حمد
نعت
منقبت
حمد
واحد جي واکاڻ
اي تخيّل عرش تي پرواز ڪر،
وٺ خدا جو نام ۽ آغاز ڪر،
وصف ان الله جي ڪر تون رقم،
جنهن وٽان توکي ٿيو حاصل قلم،
رک سندس توحيد تي پختو يقين،
ڇو جهڪي ٻئي جي اڳيان تنهنجي جبين!
ڪر انهيءَ واحد سندي وصف و ثنا،
آهه جو هر حال ۾ رب العليٰ،
مرتبي ۾ ناهه ڪو ان کان وڌيڪ،
آهه جو هر حال ۾ رب العليٰ،
مرتبي ۾ ناهه ڪو ان کان وڌيڪ،
آهه واحد وحده ۽ لاشريڪ،
آهه اول کان اهو اعليٰ عليم،
خلق جو خالق، خدا قادر، ڪريم،
آهه هو الحق ۽ حق موجود آهه،
بس انهيءَ ڌاران نه ڪو معبود آهه،
هو اسان جو دين ۽ ايمان آهه،
جسم جي آهيون اسين هو جان آهه،
دل فقط ان سان ئي ٿيندي شادمان،
جي هو آهي مهربان جڳ مهربان،
آهه ويجهو پر اکين کان دور آهه،
هر جڳهه ان جو نمايان نور آهه،
آهه لازم ان جي هر دم بندگي،
هو ڄمڻ ڌاران سدا اظهار آهه،
هو سڄي عالم سندو آڌار آهه،
ان وٽان دنيا سڄي آباد ٿي،
ان وٽان نئين دور جي ايجاد ٿي.
ان گهڻيون خوبيون رکيون انسان ۾
جان آئي ان وٽان بي جان ۾،
نا هئڻ آهي هئڻ جي ابتدا،
ڪجهه ته آهي جيڪڏهن ڪونهي خدا!
ڇا ڪجي قادر قدرت جو بيان،
هڪ حياتي ۽ هزارين امتحان،
وحدت ۽ ڪثرت جو خود مفهوم آهي،
آهه خود پيدا ۽ خود معدوم آهي،
سڀ ۾ پنهان، سڀ ۾ آهي آشڪار،
ان جي هٿ عالم ٿيا ارڙهن هزار،
آهه ان جو نور هر جا جلوه گر،
ان وٽان روشن ٿيا شمس و قمر،
بي نشان آهي، نه ڪو ان جو نشان،
”ڪُن“ چئي، خلقيائين هي ڪون و مڪان،
ڪر انهيءَ رب پاڪ جي ٻانهپ قبول،
جنهن ”محمد“ کي سڏيو پنهنجو رسول.
خدا جو شان
عالم تي آههِ هردم، اِنعام تنهنجو موليٰ!
هر هڪ زبان تي آهي، بس نام تنهنجو موليٰ!
خلاق سڀ جو آهين، رزاق تنهنجو نالو،
مخلوق ڏي هي آيو، پيغام تنهنجو موليٰ!
لطف و ڪرم کان تنهنجي محروم ڪونه آهي،
شاه و گدا تي آهي، اِڪرام تنهنجو موليٰ!
شرعِ مبين آهي، عرفان جو ذريعو،
فطرت کان ناههِ خالي، اِسلام تنهنجو موليٰ!
نطقِ نبيءَ جو آهي، روح القسد محافظ،
ٿيو قولِ مصطفيٰ ۾ اِعلام تنهنجو موليٰ!
نعمت تي آهي تنهنجي هر وقت شڪر واجب،
اِحسان جڳ تي آهي، بس، عام تنهنجو موليٰ!
سا دل هميشه رهندي، دُک درد جو نِشانو،
جنهن دل ۾ ڪين هوندو آرام تنهنجو موليٰ!
دُنيا جا قاعدا سڀ بيڪار ٿي سگهن ٿا،
فرمان ڪين آهي، ناڪام تنهنجو موليٰ!
تنهنجون صفات سڀ ۾، تنهنجو ئي اِسم ذاتي،
بَنجي ٿو ڪير جڳ ۾ همنام تنهنجو موليٰ!
هر ساه تي رهي ٿو تنهنجي اَجل جو قبضو،
هر گام گام تي ٿيو، بس دام تنهنجو موليٰ!
هِن دل جي تشنگي ٻيو لاهي ته ڪير لاهي؟
رحمت مان تنهنجي گهرجي پُر جام تنهنجو موليٰ!
دُنيا وٽان نِرالي اُن دل جي آههِ ٻولي،
جا دِل ڪري ٿي حاصل اِلهام تنهنجو موليٰ!
هر دوجهان ۾ منهنجي نالي کي ڪر نُمايان،
آهي ”رشيد“ ٻانهو گمنام تنهنجو موليٰ!
الله جي عظمت
هر ملڪ جو تون آهين مختار يا اِلاهي!
قدرت کان تنهنجي ڪنهن کي اِنڪار، يا اِلاهي!
تون ئي اَزل جو والي، تون ئي اَبد جو مالڪ،
حادث ٻيا سمورا آثار، يا اِلاهي!
هر حال ۾ تون جڳ جو روزي رسان آهين،
توڙي رهي ڪو توکان بيزار يا اِلاهي!
”آهين“ هجي يا ”ناهين“ ثابت ٻنهيءَ ۾ تون ئي،
اِنڪار ۾ به تنهنجو اقرار يا اِلاهي!
هر شيءَ ۾ تنهنجو جلوو، ڏسجي ته ڪنهن کي ڏسجي؟
هر ديد آههِ تنهنجو ديدار يا اِلاهي!
اونده چون ٿا جنهن کي سا سڀ خطا اکين جي،
ڪَکَ پَن ۾ آههِ تنهنجو اَنوار يا اِلاهي!
هر هنڌ تون وسين ٿو، هر دل ۾ تنهنجو ديرو،
هر هڪ زبان تي تنهنجي گفتار يا اِلاهي!
مقصود تون سڀن جو، موجود آهين سڀ ۾،
مخفي جي هوندي آهِين اِظهار يا اِلاهي!
دُشمن ۽ دوست سڀ کي پالين ۽ ٿو نپائين،
عالم سَڄي جو آهين آڌار يا اِلاهي!
هر دل جو سو مسيحا، مُردا اُهو جياري،
جو آههِ تنهنجي سڪ ۾ بيمار يا اِلاهي!
ڪنهن جاءِ تي انهيءَ کي آرام ڪين ايندو،
جنهن دل ۾ ناههِ تنهنجو آزار يا اِلاهي!
هن ديس تي هجي شل تنهنجي ڪَرم جو سايو،
هي خاڪ پاڪ بنجي گلزار يا اِلاهي!
تعريف تنهنجي کان ڇو بنجي ”رشيد“ غافل،
شل، دمبدم گذاري بيدار يا اِلاهي!
|