سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :43

 

مومل:

نِنڊ اِيندي ڪانه سوڍي کان سوا،

جاڳنديس، جيسين ڪِه اِيندو دلربا.

ڪيئَن ڀَلا مون کي اچي ان ري قرار،

منهنجو سِر آ جنهن جي قدمن تان نثار!

سُومل:

ڀيڻ! سوچي ٿي وٺان تدبير ڪا،

جيئَن اَچي آرام توکي مَهه لقا!

مان کڻي سوڍي جو پَهريان ٿي لِباس،

جيئَن وڃي پُوري ٿي تنهنجي مَن جي آس.

مومل:

هي اَجايو آههِ دل لئي ڀَروسو،

ڪوئي رڃ کي پاڻيءَ جئَن سمجهي پيو.

جي، ادي! مون کي ڪَرين مجبور ٿي،

غم ڪرڻ منهنجو، جي چاهين دُور ٿي،

وَڃ، وڳو سوڍي سَندو پَهري تون آءُ،

پر، ڏِئين جيئَن سُوڌ سوڍي جيئَن ڏِکاءُ!

 

(مُومل ۽ سُومل هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي پلنگ تي سمهي ٿيون پون. راڻو اچي ٿو ۽ سُومل کي مرد سمجهي ٿو.)

راڻو:

هائي هائي! هي اکين سان ڇا ڏِٺم؟

ٿي پيو سَچ، واٽ تي جيڪي ٻُڌم!

آههِ عورت، تنهنجو نالو بس دَغا،

تون زماني ۾ ته آهين بيوفا.

هاءِ جنهن تي مون ڪَيو ٿي اِعتبار،

گل جي پَردي ۾ لڪل نِڪتو سوخار،

هاءِ! جنهن تي ڀَروسو ٿي مون ڪيو،

آ ستين جو مار سوئي ٿي پيو،

هاءِ! جنهن کي درد جي سَمجهيم دَوا،

زَهر بڻجي تنهن ڏِني مون کي دَغا،

آههِ دشمن ٿي ڪيو تنهن مون تي وار،

مَرد جي ناموس تي آهين ٽِڪو،

جنهن کي لاهي ٿو سگهي جڳ ۾ نه ڪو،

توکان بهتر آههِ، رهجي ايڏو دُور،

جئَن ڪمانٌ جي ڪانوُ ٿئي ويجهو نه مُور،

تون اُجاڙين ٿي سوين گهر روز شب،

هر تباهيءَ جو تون بڻجين ٿي سَبب،

پير پنهنجي تي ڪهاڙو ڪيئَن هَنيم،

جو محبت جو قسم توسان کَنيم،

جيستائين آههِ منهنجي دَم ۾ دَم،

ڪين پائيندس وري هيڏي قدم!

(راڻو پنهنجو لڪڻ مومل جي پاسي ۾ رکي هليو ٿو وڃي. مومل سجاڳ ٿئي ٿي.)

مومل:

ڇا، نه آيو آ اَڃا منهنجو صَنم،

جنهن سوا نِڪري رهيو آ منهنجو دَم!

ڇو اچڻ ۾ آ ڪئي راڻي اَوير،

يا اِلاهي! شل هجي راڻي ڏي خير!

صبح صادق ڀي ٿيو آهي قريب،

پر اَڃا آيو نه آ، منهنجو حبيب.

(مومل راڻي جو لڪڻ ڏسي ٿي)

مومل:

هي لڪڻ شايد اهو آ ڪارساز،

ڪاڪ جا کوليا هئائين جنهن سان راز،

هي ته راڻي سان سَدا دَمساز آههِ،

هِن جي هت پهچڻ جو ڪهڙو راز آههِ؟

آههِ هي راڻي جي پيرن جو نِشان،

جو لڳل آهي زمينٌ تي مُهر جان،

هي ته شايد پيرو آهي ڪالهه جو،

ساه سان جنهن کي زمينٌ قابُو ڪيو،

پير ڏاگهي جا ٿا ڏِسجن هِت عيان،

ڪنهن بَهادر جي لڳايا تير جان،

هاءِ، راڻو آههِ اَڄ موٽي ويو،

دال ۾ ڪجهه آههِ اَڄ ڪارو پيو،

مُنهنجي ناتر! سَڏ سڀن ٻانهين کي ڪر،

مَن، ڏين راڻي جي آمد جي خبر!

(مومل جون ٻانهيون ڊوڙنديون اچن ٿيون)

مومل:

ساه جهڙيون پياريون منهنجون ڀينرو!

آههِ راڻي جو اوهان کي ڪو پَرو؟

ڇا، ڏِٺو، راڻو هِتي اَڌ رات جو؟

چنڊ لَٿي، تارن ڇَپي، پِرڀات جو.

اَلهه لڳ، جلدي ڪريو پنهنجو بيان،

منهنجي آهن ڏي ڏيو پنهنجو ڌيان!

هڪ ٻانهي:

توتان قربانٌ ٿي وڃي سارو جَهان،

ساه سِر کي تو مٿان صدقو ڪريان!

هار کائي رات تارن جو سِپاه،

ٿي وَٺيو ويو تَڪڙي تَڪڙي پنهنجي راه،

چَنڊ تارن جو سُنهري تاجدار،

خوف کان ڪاڏي ويو هو ٿي فرار،

ان گهڙيءَ، مون هڪ ٻڌو آواز هو،

ڄَڻ پَنن ڇيڙيو سُريلو ساز هو،

مون ڏِٺو، راڻو ويو ٿي تيز تَر،

جئَن هوا ۾ ٿو هڻي شهباز پَر،

لال اکيون هِن جون ڪاوڙ ۾ هيون،

باه ۾ سيخون جئين چمڪن پيون،

ان جو ڪاوڙ ۾ اُڀو هو وار وار،

جئَن گلن تي بيٺو هوندو آههِ خار،

دور کان رخ راڻي جو اِئين ٿي ڏِٺو،

ٽامڻي سج جئَن هڻي، ٿئي لال ٿو!

جو ڏٺم، سو مون بيان آهي ڪيو،

راز سارو مون عيان آهي ڪيو.

مومل:

هاءِ ڀينر! قهر مون سان ٿي ويو!

منهنجي دُنيا ۾ اَچي ويو زلزلو!

اَڄ ٽُٽي منهنجو ويو آ اِيئَن نصيب،

پنهنجي مُوڙي جئَن وڃائي ٿو غريب.

هاءِ! راڻو اَڄ ويو مون کان رُسي،

پاڻ سان ويو سڀ کڻي منهنجي خوشي.

آههِ هي ڏائڻ ڪيو ڪنهن مون سان ڊوهه،

يا ڏٺائين مون ۾ اهڙو عيب ڏوهه!

ڇا، هِي سومل جي – سُمهڻ جو آ صَواب.

جنهن جي خاطر ٿو مِلي ايڏو عذاب!

جي پيو ان کي هو ڪو شڪ کڻي،

مون کي ماري ڇڏي ها ڌَڪ هڻي!

ڪاڪ ڪارِي ٿي وئي، اَڄ بيگناه،

ڌوڪو کاڌو آههِ سوڍي جي نگاه!

اڻ پورو آهي. فقط ايترو مواد دستياب ٿي سگهيو.

 

نور ۽ نوران

(منظوم افسانو)

 

آهي تازي ڳالهه تازو داستان،

آهي تازو درد ۽ غم جو بيان،

درد وارن جي اڃا ڪانهي ڪمي،

اڄ به ڏسجي ٿي اُها شادي غمي،

اڄ به ساڳيو حسن ٿو هر جا وسي،

اڄ به ساڳيو عشق ٿو سڀ ڪجهه کسي،

اڄ به ”ليليٰ“ لاءِ ٿو ”مجنون“ رڙي،

اڄ به ”رانجهن“ ”هير“ جي دل ٿو ڪڙي،

آهي ساڳئي عشق جو ساڳيو بيان،

اي ٻڌڻ وارا، ٻڌو هڪ داستان!

ٽنڊه آدم جي لڳ لڳ شام جو،

هڪ مسافر واٽ ورتيو ٿي ويو،

هو جوانيءَ ۾ نه ڪو اُن جو مثال،

حسن هو اُن جو وڌايو ذوالجلال،

علم جو ماهر ۽ هو هڪ نوجوان،

شعر ۾ شيرين سخن، شيرين بيان،

شهر روهڙيءَ جو رهاڪو نيڪنام،

نور خان ان کي سڏيو ٿي خاص و عام،

پر نه هو ان کي ڪو حاصل روزگار،

نوڪريءَ جي واسطي هو بيقرار،

راه ۾ ٿي پهه پچائيندو ويو،

درد مان گانو ٿي ڳائيندو ويو،

جيئَن ڪئي هن درد مان پوري پڪار،

نازنينن جي نظر آيس قطار،

جي ويون ٿي کوه تان پاڻي ڀرڻ،

واٽ ويندڙن کي لٽڻ ۽ دل ڦرڻ،

هڪ انهن مان حسن جي راڻي هئي،

۽ نئَين جوڀن ۾ ساماڻي هئي،

ڪيتري خلقت هئي ان تي چري،

ڄڻ هُئي اِندر سڀا جي هڪ پري،

ان وسائي حسن جي گادي هئي،

عشق ۽ الفت جي شهزادي هئي،

ناز سان آئي ٿي ساهيڙين سان گڏ،

خوب شرمائي ٿي ساهيڙين سان گڏ،

نانءُ ”نوران“ خاص پتلي نور جي،

حسن سان حاجت نه هرگز حور جي،

ان جو والد ڳوٺ جو هڪ هو رئيس،

ڌيءَ هئي ان جي اها نوران نفيس،

اوچتو آيس هي پرديسي نظر،

۽ سندس گاني ڪيو دل تي اثر،

راه مان تيئَن ان کي ترسائڻ لڳي،

پنهنجي ساهيڙين سان گڏ ڳائڻ لڳي،

نيٺ پرديسي به نڪتو هوش مان،

اه هڪ دل مان ڪڍيائين جوش مان،

حسن نوران جو ويس دل کي وڻي،

بس، اتي ويهي رهيو پلٿي هڻي،

ڪين ڄاتائين ته هاڻي ڇا ڪندس؟

ڇا ڪمائيندس ۽ ڇا پيدا ڪندس؟

حوصلا ان جا ٿيا بلڪل خطا،

حسن نوران جي ڪيس هڪدم فنا،

بس، انهيءَ جو خاص ديوانو ٿيو،

نور نوران جي تي پروانو ٿيو،

تير نوران کي به الفت جو لڳو،

ساه سان ٻڌجي چڪس سڪ جو سڳو،

هٿ کان پرديسيءَ کي ورتائين شتاب،

۽ چيائين ان کي بلڪل بيحجاب،

اي مسافر، مون سان پنهنجو حال ڪر!

ڪين پيدا ايترو جنجال ڪر،

جي ڏکيو هوندين ته ٿي پوندين سکيو،

مان ڇڏيندس ڪينڪي توکي بکيو،

هل تون منهنجي گهر، هلي آرام ڪر.

دور پنهنجي دل منجهان آلام ڪر.

نور خان ا ڳالهه تي راضي ٿيو،

۽ اٿي نوران جي گهر گڏجي ويو،

ان جي نوران خوب مهماني ڪئي،

دور ان جي دل مان حيراني ڪئي،

حال سڀ ان کان پڇيائين سر بسر،

۽ ڇڏيائين ڪينڪي باقي خبر،

نور خان ان کي ڏٺو جيئَن مهربان،

تيئَن ٻڌايائين سڄو پنهنجو بيان،

حال دل جو جيئَن ويو اظهار ٿي،

پاڻ ۾ ڏاڍو وين تيئن پيار ٿي،

پنهنجي والد وٽ وئي نوران شتاب،

۽ ڪيائين ان کي منت بيحساب،

هيءَ ڪيائين ان کي بيهي التجا،

منهنجا بابا! ڪين ٿي مون تي خفا،

نور خان آهي وڏو ايماندار،

علم ۾ ماهر ۽ ڏاڍو هوشيار،

هن جي خصلت آهي سڀڪنهن کي وڻي،

هن کي تون منشي مقرر ڪر کڻي،

قدر ڪر، هو آهي اڄ بيروزگار،

نيڪ ڄاڻي، ڏي سٺو ان کي پگهار.

پيءُ مڃيو نوران نماڻيءَ جو چيو،

نور خان ان جي اڳيان منشي ٿيو،

ائين سنڀاليائين زمينداريءَ جو ڪم،

جو ٿيو هر ڳالهه ۾ ثابت اُتم،

خوب محتاجن کي ورسائڻ لڳو،

سڀڪو هن کي دل وٽان ڀانئَڻ لڳو،

ٿي چڪو ڪم تي سندس عاشق رئيس،

ڪنهن به هن کي ڪين ٿي ڄاتو خسيس،

ناز نوران کي ٿيا هن جا پسند،

شان ۾ پنهنجي ٿيو بلڪل بلند،

پنهنجي مالڪ کي ويو اهڙو وڻي،

جو انهيءَ هر شي ڏنس هٿ ۾ کڻي،

ٿي لڳو سڀڪنهن کي پيارو لعل بخش،

نيٺ ٿي هر شخص جي مرضي اها،

نور خان آهي سچو، دل جو صفا،

ڇو نه نوران سان سندس شادي ڪجي،

هن سڳوري گهر جي آبادي ڪجي!

ماءُ نوران جي وئي هڪدم مڃي،

مڙس سان پڻ ڳالهه چوريائين وڃي،

هو رهيو ڪجهه وقت سوچڻ ۾ ملول،

پر ڪيائين اهڙي شاديءَ کي قبول،

بس، اُمالڪ شادمانا ٿي ويا،

دل وتان سڀ غم روانا ٿي ويا،

نيٺ شاديءَ جي مقرر رات ٿي،

شادمانن ۾ مٿان پرڀات ٿي،

عيش جون هر هنڌ بازاريون لڳيون،

۽ ٿي شادي شرنايون وڳيون.

۽ ٿي چڪي شادي، ويا سڀ شاد ٿي،

نور ۽ نوران ويا آباد ٿي،

پاڻ ۾ هر وقت خوش گهارڻ لڳا،

پيار ۽ اُلفت کي سينگارڻ لڳا،

بس، ٻنهي مٺڙيون ملاقاتون ڪيون،

ختم ڳالهين ۾ سوين راتيون ڪيون،

جسم هو جي نور، نوران زندگي،

نور هو مالڪ ته نوران بندگي،

ساه هڪٻئي تي ڇڏيائون ٿي سَدا،

خوب پنهنجو روح ريجهائڻ لڳا،

پيار سان تن من کي پرچائڻ لڳا،

محفلن ۾ رنگ لائيندا هَئا،

گيت گانا گڏجي ڳائيندا هئا.

پر زمانو ڪين ٿو ڪنهن کي سهي،

عيش هردم ڪين ٿو ساٿي رهي،

اڄ خوشي آهي، سڀاڻي آهي غم،

اڄ جيئڻ آهي، سڀاڻي نڪتو دم،

زندگيءَ تي آهي ڪهڙو اعتبار!

زندگيءَ جا ٿا سجهن دشمن هزار،

ڇا خبر! اڄ رات يا پرڀات جو،

ساه ٿو صدمو سهي سڪرات جو،

جوبه آيو آهي سو ويندو ضرور،

هيءُ پتڻ هر هڪ ڪندو آخر عبور،

ڏسجي ٿي دنيا ۾ بس، ديوانگي،

آهي اڄ زنده رهڻ مردانگي،

ٻن دلين کي ڪوبه سهندو ڪين آهي،

نيڪ سان بدڪار ٺهندو ڪين آهي،

اڄ شريفن سان لچن جو وير آهي،

هر محبت واري سان انڌير آهي،

سڀ شريفن سان اڍنگا ٿا هلن،

خار ٿا گل کي نه گلشن ۾ سهن،

هڪ وڏيرو نور جو دشمن ٿيو،

هٿ ڪندس نوران کي هن هيءُ پهه ڪيو،

ائين چئي هو سازشون ٺاهڻ لڳو،

نور جي هر ڳالهه کي ڊاهڻ لڳو،

ڇو جو هن نوران جي شاديءَ کان اڳي،

هيئَن چيو ٿي: مون کي نوران هٿ لڳي،

منهنجي نوران سان سگهو شادي ٿئي،

نور جي قسمت جي بربادي ٿئي!

ڪوششون هن جون هيون هر صبح و شام،

ننڊ ۽ آرام هو ان جو حرام،

پر سندس مقصد ٿيو ناڪامياب،

۽ ٿيو دنيا ۾ رسوا بي حساب،

نور کي مارن جا سانباها ڪري،

دل وڌائين بغض ڪيني سان ڀري،

بس، حسد ۾ پاڻ کي ساڙڻ لڳو،

وير پاڙڻ لاءِ وجهه تاڙڻ لڳو،

ڇاڙتا پنهنجا بنايائين گهڻا،

چور ۽ رهزن گهرايائين گهڻا،

هيءُ ويو هڪڙو پاٿاريدار ٿي،

۽ ويا ڌاڙيل هن جا يار ٿي،

نور پرديسيءَ پٺيان ڪاهي هليا،

آسرو سر ساه تان لاهي هليا،

جي لفنگا ۽ لچا ۽ بدمعاش،

تن ڪئي ٿي لعل جي هر هر تلاش،

خوب ان کي رنج پهچائڻ لڳا،

واٽ ويندي خوب ايذائڻ لڳا،

مينهن پٿرن جو وسائيندا هئا،

هڪ اُڌم هردم مچائيندا هئا،

نيٺ هڪ اهڙي نڀاڳي رات ٿي،

جنهن ۾ هر رهزن کي بڇڙي تات ٿي،

هيءَ ملي تن کي وڏيري کان صلاح:

نور کي مارڻ ٿيو بلڪل مباح،

رات جو گهر ۾ سندس ڪاهي وڃو،

منهن ڪهاڙين جا صفا ٺاهي وڃو،

نور جي گردن ڪهاڙيءَ سان وڍيو،

پوءِ نوران کي سگهو گهر مان ڪڍو،

جي ملي نوران ته منهنجي عيد آهي،

در ۾ ان جي رات ڏينهان ديد آهي،

بس، سگهو آڻيو اُها نازڪ پري،

آهي جنهن جي لاءِ منهنجي دل چري،

ڇو ڀلا مان دور ٿو ان کان رهان؟

ڇو نه ٿو ان سان مِلان، ان سان گهمان؟

دوستو، منهنجو چوڻ جلدي مڃو!

مان چوان ٿو! سيگهه مان ڊوڙي وڃو،

جي توهان نوران ملائيندا اچي،

دل گهريو انعام پائيندا اچي.

بس، اهي سازش سٽي ڪاهي هليا،

منهن ڪهاڙين جا صفا ٺاهي هليا،

ٻٽ ٻڌي نڪتا امالڪ رات جو،

ڪم اهو سوچيائون جو ڪمذات جو،

چوري چوري نور جي گهر ۾ گهڙيا،

راه انسانيءَ وٽان بلڪل ٿڙيا،

نور ۽ نوران هئا آرام ۾،

ننڊ ۽ غفلت جي زهري جام ۾.

تن جي ڪمري ۾ اڪيلائي هئي،

ڪين ٻَئي ماڻهوءَ سندي وائي هئي،

ڪا هئي ڇانيل نحوست بخت تي،

ڪو ڪتو ڀونڪيو نٿي ان وقت تي،

پنهنجي پنهنجي گهر هو ماڻهو ستل،

ڪنهن نٿي ڄاتو ته ڪو ايندو اجل!

رات جو وڳڙو ۽ اونده سر بسر،

هر ڪا شيءِ خاموش ٿي آئي نظر،

بس، انهن چورن کي سونو وجهه لڳو،

ڀو ۽ ڀولو تن سندو بلڪل ڀڳو،

رات جي وانده ۾ تن ڄاتو نٿي،

نور ڪهڙو آهي ۽ نوران ڪٿي!

تن ڪهاڙيءَ سان الر هڪدم ڪئي،

جا اچي نوران جي گردن کي لڳي،

بس، ڳچي لهندي ويس نبضون ٺري،

ڪينڪي واتان ڪڇي، ويئي مري،

نور هن کي ڪينڪي ڪرندي ڏٺو،

۽ وڙهڻ جي لاءِ ٿي بيٺو کڙو،

هڪ ڪهاڙي چور جي هٿ مان کسي،

ديو جهڙن کي وڍائين جهٽ دسي،

ڪيترا چورن منجهان زخمي ٿيا،

ڪيترا هڪدم ڊڄي پٺتي ٿيا،

لعل جي چورن سان ڏاڍي جنگ ٿي،

جي ويا زخمن جي سببان تنگ ٿي.

نور کي پڻ ڪيترائي ڌڪ لڳا،

پر چٿيا هن خوب چورن جا مٿا،

سڀ ويا ڊپ جي ڪري هڪدم ڀڄي،

پنهنجي ڪيتي تي ٿيا هڪدم لڄي،

وقت خاموشيءَ جي هي سڀڪجهه ٿيو،

ڪو پتو هرگز نه ماڻهن کي پيو.

جيئَن ويا سڀ چور گم ٿي سر بسر،

نور جي نوران تي تيئَن پيئي نظر،

گم ٿيا هن جا سراسر حوصلا،

هوش هن جو ٿي ويو بلڪل خطا،

عقل هن جو ڪين ڪنهن پاسي وريو،

هوش مان نڪري ٿيو بلڪل چريو،

بس، ٽهڪ ڏيئي لڳو گهَر ۾ ڦرڻ،

۽ وڏي واڪي سان ماڻهن کي چوڻ:

قتل نوران آهي ٿي منهنجي هٿان،

ڪيئَن ٿو مان سرڪار کان هاڻي بچان!

مون ڪهاڙيءَ سان نوران کي ڪٺو،

ڇو نه ڪوٺيان پاڻ کي هاڻي مُٺو!

حيف آهي نور! تنهنجي حال تي،

هٿ کنيو تو پنهنجي پياري زال تي،

هوءَ سدا چوندي هئي سچ ٿو چوان!

اي پرين، مان شل، هٿان تنهنجي مران!

ڇو ڀلا، مان تنهنجو قاتل ٿي چڪس؟

پيار تنهنجي کان ڇو جاهل ٿي چڪس؟

هاڻي ڪهڙي ڪم جي منهنجي زندگي،

زندگي اهڙي، صفا شرمندگي!

ڇو نه اهڙي حال کان هڪدم مران،

۽ ڪهاڙيءَ کي کڻي سر ۾ هڻان!

هاءِ، نوران کي مون اڄ ماري وڌو،

زندگيءَ جو جام خود هاري وڌو.

ڳوٺ جا ماڻهو، سگهو ڊوڙي اچو،

مون کي پڪڙيو، خون مون آهي ڪيو!

بس، ٿيو ان جو دماغ اهڙو خراب،

جو اٿي واڪا ڪيائين بي حساب،

جنهن تي ماڻهن هن کي جهٽ پڪڙي وڌو،

۽ رسيون ڏوريون وجهي جڪڙي وڌو،

جهٽ پوليس آئي، ڏٺائين واردات،

نور کي حاصل نه ٿي ان کان نجات،

جهٽ لڳايائونس ٺاهي هٿڪڙي،

ڄڻ ته ٿي سر تي سندس آفت کڙي،

بس، ڇڪي آندائون هن کي جيل ۾،

هيءُ رهيو مشغول غم جي کيل ۾،

پاڻ کي هن ٿي ڏنو خوني لقب،

۽ چرين وانگر بڪيو ٿي بي سبب،

ڪيترن هن کي بچائڻ ٿي گهريو،

بخت هن جو آزمائڻ ٿي گهريو،

ڪيترا ماڻهو بڻي آيا گواه،

فائدي ۾ نور جي سڀ بي پناه،

پر سڀن کي نور ٺڪرائي ڇڏيو،

خير خواهن کي به شرمائي ڇڏيو،

هن چريائيءَ ۾ ٿي هر ساعت چيو:

قتل نوران کي ته مون آهي ڪيو!

پنهنجي نوران سان ملڻ چاهيان ٿو مان،

هن زماني کان ڇٽڻ چاهيان ٿو مان!

مون هو نوران کي بنايو زندگي،

ان بنا آهي جيڻ شرمندگي!

هاڻي هر هر موت کي سڏ ٿو ڪريان،

ڌيان ٻئي پاسي نٿو پنهنجو ڌريان،

مون وڌو ڇو قتل نوران کي ڪري،

ان جو قاتل ڇو نه ٿو هڪدم مري!

بس، انهيءَ غم ۾ ويو لاچار ٿي،

۽ ويو جهٽ جيل ۾ بيمار ٿي،

هن کي آندائون کڻائي اسپتال،

۽ ٿيو هن جو مرڻ جهڙو ئي حال،

هر گهڙيءَ نوران سان ڳالهائڻ لڳو،

موت جي واديءَ ڏي واجهائڻ لڳو.

هڪ طرف هو نور ديوانو ٿيو،

عشق جو عالم جو افسانو ٿيو،

ڪورٽن ۾ ٻئي طرف تڪرار هو،

اصل خوني واسطي ويچار هو،

نور کي سڀني سڏيو ٿي بي قصور،

ٿي چيائون: آهي ٻيو خوني ضرور،

نور کي آهي خطا خوني سڏڻ،

اصل خونيءَ جو کپي پيڇو ڪرڻ،

نيٺ هر حالت ۾ جاري ٿي تلاش،

خودبخود ڦاٿو حقيقي بدمعاش،

ڦاٽ کاڌو هڪڙي خوني اوچتو،

۽ اچي سرڪار ۾ سڀ ڪجهه چيو،

جنهن تي ورتائون انهيءَ جي شاهدي،

۽ وڏيري کي وڌائون هٿڪڙي،

جيل ۾ خوني سگهو آيا کڄي،

۽ وڏيرو ٿي چڪو بلڪل لڄي،

پنهنجي بدبختيءَ تي پڇتائڻ لڳو،

پنهنجي دل کي پاڻ شرمائڻ لڳو،

پر نه شرمائڻ منجهان ڪجهه ٿي وريو،

روز اول جو لکيو ڪيئَن ٿي ٽَريو؟

هن ڪيتي جي هئي ملڻي سزا،

تنهن ڪري سر تي اچي بيٺي قضا،

پنهنجي ڪيتي جو لکيو لهڻو پيو،

عمر ساري جيل ۾ رهڻو پيو،

ظلم جو اهڙو نتيجو ٿا ڏسون،

ان جي هوندي ڪين ٿا عبرت وٺون،

ڪارخانو آهي دنيا جو غلط،

هر فسانو آهي دنيا جو غلط،

ان وڏيري جا هئا همراه جي،

خون جا ساٿي، وڏا بدخواه جي،

ظلم جو آخر مليو تن کي صلو،

ڏينهن ڦاسيءَ جومقرر ٿي چڪو،

حڪم هيءُ سرڪار کان آيو شتاب،

نور جو ڏوهه ڪونهي بيحجاب،

قيد کان هر حال ۾ آزاد آهي،

ختم ان جي قيد جو ميعاد آهي،

هن کي موڪل آهي بيشڪ گهر وڃي،

ڀل ته پنهنجي گهر سدائين خوش رهي،

پر نه ويچاري جو ڪو گهر گهاٽ هو،

ان جي بدبختي ته کاڌو ڦاٽ هو،

اڳ ۾ هو بيمار پرديسي پرين،

جيل ۾ لاچار پرديسي پرين،

ويتر ان کي ياد هو نوران جو ناز،

ڪين سو وڃڻو هئو سوز ۽ گداز،

نيٺ ان جا ڏينهن پورا ٿي چڪا،

ختم افسانا سمورا ٿي چڪا،

شڪل نوران جي ٿي آيس روبرو،

۽ انهيءَ سان ٿي ڪيائين گفتگو،

ٿي چيائين: اي پرين پنهنجو بناءِ!

مون کي هن آزار کان جلدي ڇڏاءِ،

هن زماني کي ڇڏڻ چاهيان ٿو مان،

بس، فقط توسان ملڻ چاهيان ٿو مان،

نانءُ نوران جو وٺي آخر مئَو،

ٿي چڪو روشن سندس سڪ جو ڏيئَو،

ياد ان کي ڪر تون ”لاشاري رشيد“،

ڇو جو هو آهي محبت جو شهيد.

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org