سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :28

 

 

اِنقلابي دَور جون ڳالهيون

(1)

وقت آيو آههِ ڪي ويچار جون ڳالهيون ڪريون،

اِنقلابي دَور جي اَسرار جون ڳالهيون ڪريون،

هَر قدم تي عقل ۽ اَڪار جون ڳالهيون ڪريون،

خود پرستيءَ جي بَجا اِيثار جون ڳالهيون ڪريون،

آههِ عياشي، جو حُسنِ يار جون ڳالهيون ڪريون،

ديس کي دلبر ڏسي، ديدار جون ڳالهيون ڪريون.

(2)

”سنڌ“ کي جهلم، چناب و ستلج راوي، بياس،

پنج گل بنجي ڏين ٿا، خود بخود وحدت جو واس،

آبروئي قوم سان آبِ وطن ڏسجي ٿو راس،

صُلح پرور پاڻ ۾ پرتا، لٿو خوف و هراس،

امن جي واديءَ ۾ ڇو تڪرار جون ڳالهيون ڪريون؟

پاڪ پاڙي سان سدائين، پيار جون ڳالهيون ڪريون.

(3)

حال پنهنجي کي سُڌاريون هڪ نئين اَنداز سان،

ظلم ماضيءَ جا وِساريون، صُلح واري ساز سان،

ڇو نه مستقبل اُجاريون، همتِ پَرواز سان؟

پاڻ اُڀ ڏاري سگهون ٿا هڪڙيئي آواز سان،

ڇو اَجايو توب ۽ تَلوار جون ڳالهيون ڪريون؟

جي دلير آهيون دلِ بيدار جون ڳالهيون ڪريون.

 

(4)

راڄ پنهنجي هٿ ۾ آهي، بس رُڳو همت ڪريون،

ڪين ڪنهن اِمداد تي ڀاڙيون، نڪي غفلت ڪريون،

پنهنجون گهُرجون پاڻ سڀ پوريون ڪريون، محنت ڪريون

ملڪ جو هر گوشو گوشو گوشهِء جنت ڪريون،

گهر ۾ خالي ڇو دَر و ديوار جون ڳالهيون ڪريون

پار منزل کان ٽپي واپار جون ڳالهيون ڪريون.

(5)

خود پرستيءَ جو، نه چاڙهيون روئي آزادي تي پوش،

جذبهء غيرت نه وڪڻون، جي رکون ٿا سر بدوش،

پيٽ جي پوڄا ۾ اِئين پنهنجو وڃايون ڪين هوش،

جو ٿين ڀائر ئي خود، يوسف جي لئي برده فروش،

ڪين اهڙي مصر جو بازار جون ڳالهيون ڪريون،

پاڻ ۾ پرچي، وڏي وهنوار جون ڳالهيون ڪريون.

(6)

اڄ اسان جي هٿ ۾ پنهنجي ملڪ جي تنظيم آهه،

قوم جي تڪريم آهي، ديس جي تعظيم آهه،

خود اسان جي هٿ ۾ آيو، چرخهء تعليم آهه،

ڇو اڃا پنهنجي عمل ۽ فڪر ۾ تقسيم آهه؟

پاڻ ۾ هم فڪر ٿي، افڪار جون ڳالهيون ڪريون،

ڇو اجايو جهل ۽ ادبار جون ڳالهيون ڪريون؟

 

 

(7)

شهر توڙي ڳوٺ ۾، ڪهڙو به پنهنجو گهر هجي،

پر فقط قومي ترقي هر جڳهه بهتر هجي،

ملڪ جي اقبال جو روشن سدا اختر هجي،

مشرق و مغرب سندو، چشمن اڳيان منظر هجي،

پنهنجي گهر ويٺي، سڄي سنسار جون ڳالهيون ڪريون،

فرش تان ئي عرش جي اسرار جون ڳالهيون ڪريون.

(8)

عنصري تحليل کان خالي نه آهي ڪائنات،

پاڻ پنهنجي لاءِ تون ٺاهي سگهين ٿو ڏينهن رات،

منڪشف ڪر قلب پنهنجي تي فقط هي واردات،

بي ثبات آهي نظامِ دهر ۽ توکي ثبات،

اي ”رشيد!“ اِنڪار ۾ اِقرار جون ڳالهيون ڪريون،

نُور بنجي مطلب الانوار جون ڳالهيون ڪريون.

 

{

 

پاڪ وطن جو رهواسي

 

(1)

قائم جي رهيو جوش اِنهي ريت سُخن ۾،

وحدت جي اِها بُوءِ سَدا رهندي گلن ۾،

هرگز نه خزان اِيندي ڪڏهن پنهنجي چمن ۾،

وِجهنداسين مُٺيون ڌُوڙ جون، دُشمن جي دَهَن ۾،

پَڙلاءُ ڪبو پَڌرو، سَڄي ڪوه و دَمن ۾،

جو پاڪ هجي، سوئي رهي پاڪ وطن ۾.

 

(2)

جو آههِ مُسلمان، سو بي باڪ ئي رهندو،

اِسلام جي دُشمن جو جگر چاڪ ئي رهندو،

اَغيار جو منصوب، صَفا خاڪ ئي رهندو،

هيءُ پاڪ وطن پنهنجو سَدا پاڪ ئي رهندو،

ٻُڌ ٻول اِهو، وجهه نه ڪَپهه پنهنجي ڪَنن ۾،

جو پاڪ هجي، سوئي رهي پاڪ وطن ۾.

 

(3)

مؤمن تي هجي پنهنجي خدا پاڪ جو سايو،

شامل نه ڪري دين ۾، ڪو فِڪر پَرايو،

اُن نُڪتي تي سوچي، جو نبيصه آههِ ٻڌايو،

بي وَزن هجي پنهنجي اڳيان غير جو رايو،

غالب ٿي رهي پاڪ بشر فِڪر ۽ فن ۾،

جو پاڪ هجي سوئي رهي پاڪ وطن ۾.

 

(4)

مون مردِ مجاهد سان ڪِٿي پُڄندو زنانو؟

گونجي ٿو فضائن ۾ وري منهنجو فسانو،

افلاڪ تي پڻ ڳائجي ٿو منهنجو ترانو،

بس، ختم ٿيو پنهنجي مصيبت جو زمانو،

اغيار گرفتار ٿيا رنج و مِحن ۾،

جو پاڪ هجي، سوئي رهي پاڪ وطن ۾.

{

 

سنڌ

 

ڪيڏو نه تنهنجو مرتبو، ڪيڏو نه مان سنڌ!

اِسلام جو تون آهين مبارڪ نشان سنڌ.

رفعت ۾ دين جي تون بلنديء لامڪان،

هِن پاڪ سَرزمين جو تون آسمان سنڌ.

اِسلام جون تون باب، ندائي خدائي پاڪ،

تون مصطفيٰ جي دين سندو پاسبان سنڌ.

مهمان تنهنجا دين محمد جا رهنما،

آهين عرب عجم جي تون ئي ميزبان سنڌ.

يڪسان ڪڏهن نه سلسلو هو هند، سنڌ جو،

اهڙي ڏين ٿا شاهدي تاريخدان سنڌ.

آهيون اسين نه ڪنهن به دراوڙ جي نسل مان،

آيو عرب کان پنهنجو سَڄو ڪاروان سنڌ!

مارن جا ماڳ تو ۾ غريبن تون اَجهو،

صدها سڪندرن جو تون ئي سائبان سنڌ.

تهذيب تنهنجي ختم نه ٿي، تون وٽان لنگهيا،

تيمور، ترڪ، نادر و چنگيز خان سنڌ.

ڏونڪو وڄي ٿو تو ۾ ازل کان ئي عَدل جو،

هر رد تنهنجو سڏجي ٿو نوشيروان سنڌ.

اِحسان پاڪ و هند تي غازيءِ سنڌ جو،

پيدا وري نه ٿيندو ڪو اهڙو جوان سنڌ.

 

ڏاهر ٻچن جي دشمني، غازيءَ دين سان،

فاتح کي تنهنجي بد ٿا چون بد زبان سنڌ.

اِسلام تي جُلهه ڪري، سيد چوي ٿو سُرخ،

گوتم کان وڌ نه توکي ڏنو ڪنهن گيان سنڌ.

اُن کي خدا رسول جي هردم پوي ڪا مار،

توکي ڳنڍي ٿو هِند سان جو خاندان سنڌ.

توئي ٻُڌايا چاه مان برِصغير کي،

الله ۽ نبيءَ جا سچا داستان سنڌ.

خاڪِ مدينه پاڪ جو ڏسجي ٿو اَڄ اثر،

بيمثل آههِ تنهنجو سڄو بوستان سنڌ.

اول اِمامِ، سنڌ، جي ڏاهر کي ٿا سڏين،

اهڙا پليد ڀل ته هجن نيم جان سنڌ.

آباد تون ته حيدر ڪرار جي طفيل،

ملحد وٽان مُڙي ڪٿان تنهنجي ڪمان سنڌ؟

جيڪي هليا ٿي هوت ڏي ڏيئي مِرن کي ماس،

تو ۾ ڏسون ٿا دفن اُهي اُستخوان سنڌ.

توکي دعا ڪري ويو دل سان لطيف لال،

سر سبز رهندو تنهنجو سدا گلستان سنڌ.

توکي خوشيءَ جو آههِ خزانو خدا ڏنو،

رهندو جو تو ۾ هوندو اُهو شادمان سنڌ.

شهباز لال تو ۾، ۽ تو ۾ لطيف لال،

روضه ڌڻيءَ جي راز جي تون رازدان سنڌ.

سنڌوءَ ۾ تنهنجي ساک سَچائي جي ٿا ڀرين،

آهن هوا جي درش تي جي بادبان سنڌ.

مهمان پروريءَ م مقابل نه تنهنجي ڪو،

اهڙو عجم ۾ ڪنهن جو به آهي نه شان سنڌ.

مشهور آهين اصل کان جڳ پال سنڌڙي.

بخشين ٿي ديس ديس کي هر وقت دان سنڌ!

جيڪو وَهي ٿو تو ۾ سوئي لعل ٿو لهي،

محنت ڪرين ٿي ڪنهن جي نه تون رائگان سنڌ.

آهين هميشه پاس تون پروردگار وٽ،

تو ۾ ئي زندگيءَ جا سوين اِمتحان سنڌ.

جنت جي نهر تنهنجو هي مهراڻ موجزن،

آهين خدا جي قرب ۾ تون ڪامران سنڌ.

تن جي دلين جا پيچ مدينه جي مير سان،

جن جا ٿَرن بَرن ۾ ٿَلها ٿاڪ ٿان سنڌ.

هو ٿو سَڙي حَسد ۾ تون آرام جو اَجهو،

تو سان مِلي سگهي ٿو نه هندستان سنڌ.

دولت تون آهين دل جي ۽ اکڙين جو آسرو،

آهين تون روح پنهنجي کي راحت رسان سنڌ.

محدود تنهنجو خطو، مگر نام بي نظير،

وسعت ۾ توکي ڇو نه سڏيان اڌ جهان سنڌ.

ايران جي به تو ۾ روايات جذب ٿي،

هر ڳوٺ ڳوٺ تنهنجو عجب اِصفهان سنڌ.

تهذيب پاڪ تنهنجي جي تعريف ڇو نه ڪن،

دز داب، نوڪشي ۽ چمن، زاهدان سنڌ.

جي بدنصيب، تن جا هِتي ڀاڳ ٿا کُلن،

هر خوش نصيب لاءِ تون وجهِ قِران سنڌ.

تو ۾ رهن ٿا اهل هنر مردِ زنده دل،

تو ۾ ئي راڳ روپ جا اَلاپ تان سنڌ.

ڪاڇي جبل ۾ تنهنجي نظارن جو نُور آههِ،

وسڪارو تنهنجو ٿر مٿان، عنبر فشان سنڌ!

سڀنيءَ جي سنڌ آهين تون، سڀنيءَ جو تو ۾ ساه،

تون هر مڪين سنڌ جي ڪون و مڪان سنڌ.

تو ۾ نه مارڪس، لينن ۽ مائو جو فلسفو،

الله جي علوم جو تون استان سنڌ.

ميلاپ تنهنجو آههِ غلط ملڪ هِند سان،

هي پاڪ ديس جسم اُنهيءَ جي تون جان سنڌ.

ڪئن سِر ڦريا چون ٿا ته سنڌڙيءَ کي سِر ڏيو،

تو ۾ ته آهي اصل کان اَمن و امان سنڌ.

تو سان پُڄي نه سگهندو ڪو ڀارت جو ڀاڳوان،

پيدا ڪيا وڌيڪ تو فخرِ زمان سنڌ.

آهين تون سام سيدالڪونين جي جڏهن،

ڏاهر پرست تنهنجو ڪندا ڪِئن زيان سنڌ!

تو ۾ نئون پراڻو ڪو سنڌي نٿو رهي،

دشمن ۽ دوست سڀنيءَ جي تون مهربان سنڌ.

انڌو اکين کان ٿيندو نه ڏسندو ڪا روشني،

تو ڏي جي بدنگاه ڪندو بدگمان سِنڌ.

صوبو وري تون آهين بڻي پاڪ ملڪ جو،

آيو وري زبان تي تنهنجو بَيان سنڌ!

جيڪي منافقي ۾ ٿا ڪن دين کي فروخت،

تنهنجا ڪٿي ٿين ٿا اِهي راز دان سنڌ.

ڪئلي جي مثل ويندا عدو سڀ لتاڙجي،

آهن اڃا به تو ۾ ڪي پيلِ دَمان سنڌ.

عزت ڪئي نه پَنهنجي تو ڌارين اڳيان فروخت،

ڏسجي ٿي اڄ به توم اها آن بان سنڌ.

اسلام کي ڇڏي تون وڃين، سوشلزم ڏانهن،

اِهڙو نه آههِ تو ۾ ڪو هرگز گمان سنڌ!

تو تي اِها عرب جي عنايت عظيم آههِ،

قرآن جي زبان ۾ سِنڌي زبان سنڌ.

سنڌيءَ کي واڻڪي نه ڪندا مومنانِ پاڪ،

پيدا ڪيا تو اهڙائي اهلِ زبان سنڌ،

ملندو جواب دين جي گستاخ کي شتاب،

تو ۾ اڃا وسن ٿا ڪي رطب اللسان سنڌ.

تُڪ بند ملحدن جي نه بَڪ بَڪ ۾ ڪو اثر،

صورت الحمار آههِ، نه سحر اللبيان سنڌ.

ڏاهر ٻچن جي ماءُ ٿي سڏجين ته ڇا ٿيو،

آهين تون مومنن جو قديمي مَڪان سنڌ.

اِلحاد و سوشلزم جون ڪن ڀل ته سازشون،

حاصل نه ملحدن کي ڪو سود و زيان سنڌ.

جَڳ پال آهين تو ۾ سدائين سُڪار آههِ،

صحت ملي ٿي جان جي ۽ نيم نان سنڌ.

تعريف تنهنجي ڇو نه ڪندس صدقِ دل وچان،

آهيان مان تنهنجو شاعرِ شيرين بيان سنڌ.

آواز نڪتو دل منجهان او سنڌڙي جئين!

سمجهي ”رشيد“ توکي ٿو جنت نشان سنڌ.

 

{

 

مهراڻ جي موج

 

توتان قربان مان سؤ وار، اي مهراڻ جي موج!

منهنجو توسان ٿو رهي پيار، اي مهراڻ جي موج!

ڇو سهن رنج ۽ آزار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجا هاري ۽ زميندار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجا گَس اُڀ جي ڪنارن سان لڳل ٿا ڏسجن،

سُست ڇو تنهنجي ٿي رفتار، اي مهراڻ جي موج!

ڇو نه ساهڙ جو سهارو ٿو ملي سهڻيءَ کي؟

ڇو نه ٻيڙو ٿي ڪرين پار، اي مهراڻ جي موج!

اڄ به ڪينجهر جي ڪناري، ٿي نهاري نُوري،

ٿي تماچيءَ جي طلبگار، اي مهراڻ جي موج!

جن سنديون تنهنجي ڪِنارن سان ڪچهريون ٿي هليون،

سي ڪٿي سونهن جا سردار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجي قربن جي ڪنارن تي گلن جي بدران،

خار کائن ٿا پيار خار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجي پاتال ۾ پهچي، ٿي ڪڍيا جن موتي،

سيئي سڏجن ٿا گنهگار، اي مهراڻ جي موج!

ليٽ تنهنجيءَ ۾ مِٽي آههِ محبت جي، مگر،

هر جڳهه آهي ڇو لُٽ مار؟ اي مهراڻ جي موج!

جنهن ۾ وڻجيا ٿي ويا، تنهنجي وفا جا ماڻڪ،

ناهه سا حسن جي بازار، اي مهراڻ جي موج!

خضر کي ساڻ ڪري، ساه ڪو سانگهين ۾ وجهه،

زندگي ڏسجي ٿي دشوار، اي مهراڻ جي موج!

”مئي متل“ آهين ته ماٺو نه ٿيڻ توکي کپي،

ڪن طلب جام ٿا ميخوار، اي مهراڻ جي موج!

جهنگ جهر تنهنجي محبت ڏي ٿو واجهائي،

ٻڌ تون جهانگين سندي جهونگار، اي مهراڻ جي موج!

قرب وارن کي ڪنارن تي، ڪُنن مان ڪوٺي،

ڏي ڀري ساغِر سرشار، اي مهراڻ جي موج!

پنهنجي غيرت نٿي چاهي ته ڪڏهن تو ۾ ٻڏي،

ڪو روادار، رياڪار، اي مهراڻ جي موج!

لَهه اچي لاڏ منجهان، نينهن جي نهرين مان وهي،

بيوسيلن جي خبرچار، اي مهراڻ جي موج!

آب تنهنجي کان جي محروم، ڪَپر تنهنجي تي،

ڪر کِلي تن کي تون کيڪار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجي دهشت کي ڇو وحشت ٿي ٿئي، اُڀ گجندي،

ڇڏ اهي تماچيءَ وَهم ۽ ويچار، اي مهراڻ جي موج!

جِت هئا لعل ۽ هيرن جي سڃاڻپ وارا،

اُت ڪُٽن ڪُٽ ٿا ڇو لوهار؟ اي مهراڻ جي موج!

جن ونڌيا لعل ۽ موتي ٿي سدا موج منجهان،

اڄ نه ڏسجن ٿا سي وينجهار، اي مهراڻ جي موج!

ڏس ”ابراهيم“ جي نالي ۾ تون جويائي حسد،

باه بنجي نٿي گلزار، اي مهراڻ جي موج!

آب پنهنجي سان ڪنديس آب وطن جو قائم،

ڪر اِهو قوم سان اِقرار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجي سيوا ٿو ڪريان، تون ئي سخاوت جو سمنڊ،

منهن مَٽي تو کان ڇو پينار؟ اي مهراڻ جي موج!

توکي ساوڪ جي ڪري روز سنڀارين پيا،

تنهنجا ٻڪرار ۽ ريڍار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجي پاڙي ۾ پليا جيڪي، سي تنهنجا آهن،

نوجوان، توڙي ٻڍا ٻار، اي مهراڻ جي موج!

سنڌ واسين جو سدا ساهه رهي ٿو تو ۾،

لَهه سٻاجهن جي سِگهو سار، اي مهراڻ جي موج!

ڪر سدا سنڌ تي تون پنهنجي سخاوت جو سڪار،

آهين تون دوست ۽ دلدار، اي مهراڻ جي موج!

غرق تون ڇو ٿو ڪرين سير ۾ سِڪ جي سهڻي؟

ڇو ڪچا ٺاهي ٿو ڪنڀار؟ اي مهراڻ جي موج!

ڏک ڏسن ڪين، سدا سِڪ جي هندورن ۾ لڏن،

تنهنجا نادار ۽ زردار، اي مهراڻ جي موج!

جنهن به سانگيءَ کي تو ڪلهه ساهه کان پيارو ٿي گهريو،

ساهه کان آهه سو بيزار، اي مهراڻ جي موج!

جي سڏن توکي ٿا ”مهراڻ“ فقط تن جي ٿيءُ،

ڏي ڇڏي ڊيگهه ۽ تڪرار، اي مهراڻ جي موج!

مال مارن جا متارا ٿي رهن، تنهنجي ڪري،

گيهه گهڻو، اَن سَندا انبار، اي مهراڻ جي موج!

جن ”دَلوراءِ جي نگريءَ“ کي نگهوسار ڪيو،

اَڄ ڪٿي تنهنجا سي آثار، اي مهراڻ جي موج!

وقت جي آهه تقاضا، نه ڪڏهن ماٺي ٿي،

رهه خبردار، خبردار، اي مهراڻ جي موج!

تنهنجي دم سان ئي رهيو آهه، هميشه قائم،

سنڌ جو وڻج ۽ واپار، اي مهراڻ جي موج!

”وَه“ سَندو ڄاڻ وڃي، ڪَنڌ ڪَپر ساڻ هڻي،

ڪر وري جوش مان للڪار، اي مهراڻ جي موج!

تو بِنا ڪير اَٻوجهن جون کڻي اَڄ آريون؟

بس، ڪي باري ٿا کڻن بار، اي مهراڻ جي موج!

پنهنجن ٻُوڙن کي ڏسي، ڪر نه گلستان جو گمان،

ڏس، حقيقت ڏي به هيڪار، اي مهراڻ جي موج!

بيوسيلن جو سُڪل خون، خوشيءَ مان لوڙهي،

باه پاڻيءَ ۾ نه تون ٻار، اي مهراڻ جي موج!

”جي گهڙيا سيئي چڙهيا“ آهه حقيقت ۾ اِئين،

ڪر اِنهيءَ نُڪتي کي نروار، اي مهراڻ جي موج!

پرت تنهنجيءَ کي پَلر سمجهي، پين ٿا پلپل،

پنهنجي پکڙن ۾ ئي پنهوار، اي مهراڻ جي موج!

گود تنهنجيءَ ۾ پليو جيڪو، انهيءَ کي ناهي،

تنهنجي عظمت کان ڪو انڪار، اي مهراڻ جي موج!

سُڌ پوي، تنهنجي سچائيءَ جي سمونڊن کي سِگهو،

تون اگر بنجين مددگار، اي مهراڻ جي موج!

دل جي جذبن سان رهي تو سان برابر ٿو ”رشيد“،

تنهنجا موتي ۽ هي اشعار، اي مهراڻ جي موج!

 

{

سنڌ جا سورهيه

(1)

نه ٿي مايوس اي سنڌڙي! زمانو ڇا بگاڙيندو،

هليو هَل هر قدم تي تون، مصيبت کي لتاڙيندو،

زمانو ڀَل هلي توکي مرڻ تائين اُجاڙيندو،

مگر هَل سُور پنهنجي ساه سان هر دم سَلهاڙيندو.

اِنهيءَ دُنيا جي دورنگي وري پاسو ورائيندي.

اَسان جي بيڪسي هڪ ڏينهن آخر رنگ لائيندي.

(2)

وري پنهنجن نصيبن جا، نظر شمس و قمر ايندا،

اڏي مهراڻ جا مانجهي، وري عرشن تي گهر ايندا،

اهي سنڌي سٻاجها، هٿ ڪري فتح و ظفر ايندا،

ڄمڻ سان ئي کنيو ڄڻ پاڻ سان تير و تبر ايندا،

يقين ڄاڻو، اسان جا سورما ئي ڪامران ٿيندا،

سوين، ”هوشو“ لکين ”دودا“ اسان مان ئي عيان ٿيندا.

(3)

نه وسريو آهه قصو پاڻ کان دودي چنيسر جو،

بيان آهي دلين تي نقش، ان غيرت جي منظر جو،

هنيو ميدان ۾ نعرو هو جنهن الله اڪبر جو،

خوشيءَ مان ڇو نه ڳايون نام ان داتا دلاور جو،

مرڻ ويلي چيو دودي، ڪري ٽڪر ترارين کي،

وڃي سر ساهه پر ٻاگهيءَ جو سڱ ڏيندس نه ڌارين کي.


 

(4)

نه وِسرن ٿا اُهي اَرغون جن هو سنڌ تي ڪاهيو،

اُهي بيدرد ظالم، جن هو قلعو قرب جو ڊاهيو،

اُهي غدار، جن هَر هَر ٺڳيءَ جو ٺاهه ٿي ٺاهيو.

مگر ڪنهن سُورمي سنڌي نه وڪڻڻ سنڌ کي چاهيو،

اچي بيٺا سي سورهيه سنڌ جا افغان جي آڏو،

چيو دهشت منجهان شه بيگ دريا خان جي آڏو.

(5)

مَنم شه بيگ ارغون صاحبم اين تاج و دولت را،

مَشو باغي اِطاعت کن، غنيمت دان وزارت را،

مپندار از برائـﻶ سَرکشي اِين قتل و غارت را،

چِرا از بهر خود خواهي خجالت را، نحوست را،

نه در دشتِ بغاوت اِين چنين قائم قد آور شو،

اگر هستي تو دَريا خان بصلحِ من دِلاور شو.

(6)

اِتي شهه بيگ جي آڏو، هي دريا خان لَلڪاريو،

نه اهڙو ڍونڍ لالچ جو اسان شينهن کي ڏيکاريو،

بلاشڪ سنڌ سونهاريءَ ۾، باهيون ظلم جون ٻاريو،

اسان جا سِر وڍائي، پوءِ ساري سنڌ والاريون،

نه اهڙِي سنڌ جي سورهيه ۾ رک اُميد تون بيجا،

مَٽائيندو نه ڪابل ڏي ڪڏهن رُخ سنڌ جو دريا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org