيو آهي. سائين جي.ايم.سيد، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، مولانا دين محمد وفائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاهه، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن وڏن عالمن سان گڏ سنڌ جي شاعرن، ليکڪن ۽ دانشورن جي مهراڻ سان وڏي قربت رهي آهي، جنهن ڪري اُن جو معيار هميشه تعريف جوڳو رهيو آهي. اگرچه ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ناسازگار حالتن سبب مهراڻ جي موجن ۾ ڪمي بيشي به ايندي رهي آهي، پر مجموعي طور ان جي ڪارڪردگي نهايت واکاڻ جوڳي پئي رهي آهي.

هڪ طرف مهراڻ سنڌ جي برک عالمن، اديبن، شاعرن ۽ چونڊ ليکڪن جي لکڻين جو خزانو رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي نوجوان نسل جي علمي، ادبي، اخلاقي ۽ سماجي سوچ ۽ ساڃاهه، جاکوڙ ۽ جاڳرتا لاءِ رهبري ۽ رهنمائي جو مرڪز يا نرسري پڻ رهيو آهي. مهراڻ جي پنجاهه سالن جون ٻه سَو کن ڪاپيون هڪ علحده منفرد لائبرريءَ جي حيثيت رکن ٿيون، جن ۾ نه رڳو پوين پنجاهه سالن جي علمي، ادبي، ديني، اخلاقي ۽ تحقيقي تاريخ جو تفصيلي وچور موجود آهي، پر قديم سنڌ کان وٺي جديد سنڌ تائين جي سموري سفر جو داستان پڙهندڙن کي ملي سگهي ٿو. گويا مهراڻ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيب، تمدن، ريتن رسمن، قومن ذاتين، ماڳن مڪانن، شهرن واهڻن، هنرن هنرمندن، حاڪمن حڪومتن، عالمن اديبن ۽ علمي ادبي درسگاهن جو شاندار عڪس نظر اچي ٿو.

مهراڻ سرڪاري اداري جي سرپرستيءَ ۾ ڇپجڻ جي باوجود به سنڌ ڌرتيءَ سان هميشه نينهن نباهيو آهي. قلمڪارن توڙي ايڊيٽرن پنهنجو منصبي فرض ۽ قلم جو قرض پوريءَ طرح ادا ڪندي هر دَور ۾ سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي.

مهراڻ کي اهو به شرف حاصل آهي ته هن، دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي تحقيقي ۽ تخليقي مواد ڇاپي سنڌ جي تاريخ کي زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ واسين سان شاهه لطيف جي نسبت جسم ۽ جان واري آهي. جنهن قوم ۽ ٻولي کي شاهه لطيف جهڙو زندهه جاويد شاعر نصيب ٿئي، اها قوم ۽ ٻولي ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿيون سگهن. گويا مهراڻ شاهه لطيف جي پيغام کي عام ڪري سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. اميد ته مهراڻ جي سينگاريندڙن ۽ سنواريندڙن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي خدمت جو جذبو اڳي کان اڳرو ۽ ماضي کان مزيد نظر ايندو.

- غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي

  (حيدرآباد، سنڌ)

سِڌي ۽ چٽي ڳالهه!

جي ڳالهه سنئين سڌي ۽ چٽي ڪبي، ته پوءِ ائين چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان، ته سنڌي ادب ۾، ”مهراڻ“ جو ڪنٽريبيوشن هڪڙو ”الڳ“ ۽ ”منفرد“ رهيو آهي- شروع کان وٺي اڄ تائين.

- ”مهراڻ“ جو مانُ سنڌ جي مڙني رسالن ۾ مٿانهون رهيو آهي هميشه کان.

- ”مهراڻ“ مڙني ادبي پرچن ۾ هڪڙو اعليٰ ۽ شانائتو پرچو رهيو آهي.

- ”مهراڻ“ شروع کان وٺي اڄ تائين، سنڌي رسالن ۾ اڳڀرو، گهڻو گهڻو معياري آهي ۽ سڀني سنڌي رسالن جو سالار ۽ سرموڙ پرچو آهي.

- ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مواد جي هڪ الڳ تاريخي حيثيت آهي ۽ اهو سمورو مواد هڪڙي ”اعليٰ معيار“ جو آهي.

۽ اهڙين مڙني سُٺاين سان گڏ جڏهن پرچي جو سهيڙيندڙ به باذوق هجي ته اُنهيءَ پرچي کي گيٽ اپ، سيٽ اپ، فرسٽ لُڪ ۽ هر حوالي سان چئني پاسان چوڏهينءَ جي چنڊ بڻجڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. ۽ ڀلا ڀاڳ آهن اسان جي مهراڻ جا، جنهن جا سهيڙيندڙ سدا کان سُهڻا، سيبتا، اڇا اُجرا، ڪم جي جذبي سان سرشار ۽ ذوقِ سليم رکندڙ رهيا آهن.

موجوده وقت ۾ جيڪي به پرچا پڌرا ٿي رهيا آهن، اُنهن جي سهيڙ ۾ جيڪا نفاست، نظرداري، سونهن ۽ سليقه مندي مون کي پنهنجي هن نفيس احمد شيخ ۾ نظر آئي آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن ۾ آهي ئي ڪانه. هو هڪڙو برجستو، ڀرپور ۽ بُردبار ايڊيٽر آهي- هن جي آڏو ٻئي ڪنهن جي جاءِ ئي ناهي! بلڪ چوڻ ائين کپي ته ”مهراڻ“ جي مڙني ايڊيٽرن- جويو صاحب، گرامي صاحب، شمشير ۽ امداد حسيني جون سموريون سُٺايون سڀ جون سڀ ناشاد ۾ اوتجي آيون آهن، ۽ اِنڪري ئي هو حاضر دَور جي مڙني ايڊيٽرن ۾ پنهنجي انفراديت رکي ٿو.

جڏهن کان ”مهراڻ“ جي ٽائيٽل جي ذميواري پياريطارق عالم کي ملي آهي، تڏهن کان آءٌ ڀانيان ته ”مهراڻ“ جي وجود کي هن نئين دور جو نئون ويس ڍڪايو آهي، جنهن جي حاضر دَور ۾ ”مهراڻ“ کي خاص ضرورت هئي ۽ هن جي ڪم کان پوءِ ”مهراڻ“ ٽائيٽل جي حوالي سان اڳي کان اُجرو ۽ مُک ملوڪ ٿي پيو آهي.

سنڌي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي فڪري ۽ فني اوسر جي حوالي سان ”مهراڻ“ هڪڙو اهم ادبي پرچو آهي. مهراڻ پنهنجن پڙهندڙن ۽ لکندڙن ۾ هر نئين شماري جي پڌرائيءَ سان، هڪڙو نئون اُتساهه پيدا ڪيو آهي، جنهن منجهن لکڻ ۽ پڙهڻ جي حوالي سان نئين سج نئون رنگ ڀريو آهي ۽ هڪڙي نئين چڻنگ سندن اندر ۾ ٻاري آهي. ۽ ان دکندڙ چڻنگ سندن اندر ۾ رنگ رنگ جون روشنيون پکيڙي ڇڏيون آهن.

- فقير محمد”ڍول“

(حيدرآباد، سنڌ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com