(42)
ويس مَٽاييءِ بشري وارو، نورُٗ عاليٰ نُور.
صورت سِيرت زيب مٽايو، خاڪ ٿيو ڪوه طُور.
وَنَحٌنُ اَقٌرَبٌ آيم ويڙهي، عشق ڪيو ڀرپُور.
مُهر سَڪونتي صُمُٗ بُکمُٗ، روز ڦران مجبُور.
بار ملامت سارو چايم، ٿيئڙس چَڪنا چُور.
واهه ڌڻي بخش يار ”لاشاري“، نالو ٿيو مشهُور.
(43)
ڪربل ۾ قتلام ٿيو کڻي ماريئون شاهه شبير،
منهنجا نيڻ وهائڻ نير.
شاهزادو بند شاهين ڪئيڙو پيرن منجهه زنجير،
ڪوفي ڪمينا قهر ڪري ويا، بڇڙا ٿين بي پير.
جهولي بنت محمد اندر، کيڏيا ٿي ٻئي وير،
پيتئون جام شهادت وارو، قهر ڪيو تقدير.
قاسم گهوٽ جوان کي، ٿي ڇڪي هنيائون تير،
پاڻي ڌاران يار پيارو، خوب ٿيو دِلگير.
بازو شاهه عباس وڍايا، ٿيئڙو حال زهير،
ڪربل يار قطاري هليو، عابد شاهه اَسِير.
لاڄ ”لاشاري“ جي توکي، جو آهي دامنگير،
بخش ڌڻي تون بخش تمامي، عيب گناهه ڪبير.
(44)
ڪهڙو ڌارييءِ ماڻ حُسن جو، بَدر انگ مُنير.
اَبرو سيف جي خنجر ماري، خوب ڏنائين چير.
قد جي قامت الف وانگي، مجلس آ کنڊ کِير.
خوب هڻين ٿو جان جگر ۾، طعنن وارا تِير.
رات وِهامي آههِ ڏکن ۾، نيڻ وهايان نِير.
ڌڻي بخش ”لاشاري“ مونجهه مونجهاري، حامي باهو
پِير.
(45)
جان جدائي آهي جلائي، ڌيان ٻارو چل ڌرميان.
ڌيان ٻاروچل ڌرميان، لاهج ڏوهه ڏمر ميان.
منزل باري خوف جي، عشق چکائي لهر ميان.
قسمت ماري آهيان، اَوکو آههِ سَفر ميان.
سورن ساڙيل آهيان، ڪونهي ساڻ سَمر ميان.
ساڙيو داغ هجي جي، جئين سيڪُ سَقر ميان.
يار اڳيان ڌڻي بخش چئي، آءُ ”لاشاري“ مَر ميان.
ڪاهج ديس چناب ڏي، وڃي باهو باهو ڪر ميان.
(46)
محبت ماري مينڌار ڳڻتين ڳاري آهيان.
ڳڻتين ڳاري آهيان، جا آزاري آهيان.
موت ميثاقي ٿي غمناڪي چولو خاڪي پائيان،
ڪونهي اهڙو سوڍل جهڙو سينو ڪهڙو ساهيان.
بار ملامت عين عبادت شوق شهادت چاهيان،
تنهنجي لوري تنهنجي جهوري سُهنجي تورِيءَ ناهيان.
وَنَحٌنُ وائي ڄاتم جائي وِٿ نه ڪائي ڀائيان،
لايم ديدان ٿينديون عيدان آس اميد نه لاهيان.
آهي بيوس خوب ڌڻي بخش سيني نقش سمائيان،
ڄاڻ ”لاشاري“ منزل باري توڪل تاري آهيان.
(47)
هوت پنهل سان ٿم اِقرار، ڪيچ نِهاري روز نماڻي.
غفلت اندر هوت وڃايم، بار ملامت سارو چايم،
موٽڻ مونکي ٿيو دُشوار، صورت سهڻي ساهه سيباڻي.
سورن جي ڳل پاتم چولي، خان پنهل جي آهيان گولي،
محبت ڪيئڙو ٿم لاچار، قسمت ماري درد رنجاڻي.
روز ازل کون قلم لکيو هو، سور ڏولاوا ڏاج مليو هو،
ويتر باري آيم بار، ساڻ خوشي جي سيج نه ماڻي.
ڏونگر ڏيرن ڏاگهن ماري، ساڙيو آهي سوز بيماري،
صاف اُنهن تي معاف ميار، قسمت اهڙي سمجهه اَياڻي.
واهه ڌڻي بخش ذات ”لاشاري“، مجلس موهيو آههِ پياري،
باهو جو ٿم آڌار، مشڪل اندر ٿيندو ساڻي.
(48)
موٽ مران ٿي مينڌرا، تنهنجي مهڻن ماري آهيان.
مهڻن ماري آهيان ڳڻتين ڳاري آهيان.
آهيان نڪاري، عيبن هاري يار ستاري تون ڪرين،
سخت ٻاڏائي سر نوائي پاند ڳچي ڳل پائيان.
رات منديري هئي گنديري رليل قسمت ڀائيان،
سوڍل آيو ڀول ڀُلايو، سينو ڪهڙو ساهيان.
تنهنجي لوري تنهنجي جهوري سهنجي تو ري ناهيان،
ڪونهي اهڙو سوڍل جهڙو آس اميد نه لاهيان.
آهه بيوس خوب ڌڻي بخش توريءَ تڪيو ناههِ ڪو،
لا تَقَنٌطُو مِن رحمتہَ الله اصلون آس نه لاهيان.
(49)
منهنجا پنهل سان اٿيئي خاص رايا،
طعنا هڻن ٿا ڪين سَهن ٿا پنهنجا پَرايا.
سِڪ سوز ساڙي هڏ ماس ڳاريو،
مونکي سڄڻ جي آهي درد ماريو،
دِلدار دِل ۾ ڳجها تِير لايا.
مونکي محبت آ تنهنجي پيارل،
تنهنجي قرب قتلام ڪيئڙو ڪوهيارل،
نه ڪي يار منهنجي اڱڻ پير پايا.
دانهون ڪيانٿي ٻڌ يار زاري،
پڪاري پنهل کي سدائين ”لاشاري“،
ڪرداد منهنجي سلطان ڄايا.
من مونجهه آهي ٻڌ ڪيچ والي،
ڌڻي بخش عاجز بلاشڪ موالي،
تنهنجي عشق آهن، جيرا جلايا.
(50)
منهنجي دِل ٿي گهري شهباز ٿيان.
روضي پاڪ نبي جي پرواز ڪيان.
تنهنجي تيرِ نظر جو نشان ٿيس،
ماندو مفت مران ٿو حيران ٿيس،
آهي پياس تنهنجي بي جان ٿيس،
اچي جيار مٺا مان آواز ڪيان.
آهي شهر مديني جو ماڳ پري،
ڏسان شال اکين سان جي ڀاڳ وَري،
پنهنجي غافل دِل کي سجاڳ ڪري،
ڏي ديدار مونکي، نه وِسار مونکي،
فراموش سبق نه سيکار مونکي،
ڪر محبت کان نه بيزار مونکي،
اِقرار تنهنجي تي ناز ڪيان.
مٺا پاڪ محمدؐ روزِ حَشر،
ڌڻي بخش چوي لهه جلد خبر،
ڪر ياد ”لاشاري“ شام سحر،
تنهنجي محبت ۾ ڇو ناساز ٿيان.
(51)
اُٿي پهريم پوش فقيري، دل جان اندر دِلگيري.
تون ته ڪين ڪرين ٿو شناخت، ڪڏي غور ڪرين هن بابت،
سارو بار کڻين تون ملامت، آ ڪوڙي شيخي پيري.
آيو بار بره سِر باري، لڳي محبت مونجهه مونجهاري،
ڏاڍي منزل آ دُشواري، آ مُوتُوٌ معنيٰ مِيري.
کڻ لوڪ سندي بدنامي، بڻ ظاهر ۾ ته حرامي،
ٿيندا آدم جن سلامي، پهچڻ آ تقديري.
ڌڻي بخش غريب ”لاشاري“، لڳو سوز فراق بيماري،
ڏيندو پير باهو دِلداري، حال بڻيو آ زهيري.
(52)
آهي مونجهه مونکي ته اَمِير سندي
اِنهيءَ حضرت شاهه شبير سندي.
جَڏي ڪربل ۾ نروار ٿيا. اچي تيرن جا وسڪار ٿيا،
فرزند پِدر کان ڌار ٿيا، بُري حالت ٿي تقدير سندي.
ڇڪي مير اُٺن جي مهار هليو، هٿ پير زنجير لاچار هليو،
بڻيو عابد قيد بيمار هليو، ڪل آل پياسي پير سندي.
پاڻي بند ڪيو ته پليد کڻي، ڏاڍو ظلم ڪيو ته يزيد کڻي،
ڪيانءِ اصغر کي ته شهيد کڻي، ڏاڍي طلب اٿم ته صغير سندي.
ٿيو آههِ لاشاري اَسير سدا، ڌڻي بخش جي سيني چير سدا.
ڪر واهر باهو پير سدا، ٻڌ زاري دامنگير سندي.
(53)
مونکي محمد ڄام تنهنجي درد ماريو.
لهه سار ڪا سنڀار منهڙو ڏيکاريو.
عاليٰ شان ٿيو بيان ٻيو قرآن نازل،
ڪفر سياه ٿيو تباهه تنهنجي رُو مقابل.
تاج ٿيو خطاب تنهنجو شان افضل،
مطلوب محبوب خاوند پڪاريو.
دِل جان مستان دلگير آهيان.
غمناڪ مشتاق ٿيو زهير آهيان.
ساڙيو سوز شبروز ٿيو حقير آهيان،
ڪر خيال لڄپال مردو جياريو.
ٻري باهه سڙي ساهه آهي لاڄ توکي،
لولاڪ وارو مليو تاج توکي.
مير موليٰ گهرايو آ معراج توکي،
بر فلڪ ڪل ملڪ تو ڏي نهاريو.
بيوس ڌڻي بخش عاجز ”لاشاري“،
ٿيس چور مجبور، اڳيان قيام ڪاري.
ڏکي اُمت جي آهي لاڄ ساري،
ٻڌ دانهن ڏي پناهه، ڪين وساريو.
(54)
اُٿ جاڳ پکي پرڀات ادا.
ڪا ٻول مٺي تون لات ادا.
کنڀ ساز پکي پنڌ ماڳ ڪرين،
انسانن کي ته سجاڳ ڪرين،
اُٿي سوز منجهان ڪو ويراڳ چوين،
هاڻي آهه وِهامي رات ادا.
پرديس اَٿيئي پنڌ ڏور آهي،
ڪيئڙو حرص هوا مجبور آهي،
توکي طلب دنيا جو سور آهي،
اٿيئي ماس وڍيندڙ ڪات ادا.
اِها قيد پکي تنهنجي باب بڻي،
شبروز ڪجانءِ ته خاموش کڻي.
جڏي راضي ٿئي ٿو پاڪ ڌڻي،
نڪي آهه پڇندو ذات ادا،
هاڻي رات وِهامي ساري آ،
منجهه غفلت جي تو گذاري آ،
ڏاڍي ماهر قوم ”لاشاري“ آ،
ڌڻي بخش چوي ڪر تات خدا.
(55)
ڪيچ ڪاهينديس هوت ريجهائينديس.
يار ڪري ويو ٿم اِقرار.
جان جلائينديس، روح ريجهائينديس،
شهر ڀنڀور ڏي پير نه پائينديس،
منزل ڏاڍي آ دُشوار.
واٽ اڙانگي، اوکيون چاڙهيون،
سوز وڃيٿو اندر ساڙيون،
يار لهين تون جلد سنڀار.
ڏونگر، ڏيرن، ڏاگهن ماريل،
سُکڙا ڀايان هوت پيارل،
روز پڇايان ٿي آثار.
واهه ڌڻي بخش يار ”لاشاري“،
ساڙيو آهي سوز بيماري،
پير باهو جو ٿم آڌار.
(56)
تنهنجي نينهن اچي نابود ڪيو.
مٺي محبت جو مقصود رهيو.
خوشحال منهنجو آ زبون ٿيو،
قد الف کان ڦري نون ٿيو،
نالو قيس منجهان مجنون ٿيو،
ڇڏي خيال خودي جا خوشنود ٿيو.
توکي نورُٗ عاليٰ نور چوان،
توکي موسيٰ ٻيو ڪوه طور چوان،
تنهنجو نينهن چوان ناسور چوان،
دوکي درد ڀريل هي وجود ٿيو.
دائود ڏٺم سليمانء ڏٺم،
نوحء ڏٺم طوفان ڏٺم،
تنهنجي محبت ۾ مستان ڏٺم،
آهي خادم تنهنجو حضرت هوت ٿيو.
تنهنجو قرب ڪمال لازوال چوان،
تنهنجو جلوو جوت جمال چوان،
توکي لائق ۽ لڄپال چوان،
غوغو وحدت واري آ سرود ڪيو.
ڌني بخش چوان دلگير چوان،
جنهنجو حامي باهو پير چوان،
مون اياز سندي تدبير چوان،
جو نادان ”لاشاري“ ٿي محمود ويو.
(57)
حَق باهُو هادِي هُواَللهُ، تنهنجو حَامي اَسدُالله.
1- شان سخي جو آههِ ڀلارو، پاڪ نبي جو خاص پيارو،
فـــــــــــــــــــــــــــرزند ســـــــــــــــــــــــــــــــڏيو آ
مُــــــــــــــــــــــــرسل الله.
2- محل منور نور نوراني، تاج عِنايت ٿيو سلطاني،
چــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــور
بــــــــــــــــــــــــــــــــــڻاييءِ
عِــــــــــــــــــــــــــــــــندالله.
3- تون آن باهُو سِر سُبحاني، تو ۾ آهي راز نهاني،
خـــــــــــــــــــــــــــلق پـــــــــــــــــــــــــــڙهي
ٿِـــــــــــــــــــــــي
بِـــــــــــــــــــــــــــسمِ الله.
4- خمرا ڪن ٿا باهو باهو، ذات اوهان ۾ آهي ياهو،
نـــــــــــــــــــــــــــــقطي ڌاران
اَحـــــــــــــــــــــــــــــــــــــدالله.
5- نام ڌڻي بخش ذات لاشاري، راتيان ڏينهان مونجهه مونجهاري.
ڪـــــــــــــــــــــر تـــــــــــــــــــــــون
پــــــــــــــــــــنهنجو ڪــــــــــــــــــرم
الله.
(58)
آهــــــــــــــــــــــــــــــيان
مـــــــــــــــــــــــــــــــــــان
انـــــــــــــــــــــسان
تــــــــــــــنهن ۾ نــــــــــــــــاهي شڪ گمان
1- مان گرڌاري گوبند آهيان
آءٌ گروءَ مان گيان
2- آءٌ هري چند، آءٌ هَري هان
مان ئي آهيان ڪرشن – ڪان
تنهن ۾ ناهي شڪ گمان
3- ڪاٿي پوٿيون يار پڙهان ٿو
ڪاٿي پڙهان ٿو مان قرآن
تنهن ۾ ناهي شڪ گمان
4- لک لک نالا آهن ”لاشاري“!
”ڌڻي بخش“ سبحان
تنهن ۾ ناهي شڪ گمان.
(59)
عليؑ آهه ساقي، ٽمندي وتان ڇو،
سوين سور سختيون سهندي وتان ڇو.
ديدان عليؑ ۾، ڪاملو وليؑ ۾،
تڏهن ٻي ڳلي ۾ ڇپندي وتان ڇو.
پُسي ويس پگهر ۾، عليؑ جي امر ۾،
پليتن جي ڀر ۾ ڊهندي وتان ڇو.
محشر جا والي، شاه حسنينؑ عالي،
تڏهن بي افعالي رهندي وتان ڇو.
”ڌڻي بخش“ پنجئي گل، ڪريان ياد پلپل،
ڇڏي باغ بلبل، لمندي وتان ڇو.
(60)
پويٿي ياد اڄ مونکي شڪر گفتار گل تنهنجي.
جلن ٿا جوش مون جيرا، وڍيو تلوار گل تنهنجي.
ڏسي گلشن اندر گل کي، بڻي بلبل ديواني آ،
شجر سارا فِدا ٿيئڙا، ڏسي چمڪار گل تنهنجي، پويٿي ياد اڄ مونکي شڪر گفتار گل
تنهنجي.
پيو تڙڦان مثل ماهي، بنا پاڻي مٺا جاني،
پيان جامِ وصل پيارا، پسان جنسار گل تنهنجي.
تنهنجي دِيدن سَندا گهائل، هزارين ٿي چڪا سهڻا.
ڏِسي ٿيا مور مستانا، ڪبڪ رفتار گل تنهنجي.
ڏجانءِ واعدو وصل مونکي، مران تنهنجي محبت ۾،
صفا صورت پسان تنهنجي، اچي هڪوار گل تنهنجي.
تنهنجي لون لون اندر لوري، لڳي آهي ”لاشاري“ کي،
ڌڻي بخشا ڏسان هيڪر، حُسن هٻڪار گل تنهنجي.
(61)
مل مور محمد مهل مهم، دلدار دلاور ڪر ڪا ملم.
سِک ورد ادا سِڪ ساهه وارو، هڪ حال احوال الله وارو،
ڪل آل آدم ارواح وارو، ڪر حرص و هوا ڪل دُور الم.
هڪ حاصل ڪر ڪم ڪار حلال، ڪر دوم عطا دل درد وصال،
ڪر صالح سالم ڪُل اعمال، هڪوار محمد ڪر ڪو ڪرم
گم گار اسم گهر مال ادا، دلدار دلاسو محال ادا،
هِڪ عام گِلا هر سال ادا، هڪوار محمد ڪر ڪو رحم.
هُل هوڪ مَڪر دلدار ”گدا“، رک آس هِڪا هڪوار ادا،
رهه صائم ڪر ڪم ڪار سدا، رهه ماهر دائم علم اسم.
(62)
گهور احمد ساهه سارو، سِرَ علاوه مِلڪ و مال.
هر مهل همراهه آ، اَلحمدُللهِ ڪر ڪلام،
رک محمدؐ ورد دِل ڪا، ڪر سدا صالح اعمال.
ڪر همارا مُلڪ مَڪا، دور ڪر حرص و هوا،
معلوم هو دلدار ڪو، اِس درد دِل ڪا عام حال.
رحم ڪر اَلله اِسدم، در عِلم اِمداد ڪر،
اِس طرح حاصل ڪرا وو، آل احمد ڪا وِصال.
رهه ”گدا“ صائم سدا، ڪر دُور دام و حرص ڪو،
اسم هو هو ورد رَک لو، ڪم ڪَار ڪر دائم حلال.
ڪافيون روايتي رنگ ۾
(62)
مون کي سُورن سخت ستايو لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو لا!
عشق نه تنهنجي لاٿم اولا،
آيا رولن تي سَو رولا،
کاڌم روز ڇپر ۾ ڇولا،
اڳڙيون ٿي ويا پوتيون چولا،
هَر هَر آهي هوت جي ڳولا،
بختن ڪين ڀڙايو، لا!
منهجي اڱڻ عجيب نه آيو لا!
روز رُلان ٿي روه جبل ۾،
عقل ڪيو گم عشق اُڇل ۾،
غرق ٿي آهيان غم جي اُٿل ۾،
ساه ٿو نڪري ساعت پَل ۾،
جيڪي لکيو هو روز اَزل ۾،
اُن اَصلون نه گهٽايو، لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو لا!
هِمت هاري، دردن ماري،
خون اکين مان آهي جاري،
گم ٿيا چارا، ناههِ ڪو چاري.
يار، نه مون کان ڇن تون ياري!
ڇڏ نه اَڪيلو هوتَ هزاري!
ساه لبن تي آيو، لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو لا!
ڏونگر ڪارا، خارن وارا،
پٿريون، ڪُڪريون، گهارا، نارا،
نانگ ٿا بنجن ڳل جا ڳارا،
ماڻهوءَ ماس گهرن ٿا متارا،
پَر وَس کي اچ پهچ تون پيارا!
آهي مُلڪ پَرايو، لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو، لا!
عيش وڃايم، راز نه ڄاتم،
ڳيڙ ڳچيءَ ۾ غم جو پاتم،
توسان نينهن جو ناتو لاتم،
پنهنجي پڇاڙي ڪين سُڃاتم،
عشق جي آفت سِر تي چاتم،
نازڪ نينهن نچايو لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو لا!
آڏا ڏونگبر، ترڇا ڏاڪا،
وِک وِک تي لک وَر ۽ وَراڪا،
ڪونه ٻُڌي ٿو، وايون واڪا،
واٽ وندر جي لنگهندي ڪا، ڪا،
ساه ڪڍن ٿا جهولا جهاڪا،
ڪامل، ڪيچ رَسايو، لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو لا!
بند ٿيون سڀ واٽون واهون،
عرش تي پهچن ٿيون اڄ آهون،
ڪين ٻُڌي ٿو دلبر دانهون،
توڻي ڪريان ٿي ڪيچ ڏي ڪاهون،
کول ”رشيد“ جون رهبر راهون،
رِڻ ۾ ڪين رُلايو، لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو، لا!
ڪرڙ، ڪَنڊا، ڪانڊيرا، ڪاهُو،
اَوکا چاڙها، اَهنجا لاهُو،
لَک ”لاشاري“ راهي راهُو،
عشق جي واديءَ جو مان آهُو،
منهنجو مرشد حضرت باهُوؒ،
”هُو هُو“ ذڪر ڪمايو، لا!
منهنجي اڱڻ عجيب نه آيو، لا!
(64)
پائي پاند، پرين پَرچايان الا،
تنهنجي راه ۾ نيڻ وڇايان اَلا،
قرب منجهان ڪر رُوح رهاڻيون،
ساه سيباڻيون تنهنجون ڪهاڻيون،
توسان ناتو نينهن نڀايان اَلا،
ماڙيون، بنگلا، مَحل وِساريون،
جهنگ جبل ۾ عشق اُجاريون،
تنهنجون واٽون ٿي واجهايان اَلا،
کيڏ برابر بره جي بازي،
قدم قدم تي منهنجي آزي،
توکي رمزن سان ريجهايان اَلا،
مِل ”لاشاري“ سان هڪ واري،
دَلبر دل کي ڏي دلداري،
پنهنجو نانگو نينهن نچايان اَلا.
(65)
منهنجو يار وري، دل ٿي دانهون ڪري،
اَچ پير ڀَري، وَڃ ڪين پَري،
توکي ساريان ٿي ۽ سَنڀاريان ٿي،
هَنجون هاريان ٿي، نه وساريان ٿي،
پَلپل پُور پَون، مان پُڪاريان ٿي،
نٿو ساهه سري، ماندو من ٿو مَري.
تنهنجي قرب ڪُٺو، مون کان ڀاڳُ رُٺو،
سِر تي سوز فراق جو مينهن وُٺو،
اچ تون محب مِٺا، مهڻن آهه مُٺو،
لڳان توسان ڳري، منهنجو منڙو ٺَري.
هر دم جان جَلي، نٿو حيلو هلي،
ويهان هوت بنا ڪيئَن پاڻ پَلي؟
تنهنجو راز ”رشيد“ تو سان سَلي،
اَچ قرب ڪري، دلبر ڌيان ڌري.
(66)
توکي ڪيئن وندرايان ڪنهن کي ٻڌايان؟
ساهه ۾ توکي سمايان ڪنهن کي ٻڌايان؟
ڀل ڏئي مون کي لوڪ ميارون،
تن ۾ تنهنجي طلب جون تارون،
واڄٽ ڪري وڄايان، ڪنهن کي ٻڌايان؟
تون ئي ازل ۽ ابد جو ساٿي،
ڇا ٿيو، توکان نه مون سِڪ لاٿي،
اڳتي وک ٿو وڌايان، ڪنهن کي ٻڌايان؟
ظاهر جا اِهي جيهڙا جاني،
نينهن جي هڪ نروار نشاني،
ڪنهن جي اڳيان پڇتايان، ڪنهن کي ٻڌايان؟
تو ۾ مون ۾ نه آهي جدائي،
ڇاجي چڱائي ڇا جي برائي،
ڪنهن سان ويڻ ورايان، ڪنهن کي ٻڌايان؟
تنهن جا اکڙين ۾ اوتارا،
هاڻي پڇاڙيءَ ۾ اي پيارا!
ڪنهن جو ”رشيد“، سڏايان، ڪنهن کي ٻڌايان؟
(67)
برهه ڪيو بيراڳي:
مون کي سڪ ته سڄڻ جي ستائي ٿي!
جنهن ٿي ”الست“ جي ٻولي ٻولي!
سڄڻ مليو اُهو ساڳي:
مون کي سڪ ته سڄڻ جي ستائي ٿي
”ڪُن“ جي ڏهاڙي کان ئي منهنجي،
ورهه سان دلڙي واڳي:
مون کي سڪ ته سڄڻ جي ستائي ٿي
دلبر دوست جي دم سان ئي مون،
عشق جي منزل جهاڳي:
مون کي سڪ ته سڄڻ جي ستائي ٿي
جاڳندي جوش، سُتي سو راحت،
ناهي ننڊ نڀاڳي:
مون کي سڪ ته سڄڻ جي ستائي ٿي
”ڪُن“ جي بانگ وٽان ”لاشاري“،
روح رضا جو راڳي:
مون کي سڪ ته سڄڻ جي ستائي ٿي
(68)
ٻڌ تون منهنجون زاريون زاريون،
زاريون، دوست دلارا!
هجر فراق جي ماري آهيان،
راتيون گهاريان ڪاريون ڪاريون،
ڪاريون، دوست دلارا!
دل جا دلبر، ڏي ڪو دلاسو،
محب، نه وڃ تون ماريون ماريون،
ماريون، دوست دلارا!
سهڻل سائين، تنهنجو سهارو،
سهه تون اسان جون آريون آريون،
آريون، دوست دلارا!
عشق ازل کان دل ۾ اسان جي،
برهه جون باهيون ٻاريون ٻاريون،
ٻاريون، دوست دلارا!
تنهنجو ٻانهو ”رشيد“ ازل کان،
ڳل ۾ اسان جي ڳاريون ڳاريون،
ڳاريون، دوست دلارا!
(69)
آهي سَڀڪا شيءِ نابُود.
حَق موجود، سدا موجود.
ڪثرت ڪانهي، وحدت آهي،
ناهي فاني اَصل وُجود،
حق موجود، سدا موجود،
کول اکيون، ڏِس پنهنجو تماشو،
جيڪو شاهد، سو مشهود،
حق موجود، سدا موجود.
اَول، آخر، ظاهر، باطن،
هرجا تنهنجو آههِ وُرود،
حق موجود سدا موجود.
سَچلؒ سارو سچ فرمايو،
حق حق ڌاران سَڀ بيسود،
حق موجود، سَدا موجود.
حق سان ٿي وڃ حق ”لاشاري!“
سَڙي پچي ڀَل چشمِ حُسود،
حق موجود، سَدا موجود.
(70)
رانجهن ڪئي دل باند، سوز فراق ۾ ساه سڙي ٿو.
هجر ٿيو هيڪاند، ڏينهن ڏکن جو ڪين لڙي ٿو.
رانجهن مينهيون چاري ٻيلي،
کيڏي ڳجهڙي راند، قرب ڪري ٿو، قلب ڪڙي ٿو.
رانجهن سان ئي روح رهاڻيون،
ڪين ڏسان ٿي واند، اکڙين سان نت عشق اڙي ٿو.
رانجهن خاطر هير نماڻي،
پاءِ ڳچي ڳل پاند، جانب جوڳي جان جڙي ٿو.
رانجهن مون سان رمز رلائي،
مثل چڪور ۽ چاند، رنج ۾ روز ”رشيد“ رڙي ٿو.
(71)
آهي ته ماندو ساه، يار، دلبر جي ديدار لئي.
روز ڏسان ٿي راه، يار، دلبر جي ديدار لئي.
دل آزاري، دردن ماري، دلبر ڏيندو شل دلداري،
بره بڇائي باه، يار، دلبر جي ديدار لئي.
قسمت آهي قيد ڪرايو، ڀاڳن منهنجن ڪين ڀَڙايو،
ڪانه سُجهي ٿي واه، يار، دلبر جي ديدار لئي.
عشق جي منزل ۾ ٿي روانو، اکڙين سان ڏس يار يگانو،
قرب منجهان ڪر ڪاه يار، دلبر جي ديدار لئي.
مفت مسافر ويندو ماريون، تن من جان جگر کي ڳاريون،
ڳڻتين وارو ڳاه، يار دلبر جي ديدار لئي.
رمز ”رشيد“ سُڃاڻ اِهائي، درد ۾ آڻج ڪين ڍرائي،
چوکو رک تون چاه، يار، دلبر جي ديدار لئي.
(72)
شل کيت ڏسان هڪواري، ڪر ڄام عمر لَڄ داري!
روز رئان ٿي، اکڙيون آتيون، نير هنجون نِت جاري.
پنهنجي پيتم کي پرچايان، پايان ڳَل ۾ ڳاري.
ريشم بخمل کان ٿي ڀانيان، پياري ٿَر جي واري.
ڪوٽ ڪنبائي سگهنديس توڙي، آهيان قسمت ماري.
مارن جو مَٽ مُور نه ڪوئي، لَک ٿا لَهن ”لاشاري“.
(73)
لوري لڳي جيءَ جان ۾ پيارو پنهون ويئڙو پَري.
ڪاڏي وڃان، ڪنهن کان پُڇان، وارث نٿو واپس وري.
جانب جدائيءَ ۾ جلي، وينديس هِتان هيڪل هلي،
ڏسنديس اچي تنهنجي ڳلي، ڀَل ڏيل ڏونگر ۾ ڏري.
پيارا پنهون ڪر ڪو ڪرم، قربئون ڀري اَچ ڪي قدم،
تنهنجي پٺيان تنهنجو قسم! ماندي مسافر ٿي مري.
اچ، ويل ٿو سر تي وهي، دل ٿي سوين صدما سهي،
اکڙين منجهان رت ٿو وهي، توکي ڏسان تن من ٺري.
اچ هوت هڪواري وري، ڏي دوست دلداري وري،
اچ تنهنجو ”لاشاري“ وري آهون ۽ دانهون ٿو ڪري.
(74)
ڏي تون دوست مٺا دلداري.
توتان صدقي وَڃان سَو سَو واري!
عشق اَڙانگو، ڪم نه ڪچن جو،
بار کڻن ٿا ڪي باري
نينهن جو ناتو، ڪنهن نه سُڃاتو،
يار نه ڇِن مُون کان ياري!
ديدن سان دل منهنجي ڌتاري،
باه بره جي تو ٻاري
پَرچ پرين! توکي پاند ٿي پايان،
ڳل ۾ وِجهان ٿي ڳاري
درد جو دريا تار وهي ٿو،
آهي لوڏن ۾ ”لاشاري“
(75)
راتيون روئندي روئندي گذاريان،
ڏينهن ڏکن جا ڪين کُٽن ٿا.
ساه ٿو توکي ساري ساجن،
پلپل تنهنجا پور پون ٿا.
ماري وڌو تو هڪڙي نظر ۾،
تير چُڀي ويا جان جگر ۾،
عرش تي پهتيون آهون دانهون،
دونهان دل ۾ روز دُکن ٿا.
گل ڦل ٻوٽا ساه ٿا ساڙن،
باغ بهاريون تنهنجي ڳلي ۾،
حُسن جي روشن شمع تون آهين،
لک پروانا روز جلن ٿا.
دل ٿي آهي تنهنجو نشانو،
دُشمن آهي سارو زمانو،
لوڪ سڄي ۾ آهن عيدون،
مون وٽ غم جا دُهل وڄن ٿا.
روز ”رشيد“ ڏسي ٿو راهون،
قرب منجهان ڪر دلبر ڪاهون،
منهنجي اڱڻ تي اَچ تون ڪاهي،
ياد ۾ تنهنجي نيڻ ٽمن ٿا.
(76)
منهنجو عشق پُنهل سان آهي.
ٻيو لوڪ سڄي جو ڇاهي.
اَسين پاڻ ۾ قرب ونڊيون ٿا،
گڏ جهنگ جبل ۾ گهمون ٿا،
هَٿ هَٿ ۾ ملائي هَلون ٿا،
چشمن جي ڪِناري ڪاهي.
بـــــــــــــــــــــرباد ڪـــــــــــــــــــــــنداسين
حـــــــــــــــــــــياتي،
ته به ويــــــــــــــندو نــــــــــــــــــينهن نه ذاتـــــــــــــي،
ڀَـــــــــــــــــــل عــــــــــــــــــشق چــــــــــــــڙهائي
ڦــــــــاهي.
ڀَـــــــــــــل بــــــــــــند ٿـــــــــــين ســــــــڀ واهــــون،
ته به عرش تي وينديون آهون،
ڀَل دُشمن ڪر تون ڪاهون،
لک ٺاهه ٺڳي جا ٺاهي.
هر شخص هڻي ٿو طعنو،
ٿِيو دُشـــــــــــــــــمن آههِ زمــــــــــــــــانو،
ٿـــــــــــــي اڳـــــــــــــــتي ”رشـــــــــــيد“ روانـــــــــــــو،
ڇـــــــــــــڏ لاڳاپــــــــــــــــــــا ســـــــــــــــڀ
لاهــــــــــي. |