سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :2

 

رشيد احمد لاشاري – سنڌ جو نامور شاعر

(از قلم: ڊاڪٽر اياز حسين قادري)

ريڊيو تي ڪافي وڄي رهي هئي.........

”سک جا سانگيئڙا موٽي شال ملن، وڇڙي ڪين وڃن.“

مرحوم رشيد لاشاريءَ جو پرديسي فلم جو اِهو گانو ٻُڌي مرحوم لاشاري جي ياد تازه ٿي وئي. هن سان گذريل گهاريل گهڙيون دل تي آهسته آهسته ائين اينديون رهيون، جيئن فلم جي پردي تي هڪ سين، ٻيو سين، ٽيون سين يا هڪ ٻئي جي پٺيان سين بدلبا رهن.

مون کي ياد آهي، منهنجو نوجوانيءَ جو زمانو هو. اٽڪل اِها ڳالهه 46ع ڌاري جي آهي. اسان جي لاڙڪاڻي جي مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عطا محمد ”حامي“ آيو. ان سان گڏ هڪڙو ٻيو نوجوان به هو. مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ان جي رهائش مون وٽ ٿيندي هئي ۽ اهي ٻئي دوست مون وٽ ۽ منهنجي اوطاق ۾ رهندا هيا. عطا محمد ”حامي“ سان ٻيو جيڪو دوست ساڻ هو، اُهو رشيد احمد لاشاري هو. اسان ملياسين ۽ واقفيت ٿي. ان وقت ۾ هو سادو سودو هو. وڏو پٽڪو ٻڌل هُيس. وڏي سلوار پهريل هيس، سانوري رنگ جو، منهن تي ٿورا مائيءَ جا سينهڙا ۽ گلي ۾ ٿورو غدود هيس. ائينءَ، هڪ ٻئي سان ملياسين ته يڪدم هڪ ٻئي جا دوست، بلڪ گهرا دوست ٿي وياسين اسان جون طبعيتون بلڪل هڪ ٻئي سان ملي ويون. رشيد احمد لاشاري ان زماني ۾، مون کي جيترو ياد اچي ٿو ته گمبٽ جي ڪنهن پرائمري اسڪول ۾ ٽيڇر هو. اسان جي پوءِ باقاعده هڪ ٻئي سان خط و ڪتابت ٿيندي رهي ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ جيڪي به مشاعره ٿيندا هيا انهن ۾ گهڻو ڪري عطا محمد ”حامي“ ۽ رشيد احمد لاشاري شريڪ ٿيندا هئا.

رشيد احمد لاشاري جي قابليت ۽ لياقت ڏسي، ان وقت جو، ”خيرپور ناز هاءِ اسڪول“ جو هيڊ ماستر يا خيرپور جو ايجوڪيشن ڊائريڪٽر رشيد احمد لاشاري تي مهربان ٿيو. نالو نه وٺبو ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ان جي پنهنجي هڪڙي حيثيت آهي. هو صرف ان ڪري مهربان ٿيو هو جو هن کان پنهنجا ڪم وٺندو هو. اهو ڪم لکڻ پڙهڻ جو هو. لکندو لاشاري هو ۽ نالو هن جو ايندو هو. ۽ پوءِ اهو صاحب اتان بدلي ڪرائي ”ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد“ جو پرنسپل ٿي آيو ۽ رشيد لاشاريءَ کي به وري پاڻ سان وٺي اَچي ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ استاد مقرر ڪرايائين ۽ مقصد کيس اتي به آڻن جو اِهو ئي هو ته، ”کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو“. ان زماني ۾ هڪڙو ڪتاب مئٽرڪ جو Perscribe ٿيو. جو سنڌ جي سڀني هاءِ اسڪولن ۾ مئٽرڪ جا اسٽوڊنٽ مطالعو ڪندا هئا ۽ مون کي رشيد احمد لاشاري اهو ٻڌايو ته ”حقيقت ۾ اِهو ڪتاب منهنجو لکيل آهي، پر نالو اِنهيءَ صاحب جو آهي.“ مان سمجهان ٿو ته انهيءَ ڪتاب جي رائلٽي مان انهيءَ ماڻهوءَ کي وڏي رقم ملي ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾ ان زماني ۾ به ڪافي تعداد ۾ اسٽوڊنٽس هئا، جيڪي سنڌي زبان ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا.

انهيءَ کان پوءِ رشيد احمد لاشاري اُتي گهڻو رهي نه سگهيو ۽ ٽريننگ ڪاليج ڇڏي ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ ۾ جڏهن آيو، تڏهن پهريون پهريون مون وٽ رهندو هو. ۽ پوءِ اظهر شاه گيلاني هُن کي وٺي ويو. اُن جو گهر رام باغ جي دروازي جي سامهون بلڊنگ ۾ هوندو هو. رشيد به اُن سان گڏ اُتي رهندو هو. اظهر گيلاني ريڊيو پاڪستان جي سنڌي سيڪشن سان وابسته ٿي ويو ۽ رشيد احمد لاشاريءَ کي به اُن سان وابسته ڪيائين. سن 54 ڌاري سنڌي فلمن جو رواج پيو ۽ فاضلاڻي سنڌي فلمن جو سلسلو شروع ڪيو. ان زماني ۾ ”عمر مارئي“ جي ڪهاڻي، ڊائلاگ ۽ گانا رشيد لاشاري لکيا. ۽ هيءَ فلم پنهنجي وقت جي سنڌي فلمن جي حساب سان سُپرهِٽ فلم هُئي. نهايت ڪامياب ٿي ۽ ان جا گانا خاص طرح ڏاڍا ڪامياب ٿيا ۽ انهن گانن جو ايترو ته اثر ٿيو جو هر گهر ۽ هر گهٽيءَ ۾ انهن فلمي گانن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ريڊيو تان به اهي گانا تمام گهڻو ٻُڌڻ ۾ آيا. هڪ ڪافي لکيائين:

”منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي.“

اِهو گانو نذير بيگم بي انتها سٺو ڳايو ۽ بي انتها مقبول ٿيو ۽ ٻيا گانا به تمام گهڻو مقبول ٿيا هئا. ان کانپوءِ، جيڪي به فلمون ٺهڻ لڳيون، اُنهن ۾ اسٽوري به گهڻو ڪري رشيد لاشاري جي لکيل هوندي هئي ۽ گانا به هن جا لکيل هوندا هئا ۽ ڊائلاگ به هن جا ئي لکيل هوندا هئا. سنڌي فلمن جو روح ڄڻ ته رشيد لاشاري هو.

رشيد احمد لاشاري جي مقبوليت سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ هر هڪ شهر ۾ پکڙيل هئي. ڇاڪاڻ ته فلمي گانا رشيد احمد لاشاري جا ايترا مقبول ٿيا جو هر هڪ ماڻهو کي پتو پيو ته رشيد احمد لاشاري هڪڙو شاعر آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پڙهيل لکيل طبقي مان ڪجهه ماڻهن ڪن ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ پبلسٽي ڏني. پر انهن جي پبلسٽي اخبارن ۽ رسالن تائين محدود رهجي وئي ۽ عام ماڻهوءَ تائين نه پهتي ۽ هن وقت تائين نه پهتي آهي ۽ رشيد احمد لاشاري کي هن وقت تائين ماڻهو ڀُلائي نه سگهيا آهن ۽ اڄ به جڏهن رشيد احمد لاشاري جا ڪلام ايندا آهن جيئن ته:

”وڃ نه پري مون کان هٿڙو ڇڏائي“ ته ماڻهو جهومڻ لڳندا آهن.ٻين شاعرن ۾ به رشيد احمد لاشاري جي وفات کان پوءِ فلمي گانا لکيا پر ڪنهن جو به لکيل گانو ايترو مقبول نه ٿيو آهي. رشيد احمد لاشاريءَ جا گانا ماڻهن کي ائين ياد آهن جيئن لَتا جا پراڻا گانا. ”سک جا سانگيئڙا“ اِهو گانو اڄ به مان جڏهن ٻڌندو آهيان ته منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آهي.

انهيءَ زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون هفتي وار ميٽنگون منهنجي فليٽ 6، ڌني رام بلڊنگ ۾ ٿينديون هيون. انهن ميٽنگن ۾ جيڪي اسان جا دوست شريڪ ٿيندا هئا، انهن ۾ عبدالحليم جوش، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني، علي احمد بروهي، شيخ حفيظ، علي محمد مجروح، نورالدين سرڪي، موتي رام رامواڻي، سوڀو گيانچنداڻي، پوهُو ۽ عبدالواحد سنڌي شامل آهن. رشيد احمد لاشاري به ايندو هو ۽ ڀرپور حصو وٺي هر نشست ۾ اسان کي شعر ٻڌائيندو هو ۽ تنقيدن ۾ به حصو وٺندو هو. ۽ اسان جي ادبي حلقي جي جان هوندو هو.

مالي نقطه نگاه سان رشيد احمد لاشاري ڪڏهن به سُکي حالتن ۾ نه رهيو. انهيءَ جو بنيادي سبب اِهو هو ته هُن کي دم ڪشي جي بيماري هئي، جنهن ڪري هميشه بيماريءَ جي علاج لاءِ هن کي پيسي جي ضرورت هوندي هئي. کيس جيڪا پگهار ملندي هئي، انهيءَ ۾ هن جي پورت نه پوندي هئي. رشيد احمد لاشاري جي ديوان جو جيڪڏهن مطالعو ڪبو ته انهيءَ ۾ گهڻن شعرن ۾ غربت جو، مفلسي ۽ بيماريءَ جو ذڪر ڪيو اٿائين. ان مان محسوس ٿي سگهي ٿو ته شاعر ڪهڙن ڏکن ۽ ڪهڙي بيماري واري دور ۾ گذريو آهي. دم ڪشيءَ جي تڪليف جي ڪري هو ڏاڍو پريشان رهندو هو. هڪڙو دفعو مان وٽس حيدرآباد ويس ته هڪڙي کٽ تي، اُها کٽ به ڇڳوري کٽ هئي ۽ ان تي سنڌي رلي، اُها به پراڻي، اُن تي رشيد ستو پيو هو. هن کي هڪڙو دمڪشيءَ لاءِ حقو (Inhaler) هوندو هو، جو پيو ڇڪيندو هو. سو اُهو به ڇڪي پيو ۽ لکي به پيو ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪو به ٻيو اهڙو ماڻهو مان نه ڏٺو آهي جو ايڏي بيماري ۽ غربت جي حالت ۾، ماني به کاڌي هئائين الائي نه، پر لکي رهيو هو ۽ تڪڙو تڪڙو لکي رهيو هو. رشيد تمام گهڻو لکيو آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ تمام ٿورا اديب، شاعر هوندا جن ايترو لکيو هوندو. جيترو رشيد لاشاريءَ لکيو آهي. اِها بلڪل صحيح ڳالهه آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي رشيد جو جيترو قدر ڪرڻ کپندو هو، ايترو هنن نه ڪيو آهي.

هن جون علمي ۽ ادبي لياقتون ڏسي، هن کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽرانسليٽر مقرر ڪيو ويو هو. هو ادبي بورڊ ۾ رهي نهايت محنت سان ڪم ڪندو هو. پر محمد ابراهيم جويي صاحب جي سخت گير طبيعت سبب، اُتي ڪنهن به حساس طبيعت واري انسان جو رهڻ ڏاڍو ڏکيو هو. جيئن ته رشيد احمد لاشاري حساس طبيعت جو شاعر هو ۽ هڪ حساس طبيعت جو مالڪ انسان هو، تنهنڪري جويي صاحب جي سخت رويي سبب اُتان نوڪري ڇڏي ڏنائين. مون کي ياد آهي ته هڪڙو مشاعرو ٿيو، انهيءَ ۾ رشيد احمد پنهنجو هڪڙو شعر پڙهيو جنهن جو رديف ”جويائي حسد“ هو. اُن ۾ هن، اڻ سڌيءَ طرح جويي صاحب جي سخت شڪايت ڪئي هئي. جويي صاحب جي سخت رويي جي شڪايت غلام رباني آگري، جنهن سڄي زندگي هُن سان گڏ ڪم ڪيو ۽ هاڻ به ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪري ٿو، پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ به ڪئي آهي.

رشيد احمد لاشاري ڪنهن وقت ”نئين زندگي“ ان به وابسته ٿيو ۽ اتي هڪڙي نئين ڳالهه ڪيائين ته ”نئين زندگيءَ ۾ مشاعرن جو رواج وڌائين. هو طرح ڏيندو هو، جنهن تي شاعر پنهنجا شعر موڪليندا هئا ۽ پوءِ اهي ”نئين زندگي“ جي مشاعري ۾ شايع ٿيندا هئا. اِهو رشيد احمد لاشاري جو ڪارنامو هو. اُن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين. ”نئين زندگي“ پاران ”مهراڻ جا ماڻڪ“ نالي ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيل چونڊ افسانن، مقالن ۽ مضمونن ۽ شاعري جو ادبي ڪتاب شايع ٿيو. ڪتاب ”مهراڻ جا ماڻڪ“ جي چونڊ به رشيد احمد لاشاري جي محنت جو نتيجو هئي. اهو پنهنجي وقت جو هڪ معياري ڪتاب آهي.

فيض احمد ”فيض“ جڏهن ”هارون ڪاليج“ کڏي جو پرنسپل هو، تڏهن هن، رشيد احمد لاشاريءَ جي لياقت ۽ قابليت ڏسي کيس اُتي سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ڪيو ۽ ڪافي عرصي تائين رشيد احمد لاشاري اُتي پڙهائيندو رهيو.

رشيد احمد لاشاري وري ڪجهه وقت حيدرآباد ضلعي ۾ پاڻ کي وڃي سيٽ ڪيو. پوئين ڏينهن ۾ اُتي ”بزم خليل“ جو سرگرم ڪارڪن هو. اُتي سنڌي ۽ اردو ٻنهي ۾ شعر پڙهندو هو. رشيد احمد لاشاري سنڌي، سرائڪي، اردو، بلوچي، پشتو، فارسي ۽ پنجابي ۾ تمام آساني سان شاعري ڪندو هو. هو حيدرآباد جي ريڊيو سان به ڪجهه وقت وابسته رهيو، جتي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندو رهيو. ڪراچيءَ ۾ کڏي ۾ ”محفلِ احباب“ ۽ ٻين بزمن جي پاران جيڪي مشاعره ٿيندا هئا، انهن ۾ به وقت به وقت شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن حيدرآباد ۾ گذريا ۽ هو اُتي ئي گذري ويو. شمشير الحيدري جيڪو ان وقت ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر هو، تنهن رشيد جي وفات تي ”نئين زندگي“ ۾ اهو نوٽ لکيو ته

”رشيد احمد لاشاري مرحوم نهايت ڪسمپرسي جي حالت ۾ اسپتال ۾ گذري ويو ۽ هن جي جنازي سان اُهي ماڻهو به شريڪ نه ٿيا جن هن کي استعمال ڪيو هو.“

رشيد احمد لاشاري اهو شخص هو، جنهن جي گڏ ويهڻ سان روح کي راحت ايندي هئي. هو هڪڙو نهايت مخلص، اخلاق وارو، بي انتها سادو، بي انتها شريف، نهايت سچو، ايماندار، محبت رکندڙ ۽ محبت ڏيندڙ ماڻهو هو. بس جيئن شاه لطيف چيو آهي،

”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي،

تون تنين سي ڪٽ اوڏو اڏي پکڙا.“

جنهن زماني ۾ رشيد گمبٽ ۾ ماسترهو، مون سان سندس نئين نئين دوستي ٿي هئي ته مون پنهنجي والد جو ديوان هن کي ڏيکاريو بلڪ ڏنو هو جو رشيد احمد لاشاري پنهنجي هٿ اکرن سان اُتاري ڏنو هو. ۽ اهو نسخو مون وٽ اڃان تائين موجود آهي.

رشيد احمد لاشاري جا مون کان علاوه حاجي محمود ”خادم“، ”غلام احمد ”نظامي“، عطا محمد ”حامي“، مولانا غلام محمد ”گرامي“، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“، محمد بخش ”واصف“، عبدالحليم ”جوش“، علي محمد ”مجروح“، ۽ سنڌ جي گهڻو ڪري سڀني شاعرن ۽ اديبن سان دوستي، قرب ۽ محبت جا ناتا هئا.

ان زماني ۾، قادر بخش بشير، جو جيڪب آباد ضلعي جو هڪ تمام ڪهنه مشق، تمام سٺو، بزرگ ۽ نهايت پيارو شاعر هو، ان جي ۽ *رشيد احمد لاشاري جي ادبي ڏي وٺ ٿي. ۽ رشيد احمد لاشاري ”روڏي موالي“ جو تخلص اختيار ڪري هُن سان نوڪ جهوڪ ڪندو رهيو. شاعري جو اِهو جهيڙو ”اديبِ سنڌ“ جي پرچن ۾ محفوظ آهي. مون کي ياد آهي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس هئي. رشيد احمد لاشاري منهنجي اوطاق ۾ مهمان هو. اسان پاڻ ۾، هڪ ٻئي کي پنهنجا شعر ٻڌاياسين. رشيد احمد لاشاري چيو ته، ”مان پنهنجي هڪ مهربان سان ملي اچان جيڪو پڻ هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو.“ (اهو خيرپور وارو آفيسر هو، جيڪو ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسپال رهيو هو. ان وقت اڃان به وڌيڪ پوسٽ تي پهچي ويو هو) رشيد جڏهن موٽي آيو، تڏهن چيائين، ”يار مان ڦرجي ويس.“ اسان چيو، ”ابا ڇا ٿي ويو، ڦرجي ڪيئن وئين!“ چيائين، ”مان ويس ته مون کان اُن صاحب پُڇيو، ”رشيد تو ته ڏاڍو سٺو شعر لکيو هوندو!“ مون چيو، ”بس مڙئي ائين لکيو اٿم.“ چيائين، ”ذرا مون کي ٻُڌاءِ ته.“ ”جڏهن مان اهو غزل هن کي پڙهي ٻڌايو ته مون کي چيائين ته، ”يار رشيد هيءُ غزل مون کي ڏيئي وڃ ۽ تون وري ٻيو لکجانءِ.“ ۽ پوءِ رشيد چيو ته ”مان کيسو پنهنجو ڪٽائي آيو آهيان.“ اسان چيو، ”يار کيسو ڪٽائي آيو آهين، پرواه ناهي.“ هاڻي تون وري ٻيو غزل لک.“ رشيد ٻيو غزل لکيو ۽ رات انهيءَ صاحب مشاعري ۾ ڪڙڪي ۽ کڙڪي سان اهو غزل پڙهيو ۽ نهايت سٺو داد حاصل ڪيائين. اِهو اڻ وسرندڙ واقعو آهي جو شعر لکيو رشيد ۽ پڙهيو ٻئي.

رشيد احمد لاشاري ڪجهه وقت سنڌي لغت جي اداري ۾ به ڪم ڪيو. هن مون کي اها ڳالهه ٻڌائي ته، ”اسان کي تمام گهٽ معاوضو ڏيندا هئا“ ۽ ان قسم جون رڙيون محمد بخش واصف ۽ عبدالڪريم سنديلو به ڪندو هو. چيائين، ”اسان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن چرچي طور ڪي پنهنجا لفظ گهڙي ڇڏيندا هياسين ۽ لغت ترتيب وقت اُهي ائين جو ائين قبول ٿيندا هئا.

ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي سنڌ ۾ هڪ شاعر پاڻ کي شاه لطيف جي برابر بلڪ اُن کان به وڌيڪ پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو. سندس ڪجهه دوست جن کي سندس چُڪيءَ چريو ڪيو هو، انهن به هن کي شاه عبداللطيف کان مٿي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ڪيترائي مضمون لکيا ۽ اهي مضمون اُن دور جي ”نئين زندگي“ رسالي ۾ شايع ٿيا. جن جو جواب علي نواز جتوئي ۽ ٻين دوستن ڏنو. رشيد احمد لاشاري به انهن تي تنقيد ڪئي. ائين ٻُڌڻ ۾ آيو ٿي ته ڇاڪاڻ ته رشيد احمد لاشاري اُن زماني ۾ صحت جي نقطه نگاه کان پيسي جي تڪليف ۾ هو، جماعت اسلامي وارن جو گروپ هن کي ڪجهه مالي مدد ڪري، هن کان پنهنجي نقطه نگاه کان ڪتاب لکرايو جنهن تي ان شاعر جا جيڪي به حواري هئا، انهن رشيد احمد لاشاري جي خلاف لکيو.

رشيد احمد لاشاري جو نثر پنهنجي دور جي نقطه نگاه کان تمام سٺو هو. هن جا مضمون ۽ مقالا پرلطف هئا. سنڌي ادبي بورڊ ڪيترا ڪتاب رشيد احمد لاشاري کي ترتيب ڏيڻ ته ڪجهه ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڪجهه ترجما ڪرڻ لاءِ ڏنا، جن مان ڪي هي آهن: ”ڪُلياتِ گدا“. هن ”ڪلياتِ گدا“ کي ايڊٽ ڪيو ۽ اُن جو تعارف Introduction به لکيائين، ٻيو ڪتاب ”نل دمينتي“ آهي. سنڌي مثنوي ۾ اُن کي ٽرانسفر ڪيائين. اِهو وڏو ڪم آهي. ”نل دمينتي“ تمام شاندار ڪتاب آهي ۽ ڪلاسڪ ۾ شامل آهي. ”نل دمينتي“ جو ترجمو تمام سٺو ۽ وڻندڙ آهي. انهن ٻنهي ڪمن کان علاوه سندس هڪ اهم ڪم ”شڪنتلا“ ڊرامو آهي. اهو هن ترجمو ڪيو ۽ اهو ترجمو ايڏو ته بهترين آهي جو ”شڪنتلا“ کي سنڌي ادب جي شاهڪارن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. جيڪا ٻولي ان ۾ استعمال ٿي آهي ۽ جنهن انداز ۾ ٿي آهي، مان سمجهان ٿو سنڌ ۾ ٻه، ٽي ڪي ڪتاب آهن، جيڪي ٻولي جي نقطه نگاه کان انهيءَ معيار تي اچن ٿا. رشيد احمد لاشاري اُن زماني ۾ ”لطيف باغ جو سير“ نالي ڪتاب لکيو جنهن تي کيس تعليم کاتي پاران عثمان علي انصاري، جو ان وقت سنڌ جو ڊائريڪٽر تعليم هو، انعام ڏياريا هئا.

رشيد احمد لاشاري جي جيتريقدر شاعري جو تعلق آهي، ته هو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو شاعر هو. بلڪ شاعري جو سمنڊ هو. جڏهن شعر چوڻ ويهندو هو ته هن کي شعر ٺاهڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي هئي. پنجن ڏهن منٽن ۾ في البديهه شعر ٺاهي وٺندو هو. هو شاعري ۽ نثر ۾ پنهنجو اُستاد پاڻ هو. رشيد احمد لاشاريءَ کي شاعريءَ تي ايترو ته عبور هو، جو مان سمجهان ٿو ته، ٻيا نثر ايترو تڪڙو نه لکي سگهندا، جيترو تڪڙو هو نظم لکندو هو. هو جهونگاريندو هو. جهونگارڻ جي ڪري هن جو خيال بحر وزن ۾ پورو اچي ويندو هو ۽ هو جلدي لکي ويندو هو. تمام تمام رواني سان نهايت فصيح، نهايت سٺو، پُر اثر ۽ تڪڙو تڪڙو شعر چوندو هو. هن کي في البديهه ۽ رواني سان شعر چوڻ جي قدرت طرفان وڏي ڏات مليل هئي. هڪڙو واقعو ٿو ٻڌايان ته 1954 ۾ ”جمعيت الشعراءِ“ سنڌ جي سهاري هيٺ ڪراچيءَ ۾ تمام وڏي ادبي ڪانفرنس ٿي. ان ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمن ڊاڪٽر دائود پوٽو هو ۽ استقباليه ڪميٽي جو سيڪريٽري مان هوس. ان زماني ۾ سنڌ جا جيڪي به وڏا ماڻهو هئا، انهن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ علي محمد راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، قاضي اڪبر، پيرزادو عبدالستار ۽ ٻيا هئا. مشاعري جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي. ان زماني ۾ اردو مشاعرن ۾ هڪڙو رواج ٿي ويو هو ته شاعر کي شعر ٻڌائڻ لاءِ سڏ شعر ۾ ڪيو ويندو هو. سنڌي شاعرن چيو، اسان به شاعرن کي ائين شعر پڙهڻ جي دعوت ڏيون. پر هاڻي سوال اهو ٿيو ته اهو ڪم ڪير ڪري! ايترو تڪڙو شعر ڪير لکي! مون چيو ته رشيد احمد لاشاري اهو ڪم ڪري سگهي ٿو. اسٽيج تي مخدوم طالب الموليٰ، جو مشاعري جو صدر هو ۽ ڀرسان رشيد ۽ مان ويٺاسي. بزم مشاعري جي سيڪريٽري جي حيثيت سان مشاعري جي ڪاروائي مون ٿي هلائي. رشيد احمد لاشاري منهنجي ڀرسان ويٺو هو. اسان شاعرن جا نالا لکي ٽوپي ۾ وڌاسين ۽ انهن مان هڪ شاعر جو نالو ڪڍي مون رشيد لاشاري کي ٿو ڏنو ۽ هن يڪدم ان شاعر جي تخلص تي شعر لکي ٿي ورتو. مون اهو شعر پڙهي اُن شاعر کي شعر پڙهڻ جي ڪوٺ ٿي ڏني، جيستائين ان شاعر اسٽيج تي ويهي شعر ٿي پڙهيو ته رشيد ٻي شاعر بابت شعر لکي ٿي ورتو. انهيءَ نئين انداز ، مشاعري ۾ مزو پيدا ڪيو ۽ اسان کي رشيد ۽ مون کي ڏاڍو داد مليو. انهيءَ زماني ۾ سنڌي مشاعري ۾ اها پهرين طرحي ڪوٺ جي روايت هئي. جيڪي به ماڻهو ويٺا هئا، انهن ۾ سون جي تعداد ۾ شاعر ۽ اديب هئا، پير حسام الدين راشدي هو ۽ وڏا وڏا ماڻهو هئا، سڀني ان ڳالهه کي ڏاڍو پسند ڪيو.

رشيد احمد لاشاري شاعري ۽ نثر جو بادشاهه هو، هن هر صنف تي لکيو آهي ۽ ڀرپور لکيو آهي. منهنجي خيال ۾ کيس غزل تي وڌيڪ دسترس هئي. رشيد احمد لاشاري جي شاعري ۾ فصاحت آهي، بلاغت آهي، تاثر آهي، تمام گهڻي رواني آهي ۽ زبان تي عبور آهي. پارسي ٻولي جي ڪنهن حد تائين چٽسالي آهي. تشبيهون ۽ استعارا آهن، جن مان ڪجهه مقامي آهن ۽ ڪجهه وري ايراني ماحول تان ورتل آهن. اِها ڳالهه صحيح آهي ته رشيد احمد لاشاري جي شاعريءَ تي اردو ۽ پارسي شاعري ۽ ڪلام جو وڌيڪ اثر هو ۽ اُن دور کانپوءِ شاعري پنهنجو رُخ بدلائڻ شروع ڪيو ۽ نون شاعرن موجوده دور ۾ نوان رُخ اختيار ڪيا آهن. رشيد احمد لاشاري عروضي شاعر هو. هن جيڪي ڪافيون لکيون آهن، انهن ۾ مقامي رنگ هو، جنهن کي شاه ۽ سچل جو رنگ چئجي.

رشيد احمد لاشاري جو سنڌي ادب ۾ بلند ۽ نه وسرڻ جو مقام آهي. ڪڏهن به ماڻهو هن کي وساري نه سگهندا. سوال آهي ته رشيد احمد لاشاري جي ”نل دمينتي“ کي ڪير وساري ٿو سگهي. سندس ”ڪلياتِ گدا“ کي ڪير وساري سگهي ٿو ۽ اُن کان وڌيڪ ”شڪنتلا“ کي ته ڪوئي وساري ئي نٿو سگهي. مان اِئين چوندس رشيد احمد لاشاري هڪڙو پيارو ماڻهو ۽ هڪ پيارو شاعر هو.

اڄ جيڪڏهن اسين ڏسون ٿا ته، اُن دور ۾، جنهن دور ۾ رشيد احمد لاشاري لکيو يا قلمي پورهيو ڪيو، انهيءَ وقت ۾ سنڌي ادب کي لکندڙن جي سخت ضرورت هئي ڇاڪاڻ ته اُن وقت، ورهاڱو ٿي چڪو هو. هِتان هندو لکندڙ هليا ويا هئا، مسلمان لکندڙ هئا ئي ڪين. انهيءَ زماني ۾ نثر ۽ نظم ۾ جنهن به لکيو اُنهيءَ ڄڻ سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو ۽ رشيد احمد لاشاري انهن مان هڪڙو آهي.

 

ڊاڪٽر اياز حسين قادري

1997-12-02

سابق پروفيسر، ائڊوائيزر

شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر

ڪراچي يونيورسٽي

رشيد احمد لاشاري – هڪ تاثر

(از قلم: شيخ عبدالحليم جوش)

مرحوم رشيد احمد لاشاري انهن ڳاڻ ڳڻين شاعرن مان هڪ آهي، جن مون کي پنجاه واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي علميت، نهٺائي ۽ شعري صلاحيتن سببان متاثر ڪيو. هو سچ پچ ته سٺو نثر نويس ۽ قادر الڪلام شاعر هو. علم حاصل ڪرڻ لاءِ، رشيد جيڪا جاکوڙ ڪئي، سا ٽڪر ٽاڪڻ کان گهٽ نه هئي، مون کي ٻڌايو هئائين ته ڪيئن نه هُن ديني مدرسن ۾ رهي اتان فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ذاتي مطالعي ۽ اهل علم جي صحبتن ۽ ادبي محفلن کان فيض پرائي اهڙي درجي تائين پهتو جتي کيس وڏا عالم ۽ اديب به عزت جي نظر سان ڏسندا هئا. هو ڪيترو وقت، سنڌ ۽ پنجاب ۾ جوڳين سان، صوفي شاعرن ۽ بزرگن جي درگاهن ۽ آستانن جي زيارت ڪندو رهيو. انهن ڪشالن، رشيد جي شخصيت کي وڌيڪ اجاريو ۽ سندس مزاج ۾ پختگي پيدا ٿي.

منهنجو والد شيخ عبدالله عبد مرحوم تن ڏينهن ۾ (54-1952) ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ وائيس پرنسيپال هو جڏهن رشيد به ساڳئي ڪاليج ۾ استاد هو. هڪ ڀيري پنهنجي نوآباد (ڪراچي) واري جاءِ ۾ والد صاحب جي ڪتب خاني ۾ ڪنهن ڪتاب کي ڳوليندي هڪ خط هٿ آيم جيڪو مرحوم لاشاريءَ جو لکيل هو. اُن خط ۾ هُن پنهنجي پريشانين جا ڪئين دفتر کولي ڇڏيا هئا. خط پڙهي مان حيران ٿيس. ائين ٿي معلوم ٿيو ته اُن وقت اهڙا ڪي زوراور ماڻهو به هئا جي رشيد جهڙي سٻاجهڙي اديب کي باندي بڻائي، کانئس مضمون يا ڪتاب لکرائي پنهنجي نالي ڇپرائيندا هئا ۽ کيس معمولي معاوضو ڏيئي پوءِ آزاديءَ سان وڃڻ ڏيندا هُئا. هن خط بابت گهڻو پوءِ مون لاشاريءَ کان پڇيو ته هن ڪي نالا به ٻڌايا جن جو ذڪر هاڻي مناسب نه آهي.

اهڙين بي انصافين جي باوجود هُن پنهنجو تخليقي عمل جاري رکيو. پنهنجي طويل علالت ۽ ناسازگار حالتن جي باوجود هُن لکڻ ترڪ ڪين ڪيو. ائين چوندي ڪو به وڌاءُ محسوس نٿو ڪريان ته جيڪڏهن صحت ۽ ماحول ٻئي رشيد جو ساٿ ڏين ها ته پنهنجي اٿاهه ادبي صلاحيتن ۽ تخليقي قوتن سببان، هو سنڌ جو ٻيو قليچ بيگ ثابت ٿئي ها.

کيس سهڪي (Asthama) جي تڪليف ايڏي ته شديد هئي جو هو ٿورڙو پنڌ ڪندي به ساڻو ٿي پوندو هو ۽ دوائن جي مدد کان سواءِ چُري ڪين سگهندو هو. مان نوڪري سانگي ڪي سال (64-1962ع) دري اسماعيل خان هوس. ان عرصي ۾، منهنجي عزيز دوست مرحوم محمد عمر ڄاموٽ پاران جاري ڪيل هفتيوار سنڌي اخبار ”ناخدا“ جا ڪي پرچا ٽپال ۾ مونکي ملندا رهيا تن ڏينهين مرحوم لاشاري، اُن اخبار جو مدير هو. هيءُ ناخدا جو ٻيو دؤر هو. پهرئين دور ۾ (1950 کانپوءِ) ڄاموٽ مرحوم منهنجي مشوري سان ”ناخدا“ اخبار شروع ڪئي، مرحوم علي محمد مجروح ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين اياز قادري به هن تجربي ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي هئا. ناخدا جا شروعاتي پرچا ڪراچيءَ جي مشاعرن ۽ ادبي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا. ڪيترن شاعرن جو ڪلام دلچسپ تبصرن سان شايع ٿيندو هو. اڄ، اُهي شاعر به اسان ۾ موجود نه آهن، انهن جو ڪلام به ناپيد آهي ته اُهي پرچا به اڻ لڀ آهن.

مون کي جميعت الشعراءِ سنڌ پاران سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل چوڏهين ادبي ڪانفرنس (1954) ڪڏهن به نه وسرندي، جنهن جو اهتمام، سنڌ جي محسن، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين اياز جي ڪوششن کانسواءِ ممڪن نه هو. مرحوم محمد جمن هالو به هن ڪوشش ۾ ساڻن ٻانهن ٻيلي رهيو.

هن موقعي تي عظيم الشان طرحي مشاعرو به ٿيو جنهن جي صدارت، مرحوم طالب الموليٰ ڪئي، مشاعري لاءِ مصر طرح هئي،

”بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃا!“

مشاعري جي ڪاروائي، ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري، اياز قادري صاحب هلائي رهيو هو، مشاعري ۾ سڄي سنڌ مان چونڊ شاعر حصو وٺي رهيا هئا، هر هڪ شاعر کي سڏڻ لاءِ رشيد مرحوم هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. سندس في البديهه شعر جوڙڻ جي صلاحيت جو اندازو هيٺين مثالن مان لڳائي سگهجي ٿو.

مرزا اجمل بيگ

رنگ محفل جنهنجي گفتن سان وري اڪمل ٿئي،

بزم جو سينگار سو اڄ حضرت اجمل ٿئي.

شفيع محمد علوي اوج

ضرورت آهي ته بزم سخن ۾ مؤج اچي،

ڪلام پنهنجو پڙهڻ اڄ جناب اوج اچي.

تنوير عباسي

جوان خيال، جوان سال فڪر جي تصوير

ڪلام پنهنجو ٻڌائڻ جي لئه اچي تنوير.

سردار علي شاهه ذاڪر

علم و ادب ۾ شاه ٿو سڏجي، سيد هڪ سردار علي

ذاڪر جنهن جو آهه تخلص طرز سخن ڀي آهه ڀلي.

علي محمد مجروح

سخن ۾ گوهر يڪتا ۽ آهه بزم جو روح

ڪلام پنهنجو پڙهڻ بزم ۾ اچي مجروح.

اياز قادري

اچي ته بزم سخن ۾ اڃا ڪو رنگ رچي

ڀلي ڪلام پڙهڻ، قادري اياز اچي.

ياد اٿم ته رشيد صاحب جو طرحي غزل به سامعين کي ڏاڍو وڻيو ۽ ”واه واه“ جو آواز پري پري گونجندو رهيو. ممڪن آهي ته سندس غزل، ڪلام ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويو هجي. اِن خيال کان غزل جا ڪي شعر جي مون کي ياد آهن، پيش ڪريان ٿو:

ڏسون ٿا قوم جي غيرت به مُستعار اڃا،

نه آهي پنهنجي ارادن تي اختيار اڃا.

عطا فقط ٿي اميرن کي آهي آزادي،

غلام آهي غريبن جو وار وار اڃا.

اُهو ئي ظلم وڏيرن جو ۽ اُهي هاري،

اُهائي بک ۽ اهو فڪرِ روزگار اڃا.

کسن ٿا جيڪي اديبن کان، سون، سيني جو،

ڏئي انهن کي حڪومت به ٿي هزار اڃا.

ٽڪي جي ٽول تي ڏينداسين هار هيرن جو!

خيالِ غير ۾ آهيون اسين ڪي ٻار اڃا.

نه آهي ساٿ مقدر نه دوستن جي مدد،

رشيد آهي زماني ۾ بيقرار اڃا.

اسان مان شايد، اديبن، شاعرن، گهڻگهرن ۽ خير خواهن کي ياد ڪرڻ جو دستور موڪلائي ويو آهي. آفرين هجي رشيد مرحوم جي فرزند مختار احمد لاشاري کي جنهن اهڙي ڪوشش ڪئي آهي. شال خدا مرحوم رشيد احمد لاشاريءَ جي مغفرت فرمائي ۽ سندس اولاد کي شاد ۽ آباد رکي – آمين.

 

خادم

شيخ عبدالحليم جوش

1997-5-18

 

 

رشيد احمد لاشاري

(از قلم: شيخ عبدالرزاق راز)

برصغير هندو پاڪ جي آزاديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ شعر و سخن جون محفلون، ڪجهه سالن جي لاءِ خاموش ٿي ويون ۽ ادبي دنيا نئين ماحول ۽ نئين ڪشمڪش جي جائزي وٺڻ ۾ مصروف ٿي ويئي. قريباً هڪ سو سالن جي جدوجهد کان پوءِ ڄڻ آزادي نصيب ٿي هئي ۽ آزاد مملڪت جو شاعر، هڪ نئين فضا ۾ ساهه کڻڻ لڳو هو.

انهيءَ دور ۾ جن به نظم گو شاعرن جا نالا ادبي دنيا ۾ افق تي نمودار ٿيا، تن ۾ رشيد لاشاري جون ڪاوشون قابل تحسين آهن. اسان جي خيال موجب هن پنهنجي زندگي حصول علم و ادب جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

سنڌي شاعريءَ جي موجوده زماني تي جيڪڏهن نظر ڪجي ٿي ته انهيءَ شاعريءَ متعلق ڪيترائي مبهم ۽ منتشر خيال ذهن ۾ اچيو وڃن. شاعريءَ کي اسان جي ڪيترن دوستن ڪنهن شعبده بازيءَ جو حصو سمجهيو آهي. فن جو مطالعو ڪرڻ ته شايد ڪيترن جي دست رس کان ٻاهر هجي. پر فن تي نظر اڇلائڻ به هنن ڪو گناهه سمجهيو آهي. تنهنڪري شاعريءَ جي فن سان بسا اوقات هٿ چراند ڪئي ويئي آهي. ليڪن رشيد لاشاريءَ جيڪڏهن شاعريءَ کي پنهنجي جذبات جي اظهار جو ذريعو سمجهيو ته ان سان گڏ فن جي باريڪين کي ڪنهن به وقت نظر انداز نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري رشيد هڪ پخته مشق شاعر بڻجي پيو آهي.

گذر معاش جي تگ و دو ۾ رشيد ڪيترن ئي مشڪل مرحلن کي منهن ڏنو. معاش سان گڏ زندگي جي رسه ڪشيءَ ۾ هن مردانه وار مقابلو ڪيو. مفلوڪ حاليءَ سان گڏ بيماريءَ منجهس هڪ ياس انگيز ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهن سندس دل جي اونهي داغ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.

عليل ۽ بي سهارا شاعر، توڪل جو ترهو ٻڌي، ظاهري مصائب سان زور آزمائي ڪندو رهيو. اهڙي قسم جا نقش ۽ جهلڪيون رشيد جي شاعريءَ ۾ جاءِ بجاءِ موجود آهن. جيئن دنيا جي سرد مهريءَ تي، دل مان هڪ آهه نڪري چيخ جي صورت اختيار ڪري.

رشيد، شاعريءَ جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ڪري سنڌي شاعريءَ کي سندس طفيل هڪ وڏو ذخيرو حاصل ٿيو آهي. جيتوڻيڪ بعض اوقات سندس بسيار گوئي دل تي هڪ وڏو بار بڻجيو پوي ٿي. پر سندس محنت و مشقت جي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هو ڪنهن وقت قنوطيت جي اوڙاهه ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ ڪنهن وقت روشن منزل جي طرف گامزن رهي ٿو.

شاعريءَ ۾ سندس قصيده خواني، پراڻي فارسي درٻاري شاعريءَ جو عڪس پيدا ڪري ٿي. سندس بيتن ۾ جامعيت آهي. جنهن سان ڪنهن ڀرپور احساس جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي. سندس ڪافين ۾ رس ۽ رچاءُ آهي. غنائي شاعريءَ ۾ رشيد گهڻي قدر سنجيده واقع ٿيو آهي ۽ مٿس روايت جو گهڻو اثر ڏسجي ٿو، تنهن هوندي به هو ماضيءَ ۾ گم ٿي نٿو وڃي.

اردو ۽ فارسيءَ جي غزل گو شاعرن جا فرسوده تصورات ۽ بي روح خيالات سنڌي زبان جو ويس ڍڪي اسان جي سامهون اچن ٿا، جن ۾ حقيقت پسنديءَ جو فقدان آهي، تاهم رشيد پنهنجي سعي و ڪوشش سان غزليات جي وڏي حصي ۾ جديد نظريات کي پيش نظر رکيو آهي. جنهن ڪري سندس غزلن ۾ رنگيني ۽ روانيءَ سان گڏ بيساختگي پيدا ٿي آهي. سندس دل جي آواز ڪيترين دلين کي مسحور بڻايو آهي. منجهس دلڪشي جو ڀرپور تصور نظر اچي ٿو.

رشيد، نظم جي صنف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. زندگي جي ”نشيب و فراز“ جون مختلف تصويرون سندس نظم ۾ روان دوان نظر اچن ٿيون ۽ هو پنهنجي نظم ۾ زنده ۽ باشعور شخصيت جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هن معاشري جو چڱيءَ طرح معائنو ڪيو آهي، ۽ معاشري جي هر ناسور جي علاج جو متلاشي آهي، ليڪن کيس ڪو علاج نظر نٿو اچي ۽ ناسور پنهنجي جاءِ تي قائم آهي.

سنڌي شاعريءَ ۾ رشيد ڪيترن جديد مسائل کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي، جن ۾ حب الوطني جو تصور ايترو ڪار فرما آهي جو سندس سموري شاعري ٿي ڇانئجي ويو آهي. ”وطن جو غازي“، ”سنڌ جا سورهيه“ ۽ ”نئون عهد“ اهڙا مثال آهن، جن کي ٻين ٻولين جي شاعريءَ جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.

هن کي پنهنجي وطن جي هر چيز درياهه، جبل، بيابان ۽ برسات وغيره سان والهانه محبت آهي. نظم جي مرڪزي خيال جي ارتقا لاءِ رشيد ۾ نظام جي تسلسل قائم رکڻ جو برجستو شعور آهي. انهيءَ ڪري هن جي شاعري فني ۽ فڪري لحاظ کان سڀني نظم گو شاعرن کان مختلف نظر اچي ٿي. ڪنهن نقطه نظر کي پيش ڪرڻ جو هن ۾ اعليٰ سليقو آهي. ”عيد آئي“ ۽ ”مفلس اديب“ معاشرتي نظام تي هڪ ڀرپور چوٽ آهي. جن ۾ سماج جي ڪمزورين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

جيتوڻيڪ رشيد ۾ رومانيت گهٽ نظر اچي ٿي پر منجهس روماني شاعري ڪرڻ جو هڪ انداز موجود آهي. رشيد ڪيترائي غزل لکيا آهن، جن ۾ جمالياتي جهلڪيون جاءِ بجاءِ نظر اچن ٿيون. جيئن ته رشيد ۾ فني شعور بدرجه اتم آهي. تنهن ڪري هو هر فن موليٰ بڻجي پيو آهي. هن سنڌي جي هر صنف شاعري جديد خواه قديم تي طبع آزمائي ڪئي آهي.

سنڌي شاعريءَ ۾ فن تي جيترو رشيد کي عبور حاصل آهي، ايترو شايد ڪنهن ٻئي کي نه هجي. ورنه هن قحط الرجال جي زماني ۾ گهڻو ڪري هر ڪنهن وٽ فني شعور جو فقدان آهي. رشيد رجعت پسندي ۽ ترقي پسنديءَ جو جهڳڙو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. انهن ٻنهي رجحانن جي وچ مان مصنوعي ديوار ڪڍي ٻنهي کي اهڙي نموني ملائي ڇڏيو اهي، جو روحانيت جو نظريو ماديت جي قريب اچي ويو آهي. جنهن سان تهذيب ۽ اخلاق کي اهميت حاصل ٿئي ٿي. اقتصادي ۽ سياسي بي چيني جو حل نظر اچي ٿو. زندگيءَ کان فراريت جي بدران زندگي سان مقابلي ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي ٿو ۽ جمالياتي ذوق کي تسڪين ملي ٿي.

رشيد کي سماج جي ناسورن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي، ليڪن هو پروپئگنڊا جو قائل نه آهي، ۽ سماجي انتشار ڦهلائڻ جي خلاف آهي. هن جو خدا هڪ رسول صه هڪ ۽ قرآن هڪ ۽ جو ڪجهه انهن جي بدولت حاصل ڪيو آهي ان تي سختي سان عمل ڪيو اٿس ۽ هي مجموعه ڪلام ان جي شهادت لاءِ هڪ وڏي دستاويزي سند آهجي.

رشيد پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي هڪ واضح تصوير پيش ڪئي آهي ۽ ماحول جي چٽساليءَ تي وڏي محنت ڪئي آهي. هن سنڌ جي شخصيتن کي سهڻي ۽ صحيح نموني پيش ڪري، سندن نظرين جي وضاحت ڪندي، ثابت ڪيو آهي ته هن هاري ناري، مزدور، مفلوج ۽ مفلس سان همدردي ڪري انسان دوستي جو ثبوت پيش ڪيو آهي.

رشيد، شديد بحراني ڪيفيت جي باوجود پنهنجي شخصيت جو ڀرپور نموني اظهار ڪيو آهي. هو ڪڏهن به شڪست قبول نٿو ڪري. سندس نظم دل ۾ اهڙو اثر پيدا ڪري ٿو، جو ديرپا آهي ۽ قاري شاعر سان هم رڪاب بڻجي، سندس هم سفر ٿيو پوي. منجهس ”خارجيت“ کان سواءِ ”داخليت“ جو عنصر به ڪافي حد تائين موجود رهي ٿو، جا سندس صداقت پسندي جو دليل آهي.

هو هر ڪنهن ننڍي ڳالهه کي، پنهنجي فنڪاري ۽ تجربي جي ذريعي بلند مقام تي پهچائي ٿو. هن ۾ قومي شعور موجود آهي. سندس دل تي اسلاف جي ڪارڪردگين جو هڪ واضح نقش چٽيل آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي صحيح رستي تان ڪڏهن به گمراهه نٿو ٿئي ۽ پنهنجي مطمع نظر کي پيش ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي حيل و حجت نٿو ڪري.

سندس شاعريءَ جي مجموعي مطالعي کان پوءِ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪڏهن ”غم دوران“، ”غم جانان“ جي مٿان غالب آهي ۽ ڪڏهن وري ”غم جانان“، ”غم دوران“ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.

رشيد جو هي مجموعو سنڌي ادب جو هڪ وڏو سرمايو ثابت ٿيندو ۽ اميد ته شاعر جي نيڪ ڪوششن جو هر سنڌي اعتراف ڪندو رهندو.

 

 

شيخ عبدالرزاق ”راز“

 


 


*  ڏسو صفحو نمبر 795

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org