ڏوهيڙا
(1)
ڪُن فَيَکُوٌن چَيءِ تڏهين الف لام چيم،
روحِن واري رغبت ۾ بيهي فرياد ڪيم،
امر ٿيو سلطان جو هي عشق توکي امداد ڪيم،
نام باهو جو ”لاشاري“ چئي انوقت پڙهي دلشاد ڪيم.
(2)
لا يحتاج اوهانکي ڄاتم محتاج بڻيو دلگير آهي،
فَنَضَخُتُ فِيٌہِ مِنٌ الرُوٌحِي تو ۾ ذات قدير آهي.
لامقصود فِي الدَارين اِلا هو تفسير آهي.
”لاشاري“ چئي معبود هميشہ حضرت باهو پير آهي.
(3)
مُوٌتُو قِبٌلَ اَنٌ تَمُوٌتُوٌ جِسم بڻائين فاني،
صِراطَ المُسٌتَقيِمَ اندر ٿيندءِ حاصل فيض روحاني،
سُبٌحٰنَ الَذِي اِسريٰ بَعٌبدِه ڏس تون لا مڪاني،
لک وار ٿيان قربان ”لاشاري“ جنهنکي مليو جاني.
(4)
يٰس مُزَمِل طٰہٰ اندر وصف آهي نوراني،
شائق تولئي پاڻ آ ذات آهي يزداني،
طَالِبُ الدُنٌيَا مُخَنِثُٗ وٺ خاصو راهه رباني،
ٿي سدا خاموش ”لاشاري“ ڪلمون پڙهه تون زباني.
{
دوها
(1)
سُکيا هجن ساڻيهه ۾، شل سڄڻ نه وڃن سانگ،
پرديسين جي پيار ۾، شل ڪانه اُڏائي ڪانگ.
(2)
سانگين وٽ سُک جو رڳو، اِيئَن آههِ نسورو نانءُ.
آهڙ جي آس ۾ لڀي، جيئَن ڪانڊيري جي ڇانءُ.
(3)
سوَ سوَ سُک ساڻيهه ۾، لک وَسڪارا ۽ مينهن،
ٻيلا ٿا ٻهڪن اُهي، پر ڪين گجن ٿا شينهن.
(4)
واءُ وڇوڙي جو گهليو، ويو ديس ڇڏي دلدار،
ساڳيو نقشو نينهن جو ۽ ساڳيو ئي سنسار.
(5)
اِيئَن ڏهڪايو ڏيهه کي، اڄ دولا بين جي ڊوهه،
ڪاريهر کي ڪنڌ کان، جئَن پڪڙي ڳاڙهي ڳوه،
(6)
ساريون لَٿيون سڪ جون، اي ڏيل نه ڏک کان ڏر،
چڻا پوکيون چاه جا، ڏيئي دوباريءَ جو هَرُ.
(7)
ويڇي سان سڪ وڌي ٿي ويتر، ڳوليان ڪهڙو هنڌ،
تنهنجي منهنجي عشق جي منزل، جئَن واريءَ جو پنڌ.
(8)
سِر تي ٻَهڙو، ڪَڇ تي گهاگهر، ٻُري ٻَڪري ساڻ،
ناز منجهان ڪيئَن نينگر نِڪتي، قهر ڪمائڻ ڪاڻ!
(9)
بين وڄائي، مَست بنائي، سڄڻ وئين تون سانگ!
جوڳي بنجي، ڳلي ڳليءَ م، توئي نچايا نانگ.
(10)
مُک سان مِهڻا ڏيندڙ، تنهنجو مَن ٿو ڏسجي ميڻ،
پاڻ ۾ پَرتل آهن پيارا! تنهنجا منهنجا نيڻ.
(11)
دليون حسينن جون اِئين کوٽيون، جئَن ڪي کارا کوهه،
حُسن انهن جو اِئين ٿو ٺڳي، جيئن سهڻا سهڻا ٽوهه.
(12)
سڄڻ! سفر جو سانگ ڇڏي ڏي، ڄاڻ پئي بَرسات،
ڏينهن جون سڀ ڏاڍايون وينديون، ريجهي ايندي رات.
(13)
سهڻا سير اوهان کي سونهي، چمن اوهان کي راس،
اَسين هوا جو جهونڪو بَنجي، وٺڻ گهرون ٿا واس.
(14)
دل ٿي ڳولي قرب سڄڻ جو، سڪندي ساه سميت،
مينهوڳيءَ ۾ جئَن مينهن وَساڙو، ڳولي ٿڌڙي ريت.
(15)
دَرد جون دانهون چوٽ چڙهيون، ڏِس مَن منهنجي ماڳ.
ٽَڪر مٿي اَڌ ڪُٺل ٿي ڳائي، ڪوهياريءَ جو راڳ.
(16)
موجن ۾ جنهن موجون ماڻيون، سوئي ڪنارو لهندو،
جيئَري جڳ م ساه اَسان جو نيٺ سَهارو لهندو.
(17)
اکيون اکين سان اَٽڪي وييون، ڪانهي ڄاڻ سڃاڻ،
نِم جي ڇانوَ ۾ واٽ مسافر: اڄ مانجهاندو ماڻ.
(18)
مِٺڙين مِٺڙين ڳالهين سان، ڪيئَن پرچن زهر پياڪ؟
قدم قدم تي ڪَڙي پيئَڻ جا، اَسين اڳي هيراڪ.
(19)
شيشي ۾ اڄ سڄڻ نهاريو. مُحب پکيڙيو منڊ،
اولهه کان سج اُڀري آيو ۽ اوڀر کان چنڊ.
(20)
پڌرو وکر ٿو سڀڪو وڻجي. ڳولي هَٽ بازار،
پنهنجو حُسن ڪيو تو پڌرو ٿيو اِظهار.
(21)
پرينءَ جو پاڙو مُور نه ڇڏجي، پَڌري ڪَجي پريت،
مجنون رڻ ۾ ڳولي ليليٰ، اِها چَرين جي ريت.
{
وايون
(1)
ايندا آخر اوڏا- ايندا مٺڙا ماڻهو!
محفل ۾ محبوب جي، وو، ڀڃي ويهنديس گوڏا
ايـــــــــــــــــــــــــــــــندا مـــــــــــــــــــــــــــــٺڙا
مــــــــــــــــــــــــــــــــاڻهو.
ڪيچان ايندو قافلو، وو، ڏسبا تڙ تي توڏا
ايـــــــــــــــــــــــــــــــندا مـــــــــــــــــــــــــــــٺڙا
مــــــــــــــــــــــــــــــــاڻهو.
پينگهي منجهه پريت جي، وو، ڏيندو لالڻ لوڏا
ايـــــــــــــــــــــــــــــــندا مـــــــــــــــــــــــــــــٺڙا
مــــــــــــــــــــــــــــــــاڻهو.
سڪ ۾ سڄڻ جي سک ٿيو، وو، لهندا غم جا ڇوڏا
ايـــــــــــــــــــــــــــــــندا مـــــــــــــــــــــــــــــٺڙا
مــــــــــــــــــــــــــــــــاڻهو.
روز ازل جا ”رشيد“ ڏس، مست، موالي، روڏا
ايـــــــــــــــــــــــــــــــندا مـــــــــــــــــــــــــــــٺڙا
مــــــــــــــــــــــــــــــــاڻهو.
(2)
ساجن آهي ساڻ وو! منهنجي ساهه پساهه ۾.
ساٿي سڀ ڪنهن سير م... ڀَلو، آهي پيارل پاڻ وو!
مــــــــــــــــنهنجي ســـــــــــــــــاهه پــــــــــــــــــساهه ۾.
دلبر دل ۾ درد کان، الا ورهه جو آهه وٿاڻ وو!
مــــــــــــــــنهنجي ســـــــــــــــــاهه پــــــــــــــــــساهه ۾.
ساجن جي سِڪ دل کي ڏنو… ميان، مخفي مام جو ماڻ وو!
مــــــــــــــــنهنجي ســـــــــــــــــاهه پــــــــــــــــــساهه ۾.
عشق سڄڻ جو اکين ۾ الا، ڀريو نينهن نياڻ وو!
مــــــــــــــــنهنجي ســـــــــــــــــاهه پــــــــــــــــــساهه ۾.
تنهنجي ”رشيد“ کي عشق جو... ڀَلو، آهه ازل کان ڄاڻ وو!
مــــــــــــــــنهنجي ســـــــــــــــــاهه پــــــــــــــــــساهه ۾.
(3)
رنــــــــــــــگيءَ جـــــــــــــــــــو اهــــــــــــــــــــو
رنـــــــــــــــگ لا،
مـــــــنهنجي شــــــــوق جـــــــي شــــــــــهر ۾.
عاشق! عقل ۽ عشق جي... ڀَلو! جاري آهي جنگ... لا،
مـــــــــــنهنجي شـــــــــــــوق جـــــــــــــي شـــــــــــهر ۾.
عشق جو جذبو، روز، ازل کان... الا، مست و مست ملنگ... لا،
مـــــــــــنهنجي شـــــــــــــوق جـــــــــــــي شـــــــــــهر ۾.
برهه جو باشو، سِرَ مٿان... ڀَلو! ورهه جو دل کي ونگ... لا،
مـــــــــــنهنجي شـــــــــــــوق جـــــــــــــي شـــــــــــهر ۾.
ڪين مِٽائڻ سان مِٽي... الا، عشق جو ازلي انگ... لا،
مـــــــــــنهنجي شـــــــــــــوق جـــــــــــــي شـــــــــــهر ۾.
دلبر دل ۾ ”رشيد“ جي الا، اُڀريا اصل اُمنگ... لا،
مـــــــــــنهنجي شـــــــــــــوق جـــــــــــــي شـــــــــــهر ۾.
(4)
ڪانگل، اُڏري آءُ،
اُڏري آءُ تون، ڪانگل!
سوگهو سانڍيم ساهه ۾، وو، ساجن تنهنجو ساءُ-
اُڏري آءُ تون، ڪانگل!
اٿم ساهه اُٻاڻڪو، وو، گهلي وصل جو واءُ،
اُڏري آءُ تون، ڪانگل!
سائين منهنجي ساهه جا، وو، لهه ڪو سڌ سماءُ-
اُڏري آءُ تون، ڪانگل!
رنج رسامو گهوريو، پيارل ڪر پرچاءُ-
اُڏري آءُ تون، ڪانگل!
تنهنجي رمز ”رشيد“ سان، دل ۾ هجر جو گهاءُ-
اُڏري آءُ تون، ڪانگل!
(5)
پاڪ وطن سان پيار،
مٺڙن ماروئڙن جو.
ديس ته پنهنجو دادلو- وو!
دوست مٺو دلدار،
مٺڙن ماروئڙن جو.
سورهي غازي ملڪ جو- وو!
سونهن ڀريو سردار،
مٺڙن ماروئڙن جو.
پاڪ مجاهد قوم جو- وو!
آهي هنئين جو هار،
مٺڙن ماروئڙن جو.
فوجي پاڪستان جو- وو!
ساه سندو سينگار،
مٺڙن ماروئڙن جو.
دشمن وڙهندو ڪيترو؟ وو!
خالي نه ويندو وار،
مٺڙن ماروئڙن جو.
ديس ته پنهنجو دادلو- وو!
(6)
مُند تي وُٺڙا مينهن،
سُهڻي سِنڌ سُڪاري.
سورهيه سهڻي سنڌ جا،
رڻ ۾ گجن ٿا شينهن،
سُهڻي سِنڌ سُڪاري.
سيئي مجاهد مرد، لا!
جن کي نوازيو نينهن،
سُهڻي سِنڌ سُڪاري.
وحدت جي وڻڪار ۾،
اُڀريا سِڪ جا سَرينهن،
سُهڻي سِنڌ سُڪاري.
صدقي لعل لطيف جي،
آيا خوشيءَ جا ڏينهن،
سُهڻي سِنڌ سُڪاري.
(7)
سهڻي سنڌ جا مُون،
سورهيه صحي سُڃاتا.
جيڪي ٿا سمجهن زندگي، وو!
ڏينهن مڙيئي ڏون،
سورهيه صحي سُڃاتا.
سڏجي ٿي جڳ پال، وو!
بيشڪ سنڌ جي ڀُون،
سورهيه صحي سُڃاتا.
سنڌين سان هَر حال ۾، وو!
يا رب! تون هي تون،
سورهيه صحي سُڃاتا.
نعرو هَڻو حيدري، وو!
ڇاجي ”هان“ ۽ ”هون“،
سورهيه صحي سُڃاتا.
(8)
آيا، ڄاڻ ڪي آيا،
پيارا جيءَ جا جيارا.
مومل ماڻي موٽندا، وو!
سوڍا ٿيندا سَوايا.
پيارا جيءَ جا جيارا.
قبضو ٿيندو ”ڪاڪ“ تي، وو!
لايا ٿيندا سَجايا،
پيارا جيءَ جا جيارا،
راڻن ”راجستان“ تي، وو!
جهنڊا وڃي جهُلايا،
پيارا جيءَ جا جيارا.
حامي ساه پساه ۾، وو!
شاه عليءَ جا ڄايا،
پيارا جيءَ جا جيارا.
سنڌ جا سورهيه گهوٽ الا!
سنڌ ٿي توکي سڪ مان ساري.
دشمن جو دم ڪيسين رهندو؟
واريءَ جو اهو ڪوٽ الا!
سنڌ ٿي توکي سڪ مان ساري.
سنڌ نه آهي گدڙن کاڌي،
غيرت جي جنگ جوٽ الا!
سنڌ ٿي توکي سڪ مان ساري.
سيگهه منجهان ڪر سنڌ جي ساري،
مرد بڻي اَڻ موٽ الا!
سنڌ ٿي توکي سڪ مان ساري.
”مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“
هوشوءَ جي ڀر کوٽ الا!
سنڌ ٿي توکي سڪ مان ساري.
(10)
سَهنداسين نه مَيار اَلا!
سِر ڏينداسين پاڪ وطن کي.
”مَر وَيسون پرمُلڪ نه ڏيسون“- وو!
پاڪ وطن جي پُڪار، الا!
سِر ڏينداسين پاڪ وطن کي.
دائم رهندي ڪڏهن نه ڊهندي- وو!
ملّت جي ديوار، اَلا!
سِر ڏينداسين پاڪ وطن کي.
ڇو نه ڪندا اڄ پاڪ مجاهد، وو!
پڌرو پنهنجو پيار، اَلا!
سِر ڏينداسين پاڪ وطن کي.
گلشن پاڪ ۾ گُلڙن وانگر، وو!
ڪِرندا ڪَنڌ هزار، اَلا!
سِر ڏينداسين پاڪ وطن کي.
اَڄ جي سُهڻي ثابت ٿيندي،
موجن ۾ ميهار، اَلا!
سِر ڏينداسين پاڪ وطن کي.
(11)
ســــــــــــــــوچو ســـــــــــــــــــمجهو ڳــــــــــوٺاڻا!
گــــــــــهر جــــــــــي تـــــــــباهي ٻـــــــــار گـــــــــهڻا،
آمد گهٽ ۽ خرچ زياده- وو!
کاڌي کُٽن ٿا خرار گهڻا،
گهر جي تباهي ٻار گهڻا،
جيئَن جيئَن ٻار گهڻا، تيئَن هوندا- وو!
ڳڻتيون ۽ ويچار گهڻا،
گهرجي تباهي ٻار گهڻا،
بُک جي سببان ڪن ٿا آخر- وو!
ڌيئَرن جو واپار گهڻا،
گهر جي تباهي ٻار گهڻا،
ٻارن جي ڌڻ مان ئي وڌن ٿا- وو!
پينو ۽ بيمار گهڻا،
گهر جي تباهي ٻار گهڻا،
(12)
ڀال قلندر لال، اَلا!
ستن پُٽن جو ڪو پيءُ نه ٿئي!
ٿورا ٻار خدا جي ڀَلائي- وو!
ٻار گهڻا جنجال، اَلا!
سَتن پُٽن جو ڪو پيءُ نه ٿئي!
ٻارن جو ڌَڻ ڪير سنڀالي- وو!
وِڪڻي زيور مال، اَلا!
سَتن پُٽن جو ڪو پيءُ نه ٿئي!
ڇَت ڦاڙي، رَب رزق نه ڏيندو- وو!
وايون ڪر نه بَتال، اَلا!
سَتن پُٽن جو ڪو پيءُ نه ٿئي!
بَختن واري ماءُ ڄڻي ٿي- وو!
هِڪ رانجهو لکپال، اَلا!
سَتن پُٽن جو ڪو پيءُ نه ٿئي!
(13)
وقـــــــــــت جـــــــــــــي آههِ پـــــــــــــُڪار،
اَچــــــــــو پـــــــــــــــــرچـــــــــــــون پـــــــــــــــيارا!
هڪ ٿي وڃون سڀ پاڪستاني- وو!
ڪين ٿي وڃون سڀ پاڪستاني- وو!
اَچـــــــــــــــــو پــــــــــــَرچون پــــــــــــــــــيارا!
ڏسجن چورين ڌاڙن کان- وو!
پَـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــري
پــــــــــــــــــــــــــــــــــــــٿاريدار،
اَچــــــــــــــــو پــــــــــــــــرچون پــــــــــــــــــــيارا!
سُونهن ڀريي ساڻيهه ۾- وو!
آهي سُـــــــــــــــک ۽ سُــــــــــــــــڪار،
اَچـــــــــــــــــــــــو پَــــــــــــرچــــــــــــــــــــون
پــــــــــــــــــيارا!
وادي سِنڌ درياه جي- وو!
هــــــــــوندي بــــــــــــــــــــــــاغ بـــــــــــــــهار،
اَچـــــــــــــــــــــــو پَــــــــــــرچــــــــــــــــــــون
پــــــــــــــــــيارا!
(14)
ڄـــــــــــــــــــاڻ مِـــــــــــــــــــــليو ڪـــــــــــشمير،
پــــــــــــــــــــــــــــــــــيارا
پــــــــــــــــــــــــــاڪستانــــــــــــــــي!
هلندي تنهنجي حق ۾- وو!
حــــــــــــــــــــــيدر جــــــــــــــــــي شــــــــــــــــمشير،
پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــيارا
پاڪـــــــــــــــــــــــــــــــستاني!
اِيندي مُند ميلاپ جي- وو!
دوست! نه ٿي دلگير،
پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــيارا
پاڪـــــــــــــــــــــــــــــــستاني!
ڀائر گڏبا ڀاڪرين- وو!
کنڊ سان گڏبا ڀاڪرين- وو!
پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــيارا
پاڪـــــــــــــــــــــــــــــــستاني!
نــــــــــــــــيٺ ڪــــــــــــــندا آبــــــــــــــاد- وو!
مــــــــــــــــــــارُو مُــــــــــــــــــــــلڪ مَــــــــــــــلير
پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــيارا
پاڪـــــــــــــــــــــــــــــــستاني!
(15)
مـــــــــــــــــــــنزل آههِ قـــــــــــــــــــــــريب،
بـــــــــــــــــاقي ٻَــــــــــــــــــــــــٽي
ڏيـــــــــــــــــــنهڙا!
پياري پاڪستان کي- وو!
ڏِيـــــــــــــــندو هَـــــــــــــــــٿ حَــــــــبيب،
بـــــــــــــــــــاقي ٻَـــــــــــــــٽي ڏيـــــــــــــــنهڙا.
آزادي ڪشمير کي- وو!
ٿيندي نيٺ نصيب،
بـــــــــــــــــــاقي ٻَـــــــــــــــٽي ڏيـــــــــــــــنهڙا.
جيڪي جويا غير جا- وو!
ڏسندا موت مُهيب،
بـــــــــــــــــــاقي ٻَـــــــــــــــٽي ڏيـــــــــــــــنهڙا.
مير محمدؐ مصطفيٰ – وو!
ٿيندو پنهنجو طبيب،
بـــــــــــــــــــاقي ٻَـــــــــــــــٽي ڏيـــــــــــــــنهڙا.
ڏيندو سوڀ سَچو ڌڻي – وو!
عــــــــــــــالمگير عـــــــــــــــــــــــــــــجيب،
بـــــــــــــــــــاقي ٻَـــــــــــــــٽي ڏيـــــــــــــــنهڙا.
(16)
پاڻــــــــــــــــي پَٽ پياسا،
پاڪ وطن جا ابدالي.
دَم دَم ياد جهاد ۾ - وو!
دوست ڏنا، جي دِلاسا،
پاڪ وطن جا اَبدالي.
سنڌ جي وادي پنهنجو ديرو- وو!
هِند ۾ پنهنجا واسا،
پاڪ وطن جا اَبدالي.
پنهنجي پاڻيءَ ۾ پُورا- وو!
نٿا ڄاڻون تولا ماسا،
پاڪ وطن جا اَبدالي.
سُوري سيج اَسان لئي- وو!
ڀَڃون نه پَلنگن پاسا،
پاڪ وطن جا اَبدالي.
هِمت جا ته خرار اسان ۾- وو!
ڪين ٿا ڪٿجن ڪاسا،
پاڪ وطن جا اَبدالي.
(17)
قوم تان ٿي قربان،
موت جو ڏينهن مقرر آهي.
تنهنجي دم سان سُرخرو – وو!
پــــــــــــــيارو پـــــــــــــاڪستاني،
موت جو ڏينهن مقرر آهي.
ساڻ کڻي هل پاڻ سان- وو!
ڪلمو ۽ قرآن،
موت جو ڏينهن مقرر آهي.
غازي! ڄاڻ شهيد کي- وو!
جنت جو مهمان،
موت جو ڏينهن مقرر آهي.
سوڀ اُنهيءَ جي، جنهن سَندو،
رب جي مٿان اِيمان،
موت جو ڏينهن مقرر آهي.
ڏيندا تنهنجي شاهدي- وو!
مَڪو ۽ ملتان،
موت جو ڏينهن مقرر آهي.
(18)
مَرجي ڇونه شهيد ٿي،
مَرڻو آهي، ڇو موت کان ڊڄجي؟
ماڻ شهادت غازي بنجي- وو!
ڳالهه اِهائي مُفيد ٿي،
مَرڻو آهي، ڇو موت کان ڊڄجي؟
رَب جون رضائون توتان صدقي- وو!
جنّت تنهنجي خريد ٿي،
مَرڻو آهي، ڇو موت کان ڊڄجي؟
دائم رهندي پنهنجي حياتي- وو!
هيءَ ته اَڃا تمهيد ٿي،
مَرڻو آهي، ڇو موت کان ڊڄجي؟
دُشمن وِڙهه تون کُليو کُلايو- وو!
دِل جو ڪين پليد ٿي،
مَرڻو آهي، ڇو موت کان ڊڄجي؟
دُشمن ڏِس ماتا ۾- وو!
ڄاڻ اسان جي عيد ٿي،
مَرڻو آهي، ڇو موت کان ڊڄجي؟
(19)
ڀَل ته اُٿن ڪي يَزيد، اَلا!
اَڄ به حُسيني حُر سِر ڏيندا.
پنهنجي پاڪ وطن ۾ وو!
رهندا ڪين پليد، اَلا!
اَڄ به حُسيني حُر سِر ڏيندا.
غازي ٿيندا ديس تان وو!
سَو سَو وار شهيد، اَلا!
اَڄ به حُسيني حُر سِر ڏيندا.
راضي آهي روضي ڌڻي- وو!
جنهن جا لکين مُريد، اَلا!
اَڄ به حُسيني حُر سِر ڏيندا.
حُر جي پاڪ ٿي زندگي- وو!
موت، شهيد جي عيد، اَلا!
اَڄ به حُسيني حُر سِر ڏيندا.
گيت ٿا گونجن ديس جا- وو!
شاعر جنهن جو ”رشيد“ اَلا!
اَڄ به حُسيني حُر سِر ڏيندا.
(20)
مَــــــــــــــــــــــــــــــــرد
مـــــــــــــــــــــــــــــــــــجاهد
مِــــــــــــــــــــــــير!
تـــــــــــــــــــــــــوکي ســـــــــــــــــــاه ۾
ســـــــــــــــــــــانڍيان.
تون ئي رَب جي فضل سان- وو!
فــــــــــــــــــــــــــــــتح ڪــــــــــــــــــــندين
ڪــــــــــشمير،
تـــــــــــــــــــــــــــوکي ســــــــــــــــــــــاه ۾
ســــــــــــــــــانڍيان.
جنهن جا لکين مُريد، اَلا!
اَڄ به حُسيني حُر سِر ڏيندا.
غازي! تنهنجو جهاد ۾- وو!
ڪين گسي ٿو تِير،
توکي ساه ۾ سانڍيان.
تنهنجا دعاگو، ديس جا- وو!
ڪــــــــــــــــــــــــــــامل پـــــــــــــــــــــــــــير
فـــــــــــــــــــــــقير،
تـــــــــــــــــــــــــــــــوکي ســــــــــــــــــــــــاه
ســـــــــــــــــــانڍيان.
4- تنهنجي صدقي ماروئڙا، - وو!
کـــــــــــــــــــلندي پــــــــــــــــــــين ٿـــــــــــــــــــــا
کـــــــير،
تــــــــــــــــــــــــوکي ســــــــــــــــــــــاه ۾
ســــــــــــــــــانڍيان.
5- وُٺڙو تنهنجي مَوج سان- وو!
مِــــــــــــــــــــــــــــــٺڙو مُـــــــــــــــــــــــــــــــلڪ
مَــــــــــــــــــــلير،
تـــــــــــــــــــــــــوکي ســـــــــــــــــــــــاه ۾
ســــــــــــــانڍيان.
(21)
جــــــــــــــــــــــوڌا ۽ جـــــــــــــــــــــــــــانٌ
بـــــــــــــــــــــــــــــــاز،
غـــــــــــــــــــــــــــازي پـــــــــــــــــــــاڪ وطـــــــــــن
جـــــــــا.
نعرا جن جا عَرش تي- وو!
مَــــــــــــــــــــلڪن ۾ مــــــــــــــــــــــــــمتاز،
غازي پاڪ وطن جا.
حملي باز هوا مٿان – وو !
جهرڪين ۾ شهبار،
غازي پاڪ وطن جا.
قدم قدم تي سوڀ – وو!
سورهيه سَر اَفراز،
غازي پاڪ وطن جا.
دِل ۾ رکن ٿا دِين جو – وو!
سالم سوز و گداز،
غازي پاڪ وطن جا.
راضي رب جي راز سان – وو!
اَزل سنــــــــــــــــــــــــــــــــــــدو آواز،
غازي پاڪ وطن جا.
(22)
مرد مجاهد گهوٽ اَلا!
جوشِ جهاد ٿو توکي پُڪاري.
دُشمن جو دَم ڪيسين رهندو؟
واريءَ جو اِهو ڪوٽ، اَلا!
جوشِ جهاد ٿو توکي پُڪاري.
سوڀ جو وعدو آههِ خدا کان،
جنگ رڳو تون جوٽ، اَلا!
جوشِ جهاد ٿو توکي پُڪاري.
سَچ تي اُهي ڪيئَن غالب ٿيندا؟
جن جي دلين ۾ کوٽ، اَلا!
جوشِ جهاد ٿو توکي پُڪاري.
ڪر قتلام ڪروڙين ڪافر،
مَرد بَڻي اَڻ موٽ، اَلا!
جوشِ جهاد ٿو توکي پُڪاري.
دُشمن آڏو هڻ تون نعرو،
وِجهه تون منجهن ڦڙڦوٽ، اَلا!
جوشِ جهاد ٿو توکي پُڪاري.
(23)
مــــــــــــــــــــــــــــرد مـــــــــــــــــــــــــــــجاهد
شـــــــــــــــــــــــــــــير!
پاڪ وطن جا سُڻ تون سَڏڙا.
آهن پنهنجي ديس ۾ - وو!
مـــــــــــــــــــــــــــــرد مـــــــــــــــــــــــجاهد
ڪـــــــــــــــــير؟
پاڪ وطن جا سُڻ تون سَڏڙا.
پهتا پهرين پُور ۾ - وو!
جــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوڌا
جــــــــــــــــــــــــــــــــــــيسلمير،
پاڪ وطن جا سُڻ تون سَڏڙا.
ڏيندا ساٿ نه سَچ جو – وو !
مَن ۾ رکن ٿا، جي مير،
پاڪ وطن جا سُڻ تون سَڏڙا.
دُشمن جون سڀ سازشون – وو !
ڊاهــــــــــــــــــــــــي ڪـــــــــــــــــــر تـــــــــــــــون
ڍيــــــــــــــــــــــــــر،
پاڪ وطن جا سُڻ تون سَڏڙا.
ڇاڻ سِسيون اِيئَن غير جون – وو!
پَٽَ تي ڪِرن جئَن ٻير،
پاڪ وطن جا سُڻ تون سَڏڙا.
(24)
لَــــــــــــــــــــــــــــــٿڙا ڏُک ڏولاوا،
مِـــــــــــــــــــــــــــــــــٺڙن مـــــــــــــــــاروئڙن
جــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا
سانگين ۾ اڄ سُک سَنهنجائي، وو!
سانگ ٿا ڏسجن ساوا،
مِٺڙن ماروئڙن جا.
موٽي مُند تي مِينهن جو وَسيا، وو!
پيٽ بُکيا سڀ ڍاوا،
مِـــــــــــــــــــٺڙن مــــــــــــــــــــــاروئڙن جا.
مال وَندن جا مال متارا، وو! کــــــــــــــــير پيون ٿـــــــــــــــا
ڳاوا،
مِـــــــــــــٺڙن مـــــــــــــــاروئڙن جــــــــــا.
شينهن بَڻي اڄ رڻ ۾ گجن ٿا. وو!
اَڀــــــــــــــــرا، ڏُٻـــــــــــــــــــــرا، لاوا،
مِــــــــــــــــٺڙن مـــــــــــــــــــــــاروئڙن جا.
{
والد محترم مرحوم رشيد احمد لاشاريءَ جي ياد ۾
(1)
خدمتون تدريس ۾ اعليٰ ۽ ناليرو اديب،
عمر ٿوري، ڪارنامن جي مگر ڀرمارا آ.
”سنڌ دي(1)
سوغات“ ۽ ”رياضِ(2)
رشيد“ آهن ثبوت،
ست زباني شاعريءَ کان ڪنهن کي اڄ انڪار آ.
شاهه سائينءَ جي سُرن کي هن ڏنو اردو لباس،
هُو سنڌي فلمن جو باني، علم جو ڀنڊار آ.
هن جي ويجهو سڀ بزرگ و اولياء هِن محترم،
پر ”سچل“ سان عقيدت خاص ڪئي اظهار آ.
|