”خط 1“
محمد زمان توکي عزَت مبارڪ،
مبارڪ سلامت، سلامت مبارڪ.
هجي شان و شوڪت ۽ شهرت مبارڪ،
هي دولت هي ثروت هي حشمت مبارڪ.
صداقت عدالت، سخاوت مبارڪ،
هجي شاه توکي شجاعت مبارڪ.
ڪرم بخش مخدوم مطلوبِ شعراء،
اوهان کي فصاحت بلاغت مبارڪ.
عطا معرفت ٿي زمانه ۾ توکي،
شريعت، طريقت، حقيقت مبارڪ.
سدا عيد تو لاءِ دُنيا ۾ آهي،
هجي توکي عيش و مسرت مبارڪ.
اَڃان تنهنجو اَفزون ڏسان جاه و منصب،
ترقي و اِقبال و دولت مبارڪ.
ڏسان تنهنجو عرشِ معليٰ تي پرچم،
هجي توکي تختِ حڪومت مُبارڪ.
ٿيو رشڪ رضوان کي هالا ڏسڻ سان.
حضورِ معليٰ هي جنت مبارڪ.
سَدا جشنِ شادي ٿو هالن ۾ ڏسجي،
هي اَحباب و محفل ۽ صحبت مبارڪ.
سدا توکي سونهي ٿي فرمانروائي،
خوشابخت هي زيب و زينت مبارڪ.
تون ڪامل قريشي، عجب حڪمراني،
حڪومت مبارڪ رياست مبارڪ.
مزين هجين مسندِ سَروري تي،
چوي توکي خود شانِ رحمت مبارڪ.
ڪيم مختصر مدح خواني اوهان جي،
ٻُڌو دَهر جي ڪجهه شڪايت مبارڪ.
ازل کان زمانه جو دستور آهي،
غريبن کي آهي مصيبت مُبارڪ.
اُنهن مان مصيبت زده مان به آهيان،
ڏٺم ڪين دُنيا ۾ راحت مُبارڪ.
شگفته نه دل منهنجي ٿي مثلِ غنچه،
عطا ٿي نه هن گل کي نگهت مبارڪ.
ڇڏيم ننڍپڻ کان عزيز و اَقارب،
ڏنو ساٿ منهنجو نه قسمت مبارڪ.
رُليس هند ۽ سنڌ پنجاب سارو،
ڏِني چرخِ گردون نه فرصت مبارڪ.
اَڃا سوڌو دُنيا جي گردش ۾ آهيان،
نه آهي ڪٿي ڪنج خلوت مُبارڪ.
مرڻ لاءِ تيار آهيان ڪو ماري،
کپي زيست جي ڪين مُهلت مبارڪ.
هزارن حبيبن کي پنهنجڳ بنايم،
مگر ٿي نه ڪنهنجي رفاقت مبارڪ.
وِڙهي سان جيئن ٿا لتاڙين ٻوٽا،
ڪيم ناس تِئن ڪنهن خصومت مبارڪ.
حسودن پليدن جي ڳالهين ٻُڌڻ سان،
ڪئي مونسان سڀني عداوت مبارڪ.
اوهانجن رفيقن ڏنا سُور آهن،
اِها آههِ ڪهڙي ڪرامت مبارڪ.
اهو وَڙ اوهانجو نه هو وڙ جا والي،
بَڇڻ هڪڙي اَڀري تي آفت مبارڪ.
هجن جيڪي نامي گرامي اُنهن تي،
اوهانجي ڀَل عنايت مبارڪ.
پُڇي ڪير گمنام کي ٿو اوهان وٽ،
اَٿم ڪين اهڙي لياقت مبارڪ.
بکن ۽ ڏکن ۾ اگر مست هوندس،
ڪندس ڪين ڪنهن تي مَلامت مبارڪ.
غلط وَهم دل مان وِساري ڇڏيو سڀ،
پَليد آههِ منهنجي نه سيرت مبارڪ.
نه لالچ اَٿم ڪنهن ۾ ڪا سيم و زر جي،
غريبي ٿو سمجهان غنيمت مبارڪ.
اَوهان لاِ مونکي سَدا آههِ عزت،
محبانِ حيدر کان باغي نه ٿيندس.
محبانِ حيدر کان باغي نه ٿيندس.
ڪندس ڪين ڪاري قيامت مبارڪ.
ڀَلي مونکي دُنيا ۾ رُسوا بنايو.
وڻي منهنجي دل کي ٿي مدحت مبارڪ.
”رشيد“ آههِ مهرِ خموشي لبن تي،
ڪُڇڻ جي نه آهي اِجازت مبارڪ.
{
”خط 2“
مکيان آبِ ڪوثر قلم جي زبان کي.
بنايان ورق برگِ باغِ جنان کي.
اَچي آبِ زم زم وضو لاءِ مونوٽ،
ڪريان پاڪ عنبر سان فرشِ مڪان کي.
قلم آڱرين ۾ اَچي ضوفشان ٿئي،
وِجهان رشڪ ۾ حلقهِء ڪهڪشان کي.
لکان بعد ۾ اُن ڪرم بخش ڏي خط،
ڏئي رشڪ جيڪو ٿو نوشيروان کي.
محمد زمان آههِ موليٰ جو طالب،
طلب اُن سندي آههِ هَر اِنس و جان کي.
ٿِيان اُن سان هاڻي مخاطب اَدب سان،
رکي ضابطي هيٺ طبع و زبان کي.
اوهان جو ڪرم ٿي چڪو آههِ حاصل،
هينئَر ناههِ پَرواه ڪا منهنجي جان کي.
اوهان منهنجا هر وقت ممدوح آهيو،
سڏيو هجو گو ڪين هِن مدح خوان کي.
اِشارو ٻين ڏي ڪيم پنهنجي خط ۾،
ٻُڌايم مگر راز تو راز دان کي.
تلافي جي بدران اوهان پڻ رُسي ويا،
عيان ڇو ڪيم پنهنجي رازِ نهان کي.
اِها جي هجي ها خبر مونکي اَول،
ڪريان شوخ ها ڪين طبعِ روان کي.
ڪيم پاڻ هٿ پنهنجي سان غرق ٻيڙو،
ڇڏيو نا خدا ڪشتي و بادبان کي.
مگر اِن جي هوندي به اُميد آهي،
اَچي رحم ويندو سندم مهربان کي.
اوهان لاءِ جاراءِ قائم ٿي آهي،
خبر آههِ اُن جي نه خُرد و ڪَلان کي،
اوهان اُن کي هرگز شڪايت نه سمجهو،
شڪايت نه سونهي ٿي منهنجي زبان کي.
اَوهان کي ئي دردن جو درمان ٿو سمجهان،
اوهان کان ٿي راحت مِلي خسته جان کي.
اگر ناههِ ظاهر ۾ صحبت ميسر،
پروڙيون ٿا باطن ۾ هر هڪ بيان کي.
اَوهان جي ئي صحبت جو آهي تصور،
پَس غائبانه ٻُڌي عزو شان کي.
اَوهان مونکي عالم سڏيو ٿا نوازش،
مگر علم آهي نه مون خاڪدان کي.
فقيرن جي صحبت جو بس فيض آهي،
ڪريان جنهن سان گويا ٿو پنهنجي زبان کي.
زمانو جڏهن منهنجو دُشمن ٿو ڏسجي،
ڏيان ڇو نه دانهون محمد زمان کي.
اَزل کان اوهان سان اَٿم آشنائي،
نه مِهڻو ڏيو منهنجي وهم و گمان کي.
نه طالب ٿي ڪنهنجي طلب ۾ رَهو ها،
لِکو ها نه هِن شعر گوهر فشان کي.
”گهڻو ياد يارو! ڪندؤ پنهنجو طالب،
ڇڏي ويندو جنهن دم هو فاني جهان کي.”
حقيقت ۾ فاني جهان آههِ ليڪن،
فنا آههِ لازم نه جانِ جهان کي.
زمانه ۾ طالب سدا زنده رهندو.
ڪندا ياد سڀ اُن جي نام و نشان کي.
شهنشاهِ لطف و عنايت خُدارا.
شڪايت نه سَڏ درد جي داستان کي.
اِها قلبِ مضطر جي فرياد آهي،
جلائي ڪندي خاڪ جا آسمان کي.
اوهان جي خيالن کان آگاه آهيان،
سڃاڻي ٿي بلبل نه ڇو گلستان کي.
اَچو حيدرآباد جنهن ڏينهن آقا.
ڪريو جلد آگاه مون ناتوان کي.
لِکو پنهنجي منزل جو ڏس پورو پورو،
سهولت سان ڳولي لهان جيئَن مڪان کي.
نه نالو وٺي ڪنهنجو شڪوو ڪندس مان،
اِها اِلتجا آههِ منهنجي اوهان کي.
انهيءَ لاءِ اڳ ۾ معافي ٿو چاهيان،
ڪجو ڪين مجبور هِن خسته جان کي.
جو وارن کان پنهنجي به ڊَپ آههِ مونکي،
نه سمجهان ٿو دُنيا ۾ سودو زيان کي.
ڪريو حڪم مونکي ٿِيان جلد حاضر،
سُجهي ٿو نه ڪو عذر مون ناتوان کي.
{
”خط 3“
مقدر آههِ در تنهنجي جو نوڪر طالب الموليٰ.
فلڪ تنهنجي اڳيان کائي ٿو چڪر طالب الموليٰ.
ڪڏهن دورِ طرب تنهنجي تنهنجي ۾ آئي ڪين گهٽتائي،
تهي ڏسجي ٿو محفل ۾ نه ساغر طالب الموليٰ
زماني ۾ وَري تنهنجي بَدولت اِنبساط آيو،
ڏٺم چرخِ ڪهن جامي کان ٻاهر طالب الموليٰ.
زمين زيرِ نگين آهي، فلڪ ڏسجي ٿو فرمان بر،
وَڃن ٿا گهور توتان ماه و اَختر طالب الموليٰ
پڙهيٿو نام تنهنجي جو سَدائين مُشتري خُطبو،
ٺهيو عرشِ برين تي تنهنجو ممبر طالب الموليٰ
سخاوت ۾ عدالت ۾ شرافت ۾ لياقت ۾،
نه ٿيڻو آههِ تنهنجو ڪوبه همسر طالب الموليٰ.
ملائڪ صبح کان تا شام توتان گهور گهورن ٿا،
کڻي اَلله جي رحمت جا گوهر طالب الموليٰ.
ٿئي مهتاب عالمتاب ٿو دَر تنهنجي تي پُرزا،
بڻيو آهي سخا تنهنجي جا چادر طالب الموليٰ.
عدو تنهنجا ٿين ٿا غرق اِئين بحرِ ندامت ۾،
ٻُڏو ڄڻ نيل ۾ فرعون جو لَشڪر طالب الموليٰ.
خوشي کان اڄ قلم منهنجي کي آهي بيعدد جنبش،
ڪري طبعِ روان ظاهر ٿي جوهر طالب الموليٰ.
بحمدالله عنايت ٿيو نوازش نامه اڄ تنهنجو،
سراسر مطمئن ٿيو قلبِ مضطر طالب الموليٰ.
ڇڏي سومر، اڱاري، اربعا، وسپت ۽ جمعه کي.
ڏسڻ ڇنڇر کان اڳ چاهيان ٿو آچر طالب الموليٰ.
اَلائي جي ڪڏهن مون لاءِ ٿيندي عيد آچر جي،
پَسائيندين تون پنهنجو روئي اَنور طالب الموليٰ.
مگر هن کان اڳي آهي مناسب تنهنجي خدمت ۾،
لِکان پنهنجو به ڪجهه حالِ مقدر طالب الموليٰ.
بلوچستان جي جهٽ پٽ جو عِلائقو هو وطن منهنجو،
جتي آهن اَڃا مائٽ برادر طالب الموليٰ
اَپوزئي ۾ هو صوبيدار منهنجو محترم والد،
زَرڪ خان نام هو جنهن جو نشانبر طالب الموليٰ.
ڄميس اُڻويهه سو ٻاويهه ۾ مان ملگزار اَندر،
ڄمڻ سان ئي ڏٺم قمست ۾ چڪر طالب الموليٰ.
ويو والد جو سايو والده وئي، مال و دولت سڀ،
اِها پهرين هئي قسمت جي ٺوڪر طالب الموليٰ.
سوين سختيون سٺم بيدرد لاشاري بلوچن ۾.
ٿيا مام ۽ چاچا ڀي ستمگر طالب الموليٰ.
ڇَڏي اُردو جي چوٿين کي پڙهيم سنڌيءَ کي پَنجين کان،
مليا ٿاٻن تي ٿاٻا مونکي اَڪثر طالب الموليٰ.
هزارين ڏک ڏسي مون پاس فائينل ڪئي آخر،
ڪيو اِحسان پنهنجو پاڪ پرور طالب الموليٰ.
تَڙايو مائٽن مونکي ٿيس روئي جدا سَڀ کان،
ٿيس گهر کي ڇَڏي دُنيا ۾ بي گهر طالب الموليٰ.
ويس پنجاب ڏي دَرويش ٿي سلطان باهو جو،
رهيس پيرن جو ٿي اَدنيٰ گداگر طالب الموليٰ.
ڏٺم پنجاب جي هر ڳوٺ سان گڏ ڪابل و غزني،
لتاڙيم ڪوه و بر ميدان ۽ ٿَر طالب الموليٰ.
لَٽا ڦاٽل، بکايل، پنڌ گهوڙن سان ڪيم گڏجي،
پهاڙن جا لڳا پيرن ۾ پٿر طالب الموليٰ.
جبل جهاڳي، نَديون اُڪري، ڪيم ٿي ذڪر ”هُو هُو“ جو،
ڏِسڻ چاهيم ٿي اُن موليٰ جو مظهر طالب الموليٰ.
ٿِيو آغاز شعر و شاعري جو اِهڙي حالت ۾،
ڪيم ڪارا سَوين ڪاغذ ۽ دفتر طالب الموليٰ.
ڪَيم توصيف پِيرن جي لکيم بيحد سفرناما،
ڏنو ٿي داد مونکي سڀني هر هر طالب الموليٰ.
وطن جي ياد هر اِنسان کي آخر سَتائي ٿي،
اَچي ويس سِنڌ ۾ هڪدم ٿي ششدر طالب الموليٰ.
گهميس ڪجهه وقت صوفين سان لکيم ڪافيون ۽ ڏوهيڙا،
ڪيم آباد اوتارا ٿي اَحقر طالب الموليٰ.
اُمالڪ علم جو ٿيو شوق منهنجي قلب ۾ پيدا،
گذاريم مدرسن ۾ بنجي بي زر طالب الموليٰ.
رياست خيرپور ۾ نيٺ سنڌي ماستر ٿي پيس،
سَتن سالن ۾ ٿي حالت نه بهتر طالب الموليٰ.
گهڻو ئي وقت عربي فارسي ۾ روح ريجهايم،
ٿيس ليڪن نه منصور و مظفر طالب الموليٰ.
اَديب و عالم و فاضل بڻيس نقوي جي صحبت ۾،
ٿيس اُردو ۾ پڻ سخنور طالب الموليٰ.
گذاريم لکنؤ ۾ رامپور جي لڳ بَريلي ۾،
ڏِٺم اُستاد سان گڏ ڪيئي منظر طالب الموليٰ.
پڙهايم خيرپور ۾ فارسي، اُردو ۽ سِنڌي ڀي،
رَهيس ٿي هاءِ اسڪولن ۾ ٽيچر طالب الموليٰ.
پڙهن ڪاليج ٿا هن وقت سِنڌي ماستر جيڪو،
پڙهيو اُن کي به ٻن سالن ۾ اَحقر طالب الموليٰ.
ستيتاليهه کان وڌ ڪينڪي تنخواه ٿي ليڪن،
رِلهي سان گڏ وَتس رُلندو ٿي دردن طالب الموليٰ.
اَچي ٿيس تنگ آخر رُخ رکيم ڪاري ڪراچي ڏي،
اُتي پڻ آزمائڻ ويس مقدر طالب الموليٰ.
رهيس ڪجهه وقت بغدادي ۾ سنڌي ماستر بنجي،
مگر آيو نحوست ۾ نه چڪر طالب الموليٰ.
اُتي شادي ڪيم ليڪن وڌي ويتر پريشاني،
اُتي ڪئَن زر بنا گهاري ٿو بي زر طالب الموليٰ.
ڪيم ايلاز آزيون تنگ ٿي دائود پوٽه کي،
ڪيو جنهن اٽنري ٽيچر مقرر طالب الموليٰ.
بنايم دوست اهڙي ريت پنهنجا حيدرآبادي.
مليو واصف جي پاڙي ۾ اَڏيل گهر طالب الموليٰ،
ڄميو مُختار هڪ فرزند جو ٽئين سال جو آهي،
وَري ٻي ٻار جي ڀي آههِ ٻُڏتر طالب الموليٰ.
بڻيا شاگرد سنڌي ماستر اُستاد ٿيس آخر،
ٿيس ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ٽيچر طالب الموليٰ.
اِتي جهيڙا جهٽا ٿيا مون مَدد ڪئي پنهنجي ٽولي جي،
حقيقت سَڀ اوهان وٽ آههِ اَظهر طالب الموليٰ.
ڪيم تصنيف ۽ تاليف ڪُجهه مونکي ڪمائي ٿي،
مگر اُن جو به جلدي بَند ٿيو دَر طالب الموليٰ.
ڪَٽيو ويو نام ريڊيو تان ڀَڄي ويو آر- ايڇ- احمد،
فنا ٿيس تنگ حالي ۾ سَراسر طالب الموليٰ.
ڪيم ڪاليج کان توبهه، لُغت ڏي ويس رڙهي هڪدم،
چيم مِلندو اِجهو بختِ سڪندر طالب الموليٰ.
مگر پنجاهه کان وَڌ ڪوبه واڌارو نه ٿيو آهي،
رَهان فڪرِ معاش اندر ٿو مضطر طالب الموليٰ.
چڙهيل هن وقت آهن مون تي قهري ڪوٽ قرضن جا،
خدا ڌاران نه آهي ڪابه آڌر طالب الموليٰ.
دماغ و دل جو خون ڏيئي ڪيم آباد صد گلشن،
گلن بَدران عطا ٿيا خارو نشتر طالب الموليٰ.
تمنا آههِ منهنجي جان ڪنهنجي ڪم اَچي جڳ ۾،
نه آهي غم، جي آهن حال بَدتر طالب الموليٰ.
سڏي هڪوار ڪنهن کي دوست ڇو اُن جو ڪجي شڪوو،
ٿِجي هر دوست جو هَر دم ثناگر طالب الموليٰ.
ڏکيو هوندس بکيو هوندس مگر ڪنهن کان نه ڪجهه گهرندس.
ڏَسيو آهي اِهوئي پيرِ حيدر طالب الموليٰ.
هَٿون پنهنجي حبيبن جي ڪندس خدمت مرڻ تائين،
نه واريندس ڪڏهن يارن کان هي سَر طالب الموليٰ.
سَدائين دوستن جو راز مون وٽ راز ٿي رهندو،
ڪَندو هَلڪو نه شل اَلله اَڪبر طالب الموليٰ.
اِهائي آرزو آهي، اِهائي! التجا آهي،
اِهو ئي آههِ منهنجو حالِ اَبتر طالب الموليٰ.
”رشيد“ احمد کان ڦيري ڪين ڇڏ چشمِ ڪرم پنهنجي،
طفيلِ حضرتِ شبير و شبر طالب الموليٰ.
{
”خط 4“
طالب الموليٰ نِڪو ڪردار تنهنجو شڪريو،
خوش لقا خوش فهم اَطوار تنهنجو شڪريو.
آههِ دِل ۾ جذبهِء ايثار تنهنجو شڪريو،
رافعِ غم، رافعِ آزار تنهنجو شڪريو.
تُون لهين ٿو بيڪسن جي سار تنهنجو شڪريو،
بي وسيلن جا کڻين ٿو بار تنهنجو شڪريو.
زينتِ هالا سَچا غمخوار تنهنجو شڪريو،
ٿا بجا آڻن ٻُڍا ۽ ٻار تنهنجو شڪريو.
شڪريو اَي مطلع الانوار تنهنجو شڪريو،
طالبِ حق واقفِ اَسرار تنهنجو شڪريو.
اَي سَخاوت جا سچا سردار تنهنجو شڪريو،
بي وسيلن جا اَجها آڌار تنهنجو شڪريو.
شڪريو اَي علم جا سينگار تنهنجو شڪريو،
شڪريو اَي ناقِد آشعار تنهنجو شڪريو.
دين و ايمان جا علمبردار تنهنجو شڪريو،
لشڪرِ حق جا سپهه سالار تنهنجو شڪريو.
تنهنجي صدقي بُلبلانِ سنڌ زنده ٿا رهن،
ٿا اَدا ڪن سَڀ گل و گلزار تنهنجو شڪريو.
دوست و دشمن خُلق تنهنجي سان ويا يَڪمشت ٿي،
ڇو نه گُل سان گڏ مڃَندو خار تنهنجو شڪريو.
آههِ هر دل کي مليو تنهنجو ثبوتِ دوستي،
ٿا مڃن اَحباب ۽ اَغيار تنهنجو شڪريو.
اَڄ عطا تنهنجي اَمانت با سَلامت ٿي چُڪي،
شُڪريو اَي اَبرِ گوهرِ بار سَلامت ٿي چُڪي،
سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي نِدائي مرحبا،
ڄڻ مَڃيو هر هڪ دَرو ديوار تنهنجو شڪريو.
ڪين پيو ڪپڙن ۾ ماپيان عرش تي پهتو دماغ،
نام تنهنجي تان ٿيس بَلهار تنهنجو شڪريو.
ڄڻ عطا ٿي ”ذوق کي خلعت بَهادر شاه کان،
خود بَخود موزون ٿِيا اَشعار تنهنجو شڪريو.
آههِ اڻپوري حياتِ خضر تنهنجي مدح لاءِ،
آههِ لازم هر گهڙي هر وار تنهنجو شڪريو.
صورت و سيرت ۾ توکي ثانيءِ يوسف چوان،
ٿي مڃي خود مصر جي بازار تنهنجو شڪريو.
جيستائين هوندي دنيا تيستائين پيا ڪندا،
جن و اِنسان عالمِ اَشجار تنهنجو شُڪريو.
تنهنجو اَي رَشڪِ مسيحا آههِ مُون تي لطفِ عام،
ڇو نه آڻيندو بجا بيمار تنهنجو شڪريو.
اَڄ ڪتابت لاءِ مُون. آهي ڏنو روحِ لطيف،
رُوح مُنهنجو ٿي چُڪو بيدار تنهنجو شُڪريو.
بس! بلاڪ اِيندو کڻي مونڏي سِگهو مسٽر چَنا،
اهڙي بندوبست تي بسيار تنهنجو شُڪريو،
ڪين ڇَپبو آرٽ پيپر کان سوا فوٽو بِلاڪ،
اَي سخي ڪر اِن تي ڪُجهه ويچار تنهنجو شڪريو.
{
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
آگهيون آخر غريبن جون دُعائون طالب الموليٰ!
ويون مٽجي فلڪ جون سڀ جفائون طالب الموليٰ!
کُليو قسمت جو دَر تنهنجي ڪرم سان ۽ مقدر جون،
معافيءَ ۾ ويون مٽجي سزائون طالب الموليٰ
نئين سر تو ڪَيو سنڌي ادب جي بورڊ کي زنده،
ويون تڙجي بُريون، بُڇڙيون بَلائون طالب الموليٰ!
چيئرمين بورڊ جو بڻجڻ مبارڪ اي اَدب پرور!
لَٿيون سنڌي اَدب تان سڀ هَچائون طالب الموليٰ!
ٻُڏا جي بحرِ غم ۾، سي ويا پاتال ۾ پيهي،
وَري مقصد سندا موتي لَڌائون طالب الموليٰ!
عزازيلي حَسد وارا جهُڪيا دَر تنهنجي تي آخر،
اڳيان تنهنجي اَچي ٻانهون ٻَڌائون طالب الموليٰ!
جڏهن سنڌي اديبن ۾ صداقت جو سوال آيو،
مقدم تنهنجو ئي نالو لکيائون طالب الموليٰ!
ٿيو بدنام جويائي حسد هِن دل جي آهن کان،
مڃي بيشڪ نه هُو رَب جون رضائون، طالب الموليٰ!
خدا جي منڪرن سنڌي اَدب جي بورڊ کي ٻوڙيو،
ڪري حِيلا، لکين گهوٻيون هَنيائون طالب الموليٰ!
هئا اَنڌا ازل کان حَق جا دُشمن بورڊ جي اندر،
چڱو توکي نه ٿي هرگز چَيائون طالب الموليٰ!
هُئين تون ڇا ۽ ڇا آهين ۽ ڇا هوندين حقيقت ۾؟
پيون ڪنهن کي نه اَڄ تائين لَکائون طالب الموليٰ!
عزازيلي حَسد ڌاري نه آيا باز ڪيني کان،
جُٺيون توڙي زماني ۾ سَٺائون طالب الموليٰ!
ڊَٺوتن جي ريا ڪاريءَ جو مندر حق جي حملي سان،
ٻُڌي ٿو ڪونه اَڄ تن جون ڪٿائون طالب الموليٰ!
هَوا تن جي دماغن مان وڃي نڪري، جي بَد طينت،
سڳوري سنڌ کي رُسوا ڪيائون طالب الموليٰ!
ڏسان ٿو چشمِ حق بين سان ملائڪ معترف تنهنجا،
فَلڪ مان توکَي واڌايون ڏِنائون طالب الموليٰ!
اُهي پُٺتي ڇو موٽن، جي رهيا تنهنجي رفاقت ۾،
قدم پنهنجو اَڃا اڳتي کنيائون طالب الموليٰ!
{
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
صحت سان اوج و بخت سان شل حڪمران هجين.
هر وقت ڏسجين خسروِ عالي وقار خوش.
هر هنڌ تنهنجي فتح جو ڏسجي عَلم بلند،
سونهي ٿي تنهنجي دَست ۾ تيغ آبدار خوش.
اِيندي نه تنهنجي جوشِ شجاعت ۾ ڪا ڪمي،
هوندين هميشه ثانيءِ آسفنديار خوش.
دُنيا ۾ تنهنجي طبع نه هرگز ملول ٿئي،
بَدخواه دُشمنن کي لڳي ٿو بُخار خوش،
اهڙا بخار تنهنجي اڳيان ويا بُخار ٿي،
آهي بخارِ عشق جو اَنجامِ ڪار خوش.
آهي دعا ته ايندين شفاياب ٿي سگهو،
تنهنجي ئي ڏڍ سان ٿيندي دلِ داغدار خوش.
طالب اگر طلب، نه طلب کي ڪيو ”رشيد“،
پَڪ ڄاڻ تنهنجي ٿيندي نه خاڪِ مزار خوش.
{
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
(1)
وطن تي آههِ تنهنجي مهرباني الموليٰ!
قدم تنهنجا چُمي ٿي ڪامراني طالب الموليٰ!
تون آهين حَق پرستيءَ جي نشاني طالب الموليٰ!
ڏِسان مان ڇو نه تنهنجو ڏيهه ڏاني طالب الموليٰ!
غريبن جي حمايت ۾ فقط تنهنجو ئي دَم آهي.
چوان اِئين ڇو نه، هن جڳ ۾ سخاوت تنهنجو ڪَم آهي.
(2)
مُخالف ٿي ٿئي دُنيا ته تون ئي مهربان آهين،
اَٻوجهن ۽ اَياڻن جي دلين جو ترجمان آهين،
حقيقت آههِ جڳ ۾ تون ئي پنهنجو رازدان آهين،
زمانو آههِ تنهنجو، تون محمد جو زمان آهين،
لقب توکي ئي ٿو اڄڪلهه جُڳائي طالب الموليٰ!
ڀَلا ٻيو ڪير آهي، جو سَڏائي طالب الموليٰ!.
(3)
ثنا هيءَ مختصر، هر وصف ۾ آقا اُتم آهين،
زمانِ حال ۾، اِنسانيت جو تون عَلم آهين،
بقائي علم سان گڏ محسنِ اهلِ قلم آهين،
زمينِ خشڪ مان آهيان ته تون ابرِ ڪرم آهين،
مصيبت ۾ سدائين مهر جا موتي وسائين ٿو،
ڪرم پنهنجي سان مون عاجز جي بگڙيءَ کي بنائين ٿو.
(4)
زمانو روز ٿو رانديون ڪري، منهنجي حياتي سان،
ڇڏيان ٿو ساه چويانِ حَسد جي بغضِ ذاتي سان،
ڪُهن ٿا سازشن سان سَر ڪري، ڪُلفت جي ڪاتيءَ سان،
سڏائي پاڻ کي تنهنجو، ڏِيان ٿو مُنهن مماتيءَ سان،
ڪَرم پنهنجي سان بدلائين اگر منهنجي مقدر کي،
ڀَڃان پنهنجي قلم جي زور سان سدِ سڪندر کي.
(5)
زبان کي زندگي بَخشڻ ۾ ٿي خورسندگي منهنجي،
اِنهيءَ ڌاران نه ٻي دُنيا ۾ آهي بندگي منهنجي،
زبان ۽ قوم جي خدمت ۾ گذري زندگي منهنجي،
هُنر کي ڪم نه آڻڻ، آههِ ڄڻ شرمندگي منهنجي،
سَهارو ڏي ته مان چمڪان صداقت جو ستارو ٿي،
وڃان تو نامور جي نام سان گڏ ناميارو ٿي.
(6)
ٿيان شل سرخرو سَو وار مان سرڪار تنهنجي ۾،
لياقت جا لهان لک لعل، شل گفتار تنهنجي ۾،
سَوا ڪنهن فڪر جي گهاريان، طلب ۽ تار تنهنجي ۾،
لِکان هڪ ”شاهنامو سنڌ جو“ دربار تنهنجي ۾،
ڪيو جنهن ريت فردوسي عجم اِيران کي زنده،
ڪريان اهڙيءَ طرح مان واديءِ مِهراڻ کي زنده.
(7)
خدا چاهيو ته سنڌيءَ کي نئين هڪ زندگي ڏيندس،
جو اُجڙيل گلستان آهي، اُنهيءَ کي تازگي ڏيندس،
اِنهيءَ اُونده مٽائڻ لاءِ پنهنجي هر خوشي ڏيندس،
دُکن ٿا داغ جي دل ۾، اُنهن مان روشني ڏيندس،
نظر ايندي زماني کي سَچي تصوير سنڌيءَ جي،
نمايان ٿيندي حيثيت به عالمگير سنڌيءَ جي.
{
ايني ميري شمل
نه دل توکي وساريندي شمل تنهنجو خدا حافظ،
اُڀيون آهون اُٿاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
محبت تنهنجي ماريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ،
ڳُتيل ڳڻتين ۾ ڳاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
وڍيندي ياد تنهنجي خنجر فرقت جي صورت ۾،
ڏکين جا ڏيل ڏاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
محبت تنهنجي جا موتي وسائڻ لاءِ چشمِ غم،
هنجون هر وقت هاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
مسيحائي جو دم تو ۾، يقيناً ياد پڻ تنهنجي،
جڏي جيءَ کي جياريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
سڳوري ياد تنهنجي چنڊ وانگر دل جي دُنيا تي،
چِٽي چادر پٿاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
محبت تنهنجي سنڌين کي مَئي وحدت جو ڪم ڏيندي،
پيالا پُر پياريندي، شمل شمل تنهنجو خدا حافظ.
ڀلي رهه جرمنيءَ ۾ پر اِها نُوري نماڻائي،
تماچيءَ کي تنواريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
محبت تنهنجي کي هن من جي مومل مينڌرو سمجهي،
ڪَئين ڪانگا اُڏاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
محبت تنهنجي جي مومل، وسائي ڪاڪ قربن جي،
رُٺل راڻا ڌتاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
وطن جي مارئي تو وانگي شل مارو وڃي ڏسندي،
وطن ڏي واڳ واريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
سچائي تنهنجي سهڻيءَ سان ٿي رهندي سير ۾ ساڻي،
ٻُڏل ٻيڙو اُڪاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
پنهون ڄاڻي پٺيان تنهنجي سڳوري سنڌ جي سسئي،
وري ڪرها قطاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
ٻُڌي توکان لطيفي لات ڪيچين جي ڪُٺل سسئي،
وري چانگن کي چاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
لياقت تنهنجي ليلا کي وري ٻيهر چنيسر وٽ،
هندورن ۾ سمهاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
وري سڪ سوز تنهنجي ۾ سڳوري سورمي سورٺ،
وسايل باه ٻاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
اها آتش فشان تقرير تنهنجي سنڌ واسين ۾،
ڄميل رَت کي پگهاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
ٻڌي تو کان ڀٽائيءَ جو بيان ڇو سنڌڙي هاڻي،
وڃايل راند هاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
لطيفي لات جي لولي ڏني تو سنڌ کي سا پڻ
تَتل تَن من کي ٺاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
تون ڳالهائين ٿي سنڌي تنهنڪري هي سنڌڙي توتان،
ڇو نه سر ساه واريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
وسارڻ وڙ نه سنڌين جو بلاشڪ سنڌ سونهاري،
سدائين توکي ساريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
سچائي سنڌ ۾ آهي ته تو سچار جي صورت،
وري گڏجي گذاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
وري مهراڻ جي واديءَ ۾ تو مهمان جي آمد،
اچي آتڻ اُجاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
محبت تنهنجي مشرق کان هلي مغرب جي وادين ۾،
سُکن جو سِج اُڀاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
اڄوڪي ياد تنهنجي شل سڀاڻي سنڌ ۾ موٽي،
ڪلهوڪا قول پاڙيندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
بلندي بخت تنهنجي جي سهارو ڏيئي سنڌيءَ کي،
ڪِريل حالت سُڌاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
زبان تنهنجي مبارڪ، جا ولايت م ڀٽائيءَ جو،
مٺو نالو اُچاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
چُمي تنهنجا قدم قسمت، ڪنيزياڻي سڏائيندي،
اکين سان در ٻُهاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
اکين کان ڌار هوندي، ياد تنهنجي شيشهِء دل ۾،
سڄو نقشو اُتاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
هجين جهڙي به گلشن ۾ مگر هر گل تي منهنجي دل،
پکي بنجي پُڪاريندي، شمل تنهنجو خدا حافظ.
رهي ٿو روح ”لاشاريءَ“ جو جنهن سان گڏ اُها صورت،
جدا هرگز نه گهاريندي شمل تنهنجو خدا حافظ.
{
”قاضي نذر الاسلام“
آهين تون جلوهِء ايمان اي نذر الاسلام.
نعرهِء مرد مسلمان اي نذر الاسلام.
آهين تون قاصدِ برهان اي نذر الاسلام.
حق جي جذبات جي تون جان اي نذر الاسلام.
تون حقيقت تي فدا آهين اي نذر الاسلام.
تون مجاهد جي صدا آهين اي نذر الاسلام.
تون ئي نيڪيءَ جو نگهبان اي نذر الاسلام.
تون صداقت جو سخندان اي نذر الاسلام.
نيلِ اشعار ۾ فرعونِ زمانه کي ٿو ٻوڙين،
تون ئي موسيٰ جي عصا آهين اي نذر السلام.
تون وڄائين ٿو طبل ديس ۾ آزاديءَ جو،
آهين نغمن جو تون طوفان اي نذر الاسلام.
آهين تون بادهِء عرفان اي نذر الاسلام.
منهنجو من تنهنجو ثنا خوان اي نذر السلام.
نيٺ بنگال ۾ ڪم آيو مسلمانن کي،
تنهنجو ئي جوش ۽ جولان اي نذر الاسلام.
قوم مسلم به ڪا بنگال ۾ ٿيندي بيدار،
ڪونه هو اهڙو ڪو امڪان اي نذر الاسلام.
تنهنجي اشعار تان بنگال جو جادو صدقي،
سامري سحر به قربان اي نذر الاسلام.
تون ئي بنگال جو بانڪو ۽ ٿا ڪن تنهنجي مدح،
سنڌ ايران، خراسان اي نذر الاسلام.
هن زماني جي هوا ۾ تون مسلمانن لاءِ،
آهين ڄڻ تختِ سليمان اي نذر الاسلام.
پاڪ پردي ۾ لڪي، پاڻمرادو تو ڪيو،
سازشِ ڪفر کي عريان اي نذر الاسلام،
تنهنجي آواز کي جن ڪالهه ٺٺولي سمجهيو.
اڄ ٿا ڏسجن سي پشيمان اي نذر السلام.
تنهنجي آواز اڳيان ڪجهه به نه آهن دشمن،
ڀل ته ڪن گوڙ ۽ گهمسان اي نذرالسلام.
حق جي گلشن جو ڪري سير بنايو آخر،
ملڪ باطل کي تو ويران اي نذرالسلام.
تنهنجي توحيد جي نعرن سان ٿو اڄ عرش لُڏي،
تنهنجي افڪار ۾ فرقان اي نذرالسلام.
تنهنجي توحيد پرستيءَ کان جو انڪار ڪري،
آههِ سو شوم ۽ شيطان اي نذرالسلام.
تون تخيل ۾ ٿو موسيٰ سان ملاقات ڪرين،
طور سينا جو تون مهمان اي نذرالسلام.
نعرهِء حق ٿي رهيو آهه ازل کان گويا،
تنهنجي اشعار جو عنوان اي نذرالسلام.
پنهنجي گيتن ۾ نمايان ڪري ڏيکاريو تو،
آههِ الله جو فرمان اي نذرالسلام.
آههِ اشعار جي افلاڪ تي سُبحان الله!
تنهنجو ڪيڏو نه وڏو شان اي نذرالسلام.
صورِ افڪار سان ڄڻ سڏجين ٿو تون اِسرافيل،
باطل و حق جو تون ميزان اِي نذرالسلام.
نگهتِ شعر تان تنهنجي نه ڇو قربان ڪريان،
سوسن و سنبل و ريحان اي نذرالسلام.
تنهنجي جذبات ۽ نغمن جي روانيءَ کي ڏسي،
ڪن ٿا فرياد بيابان اي نذرالسلام.
تون ئي ڪردارِ مجاهد ۾ نمايان ٿو ڪرين،
سيرتِ بوذر و سلمان اي نذرالسلام.
تنهنجي گيتن ۾ جو ٻولي ٿو اُهو ڪير آهي.
ڇا اِهو نغمهِء انسان اي نذرالسلام.
جيڪي آثار خدا کي ٿا بتن تي وڪڻن،
تن کي قهري ٿو هڻين ڪان اي نذرالسلام.
روح تنهنجو ته رهيو ديس ۾ پر جسم ڪٿي؟
آههِ افسوس ۽ ارمان اي نذرالسلام.
آهين خاموش ڇو جيئري تون اي خضرِ مبين،
جڳ سڄو ڏسجي ٿو حيران اي نذرالسلام.
راس آيو نه محبت ۾ وطن جي توکي.
عيش آرام جو سامان اي نذرالسلام.
آهين تون رشد و هدايات جو رهبر ۽ ”رشيد“
سرفروشن جو تون سلطان اي نذرالسلام.
{
عبدالڪريم چشتي
(سبحانِ سنڌ جي وفات)
يا رب! هي سنڌ کان اڄ ڪهڙي وري خطا ٿي؟
”سبحانِ سنڌ“ ان کان آخر ويو جدا ٿي.
عالم شڪارپور جو عبدالڪريم چشتي،
افسوس! اڄ اسان کان ويو راهيءِ بقا ٿي.
حاذق، حڪيم، عالم، هڪ بي بها مقرر،
دنيا سندي فصاحت جنهن تان هئي فِدا ٿي.
آزادگيءَ جو آقا، اسلام جو مجاهد،
حب الوطن کان هرگز ناهي رهيو جدا ٿي.
هن ”هوم رول“ مان ئي ڄاتو درِ سياست،
ان بعد ”ڪانگرس“ ۾ پڻ هن جي اِبتدا ٿي.
اِسلام جا مجاهد هن وٽ اچي ڪٺا ٿيا،
هڪ انجمن انهن جي هن سان ئي همنوا ٿي،
پورو خلافتي ٿي، تحريڪ هن هلائي،
ٽي چار بارهن کي پڻ جيل جي سزا ٿي.
ڪجهه وقت ”ليگ“ جو هِن جهنڊو اچي جهُلايو،
هن کي وطن ۾ بيحد مقبوليت عطا ٿي.
”محموديه“ جي نالي هڪ مدرسو ڪڍيائين،
خدمت ۾ دين جي ويو ڄڻ رحمتِ خدا ٿي.
اِسلام جي اِشاعت جي انجمن بنائي،
تصنيف ۾ ويو ڄڻ هڪ در بي بها ٿي.
هِن ”آريه سماجن“ جا رَد لکيا مدلل،
هن جي قلم جي قدرت ڄڻ دستِ ڪبريا ٿي.
”امروٽ جي ڌڻيءَ“ جو هو صحبتي هي صالح،
هن کي هتان عنايت تقويٰ جي اِرتقا ٿي.
”آزاد“، ”الوحيد“ و ”جمهور“ جو اِيڊيٽر،
”قرباني“ و ”صداقت“ هن مرد جي صدا ٿي.
هو ڪعبهِء خدا جي ديدار کان مشرف،
آخر ويو بقا ڏي، محبوب مصطفيٰ ٿي.
”سبحانِ سنڌ“ ديدم عبدالڪريم چشتي“ (1383 هه)
سالِ وفات بابت هاتف وٽان نِدا ٿي.
{ |