سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :24

 

نه سج روشن، نه رونق ماهِ ڪامل ۾،

چمڪ آهي ته بس، اِنسان جي دل ۾.

جي مان آيس ته جڳ سارو هليو ايندو.

اچان پر ڪيئن اچان مان تنهنجي محفل ۾.

ڀڃي ڪشتي، وڃي پاتال ۾ پئجي،

نه دفن آهي دُرِشهوار ساحل ۾.

حبيبن جي هٿن هاڻيءَ تان سِر صدقي،

رکيو ڇا آههِ ورنه تيغ قاتل ۾.

فقط اِنسانيت کي آهه فَوقيت،

نه آهي فرق ڪو عالم ۽ جاهل ۾.

اڃا اي قيس مجنون ڇو نه سَڏبين تون،

نظر ليليٰ اچي ٿي توکي محمل ۾.

سکن جي سونهن ڏک آهن حقيقت ۾،

اُڏامي ڇو نه خاڪِ راه منزل ۾،

هجي دل اُن کي روڪيان، فڪر زور آهي،

ٻَڌان ڪيئَن اُن کي مان طوق و سلاسل ۾؟

ڪندس خنجر کي ٽڪرا دل جي دهشت سان،

اڃا دم آههِ باقي نيم بِسمل ۾.

بهانو آههِ گلشن ۾ ثنائي گل،

اَٿوَ  صِياد جو شڪوو عنا دل ۾.

 

{

يار تنهنجو جي پيار ئي ڪونهي،

منهنجو دُنيا ۾ يار ئي ڪونهي.

تنهنجا تيرِ نظر چُڀيل آهن،

دل جي گلشن ۾ خارئي ڪونهي.

ماه  وا انجم جي انجمن محدود،

حسرتن جو شمار ئي ڪونهي.

آههِ اکڙين ۾ ڌنڌ جو ڌوڪو،

راه ۾ ڪو غبار ئي ڪونهي.

موت بهتر جو نيٺ ايندو، مگر،

بخت تي اعتبار ئي ڪونهي.

زندگي پڻ خزان جو روپ آهي،

جڳ ۾ دورِ بهار ئي ڪونهي.

دل جي پاڪيزگي وڃڻ کان پوءِ،

جڳ ۾ پروردگار ئي ڪونهي.

آههِ چرخِ ڪُهن جي سڀ سازش

ورنه ليل و نهار ئي ڪونهي.

آههِ اصلي ڪشش جو رنگ ”رشيد“،

عشق جو ڪو شڪار ئي ڪونهي.

 

{

ضعف هوندي ڪوئي جانان جو نگهبان ٿي رهيس

مور وانگر زينتِ ملڪ سليمان ٿي رهيس

ڪعبهء دل ۾ پڙهيم ڪلمو بت بي پير تي

هو رهيو ڪافر ٿي جڳ ۾ مان مسلمان ٿي رهيس

مان مجسم عشق آهيان ڪيئن سڃاڻي ٿو نه خضر

پنهنجي هٿن سان توکي ڏيندو آب حيوان ٿي رهيس

ڪين مون وحشي ڇڏيو صحرا نوردي جو خيال

گلستان ۾ شائقِ خار مغيلان ٿي رهيس

خاڪ ٿيس پر خاڪ جو ذرو به ضايع ڪين ٿيو

مطلعِ خورشيد ٿي جڳ ۾ درخشان ٿي رهيس

موت کان اڳ ۾ فنا ٿيس، پر نه آئين تون اجل!

مان ته تنهنجي لاءِ مدت کان پريشان ٿي رهيس

شومي قِسمت ڏسو، شهه رڳ کان ويجهو هو سڄڻ

موت کان اڳ ۾ فنا ٿيس، پر نه آئين تو اجل!

مان ته تنهنجي لاءِ مدت کان پريشان ٿي رهيس

شومي قِسمت ڏسو، شهه رڳ کان ويجهو هو سڄڻ

مون کي جنهن پنهنجو ڪيو، مان دور تنهن کان ٿي رهيس

قيد ۾ اهڙو سڪون هو شفقتِ صياد کان

جو قفس کي سمجهندو صحنِ گلستان ٿي رهيس

 

{

اک ورايا ها ورق پر ڪجهه به ورڻو ڪين هو

مان ڪتابِ زندگي جو محض عنوان ٿي رهيس

ڇو نه منهنجي خاڪ اڏامي بعد مردن جا بجا

زندگي ساري خلافِ چرخ دوران ٿي رهيس

پيرهن تنهنجو بچي ويو خير سان مون کان فلڪ

چاڪ مان پنهنجو ڪندو هر هڪ گريبان ٿي رهيس

باغِ دنيا خانهِء آه و بڪا سمجهي ”رشيد“

بلبلِ نغمه سرا بنجي غزلخوان ٿي رهيس.

 

{

 

جستجو تنهنجي ۾ دلبر زندگي گذري وڃي

آسمانن کان مٿي ڀَل بيڪسي گذري وڃي

ياد تنهنجي ۾ هجي ڀَل رات فرقت جي طويل

چنڊ ۽ تارن جي ٿڌڙي روشني گذري وڃي

تنهنجي فرقت جي خزان، منهنجي اُمنگن جي بهار

ڀَل ته دل جي گلستان جي دلڪشي گذري وڃي.

 

{

ٿجي تو کان به بدظن ڪين اهڙي مفلسي گهرجي

اِلاهي مونکي خوشحالي سان گڏ زنده دلي گهرجي

زمانه جي ڪشاڪش ۾ ڪيم هي تجربو حاصل

نه ڪنهن جي دوستي گهرجي نه ڪنهن جي دشمني گهرجي

ڀڃي ڪشتي ڪيم پرزا ڏسي بحرِ حوادث کي

ٻُڌم دريائي رحمت کي به موج بيڪسي گهرجي

گهران عيشِ دوامي ڇو جو فطرت جي خلاف آهي

هجي دلبريز جا غم مان اها مونکي خوشي گهرجي

اميرن کان مدد پهچي ته ڇو پهچي غريبن کي

نظامِ جاه و دولت کي ته دورِ مفلسي گهرجي

حقيقت کان نه ٿي ناآشنا اي خاڪ جا پتلا

زمين جي ذره ذره کي ٿو احساس خودي گهرجي

اگر معمار بنجڻ ٿو گهرين پنهنجي مقدر جو

ته اسرارِ خودي کان اڳ رموز بي خودي گهرجي

خزان ڀي ٿي بهار آهي، خزان ٿي وڃ اگر توکي

چمن جي تازگي گهرجي گلن جي دلڪشي گهرجي

وڌيس جوشِ طلب ۾ پنهنجي منزل کان ته ڇا ٿي پيو

دلِ محزون کي هر مقصد ۾ ازخود رفتگي گهرجي

تجلي غير جي هڪ داغ آهي حسن تنهنجي تي

نه غيرت تنهنجي کي اي چنڊ سج جي روشني گهرجي

لڄائيندين تون پنهنجي رحمت ۽ بنده نوازي کي

گنهگارن کي جي چوندين ته مونکي بندگي گهرجي

”رشيد“ آهين ته دل تنهنجي هلي ارشاد تنهنجي سان

نه توکي منزلِ قسمت ۾ ڪنهن جي رهبري گهرجي.

 

{

 

سادگي ۾ ئي ته ذلت آهي،

مون کي ڪنهن سان نه شڪايت آهي.

دور دل کان جي هجين، توکي چوان،

منهنجي تو ساڻ محبت آهي.

راحتِ دل ڇو ڪريان توکان طلب،

درد تنهنجو ئي غنيمت آهي.

ٻن اهو ساه، کڄڻ ۾ جنهن کي،

چند لمحن جي نه مهلت آهي.

اي اجل! مون کان امانت ٿو کسين،

ڇا، اها تنهنجي فضيلت آهي؟

ڇو پيان جامِ خوشي” منهنجي لاءِ،

دل سندو خون ئي شربت آهي.

تخت، تختي جو ٿو محتاج رهي،

خود امارت ۾ ئي غربت آهي.

ڪا غرض دل کي ٿي ڇيڙي، ورنه،

ڪنهن جي ڪنهن سان نه عداوت آهي.

فڪر جو فرق، ٿو دشمن بنجي،

ڪنهن جي دل ۾ نه ڪدورت آهي.

زندگي پاڻ ٿا ٺاهيون ڊاهيون،

پنهنجي هٿ پنهنجي ئي قسمت آهي.

خاڪ جي مٺ تي خريدي ٿو اجل،

زندگيءَ جي به ڇا قيمت آهي؟

فڪر مان فڪر ٿو ويجهي ۽ وڌي،

ڪنهن کي پنهنجي نه لياقت آهي.

تون جهڪين ٿو، مان سنئون ٿي ٿو هلان،

اي فلڪ! توکي ڇا طاقت آهي؟

گلبدن! آڻ ڪي اميد جا گل،

منهنجي دل ياس جي تربت آهي.

آهه دنيا سان ئي عقبيٰ اي ”رشيد!“

مون کي دنيا سان به رغبت آهي.

 

{

اَچ هلي منهنجي اڱڻ، مٺڙيون مُلاقاتيون ڪريون.

شوق مان پوريون وري، رازن ڀريون راتيون ڪريون.

شوق اَلبيلا هجن، پنهنجا وري ميلا هجن،

بلبلين سان گڏ رهي، باغن ۾ ڪي باتيون ڪريون.

مان گهمان تنهنجون ڳليون، بِلڪل ڀَليون رمزن رَليون،

کول تون دلبر دَري، جهاتين پُٺيان جهاتيون ڪريون،

عشق ۾ اَڙجي وڃون، ڦُرجي وڃون. لُٽجي وڃون،

دل وڍي دل کي، تکيون قربن سنديون ڪاتيون ڪريون.

جنهن گهڙي اکڙي اَڙي، دل جي پُٺيان دل ٿي کڙي،

سون ۽ چانديءَ جون صدقي اُن مٿان ڌاتيون ڪريون.

تو بنا تنهنجو ”رشيد“ آهي شهيد اڄ ناههِ عيد،

رت روئي، پيدا ڪي برساتين ۾ بَرساتيون ڪريون.

 

{

اَي سَهارا ساه جا! مون کي ڇَڏي، موٽي نه وڃ،

پنهنجي هِن بيمار کي غم ۾ گَڏي، موٽي نه وڃ.

زندگي منهنجي تون آهين، بَنجي ره تون زندگي،

گهر مُقامن ۾ ڪڏهن منهنجو اَڏي، موٽي نه وڃ.

ساه منهنجو آههِء تو ۾، ساه جا دُشمن هَزار،

غير جي ماري وِڌو مون کي ڦَڏي، موٽي نه وڃ.

رت ويو نڪري بدن مان، مُٺ هڏن جي ٿي چُڪس،

حُب منجهان توکي سڏيو هر هڪ هَڏي: ”موٽي نه وڃ!“

تنهنجو آهي، دفن ٿيندو تنهنجي ئي هٿ سان ”رشيد“،

سَڏ ڪري توکي چيو تنهنجي جَڏي: ”موٽي نه وڃ!“

 

{

مَري، آهُون اُٿاريندس، جي اِيندس تنهنجي خوابن ۾،

وري توکي پُڪاريندس، جي ايندس تنهنجي خوابن ۾.

نِنڊايل نيڻ نازن مان، پوريل سيج تي هوندا،

وِجهي گهورون نِهاريندس، جي اِيندس تنهنجي خوابن ۾.

اچي ڏسندس اڱڻ تنهنجو، سُکيو سَهنجو رهڻ تنهنجو،

اکين سان دَر ٻُهاريندس، جي اِيندس تنهنجي خوابن ۾.

رهي ٿي روح کي راحت وڏي، روحن جي عالم ۾،

مصيبت تنهنجي ٽاريندس، جي اِيندس تنهنجي خوابن ۾.

ڏسي تنهنجا گلابي ڳَل، ڀَنور بنجي اچي وهندس،

هَنجون ٽي چار هاريندس، جي اِيندس تنهنجي خوابن ۾.

جڏهن تنهنجو ”رشيد“ آهيان، خدا جو ڄڻ شهيد آهيان،

ٻُڏل ٻيڙي کي تاريندس، جي اِيندس تنهنجي خوابن ۾.

 

{

تصور ۾ تنهنجا نظارا ڏسان ٿو.

اِشارن پٺيان ڪي اِشارا ڏسان ٿو.

گهماسين ڦرياسين جتي صبح سانجهي،

اُهي محل ماڙيون مُنارا ڏسان ٿو.

کسي دل تو ورتي، لُٽي ڪير نيندو؟

زماني ۾ لک حسن وارا ڏسان ٿو.

ٿَڌي ڇانوَ ٻٻرن جي، پاڻيءَ جا چشما،

اُهي پيچرا، گس ۽ چارا ڏسان ٿو.

جتي منهنجي دل سان تو رانديون ڪيون ٿي،

اُتي پنهنجي نيڻن جان نارا ڏسان ٿو.

”رشيد“ آههِ تنهنجو، اکيون تنهنجون اُن وٽ،

سندس نيڻ بلڪل اُڌارا ڏسان ٿو.

 

{

رنگ و بُو صورت کان هُو بلڪل جُدا هو، مان نه هوس.

مختصر چئجي کڻي هرجا ’خدا هو، مان نه هوس.

ابرِ گريه، آتشِ غم کان فضا ۾ هو فرار،

ماهيءِ بي آب ڄڻ مرغِ هَوا هو، مان نه هوس.

منهنجي جذبات و تخيل سَان ٿي گونجي ڪائنات،

منهنجو نالو ناميارو جا بجا هو، مان نه هوس.

منهنجو خاڪ و آب ۾ عنصر اڃا ناپَيد هو،

مطلع الانوار نُورِ مصطفيٰ هو، مان نه هوس.

ڇا وڃي ڪشتيءَ سان اُن جو، جو گهڙيو پاتال ۾،

ڪشتي و ساحل جو طالب ناخدا هو، مان نه هوس.

گلبدن هٿ ۾ کنيا ٿي حسرتن منهنجن جا گل،

خون منهنجو اُن جي لئي رنگِ حنا هو، مان نه هوس.

مان ئي آهيان جنهن دماغ و دل جو هاريو آههِ خون،

ڪير هن گلشن ۾ ٻيو نغمه سَرا هو، مان نه هوس.

جِسم جي جِيفي منجهان نڪتس ته اِئيَن معلوم ٿيو!

جو به گذريو سو رڳو موجِ هَوا هو مان نه هوس.

هر قدم تي ٺوڪِرون کائي، اَڃا اڳتي وڌيس.

”لَيٌسَ لِلٌاِنسانِ اِلاّ مَاسَعيٰ“ هو، مان نه هوس.

مان ازل کان رُشدِ حق سان جڳ ۾ سڏجان ٿو ”رشيد“

منڪرِ توحيد جويائـﻶ دغا هو، مان نه هوس.

 

{

جيئَڻ جنجال اي جاني! جيئَڻ اهڙو نه ڌاريان ٿو،

جياپو جيءَ جو تون آهين، تڏهن جيءَ کي جِياريان ٿو.

نه آهن نيڻ واندا، جو نِهاريان ڪنهن جي گلشن ڏي،

نهاريم جنهن ڏي هڪ ڀيرو، اڃا تنهن ڏي نِهاريان ٿو.

متان نڪري وڃي ڪو لفظ، تنهنجي شان ۾ اُبتو،

زبانٌ کان بي زبانٌ بنجي، پرين توکي پُڪاريان ٿو.

مِلئين ميثاق ۾ مون سان، پُٺي ڏيئي، وئين پيهي،

پرين! تنهنجو اڃا تائين اکين سان دَر ٻُهاريان ٿو.

”رشيد“ آهيان مگر موسيٰ صفت منهنجا ملاقاتي،

مان دل جي طور سينا تي وِسايل باه ٻاريان ٿو.

{

 

ٺَهي ٿو سَڀڪو تمَدن، قديم فطرت سان.

بَرائـﻶ نام ٿو جڳ ۾ نئون نظام ٿئي.

اُفق، جي فاصلا ٺاهيا، اُنهن جو آههِ قصور،

نظر جو ڪين ٿو ڪنهن هنڌ اِختتام ٿئي.

صَدين کان آهين سفر ۾، اي چَرخِ ڪَج رفتار!

ڏِسون ته تنهنجو ڪِٿي ٿو وڃي قيام ٿئي!

اسان کي فِڪر ۽ فن سان ڪو اِختلاف نه آههِ،

’گهرون ٿا اسپِ تخيّل نه بي لغام ٿئي.

اسين ته پاڻ زماني جا ڪارساز آهيون.

”رشيد:“ پنهنجو ٿو ڪيئَن وقت کي سَلام ٿئي!

{

وئي مون کان وِسري، بَهارن جي دُنيا.

بَڻيا داغ دل جا، ستارن جي دُنيا.

اَڪيلو سَهان ٿو، سَوين بار غم جا،

مُنجهيل ساه هِڪڙو، هَزارن جي دُنيا.

ڏسان ڪيئَن اکين سان، اُگهي رت جا ڳوڙها.

رَهي ڪين آهي، نظارن جي دُنيا.

ڏِنا عِشق دل کي، اَزل جا سَهارا.

چوان ڪيئَن ته آهي سَهارن جي دُنيا.

ويا پيار وارا مِڙئي مُنهن مَٽائي،

ڪِٿي ڳوليان هاڻي مان پيارن جي دُنيا.

جڏهن جوش جاڳيو فقيرن جي دل ۾،

نه رهندي اِها تاجدارن جي دُنيا.

فنا ٿيندو سڀڪجهه، زمانو نه رهندو،

اَبدَ تائين رهندي ڀَلارن جي دُنيا.

”رشيد“ آههِ ڄاتل سُڃاتل زمانو،

ڏِٺي ڪنهن نه پنهنجي اِشارن جي دُنيا.

 

{

تباهيءَ ۾ نه ڇو ڳوليون، حياتِ جاودان پنهنجي،

خزانءَ ۾ ئي نهان اُهي، بهارِ بيخزان پنهنجي.

بهار آيو نه آيو، ڇا ٿيو، گلشن ٽڙيو يا نه؟

قفس ۾ ختم ٿيندي هاڻي عمرِ رائگان پنهنجي.

دماغ و دل جو خون ڏيئي، ڪيم آباد صد گلشن،

بهار آندم بيابان ۾، ته دشمن ٿي خزان پنهنجي.

ستائي ٿو زمين جو ذرو ذرو آسمان بنجي،

وڃي هن حال ۾ ڪاڏي هي جانِ ناتوان پنهنجي.

خموشي چشمِ حسرت سان، نهاريو چشمِ گردون ڏي،

ٻڌايو پنهنجو افسانو، نگاههِ بي زبان پنهنجي.

ڪڏهن افشا نه ٿيندو حال، پنهنجي غنچهء دل جو،

صبا آهسته آهسته ٿئي ٿي رازدان پنهنجي.

هئي اميد ڪنهن کي ماٺ ٿي ويندو، ”رشيد“ آخر،

رکي ٿو ڪين شايد وات ۾ هاڻي زبان پنهنجي.

 

{

غلط آهي ته مان پنهنجو مقدر آزمايان ٿو،

جفاڪش جان جي خاطر، اجل سان اک اڙايان ٿو،

زمانو ظلم جو مرڪز ته دل آهن جو گهر آهي،

اهو مون کي جلائي ٿو ته مان اُن کي جلايان ٿو.

متان سج، چنڊ ۽ تارا سڙي، ساڙي وجهن جڳ کي،

دکيل دل جا دکيل دونهان، دکيل دل ۾ دکايان ٿو.

زمانو ڇا بگاڙيندو، جڏهن مان پنهنجي پنهنجي جذبن سان،

بنايل کي بگاڙيان، جڏهن مان پنهنجي جذبن سان،

بنايل کي بگاڙيان ٿو ۽ بگڙيل کي بنايان ٿو.

اکين منهنجن منجهان ٿي ”قم با ذني“ جو ظهور آهي،

اکين جي هڪ اشاري سان، زماني کي هلايان ٿو.

کِلڻ منهنجو کلڻ آهي، رئڻ منهنجو کلڻ کان وڌ،

ڪَڪر پنبڻين ۾ پائي، مينهن رحمت جا وسايان ٿو.

مٽائن ٿا ته اُڀران ٿو ۽ اُڀري ڪين ٿو مٽجان،

رئن ٿا منهنجا دشمن مان خوشيءَ جا گيت ڳايان ٿو.

جهڪي قدمن ۾ منهنجي ڇو نه آخر، بيوفا دنيا،

وفا جي قحط ساليءَ ۾ وفا جا وڻ وڄايان ٿو.

خدائي ٿي خوديءَ جي ۽ خوديءَ سان ئي خدا آهي،

خوديءَ سان خود خدا بنجي، بتن جا سر جهڪايان ٿو.

تخيل جي فلڪ تي مان روانيءَ جو ”رشيد“ آهيان،

رهان ٿو فرش تي پر عرش جون ٻوليون ٻڌايان ٿو.

 

{

لاچار ڇونه ٿيندس، نادار ڇو نه ٿيندس.

نادار ڇونه ٿيندس، لاچار ڇو نه ٿيندس؟

بيڪار ڇو نه ٿيندس،

بيقدر آهه دنيا،

بيقدر آهه دنيا، بيڪار ڇونه ٿيندس؟

پينار ڇو نه ٿيندس؟

فاقي ڪشيءَ جي سببان

فاقي ڪشيءَ جي سببان، پينار ڇو نه ٿيندس؟

مڪار ڇو نه ٿيندس؟

هن زندگي جي خاطر،

هن زندگي جي خاطر، مڪار ڇونه ٿيندس؟

بدڪار ڇو نه ٿيندس؟

زردار جي نظر ۾،

زردار جي نظر ۾، بدڪار ڇو نه ٿيندس؟

غدار ڇو نه ٿيندس؟

ڏاڍن جو بيڪسي ۾،

ڏاڍن جو بيڪسي ۾، غدار ڇو نه ٿيندس؟

معمار ڇو نه ٿيندس؟

هڪ پرسڪون جهان جو

هڪ پرسڪون جهان جو، معمار ڇونه ٿيندس؟

غمخوار ڇو نه ٿيندس؟

دنيا جي غمزدن جو

دنيا جي غمزدن جو، غمخوار ڇو نه ٿيندس؟

دلدار ڇو نه ٿيندس؟

دلدار دوستن جو

دلدار دوستن جو، دلدار ڇو نه ٿيندس؟

خوددار ڇو نه ٿيندس؟

ڀلي حق ڇني زمانو

ڀلي حق ڇني زمانو، خوددار ڇو نه ٿيندس؟

تلوار ڇو نه ٿيندس؟

تيزي اٿم زبان ۾

تيزي اٿم زبان ۾، تلوار ڇو نه ٿيندس؟

حقدار ڇو نه ٿيندس؟

سک جو ”رشيد“ آخر.

سک جو ”رشيد“ آخر، حقدار ڇو نه ٿيندس؟

 

 

{

™ نظم

™ آزاد نظم

 

خدا جي درگاهه ۾ التجا

 

قديما، لطف فرما، فيض بخشا،

ڪريما، قادر و قيوم، يڪتا!

ز تو خواهم ترا اِين ذات سرمد،

محمد را دهم، آل محمد،

پنان تو کان ٿو، اي خلاق عالم،

سلامت دوست منهنجا هوئن دائم!

عطا ڪر طبع منهنجي کي رواني،

ٿيان مشهور در جادو بياني،

اُهي مضمون موزون ڪر عنايت،

رسائِن دوستن جي دل کي راحت،

رسائي سا، رَسي فڪر رَسا کي،

ڪري مجموع هن نظم جُدا کي!

طبع جي باغ کي سي گل عطا ڪر،

جو بلبل ڀي نه جن کان هوئي مخبر،

اُهي گل ڏي، جو بس، جنهن کان برابر،

مَشام جان، معطر ٿئي سراسر!

فصاحت سا، رسي نظم نِڪو کي،

قبولي سڀڪو منهنجي گفتگو کي،

بلاغت سا، جا بلغائن کي منظور،

فصاحت سا، جا فصائن کي منظور!

{

”ڪا دم بريءَ“ جو مهاڳ

 

(1)

ثنا اُن کي سُونهي، جو سڀ کان اُتم

جهڪيو جنهن جي سجدي ۾ اَوّل، قلم

رکِي لوح دل جي تي پنهنجي جبين

چيائين خدا جو نه ڪو هم نشين

خوشيءَ مان شهادت جي آڱر کڻي

وڏي سَڏ پُڪاريائين، ”منهنجا ڌڻي!

نه آهي، نه ٿيندو ڪو تنهنجو شريڪ

اڳيان تنهنجي هَٺ هوڏ آهي رڪيڪ

عبادت جي لائق تون قادر ڪريم

چوان ذات تنهنجي غفور الرّحيم

وٺان پيچرو تنهنجي وحدت سندو

مَٿي ڀَر هلان توکي سجدا ڪندو

تون الله، اَلحق، ۽ معبود تون

قلم جي لکڻ کان به اَفزُود تون

(2)

آههِ لازم اُن خدا جي بندگي،

جنهن ڏني آهي اَسان کي زندگي.

هُو ڄمڻ ڌاران سدا موجود آههِ،

هُو سَڄي خَلقت سندو معبود آههِ.

اُن وٽان دُنيا سَڄي آباد ٿي،

اُن گهڻيون خوبيون رکيون اِنسان ۾،

جان آئي اُن وٽان بي جان ۾،

ڇا ڪجي قادر جي قُدرت جو بَيان،

هڪ حياتي اُن جو ٽِيڻو اِمتحان.

ڪير چيدا رنگ ٿو پيارا ڪري،

ڪير تيزيءَ سان ٿو واڌارا ڪري.

ساهه کان ويجهو، ۽ بلڪل دُور آههِ،

اُن جي اُوندهه آههِ، اُن جو نُور آههِ،

آههِ خود پَيدا ۽ خود معدوم آههِ.

(3)

ٿي جُڳائي وَصف اُن حَق پاڪ کي،

آزمائش مان ڪڍيو جنهن خاڪ کي.

جنهن ”دمن بئنا“ کي سُلطاني ڏني،

پيار جي اُن کي فرواني ڏني.

جنهن ڏنو هِن خاڪ کي هٺ ۽ غرور،

خاڪ اُن راوڻ ڪيو جڳ ۾ ظهور.

خاڪ اُن راوڻ سان غمازيون ڪيون،

جنهن تڪبر سان ٿي ڏهه بازيون ڪيون.

حق ڏنو آرام اوُتار کي،

۽ دَمن جهڙي سَخي سردار کي.

سو خُدا جنهن کي ٿيو هر دم بَقا،

جو ڪري ٿو زندگانيءَ کي فنا.

 

(4)

وَصف اُن وشنوءَ سندي آهي رَوا،

جيڪو مالڪ موت جو آهي سَدا.

قهر جي عالَم ۾ هُو قهار آههِ،

جڳ ۾ هَر چُرپُر جو بانيڪار آههِ.

آههِ هن جي اک غضب جو هڪ چراغ،

پنهنجي هَر دُشمن جي سِيني لاءِ داغ.

جو به دُشمن ڪين ٿو اُن کي مَڃي،

هُو مَٿو تَنهن جو ٿو دهشت سان ڀڃي.

پير ڀٽ شو جا ڪَنول گل جي مثال،

منهنجي دل نئڙت منجهان اُن جي نِهال.

اُن جي پيرن، تاج مُکڙين جو ڍَڪيو،

اُن جي ويهن آڱرن رُتبو رکيو.

تاج اُن هَم جنس شاهن جا کنيا،

پنهنجي مَنجيءَ ۾ اَچي پُختا هَنيا.

پير ٿو تاجن جي مَنجيءَ تي رکي،

قهر اهڙيءَ ريت ٿو اُن جو بَکي،

دُشمنن پنهنجن کان هُو بيزار آههِ،

رُعب اُن جي عداوت ۾ ٻَري،

ڪين ٿو اُن وقت همدردي ڪري.

هُو هلي ٿو ڪين هرگز پيار سان،

سَخت بدناميءَ جي بانيڪار سان،

وات اُن جو، اِئيَن اُٿاري ٿو اُلا،

زهر هاري آههِ ڄڻ ڪنهن آرﱞدها.

جي نه ٿو بدڪار ڪو، اُن کي مَڃي،

۽ سندس قانون ٿو جڳ ۾ ڀڃي.

تنهن کي اِيئَن صدما رَسن ٿا جا بجا،

ڄَڻ ته ٿي واپس ڪا گنبد جي صدا.

دِل ۾ اُن بَدڪار جي ڦَٽ ٿو رَهي،

ڪِين ٿي اُن جي پريشاني لَهي.

ان سچي وشنوءَ کي هيرا ٿا وڻن،

جيڪي اُن جي چاکڙين ۾ ٿا ڇَڻن.

اُن سچي وشنوءَ کي هيرا ٿا وڻن.

جيڪي اُن جي چاکڙين ۾ ٿا ڇڻن.

اُن جي دل رِيڌل رهي ٿي راز سان،

سِڪ جي سازن سان، مِٺي آواز سان.

هُو ٿا نيڪي لاءِ ڏک بَرداشت ڪن،

ڪيترا صَدما مُسلسل ٿا سَهن.

ٺاهه نيڪيءَ جو ٿو اِيئَن تن وٽ ٺهي،

جئَن ماڻهن جو اِهو اُسلوب آههِ،

تن ڏي هِڪ قصو عجب مَنسوب آههِ.

ٻاجهه جي نُڪتن سان جيڪو لازوال،

سحر ۽ جادو نگاريءَ جو مثال.

دل ۾ تازو شوق جاڳائي ٿو جو،

مِهر ۽ اُلفت کي چمڪائي ٿو جو.

جنهن منجهان اِحساس ذاتي ٿو وَڌي،

دِل حقيقت جي سڳن سان ٿو ٻَڌي.

راز مالڪ جا ٿين ٿا آشڪار،

ٿي لَهي لائون حقيقت جي ڪُنوار.

ڳالهه آهي راز گوناگون جي،

خُوب بندش آههِ هر مَضمون جي.

 

{

 

اڻ پورو آهي. فقط ايترو ئي مواد دستياب ٿي سگهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org