سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :15

 

عبدالغفور ڀُرڳڙيءَ جي خدمت ۾

 

ڇو نه توکي دل سنڀاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

مرحبا تن من پُڪاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

ساه اڄ توکي ٿو ساري، ڀَرڳڙي عبدالغفور!

يادگذريل ٿو ڏياري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

توکي ڪيئَن دل ٿي وِساري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

تو وِڌو جيءَ کي جياري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

سنڌ جي تون سُوکڙي ۽ لاڙڪاڻي جو تون لعل،

تو وِڌي سِنڌي سُڌاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

خُلق ”خادم“ کان تو ورتو ۽ ڏنئه نوڙت ”نياز“،

تو ڇڏيون دِلڙيون ڌُتاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

تون ”اَديبِ سنڌ“ جي اَوراق جو آهين اُجاري،

تو ڇڏيون اکڙيون اُجاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

تو ”سچل“ ۽ ”شاه“ تي مضمون معياري لکيا،

تو ڇڏيو ميدان ماري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

تو ڪيا ”جمعّيت الشعرا“ جا جلسا ڪامياب،

تو ڇڏي ڪشتي ڪناري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

تو سندي زنده دلي، مهمان نوازي ڇا چوان؟

تو وِڌو تَن مَن کي ٺاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

ڇا سياست، ڇا صحافت، سڀ ۾ تون سورهيه سَچو،

ڇَڏ ڏکيا ڏونگر تون ڏاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

آههِ سنڌيءَ کي ضرورت، تو سندي سرويچ جي،

مَن جِئي تنهنجي سَهاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

سَڏ ڪيو ”سنڌي ادب جي بورڊ“ توکي سِڪ منجهان،

اَچ تون اُن ڏي واڳ واري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

صد مبارڪ، جو ٿئين ميمبر مقرر بورڊ جو،

جَسُ لَڌو سِنڌي اِداري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

بورڊ تي قابض هو هر حالت ۾ جويائي حَسد،

جنهن وِڌي ٿي باه ٻاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

مُون سَٺا اُن جا هزارين ظلم ”سنڌي بورڊ“ ۾،

موت جي حالت ۾ گهاري ڀُرڳڙي عبدالغفور.

دَم کي حالت دَمڪشي، محنت جو ڦل ظلم و ستم،

ڪير اِئين زنده گذاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

ڪين آيو رحم اُن ظالم کي مُون مظلوم تي،

نِت ڇڏيائين رَت رُئاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

اِشتراڪي ڇوڪرن کي اُن نَوازيو بيحساب،

شل قلندر اُن کي ڳاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

نوڪري مون کان کسي اُن عَين بيماريءَ جي وقت،

بَد ڪلاميءَ سان ڌڪاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

مون گهڻيون دانهون ڪيون سرڪار توڙي بورڊ ۾،

۽ پيس سڀ جي پَناري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

ڪنهن نه اونائي مگر فرياد مون مظلوم جي،

مان ٿَڪس آهون اُٿاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

پَر خُدا وٽ دير آهي، ڪينڪي اَنڌير آههِ،

خوش نٿو ظالم گذاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

ظلم جنهن مون تي ڪيو، سو پاڻ پڻ بُڇڙو ٿيو،

رَت جا هُو لُڙڪ هاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

لَک خُدا جا شُڪر نِڪتا اِشتراڪي بورڊ مان،

اوچتو ڪَرها قَطاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

جن ٿي جويائي حسد تي قرب مان ڪلمو پڙهيو،

ڏک ٿو تن جا ڏيل ڏاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

مُون اَپيل آهي ڪئي تازو ڪمشنر کي وري،

دل ۾ پنهنجي ڌيان ڌاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

ڇو جو هُو آهي پريزيڊنٽ ”سنڌي بورڊ“ جو،

پار مَن ٻيڙو اُڪاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

مسئلو هي منهنجو ٿيندو پيش هاڻي بورڊ ۾،

مَن مصيبت کي ڪو، ٽاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

شال تو جهڙو مجاهد حق سَندو ڪلمو چوي،

مون کي پنهنجو حَق ڏياري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

شال جويائي حَسد جي جوئيت کي ڪو تَڙي،

نانگ تي ڪو لَٺ اُلاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

ڀَل ته پَڄري منهنجي سرهائيءَ تي جويائي حسد!

هُو ڍڳا ذلت جا چاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

سَو سلامن جا اُماڻي ٿو هي ”لاشاري رشيد“،

شال پنهنجو ننگ پاري، ڀُرڳڙي عبدالغفور!

 

{

قطب الدين تاب

 

يا خدا رک شاد قطب الدين صاحب ”تاب“ کي،

حضرتِ باهوؒ جي عاشق گوهرِ ناياب کي.

ڇونه اهڙي مرد مؤمن کي بنايون راز دار،

جو پروڙي ٿو هميشه عشق جي اَسباب کي.

سادگيءَ ۾ اِيئَن ٿو بدلائي گهمي رعب و جلال،

آگ مان پيدا ڪري ڏيکارجي جيئَن آب کي.

هو مُجاهد، هو موحد، هو قلندر قربدار،

پيش خدمت ٿو ڪريان اُن جي اڳيان اَلقاب کي.

حاجي الحرمين آهي جيڪب آبادي جوان،

ڇو نه سڏجي قطب، اهڙي خادم الاقطاب کي.

آههِ اَلله جي عنايت جي عنايت جو چراغ،

جيڪو شرمائي ٿو اَنجم، مِهر ۽ مهتاب کي.

جو حبيب آهي اَسان جو، سو حبيب اُن جو حبيب،

تنهنڪري ڄاڻي نٿو هرگز دغا دولاب کي.

”هُو“ منجهان ”باهُو“ ڏِسي، باهُو وٽان سمجهي سگهي،

معرفت جي علم ۾ ”الله هُو“ جي باب کي.

گهر دعا اهڙي فِنا فِي هُو“ ۾ ”لاشاري فقير“

يا اِلاهي! رک تون قائم اُن جي رعب و تاب کي.

 

{

 

 

™ بيت

 

™ سورٺا

 

™ ڏوهيڙا

 

™ دوها

 

بيت

(1)

پيئَندس پاڻ شراب، سکڙين کي ساقي کپي،

رڳ رڳ بَڻي رباب، ناهي سِڪ سُر ساز جي.

(2)

سڪ ۾ جا سُرهاڻ، سَرنهن ڦُٽي ڄڻ ساه ۾،

چوڏهينءَ جي چانڊاڻ، گهوريان يار جي وار تان.

(3)

چوڏهينءَ جي چانڊاڻ! مان ڇو وِسهان تو مٿان؟

تو ۾ ڪارِي ڪاڻ، منهنجي ساه ۾ سوجهرو.

(4)

چوسي چانڊڪيون، پکي ٽٽيهر ڪيئَن ڀلا؟

رهي جوروڪيون، اُڀي سُمهڻ سان اُڀ کي.

(5)

ڪيئَن ٿو سڏجين چنڊ؟ نيڻن ٺار ڪِٿان ٿئين؟

مانڊي وارو مَنڊ،پِرين پکيڙيو تو مٿان.

(6)

پرين پَسايو پاڻ، مان ڇو رُلان راتڙيون؟

چنڊ! اِها چانڊاڻ، ناههِ سَهارو ساه جو.

(7)

رات ۽ ڏينهن جي روپ ۾، پرين ڪيو پَڙلاءُ،

تارن تاب وِڃائيو، چنڊ به کاڌو گهاءُ،

سج کي ٿيو سوداءُ، سَڙڻ لڳو سڪ سوز ۾.

 

(8)

چانڊوڪيءَ ۾ سيج تي، سُتو رات سڄڻ،

عَطر، مشڪ، عنبير سان، ٻُهڪي ڇو نه اڱڻ؟

چنڊ چَريو، ٽيڙو اُڀا، تارن جو ٽمڪڻ،

هِيرون لڳيون جهَلڻ، پکو پرينءَ کي پيار مان.

(9)

سُونهن ڀري سانجهي، سُونهين بَڻي سِير ۾،

مِهر منجهان مانجهي، ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ڪيا.

(10)

سُڻيم تنهنجا سَڏ، پهتس، ساه پَٽڻ ته ڏينم،

هِيڻا اَٿم هَڏ، پَر ڏيل ٿو ڏاڍايون ڪري!

(11)

ننڊ ته آههِ جُتي، جا ڪَنڊا لَتاڙي قرب جا،

چانڊوڪي محبوب جي، قدمن مَٿان کُتي،

اُتر هير عجيب سان، ڳالهين ۾ ئي ڳُتي،

سِڪ ۾ ڪير سُتي، جا مِٺڙيون مُنهڙي تان وٺي؟

(12)

چانڊوڪي چانڊاڻ ۾، ٿي ڪويل ڪوڪاري،

رَنجن ڀَري رات کي، ٿي تارا ڏيکاري،

ڏَري ۽ ڏاري، سُورن جي سنسار کي.

(13)

چانڊوڪي چانڊاڻ ۾، مون کي ويڙهي ويا وِسواس،

ڪاتين ڪُٺو قلب کي اَنگ چَڙهيا احساس.

جئَن ڪو پکي خيال جو، تئَن اُڏڻ لڳا آڪاس،

پرين پُڄائي آس، ڪري ڳُجهاندر ڳالهڙيون.

(14)

جهُڙ وِهنجاريو چنڊ کي، مَوجن ڪڍيو مُهاڳ،

ڳائڻ لڳا شوق مان، وَسڪارا ويراڳ،

مُند تي مَنڊل منڊيا، اَچ يار، ورائي واڳ،

ڀلا! ڪر ڪو ڀاڳ، مينهوڳي مَلهاءِ تون.

(15)

ساوڻ سَندا مينهن، مُحب بنا ڪيئَن ٿا وسن؟

ڏُور ڏکن جا ڏينهن بِره ڪري برسات ۾.

(16)

مون کي ڇو چَريو ڪَري، چنڊ ته پاڻ چَريو.

هو سج کان گهڻو پَري، منهنجو سڄڻ ساه ۾.

(17)

نَحس نڀاڳي ننڊ کان، اي چانڊوڪي! جاڳاءِ،

جليل جيءَ کي يار جي رمزن سان ريجهاءِ،

ننڊ ته مُئلن لاءِ، جاڳڻ آههِ جهَان ۾.

(18)

سَڄڻ وَسي ٿو ساه ۾، مان تڪيان ڇو تارا؟

تَن مَن جن جا تَڪيا، سي پره کان پيارا،

چنڊ مَٿي چارا، پَري پرين جا پيچرا.

(19)

تارن سندي تاب جي، ڪنهن ڇو هي آندي ڇاٽ،

چانڊوڪيءَ جي چاه جي، وَڻ وَڻ ڏَسي واٽ،

لاڏن ڀَري لاٽ، راڱا ڪيا روح سان.

(20)

ساجن! وَس تون ساه ۾، تون سچل سارو سَچ،

اڻ لڀ ماڻڪ تون پرين، مان ڪُوڙو ڪائو ڪَچ،

منهنجي دل ۾ عشق جو ڪو ٻار مَزي جو مچ،

اکڙين آڏو اَچ ته لهي اُڃ اَزل جي.

(21)

لاهي اُڃ اَزَل جي، تو سچل سندي سِڪَ،

ڪوثر کان وَڌ ڀانئيان، پرين تنهنجي پِڪَ،

جيڏي اٿم ڇِڪَ، تيڏا ٿو لوڏا لهان.

(22)

لوڏا لَهندي لَڄ لٿي، ويو شرم حَيا سارو،

ٻانهپ جو منهنجا پرين، مون ڳل وِڌو ڳارو،

لڳا ڦٽ فراق جا، پيو مَنَ ۾ مونجهارو،

سچلؒ سوڀارو، توئي ڪيو ”لاشاريءَ کي.

(23)

سچل تون سُبحان، لوڪ لکائي ڪانه ڪا،

”ڪُنٌتُ ڪنزاً مخفياً“ سڀ تنهنجو ماڳ مڪان،

اِهو اٿم اِيمان، سچل سارو سَچ ٿيو،

(24)

ڇني وِڌو ڇِڪ هِنيون حُب حبيب جي،

سارنگ لايا سِڪَ، ساوڻ سوز وسائيا.

(25)

اوڇي ڪر نه آس، اوڏو ٿي نه عجيب کي،

وره ڀريا وِسواس، بَر ۾ بَهاريون ڪندا.

(26)

دَرد مندن جا داغ، جنت جو جنسار،

بِره مڙوئي باغ، ڪونهي جَلڻ جَهان ۾.

(27)

تارا ڇو ترسن، رات ۽ ڏينهن ۾ فرق ڇا؟

رات جي روشن ڪن، سج ۾ تن جو سوجهرو.

(28)

گهاريل دل گهاڻو، پيڙي ڇڏي پيار جو،

نينهن نِجو ناڻو، سُک ٿو وڻجي ڏک منجهان.

(29)

هينئَڙي هُرين حبيب! دل سَڀ دل جي خبر،

آءٌ ڪيئَن چَوان عجيب! ڪر ڪي ڳالهيون ڳجهه جون.

(30)

اِهي نماڻا نيڻ، ڏک ڏيندڙ، ڏک جا ڏِيا،

مَن کي ڪن ٿا ميڻ، لنونءَ لنونءَ ۾ لاٽون ڪري.

(31)

سِڪ جا سوين سمونڊ، دل ۾ دهشت سان وهن،

چاه اسان جي چونڊ، موتي هٿ محبوب جي.

 

(32)

پيارا پيارا پکيئَڙا! وَٺ واهيري جي ڀَر،

وَسي ٿو وَڏڦڙو ۽ واءَ ڏئي ٿي وَر،

پُسندا تنهنجا پَر، ڪيئَن ٿو اُڏامين پرين ڏي؟

(33)

آئي ڏکڻ هير، پَکا جهَلڻ پيار جا،

لاٿي جُمل جهَان جي، سڄَڻن آس اُڪير،

جيڪي کنڊون کير، سي ڪيئَن ٿيندا وِهه- وَٽا؟

(34)

ڪيئَن ٿي رات، يار بنا رابيل جي؟

گل ۽ بُو هِڪ بُلبل کي ڪهڙي خبر؟

(35)

ڪيئَن ٿي سُونهي رات، يار بنا رابيل جي؟

تن ۾ جنهن جي تات، اکڙين ۾ تنهن جو اَجهو.

(36)

اکڙيون اُڃايل، سڄڻ نه تنهنجي سونهن جون،

جن ۾ تون آيل، سي ڪيئَن تو ڏي تڪين؟

(37)

دلبر شاه دراز، جنهن ڏي دست دراز ڪري،

بخت اُنهيءَ سان ساز، هوند لهي اڻ هوند ۾.

(38)

جا اکڙين جي اُڃ، سڄڻ ڏٺي ته به ڪين لهي،

ناهي رُوح ۾ رُڃ، جتي بره وسي بوندون ڪري.

(39)

هنيون جي هيراڪ، ته حرف نه اچي حُب تي،

پيار ازل کان پاڪ، ته نينهن نئين کان نت نئون.

(40)

وسيلا ناڪام، پيار ۾ آهن پکيئڙا،

کوهي کنڀ اڏام، آکيرا اڏ عرش تي.

(41)

ازل جا آواز، دمدم ٿا دل ۾ اُٿن،

ويڙهيل ناهن وقت سان، اهي روحاني راز،

پلپل سڪ جا ساز، وڄن ٿا وجود ۾.

(42)

منهنجو من مهراڻ جيان، نت آڻي ٻوڏان ٻوڏ،

موتي گُهر موتي ڏيان، جي ڪوڏ گهرين، ٿو ڪوڏ،

جهڙي جن جي لوڏ، تَهڙو هلان تن سان.

(43)

اڪيلو الله، ماڻهون مڙيئي ميڙ ۾،

وحدت منجهان ڪثرت ٿي، پر ڪير ٿئي آگاهه،

آهيان ۽ ناهيان سندي، ڇا سنڌڙين کي ساڃاهه،

رندن جي هيءَ راهه، پاڻ سڃاڻڻ پانهنجو.

(44)

جئن پٿر تي ليڪو، تئن پهريون پيار پَرين جو،

جو توڙئون ٿانيڪو، سو ڀٽڪي ڪين ڀٽن ۾.

 

(45)

نوڙت، نينهن، نياز، سدا سونهين سنڌ کي،

صوفي ڏيندا صلح جو، سوريءَ تي آواز،

هر سنڌيءَ سان ساز، رهندي لات لطيف جي.

(46)

نانُ محمد مصطفيٰ ٻي اُن جي صفت صفات،

راڻو، جکرو، ڄام پنهون ايء سڀ تمثيلي بات،

اِها لطيفي لات، اَنڌا اُجهن ڪينڪي.

(47)

اَنڌا اُجهن ڪينڪي، نت بُري ڪن ٿا بات،

سيد کي شاعر وٽان، اڄ گهٽ ٿا چون ڪمذات،

”الشعراء تلاميذ الرحمان“ اِيءَ ڏاتر سندي ڏات،

ڀٽائيءَ جي ذات، اعليٰ روز ازل کان.

(48)

جيئَرو آهين ڪِئَن چوان تون جاڳ ڀٽائي گهوٽ

سائي تنهنجي سنڌڙي، ڪانهي کپت کوٽ،

قائم آهن ڪيترا قربن وارا ڪوٽ،

اسرا تنهنجي اوٽ، ڏاڍن جون ڏاڍايون ڪٿي.

(49)

روح مري ۽ جسم ڇُٽي اِهو آهي بي بنياد،

اَول آخر رب ٿيو ٻي سڀڪا سيءَ برباد،

هوس پٺيان هو هو ڪرڻ آهي سڀ اِلحاد،

آدم سڀ آزاد، آهن هڪ اسلام ۾.

(50)

من محبتي ميڻ، بَدن باغ بره جو،

ڇو نه ڀِرندا ڀيڻ! دل تي ڀونر اکين جا.

(51)

ڪوڙا ڍارا ڪوڙيون فالون، ڪوڙا لنون ڪانگ،

اڃا سڄڻ نه آئيو، جنهن جي تن اندر ۾ تانگهه،

روئندي رات گذاريم، جي ٻانگي ڏني ٻانگ،

برن ۾ ”رشيد“ چئي، اچ لال ورائي لانگهه،

وطن ڇڏيم جنهن سانگ، سو سڄڻ اڃا نه آئيو.

(52)

ماڻهو هن جهان جا، ويا سڀ مٽجي،

محبت ويئي ملڪ مان، قلب ويا ڪٽجي،

ڪلپت ڪچ قبول پيا، لعل ويا لٽجي،

برن ۾ ”رشيد“ چئي گهوٽ ويا گهٽجي،

باغ ڦري ڪنڊا ٿيو، گل ويا پٽجي،

وطن لاءِ وٽجي، حال مون هيڻا ٿيا.

(53)

بيشڪ مؤمن مرد جي مٽي لڌو مان،

خاصن مٿان خاص اِهو آگي جو احسان.

آدم واري اصل کي ڪيئَن سمجهن اڄ شيطان،

نڀاڳا نادان، ڳهلا ڳوڙهي ڳالهه کان.

(54)

دوست درازي لک ڪيا، مون جهڙا منظور،

وره اُنهن جي واٽ ۾، جي وڃن ٿا وهلور،

لطف ڀريو لاشاري چئي، محبوب سندو مَذڪور،

پرين پهرئين پُور، مون کي پار اُڪاريو.

(55)

الف: اور الله سين ڇڏي خودي جا خيال.

سالڪن سڀ سهي ڪيا باطن سندا حال.

سڪندي جنهن ساجن لئي سوين لنگها سال.

ميلين ذوالجلال لحضي ۾ ”لاشاري“ چئي.

(56)

ب: برهه بدنام ڪيو نانگن ڇڏيو ننگ،

پهتا وڃي پِر کي جڏيِ لايو رانول رنگ،

نالي مان نروار ٿيو، تنهنجو نينهن نِسنگ،

چور لاشاري، چنگ مانَ پسين محبوب کي.

(57)

ت: تمنا تن من اندر تنهنجي وائي وات،

ساري پنهنجي ساجن کي رُنم ساري رات،

جهليا جهلجن ڪينڪي نه ڏسن پنهنجي ذات،

لون لون اندر لات لڳي آ لاشاري چئي.

(58)

ث: ثابت ٿيئڙو سِڪ مان تنهنجو باغ بهار،

گونٽا گل ڦل زعفران هر هنڌ ۾ هٻڪار،

پاڻ پروڙج پرکي نالو ٿئي نروار،

”لاشاري“ خبردار مانجهي ملندءِ ماٺ ۾.

(59)

ج: جماعت عشق جيءَ پڙهي نينهن نماز،

سجدو ڪن پريم جو سالڪ سمجهن راز.

تسبيح کڻن طلب جي ڪن هو هو جو آواز.

هردم سرفراز ڪندءِ يار لاشاري چئي.

(60)

ح: حليمي نئڙت وارو پاڻ پروڙج پنڌ،

لوچين لا مڪان ۾ رانول سندو رند،

ماري ڇڏ مردود کي ڪري قابو ڪنڌ،

ساڻا ٿيئڙا سنڌ عشق اندر ”لاشاري“ چئي.

(61)

خ: خُلم نه ٻار تون ڪر وحدت اندر ڌيان،

نانگن نينهن نڀائيو وڃي پهتا لامڪان،

سڙيا ڏسن سوز ۾ سيني ۾ سبحان،

”لاشاري“ ٿيو حيران طلب اٿس ديدار جي.

(62)

د: دلاور عشق بڻايو سونهان ٿيئڙا سور،

ساڙيو سوز فراق جي ٿيئڙس چڪنا چور.

ڪُلُ نَفٌس ذَائِقتہُ الٌمَوت ٻڌجانءِ هي مذڪور،

دنيا لئي مَسرور ڪيمَ ٿجانءِ ”لاشاري“ چئي.

(63)

ذ: ذڪر شبروز ڪرين تون ڪيمَ وِسارين مت،

آهي ننگ ننگي کي جو پاڻ رکي لڄ پت،

قَالُوا بَليٰ تو پاڻ چيو بيهي روز اَلَستُ،

سنگت ۽ صحبت ساجن جي لاشاري چئي.

(64)

ر: رسيا هڪ رات ۾ گنگا ۽ گرنار،

ساڌو ۽ ستنام جي ٻڌ گوش ڏيئي گفتار،

”لاشاري“ چئي نروار ساڌو رام سڏائيو.

(65)

ز: زور ته حضرت عشق جي ڪيئڙو چڪنا چور.

ساز وڄايم سڪ جو ٿي وحدت ۾ مسرور.

تاران وڌم طلب جون اچي عشق ڪيو ڀرپور.

خاڪ ٿيو ڪوهه طور ساعت ۾ لاشاري چئي.

(66)

س: سلامت عشق امانت اهڙي طلب تنوار،

عشق مليو آ ڏاج ۾ ٿيس مذهب کان بيزار.

عشق ملائي پِر سان ٻيو مذهب آ بيڪار.

”لاشاري“ چئي گفتار ياد ڪجانءِ هن عشق جي.

(67)

ش: سور اندر سبحان جي آهي ذات صفات،

پائي برقعو بي جو ٻڌ باهو سندي بات،

جنهنجي محبت ماريو لڳي تن من اندر تات،

ماري ڪاتيون ڪات ڦٽيو يار ”لاشاري“چئي.

(68)

ص: صفت نه غير جي ڪن ساڌو منجهه سنسار،

روشن چوڏهن طبق ٿيا ڪن گودڙيا گفتار،

نفس ڪٺاءُ نينهن ۾ کڻي قرب سندو ڪاٽار،

”لاشاري“ چئي مختيار ٿيئڙا ڪل افلاڪ جا.

(69)

ض: ضروري ڀانءِ تون ڪينو ڪر قتلام،

ذاتي ذڪر مان ٿيندو عشق امام،

ٿيندءِ جڳ غلام، انهيءَ دم ”لاشاري“ چئي.

(70)

ط: طالب تنهنجو ذاڪر تنهنجو عشق چکائي سانگ،

نينهن اچي نادان ڪيو لڳي دلبر سندي تانگهه،

خاطر يار ٻروچ جي روز اڏايان ڪانگ،

وحدت سندي بانگ مِلي آ ”لاشاري“ چئي.

(71)

ظ: ظاهر باطن دلبر دل ۾ لائي درد ڌمال.

لوڪ بيگانا مارن طعنا ڏس انڌن سندو حال.

مُوٌتُو قِبلَ اَن تَمُوتُو ڇڏ خودي جا خيال.

حاصل قرب ڪمال ٿيندءِ يار لاشاري چئي.

(72)

ع: عبادت عشق جي نه موڳا ناحق مَر،

سجدي قيام رڪوع جي فرض ادائي ڪر،

نانگا ويا ناسوت ۾ ڪن ڦاڙيا جوڳي سَر،

”لاشاري“ جام زهر پيتو آههِ پريت ۾.

غ: غنيمت عشق امانت ڏاتر ڏنم ڏاج،

دردن ۽ فراق جو سپرد ڪياءِ هاج،

اندر ارض و سماءَ جي رانول سندو راج،

لاشاري چوي تاج پاتاءِ طٰہٰ تخت جو.

(74)

ف: فقيري ڄاڻ نه بلڪل نشو پيڻ ڀنگ،

ناهي فقر ويس ۾ جي رڱن گيڙو رنگ،

مَکيءَ مان شهباز ٿي سڏن پاڻ ملنگ،

”لاشاري“ نينهن نسنگ نانگا لائن نانهن ۾.

ق: قيامت لوڪ ٻڌائن منهنجي قيامت ٿيئڙي اڄ،

اکين آري ڄام مان ڪين ڪيو آرڄ،

ويهي ڪئين گذاريان جڏيِ عشق چوي ٿو ڀڄ،

”لاشاري“ ساري لَڄ آهي يار ٻروچ کي.

(76)

ن: نماز پڙهڻ ۾ ناهي فائدو پڙهه عاليٰ عشق نماز،

قُل هُوالله سندو قلب ۾ جاري ٿئي آواز،

ومَا خَلَقَتُ الجِن وَلاِنٌسَ سمجهي ڏسجانءِ راز،

دلبر دست دراز دائم آ ”لاشاري“ چئي،

(77)

و: وَهي ٿو درياهه مان وحدت سندو واهه،

پاڻي پيتم پرت جو ته به آهي ماندو ساهه،

طلب اٿم توحيد جي يار ڏيکاريو راهه،

لاشاري ٿئي دِلجاهه ڏِسان منهن محبوب جو.

 

(78)

هه: هادي آهي سبق پڙهايو راهه طريقت وارو،

هو منجهارون حاصل ٿيئڙو قرب حقيقت وارو،

ڇڏي ڏنم پلڪ ۾ شوق شريعت وارو،

سوز مصيبت وارو ڏاج مليو لاشاري چئي.

(79)

لا: ”لاشاري“ روز ازل کان لَنءُ سڄڻ سان لاتي،

اسم تصور ياد هميشہ ڪر ياد ذڪر اثباتي،

وَحٌدَهٗ لاَ شَريکَ لَہٌ ٿو ذڪر ڪمايان ذاتي،

قرب سندي ڪاتي لڳي آ ”لاشاري“ چئي.

(80)

ء: اِهائي رَهزن دنيا راهه ڪري ٿي بند،

ترڪ ڪرين ڪمبخت کي پڇ رانول سندو رند،

ڪُنٌتُ ڪَنزً مَخٌفِياً ڏِس طاهر وارو پنڌ،

جوڙيم مصرع چند محبت ۾ ”لاشاري“ چئي.

(81)

اکڙيون مينگهه ملهار ته ساوڻ آهي ساه ۾،

ساجن سڀ ڄمار، ڪَڪر وَسايا قرب جا.

(82)

ننڊ عبادت ڄاڻ ته روح به ”ربّ اَرني“ چوي،

پِرين تو وٽ پاڻ، پيهي اچي پيار مان.

 

{

سورٺا

 

(1)

چانڊوڪيءَ ۾ سيج تي، جيئَن پرين پَسايو پاڻ،

ڌرتيءَ کي چانڊاڻ، ڳَل ۾ ڳيراٽيون وِڌيون.

(2)

چانڊوڪيءَ جي چاه ۾، ڇو بنجان چَريو چڪور؟

هو چانڊوڪيءَ جو چور، منهنجي ساه ۾ سوجهرو.

(3)

سڪندن کي سَو سڪ منجهان ٿو سچل سَڏ ڪري،

وڃ تون پير ڀَري، ڪر ديدار درازن جو.

(4)

ديسان ديس درازن کان، ٿو دوست منُجي دلداري،

سچل جي سرداري، آههِ سڄي سنسار تي.

(5)

سچل سارو سچ چوان، مان سچ جو پوڄاري،

لائق لاشاري! درازي لک ڪيا.

(6)

ويٺو آههِ وجود م، هو صبح سويرو،

اکيون آکيرو، اُڏرڻ آههِ اَجل سان.

(7)

راتيان ڏينهان وَسڻا، اِهي بره جا بادل،

تن کي ڪهڙي جهَلَ، جيڪي پياسا پيار جا؟

(8)

دَردن جي درياه ۾، سِيڻهه سِڪ جو ساه،

جن کي چِت ۾ چاه، سي لهن سار سمونڊ جي.

(9)

سِتارن جي سيج جي، پاڙ پٽي پرڀات،

اُونداهي اڌ رات، چُميون ڏئي ڇو چنڊ کي؟

(10)

سُهڻي سِڪ سَڄڻ جي، جا تَتل تن ٺاري،

اهڙي نظاري، آندي بُوءِ بهَار جي.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org