سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (3-2)

 

صفحو :13

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

شاهه جا ٽي بيت

 

رڳي روايتون ۽ رڳو اندازا به اڪثر صحيح ڪونه هوندا آهن. جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا تحقيق ڪرڻ جو جنون پيدا ڪونه ٿيو آهي، تنهنڪري اڪثر سڀڪو مسئلو تحقيق طلب ۽ غير مستند روايتن ۽ ذاتي راين ۽ اندازن موجب لکيو ويو آهي، ۽ هاڻ سڀڪو لکندڙ اڃا تائين ته ساڳيون ڳالهيون نقل ڪندو ٿو اچي. اهڙي ئي طرح شاهه لطيف جو ڪلام به ابتدا کان ئي غلط سلط لکبو ۽ ڇپبو آيو آهي. شاهه جي ڪلام سان جيڪو ظلم ۽ ناحق ٿيل آهي، اهو هي آهي ته:

1. ابتدا کان ئي شاهه جو ڪلام ڪنهن شاعر ڪونه لکيو آهي. فقط خوشخط کان لکايو ويو آهي. خوشخط (خوشنويس) هروڀرو شاعر ڪونه هوندا آهن. هنن جو ڌنڌو ئي هوندو آهي ڪتاب نقل ڪرڻ. هو چاهيندا آهن ته هڪڙو ڪتاب جلد لکي پورو ڪجي ته وري ٻيو لکجي. هنن کي شاهه جو ڪلام جيئن ٻڌايو ويو ۽ جهڙيءَ طرح لکيل ڏنو ويو، انهن به انهيءَ ئي نموني ۾ لکي ڇڏيو.

2. شاهه جو ڪلام اڪثر عوام کي ياد هوندو آهي، اهائي شاعر جي مقبوليت جي ثابتي آهي. پر عوام ئي ڪلام کي غلط به ڪري ڇڏيندو آهي، تنهنڪري ڪلام لکائيندڙن ڪيترا اکر ۽ لفظ غلط لکيا. پوءِ رسالي جا جيترا به نسخا نقل ٿيا ۽ ڇپيا، انهن ۾ اهي غلطيون قائم رهجي ويون.

3. شاهه جي ڪلام جي عام مقبوليت ڏسي، پئسي ڪمائڻ جي لالـچ سان مختلف ماڻهن رسالو ڇپائڻ شروع ڪيو، تنهنڪري ڪلام جي صحت ڏي ڪنهن ڌيان خير ڪو ڏنو. ٻيو ته انهن رسالن ۾ وري پروف جون غلطيون به رهجي ويون. اهوئي سبب آهي جو اڄ شاهه جي رسالن کي ترتيب ڏيڻ وقت هرهڪ مرتب لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته رسالي جا ڇپيل ۽ قلمي نسخا جيترا به هٿ اچي سگهن ته پنهنجي آڏو رکي.

4. جيڪڏهن ڪي قديم قلمي نسخا صحيح به هئا يا آهن، ته وري انهن جي صورتخطي پراڻي آهي. تنهنڪري پوين پڙهندڙن ڪيترا لفظ ۽ اُچار اصل کان ٻيءَ طرح سمجهيا ۽ اهي موجوده لکت ۾ انهي ئي طرح لکي ويا.

5. رسالن ۾ اگرچه ڀلناما به شامل ڪيل آهن، پر غضب هي ته انهن ۾ به اڪثر پروف جون غلطيون ٿيل آهن.

6. عربي، فارسي ۽ هندي زبانن جا اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي شڪل سنسڪرت جي لفظن جهڙي آهي. مثلاً: فارسي لفظ ”سَر“ يا عربي لفظ ”سِر“ ۽ سنسڪرت لفظ ”اَسرَ“- شڪل ٽنهي لفظن جي ساڳي، مگر معنائون ٻيون آهن. فارسي لفظ جي معني آهي ”چوٽي“ ۽ ماڻهوءَ جي مٿي کي به سر چئبو آهي. عربي لفظ جي معنيٰ آهي ”ڳُجهه“، ۽ سنسڪرت لفظ جي معنيٰ آهي ”تير“.

7. مسلمانن توڙي هندن پنهنجي ذاتي راءِ موجب شاهه جي ڪلام جون جدا جدا پڙهڻيون مقرر ڪيون. اهو فقط هن ڪري جو هڪ ته رسالي جي مختلف نسخن ۾ به فرق آهي ۽ خاص سبب هي ته شاهه جو ڪلام لکندڙ ۽ ڳائيندڙ سنڌ جي مختلف حصن جا ماڻهو هئا ۽ آهن، تن لفظن جا اُچار پنهنجي ماحول موجب سمجهيا، لکيا ۽ اُچاريا. وري شهري زبان ۾ ته ٻهراڙيءَ جي زبان کان به وڏو فرق آهي، تنهنڪري شهري ماڻهن پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ اختيار ڪيو.

8. شاهه جيڪا به آکاڻي لکي آهي يا ان جي جدا جدا ڀاڱن تي راءِ زني ڪئي آهي ته ان ڪلام جي خوبي اها آهي ته اها آکاڻي سنڌ جي جنهن حصي سان تعلق رکي ٿي، ته اڪثر زبان به اُتي جي ڪم آندي اٿس. تنهنڪري رسالي جي شارحن انهن محاورن ۽ شين جي ڪيترن ئي نالن کي نه سمجهڻ جي ڪري منجهانئن خيالي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍيو.

9. جن ڳائڻن جي زبان پنجابي يا سرائڪي يا بلوچي آهي، انهن وري پنهنجي ڍنگ موجب لفظن جا اُچار ورتا ۽ لفظن کي ڦيرايو- ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي ۽ اَهلَ ڪندڙن ته هيڪاري ڪم وڃائي ڇڏيو.

10. هر مذهب ۽ طريقي وارا ماڻهو، جي شاهه سان دلچسپي ۽ وڻت رکن ٿا، ۽ هو پنهنجن عقيدن موجب شاهه جي ڪلام کي ڏسن ٿا ۽ ڪلام جون معنائون به پنهنجي نقطه نظر موجب ڪڍن ٿا، سي وقتي ڦيرگهير به ڪريو ڇڏين. ڇو ته ڇاپن ۾ پروف جي غلطين جي ڪري فرق ته آهي ئي، تنهنڪري هرهڪ صاحب ڪلام کي دُرست ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريو ويهي!

11. سنڌيءَ جي پراڻي لکڻي به عجيب آهي. تمام پراڻي لکڻيءَ کي ڇڏي ويجهڙائيءَ واريءَ لکڻيءَ جو مثال پيش ڪجي ٿو. مثلاً شاهه صاحب جو هيءُ بيت:

نٻر نيهه سندوم، مون اڀي هن ٿيلئو،
سعيو سامونڊن سي، اڳهم تا نه ڪئوم،
وجهڻ منجهه هئوم، پاڻ وراڪي رس سي.

 

مٿئين بيت ۾ لفظ ”نيهه“ جي پڇاڙيءَ ۾ ”نون“ ڪونه ڏنل آهي، مگر اچارڻ ۾ نون اچي ٿو. ساڳيءَ طرح لفظ ”سي“ جي اُچارڻ ۾ نون اچي ٿو پر لکت ۾ نون ڪونه آهي. ٻيا به اهڙا اکر، جن جي اُچارڻ ۾ ”نون” اچي ٿو، مگر لکت ۾ نون ڪونه ايندو آهي. جهڙو ”ڱ“ ۽ ”ڻ“ وغيره. پر پراڻي لکڻي ۾ اهڙن اکرن تي فقط هڪ ليڪ بنا ٽٻڪن جي ۽ ”ڻي“ کي ”ن“ ڪري لکيو ويندو هو. مگر پڙهڻ وارا صحيح اُچارن سان پڙهندا هئا، اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح هڪ عرب عربي عبارت اعراب کان سواءِ صحيح پڙهي ويندو آهي. اهڙن لکڻين کي جڏهن هاڻوڪي لکت ۾ آندو ويو، تڏهن به فرق پيدا ٿيو.

اسان جي راءِ آهي ته:

1. شاهه جي رسالي  جو اهڙو نسخو تيار ٿيڻ کپي، جنهن ۾ جدا جدا پڙهڻيون نه هجن. سنڌ جي جن حصن جي زبان ڪم آيل آهي، اها اعراب سان لکيل هجي ته جيئن هرهڪ لفظ ۽ نالي يا محاوري ۽ پهاڪي جي اصليت ظاهر ٿئي. مونجهارا ۽ ڏکيائيون ختم ٿي وڃن. اصلي اُچارن ۽ پڙهڻي سان گڏ لکت جي صورت به هاڻوڪي هجڻ کپي.

2. هي به خيال رکڻ گهرجي ته شاهه جي رسالي ۾ بيتن يا واين (ڪافين) جي معنيٰ ۽ شرح نه لکي وڃي. ڇو ته جڏهن صحيح نسخو تيار ٿيندو ته هرهڪ پڙهندڙ پنهنجي علمي لياقت ۽ عقلي ڄاڻ موجب ڪلام مطالع ڪري آسانيءَ سان لطف وٺي سگهندو. ڇو ته شاهه جو ڪلام اهڙو آهي، جو هر مذهب ۽ هر طريقي وارو شخص ان کي پڙهي دل ٺاري ٿو.

3. شاهه جي ڪلام تي جيڪڏهن شرح لکڻو هجي ته اهو جدا لکڻ کپي ۽ جيئن جو تيئن لکڻ کپي. رسالي ۾ فقط شاهه جي ڪلام وارن خاص لفظن جي مڪمل سمجهاڻيءَ مان لغت ڏيڻ گهرجي.

4. شاهه جي ڪلام جا جيڪي ٻين زبانن ۾ منظوم ترجما ٿي رهيا آهن، اهي اڪثر ناقص آهن، ڇو ته ٻين زبانن ۾ اهو ناممڪن آهي ته شاهه جي صرف هڪ مصرع جو ئي پورو پورو منظوم ترجمو ٿي سگهي. انهيءَ مان ڇا ٿيندو جو غير سنڌي اهو لطف حاصل ڪري نه سگهندا ۽ هو ڪم از ڪم دل ۾ شاهه کي ايڏي اهميت نه ڏيندا. مگر ٻين زبانن ۾ ڪلام جي معنيٰ ۽ شرح جيڪڏهن ڪو عالم لکندو ته اهو نهايت چڱو ڪم ٿيندو.

شاهه  جا  ٽي  بيت:

هاڻي شاهه جي ٽن بيتن بابت ڪجهه عرض ڪيو ويندو. ان مان معلوم ٿيندو ته شاهه جي ڪلام لاءِ ڪيتريقدر نه تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي ٽيئي بيت آنجهاني هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ٺاهيل رسالي مان ورتل آهن. گربخشاڻي صاحب پاڻ کي رسالي ۾ مرتب، مؤلف يا شارح ڪري ڪونه لکيو آهي، بلڪ ”مهتمم“ ڪري لکيو اٿس، جنهن جي معنيٰ آهي بندوبست ڪرڻ وارو. مطلب هيءُ ٿو نڪري ته انهيءَ ڪم ۾ ڪن ٻين جو به حصو آهي. گهڻن جي ڪم ڪرڻ هوندي به ڪيتريون نه گهٽتايون رهجي ويون آهن! ان جو سبب فقط هيءُ آهي ته هن وقت تائين مڪمل ۽ صحيح سنڌي لغت ٺهي ئي ڪانهي، جنهنڪري پوري معلومات حاصل ٿي سگهي. شهرن ۾ ڄاول ۽ نپيل ماڻهن کي ٿر يا جبل جي زبان جي مڪمل خبر ڪيئن معلوم ٿئي. اتي جا محاورا يا شين جا نالا هت ڪٿان آيا، جن شين جو هت وجود ئي ڪونهي! ته لازمي ڳالهه آهي ته انهن نالن ۽ لفظن جي معنيٰ ڪيئن سمجهي ويندي؟ ان مشڪل کي حل ڪرڻ جو  طريقو هيءُ ئي آهي ته ملڪ جي انهن خطن ۾ وڃي معلومات حاصل ڪجي. سو ايتري واندڪائي ڪنهن کي آهي جو پنهنجا ڪم ڦٽائي وڃي محنت ڪري. مون الله تي ڀروسو رکي، همت سان ڪوشش ڪئي آهي. انشا ِّ الله ته شاهه جي ڪلام جي مڪمل لغت ٺاهي پيش ڪندس.

جيڪي ٽي بيت هيٺ پيش ڪجن ٿا، اُهي جلد اول سر يمن ڪلياڻ ۽ داستان ٽئي مان 4، 5 ۽ 7 نمبروار آهن.

( 4 )

سَر جو سـَـڃئو سڄڻين، ڀر ڀيڏيَ ڏيئي،
ڪانَ ڪرِنگَرُ ڪپئو، پَکَنِ سِرِ پيهي،
جيرا جـِـڳـِـرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.

 

هر بيت  جي پويان مهتمم صاحب جي لکيل معنيٰ ۽ شرح پيش ڪري، ان تي پنهنجي راءِ ڏبي. ٽنهي بيتن مان ڪي خاص لفظ پيش ڪبا ۽ ڪن خاص ڳالهين تي رايو ڏبو.

1. سَر: (سن. سَرَ، شر) تير، ٻاڻ.

2. ڀيڏي: (ڌن، وَڍيَيَه. گ. يڍ) ٽڻي، ڪرائيءَ جو هڏو.

3. ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي: جڏهن تير ڪمان تي رکبو آهي، تڏهن ڪمان کي ڪشي، ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو آڌار ڏيئي، پوءِ چــٽبو آهي.

4. ڪَرِنگـَـرُ: (سن، ڪَرَنڪَ = بدن جو ڪوبه هڏو) ڪرنگهو، پٺيءَ جو هڏو.

5. پَکَن: واحد، پَکُ. (سن، پَڪشَ) پَرُ، کنڀ. تيرن کي پک ٻڌندا آهن، ته انهن جي رفتار تکي ٿئي.

6. پاساڙا، واحد، پاسارو. (پارُشَو+ ڙو) پاسريون.

مٿين لفظن جي معنيٰ اگرچه ظاهر آهي، پر جيڪا مهتمم صاحب معنيٰ ۽ شرح لکي آهي، اها مجبور ٿي ڪري ته ان بابت پنهنجي ڄاڻ به پيش ڪجي.

1. شاهه سنسڪرت جو لفظ ”سَرَ“ ڪم ڪونه آندو آهي. هن فارسي لفظ ”سَر“ استعمال ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مٿو“. سنڌيءَ ۾ اهو لفظ ”سِرُ“ ڳالهايو ويندو آهي، سنڌيءَ يا فارسيءَ ۾ ”سر“ جي معنيٰ ڪيپراٽيءَ کان وٺي ڳچيءَ تائين به ورتي ويندي آهي. ساڳيءَ معنيٰ ۾ لفظ ”سِسي“ ۽ ”مٿو“ به ڪم آندل آهي. شاهه فرمائي ٿو:

1-      مٿو مور نه پاڙيان، تنهنجيءَ تند تنوار.
2-     ڏيڻ گهڻو ڏهلو، سِسِي ڏيڻ سک.

 

ساڳئي مطلب ۽ مفهوم لاءِ لفظ ”ڪنڌ“ به ڪم ايندو آهي. مثلاً  شاهه چوي ٿو:

ٽيئي پرتا پاڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ.

مٿئين بيت ۾ شاهه ”سر“ جو لفظ ”تير“ جي معنيٰ ۾ ڪم نه آندو آهي، بلڪ پنهنجي سموري ڪلام ۾ شاهه ”سر“ جو لفظ سسي، مٿو ۽ ڪنڌ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي. شاهه جو هيءُ بيت ڏسو:

وڍ سر ٿي سَرهو، مَ ڪي آءُ، مَ ڳاءُ.
جاجڪ تو مٿاءُ، ملڪ مڙوئي گهوريان.

 

فارسيءَ ۾ هڪ رباعي سيدالشهدا ِّ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنـہ بابت آهي، جنهن ۾ ”سر“ جو لفظ مٿينءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي:         

شاهه هست حسين و بادشاهه هست حسين،
دين است حسين و دين پناه هست حسين،
سر داد، نداد دست در دست يزيد،
حقاً ڪـہ بناي لا الـــٰــہ هست حسين.

 

2. ڀيڏي = ماڻهوءَ جي ٻنهي پيرن جي مُرين ۾ ٻنهي پاسي هڪ هڪ گول ٿوري اڀريل هڏي ٿيندي آهي، ان کي ڀيڏي سڏبو آهي. ٻيءَ ڪنهن زبان ۾ کڻي ”ڀيڏي“ ڪهڙيءَ به هڏيءَ کي چئبو هجي، پر اسان کي عام ۽ اصطلاحي معنيٰ کي وٺڻو آهي. تنهن کان سواءِ شاهه جي مطلب کي به ته ڏسڻو آهي ته هن ڪهڙي نه صحيح حقيقت بيان ڪئي آهي.

3. ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي = اها تيراندازن کي خبر آهي ته تير يا گز هڻڻ وقت ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو ڪمان سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو آهي. البت ڪرائيءَ جو طاقت وارو هئڻ ضروري آهي ته جيئن ڪمان ۽ تير هٿ ۾ مضبوط جهليل هجن.

ويهي جنهن وقت تير هڻبو آهي ته ان وقت سڄو گوڏو ڀڃي ويهبوآهي، ۽ ان وقت ڀيڏي زمين تي کتل هوندي آهي. کٻو گوڏو اُڀو رهندو آهي. سڄي هٿ ۾ تير، ڪمان جي زهه ۾ پيل، جهليل هوندو آهي ۽ کٻي هٿ ۾ ڪمان ۽ تير ٻئي ورتل هوندا آهن ۽ کٻيءَ  ٻانهن جي ٺونٺ اڪثر کٻي گوڏي تي ٽيڪ ڏياريل هوندي آهي. انهيءَ طريقي سان تير زورائتو ۽ تيز به ويندو ۽ نشاني تي به پورو لڳندو آهي.

4. ڪَرِنـگَرُ = ڪرنگهو خاص طرح ڳچيءَ ۽ ڪلهن واري گڏجڻ جي هڏي کي به چوندا آهن. چوڻي به آهي ’فلاڻي، فلاڻي جو ڪرنگهو ڀڃي ڇڏيو‘.

5. پَکَ = تير کي پک ٻڌبا ڪونه آهن. لوهه يا فولاد جي سيخ، جنهن مان تير ٺاهبو آهي، انهيءَ سيخ مان ئي تير جا پک به ٺاهبا آهن.

تير جا ڪيترائي قسم آهن، جن جا نالا به جدا جدا آهن. تير کي پک فقط انهيءَ ڪري رکبا آهن ته هو وڏو گهاءُ ڪري ۽ اندر وڃڻ بعد ڇڪڻ سان ٻاهر هڪدم نه نڪري سگهي. جيئن شاهه به چيو آهي ته:

لڳو جيءَ جڙي، تاڻيان تير نه نڪري.

هيٺ تير جي شڪل مان به مٿين حقيقت صاف ظاهر ٿئي ٿي.

 

 

6. پاساڙا = ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به وڏيءَ عمر وارا پراڻا ماڻهو  پاسرن کي ”پاساريون“ ئي چوندا آهن ۽ شاهه ڀٽائيءَ به لفظ ”پاساريون“ ئي ڪم آندو آهي. وزن ۾ به اهو لفظ بلڪل پورو پوتل آهي.

شڪاريءَ جو اصول آهي ته شڪار جيڪو به وار ڪري ته اهو اول ”سر“ تي ڪري. لڙائي يا جهيڙي ۾ به مٿي ۽ سـِـسـِـي تي ڌڪ هنيا ويندا آهن. محبوب جون نظرون به عاشق جي نظرن سان ٽڪربيون آهن. چوڻي به آهي ته ’فلاڻي کي ڪاپاري ڌڪ آهي،‘ تنهنڪري بيت جو مفهوم سڌوسنئون آهي ته:

سِرَ جو سڃئو سڄڻين، ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي.

*    *     *

( 5 )

سِرَ جو سڃئو سڄڻين، ٻنگا ٻاڻ ڀري،
وئو وجودا نڪري، ڪڙ ڪڙ ڪانُ ڪري،
پڇو پير ڀري، ته ڪهِ ٺريو هٿ حبيب جو.

 

1. ٻنگا = ٻنگ مان. (ڏسو مٿي 1، 8 ۽ 11).

مٿي ڏٺو ويو ته  سر يمن ڪلياڻ جي داستان پهرين جي بيت نمبر 1 ۾ نه، باقي بيت نمبر 8 ۽ 11 ۾ ”ٻنگا“ ۽ ”ٻنگ“ ٻئي لفظ ڪم آيل آهن. انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ ۽ شرح هن طرح لکيل آهي:

ٻنگا = ٻنگان (هاڻ) ٻنگ مان ٻنگا. (سن. وَنڪ)، ور، پيچ، وٽ. هيءُ تيراندازيءَ جو اصطلاح آهي. جڏهن ڪمان کي وچان کاٻي هٿ سان جهلي، ۽ زهه کي چپٽيءَ ۾ تير سميت ساڄي هٿ سان ڇڪي، ٻانهن کي اهڙي پوري ور تي آڻبو آهي جو تير تکو ۽ زور سان ڇٽي وڃي، تڏهن انهيءَ ور کي ”ٻنگ“ ڪري چوندا آهن.

2. پير ڀري. قدم رنج فرمائي.

1. (ٻنگا) هيءُ لفظ هندي زبان جو ”بنگ – گا“ آهي، جو ڦري ”ٻنگا“ ٿيو آهي. ”ٻنگا“ بانس جي ڪاٺيءَ جي ٽڪر کي چوندا آهن. بانس جي ڪاٺيءَ مان به ڪمانون سٺيون ٺهنديون آهن. انهن بيتن ۾ ”بنگ“ يا ”ٻنگا“ ٻئي لفظ ڪمان جي معنيٰ ۾ ڪم آيل آهن. 8 ۽ 11 بيت ۾ هن طرح اهي لفظ استعمال ٿيا آهن:

هـــڻ حبيب هـــٿ کـــڻــي، ٻنگا لــهي ٻاڻ،

چوري چنگ، ٻنگ لهي، حبيبن هنيوس.

جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ”ٻنگ“ ٻين اصطلاحي معنائن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. اهو گربخشاڻي صاحب به صحيح لکيو آهي ته ور، پيچ وٽ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، پر ٻين مضمونن ۾ تير هڻڻ مهل ٻانهن کي ور ٻر ڏبو ئي ڪونهي. اها معنيٰ هروڀرو ڪڍي وئي آهي. تير هڻڻ وقت ٻانهن فقط ٻيڻي ٿيندي آهي. اتي جيڪڏهن ٻانهن کي ور ڏبو ته تير ماڳهين ٻئي طرف هليو  ويندو ۽ زور سان به ڪونه ويندو.

مٿين ٻنهي سٽن ۾ ”لهي“ لفظ غلط آيل آهي. شاهه صاحب اصلي هيئن فرمايو آهي:

18- هـــڻ حبيب هـــٿ کــڻــي، ٻنگان ڀري ٻاڻ،

19- چوري چنگ، ٻنگ ڀري، حبيبن هنيوس.

2. مٿئين بيت ۾ ”پير ڀري“  جي معني ”قدم رنج فرمائي“ بلڪل غلط آهي. ڇو ته شاعر محبوب سان ڪونه ٿو ڳالهائي، جنهن کي ”قدم رنج فرمائيءَ“ جي جملي سان مخاطب ٿئي. هو ته پنهنجي همرازن يا عوام کي چوي ٿو ته:

پڇو پير ڀري، ته ڪِ ٺرئيو هٿ حبيب جو.

اتي ”پير ڀري“ جي معنيٰ ٿيندي ته ”هلي وڃي“ پڇو. سست رفتار ماڻهوءَ کي به چئبو آهي ته ”تڪڙو ٿي، ٻٽي پير ته ڀر“ وغيره.

*       *        *

( 7 )

سِرَ جو سڃئو سڄڻين، سينڱ منجهان سِيلو،
ٽنگر ٽِڪئو ڪين ڪين، پار لنگهيو پِيلو،
هڻڻ سي حيلو، جانب جيڏو ئي ڪيو.

 

1. سينڱ = (سن. شِرنگَ)، ڪمان.

2. سِيلو = (سن. شليه) تير، گز.

3. ٽِنگرُ = (سن. ٽَنڪار)، ٽنڪار ڪندڙ، يعني تير، ڇو ته اڏامڻ مهل ٽنڪار ڪندو.

4. پِيلو= (سن. پِيلو)، تير.

1. سينڱ برابر ڪمان کي چئبو آهي. پر اهو ڪمان جو ڪهڙو قسم ٿيندو آهي، ان جي تحقيق ته ٺهيو، پر رڳو ايڏهين غور ئي ڪونه ڪيل آهي ته آخر سينڱ ڇو نالو پيو.

درحقيقت اهو هندي زبان جو لفظ ”سينگ“ آهي، يعني سڱ، جيڪو جانورن جي مٿي تي ٿيندو آهي. ڪن خاص جانورن جي سڱن کي گهڙي ۽ پاڻ ۾ ڳنڍي ڪمان ٺاهي ويندي آهي، ان کي ئي ”سينڱ“ سڏيندا آهن ۽ بهترين ڪمان ٿيندي آهي.

2. سيل= هي به هندي لفظ آهي ۽ ننڍڙي تير جو نالو آهي. اول فارسي وارن ان کي ”سيله“ لکيو. سنڌيءَ ۾ جيئن بنده مان بندو، فائده مان فائدو ۽ قصيده مان قصيدو ٿئي ٿو تيئن سيله مان ”سيلو“ ٿيل آهي.

3. ٽِنگرُ. هن جو ٽنڪار ٻنڪار سان ڪوبه واسطو ڪونهي. اصل ۾ اهو لفظ ”ٽُونگرُ“ آهي ۽ ”واو“ نڪرڻ بعد ٿيو ”ٽنگر“، جنهن جي معنيٰ آهي ٽونگ ڪندڙ، سوراخ ڪندڙ.

4. پِيلو= هي لفظ فارسي زبان جو آهي ۽ اُن جي صورتخطي آهي ”پيله“. ان جي معنيٰ آهي مزه، مزگان، جنهن کي اسين پنبڻيون چوندا آهيون. جيئن لفظ ”سِيل“ ۾ واو وجهي سيلو ٺاهيو ويو، تيئن هن لفظ ۾ به واو وجهي ”پيلو“ بنايو ويو آهي. اهي ٻئي لفظ اسم تصغير وانگر آهن، ڇو ته هو ننڍڙي تير لاءِ ڪم آيل آهي ۽ هن جي به (پنبڻي) ننڍڙي تير سان تشبيهه ڏنل آهي.

زور ڪري شاهه جي ڪلام وارن لفظن کي سنسڪرت ٻوليءَ مان ثابت ڪرڻ جو الاجي ڪهڙو ضرور آهي؟ صحيح طريقو هي آهي ته جيڪو لفظ جنهن زبان جو هجي ته ان کي انهيءَ نموني سان پيش ڪرڻ گهرجي ۽ اُن جي بدليل صورت سمجهائجي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ رڳو مونجهارا پيدا ٿيندا.

هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته آنجهاني گربخشاڻيءَ پنهنجيءَ پَر ۾ دوستن جي مدد سان شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ ۽ معنيٰ توڙي شرح لکڻ ۾ قابل قدر ڪوشش ڪئي آهي.

                            (مهراڻ- 1/1963ع)

 


 

ڊاڪٽر حميده کهڙو

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي

 

ويهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ هندستان جي سياسي آسمان جو روشن ترين تارو لاشڪ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ئي هو. پنجيتاليهن ورهين جي ننڍيءَ ڄمار ۾ جڏهن هو پنهنجي اوج تي هو، تڏهن سال 1924ع ۾ سندس وفات جي ڪري سمورو برصغير ۽ خاص ڪري سنڌ هڪ داناءُ ۽ معتدل قوم پرست کان محروم ٿي ويو. ٻيءَ صورت ۾ هندستان جي سياست ڪهڙو رخ اختيار ڪري ها، اهو سياست جو هڪ ويچار جوڳو نڪتو آهي. افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته هن عظيم انسان جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن تي ڪو ڪم ئي ڪونه ٿيو آهي. هن لاءِ هڪ مخلص سوانح نويس جي ضرورت آهي ته جيئن قومي رهنمائن جي سٿ ۾ کيس حقيقي ۽ مانائتي جاءِ ملي سگهي. آءٌ هت سندس زندگيءَ جو هڪ مختصر خاڪو ڏيڻ گهران ٿي ۽ اُميد اٿم ته اسان جا نوجوان محقق انهيءَ کي مڪمل ڪندا.

 

رئيس غلام محمد  ڀرڳڙي هر لحاظ کان ننڍي کنڊ جي قومي تحريڪ جو هڪ برک اڳواڻ هو، پر عام طرح ماڻهن کي هن جي باري ۾ تمام گهٽ معلومات آهي. هو هڪ ناميارو وڪيل ۽ لکپڙهه جو ماهر هو، پر سندس ڪابه تحرير سلامت نه رهي آهي. ڪتابن ۽ دستاويزن ۾ ڪٿي ڪٿي سندس حوالا اچن ٿا، پر سواءِ سن 1972ع ۾ ڪلڪتي مان ڇپايل (Dictionary of National Biography) جي، ڪٿي به سندس زندگيءَ جو پيرائتو احوال نه ٿو ملي، تنهنڪري اسان کي جناب جي.ايم.سيد جا ٿورا مڃڻ گهرجن، جنهن پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين” جي پهرئين ڀاڱي (1967ع) ۾ وڏي تحقيق ڪري هڪ خاڪي جي صورت ۾ هن بابت خاصي تفصيل سان لکيو آهي. منهنجي هن مضمون جو مواد محترم جي.ايم.سيد جي تحقيق، ٻين ڪتابن ۾ ٽڙيل پکڙيل تحريرن ۽ منهنجي والد سميت انهن شخصن جي بيانن تان ورتل آهي، جيڪي هن کي ٿورو گهڻو سڃاڻندا هئا.

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سن 1878ع ۾ سنڌ جي تعلقي جيمس آباد جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ پيدا ٿيو هو. سندن بزرگ ديري غازي خان مان گهڻا نسل اڳ لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا. غلام محمد ڀرڳڙي جو پيءُ ان وقت وفات ڪري ويو، جڏهن هن جي عمر اڃا ڏهه ورهيه هئي، تنهنڪري سندن ملڪيت جي نظرداري ڪورٽ آف وارڊس جي حوالي ٿي. ڳوٺ جي مدرسي ۾ شروعاتي تعليم وٺڻ کان پوءِ هو حيدرآباد جي مشن هاءِ اسڪول ۾ ۽ پوءِ حيدرآباد جي ئي نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ ۾ پڙهيو. ٿورو عرصو هن ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڻ تعليم حاصل ڪئي، جتان عليڳڙهه هليو ويو ۽ اتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سنڌ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ هڪ روشن خيال ۽ وچولي زميندار جي حيثيت ۾ حياتي گذارڻ لڳو ته هڪ واقعي سندس زندگيءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو. هڪ ڀيري رات جو ٿرپارڪر ضلعي ۾ شادي پلي اسٽيشن جي ويجهو هڪ ڊاڪ بنگلي ۾ رهيل هو ته کيس اهو بنگلو هڪدم خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ڇو جو اتي هڪ  انگريز عملدار کي اچي رهڻو هو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بنگلي خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ڪاوڙجي پيو ۽ هن قلم 110 هيٺ کيس سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪيو. ڀرڳڙيءَ جي دوستن کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ جي صلاح ڏني، جنهن تي هو انگلستان هليو ويو، جتي ٽي سال رهي، بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري، سال 1908ع ۾ وطن موٽي آيو.

واپس اچڻ کان هڪدم پوءِ رئيس ڀرڳڙيءَ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي، جتي سياسي سرگرمين ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ حيدرآباد صوبي جي سياسي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو. صوبي جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جا برک اڳواڻ ان وقت حيدرآباد ۾ ئي رهندا هئا ۽ اتي ئي مصروف هوندا هئا. انهن مشهور شخصيتن مان هڪ مولانا عبيدالله سنڌي به هو، جنهن حيدرآباد جي ويجهو پير جهنڊو ڳوٺ ۾ ”دارالارشاد“ قائم ڪيو هو. نوجوان هندو ڪارڪن پيدا ڪرڻ لاءِ پنجاب جي گروڪل آشرم جي سنياسين ”برهم آچاريه آشرم“ قائم ڪيو هو. مشهور ڪانگريسي سياستدان آچاريه ڪرپالاڻي جي وڏي ڀاءُ شيخ عبدالرحيم اسلام جي تبليغ شروع ڪري ڏني هئي. انهيءَ کان سواءِ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ به ڪيترائي ماڻهو سرگرم عمل هئا. ڀرڳڙي جلدئي دوستن ۽ همخيال ڪارڪنن جي هڪ وڏي سـَـٿَ پيدا ڪئي، جن ۾ هندو به هئا ته مسلمان به، جهڙوڪ سنتداس منگهارام، ڄيٺمل پرسرام، جيرامداس دولترام، عبدالقادر حافظ، عبدالرحمان بئريسٽر ۽ مسٽر عبدالجبار. شيخ عبدالمجيد سنڌي (جنهن تازو اسلام قبول ڪيو هو). سو جناب ڀرڳڙي وٽ رهڻ لڳو ۽ سندس اخبار ‘الامين’ کي ايڊٽ ڪرڻ لڳو. غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي سياسي دوستن ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، سيٺ يوسف علي علوي، غلام حسين قاسم، جعفر فدو ۽ ٻيا شامل هئا. انهن سياستدانن مان گهڻا ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا. اتي سندن سرگرمين جو هڪ مرڪز اسلام ڪلب هئي، جيڪا گانڌي گارڊن جي ويجهو هئي ۽ جتي معزز مهمان پڻ ايندا هئا ۽ ترسندا هئا.

سال 1909ع ڌاري ڀرڳڙي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو رڪن ٿيو. هن کي ان چار رڪني وفد لاءِ پڻ چونڊيو ويو هو، جنهن کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ جاگيردارن جو عيوضي چونڊيو ويو هو ۽ ساڻس سيٺ هرچندراءِ کي سنڌ جي ميونسپالٽين جي عيوضي طور موڪليو ويو. اهي ٻئي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ غير سرڪاري جماعت سان وڃي گڏيا، جنهن جو اڳواڻ سر فيروز شاهه مهتا هو.

بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي رڪن هجڻ واري عرصي ۾ ڀرڳڙي صاحب پنهنجي صوبي ۽ عام ماڻهن جي حالت سڌارڻ، هندستان جي مسلمانن جي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۽ پڻ هندستاني قومي تحريڪ جي سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا.

هن اتي ”مسلم ايجوڪيشن سيس بل“ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سرڪار جي مخالفت سبب اهو رد ٿي ويو. ڀرڳڙي صاحب پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي هر سرگرمي ۽ سياسي صورتحال کان واقف ڪندو رهيو. هن صوبي جي هر تعليم يافته ماڻهوءَ سان لکپڙهه ذريعي رابطو رکيو. اهڙيءَ طرح هن سنڌين جي سياسي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. سندس انهن ڪوششن جي ڪري ئي ”رسائي ڪميشن“ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جي ڏنل رپورٽ تي حڪومت ايترو ته پريشان ٿي، جو رسائيءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت اُپاءَ ورتا ويا.  غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سندس ساٿين، جن ۾ ڪي مکيه هندو سياستدان به شامل هئا، سنڌ جي علحده حيثيت قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ انگريز سرڪار کي مڃارائڻ لاءِ ۽ بمبئيءَ سان شامل رهڻ  به جيئن ان وقت جي ڪن انگريز عملدارن جو خيال هو ته سنڌ کي پنجاب سان شامل ڪيو وڃي، سخت ڪوششون ڪيون.

جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن هندستان جو سيڪريٽري آف اسٽيٽ سر ايڊون مانٽيگو هندستان جي گشت تي آيو هو، تڏهن ڀرڳڙي صاحب هڪ وفد ٺاهي هن سان ملاقات ڪئي هئي. انهيءَ وفد جي موقف مانٽيگو کي ڏاڍو متاثر ڪيو، پر بمبئي سرڪار جي زور سبب، ته سنڌ بمبئيءَ سان ئي شامل هجي، ساڳي صورتحال کي ٿوري عرصي جي لاءِ قائم رهڻ ڏنو ويو.

عام ڀلي جي قانون سازيءَ جي انهيءَ مصروف پروگرام کان سواءِ رئيس غلام محمد ڪل هند قومي سياست ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندو هو.

هن انڊين نيشنل ڪانگريس جي انهن سڀني ساليانن جلسن ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي ان زماني ۾ ڊسمبر جي مهيني ۾ ٿيندا هئا، سندس ۽ سندس ساٿين جي اثر هيٺ هر سال سنڌ جي وفد جو تعداد وڌندو ويو. سال 1910ع واري جلسي ۾ سنڌ جا 58 عيوضي شريڪ ٿيا هئا ۽ ساڳيءَ ريت ان کان پوءِ جي سالن ۾ اهڙن عيوضين جو تعداد وڌندو ويو. سال 1911ع ۾ هن پنهنجن ڪن ساٿين سان گڏجي آل انڊيا مسلم ليگ جي سنڌ شاخ جو پايو وڌو. ڀرڳڙيءَ، هرچندراءِ وشنداس ۽ ٻين جي تحرڪ تي سال 1913ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميڙ ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو.

آل انڊيا ڪانگريس جو اٺاويهون ساليانو ميڙ نواب محمد بهادر جي صدارت هيٺ 26 کان 28 ڊسمبر تائين 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سر آغا خان، محمد علي جناح، لالا لجپت راءِ، ڊنشا واچا ۽ ٻين معزز ۽ معروف ماڻهن حصو ورتو. حڪومت جي ظاهري مخالفت ۽ پروپيگنڊا جي هوندي به، ته جيئن سنڌ جي فرمانبردار مسلمانن ۾ ڪو ڏڦير نه پوي، اهو ميڙ ڏاڍو ڪامياب ٿيو هو. ان کان پوءِ جلد ئي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي پاڻ سان هڪ وڏو وفد ساڻ ڪري آگري روانو ٿيو، جتي سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت هيٺ 30- ڊسمبر تي مسلم ليگ جو ساليانو ميڙ ٿيڻو هو. انهيءَ موقعي تي ترقي پسند قومي اڳواڻن جي هڪ وڏي حصي ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته ٻن وڏين قومي جماعتن جهڙوڪ: انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ کي هڪ ٿي هندستان جي آئيني جدوجهد واري مقصد کي حاصل ڪرڻ گهرجي. سال 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ شروع ٿي ويئي هئي ۽ اتحادي طاقتون جنگ ۾ فتحيابي حاصل ڪرڻ لاءِ هندوستان جي سهڪار واسطي بيچين هيون ۽ اهڙيءَ ريت هر قسم جي وعدن ڪرڻ جي حالت ۾ هيون. برطانوي حڪومت کان هندوستان لاءِ ”هوم رول“ يا ”ڊومينين اسٽيٽس“ حاصل ڪرڻ جو اقرار وٺڻ خاطر محسوس ڪيو ويو ته انگريز حڪومت کي وڏين جماعتن جي طرفان گڏيل رٿون تيار ڪري پيش ڪجن، تنهنڪري ٻنهي جماعتن جي دورانديش اڳواڻن گڏجي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪيو، جن ۾ محمد علي جناح، سيد وزيرحسن، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ راجا صاحب محمودآباد اهم اڳواڻ هئا. ان جو نتيجو مشهور لکنؤ ٺاهه 1916ع ۾ نڪتو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي پنهنجا ساليانه اجلاس لکنؤ ۾ ڪيا، جتي جناح ۽ ڀرڳڙي ٻئي راجا محمودآباد جا مهمان هئا. اتي لکنؤ ٺاهه ٿيو ۽ سرڪار جي اڳيان گڏيل تجويزون رکيون ويون. انهن تجويزن جو جيڪو نتيجو نڪتو، اهو تاريخ جو حصو آهي.

سال 1917ع ۾ ڪانگريس جو عام اجلاس ڪلڪتي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت ايني بيسنت ڪئي. جيڪي جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا، انهن ۾ هڪڙو جنرل سيڪريٽري رئيس غلام محمد ڀرڳڙي به هو. هن کي آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي به کنيو ويو هو، جنهن جو هو اڪيلو سنڌي مسلمان رڪن هو. سال 1918ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تي هندستان جي سياسي صورتحال تبديل ٿيل هئي. انگريز حڪومت ان حالت ۾ هئي جو هندستانين سان رعايت ڪري ها ۽ جبري قانونن کي نافذ ڪري ها. هنن جيڪي آئيني اصلاحات ڪيا هئا، اهي هندستانين جي اميدن جي برخلاف هئا. عثمانيه سلطنت جو جنگ ۾ جيڪو حشر ٿيو هو، ان جي ڪري هندستاني مسلمانن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ هو. کين شڪ هو ته اتحادي طاقتن ترڪيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ خلافت کي ختم ڪرڻ گهريو ٿي. انهيءَ احساس جي ڪري خلافت تحريڪ جي اوسر ٿي. اها هندستان ۾ هڪ عوامي سياسي تحريڪ هئي، جنهن هندستان جي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي آندي. جيئن ئي خلافت وارا ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس انهيءَ ترڪ- موالات تحريڪ ۾ متحد ٿيا، ته ساري ننڍي کنڊ ۾ جوش جي لهر پکڙجي ويئي. خلافت تحريڪ ۾ خاص ڪري سنڌين ڀرپور حصو ورتو. سڄي صوبي ۾ نه رڳو وچولي درجي جي سياستدانن ۾، پر هارين توڙي شهري پورهيت ماڻهن ۾ پڻ بيچينيءَ جي لهر پکڙجي ويئي هئي. خلافت تحريڪ جو پرچار رضاڪار ڪارڪنن ۽ اخبارن جي ذريعي ڪيو ويو، جن ۾ رئيس غلام محمد جي اخبار ”الامين“ به شامل هئي. اخبار جي ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي اڳ ۾ ئي سال 1917ع ۾ گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو هو. انهيءَ تحريڪ جي زور سبب سنڌ جي حڪومت سخت قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. غلام محمد ڀرڳڙي خلافت تحريڪ جي هلچل جي اڳواڻن مان هڪ هو. ڪمشنر سرهينري لارينس جي زال ان سلسلي ۾ لکيو آهي، ته ”مسٽر بي هڪ مشهور معروف اڳواڻ آهي ۽ جڏهن اها خبر پوندي ته اهڙي اثر وارو شخص ان تحريڪ سان آهي ته حيرت ۽ اچرج جي انتها نه رهندي. مسٽر بي ڄاڻ ته گرفتار ٿيڻ وارو آهي. مسٽر بي انهيءَ شورش ۽ هلچل جو محرڪ رهيو آهي. هو ڪانگريس جو سيڪريٽري هو ۽ گانڌيءَ جي تمام ويجهو هو. هو هڪ محنتي ۽ ذهين ماڻهو، بيريسٽر ۽ زميندار آهي.“(1) انهيءَ کان  پوءِ جلدئي سال 1918ع ۾ هو انگلينڊ ڏانهن روانو ٿيو ته جيئن انگريز سرڪار جي بالا حاڪمن سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهي. هن سر مانٽيگو سان ملاقات ڪئي ۽ 12- ڊسمبر 1920ع تي انگريز سرڪار جي مسلمان رعيت طرفان جيڪو وفد انگلينڊ ويو هو ۽ ان انگلينڊ جي وزيراعليٰ کي جيڪا ياداشت ڏني هئي، ان تي هڪ صحي هن جي به هئي. جنوري 1920ع ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي انگلنڊ مان موٽي آيو. فيبروري 1920ع ۾ خلافت ڪانفرنس بمبئي ۾ ٿي، جتي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي ڪيل قومي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس تحريڪ جو صدر چونڊيو ويو. صدارت لاءِ سندس نالو مولانا عبدالباري فرنگي محل تجويز ڪيو ۽ سر فضل ڀائي ڪريم ڀائي ان جي تائيد ڪئي. مولانا عبدالباري ۽ سر فضل ڀائي ڪريم ڀائي کان سواءِ اتي موجود ٻيا معروف اڳواڻ هئا: مولانا ابوالڪلام آزاد، مولوي ظفر علي خان لاهوري، سيف الدين ڪلچلو، مسٽر گورڌنداس، آزاد سبحاني، حسرت موهاني، پير رُشد الله شاهه جهنڊي وارو، مولانا شاهه سلمان ڦلواري، مولوي ابوالقاسم فضل الحق، جهامنداس دوارڪاداس، مسٽر محمد علي جناح، مولانا دائود غزنوي، سر عبدالله هارون ۽ ٻيا. خلافت تحريڪ بابت ٻين ٺهرائن سان گڏ ڪانفرنس هڪ ٺهراءُ اهو به پاس ڪيو، جنهن ۾ مسٽر غلام محمد ڀرڳڙيءَ جا ٿورا مڃيا ويا ته هن لنڊن ۾ رهائش واري عرصي ۾ خلافت تحريڪ جي وڏي خدمت ڪئي هئي. سال 1919ع جي سڌارن هيٺ جيڪي چونڊون ٿيڻيون هيون، تن ۾ ڪانگريس جي ٺهراءَ مطابق مسٽر ڀرڳڙيءَ حصي وٺڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ هوندي به هن کي ڪائونسل آف اسٽيٽ ۾ نامزد ڪيو ويو، جيڪو عهدو هن دوستن جي اصرار تي قبول ڪيو، پر پوءِ حڪومت جي سخت پاليسيءَ تي احتجاج ڪندي، هن انهيءَ عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. نومبر 1923ع ۾ ڀرڳڙي مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. مارچ 1923ع ۾ مسلم ليگ جو ساليانو جلسو لکنؤ ۾ ٿيو، جنهن ۾ غلام محمد ڀرڳڙيءَ کي صدر چونڊيو ويو. سندس صدارتي تقرير جامع ۽ مدلل هئي، جنهن ۾ هندستان ۽ موجوده وقت جي ٽئين دنيا جي اندروني ۽ بيروني مسئلن تي تفصيل سان روشني وڌي ويئي هئي. هڪ دورانديش جي حيثيت ۾ هن جي بيان ۾ هڪ عجيب صداقت هئي:

”ڪي ماڻهو مشرقي قومن جي ليگ جي خيال کي هڪ خواب ڪري ٿا سمجهن، پر مون جڏهن ايشيا ۽ آفريقا تي يورپ جي ظلم ۽ ڏاڍ کي محسوس ڪيو، اڇي چمڙيءَ وارن جو ڪارن ماڻهن سان ورتاءُ ڏٺو ۽ ڪن مغربي ملڪن ۾ مون کي رنگ ۽ نسلي مت ڀيد جو تجربو ٿيو، تڏهن آءٌ چٽيءَ طرح ڏسان ٿو ته اهو خواب جلد ئي حقيقت جو روپ وٺندو. هن کنڊ جي رهاڪن جي دل ۾ ”ايشيا،  ايشيائن جي لاءِ“ جو خيال اڳ ۾ ئي پيدا ٿي چڪو آهي. ساڳيءَ ريت ”آفريقا، آفريقين لاءِ“ جو تصور آهي. اهو سڀڪجهه رفته رفته ٿيندو، قومن جو ٺاهيندڙ  ۽ ڊاهيندڙ پنهنجو ڪم ڪندو رهي ٿو. هندستان جي جاءِ لاشڪ انهيءَ برادريءَ ۾ آهي ۽ آءٌ محسوس ڪريان ٿو ته پنهنجي پکيڙ، آباديءَ ۽ وسيلن جي ڪري هڪ ڏينهن ان کي ان ۾ عزت واري جاءِ ملندي.“(1)

مسلم ليگ جو پندرهون اجلاس اڌ ۾ ان وقت پورو ٿيو، جڏهن قائداعظم جي ان تجويز تي نااتفاقي ٿي ته ڪائونسل ۾ داخلا جي اجازت ڏني وڃي. 1- اپريل 1923ع تي اهو ميڙ ٿوري عرصي لاءِ ملتوي ٿي ويو ۽ مئي 1924ع ۾ ان جي جڏهن  لاهور ۾ ٻيهر گڏجاڻي ٿي، تڏهن رئيس غلام محمد 45 ورهين جي ڄمار ۾ اڳ ۾ ئي 9-مارچ 1924ع تي وفات ڪري ويو هو. سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن جي لاءِ ۽ سموري هندستان جي مسلمانن لاءِ اهو هڪ اوچتو ۽ هاڃيڪار نقصان هو. سنڌ جي مسلمانن جي لاءِ ته اهو هڪ اهڙو خال هو، جيڪو وري ڪڏهن  به ڀرجي نه سگهيو آهي. مسلم ليگ جو پندرهون اجلاس محمد علي جناح جي صدارت هيٺ وري ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ هن جي وفات تي هيٺئين قرارداد منظور ڪئي ويئي:

”مانواري جناب غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي افسوسناڪ ۽ بيوقتي وفات تي آل انڊيا مسلم ليگ پنهنجي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪري ٿي ۽ محسوس ڪري ٿي ته هندستان جا مسلمان پنهنجي هڪ عظيم محب وطن سياستدان ۽ قوم جي بي لوث خدمتگار کان محروم ٿي ويا. اسان جي خواهش آهي ته قوم جي طرفان اهو ڏک جو اظهار سندس خاندان تائين پهچايو وڃي.“(2)

جيتري قدر رئيس ڀرڳڙيءَ جو تعلق آهي ته ان قرارداد جي ڪنهن به هڪ لفظ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه هو.


(1)  Lady Lawrence, Indian Embers, pp. 391-394.

(1)  S.S. Pirzada, Foundation of Pakistan, vol: I, p. 570.

(2)  S.S. Pirzada, Foundation of Pakistan, vol I, pp 577-578.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com