منهنجو دوست
اِهي اکيون بِره جون بُکيون، ڀينر!
منهنجو دوست درازن ۾.
سِڪ ته سچل جي سيئي وَڻجن،
جيڪي ڏولاون ۾ ڏکيون، ڀينر!
منهنجو دوست درازن ۾.
عشق اُنهن جو جن کي سچل جون،
سَچيون ڳالهيون دل ۾ کُکيون، ڀينر!
منهنجو دوست درازن ۾.
عرض نه ڪن سي، منهنجي مِٺل کي،
جيڪي ڳالهائڻ جون رُکيون ڀينر!
منهنجو دوست درازن ۾.
سَچ سان سچلؒ سوغاتون بخشي،
ڪُوڙ سان ڀرجن نه ڪُکيون، ڀينر!
منهنجو دوست درازن ۾.
تن کي ”رشيد“ نه مِلندو درازي،
جيءَ ۾ جيڪي نه جُکيون، ڀينر!
منهنجو دوست درازن ۾.
{
سچلؒ جي سِڪ
بِره ڪيــــــــــــــــــــــــــــو بيراڳــــــــــــــــــي،
مون کي سِڪ ته سچلؒ جي سَتائي ٿي.
جنهن ٿي اَلَست جي ٻولِي ٻولي،
سڄڻ مِليو اُهو ساڳي،
مون کي سِڪ ته سچلؒ جي سَتائي ٿي.
”ڪُن“ جي ڏِهاڙي کان ئي منهنجي،
وِره سان دِلڙي واڳي،
مون کي سِڪ ته سچلؒ جي سَتائي ٿي.
شاه دراز جي دم سان ئي مون،
عشق جي منزل جهاڳي،
مون کي سِڪ ته سچلؒ جي سَتائي ٿي.
جاڳندي جوش، سُتي سَوا راحت،
ناهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي ننــــــــــــــــڊ نڀاڳي،
مون کي سِڪ ته سچلؒ جي سَتائي ٿي.
”ڪُن“ جي بانگ وٽان ”لاشاري!“
روح رضا جـــــــــــــــــــــــــو راڳي،
مون کي سِڪ ته سچلؒ جي سَتائي ٿي.
{
مرشد شاه دراز
شاه دراز دُلارو. جاني.
مرشـــــــــــــــــــــــــــــــــد شــــــــــــــــــــــــــــــاه
دراز.
ڪيچي جڳ ۾ لکين ڪروڙين،
هوت اَٿم هاڪارو. جاني،
مرشـــــــــــــــــــــــــد شـــــــــــــــــــــــــــاه دراز.
مست و مست مُدام ٿياسين،
جام ڏنو جالارو. جاني،
مرشــــــــــــــــــــــــــــــــد شـــــــــــــــــــــــــــــــــاه
دراز.
ٻانهي آهيان شاه سچلؒ جي،
پاتم ڳل ۾ ڳارو. جاني،
مرشــــــــــــــــــــــــــــــد شـــــــــــــــــــــــــــاه دراز.
اول، آخر، ظاهر، باطن،
سير سڄڻ جو سارو. جاني،
مرشـــــــــــــــــــــد شـــــــــــــــــــــــــــــــــاه دراز.
دولهه دوست درازي دلبر،
ڀرجهل گهوٽ ڀَلارو. جاني،
مرشـــــــــــــــــــــد شـــــــــــــــــــــــــــــــــــاه دراز.
تنهنجو طالب مان ”لاشاري“
عشق ڏنو اولارو. جاني،
مرشـــــــــــــــــــــــــد شــــــــــــــــــــــاه دراز.
{
بيدل جي دل
دِلڙي درازي کَسي ويو
مون بيدل جي دل ڪير سَڏائي؟
مستيءَ ۾ منصور بنائي،
”راز انَاالحَق“ ڏسي ويو،
مون بيدل جي دل ڪير سَڏائي؟
عقل ۽ عشق جي جنگ ٿي جاري،
دَرد، دوئيءَ جي دل ڪير سَڏائي؟
مون بيدل جي دل ڪير سَڏائي؟
پاڻ ۾ ٽڪريا جام اَزل جا،
گوندر سان دِل گَسي ويو،
مون بيدل جي دل ڪير سَڏائي؟
سوز فراق جا تمغا ڏيئي،
جَس سان جيءَ کي جَسي ويو،
مون بيدل جي دل ڪير سَڏائي؟
رڳ رڳ اندر چئو ”لاشاري“
سوز ”سچل“ جو رسي ويو،
مون بيدل جي دل ڪير سَڏائي؟
{
بيوس دل
بيـــــــــــــــــــــــوس دل ويچــــــــــــــــــاري.
ساه سچلؒ جي سِڪ ۾ سوگهو.
ڏيــــــــــــــل ٿـــــــــو ڏاڍايون ڪري،
بـــــــــــــــــــــــــــره بَڇي بيمــــــــــــــــــــاري،
ساه سچلؒ جي سِڪ ۾ سوگهو.
عشـــــــــــــــق اَڙانگو پِڙ پيو،
آهيــــــــــــــــــان مـــــــــــــــونجهن ماري،
ساه سچلؒ جي سِڪ ۾ سوگهو.
ڪيچـــــــــــــــــــي آهــــــــــــــــــــــــن ڪيترا،
منهنجو هـــــــــــــــــــــــــــــــــــــوت هزاري،
ساه سچلؒ جي سِڪ ۾ سوگهو.
جلــــــــــــــــــوه شــــــــــــــــــــاه دراز جو،
چـــــــــــــــــــــــــــوڏس ۽ چــــــــــــــــــــوڌاري،
ساه سچلؒ جي سِڪ ۾ سوگهو.
سهڻي سچل جي سوز ۾،
لـــــــــــــــــک ٿو لهي ”لاشاري“
ساه سچلؒ جي سِڪ ۾ سوگهو.
{
شاهي شَملو
مون کي شملو مِليو آهي شاهي جو.
آهيان ”سچلؒ“ جو سودائي مان.
هادي بخشي اصل هدايت،
آههِ نه غم گمراهي جو،
آهيان ”سچلؒ“ جو سودائي مان
سمجهان ٿو اِئين وحدت ۾،
مان مالڪ ماه ۽ ماهي جو،
آهيان ”سچلؒ“ جو سودائي مان.
فِڪر فنا جون ڳوڙهيون ڳالهيون،
سِک حوصلو حق آگاهي جو،
آهيان ”سچلؒ“ جو سودائي مان
رنگ منجهان بي رنگ سڏائي،
ڪر سير سُفيد سياهي جو،
آهيان ”سچلؒ“ جو سودائي مان
سمجهه بقا کي ”رشيد“ لقب ڇڏ،
مُلڪ عَدم جي راهي جو،
آهيان ”سچلؒ“ جو سودائي مان
{
دوست درازي
مُحب مِٺا مَستاني آهيان،
تون ئي منهنجو دوست درازي.
تون ئي ڏَسين ٿو نينهن جا نُڪتا،
دَردن ۾ ديواني آهيان.
تون ئي منهنجو دوست درازي.
تنهنجو عشق بقا سان باقي،
ڪير چوي ٿو فاني سان باقي،
تون ئي منهنجو دوست درازي.
منهنجي بدران ڪير ٿو ٻولي؟
حيرت ۾ حيراني آهيان،
تون ئي منهنجو دوست درازي.
تنهنجي جوت جمال جي سَببان،
مان خود دلبر جاني آهيان،
تون ئي منهنجو دوست درازي.
لوڪ ئي منهنجو دوست درازي.
لالڻ! مان لاثاني آهيان،
تون ئي منهنجو دوست درازي.
{
سچلؒ جو سوز
آتش عرش اُڏاڻي سائين!
سوز سچلؒ جو ساه ۾ سانڍيم.
ڪالهه ڪيم جا ڳالهه اَلستي،
ساه کي اڄ سيباڻي سائين!
سوز سچلؒ جو ساه ۾ سانڍيم.
اِها اَمانت روز اَزل جي،
عشق اسان ڏي اُماڻي سائين!
سوز سچلؒ جو ساه ۾ سانڍيم.
پنهنجي پيرِ مُغان جي دَستَون،
پيتم پرت جو پاڻي سائين!
سوز سچلؒ جو ساه ۾ سانڍيم.
پره پياڪ جي آس اُهائي.
ڄاڻ جو رات وِهائي سائين!
سوز سچلؒ جو ساه ۾ سانڍيم.
غير گمان ڇڏيو ”لاشاري“
دلڙي سُگهڙ سياڻي سائين!
سوز سچلؒ جو ساه ۾ سانڍيم.
{
سچلؒ جو ساٿ
سچل آهي ساڻ وو!
منهنجي ساه پَساه ۾.
ساڻي سڀڪنهن سَير ۾،
آهي پيارل پاڻ وو!
منهنجي ساه پَساه ۾.
دل ۾ درازي درد کان،
وره جو آههِ وٿاڻ وو!
منهنجي ساه پَساه ۾.
سچل جي سِڪ دل کي ڏنو،
مخفي مام جو ماڻ وو!
منهنجي ساه پَساه ۾.
شاه دراز جو عشق اکين ۾،
ڀريو نينهن نياڻ وو!
منهنجي ساه پَساه ۾.
تنهنجي ”رشيد“ کي عشق جو،
آههِ اَزل کان ڄاڻ وو!
منهنجي ساه پَساه ۾.
{
سردار سچلؒ
نيٺ مِلايو نينهن،
سردار سچلؒ سان.
وَريو ورق وصال جو،
مُند تي وُٺڙا مينهن،
سردار سچلؒ سان،
سچل سُک سوغات ڏنا،
گذريا ڏکن جا ڏينهن،
سردار سچلؒ سان،
دل ۾ بره باغ ۾،
اُڀريا سِڪ جا سَرينهن،
سردار سچلؒ سان،
طالب شاه دراز جا،
رڻ ۾ گجن ٿا شِينهن،
سردار سچلؒ سان،
راحت آههِ ”رشيد“ کي،
ڪونهي ڪِنجهڻ ۽ ڪِينهن،
سردار سچلؒ سان،
{
درگاه درازا جا فقير
سچلؒ جي مقبري آڏو، ڏِسان ٿو رنگ رنگيءَ جا.
ڪُتو بنجي قدم چُمندس، سَخي سائينءَ جي ڀنگيءَ جا.
شهنشاهن کان وڌ آهي، انهن جو شان شاهاڻو،
ڍَڪيا جن ويس وحدت جي ولايت ۾ ملنگيءَ جا.
مِليو تمغو انهن کي آههِ ”لاخَوٌفُٗ عَليَهِم“ جو،
اُهي محتاج آهن ڪين، ڪنهن اِفلاس تنگيءَ جا.
لکين لائق ٿيا لڄپال جا اهڙن عجيبن تي،
رهيا طالب نه اڄ جيڪي اِنهيءَ دورنگيءَ جا.
تَتي توڙي ٿڌيءَ ۾، جي ويهن ٿا وِره والاري،
حقيقت م اهي مالڪ بڻيا تاج ۽ ڪلنگيءَ جا.
سچي سرڪار ڏس سهڻي، سچل وٽ محفلون سَچ جون،
سَچن آڏو نٿا گفتا هلن، ڪُوڙي ڪُسنگيءَ جا.
چڱن توڙي بُرن سان آههِ هڪجهڙو سچل سائين،
نه آهن دُور بي ننگن وٽان پڻ ننگ ننگيءَ جا.
سچل جي سڪ ۾ ره هردم سچو سرويچ ”لاشاري!“
نه دل پنهنجيءَ کي وِجهه تون وَنگ ڪنهن عادت اَڍنگيءَ جا.
{
منهنجو مُرشد
نِينهن ڪيو نروار يار!
منهنجو مُرشد شاه درازي.
سِر تي وَسي ٿو بِره جو،
بادل هِت بِسيار، يار!
منهنجو مُرشد شاه درازي.
منهنجي دل کي عشق ۾،
وَهم نه ڪو ويچار، يار!
منهنجو مُرشد شاه درازي.
جڳ جا دوست گهڻا مگر،
منهنجو پرينءَ سان پيار، يار!
منهنجو مُرشد شاه درازي.
ڪونهي سچلؒ جي سِڪ ۾،
ڏيل ۾ ڏک ڏهڪار، يار!
منهنجو مُرشد شاه درازي.
تنهنجي عشق ”رشيد“ کي،
جڳ کان ڪيو بيزار، يار!
منهنجو مُرشد شاه درازي.
{
داتا شاه دراز
ورندي ڏيندو وَري وَري،
داتا شاه دراز، اَلا!
تنهنجي عشق ۾ ويندي آخر،
ڳڻتين ۾ دِل ڳري ڳري،
داتا شاه دراز، اَلا!
توتان صدقي هوت! حياتي،
مُحب! وڃان ڀَل مَري مَري،
داتا شاه دراز، اَلا!
تانگهو تانگهه اڳيان ڇا اِيندو؟
تار به وينديس تَري تَري،
داتا شاه دراز، اَلا!
سُورن جي سَٽ ڪين جهليندا،
ڏونگر پوندا ڏري ڏري،
داتا شاه دراز، اَلا!
دِل ته ”رشيد“ جي تنهنجي اَمانت،
جڳ ٿو ڪوٺي چَري چَري،
داتا شاه دراز، اَلا!
{
سچلؒ جي واٽ
سهِڻي سچلؒ جي واٽ، وو!
مان ته هلنديس رِندي راه سان.
پيئَنديس پيالو پريت جو،
لهندي اُڃ اُساٽ، وو!
مان ته هلنديس رِندي راه سان.
ڦاٽي هلندا اوچتو،
دل ۾ فراق جا ڦاٽ، وو!
مان ته هلنديس رِندي راه سان.
ڏسنديس دُور دراز کان،
عشق جي نُور جي لاٽ، وو!
مان ته هلنديس رِندي راه سان.
سچل ساڻي سِير ۾،
ڪهڙا پُڇايان گهاٽ، وو!
مان ته هلنديس رِندي راه سان.
سڪ ۾ سچلؒ جي، ”رشيد“ يار!
اُونچا هوندا ڳاٽ، وو!
مان ته هلنديس رِندي راه سان.
{
سڪ سهيڙيون
جيءَ سان وَيٺا جهيڙيون يار!
سِيني سوز سچلؒ جو سمايو.
دِل درياه ۾ ترنديون آيون.
يار جي ٻاجهه جون ٻيڙيون يار!
سِيني سوز سچلؒ جو سمايو.
دل جي دولت عشق سچلؒ جو.
مايا مال نه ميڙيون يار!
سِيني سوز سچلؒ جو سمايو.
ڪونه ٿو سمجهي دل جون ڳالهيون،
اهڙيون عشق اَويڙيون يار!
سِيني سوز سچلؒ جو سمايو.
سانگي آهيون يار سچلؒ جا،
ڌُوڙ جو ڌَڻ ڪيئَن ڇيڙيون يار!
سِيني سوز سچلؒ جو سمايو.
ويل نه اهڙي ”رشيد“ وِڃايون،
سِڪ ته سچلؒ جي سَهيڙيون يار!
سِيني سوز سچلؒ جو سمايو.
{
درازي عاشق
جايون جيءَ ۾ جوڙيون،
جاني شاه دراز، لا!
عاشق پهتا عرش تي،
خيما آيا کوڙيون،
جاني شاه دراز، لا!
سُوريءَ تي منصور بَڻيا،
مُنهن نه اچن ٿا موڙيون،
جاني شاه دراز، لا!
عاشق! عشق ۾ هيڪ ٿيون،
اَچ ته ٻيائي ٻوڙيون،
جاني شاه دراز، لا!
اَسين درازي جوڳيئَڙا،
وار ڪُلهن تي ڇوڙيون،
جاني شاه دراز، لا!
ڏيندو ”رشيد“ کي نعمتون،
ڏاتر عشق جون ڏوڙيون،
جاني شاه دراز، لا!
{ |