مولانا وفائي مرحوم
حقيقت آشنا حقباز مولانا وفائي هو.
خدا جي معرفت جو راز مولانا وفائي هو.
تعلم ۾، تڪلم ۾، تفڪر ۾، تدبر ۾،
ڪيو ڄڻ عرش تي پرواز مولانا وفائي هو.
مؤرخ هو، محقق هو، مفڪر هو، مدبر هو،
مسلمانن جو محرم راز مولانا وفائي هو.
خطابت ۾، ڪتابت م، سياست م، صحافت ۾،
ڪيو پيدا نئون انداز مولانا وفائي هو.
ڪلام الله جو مڪته دان ۽ شارح هو بخاريءَ جو،
حديثِ پاڪ جو همراز مولانا وفائي هو.
ڪيو اِلحاد کي، جنهن سر قلم، سيف القلم بنجي،
مجاهد، غازي و جانباز مولانا وفائي هو.
وطن ۽ قوم جي وحدت جي شاهد ”الوحيد“ آهي،
صحافت جو صحيح آغاز مولانا وفائي هو.
علمبردار هو ”توحيد“ ۽ ”دين محمد“ جو،
الاهي عشق جو آواز مولانا وفائي هو.
تعجب ۾ هئي دنيا، سندس تاريخ دانيءَ تي،
وجودِ سنڌ جو دمساز مولانا وفائي هو.
نه علمي بحث ۾، هن جي رهيو مد مقابل ڪو،
چڙين ۾ ڄڻ هڪ شهباز مولانا وفائي هو.
ڀٽائيءَ جي رسالي جا نوان نڪتا ٿي هن ڄاتا،
سچل جو پڻ سوانح ساز مولانا وفائي هو.
ڏنو جنهن سنڌ کي ”لطف اللطيف“ فڪار پنهنجي مان،
ادب ۽ علم جو اعجاز مولانا وفائي هو.
نه هو نقد و نظر ۾ڪو به هن نقاد جو ثاني،
سخن فهم ۽ سخن پرداز مولانا وفائي هو.
”هلندڙ ڊڪشنري سنڌيءَ جي“ هو مشهور سنڌين ۾،
لغت جو ماهر و ممتاز مولانا وفائي هو.
نزاڪت، نثر تان جنهن جي، سوين نغما نثار آهن،
زبان سنڌيءَ جو سوز ۽ ساز مولانا وفائي هو.
گلستانِ فصاحت هو، ته بُستان بلاغت هو،
بلاشڪ سعديءِ شيراز مولانا وفائي هو.
محمد مصطفيٰ جي دين جي هو بها دولت،
”علي“ جو پڻ ”نواز ۽ ”ناز“ مولانا وفائي هو.
حسد، بعض ۽ تعصّب، ڪوڙ سڀڪنهن کي،
ڪيو بلڪل نظر انداز مولانا وفائي هو.
جيبين تي سادگي، چشمن منجهان هو رعب شاهانه،
”رشيد“ اخلاق جو آواز مولانا وفائي هو.
{
مرثيه مرحوم حاجي محمود ”خادم“
وسائي نه ڇو رت ڦڙا آسمان،
ڪري ڇو نه ماتم سمورو جهان،
ڪري ڇو نه آهون اديبن جي دل،
ويو موڪلائي اديبِ زمان،
ٿين ڇو نه مغموم شعراءِ سنڌ،
ويو- شاعر بي بدل خوش بيان،
جو سنڌي ادب جو هو روحِ روان،
نه ڪنهن اهڙو ڄاتو ٿي علم العروض،
غزل ۾ هو سعديءِ ثاني عيان،
تخلص هو ”خادم“ ۽ ”محمود“ نام،
سُخن جي ولايت جو نوشيروان،
قلم جي سخاوت ڪو هن کان سکي،
سڄي عمر ”خادم“ رهيو بيگمان،
هئي طبع ۾ اُن جي شاعر گري،
سون شاعرن جو بڻيو پاسبان،
”مسافر“ ۽ ”مخلص“ ۽ ”بلبل“ ”قليچ“
ٿيا اُن جا همعصر ۽ هم بيان،
”فقير“ و ”گدا“، ”جوش“ ۽ ”قادري“،
بڻيا هن جا همدرد ۽ مهربان،
”دکايل“ ۽ ”بيوس“م ”ضيا“ جو سڄڻ،
تعصب جو اُن ۾ نه هو ڪو نشان،
”حڪيم“ ۽ ”نظاميءَ“ سان گڏ ”شيخ عبد“،
ڪراچيءَ ۾ هن جا هئا هم زبان،
سندس دلگهريا دوست ”واصف“، ”خليل“،
”نظاميءَ“ جو استاد ۽ راز دان،
سندس قدردان، مهربان هر گهڙي،
هو مخدوم صاحب ”محمد زمان“،
هو دائود پوٽي جو گهرو رفيق،
سندس صحبتي، همنوا، هم زبان،
۽ سنڌي صحبتي، همنوا، هم زبان،
۽ سنڌي ادب لاءِ سوسائٽي،
ٺهي ڄڻ ته هن جي ئي تدبير سان،
جا سوسائٽي آهِ سنڌي سڌار،
هو تنهن باغ جو هي سڄڻ باغبان،
حقيقت سندس ”الحقيقت“ کان پُڇ،
جو هو لاڙڪاڻي جو لائق جوان،
نه وسري ٿو ان جو رسالو ”اديب“
هو شعر و سخن جو هو گوهر گران،
”رياض البلاغت“ سندس هڪ ڪتاب،
پڙهن ٿا اڃان تائين صَد نڪته دان،
سڏيون شعر جون هن سوين مجلسون،
لکن شاعرن تي بڻيو مهربان،
ٿيا ان جا شاگرد ”اياز“ و ”رشيد“
هو ”حامي“ ۽ ”جاميءَ“ تي پڻ مهربان،
”اثر“، ”عبد“، ”احسن“ ۽ ”ناظم“، ”نظام“،
ٿيا سڀ سندس مدح گو، مدح خوان،
هَري جهڙي ”دلگير“ سان ان جي دل،
هزارن دلين تي هو ڄڻ حڪمران،
”گرامي“ ۽ ”جوهر“، ”غني“ ۽ ”غريب“،
ڪئي ٿي ادب سان سندس آجيان،
هو ”مسرور“، ”ڪاظم“ ۽ ”نجفي“ جو دوست،
گهڻو شاد هو ”لُطف“ بدويءَ وٽان،
”حليم“ و ”گل“ و ”نور“، ”اظهر“، ”بشير“،
هئا خلقِ خادم وٽان شاد مان،
هئا ”جوش“، ”منظور“،”سَرور“ ۽ ”خواب“،
سندس صحبتن مان گهڻو شادمان،
ڇا ”سرشار“، ”ساجد“ ۽ ”فڪري“، ”امير“،
نظر ۾ سڀن جي هو عالي نشان،
بڻيا ”ساز“ و ”بيدل“ ۽ ”مجروح“ و ”جوش“
سندس نڪتهء داني ڏسي نڪتدان،
ڇا ”هالو جُمن“ ۽ ڇا ”اُستو حُسين“،
سڀن سان هئي ان جي الفت عيان،
سندس ”لعل“ وَ احسان بدوي“ سان انس،
۽ پڻ ”خالديءَ“ سان به خنده بيان،
هو ”عاشق“ تي عاشق، ”فدا“ تي فدا،
۽ ضامن هو ضامن سندو هر زمان،
ڪري عام شعر و سخن سنڌ ۾،
بنايائين جمعيتِ شاعران،
ويو هاءِ! افسوس! اعليٰ اديب،
رلي ويو ادب جو سڄو ڪاروان،
نه لکبو اهو درد جو داستان،
سوا صبر جي ٻيو ڪو چارو نه آهِ،
ڪجي ضبط هاڻي هي آه و فغان،
وڍي ”ياس“ جو سر تون تاريخ لک،
۽ پڻ لک سدِ ”زر“ سان ماه روان،
ڏسيو سال هجري هي فڪرِ ”رشيد“
”بود رجع- محمود خلد آشيان.“
(1379 هجري)
{
ميان ”جوش“ قادري
افسوس صَد هزار، ميان جوش قادري!
ڇو ٿي وئين تون ڌار، ميان جوش قادري!
سڄڻن کي هي بَهار، ميان جوش قادري!
آهي نه خوشگوار، ميان جوش قادري!
روئجي ٿو زار زار، ميان جوش قادري!
دل ٿي ڪري پُڪار، ميان جوش قادري!
احباب، دوست، يار، ميان جوش قادري!
غم جا ٿيا شڪار، ميان جوش قادري!
تون لاڙڪاڻي شهر جو ڄڻ آخري ڏِيو،
درويش، ديندار، ميان جوش قادري!
تنهنجي وصال لاڙڪاڻو بلڪل لُٽي ڇڏيو،
ٿي سنڌ سوگوار، ميان جوش قادري!
آيو خزان جي روپ ۾ ڪيئَن اوچتو اَجل؟
لُٽجي چُڪو بَهار، ميان جوش قادري!
افسوس! بزمِ عيش، بَهارن جي شور ۾،
بلبل ٿي سوگوار، ميان جوش قادري!
ڪم ڪار سان ڪراچي ۾ اِيندي تو ڪيئَن ڪيو؟
عقبيٰ کي اِختيار، ميان جوش قادري!
پيارو تون پنجتن جو ۽ ۽ عباس جو غلام،
حيدر جو حبدار، ميان جوش قادري!
تون ئي فقير، تون ئي اميرءَ ۾ اِنتخاب،
تقويٰ جو تاجدار، ميان جوش قادري!
سيني ۾ تنهنجي سوز هو ”صاحبڏني“ سندو،
ڪامل تون قربدار، ميان جوش قادري!
سيني ۾ تنهنجي سوز هو ”صاحبڏني“ سندو،
ڪامل تون قربدار، ميان جوش قادري!
تون ”خواجه عبد حق“ جي عنايت جو اِذنِ عام،
عرفان جو اقتدار، ميان جوش قادري!
تون ئي ”سچل“ جي سونهن، درازن جو دادلو،
محبوبِ آشڪار، ميان جوش قادري!
تو وٽ ”سخي قبول محمد“ سندي سخا،
بيشڪ تون حق شعار، ميان جوش قادري!
”صالح“ جو صُلح تو ۾، تون ”قادريءَ“ جو قرب،
توتي ”گدا“ جو پيار، ميان جوش قادري!
تو سِڪ منجهان سنڀالي، فقيري ”فقير“ جي،
بيشڪ تون بردبار، ميان جوش قادري!
الطاف، زندگيءَ ۾ تو ”الطاف“ سان ڪيا،
هر وار، لک هزار، ميان جوش قادري!
پيدا ڪيا تو سنڌ ۾ محمود ۽ اَياز.
اي شاه با وقار، ميان جوش قادري!
”گلدستو“ شاعرن جو ڪڍيو توئي جوش مان،
هيرن جو ڄڻ تون هار، ميان جوش قادري!
اخبار ”الحقيقت“ ۽ مخزن ”اديبِ سنڌ“،
تنهنجا ئي يادگار، ميان جوش قادري!
شاهد ڪمال تنهنجي جي هيءَ ”قادري پريس“،
ڪامل تون قربدار، ميان جوش قادري!
سنڌي ادب ۽ شعر و صحافت ۾ تون هئين،
شه زور، شهسوار ميان جوش قادري!
”سنڌي سُڌار“ نالي جا سوسائٽي هئي،
اُن جو تون اِفتخار، ميان جوش قادري!
”خادم، جو خلق تو سان ۽ نئڙت ”نياز“ جي،
تو صاف گو، سَچار، ميان جوش قادري!
تون گل هُئين، ثنائي علي جو، نه هو تڏهن،
گلشن ۾ تنهنجي خار، ميان جوش قادري!
روئن ٿا تنهنجي سڪ ۾، سڄي سنڌ جا سڄڻ،
ٻُڍڙا، جوان، ٻار، ميان جوش قادري!
رحمت جو اَبر توتي وُٺو وَڏ ڦڙا ڪري.
ٿي محوِ انتظار، ميان جوش قادري!
ايڪيهين ماه روزه، درازن جي عرس بعد،
ماڻيو وصالِ يار، ميان جوش قادري!
راهي ٿئين رسولِ خدا جي رياض ڏانهن،
اي مرد با وقار، ميان جوش قادري!
سوچيم جو سالِ هجري ته جَنت ڏٺم، ”رشيد“،
جنهن ۾ هو آشڪار، ميان جوش قادري!
{
”محمد اڪبر قاضي“
قوم جو آهين تون غمخوار محمد اڪبر،
سنڌ جو سونهن ۽ سينگار محمد اڪبر.
سنڌ جو تون ئي مجاهد ۽ تون اڪبر ثاني،
تنهنجو در عدل جي دربار محمد اڪبر.
آهين سيوڻ جي تون سوغات قديمي قاضي،
عدل و انصاف ۾ اِظهار محمد اڪبر.
تو سان گڏ اڄ به ابوالفضل ۽ ملا فيضي،
علم جو آهين علمدار محمد اڪبر.
تون ئي هر حال ۾ سڏجين ٿو نجيب الطرفين،
تنهنجي عظمت کان نه انڪار محمد اڪبر.
ڪيئَن اُهي تنهنجي شرافت جي مقابل ايندا،
جن جو ڪم آهي گلاگار محمد اڪبر.
تنهنجي تدبير جو هر ڏس ۾ نشانو پورو،
تنهنجو خالي ڇو وڃي وار محمد اڪبر.
حال تنهنجي سان غريبن جون دعائون شامل،
تنهنجو ٻيڙو ٿو ٿئي پار محمد اڪبر.
ڪنهن منافق جي اڳيان ڪين مٿو ٽيڪين ٿو،
آهين غيور ۽ خورددار محمد اڪبر.
سنڌ سهڻي جي سياست جي تون تاريخ آهين،
تون حقيقت جو طلبگار محمد اڪبر.
سنڌ جي تلخ حقائق کي لکيو تنهنجي قلم
ٿي ويا ماٺ رياڪار محمد اڪبر.
پول پڌرا تو ڪيا قوم جي غدارن جا،
توئي ماري وڌا مڪار محمد اڪبر.
تون ئي زندان ۾ ٿئين قوم جي دردن جي دوا،
بي مثال آهي هي اِيثار محمد اڪبر.
دين اسلام جي دشمن جو نه تون دوست ڪڏهن،
بي حيائن کان تون بيزار محمد اڪبر.
تنهنجو اِخلاص ڏسي تنهنجا بڻيا پشت و پناه.
سڀ وڏا پير ۽ پڳدار محمد اڪبر.
اچ سياست ۾ وري قوم جو قائد بنجي،
آههِ ميدان به هموار محمد اڪبر.
قوم کي اڄ به گهڻي تنهنجي ضرورت آهي،
ڪر قيادت کان نه انڪار محمد اڪبر.
ڪاميابي ٿي سڏي توکي سگهو ڪر اعلان
سڀ نمايان ٿيا آثار محمد اڪبر.
هڪ هڪل تنهنجي ٿي جبلن کي به ڏاري پل ۾،
ڪر تون ميدان ۾ للڪار محمد اڪبر.
سنڌ سهڻي ٿي رهي سبز، ستابي تنهنجي،
ڪر بيابان کي گلزار محمد اڪبر.
مرحبا علم و سياست ۾ تدبر جا ڌڻي،
مرحبا صاحبِ افڪار محمد اڪبر.
مرحبا! قوم جي ڪشتيءَ کي هلائڻ وارا،
مرحبا گوهرِ شهوار محمد اڪبر.
مرحبا! امن جا آقا ۽ اُخوت جا امير،
مرحبا صلح جي سرڪار محمد اڪبر.
هيءَ دعا آهه سدا شاد ۽ آباد هجين،
تنهنجو الله مددگار محمد اڪبر.
{
ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“
خليل آهي بڻيو خضر- مبين پير- آزادي
عطا سنڌيءَ کي جنهن جي دم سان ٿي تعمير- آزادي
محافظ ٿئي ٿو سنڌيءَ جو عدو ائن اُنجي صحبت ۾
ستل ڪهف- ادب ۾ آه ڄڻ قطمير- آزادي
خليق آهي شفيق آهي رفيق آهي عتيق آهي
عطا ٿي گفتگو جنهن جي کي جوئي شير- آزادي
شرافت ۽ رذالت کي ٿو هڪڙي منٽ ۾ پرکي
طبيعت ۾ ڪڏهن آڻي نٿو تقصير- آزادي
ادب جي هڪڙي رشته ۾ ڳنڍيائين سنڌ جا شاعر
بڻي جميعت الشعرا سندس تفسير- آزادي
ضيا- خادم- نظامي ۽ نياز آهن مٿس نازان
سڏن ٿا صدر شعرا پنهنجي کي شمشير- آزادي
سندس صحبت جا گرويده ٿيا سڀ حيدرآبادي
دلين مان جنجي نڪرن ٿا سدا تبخير- آزادي
سمان گذري وڃن پوري نه ٿيندي وصف واصف جي
هو دنيا ئي ادب ۾ ٿو گهري ڪشمير- آزادي
مسلم آه نالو سنڌ ۾ منظور نقوي جو
هڻي ٿو جو غلامي جي پکين مظفر جوش پنهنجي سان
ڏئي ٿو منڪران- فن کي تعزير- آزادي
سکيو سهنجو هجي سرور سدائين سروري ماڻي
عطا جنهن پيڪر- سنڌيءَ کي ڪئي تطهير- آزادي
خداوندا سدائين خواب جي خواهش کي پورو ڪر
سندس خواب غلامي ٿي رهي تعبير- آزادي
ڏسي ڪو صدق صائب جو، جو تلميذ- خليل آهي
ادب جي معرفه مان ٿو ڪڍي تنڪير- آزادي
پلي سنڌيءَ سان گڏ اردو به ابراهيم جي گهر ۾
عظيم آهي ادب ۾ جنهنجي عالمگير- آزادي
سخن گُستر، ادب پرور خليلِ سِنڌ آ ساٿي!
جو آهي عصر نو اندر بڻيو شبگير- آزادي
سعيد احمد سعيد آهي سعيد آهي سخن اُنجو
سپاهي قوم جو سُورهء سچو رهگير- آزادي
اچي جبريل ٿو قاصد ٿي ابراهيم ڏي اڄ ڪلهه
بڻيو شبير جي تقليد ۾ شبير- آزادي
قلم جي تيغ تي قبضو رهيڻو برگ جو بيشڪ
لڳائي جنهن ادب ۾ آه داروگير- آزادي
قلم جي تيغ تي قبضو رهيڻو برگ جو بيشڪ
لڳائي جنهن ادب ۾ آه داروگير- آزادي
چوان صد آفرين هر وقت نورالدين حاجي کي
ادب جي ڪين ٿو چاهي ڪڏهن تحقير- آزادي
خليل اهڙي طرح آذر پرستن تي هجين قابض
اچي بزم- خليل اندر نه ڪپ تزوير- آزادي
زماني ۾ خدا توکي نه محتاجي ڏئي ڪنهنجي
غريبن لاءِ پيو ڳولي ڪڍين تدبير- آزادي
چرين جي اسپتال اندر چڱا ڏسجن چريا تنهنجا
گهُمائن ديگ دانائي جي ۾ ڪفگير- آزادي
دعاگو دلسان تنهنجو ڇو نه ٿئي اي ڊاڪٽر صاحب
”رشيد“ آهي لڌي تو وٽ جڏهن توقير- آزادي
{
”سيد اظهر علي گيلاني“
صد مبارڪ توکي اي اظهر علي.
لعل و گوهر تنهنجي جذبن تان نثار.
تنهنجي هٿ تخليق ٿي جذبات جي،
تون سخن جي ملڪ جو پروردگار.
فطرتي شاعر سڏڻ توکي بجا،
تو ڪڍيا فطرت جا لک نقش و نگار.
هي ”حديثِ حُسن“ پڻ اُن جو ثبوت،
آهين تون تخت سُخن جو تاجدار.
شعر ۾ ناياب هي تنهنجو ڪتاب،
ڄڻ روانيءَ ۾ تون بحرِ بي ڪنار.
شوق مان چئو لافتيٰ اِلا علي،
اُن سان گڏ لا سيف اِلا ذوالفقار،
سچ ٻڌائي ٿو هي لاشاري ”رشيد“،
شاعريءَ تي آهي توکي اختيار.
ٻُڌ حديثِ حُسن مَنجهه حُسنِ حديث،
(1384 هه)
آههِ جنهن مان سالِ هجري آشڪار.
لک ته ”گويم عشقِ اظهر شادباد“،
(1964ع)
آههِ جنهن سان عيسوي سن برقرار.
{
”احسان بدوي“
فلڪ مان هي ندا آئي ته ڪر احسان، اچ بدوي.
اچي ٿي پنهنجي پرور پاڪ جو مهمان، اچ بدوي.
ڪري اچ لطف کي بي لطف هن دُنيا دورنگي ۾،
هتي خلد آههِ تنهنجي واسطي حيران، اچ بدوي.
ڇڏي اچ غم جي گوندر ۾ محمد جي غلامن کي،
جو آتو آههِ تنهنجي واسطي رضوان، اچ بدوي.
شهادت ماڻ کلندي واٽ ويندي تن تواني سان،
نه ڪر پنهنجي جوانيءَ جو ذرا ارمان اچ بدوي.
خدائي لم يزل، خود لم يلد ۽ بي نياز آهي،
ڇڏي تنقيد جو دنيا ۾ سڀ سامان، اچ بدوي.
محمد مير جي مدح و ثنا سونهي ٿي جنت ۾،
بڻي احسان مان تون ثاني حسّان اچ بدوي.
فريئر هال وٽ آهي هوا فردوس جي حاضر،
خدا جي ڪارسازيءَ تي بڻي قربان اچ بدوي.
ڪراچيءَ مان ڪري هل ڪوچ تون عرشِ معليٰ ڏي،
جو آهي پاڻ تنهنجو منتظر رحمان، اچ بدوي.
ضرورت ناههِ رب تنهنجي کي هرگز خود پرستن جي،
بلاشڪ آهين تون خاموش طبع انسان، اچ بدوي.
شهيدِ ڪربلا توکي شهيدن ۾ ڪيو شامل،
شهادت جو معطر ڏسجي ٿو ميدان اچ بدوي.
ڇڏي ڏي ايس- ايم ڪاليج جا سڀ ليڪچر لاتيون،
جو اڄ توکي ٿو ساري سِڪ منجهان سُبحان اچ بدوي.
خدا جون رحمتون سو وار تو تان گهور گهورينديون،
سخن جي سونهن ۽ سنڌي ادب جي جان، اچ بدوي.
وڌن ڀل پوپٽي ٽنڊي جي پيارن جون پريشانيون،
رهي ڀل تنهنجو هاٿي در گهڻو حيران، اچ بدوي.
ستاويهين رجب جي، شام جي ويلي سفر ساري،
سويري پنهنجي آمد جو ڪري اعلان، اچ بدوي.
سفر تنهنجو سُٺي ساعت، سڳورو ڏينهن سومر جو،
خدا کان تنهنجي بخشش جو ٿيو فرمان، اچ بدوي.
سوالِ سال هجري ٿي چيو جنت منجهان حورن،
بنجي احسان احمد، جان عالي شانِ اچ بدوي.
{
”مخدوم امين فهيم“
جوان طبقي ۾ شعرا جو آهين تون سالار،
هلي ٿو تنهنجي پٺيان ڪاروان امين فهيم.
اسان جي مهر و محبت جو آهين تون مخدوم،
اسان جي پيار جو تون پاسبان امين فهيم.
تون آهين وارث و آرائشِ سفينهِء نوح،
ڪئي تو قوم جي ڪشتي روان امين فهيم.
گهري ٿي دل ته گذاريان سدائين خدمت ۾،
اکين جي آڏو اوهان جي هجان امين فهيم،
تون سخا ۾ حاتمِ دوران ۽ عدلِ عالم ۾،
تون آهين ثانيءِ نو شيروان امين فهيم.
پيار پنهنجي هٿن سان تون جام اُلفت جو،
اسان جو آهين تون پيرِ مغان امين فهيم.
اِهو يقين ڏياريان ٿو تنهنجو ئي رهندو،
”رشيد“ جڳ ۾ سدا مدح خوان امين فهيم.
{
شيخ علي محمد
منظور ڪر مبارڪ دل سان علي محمد!
اَڄ سنڌ آههِ توتي نازان علي محمد!
سنڌيءَ جي بورڊ جو تون ميمبر ٿئين مقرر،
بيشڪ تون آهين اُن جي شايان علي محمد!
مفلس اديب ٿيندا آباد تنهنجي صدقي،
ٿيندو رِيا جو خانو ويران علي محمد!
تو وٽ غُربو ٿيندو سِگهو سلامي،
مشڪل ڪندين اُمالڪ آسان علي محمد!
”عبرت“ مان تنهنجي عبرت حاصل ڪندا هٺيلا،
هيڻن جو ويندو هٽجي هيجان علي محمد!
جي بورڊ ۾ ٿا ڏسجن باقي ڪي اِشتراڪي،
تازو ڪندين اُنهن جو اِيمان علي محمد.
سَو وار سادگيءَ تان سِر ساه منهنجو صدقي،
اَخلاق تنهنجي تان مان قربان علي محمد!
گڏجي اَدب سان ويندي سنڌي سندي صحافت،
پيدا ڪندين تون اهڙو سامان علي محمد!
مضبوط بورڊ ٿيندو تنهنجي ئي مشورن سان،
لهندا دلين مان سارا اَرمان علي محمد!
شاعر اديب اڳ ۾ توکي عزيز آهن،
ويتر ڪندين اُنهن تي اِحسان علي محمد!
تون ئي ”رشيد“ جهڙن جو يار غار آهين،
راضي رهي ٿو تو مان رحمان، علي محمد!
|