سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :33

 

 

(22)

ڪن نه ٿي پاڙيو پرين سان چنڊ جهڙي ذات کي

چي: سڄڻ نت سوجهرو ۽ چنڊ ڳولي رات کي

چنڊ جي بي مائگي ۾ ڪهڙو کوليان وات کي

العرض پهچي نه سگهندو دوست جي ڪنهن بات کي

ڇا ڪمال يار کان آهي زمانو بي خبر

هڪڙي آڱر جي اشاري سان ٿيو شق القمر.

 

(23)

چنڊ تون دلدار منهنجي کي پسين ٿو سر بسر

ڏي وڃي پيغام پيارل کي نه هرگز دير ڪر

هجر ۾ رئندي ٿئي ٿو شام مان مٽجي سحر

منهنجي حالن جي خدارا ڪر وڃي ان کي خبر

چئو نه اچ گڏجي گذاريون ڪين ٿي هڪ پل جدا

منهنجو سڀڪجهه آهه تو دلدار دلبر تان فدا.

(24)

رات چانڊوڪي، سنئين منزل، ڀٽن جو آهه پنڌ

هل حبيبن ڏي سگهو، ڪرها نه هرگز موڙ ڪنڌ

جيڪو پهچائي پرين کي سو ٻنڌڻ اڄ مون سان ٻنڌ

سٽ پٽي هل جيئن سحر کان اڳ ڏسون ساجن جو هنڌ

چوڏهين جي چنڊ کي ليکين ٿا اڻيهه عام

هي حقيقت مون کان پڇ تن جي مٿان ناهي ملام.

 

(25)

چوڏهين جا چنڊ ڀل سينگار ڪر تون بار بار

پر نه پَڙندين يار جي پبنڻي سان ڇڏ حيلا هزار

تهڙو دم دلبر جو آهي، جهڙو تون ساري ڄمار

دوست ڌاران آهه اونده ڪين هي دل تان وسار

تنهنجي چانڊوڪي کي ڀانيان ٿو سياهي ۾ سُرور

مان ٿو واجهايان پرين ڏي آهه ڪوماڻو ڪپور.

 

(26)

مان ڏيان جيڪي سنيها سي پلؤ پنهنجي ۾ ٻنڌ

چنڊ! ڏي پيغام پياري کي نئي نوڙائي ڪنڌ

آسرو عالم جو جنهن تي تنهنجو اُن ڏي آه پنڌ

وڃ اُڀر اُن جاءِ تان آهي جتي دلبر جو هنڌ

پهريائين منهنجي پياري ڏانهن ناسيندي نهار

جي ڏيان توکي سنيها، سي چئج اُن کي اُپار.

(27)

ڪن چيو هر وقت اي چانگا تون چندن چر اپار

مون کان وٺي ياقوت جا ڳانا ۽ موتين جي مهار

سار لهه سر کنڊ جي ڇڏ لئي ۽ لاڻي جي لغار

ڪي وکون وڌنديون کڻي هل هوت ڏي ٿي هوشيار

چر کٿوري ڌار ۽ مونکي اُڏائي هل هٿان

جي حبيبن سان ملائيندين مٺيون لهندين مهان

 

(28)

پوءِ ٿورو اڳڀرو محڪم هو دروازو سراڳ4

توبه و تقويٰ، توڪل ۽ تحمل جو مهاڳ

جنهن جڳهه تي گم نظر آيا نحوست ۽ نڀاڳ

سڀ رهيا ٿي رات ساري ياد سبحان ۾ سجاڳ

ڪن چيو تانگهي ۾ تاڻي پنهنجو اڳ ترهو ٻڌو

ڇو جو آڻي ڪونه ڏيندو ڪو به اونهي ۾ ٻيو.

 

(29)

بعد ۾ دروازو سامونڊي5 ڏٺوسين آشڪار

ڪئي جتي ويهي ٿي سامونڊي پکين پنهنجي پڪار

ڪن ڪيون وايون ٿي وڻجارن جون روئي زار زار

ڪن پڳهه پاسي ٿي گهاريو من ڪري ڀيرو ڀتار

ڪن چيو ٿي ماڳهين مون کي ڇڏي ويا اوهري

ڪن چيو گذري جڳن جا جڳ نه ڪو موٽي وري.

(30)

پوءِ اڳي باب سهڻي6 جو نظر آيو شتاب

ڇا نهاريان طالب ۽ مطلوب ۾ ڪونهي حجاب

ويو ملي تنهن کي طهورا جنهن رڳو چاهيو شراب

ديد شفقت سان ٿيو ذرو به مٽجي آفتاب

هن جڳهه هر هڪ ڪئي ٿي يادگيري يار جي

سڀڪو هو سهڻي ۽ سڪ سڀني کي هئي ميهار جي.

 

(31)

ڪن چيو گهر ويٺي سرتيون ڪين ٿيندا سڱ سنوان

وهه اڃا آهي اڳي واهڙ وهن ٿا هي نوان

جيڪڏهن ساهڙ جي صورت ڏي نهاريو غور سان

سڀ گهڙا هٿ ۾ کڻي پنهنجي گهِڙو سچ ٿي چوان

جن ڏٺي ساهڙ جي صورت تن جي دل ٿي بي قرار

سک ستيون هرگز نه پاسي ۾ ڪري پنهنجي ڀتار.

 

(32)

ٿي وچين ويلا ڪيا، ويٺا وڻن تن کوڙ ڪانگ

وئي گهڙي تي سير ڏي ڪاهي، سڻي سانجهي جي ٻانگ

سڪ منجهان سڏڙا ڪري ڍونڍڻ لڳي ساهڙ جا سانگ

سي نٿيون مانڊا پڇن جن کي ڏنگيو الفت جي نانگ

بس گهڙو هٿ ۾ کڻي جاچڻ لڳي درياءَ جو ٻنگ

يار جي قدمن ۾ دم توڙڻ وفا جو آه ونگ

(33)

بس گهڙو هٿ ۾ ڪري رخ ۾ رکيائين تار کي

ڄنگهه ڄرڪي وات ۾ آئي سِسي سيسار کي

چڪ ڀريا چوڙا ۽ ٻيڙا، لڙ لٽيس هر وار کي

لوهڻيون چهٽيس لکين، ٿيليون ڦري ويون نار کي

ٿيو ڀڄي پرزا گهڙو، هي باب باندي جي بڻي

سو هزارين مڇ مڙيا، ڀاڱا ٿئي ٿي سوهڻي.

 

(34)

ٿيو گهڙو پرزا ته ڇا مون لاءِ ازخود هو حجاب

آهه تارِ روح، يادِ يار ۾ مثل رباب

راه الفت ۾ ڪيان قربان سڀڪجهه بي حساب

هڪ مگر ساهڙ جي سڪ مون لاءِ آهي انتخاب

ٿيو ڀڄي پرزا گهڙو رد ٿيا وسيلا نار جا

بعد ۾ سهڻي سڪايل سڏ ٻڌا ميهار جا.

 

(35)

اهڙو آڳه ناهه ڪو الفت اگر ڌاري ٿو من

پار سي پهچي نه سگهنديون، جيڪي ڪوڙيون ڪک پڇن

نهر ٿئي تن لاءِ دريا جيڪي ترهي ري ترن

جي پڇن ميهار کي تن کي جهليو ناهي ڪنن

عشق کان آگاه جيڪي تن کي ترهو ڪين آڇ

لُڙ لٽيل وارن کي هرگز تيل سرهو ڪين آڇ.

(36)

ڪوچ ڪر ڳل ڪن گهڻا، دڙڪو هلي درياه جو

بس! گهڙي سهڻي اتان سانگو ڇڏيائين ساه جو

ڏس نه ڪنهن ان کي ڏنو ساهڙ سچي جي راه جو

سير ۾ سهڻي کي هو، هڪ آسرو الله جو

پر خطر دريا ۾ دهشت، سيسر ۽ واگهون هزار

رس اچي ساهڙ سگهو تو لاءِ آهيان بي قرار.

 

(37)

پر خطر دريا ۾ دهشت ڪن جتي ڪڙڪا ڪرين

ٻار ۾ ٻاندي ڇڏيل، جنهن کي لنگهڻ لهريون نه ڏين

سڀ سَتاور اميا، اُت ڪين سڻايان نه سنڊين

رس اچي ساهڙ اتي ويرون جتي واٽون جهلين

ويو ڪچو وِيرُن ۾ ورجي، پاڻ اُڇليم آب ۾

لطف سان لهريون لگنهيس، ساهڙ رسيو گرداب ۾.

 

(38)

پر خطر درياءَ ۾ دهشت، ڪن جتي ڪڙڪا ڪري

آهه تاڪن وچ ۾ توڏي، وير سان تان ٿي وري

آءُ ساهڙ، منهنجا سپرين، پرت مان پيرا ڀري

مون کي اونهي مان اڪارج پاڻ هادي هٿ ڌري

بحر جي دڙڪن کان اڄ دهليل هي دل ناشاد آهه

ڪر مدد تنهنجي اڳيان ساهڙ سچا فرياد آهه

(39)

پر خطر درياءُ ۾ دهشت، لڙ ۽ لهريون، لس ۽ ليٽ

آڻي اوڀارن ۾ ٻانڊي کي ڪري ٿو غرق ٻيٽ

رس اچي ساهڙ اتي، آهي چڪڻ جي جت چپيٽ

دل وڃي ٿي دهلجي، اونهو ڏسي درياءَ جو پيٽ

شل اچي ساهڙ لهي، لهرين ۾ لڙهندڙ جي سنڀار

سير ۾ جنهن کي ڪريان ٿي سڪ منجهان پلپل پڪار.

 

(40)

پر خطر درياءَ ۾ دهشت، جانور جت ٿا رهن

سير جو ڪونهي سنڌو، ملاح ڀٽڪي ٿا پون

ڪيترا واڪا ڪيو، ظالم درندا ٿا ورن

ٻار ۾ ٻيڙا سڄا هڪدم وڃي تر ٿا وٺن

جي ويا قهري ڪنن ۾ ڪين سي موٽيا وري

جلد اڻتارن جي اي ساهڙ اچي ڪري رهبري.

 

(41)

صدق دل سان سک تون اي سهڻي شريعت جو سبق

طبع جي تيزي سان تازو وٺ طريقت جو سبق

ڪر هيئين سان ياد هر ساعت حقيقت جو سبق

معرفت جي مرڪ سان وٺ راز الفت جو سبق

ٿي اچي اوڏي الف کي، پنهنجي من سان گڏ تون ميم

اصل ۾ ميهار سان آهي مليل ذات حليم.

(42)

سہ سيارو سخت پارو، چؤطرف جهڙ، جهڪ ۽ جهول

هر گهڙي آهن هيئين منهنجي ۾ هيبتناڪ هول

تڙ اڙانگا ڀل تران، آهي ٻڌل ساهڙ سان ٻول

توکي موڪل آهي درياءَ، وهڪرن جا ٻنڌ کول

منهنجي دل کي ڪين آهي ڊپُ وسندي مينهن جو

آهه من مرڪز بڻيو، ساهڙ جي خالص نينهن جو.

 

(43)

رات ڪاري، ڪَڇَ گهَڙو، اُڻٽيهه اونداهي وري

چنڊ جو نالو نڪو درياه دڙ لائي وري

رات آڌي جو ٿي سهڻي، دوست ڏي راهي وري

سڪ بنا گهڙندو ڪنن ۾ ڪهڙو سودائي وري

هي اِلاهي ڪم هو ورنه ڪير ٿو اهڙي ڪري

عشق ڌاران ڪير ٿو اهڙي مصيبت ۾ مري.

 

(44)

ٿيس جنازو وهڪرو، ۽ ڪنگ سڀ ڪانڌي ٿياس

ٻگهه هئا ٻيٽن ۾ جيڪي تن ڪلها گڏجي ڏناس

پيو اچي ماتم مڇين ۾ هار ويرين جا پياس

پنهنجي چشمن سان ملائڪ عرش جا آتا ڏناس

من وڃي سهڻي جو پهتو، من گهرئي ميهار سان

سڏ ٻڌي پهتو اچي ساهڙ امالڪ ڄار سان.

(45)

ڪنهن چيهه، جيڪي گهڙيا، سيئي چڙهيا جي سچ پڇو

مئي متي مهراڻ ۾ پئجي وڃي ڏيئي ٽپو

ڇو نه ٿو ساهڙ ٿئي، سيڻاه سين ساڻي سگهو

جنهن کي سڪ ساهڙ جي تنهن کي ڇو هجي ڏم جو ڏجهو

چنڊ جو نالو، نه ڪا اُڻٽيهه اونداهي هجي

لڙهه وڃي لهرين ۾ ڏس ڇو ڪين ٿو ساهڙ ملي.

 

(46)

پوءِ آيو باب سارنگ7 اُن جو ڇا ٿيندو بيان

وڏو ڦڙو هرجا وٺو ڪارا ڪڪر جيئن ٿيا ٿيان

ٿيو اچي عالم ۾ وسڪارو وڄن جو هر زمان

ٿيون شروع اُڀنديون ۽ گجنديون روضئه اطهر وٽان

ٿيو جهان جي ذره ذره کي اهو پورو يقين

بس اِهو ئي آهه فيض رحمته للعالمين.

 

(47)

اڄ اُتر جي پار ڏي ڪارا ڪڪر ڪئين ٿو ڪري

ڪيئن وسايو واٽڙن تي ملڪ سارا ٿو ڀري

سانگ سان نڪرڻ جو هرڪو ڌيان دل ۾ ٿو ڌري

ڪين شل منهنجا پرين مون کان ٿين هرگز پري

اڄ اُتر جي پار ڏي تاڙي جي ٻڌجي ٿي تنوار

هر هليا هاري سنباهي، ۽ ٿيا سرها سنگهار.

(48)

اڄ اُتر جي پار ڏي ٿيون ڪڪريون ڪاريون وري

وڏڦڙو هرجا وٺو ٽهڪڻ لڳيون ٽاريون وري

لکهه لهه ويئي سندن ۽ ڍايون تاساريون وري

آيون سڀ ڀڄنديون ڀٽاريون گهر ڏي اوڀاريون وري

اڄ اُتر پار ڏي بيٺا ڪڪر چوٽي ڪري

موسمي برسات جي وڄ ڪير ٿو کوٽي ڪري.

 

(49)

اڄ اُتر جي پار ڏي ڪارا ڪڪر ڪيئن ٿو ڪري

پلٽيا روضي رسول الله جي تان پٽ ڀري

شل اچي ٿر بر وسائي، ڇو اڃا آهي پري

ٿئي سنگهارن کي خوشي هيڏانهن کنوڻين سان وري

ٿين وڄون وارد اتر کان شل شڪل ۽ هوءِ سان

ٿل، تراين کي ڀري ڪن جس وڏو هر جوءِ سان.

 

(50)

بر وٺا ۽ ٿر وٺا، ڀرجي نيون آيون وري

ٿيون ولوڙي جون پٽن تي صبح جون وايون وري

هٿ مکڻ سان ڀري سنگهاريون سايون وري

سامهون ڏڀجن پيون ٻولايون ۽ رايون وري

سهنج سنگهارن ۾ آيو، هر گهڙي خوش ٿا گهمن

ٻانهيون ٻايون پَکي پنهنجي ۾ ڏاڍيون ٿيون سُنهن.

(51)

موٽي اچي مانڊاڻ پنهنجو رخ رکيو وسڪار ڏي

لک وڄون آيون وسڻ، چوڏس ٿي هر هڪ دار ڏي

ڪيئي! استنبول ڏي ويون، ڪيئي مغرب پار ڏي

ڪيئي چمڪين چين ڏي، ڪي ڪابل و قنڌار ڏي

ڪي رمي ويون روم ڏي، ڪي ترڪ ۽ تاتار ڏي

ڪيئي دَکنّ ڪيئي دهلي، ڪي گڙيون گرنار ڏي.

 

(52)

ڪن وڄن سان ٿي سمر قندر ۽ بخارا ۾ بهار

ٿيا عمر ڪوٽين سان گڏ سرسبز خوش بيحد اَپار

سنڌ، جيسلمير، بيڪانير، ڀُڄ، ڍٽ ۽ بڪار

منهنجا سائين سنڌ سونهاري ۾ ڪر هردم سڪار

دوست تون دلدار تون عالم سڄو آباد ڪر

جو گذاري ٿو جتي اُن کي اُتيئي شاد ڪر.

 

(53)

هي ٻڌم آواز هر جا مينهن ٽهه ٽهه ٿا ٽمن

جن هيو ميڙيو مهانگو اَڄ اُهي هٿ ٿا هڻن

پندرهن پنجن منجهان ٿيا، اِئين ورق پيا ٿا ورن

جي ڏڪاريا ڏيهه مان موزي اُهي شل سڀ مرن

ڪن وڏي وس جون وري ڳالهيون ٿيون ڳوٺن ۾ ڳنوار

تون ئي سائين ٿو لهين سيد چوي سڀني جي سار.

(54)

پوءِ هن کان بعد آيو آيو باب ڪيڏارو8 نظر

هر جڳهه رنگِ پريشاني هو ڇانيل سربسر

خون ناحق ڪنهن جي سان هو لعل هر برگ شجر

بلبلين هر گل تي ڪئي ٿي واءِ ويلا جي پچر

هئي فضا ۾ چؤطرف گونجيل صدائي يا حسين

ورد هو اهلِ چمن ۾ ماجرائي يا حسين.

 

(55)

بعد اُن جي باب سسئي9 آبري نروار ٿيو

جنهن منجهان ٿي ڪنهن حقيقت جو عيان اسرار ٿيو

هر جڳهه عشق و محبت جو هيو اظهار ٿيو

سڀ جي ٻولي هئي ته هلڻو هوت ڏي هيڪار ٿيو

هوت ڏي پنهنجو هلڻ اول ۽ آخر ٿيو عيان

پورهيو تون پورهيتن جو ڪر نه يا رب رائگان.

 

(56)

ٿي سِڪي سسئي سدا، ڇو جو سَتايو سِڪ اٿس

آه پوري پرت ۾ پيتي پنهونءَ جي پڪ اٿس

ڏُور اڃ ٿينديس ڏٺي، ان تڙ ۾ اهڙي تڪ اٿس

دوست جي ديدار جو نسخو اهو هڪ ٽڪ اٿس

جهانءِ جلوي جي اُهي پَسندا پين جيڪي ٿا پِڪ

سُور ساڻي اُن سان ٿيندا، جنهن رکي سيني ۾ سِڪ.

(57)

جهوپڙا پاڻي مٿي هوندي به مورک اُڃ مرن

ساه اوڏو آه سپرين ڪين ٿا لوچي لهن

ڪن مُٺن وانگر ٿا دانهون دم نه ٿا سمجهي سگهن

ڇو نه سي دلدار جي ديدار کان وانجا رهن

سو نه سسئي سمجهيو، اوريل جو آري ساڻ هو

بنجي ڄٽ ٻانڀڻ ٻروچن سان وڃايو ڄاڻ هو.

 

(58)

لوڪ سارو لهسيو، ڪوسو لڳو هر هنڌ واءُ

ٿيو اُڀن مان آشڪارا، ترت هئي هئي جو هڳاءُ

ڪئي برن آه و بڪا پهتو وڻن ٻوٽن کي تاءُ

طائرن پڻ اِئين تنواريو جلدي آري ڄام آءُ

وحشين جا سور ۽ سختيون هلي سسئي کڻي

سا ٿيس منظور، جيڪا باب بانديءَ جي بڻي.

 

(59)

وڃو نه ويجهو اُڻ جي، جو آهي عزازيل آشڪار

نا اُميدي ڇڏ ته ٿئي تو ڏانهن اُميدن جو آر

ره سدا ثابت قدم، پنهنجو يقين رک برقرر

ٿو چوي لا تقنطوا من رحمت الله ڪردگار

سک سدائين عاجزي، حجت ڇڏي هوتن ڏي هل

ڀڄ پري ٿي پاڻ کان لون کان سواءِ ڪونهي لل.

(60)

ڪين مان وڻڪار جي واقف، سجهن باري ٿا بَر

ور وسيلا منهنجا سپرين هي ٿڪل ڏوري ٿي ٿر

تو بنان بيتاب آهيان لهه مُئي جي ڪانڌ! ڪر

مُنهن مٽڻ ناهي مناسب ڇڏ ولهيءَ کي ڪين ور

ڪين مان وڻڪار جي واقف نه ڏينهن اهڙو ڏٺوم

ڏک ۽ ڏوراپا ڏئي، ڏونگر به ڪاتيءَ ريءَ ڪٺوم.

 

(61)

ڪين مان وڻڪار جي واقف کنيم پاڻي نه پاءُ

ڪن پيا جاڙون جبل، جن جو تکو ڏسجي ٿو تاءُ

لڪ لڳي ٿي هيڪلي آهيان ٻڌان ٿي هل هڳاءُ

نينهن تنهنجو ٿو نهوڙي مهر ڪري اَي هوت آءُ

ڪين مان وڻڪار جي واقف ۽ جوراڻو جبل

ٿيو سفر آهي سٽاڻو، دل چوي ٿي، اڳتي هل.

 

(62)

وڻ وڏا وڻڪار جا، جن ۾ جمر، جائو ۽ جر

ٿين تپي ڪوسا ٿا ڪُڪرا، ٻي تپي دم دم ٿي ڌر

ڪو پتو پيرن جو ڪونهي، ورتون ويچاريءَ جا ور

راه ۾ رهبر اَچي رس، لهه سڪندين جي خبر

وڻ وڏا وڻڪار جا جت نانگ ٿا نيلا ٻجهن

اهڙي آفت کي ڏسي ڇو هيڪليون حيلا نه ڪن.

(63)

هوت کي هت ڇونه ڳولين، ڇو رلين وڻڪار ۾

چئي لطيف آهي ته ٻاروچو لڪل ٻي پار ۾

اُٿي ستي ٻڌ جلد سندرو رهه نه هن آزار ۾

تو ۾ ديرو دوست جو ڏس پاڻ کي دلدار ۾

هوت موجود آهه مون وٽ، آهه ڪُوڙين لاءِ ڪيچ

پنڌ پيرن کان ٿو وسري، جي پنهونءَ سان آهه پيچ.

 

(64)

هل هنيين سين هوت ڏي ۽ پنڌ پيرن جو وسار

ڪين رسبو ڪيچ کي جي قاصداڻي آهي ڪار

چست ٿي هل چاه سان ۽ رند رهبر جا نهار

ڪر پچر اُن جي هميشہ، جنهن سان تنهنجو آهه پيار

هل هنيين سين هوت ڏي پيرن سان هرگز ڪر نه پنڌ

راه روحاني وٺي رڙهه، ڪين پڇ رائيءَ جو هنڌ.

 

(65)

وٺ سڌو رستو هميشه، راهه اوکيءَ ۾ نه رُل

هل هنين سين هوت ڏي ڇپرن ۾ هرگز ڪين ڇل

ڪانڌ ٿيو ڪايا ۾، ڄاڻج آرياڻيءَ کي اَمل

تنهنجي اندر ۾ هجي بس! هيڪڙائيءَ جو ئي هل

هل هنيين سين هوت ڏي ۽ کڻ نه سُتي ڪائي ساڻ

ساه ۾ ساجن جي سڪ سانڍي ۽ ساجن کي سڃاڻ.

(66)

جي ورن واريون اهي هڪدم وڃن واپس وري

ڇو جو ڦوڙائي جي ڏاڍي ڳالهه ٻڌجي ٿي ڳري

تنهن کي ڏونگر ڏورڻو پيو، جنهن جا ويا ٻنڀا ٻري

آءٌ اڄ پنهنجي پُنهل لئه ٿي چُڪي آهيان چري

جي ورن واريون هجن سي سڀ وڃن موٽي اديون

ڪانه هلندي ڪيچ ڏي، جا دل جي ٿي کوٽي اديون.

 

(67)

هوت تنهنجي هنج ۾ آهي، مگر ان کي سڃاڻ

پاڻ ۾ پيهي ڪري ڏس روح پنهنجي سان رهاڻ

ڪو به ڏونگر ڏيهه ۾ ڪونهي نڪا ڪيچن جي ڪاڻ

سور ٿيا سسئي حقيقت ۾ پنهون آهين تون پاڻ

جي ڀڄين ڀنڀور کان ٿين سور تنهنجي لاءِ سک

پاڻهئي آهين پنهون توتان لهي ڇو ڪين لک.

 

(68)

ننڊ مان سسئي ٿي عزرائيل ايندي ئي سڌير

جيئن اٿي سمجهيائين تيئن آيو پنهون پاران سفير

بعد ان جي قبر ۾ آيا جڏهن منڪر نڪير

تن کي کيڪاري پڇيائين ڏيو خبر اي راه گير؟

ڇا، اوهان مان ڪنهن ڏٺو منهنجي پنهون جو قافلو؟

آهه جنهن جي هجر جو هر وقت دل ۾ ولولو.

(69)

پوءِ آيو باب معذوري10 نظر سورن جو گهر

تذڪرو سسئي جو هو ٻي ڪانه هئي ڪنهن جي پچر

هن دکي ڌاران وڃي ٻيو ڪير ڇوليندو ڇپر

ڇو جو اوکو ٿو سجهي ڪاري قيامت جو سفر

جي مرڻ کان اڳ مرن ٿا سي مري ٿيندا نه مات

جي جيئڻ کان اڳ جيا، هوندا هميشہ سي حيات

 

(70)

باب ديسي ۾ به سسئي جي هئي ساڳي پڪار

چي ”مٺيس، ڪسجي، چڪس، ڪرهوم ڪاه ۽ جهل مهار“

ڪر سگهو نجهري نماڻيءَ جي اچي ڀيرو ڀتار

ڏينهن محشر جو ڏٺو آهي مون تون ساجن کان ڌار

ڏونگرن، ڏيرن ۽ ڏاگهن جا اگر ڏريان ٿي ڏک

هوت جي هيڪاند ڪارڻ سي سڀيئي ڀانيان ٿي سک.

 

(71)

ڪهڙو پرديسي تي باور سيڻ ڀلي ديسي هجن

جيڪي پرديسي اهي ٿا ڏک ڏئي واپس وڃن

آهي پرديسين جي دل پٿر نه ٿا ڪو ترس ڪن

چئن ڏينهن بعد ڏولائي ۾ ڏکندو ٿا ڇڏن

دوستن اهڙن پڄاڻان بس ڪجي ڀنڀور کان

ڇو جو اهڙن بي وفائن کي وڃي لهبو ڪٿان.

(72)

اُٺ عدو، اوٺار ويري، ٽيون هئا غدار ڏير

چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن سان لٽيا پياري جا پير

سج ٿيو پنجون عدو، جنهن جي لهڻ سان ٿي اوير

ٿيو ڇپر ويري ڇهون، جنهن ۾ سنوان ڏسجن نه سير

چنڊ ويري هو ستون، جنهن ۾ نه تاباني هئي

وير واهيري جي ڇپرن ۾ پريشاني هئي

 

(73)

ڪوهَ ڪرڙا ڪهه گهڻي بر پٽ جتي ويران آهه

سمجهه سياڻن مان وئي هر ڪو ٿيو حيران آهه

پيش سسئي جو ٿيو الفت سندو ميدان آهه

خوف ڪهڙو ان کي جنهنجو دوست ڪيچي خان آهه

ڪوهه ڪرڙا ڪهه گهڻي، واٽن مٿان واري وري

اهڙا ڪي آڏا ۽ ترڇا لڪ لکين باري وري.

 

(74)

ڪوهه ڪرڙا ڪهه گهڻي رڻ سان تپي رائو اديون

دوستن کي ڪين ڏونگر ۾ ٿيو ڏائو اديون

برسجي وڻڪار ويو جنهن دم پنهون ڄائو اديون

ڄام آئي ٿيو سڄو سنسار هي سائو اديون

ڪوهه ڪرڙا ڪهه گهڻي، ويتر مٿاهيون ماٿريون

جيئن سهن لوڏا لڪن جا تيئن ڀڄن ٿيون پاسريون.

(75)

بعد ان جي باب ڪوهياري11 نظر آيو شتاب

جنهن ۾ هو انسان جي حالت ۾ عجب هڪ انقلاب

ڪنهن جڳهه هو ڪامياب ته ڪنهن جڳهه نا ڪامياب

ڪشف جو عالم ڪٿي ڪٿ عالمِ قبض و حجاب

الغرض هرجا سمايل معرفت جو راز هو

پردهءِ سسئي ۾ هر جا عشق جو آواز هو.

 

(76)

جي گهرن پنهنجن ۾ غافل ٿي، سنجهيئي ٿا سمهن

سي نٿا محبوب پنهنجي کي ڪڏهن لوچي لهن

جي ڊگها ٿي ٿا سمهن تن کي سڄڻ اُت ٿا ڇڏن

رات جو جي تات ڪن سي ساٿ کي حاصل ٿا ڪن

ڪين ٿو اِجلس جڳائي قُم ٿي ڳولي وٺ قريب

ليل جو جاڳڻ سان حاصل ٿو ٿئي وصلِ حبيب.

 

(77)

در حسيني12 بعد اِن جي ٿيو اُمالڪ آشڪار

جنهن ۾ سڀڪنهن ٿي ڪئي سسئي نماڻي جي پچار

هوت جي ڳولاءَ ۾ جا هر دم رهي ٿي برقرار

ڇو جو اُن جو هو پنهونءَ جي ذات تي دارومدار

هي وڃي ٿو هوت موڳي تون به ٿي ڪجهه اڳڀري

جيئن نه ڪوهيارو چوي ڌوٻڻ نه ٿي ثابت کَري.

(78)

جي ڏسو منهنجي اکين سان جيڏيون منهنجو ٻروچ

پاڻ ڇپرن ۾ گهڙو مون کي چئو وڃ پاڻ لوچ

آهه اِئين رشتو پنهونءَ سان جيئن هجي هيرن جي پوچ

ڇو ڪريان ڏونگر جي ڏورڻ واسطي ويچار سوچ

ڪر سگهو وارو وڃن ٿا، ڪين ٿي هرگز ڍري

ڪين ملندا اي نڀاڳي اهڙا ٻاروچا وري.

 

(79)

باب سورٺ13 جو ڏٺوسين پر فضا ۽ پر بهار

بلبلين جي وات ۾ ذڪرِ سخا هو آشڪار

شوق دل سان ٿي ٻڌو سڀڪنهن هي قصو شاندار

نام خالق تان ڪجي ڪيئن پنهنجو سر هڪدم نثار

ذڪر هو ٻيجل جي پرده ۾ سچي سرتاج جو

يعني محبوبِ خدا جي رتبهء معراج جو.

 

(80)

پنڌ پرديسان ڪري مڱڻو هتي آيو هلي

مال جو طالب نه آهي ڪجهه نه ڏيو ان کي ڀلي

راءِ تنهنجو شان اعليٰ، پر سخا تنهنجي ڳلي

سر کپي تنهنجو عطا ڪر فيض پنهنجي جي ڪلي

سر ڏئي سرهو ٿي جڳ ۾ پاڻ پنهنجو تون ملهاءِ

صبح تائين جي رهائين مون کي هاڻي ئي هلاءِ.

(81)

راءِ آيس تنهنجي در تي مان وٺي پنهنجو هي جيءُ

منهنجو نارُ حَامِيَہ کان تون محافظ پاڻ ٿيءُ

ڪر عطا هن پنهنجي ڌڻ کي لطف مان رحمت جي ويءَ

مسئلو تنهنجي اڳيان آهي ڪڏهن مشڪل نه هيءُ

سر ڏيڻ سان تنهنجي ٿيندي شاد ساري انجمن

عام ٿي ويندي آسان جي لاءِ جناّتِ عدن

 

(82)

راءِ تنهنجي در تي آيس مان وٺي هي پنهنجو حال

اَي سٻاجها ڪر کڻي منظور عاجز جو سوال

تنهنجي در تي ڇا چوان ناهي ڪڇڻ جي ڪا مجال

اَمن ڏي بي امن آهيون، ڪر ڀلا پنهنجو ڪو ڀال

راءِ تنهنجي در تي آيس، ٻن ڏنم غيرن جا در

پانڌ ڀر پينار جو اَي ڀرجهلا سورٺ جا ور.

 

(83)

سر اِهو صاحب تان صدقو سر ڏنو راجا ڏياج

ويو ڇڏي ماڙيون ۽ بنگلا ڪيتريون راڻيون ۽ راڄ

در خدا جي ويو اَگهي، ڪوڙين پُڳا ڪامل جا ڪاڄ

فتح نالي جي ٿيس ۽ پيئي بدنامي ۾ ڀاڄ

جي ڪيان هڪوار صدقو سر هجن جي سو هزار

من کي موهيو آهه مڱڻا تند تنهنجي جي تنوار.

(84)

بعد ۾ بيراڳ هندي14 در هو بلڪل بي نظير

ڪيترا آبياٿ هندي جا ٻڌاسين دلپذير

چي، ڪبيرا ڪر ڪبيرا آپ سوجهو تم سرير

بس ڪرو آسا ترشنا داس هئي تم اَي ڪبير

سائي صورت عين ڪي هئي، سائي صورت غين هئي

دُور ڪر نقطعه سجن! ڦر غين ڪي وه عين هئي.

 

(85)

بعد اُن جي ٿيو نمايان جلد باب مثنوي15

جت جلال الدين رومي جي حڪايت ٿي هلي

ٿي چيائون مثنوي المعنوي المولوي

در حقيقت هست قرآن در زبان پهلوي

بشنو اَزمن اندرين وادي مروبي اِين دليل

بايد آنکه ”لا احب السّافلين“ گوچون خليل.

 

(86)

پوءِ آيو هير رانجهو16 وارو دروازو نظر

جت سراين جي زبان ۾ ٿي هلي سڀڪا پچر

هير جي بيتن ۾ ڏاڍو لطف هو مثل شڪر

ڇا فصاحت ڇا بلاغت ڇا سلامت ڇا اثر

ڇا بلوچن ٺٺ رکيو هو محفل احباب جو

رنگ هرجا هو نمايان سنڌ ۾ پنجاب جو.

(87)

آوي رانجها تئين بنا مئين هير دي دل تنگ هي

هڪ گهڙي تيڏي جدائي نانگ والا ڏنگ هي

قيد هان وچ رنگپور دي ياد آندا جهنگ هي

لوڪ سڀ دشمن ٿيا کيڙياندي ڀيڙي سنگ هي

وچ هزاري تخت تيڏا تون هين ميڏا بادشاه

درد تيڏي مار ڇوڙيا مهر والي ڪر نگاه

 

(88)

تئين جها رانجها نه ڪوئي سڻ تون زاريان ميريان

مئين جهيان لک گوليان تي مئين ڀي هوئي تيريان

هير بيراڳڻ سڏايم گهير نيتا ويريان

هجر تيري وچ هميشہ کا رهي هان ڦيريان

تئين اُتون گهولڻ وڃان، آ هيردا همراه ٿي

دل دا خالي تخت هي آ اُوندا شاهنشاه ٿي.

(89)

پوءِ سنڌي بروو17 آيو، جو به هڪ سهڻو هو در

عشق جي ترغيب تي هو زور جنهن ۾ بيشتر

منزلَ اُلفت ڏکي ظاهر ۾ آهي سر بسر

پر ملي ٿو بعد ۾ اَجر ۽ مُرادن جو ثمر

ٻي جو ٻيلي ڪين ٿي وٺ اُن جي ڪنجڪ جو ڪريم

سو سکيو هوندو سدا، جو آهه مدّاحِ عليم.

 

(90)

باب هو مومل ۽ راڻي18 جو نهايت شاندار

طالب ۽ مطلوب جو مقصد جتي هو آشڪار

ور وڪڙ دنيا جا ٿي در پيش آيا بي شمار

پر لنگهي ويا پار اُن کان طالبانِ ڪردگار

عشق صادق آهي جنهن جو ڪير ٿو ان کي جهلي

يار جي ديدار ڌاران پاڻ کي ڪيئن ٿو پلي.

 

(91)

ڪلهه گڏيو هڪ ڪاپڙي، جو رنگ ۾ بابو بري

شال هڪ سائي ڪلهن تي سون جي اُن تي سري

سونهن مومل جي ڏسي دل ٿي هئي جنهن جي چري

اُن ٻڌائي ڪاڪ جي کولي خبر بالڪل کري

ڪاپڙي بابو بري هو رنگ ۾ ڏاڍو ڀڀوت

ڪين ٿي اَول ڪڇيو، لب تي هيس مهرِ سڪوت.

 

(92)

عشق جا مومل جي چشمن ۾ اَچي انبور ڏس

هيسجي حاڪم ويا، جوڀن جو پورو پور ڏس

جي ويا وڍجي چڪا گهوٽن تي پهرين گهور ڏس

الغرض المست ڏس ۽ عشق ۾ مجبور ڏس

هجر ۾ ٿيا ڪيترا بيمار هيڪاري وڌيڪ

عشق جو حاصل ٿين آزار هيڪاري وڌيڪ.

(93)

باب کاهوڙي19 ۾، کاهوڙي فقيرن کي ڏٺم

نينهن جي نيرزن کي ۽ اُلفت جي تيرن کي ڏٺم

گام گنجي ۾ وڃي، سڪ جي سفيرن کي ڏٺم

چاه مان لاهوت جي سالڪ سڌيرن کي ڏٺم

جن کي گنجي گام جي پيئي اچي پرتئون پڻي

لوچي لاهوتي ٿيا ۽ ننڊ وسري وين گهڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org