”اَيُڌيا جي نگريءَ ڏي ويندو ضرور،
وٺي نيشڌ منهنجي کي ايندو ضرور!
”نه آندائين، ڏيندو ڪا اُن جي خبر،
ٻڌايان ٿي سچ توکي مان سربسر!
”ڏسي پنهنجي ڀيميءَ کي ڏاڍو ملول،
ڪيو ماءُ اُن جي خوشيءَ سان قبول،
”سڏايو دمنتيءَ اُهو شاد ڪام،
برهمڻ ڀلارو ۽ ”پرڻاند“ نام،
”چيائينس: ”وٺ مال ڌن خوش ٿي وڃ،
۽ ٻيهر به ڀيرو اسان کان نه ڀڃ!
”جي آيو هِتي موٽي نَل نامدار،
ته حاصل ڪندين ڌن اَڃا بيشمار!
”وري اُن کي ڀيميءَ هي روئي چيو،
ته ”منهنجي ڪري تو گهڻو ڪجهه ڪيو،
”نه تو جهڙو ڪم ٻيو ڪو ماڻهو ڪندو،
ڪنديس ياد اِحسان مان تو سندو،
”ڀلائي ڪئي آهه تو قربدار!
سگهو اِيندو واپس ڀلارو ڀتار!
”تون آهين بلاشڪ برهمڻ اُتم،
نه مَٽ تنهنجي ڪو آهه تنهنجو قسم!
”برهمڻ مڻيادار، عالي مقام،
ٻُڌو جيئن دمنتيءَ جو ڪلام،
”پَئي تئن سندس دل اُمالڪ ڀڄي،
ڪيائين وٺي دانهن هڪ درد جي،
”دمنتيءَ کي اُن لک دلاسا ڏنا،
چيائين ”نه حيران ٿي نَل بِنا،
”ڪندو اِيشور، اُن کي ڏسندينءَ سگهو،
وڃي پنهنجي مقصد کي رسندينءَ سگهو!
”ٿيو نيٺ پرڻاند خوش بيحساب،
وٺي ڌَن، وريو پنهنجي گهر ڏي شتاب،
”ڀلارو ويو ڀاڳ ٿي اُن سندو،
ويو دل وٽان لک دعائون ڪندو.
”يڌيشٽر، اِنهيءَ بعد جو ڪُجهه ٿيو!
ٻُڌايان اوهان کي ٿو قصو اهو:
”دمنتي نماڻي، غمن جو شڪار،
نه هو جنهن جي دل کي ڪو حاصل قرار،
”سديو اُن سندي سڏ تي حاضر ٿيو،
اڳيان ماءُ جي جنهن کي هن هئن چيو:
”سديو اَڄ تون هتان جلد وڃ،
اَيُڌيا جي نگريءَ ۾ ڀيرو تون ڀَڃ،
”هتان هاڻي اک ڇنڀ ۾ جلدي اُڏام،
رتوپرن کي هيءُ وڃي ڏي سلام:
”دمنتي وري ٿي سويمبر ڪري،
اِنهيءَ ڳالهه ۾ ڪين ٿي ڍَر ڪري،
”اُنهيءَ ڏانهن وڄندا ٿا باجا وڃن،
سَوين راجپر ۽ ٿا راجا وڃن،
”مقرر سويمبر سندو وقت آهه،
مگر ڳالهه هاڻي ڏکي سخت آهه،
”سويمبر جو آهه مقرر جو ڏينهن،
سڀاڻي ڇڏي آهه ٿيڻو پرينهن،
”ٻڌايان هاڪ تنهنجي ٿو اي نيڪ ذات!
ڪري ٿو ڇڏين پل ۾ پيرين کي مات،
”جي توکي وڻي ۽ هينئر ٿي سگهي،
۽ اهڙو ڪُٺن ڪم ٿو تو کان پڄي،
”ته هرگز نه ڪر دير ۽ جلد وڃ،
اِها ڳالهه منهنجي خوشيءَ سان تون مڃ!
”جي اُن ڏينهن ٿي سج جي اُڀرڻ جي وير،
وَريندي وَري وَرُ، دمنتي دلير،
”نه سمجهي سگهي ٿي، اُها اَڌ ڪٺل،
ته نَل آهه جيئرو يا آهي مُئل-
”سديو اُن جو دل سان هنڊايو ڪلام،
آيُڌيا ۾ هڪدم ڪيائين قيام،
”دمنتي هيس جيئن نصيحت ڏني،
رتوپرن کي تيئن چيائين وڃي،
”سديو اُن اڳيان جيئن ڪيو هي ڪلام،
ٿيو خوش اُهو پنهنجي دل ۾ تمام،
”اِنهيءَ لاءِ هُو منهن ۾ سَرهو ٿيو،
جو هو آسرو اُن کي باهوڪ جو،
”اُهو مرد باهوڪ جوڌو جوان،
وڏو جنهن جو دنيا ۾ هو شان مان،
”اُنهيءَ کي چيائين ته ”باهوڪ يار،
تون آهين وڏو تيز گهوڙي سوار!
”اِنهيءَ علم ۾ تنهنجو ثاني نه ڪو،
زماني ۾ اهڙو گياني نه ڪو،
”اِها خاص تو کان مدد ٿو گهران،
ته هڪ ڏينهن ۾ ديس ودرڀ ڏسان،
”اُتي آهه اَڄ مون کي وڃڻو ضرور،
چيو توکي پوندو هي مڃڻو ضرور،
”دمنتيءَ جو آهي سويمبر اُتي،
اُٿي بنجي هَل منهنجو رهبر اُتي!
”اِهو ”ڪُنتي پتر“ آهه دردن جو حال!
ٻڌڻ بعد ڪر اُن تي بيحد خيال:
”جڏهن نامور نَل ٻڌو هيءُ سخن،
ڏريو اُن جو ڏک جي ڪري تن ۽ من،
”ٻڌي اَٺسٺو پنهنجي غمخوار جو،
ٿيو هوش گم اُن مڻيادار جو،
”هزارين ٿيس دل ۾ پيدا خيال،
چيائين ”اهو آهه بلڪل مَحال،
”چيو هوندو هيئن ڪيئن دمنتيءَ ڀلا،
نه سمجهي سگهان ٿو اِها ماجرا!
”ڏکن کان متان آهه بيزار ٿي،
وئي زندگي اُن جي دشوار ٿي،
”اِنهيءَ لاءِ اهڙو اَٿس ڪم ڪيو،
نه منهنجي وَرڻ جو اٿس غم ڪيو!
”متان آهه اِن ۾ سِٽيل ڪو اُپاءُ،
۽ ڳولي ٿي مون سان ملڻ جو بچاءُ!
”حقيقت ۾ ٿي آهي مون کان خطا،
ڇڏيم ظلم جي ڪين ڪا انتها،
”دمنتي نماڻي، سچي، پاڪباز،
سلڇڻي سڀاڳي سدا سرفراز
”اُنهيءَ سان به مون کان ٿي آهي ٺڳي،
اَٿم اُن جي معصوم دلڙي ڀڳي،
”وڏو آهه تحقيق منهنجو گناه،
وٺڻ گهرجي اُن لئه ڌڻيءَ کان پناه،
”وري اِيئن به دل ۾ ٿو جاڳي خيال،
متان اُن جي سر تي هجي ڪو وبال،
”وڇوڙي ۾ منهنجي پريشان ٿي،
غمن ۾ مُرادن جي غلطان ٿي،
”ڪري تَرڪ منهنجو سڄو آسرو،
اِنهيءَ ڏک جي سببان اَٿس ايئن ڪيو!
”حقيقت اِها آهه بلڪ کَري،
جو چنچل مزاج آهه هر اِستري،
”مگر ائين غلط آهه منهنجو خيال،
دمنتي ڪري ايئن، سو آهي محال!
”جڏهن آهه هوءَ خاص ٻارن جي ماءُ،
تڏهن ڪيئن پيو اُن کي اهڙو پُڄاءُ!
”مگر رکجي اِن ڳالهه جي سڀ خبر،
۽ پڌرو ڪجي ڪوڙ سچ سَربَسر،
”سو جلدي ڪندس هٿ حقيقت وڃي،
ڪندس دُور سر تان مصيبت وڃي،
”رتوپرن جي ٿيندي پُوري مراد،
ڪندس پنهنجي دل کي به مسرور، شاد
”حقيقت اِنهيءَ تي هلائڻ قياس،
ٿيو دل ۾ ”باهوڪ“ ڏاڍو اُداس،
”رتوپرن کي هي ڏنائين جواب،
ته اي شينهن راجا، سدا ڪامياب!
”ڪيم حڪم تنهنجو خوشيءَ سان قبول،
ڪرڻ آهه ان لاءِ ڳڻتي فضول!
”اِها ڳالهه هرگز نه آهي ڏُکي،
تون هڪ ڏينهن ۾ ويندين ودرڀ رَسي!
”اِنهيءَ لاءِ ڪر مون تي تون اِعتبار،
نه ڪر ڪابه ڳڻتي ۽ دل ڪين هار!
”ٻڌايان ٿو راجن، اوهان کي بيان،
اِنهيءَ وير نل جو سڄو داستان،
”رتوپرن جي آگيا سان شتاب،
اُهو مرد سورهيه، سدا ڪامياب!
”جوانمرد باهوڪ، جوڌو جوان،
اُتم اُن جو گهوڙي سواريءَ ۾ شان،
”وڃي پهتو اَصطبل ۾ اُن گهڙي،
۽ جاچيائين گهوڙن کي هَر هَر لَڙي،
”رتوپرن ڏاڍي ڪئي ٿي تڪڙ،
۽ کاڌائين اُن لاءِ ٿي ور وڪڙ،
”اِنهيءَ لاءِ هن بيهي گهوڙا ڏٺا،
ته ڪهڙا اِنهن مان هلن ٿا تِکا،
”پيو اِن جي سببان هو ويچار ۾،
۽ گهوڙن کي پرکڻ جي آزار ۾،
”ڪري سوچ هن چُونڊ عمدي ڪئي،
۽ محنت سندس ٿي سجائي وَئي،
”اُهي خوب مشهور گهوڙا هئا،
سنها ۽ سگهارا، تکا پَنڌ جا،
”هئا سونهن ۾ سرس ۽ تيجوان،
۽ ٻلوان، ڪلوان ۽ شيلوان،
”اُهي سِنڌ سهڻيءَ جا ڄاول هئا،
گهڻو تيز تن جا هئا حوصلا،
”هيون تن جون ناسون ۽ کاڏيون وڏيون،
اکيون تن جون ڪاريون ڪنڍيون ۽ ڊگهيون،
”برابر اُهي سڀ هئا رنگ ۾،
نشانين ۾ ۽ نسل ۾، ڍنگ ۾،
”مناسب نه تن کي ٿيو گهٽ چوڻ،
هوا وانگي تن جو هو ڊوڙڻ ڊڪڻ،
”رتوپرن جنهن دم اُنهن کي ڏٺو،
تڏهن خوب ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو،
”چيائين ته ”هي ڇا ڪرڻ ٿو گهرين؟
ڏچي ۾ اَسان کي ٿو ناحق وجهين!
”اِها ڳالهه ڪيئن توکي دل سان لڳي؟
اسان سان مناسب نه آهي ٺڳي!
”هي گهوڙا ته ڏٻرا ٿا ڏيکارجن،
اکين کان اِهي دُور بيهارجن!
”ٿيا ماس کان جن جا ٻاهر هڏا،
ته ههڙو وڏو پنڌ سي ڪيئن ڪندا؟
”چيو تنهن تي ”باهوڪ“ هڪدم کلي،
ته ”راجڻ ڇَڏي ڏي هي ناراضگي!
ذراگهوڙي گهوڙي کي ڏس سربسر،
سندن جسم تي تِرَ اَچن ٿا نظر،
”اُنهن مان ته هڪ نرڙ اُن جي تي آه،
ڏسي جنهن کي نڪريو وڃي واه واه!
”ٻه آهن مٿي تي، ٻه ڇاتيءَ مٿان،
ڪکين پاسرين تي به آهن عيان،
”۽ هڪڙو پٺيءَ تي تون نروار ڏس،
”اَجايو اوهان کي ٿو هي شڪ ٿئي،
ته ”ودرڀ نه رسبو وڃي وقت تي!“
”وڻن پر جي گهوڙا اوهان کي ٻيا،
ته جوڙيان اُنهن کي، مڃي آگيا!
”رتوپرن تنهن تي ڏنو هيءُ جواب،
ته ”باهوڪ“ هردم هجين ڪامياب!
”تون گهوڙي سواريءَ ۾ آهين اُتم،
۽ گهوڙا سڃاڻڻ به تنهنجو ئي ڪم!
”اِنهيءَ فن سندو آهين سلطان تون،
ڪندو عقل کي آهين حيران تون،
”جي گهوڙا ڀَلا ڄاڻين، تن کي تون جوڙ،
۽ جلدي ڪرڻ کان ڪڏهن منهن نه موڙ!
”اِنهيءَ تي اُنهيءَ مرد گهوڙي سوار،
ڪيا چار گهوڙا اُچا آشڪار،
”جي ڌيرج ۽ تيزيءَ ۾ مَٽ پنهنجو پاڻ،
هَوا کي به تن جي پوي ڪين ڄاڻ،
”اُنهن کي اَچي رَٿ ۾ جوڙيو جوان،
۽ ودرڀ ڏي منهن تن جو موڙيو جوان،
”رکي شان ۽ مان راجا هليو،
۽ گهوڙن ڀريل رَٿ ۾ تڪڙو چڙهيو،
”اَچي مُنڍ ۾ اهڙا ته گهوڙا ڦِريا،
جو ڌرتيءَ تي گوڏن جي ڀر ٿي ڪريا،
”مگر پوءِ اي آدمين جا ڌڻي!
وين رمز ”باهوڪ“ جي ڪا وڻي،
”زبردست، ٻلوان، نَل نامدار،
ڪيو تيز گهوڙن کي ٻُچڪار، پيار،
”سندن مَن جڏهن آيو آرام ۾،
تڏهن تيز ڊوڙڻ لڳا گام ۾،
”ڪري سارٿيءَ وارشينه کي سڏ،
وهاريس کڻي نيشڌ گاڏيءَ ۾ گڏ،
ڏنائين سندس هٿ ۾ واڳون ڇڪي،
کنيائين هَلڻ لاءِ چابڪ مٿي،
”اُهي تيز گهورا اُڏاڻا وٺي،
۽ شوخيءَ منجهان خوب کاڻا وٺي،
”هلايو اُنهن کي ٿي باهوڪ اِيئن،
ڪڪر ۾ هجي وڄ جو چمڪاٽ جئن،
”جي ويٺل هئا رَٿ ۾ سي ٿي ڊنا،
اکين تي اُنهن پنهنجي هٿ ٿي ڏنا،
”اُڏاڻا اُهي ڄڻ ته آڪاس ۾،
وڌائون پکين کي به وسواس ۾،
”شريمان، سورهيه، اَيُڌيا ڌڻي،
وئي اُن جي دل کي به ڏڪڻي کڻي،
”جڏهن وارشينه هي چرخو ڏٺو،
۽ گهرڙاٽ رَٿ جو ڪنن سان ٻڌو،
”غضب خيز گهوڙي سواري ڏٺي،
۽ هَلڪڻ سندي هوشياري ڏٺي،
”تڏهن پنهنجي دل ۾ ڪيائين خيال،
ته اِنسان کان آهه هيءُ ڪم محال،
”اِهو آهه اِندر جي ساٿين جو ڪم،
هَڻي ٿو اُنهن جي اڳيان ڪير دَم!
”متان آههِ اِندر جو هيءُ سارٿي،
سندس نام روشن ٿيو ”ماتلي“!
”ڏسو اُن جا باهوڪ ۾ ٿا لَڇڻ،
نه آهي سندس علم آڏو ڪُڇڻ،
”متان ”شالهوتر“ جو جنگي جوان،
ڪيو ”شاستر اَشو“ جنهن جو بيان،
”سڃاڻي ٿو گهوڙن جي بنياد کي،
لڄائي ٿو باران ۽ باد کي،
”اُنهيءَ آهه، ماڻهن ۾ ٿي آشڪار،
ڪيو روپ باهوڪ جو اختيار،
”متان آهه راجا اُهو پارسا،
لڌي سوڀ جنهن دشمنن تي سدا!
”سندس نام ٻڌجي ٿو نروار ”نل“،
سُلڇڻن سچارن جو سينگار نل!
”اِنهيءَ لاءِ هو دل ۾ سوچڻ لڳو،
ـ مَن پنهنجي ۾ خوب لوچڻ لڳو،
ته ”ممڪن اِهو آهه جو هِت کڻي،
رَسيو آهه نل وير ڌرتيءَ ڌڻي!
”هي باهوڪ، نل جو ٿو ڄاڻي هنر،
مشابهه ٿيو اُن سندو سربسر!
”نه آهن فقط شڪل و صورت ۾ هڪ،
ٿيا نل ۽ باهوڪ عادت ۾ هڪ،
”مگر آهه منهنجو غلط هيءُ خيال،
ٿيڻ نل جو باهوڪ آهي محال،
”نه نل جي برابر گياني ڪو آهه،
نه اُن جو زماني ۾ ثاني ڪو آهه،
”وري اِيئن به ممڪن ٿو جڳ ۾ ٿئي،
مهاآتما ٿو بدلجي گهمي،
”ڪري شاستر تي عمل بي حساب،
مِٽائي ٿو صورت کي پنهنجي شتاب،
”سڄو روپ اَصلي ڇپائي صفا،
لِڪي ٿو گهمي پرٿويءَ تي سدا،
”وروپ اُن سندا آنگ آهن ٿيا،
ڦريل شڪل جا رنگ آهن ٿيا،
”اِنهيءَ لاءِ ساڳيو نه ڏسجي ٿو اَڄ،
پري کان ئي پڌرو نه پسجي ٿو اَڄ،
”مگر باوجود ان جي سچ ٿو چوان،
نه مان ڀيد ڪو پنهنجي مت ۾ رکان،
”هي آهي ته نل، منهنجو من ٿو چوي!
پتو اُن جو پورو ٿو هن مان پوي:
”جو نل جيڏو ڏسجي ٿو قد ڪاٺ ۾،
۽ هڪ جهڙو ڳالهين ۾ ۽ ماٺ ۾،
”فقط روپ هن جو ڦريل ٿو ڏسان،
ٻِيا نقش ساڳيا ٿو پڌرا پسان،
”ڏسي اهڙو باهوڪ لڇڻ ڀريو،
اَچي دل ٿي اُن ڏانهن هڪدم وريو،
”يقيناً انهيءَ کي ٿو مان نل چوان،
سُڃاڻپ ۾ ٿو ڪين پُٺتي پوان!
”مهاراج، هاڻي حقيقت ٻُڌو!
حقيقت پرايو نصيحت ٻڌو!
اُهو وارشينه، جو هو سارٿي،
اَڳي نوڪري جنهن ٿي نل جي ڪئي،
”اُنهيءَ جئن ڏٺو هيءُ پرين پاڪباز،
سُلڇڻو، سڀاڳو، سدا سرفراز،
”ٿيس دل ۾ ويچار پيدا هزار،
لکين پهه پچائڻ لڳو بار بار!
”رتوپرن راجا به وَرتو عجب،
ڪيو رَٿ جي گهوڙن هلڻ ۾ غضب!
”ٿيو وارشينه ٿي حيران جيئن،
غمن ۾ بڻيو هيءُ به غلطان تيئن،
”ڏسي اهڙي باهوڪ جي روئداد،
ٿيو پنهنجي دل ۾ گهڻو خوش ۽ شاد،
”ٻنهي ڌيان هن جي کي يَڪسُو ڏٺو،
۽ گهوڙن جي واڳن کي قابو ڏٺو،
”ڏسي هن جو اُتساه، حيلا هُنر،
دلين ۾ ٿيا پنهنجي خوش سربسر،
”اُڏاڻو اُهو رٿ ۽ گذريو نه پل،
لنگهيو بَن، نديون ۽ ڍنڍون، پٽ، جبل،
”اِنهيءَ رَٿ منجهان اِيئن ٿي تيزي بکي،
اُڏامي ڪو آڪاس ۾ جيئن پکي،
”انهيءَ رٿ جي هلندي ڪو ڦيرو ڦريو،
”ڀَنگاسر نرپ“ جو دوپٽو ڪريو،
”اُهو وير راجا جو رٿ تي سوار،
رتوپرن نالو سندس آشڪار،
”سندس نام جوڌن ۾ شامل ٿيو،
پَرين کي به جنهن پنهنجي تابع ڪيو،
”تڪڙ مان چيائين هيءُ نل وير کي،
ته ”ڪجهه وقت رَٿ کي اِتي ڇڏ جهلي،
”ذرا ٿَڪ ڀڃي، چين پائي وٺان،
۽ چادر به پنهنجي کڻائي وٺان.
”چياين: ”مهامن ۽ ٻڌوان ٻڌ!
سلڇڻا، بهادر ۽ ٻلوان ٻڌ!
”تون جلدي هنن تيز گهوڙن کي جهل،
هواباز پرجوش جوڙن کي جهل،
”ته مان وارشنيه کي لاهيان هتي،
جلدي کڻي منهنجي چادر اچي،
”ڏنو نيشڌ تنهن تي اُمالڪ جواب
ته ”اي راڄ پرور سدا ڪامياب!
”اُها تنهنجي چادر رهي دور آهه،
”هينئر رَٿ ٻه سوَ ڪوهه آهي پري،
اُنهيءَ ڏانهن ٿو ڪير واپس وري،
”کڻي ڪين سگهندين تون اُن کي کَري!
”چيو نيشڌ اِئين، بعد اُن جي هَليو،
اُنهيءَ کان به وڌ رَٿ جو چرخو چَليو،
”اَچي جهنگ هڪڙي ۾ هڪدم پُڳا،
ڀِلاوَن جا جنهن ۾ گهڻا وڻ هئا،
”ڀنگاسر نرپ تن جو ميوو ڏسي،
چيو وير نل کي ته ”اي سارٿي!
”ڳڻڻ ۾ تون ڏس هاڻي منهنجو ڪمال،
نه منهنجي اڳيان آهه ڪنهن کي مجال!
”نه سڀڪنهن کي هن علم جي ڄاڻ آهه،
رتوپرن ئي پنهنجو مَٽ پاڻ آهه،
”سُجهي ڪين ٿو ڪوبه ماڻهو ڪٿي،
جو هن علم ۾ خوب ماهر هجي!
”تون باهوڪ هن وڻ ڏي هيڪر نهار،
۽ اُن ۾ جي ڏسجن ٿا پن بيشمار،
”سي هڪ سؤ ۽ هڪ تن کان آهن وڌيڪ،
جي ڌرتيءَ تي آهن ڪريل ٺيڪ ٺيڪ،
”وري جيڪي ڦل هيٺ آهن پيا،
مٿين کان سي هڪ سو ۽ هڪ گهٽ ٿيا،
”پنن جا جي شاخن ۾ ڏسجن ٿا کوڙ،
ڳڻڻ ۾ اُهي پنج آهن ڪروڙ،
”ٻڌايان ٿو ڪل توکي ميون جو گنج،
ٻه آهن هزار اُن ۾ نوي ۽ پنج،
”تون شاخون ۽ ٽاريون پَٽي ڏس ڀَلي،
۽ منهنجي ڳڻت کي ڳڻي ڏس ڀَلي!
”ڇڏيو رٿ کي روڪي ٻڌڻ سان اِهو،
۽ راجا کي باهوڪ بيهي چيو-
”ته ”راجن، لکن جي پُڄائين ٿو آس!
۽ پل ۾ ڪرين دشمنن کي ٿو ناس،
”چوين جيڪي تون ٿو سو آهي ڳجهو،
اِنهيءَ کي ڀلا ڪير چوندو سچو!
”ڀلاوا اِجهي مان ڇني ٿو وٺان،
سڄي آزمائش ڪري ٿو ڏسان،
”ڳڻڻ سان نه رهندي ڳجهائي ڪڏهن،
لڪي ڪين سگهندي سچائي ڪڏهن،
”مهاراج، تنهنجي اڳيان ٿو ڇنان!
ڀلاوا سمورا ڳڻي ٿو وٺان!
”اڳيان تنهنجي ويهان ٿو پَلٿي هَڻي،
نظر ڪر ڳڻڻ تي تون ڌرتيءَ ڌڻي!
”چوڻ تنهنجي تي ڪين آهي يقين،
اَجايو نه پيرن منجهان ڪڍ زمين،
”اُٿي وارشنيه تون واڳون وراءِ،
نه ڪر دير، وک پنهنجي اڳتي وڌاءِ!
”ڏني تنهن تي راجا وراڻي شتاب
ته ”اي سارٿي ڏي نه آڏا جواب!
”جڳائي نه ٿي هاڻي توکي اَوير،
سگهو ٿيءُ، رکون شهر ودرڀ ۾ پير!
”چَيس تنهن تي باهوڪ ڪاوڙ ڪري،
”نه منهنجي ڳڻڻ کان سوا ٿي سَري،
”جي تڪڙو هجين آهه رستو اِهو،
وٺي وارشنيه کي گڏ وَڃ سڌو!
”اِهو سارٿي تنهنجو تو ساڻ آهه،
اِنهيءَ کي ته مون کان گهڻي ڄاڻ آهه!
”ٻڌو، ”ڪرونَندن“، ڪهاڻي اِها!
ٻڌايان ٿو کولي سڄي ماجرا،
”رتوپرن هن کي ڌتاري چيو-
سندس ضد ۽ غصي کي ٺاري چيو-
”ته ”باهوڪ، تون ئي ٿئين سارٿي،
جَڻيندي نه تو جهڙو ڪو پرٿوي،
”فقط تون ئي ڄاڻين ٿو گهوڙن جو علم،
”فقط تنهنجي آڌار سببان سڄڻ،
ٿيو آهه ودرڀ ڏي منهنجو هلڻ،
”اَٿم آسري تنهنجي سان دل اَڙي،
جڳائي نه توکي وجهڻ ڀڃڪڙي،
”گهرين جيڪي مون کان سو توکي ڏيان،
ٿيو آهين دلگير دل ۾ متان!
”فقط اَڄ سج لهڻ کان اڳي،
نظر مون کي ودرڀ جي نگري اَچي!
”ڪيو تنهن تي باهوڪ اُن سان ڪلام،
ته ”اي نيڪ راجا سچا نيڪنام!
”کپي منهنجي هيءَ ڳالهه توکي مڃڻ،
فقط ڇڏ تون مون کي ڀلاوا ڳڻڻ،
”اُنهيءَ بعد ودرڀ به رسبو شتاب،
۽ مقصد ۾ جلدي ٿبو ڪامياب.
”ٻڌي پنهنجي مرضيءَ وٽان برخلاف،
چيو هن کي راجا ته ”توکي معاف!
”تون گهوڙن جو آهين گياني اُتم،
تو حاصل ڪئي ڪامراني اُتم،
”ڏٺي تنهنجي سهڻي صداقت اَٿم،
ڏني توکي هاڻي اجازت اَٿم،
”ڀلي هڪڙو پاسو تون شاخن جو کڻ،
۽ بيشڪ اُنهن جي ڦلن کي تون ڳڻ،
”جي منهنجي چوڻ تي ڪرين ٿو يقين،
نه پيرن منجهان تنهنجي نڪري زمين.“
نل جو رتوپرن وٽان ردايه اکر سکڻ ۽ ڪليءَ
جو سندس جسم مان ٻاهر نڪرڻ
”رتوپرن جو اهڙو گفتو ٻُڌي،
سگهو آيو باهوڪ رَٿ تان لهي،
”ڇني وڻ جون شاخون لڳو ڦل ڳڻڻ،
ڳڻڻ ۾ نه تر جيڏي ڀل چُڪ ڪرڻ،
”ڳڻڻ بعد حيران ڏاڍو ٿيو،
۽ راجا کي واڪو ڪري هيئن چيو:
.ته ”ڦل اوترائي مون آهن ڏٺا،
هئا جيڪي تو پنهنجي واتان چيا!
”ڪرشمو اِهو تنهنجو بيشڪ ڏٺم!
”مگر تنهنجي باهوڪ جو عرض آهه،
۽ تنهنجو انهيءَ کي مَڃڻ فرض آهه،
”اِها ڄاڻ حاصل ٿي جنهن علم مان،
اُنهيءَ علم کي مان سکڻ ٿو گهران!
”وڃڻ لاءِ تڪڙو رتوپرن وير،
بهادر سُلڇڻو ۽ سالڪ سڌير،
”ڏنو پنهنجي باهوڪ کي هيءُ جواب:
”ردايه اکر“ جو ٿو ڄاڻان حساب،
”جوا جيڪا ڍارن سندي ٿي ٿئي،
اُهو علم مون کان اچي ڪو پُڇي،
”ڳڻڻ ۾ وڏو هڪڙو پنڊت ٿيس،
۽ ويرن مٿان هڪ مصيبت ٿيس!
”ڪيو تنهن تي باهوڪ ٻيهر ڪلام
ته اي راڄ پرور، سچا، نيڪ نام!
”ڀلائيءَ کي ڪر پنهنجي اظِهار تون،
اِهو علم مون کي به سيکار تون!
”وري آشو وديا تون سک مون وٽان،
سراسر اِها ڳالهه سچ ٿو چوان!
”رتوپرن کي پاڻ ان جو هو شوق،
۽ اُن جي سکڻ جو رکيائين ٿي ذوق،
”مگر ديس ودرڀ ۾ وڃڻو هئس،
۽ مقصد وٽان ڪين هَٽڻو هئس،
”رکي دل ۾ اِن لاءِ حسرت تمام،
ڪيائين هي باهوڪ سان جهٽ ڪلام:
”چوين جيڪي تون ٿو سو سڀ آهه ٺيڪ،
مگر ڪين ترسڻ گهران ٿو وڌيڪ،
”ردايه اکر سک ڀلي مون وٽان،
اَمانت ٿو مان ”آشووديا“ رکان،
”جڏهن مون کي پوندي ضرورت اچي،
تڏهن تو وٽان پاڻ وٺندس سکي!
”رتوپرن ان بعد باهوڪ کي،
وڌو علم ڍارن جو سارو ڏَسي،
”سکيو نل ٿي جنهن دم ردايه اکر،
”ڪليءَ لاءِ محشر مَتو سربسر،
”سگهو دل ۾ جاڳيس اچي هي خيال،
ته ”نل جو اجهو ٿيندو مقصد بحال،
”سکي علم ”پشڪر“ تي قبضو ڪندو،
کلي بخت ويندو وري اُن سندو،
”دمنتي به اُن کي اِجها ٿي ملي،
اِجها مون کي جبري سزا ٿي ملي!
”سگهو نڪتو باهوڪ جي جسم مان،
ٿيس وات مان زهر هڪدم روان،
”اُهو نانگ ڪرڪوٽ اُڇليو هو زهر،
ڪيو هن تي نازل هو هر وقت قهر،
”ڪڍيائين اُهو زهر اُلٽيون ڪري،
وڌائين سڄو فرش تن سان ڀري،
”سندس جسم کي زهر پيڙي ڇڏيو،
سندس دل کي هڪ باه ڀيڙي ڇڏيو،
”دمنتيءَ جي هن کي هئي بد دعا،
ٻريس جسم ۾ ٿي اُلا باه جا،
ٿيس دُور اُلٽين منجهان سڀ اَثر،
ٿڌي جسم ۾ باه ٿي سربسر،
”ڪليءَ جو هو جيئن نل ۾ واسو ٿيو،
صفائيءَ جو اُن کان هو پاسو ٿيو،
”رهيو ٿي گهڻو وقت ناپاڪ ٿي،
سندس بت ٿي هردم ڄميل خاڪ ٿي،
”ڪليءَ“ وات مان جيئن ته اُلٽي ڪري،
ڪيو جسم مان زهر بلڪل پري،
”۽ پنهنجو اڳيون روپ ڌارڻ لڳو،
بُرا حال پنهنجا سڌارڻ لڳو،
”اُنهيءَ وقت نل وير ڌرتيءَ ڌڻي،
ڪئي پنهنجي دشمن تي ڪاوڙ گهڻي،
”ڪيائين ٿي اُن کي تَپي بد دعا،
سندس حال حيلا ٿين ها بُرا،
”مگر خوب ڊڄندي ڪليءَ بدنصيب،
ڪيو نيشڌ کي عرض بنجي غريب،
”مهاراج، ڪاوڙ نه ايڏي ڪريو،
ذرا ڌيان نالي تي پنهنجي ڌريو،
”ڪندس نذر تنهنجي اَجورو اُتم،
۽ قربن ڀريا تنهنجا چمندس قدم،
”مڃيندين تون جي عرض منهنجو خسيس،
ته روحن جي عالم ۾ رهندين رئيس؟
”ذرا غور سان ٻُڌ تون نل نامدار،
حقيقت ٿو پنهنجي ڪريان آشڪار!
”پرايو جڏهن پنهنجو ساڙي سهاڳ،
”اِندرين“ جي ماءُ توکان تياڳ،
”تڏهن ان کي چڙ آئي بي اِنتها،
۽ مون کي ڏنائين وڍي بددعا،
”اُنهيءَ جي ڪري مون گهڻو ڏک ڏٺو،
۽ بلڪل بُرو حال منهنجو ٿيو،
”بهادر زبردست جوڌا جوان،
اِهو آهه منهنجي ڏکن جو بيان!
”رهيم جسم تنهنجي ۾ واسو ڪري،
۽ توکي ستايم ذري ۽ ذري،
”مگر نانه ڪرڪوٽ آيو جڏهن،
ٿيو منهنجو برباد سڀ ڪجهه تڏهن،
”سندس زهر سان ٿي سڙيس رات ڏينهن،
وسيو مون تي هردم مصيبت جو مينهن،
”هينئر تنهنجي قدمن ۾ آهيان ڪريو،
خيالن جو پڻ آهه چرخو ڦريو،
”اِها ڳالهه منهنجي سدا ياد ڪر،
گذاريان ٿو ناشاد، تون شاد ڪر!
”جڏهن ماڻهو تنهنجي حڪايت ڪندا،
۽ دنيا ۾ تو سان محبت ڪندا،
”تڏهن هوندو تن کي فقط تنهنجو کپ،
ڪليءَ جو اُنهن کي نه رهندو ڪو ڊپ،
”اِنهيءَ لاءِ ٿو پيش تنهنجي پوان،
ڏَڪي ۽ ڪنبي هيءُ ٿو توکي چوان-
”ته مون کي هينئر تون نه ڪر بددعا،
گناهن جي مون کي نه ڏي تون سزا!
”ڪليءَ جي اِها آهه زاري ٻُڌي،
ڍري پنهنجي نل وير ڪاوڙ ڪئي،
”اِنهيءَ تي ڀِلاون جي وَڻ ۾ هلي،
ڪيو پنهنجو پرويش هڪدم ڪلي،
”اِنهيءَ ريت نل آڏو ڳالهيون ڪري،
ڪري پنهنجي دل مان ڪدورت پري،
”ڀِلاون جي وڻ ۾ ڪلي گم ٿيو،
۽ وڻ کي کڻي پاڻ سان هڪ ڪيو،
”ڪليءَ کان جڏهن جند آزاد ٿي،
”تڏهن وير نل، نيڪ دل، نيڪ ذات،
ڪيو پنهنجي ويرين کي جنهن پل ۾ مات،
”ڳڻي ڦل ڀلاون جا پَرسن ٿيو،
سندس خوار بدحال دشمن ٿيو،
”نئون نور چمڪيو سندس جسم مان،
سندس سونهن جي لاءِ مان ڇا چوان!
”اُنهيءَ بعد پُرنور نَل نامدار،
ٿيو تيز گهوڙن جي رٿ تي سوار،
”سگهو ديس ودرڀ ڏي راهي ٿيو،
وري رَٿ هوا ۾ اُڏامڻ لڳو،
”ڪليءَ جو ڀلاون ۾ واسو ڪيو،
سندس ڦل اُمالڪ نڀاڳو ٿيو،
”نه اُن ۾ رهي ڪابه ٿوري مٺاڻ،
ٿي پيدا منجهس زهر جهڙي ڪَڙاڻ،
”اُنهيءَ ڏينهن کان آهه هن تي ڌِڪار،
لهي ٿو نه اُن جي چکڻ جي ڪو سار،
”اُنهيءَ بعد باهوڪ مسرور ٿي،
رَتوپرن جي آڏو منظور ٿي،
”اُنهن تيز گهوڙن کي هڪلڻ لڳو،
پکيءَ وانگي پرواز جن ٿي ڪيو،
”رسيو نيٺ ودرڀ کي ويجهو اَچي،
۽ پيدا ٿيس دل ۾ بيحد خوشي،
”ڏسي وير نل کي اکين کان پري،
ڪلي پنهنجي گهر ڏي ويو دَم جهلي،
”- ڪليءَ کان جو نَل وير آجو ٿيو،
۽ پنهنجو اڳيون روپ حاصل ڪيو،
”سو ڪجهه وقت جا ڏک مصيبت سهي،
پريشان بنجي هلاڪت سهي،
”نشڌ جو وڃي نيٺ راجا ٿيو،
۽ هرڪو سندس گيت ڳائڻ لڳو-
”اُنهيءَ بعد آخر سُلڇڻو سچار،
رتوپرن راجا، اُتم، نامدار،
”وڃي ديس ودرڀ ۾ داخل ٿيو،
لٿو سج نه هو، وقت هو شام جو،
”خبر ڀيم راجا کي ماڻهن ڏني،
ته ”آيو رتوپرن آهي هَلي-
ڏني ڀيم راجا اُن کي اجازت جڏهن،
پڳو شهر ودرڀ جي اَندر تڏهن،
”سندس رٿ جو آواز اهڙو اُٿيو،
جو هر هڪ طرف ڏي پکڙجي هليو،
”اُهو وارشنيه، جو هڪ سارٿي،
ڪئي نوڪري جنهن رتوپرن جي،
”وٺي آيو جو هو دمنتيءَ جا ٻار،
ڪري تن کي هڪ عمدي رٿ ۾ سوار،
”اِندرسين، اِندرا، نشڌ کان هليا،
اَچي ديس ودرڀ ۾ سالم رسيا،
”رهيا پنهنجي ناناڻي گهر شاد ٿي،
ويو تن جو دُک درد برباد ٿي،
”سندن رٿ به ساڳيو هو بيٺل اُتي،
ڇڏيو وارشنيه هو جنهن کي جتي،
اُهي نل جا گهوڙا به بيٺل هئا،
ٻُڌي رٿ جو آواز هِڻڪڻ لڳا،
”ٿيا اهڙا خوش هيءُ نئون رٿ ڏسي،
هُين جهڙي نل جي هٿن ۾ خوشي-
”رتوپرن جي رٿ جو اهڙو هو گوڙ،
وجهي وڄ ٿي جئن بادلن ۾ وڳوڙ،
”دمنتيءَ به آواز رٿ جو ٻُڌو،
۽ اُن کي نهايت تعجّب لڳو،
”هلايو ٿي جيئن رٿ کي نل نامدار،
۽ هڪليو ٿي گهوڙن کي جيئن هن سوار،
اُنهيءَ ريت هن رَٿ جي حالت هئي،
۽ آواز ۾ ساڳي طاقت هئي،
”دمنتيءَ ۽ گهوڙن ٻنهي کي لڳو،
هيءُ آواز نل وير جي رَٿ سندو:
گهميا جيڪي ٿي مور محلات ۾،
لڳا سي به هن رٿ سنديءَ تات ۾،
”طبيلن ۾ هاٿي ۽ گهوڙا وري،
ٻُڌي رٿ جو آواز بيٺا ٺري-
”وَسي مينگهه ۽ خوب کنوڻيون کنون،
۽ اُن ۾ اهي خوش ٿي آواز ڪن،
”اونهيءَ ريت هاڻي به پَرسن ٿيا،
۽ ساڳيائي آواز اُٿارڻ لڳا:
”دمنتي به هيءَ دل ۾ سوچڻ لڳي،
۽ مَن پنهنجي ۾ خوب لوچڻ لڳي،
”ته آواز ڪهڙو نه آهي مٺو،
زمانو سڄو جنهن تي شيدا ٿيو!
”ٻُڌي اُن کي دل آهه مسرور ٿي،
ويو آهه سڀ درد ڪافور ٿي!
اُنهي لاءِ دل ٿي ڏئي شاهدي،
ته آمد اِها آهه نَل وير جي!
”جي ڏسنديس نه اڄ پنهنجو نل نامدار،
اُهو چنڊ جهڙو سُلڇڻو سچار،
”ته ديدار کان اُن جي محروم ٿي،
مصيت جي ڦندي ۾ مظلوم ٿي،
”ڪنديس خاتمو پنهنجي هن ساه جو،
پتو ڪونه لهندو مون بيواه جو!
”نه ڀاڪر ۾ وٺنديس جي نل وير کي،
جي ملندي نه راحت مون دلگير کي،
”ته جيئري نه رهنديس ۽ وينديس مري،
اِها آهه بلڪل حقيقت کري!
”اُهو نل، جو دل کي ٿو پيارو لڳي،
۽ هر وقت ٿو مينگهه وانگر گجي،
”جي مون وٽ نه اَڄ ايندو پيرا ڀري،
۽ مون تي سوين مهربانيون ڪري،
”ته سڙينديس اُنهيءَ باهه ۾ چاه مان،
جا ٻهڪڻ ۾ هوندي تکي سون کان!
”جي اِيندو نه مون وٽ اُهو نل نفيس،
سگهارو، ببر شير، راجا رئيس،
”ٿيو مست هاٿي، جو رفتار ۾،
زياده زبردست پيڪار ۾،
”ته وينديس مري ۽ ڇڏينديس جهان،
اِنهي ۾ نه آهي ڪو هرگز گمان!
”جي ٻوليو ڪڏهن ڪوڙ نل وير آهه،
اَجايو ڪيو ڪنهن کي دلگير آهه،
”ڪئي آهه بيسود ڪنهن جي گِلا،
ڏني آهه بي ڏوهه ڪنهن کي سزا،
”ته ڀُلجي به ڳالهيون اُهي خواب ۾،
لکيم پنهنجي تقدير جي باب ۾!
”نه آهي ڪڏهن ياد اُن جو ڪو ڏک،
هميشه سندس ڏک به سمجهان ٿي سک!
”اُهو صبر وارو، سدا ڀاڳوند،
بهادر ۽ دانا ۽ دل کي پسند،
”سڀن حاڪمن کان ٿو ڏسجي اُتم،
ڪُڌو ڪين اُن کان ٿيو آهه ڪم،
”رَهي چڙ وٽان ٿو سدائين پَري،
تحمل تي ٿو ڌيان هردم ڌَري –
”رهيس نل سنديءَ ياد ۾ رات ڏينهن،
وسايم اکين مان مصيبت جا مينهن!
”سندس گڻ ٿيا ياد دل کي سدا،
ڪيو هجر برباد تن من سدا!
”اِها دل ڏکن کان ٿي ڦاٽي ڏري،
جدائيءَ جون هردم ٿي دانهون ڪري!
نل جو رتوپرن وٽان ردايه اکر سکڻ ۽ ڪليءَ
جو سندس جسم مان ٻاهر نڪرڻ
”اِنهيءَ ريت بيوس دمنتي غريب،
هئي آه و زاري ڪندڙ بدنصيب،
”سڙي ۽ پچي ٿي سدا جوش ۾،
هئي ڪين ثابت قدم هوش ۾،
”انهيءَ بعد اُن نل جي ديدار لاءِ،
سدا پاڪ محبوب جي پيار لاءِ،
”چڙهي چاه مان پنهنجي محلات تي،
نه غالب پَئي دل سَنديءَ تات تي،
”وڃي بيٺي وچ واري هڪ جاءِ تي،
۽ قائم رهي دل سنديءَ راءِ تي:
”ڪيائين جو رَٿ ڏانهن هڪڙي نظر،
ته ويٺل ڏٺائين سي سورهيه سٻر،
”رتوپرن راجا ۽ باهوڪ شير،
ٽِيون وارشنيه، جو دانا دلير،
”لٿا رَٿ منجهان گڏ سي سورهيه سُڌير،
اُهو وارشنيه ۽ باهوڪ وير،
”سگهو پنهنجي گهوڙن کي ڇوڙڻ لڳا،
سُٺي جاءِ تن لاءِ جوڙڻ لڳا،
ٻَڌائون اُنهن کي محبّت وچان،
سندن سنج لاهڻ لڳا سِڪ منجهان:
”رَتوپرن رَٿ تان اُمالڪ لهي،
ويو ڀيم راجا جي آڏو ڪهي-
”اُهو ڀيم، جيڪو سخي ۽ سَچار،
بهادر، خدا دوست ۽ نامدار-
”ڪيائين رتوپرن جي آجيان،
مليو اُن کي سڪ ۽ محبت منجهان،
”وٺي اُن کي پنهنجي جڳهه تي ويو،
سندس سوڀيا تي گهڻو خوش ٿيو،
”رتوپرن جنهن تي نظر ڀيم جي-
سندس خاص مهمان ۽ صحبتي-
”سندس دل ۾ مخفي دمنتيءَ جو نينهن،
”ڪنڊنپر، ۾ گهاريائين ٽي چار ڏينهن،
”نهاريائين رستا ۽ جايون تمام،
نه آيس نظر اهڙو ڪو اِنتظام،
”سويمبر جو ڏسجي جتي چهچٽو،
هجي جنهن جڳهه قرب جو اَٺسٺو،
”انهيءَ بعد ودرڀ پتي، ڀيم وير،
سخا سان ڏني جنهن سَون کي سُڌير،
”رتوپرن کان هيءَ ڪيائين پُڇا،
ته ”سچ صاف چئو مون کي سورهه سچا!
”هتي اوچتو تنهنجو مون وٽ اَچڻ،
حڪومت جا ڪم ڪار پنهنجا ڇڏڻ!
”ٿيو ڪهڙي مقصد تي اُن جو مدار؟
حقيقت اِها ڪر سگهو آشڪار!
”نه سَمجهي سگهيو ڀيم راجا اِهو،
ته ”آهي اِنهيءَ ۾ ڪو رولو وڏو،
”رتوپرن آيو جو آهي هتي،
سويمبر دمنتيءَ جو سمجهي ڪري!
”رتوپرن پڻ ڏاڍو ششدر ٿيو-
اُهو عقل ۽ ماڻهپي جو ڏيو-
”نه وڄندا ڏٺائين ڪي باجا اُتي،
نه ڪو راجپتر ۽ نه راجا اُتي!
”نه آيو ڪهي ڪو سويمبر جي لاءِ،
سلڇڻيءَ، سڀاڳيءَ ۽ اپڇر جي لاءِ!
برهمڻ نه ٽوليون بنائڻ لڳا،
نه پڻ ڪا سويمبر سندي وارتا!
رتوپرن کي ڏاڍي ڳڻتي لڳي،
چيائين ته ”هِن هنڌ ڦاٿس اَچي،
”پريشان بنجي اِنهي حال ۾،
۽ ڦاسي خيالن جي جنجال ۾،
”اڳيان ڀيم جي هيءُ ڏنائين جواب
ته ”اي وير راجا“ سدا ڪامياب!
”هِتي آيو آهيان سلامي ڀرڻ،
نمسڪار، درشن اوهان جو ڪرڻ،
اُنهيءَ تي ڪيو ڀيم دل ۾ خيال،
ته ”آهي اِها ڳالهه بلڪل مَحال-
”اَچڻ هِن جو منهنجي نمسڪار لاءِ،
مصيبت سهڻ منهنجي ديدار لاءِ!
”سڄا چار سَو ڪوهه منزل ڪرڻ،
گهڻا ملڪ جهاڳڻ ۽ ڏونگر ڏرڻ-
”اِنهيءَ جو ڀلا آهه ڪهڙو سبب؟
ڪجي ڇو نه اهڙيءَ هَلت تي عجب!
”رتوپرن پنهنجي اَچڻ جو بيان،
اَڌورو ٻڌائي ٿو، آهي گمان!
”مگر ان جو ڪهڙو به ڪارڻ هجي،
اُنهيءَ لاءِ ڳڻتي نه هرگز ڪجي!
.سگهو مون کي پوندي سموري خبر،
ته ڪهڙي نموني جو آهي سفر!
”برابر پڳو آهه ديدار لاءِ،
گهمڻ ۽ ڦرڻ ۽ نمسڪار لاءِ،
”سچو آهه يا آهه ڪوڙو صفا،
کُلي پوندي ازخود سڄي ماجرا،
”اِهو پنهنجي دل ۾ سمائي گمان،
ڏنائين رتوپرن کي شان مان،
”چيائين اُنهيءَ کي وڏي چاهه مان،
|