سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :46

نل دمينتي

”يڌشٽر“ ۽ ”ڀيم“ جي ”رشي بره وشو“ سان ملاقات

 

بنهه بَن ۾ ويٺا ”يُڌشٽر“ ۽ ڀيم“

ٿي ڳالهين ۾ تن جي طبيعت سليم،

خوشيءَ مان ڪيائون ٿي جيئن گفتگو،

ٿين ”برهه وِشو“ اوچتو روبرو،

جو هڪڙو رشي هو مهاڀاڳ هو،

يُڌشٽر ڏني اُن کي عزّت گهڻي،

چيو ڀيم ”آئين ڀَلي اَي ڌڻي!“

يُڌشٽر تي راضي هو پَرماتما،

جو هو ڌرم راجا ۽ ڌرم آتما،

سو هو ڌرم چاري رشي باڪمال،

اِنهيءَ لاءِ اُن جو ڪيائين خيال،

لکيل شاستر ۾ هو جهڙيءَ طرح،

ڪيائين ادب اُن جو تهڙيءَ طرح،

پيالي ۾ اُن کي ڀَري بيحجاب،

”مَڌُو پَرڪ“ آڻي ڏنائين شتاب،

هُئي ان ۾ پهريون ته ماکي مليل،

ڏهي، کير، گيهه کنڊ اُن ۾ گڏيل،

رشيءَ اُن کي کاڌو گهڻي شوق سان،

نه آندائين دل ۾ ڪو وهم ۽ گمان،

ڀري پيٽ پنهنجو لڳو ٿڪ ڀڃڻ،

بنا فڪر ڳڻتيءَ جي راحت وٺڻ،

ڪري ننڊ آرام تازو ٿيو،

پتو ڪنهن به ڏک جو نه اُن کي پيو،

يڌشٽر به خوش بخت هو خوش بيان،

وڏو ڌرم جو هڪ بهادر جوان،

اَچي اُن جي آسڻ تي ويٺو شتاب،

ٿيس اُن جي ڀَر ۾ خوشي بيحساب،

ادب سان ڪيائين هي اُن سان ڪلام،

ٻڌو التجا منهنجي، اَي نيڪنام!

”نه ايندي هئي مون کي ڍاري جي راند،

مگر هاءِ قسمت، ٿيس اُن ۾ باند،

”جُوا ۾ جي قابل جُواري هئا،

دغا سان ڪندا پنهنجي ساري هئا،

”اُنهن مون کي مڪر ۽ دغا سان سڏيو،

کٽي راڄ ڌن، ڪجهه نه باقي ڇڏيو،

”وري منهنجي پياري شريڪِ حيات،

ڇڄي ويئي مون کان، نه پُڇ واردات،

”سڏي اُن کي محفل ۾ ايا شتاب،

جوا جا وڌائون، وري پيچ تاب،

”ويا مون کان جيتي سهاڳڻ سڄاڻ،

ڪري مفت بدنام بيوس اَڄاڻ،

”ڍڪيم مرگ ڇا لاءِ برپٽ جو ويس،

هليس بَن ڏي ڪاهي، ڇڏي پنهنجو ديس،

”ڪري ظلم مون سان ڇڏايائون جاءِ،

تڙايائون بنواس ڀوڳڻ جي لاءِ،

”اِنهن بَن جي بڇڙين ڀٽن ۾ رهي،

ويس درد غم سان سراسر ٺهي،

”هئا جي جُواري ۽ ظالم ڪٺور،

نه وسرن ٿا تن شوم بختن جا شور،

”اُنهن جون دغائون، ڳڻيندي ڳڻيو،

زبردست مظلوم آهيان بَڻيو،

جُوا جو جڏهن سر تي آيو ستم،

ويو سُک تڏهن کان، ڌڻيءَ جو قسم،

”ڇُپيل دل ۾ ڏسجن ٿا رنج ۽ محن،

عزيزن ۽ سڄڻن جا پيارا وَچن،

”سندن ياد ۾ خوب غلطان ٿي،

گذاريان ٿو راتيون پريشان ٿي،

”وري ڪين ڏسجي ٿو ”ارجن“ جوان،

وڌايو هو ”گانڊيو ڪمان“(1) اُن جو شان،

”ڏکن ۾ اسان جو مددگار هو،

اسان جي حياتيءَ جو آڌار هو،

”ڪيو هيڻو اڄ اُن مَها آتما،

چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو پَر ماتما،

”اهو ڏينهن ٿيندو سَدورو ڪڏهن،

ڪندو مون تي محبوب ٿورو ڪڏهن!

”جو ايندو اڱڻ منهنجي ساجن سڌير،

دياوان، آرام ڏيندڙ، ڳنڀير،

”مسافر، سَچو سُورمو، ذي نسب،

چڱيءَ پَر ٿو ڄاڻي فنونِ حرب،

”وري شال اُن کي اکين سان ڏسان،

سُتل بخت جاڳي، پرين جي پسان!

”مَهاراج! تو کان پڇان ٿو اِهو،

وڌيڪ آهه مون کان به بدبخت ڪو؟

”جو راجا هجي، ۽ رهي بيقرار،

ڏئي جنهن کي غم گردشِ روزگار!

”ڀَلا تو به اهڙو ڏٺو يا ٻڌو،

جو مون جهڙو ساٿي هجي درد جو؟

”خيال اهڙو دل کي ٿيو اڄ پسند،

ته مون جهڙو هوندو نه ڪو درد مند!“

برهه وشو رشيءَ جو جواب

”يڌشٽر، تون هيڻن جو آهين حبيب،

نه تو کان وڌيڪ آهه ڪو بدنصيب!

”مگر درحقيقت جي سچ ٿو پُڇين،

۽ سچ جي تمنا ٿو دل ۾ رکين،

”ته ٻڌ هڪڙي راجا جي مون کان خبر،

جو توکان به وڌ هو دکي سربسر،

”هُو دنيا م هڪڙو مهاراج هو،

مگر بدنصيبي، جو محتاج هو!“

يڌشٽر جو سوال

”سگهو، منهنجا سائين، تون مون کي سڻاءِ،

اِها ڳالهه مون کان نه هرگز لڪاءِ!

”ته ڪهڙو مَهاراج هو باڪمال،

۽ ڪهڙو هو اُن جي مقدر جو حال!

”ٻڌڻ لاءِ اُن جي ٿي خواهش گهڻي،

دکي دل ٿي بيحد، ٿو ڄاڻي ڌڻي!“

برهه وشو جو جواب

”ٻڌايان ٿو سچ توکي راجا رفيق،

ٻڌن تنهنجا بيشڪ هي ڀائر شفيق،

”ٻڌو غم ۾ غلطان راجا جو حال،

وڃايو هو جنهن پنهنجو اوج ۽ ڪمال،

”اِها ڳالهه بلڪل ٻڌايان ٿو ٺيڪ،

دکي پرٿويءَ ۾ هو توکان وڌيڪ،

”اُهو ڪير هو؟ ٻڌ حقيقت سڄي،

اکين تان وڃي تنهنجو پردو کڄي،

”رکو هاڻي هن منهنجي قصيّ ۾ چاهه

ته هو ديس ڀارت ۾ ڪو بادشاه،

”گهڻي اُن جي مشهور شاهي هئي،

عطا اُن کي ٿي ”ڪَج ڪلاهي“ هئي،

”نشڌ ديس“ ۾، تخت اُن جو ”اُجين“،

سندس نام مشهور هو ”ويرسِين“،

”چون ٿا ته پُٽ اُن جو هو نامدار،

جو نالي ۾ ”نَل“ سان بڻيو آشڪار،

”اُهو ڌرم جو هڪ گياني بڻيو،

سَڀن لاءِ دلدار جاني بڻيو،

”اُنهيءَ جو ٻڌون ٿا هيءُ قصّو عجيب،

ته قسمت ڪيو اُن جو اُونڌو نصيب،

”سندس ڀاءُ ”پشڪر“ هو ڪو بدمعاش،

بڻايو اُنهيءَ کيس جيئري ئي لاش،

”مقدر ڪيو اُن کي ڏاڍو اُداس،

ڏنو اُن کي ”پشڪر“ دغائن جو واس،

”جُوا ۾ هلي سڀ حڪومت وئي،

ويو عيش آرام، دولت وئي،

”نه باقي رهيو ڪجهه سندس آس ۾

ويو زال سان گڏجي بنواس ۾،

”گهڻو ملڪ دکّن ۾ ڀَٽڪڻ لڳو،

ڪري صبر بنواس ڀوڳڻ لڳو،

”يڌشٽر، ذرا ڳالهه ٻڌ غور سان،

اُهو ڪين تو وانگي هو شادمانُ!

”نه ٻانها هُئس گڏ بيابان ۾،

نه ڪي مَست هو ساز سامان ۾،

”نه ڀائر هئس گڏ، نه گاڏيون هيس،

نه ٻانهين جون ٽوليون به آڏيون هيس،

”مگر تون ته آهين گهڻو شادمان،

۽ هر ڀاءُ تنهنجو بهادر جوان،

”اُهي مثل ديوَن جي آهن دلير،

نه ٻاهر اُنهن کان ٿيا تنهنجا پير،

”اُهي تنهنجي هردم حفاظت ٿا ڪن،

سدا صَرف تو لاءِ طاقت ٿا ڪن،

”وري چئني پاسن کان تنهنجي سدا،

اُهي ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ لڳا،

”مَهاديو جي مهر هَر حال ۾،

وجهي ڪين توکي ٿي جنجال ۾،

”مناسب اِنهيءَ تي شڪايت نه آهه-

ڀلا سچ کڻي چئو، حقيقت نه آهه!“

 

يڌشٽر جو سوال

”اِها ڳالهه ٿي باليقين بهترين،

ڪجن گهور سڀ آسمان ۽ زمين،

”مهاراجا نَل ٻڌجي ٿو نيڪ ذات،

ٻڌون ڇو نه اُن جي سوانح حيات،

”ڪريو مون تي پنهنجي نوازش، جناب!

ٻڌايو کڻي نَل جو قصو شتاب!“

 

قصو نل جو برهه وشو جي واتان

”پدر ”نل“ جو مشهور هو ”ويرسين“،

سندس شان شوڪت تي ڪر تون يقين،

”وري نل به هو هڪ عجب نوجوان،

جهڪيو جنهن جي رفعت اڳيان آسمان،

”سندس ملڪ ۾ فتح و نصرت جو شور،

جبين مان سندس بخت تابان جو زور،

”سندس زير فرمان هو خاقانِ چين،

سوين تاجور اُن جا زيرِ نگين،

”سَوين ”راءِ“ شامل هئس راءِ سان،

مهاراج اُن جا هئا پاسبان،

”بهادر هو، بانڪو هو هر رزم ۾،

مگر مهربان ٿي رهيو بزم ۾،

”بهارن جا اُن جي ڪرم تي هجوم،

سندس قهر هو، مثلِ بادِ سموم،

”فضيلت ۾ بيشڪ زبردست هو،

سندس در جو دربان ڄڻ بخت هو،

”کُليو اُن جي صدقي مسرت جو باب،

رهيو بخت اُن جو سدا ڪامياب،

”سندس عدل جو بس هو سڪّو روان،

ڪئي ظلم وارن ٿي آه وفغان،

”ٿيو چرخ تي اُن جو غالب ڪلاه،

ٿيا زير اَحڪام اَنجم ۽ ماه،

”وڄي آسمان تي نغارا ويا!

زمين بوس سج، چنڊ، تارا ٿيا!“

 

نل جي گهوڙي جي تعريف

”سُڃاتائين گهوڙن کي ٿي مُو بمو.

سَوين اَسپ تازي هُئس روبرو،

”نه گهوڙن جو اَصطبل ۾ هو شمار،

زماني جو مشهور هو شهسوار،

”اُڏايائين ديون پَرين جا طلسم،

بنايائين تابع سندن جان جسم،

”اُڏاڻو سندس اَسپ، بنجي صَبا،

هزارن دلين کي ڪيائين فدا،

”ڦُٽا اَسپ مان ٿي پريزاد اِيئن،

شگفته ٿي گل کي ڪري باد جيئن،

”هوا بنجي ٿو اَسپ هر آن ۾،

ڇڏي باه ٻاري ٿو چوگان ۾،

”جي دُڙڪي هلي، ڄڻ ڏڪي آسمان،

سندس هر قدم، منزلن جو نشان،

”خوشيءَ ۾ سُکيو ۽ سهانو رهي،

بکن ۾ به تازو توانو رهي،

”سندس عيب خوبين ۾ آهن شمار،

لڳن سال دُڙڪي پُٺيان سؤ هزار،

”جي سُنبن جو آواز هيڪر ٻڌين،

ته اُن کي زماني جي گردش سڏين،

”سکيو چال مان اُن جي حورن خرام

صَبا خودبخود ٿي خوشيءَ مان لغام،

”جڏهن سون جا سَنج اُن تي پيا،

اُٿيا باه جا سڀ جي دل مان اُلا،

”خرام اُن جي آهسته، رفتار نرم،

مگر آهي تيزيءَ سَندي تار گرم،

”سندس عنبرين دُم هوا تي سوار،

صبا اُن جي نعلن تي هردم نثار،

”بهارن سندس آهي پڪڙي رڪاب،

ٿيو گهور تيزيءَ تي سهڻو شباب،

”هوا کي ڏئي ڳنڍ، طاهر ٿيو،

جي دُڙڪي جليو دل ۾ پيهي ويو،

”صبا سان ٻڌل اُن جا ڪاڪل ڏٺم،

فدا اُن تي هر شاخ سُنبل ڏٺم،

”ڏني ساه ۾ ڳنڍ اُن جي بهار،

ڪيو اُن جي بشڪن بنفشه کي زار،

”لنگهيو لاله تان سرو بنجي سڌو،

جبل تان ٽَپي واءَ وانگي ويو،

”هوا تي سندس نعل وڄ ٿي لڳا!

ڪَڙا چنڊ جي مُهر جا سڀ ٽُٽا!“

 

نل جي حسن جي تعريف

”غرض نل زماني جو سينگار هو،

سدا بخت و دولت تي هسوار هو،

”سندس حسن م هو محبّت جو ساز،

نياز اُن جي ۾ هڪ سمايل هو ناز،

”هئس لعل موهيڙا رُخسار تي،

جواهر جڙيل ڄڻ ته زنّار تي،

”سندس حسن هرجا يگانو چوان،

سندس عشق خود هڪ فسانو چوان،

”اکين ۾ ته ناقوس هم خواب هو،

۽ زنّار زلفن ۾ هم تاب هو،

”ستل بخت اُن جو تون بيدار ڄاڻ،

”سندس اک جي پنبڻين ۾ نوڪِ سِنان،

ڀرون اُن جا خمدار مثلِ ڪمان،

”سندس حُسن ۽ عشق جو نام هو،

چوان سچ ته دوآتشو جام هو،

”زمين تي سندس عشق جو رَخت هو،

فلڪ تي سندس حسن جو تخت هو،

”سندس ناز هڪ تيغ هو تيز تر!

سوين اُن تي قربان تير ۽ تبر!“

 

دمينتي جي ڳالهه

”وري ”ديش ودرڀ“ ۾ راجا هو ڪو،

زمانو هو شيدا سندس نام جو،

”ٿيو ”ڀيم“ نالي سان نروار هو،

عدالت ۾ هر وقت اظهار هو،

”هئي ڪين دولت جي اُن وٽ ڪمي،

نڪي جاه عزت جي اُن وٽ ڪمي،

”لکين اُن جا خادم مدامي هئا،

ستارا به اُن جا سلامي هئا،

”سخي سورمو هو زبردست هو،

ڪندو ناز اُن تي سدا بخت هو،

”نه هو کيس غم ڪنهن جي امداد جو،

اگر غم هو هن کي ته اولاد جو،

”چيائين ٿي هردم ته ”منهنجا ڌڻي!

سگهو مون تي پنهنجو ڪرم ڪر کڻي!

”وڃي ٿو جوانيءَ جو جاه و حشم،

اِجهو پهتو پيريءَ ۾ دم ۽ قدم،

”وَري شال وارو سگهو بخت جو،

هجي ڪو ته وارث سندس تخت جو!“

”اِنهيءَ فڪر ۾ خوب غلطان هو،

۽ هر وقت ڏاڍو پريشان هو،

”اَلهه لوڪ اُن وٽ جي ايندا هئا،

دعائون گهڻيون اُن کي ڏيندا هئا،

”ٿيو ڪين ڪنهن جي دعا جو ظهور،

نه حاصل ٿيو اُن کي چشمن جو نور،

ٽڙيو نيٺ اُن جي خوشيءَ جو چمن،

رشي آيو هڪ ڏينهن نالي ”دَمن“،

ڏٺائين اچي ”ڀيم“ کي ناتوان،

پريشان حالت ۾ هو بي گمان،

”گياني اُهو خوب ششدر ٿيو،

نه ڳڻتين ۾ اُن جو ڪو همسر ٿيو،

”دشارڻ“ جا ”ودرڀ“ جي راڻي هئي،

”سڌاما“ جي ڌيءُ گهرڌياڻي هئي،

”هئي ”چيد“ جي راڄ ماتا جي ڀيڻ،

سُکيا ۽ ستابا هئا اُن جا سيڻ،

”اُنهيءَ کي به هو فڪر اولاد جو،

ڪيائين ٿي غم حق جي اِمداد جو،

”دَمن اُن کي خوش ٿي دلاسو ڏنو،

چيائين ته ”غم هاڻي پاسو ڏنو،

”ڌڻي ڏيندو هڪ ڌيءَ اوهان کي شتاب،

لڄي هوندو جنهن جي اڳيان افتاب،

”اَملهه ماڻڪن ۾ هوءَ ٿيندي شمار،

رتن جوت منهن مان ڪندي آشڪار،

” ۽ ٽي پٽ پهلوان ه هڪ جوان،

عنايت ڪندو پڻ خدا مهربان،

”ڪريو ياد دل سان دَمن جي دعا!

وريا ڏينهن سُک جا، ٿيا غم فنا!

”دشارڻ کي اُمّيدواري ملي،

غمن جي چمن کي بَهاري ملي،

”خدا ڏينهن پورا ڪيا خير جا،

ڄَميا ٻار هڪٻئي پٺيان مہ لقا،

”پٽن مان ڄميا ”دانت“، ”دَم“ ۽ ”دمن“،

ٿيو سبز شاداب اُجڙيل چمن،

”ٿيا ٽيئي پٽ زور هر حال ۾،

سخاوت ۽ طاقت ۽ اقبال ۾،

”کلي تن جي طاقت جو تالو ويو،

وڄي تن جو ملڪن ۾ نالو ويو،

”بجا آندو هر شخص تسليم کي،

مبارڪ جا تحفا مليا ڀيم کي،

”ڄمي ڌيءُ جا اُن کي پرين کان به وڌ،

ٿئي چنڊ کي اُن جي صورت تي سڌ!

”سُلڇڻي، سياڻي ۽ بختن ڀَري،

شرافت جي پاتائين سر تي سري،

”دمنتي“(1) جي نالي سان نروار ٿي،

زماني ۾ سهڻين جو سينگار ٿي،

”هئي ماءُ پيءُ کي جو سڪندي ڄمي،

نه آئي سندس پرورش ۾ ڪمي،

”ڪمي ڪين آئي سندس پيار ۾،

هئي ڄڻ ته اِندر جي درٻار ۾،

”خرامان هئي وڌ پرستان کان،

نه گهٽ اِندراڻيءَ(2) سندي شان کان،

”سَوين اُن جون داسيون ٿيون گهور گهور،

ڪيو ساه سوگهو سهيلين جو شور!“

دمينتيءَ جي حسن جي تعريف

”پَلي ڀيم ڪَنيا سُکن ۾ سدا،

لڳي ڪين اُن کي غمن جي هوا،

”سندس سونهن جو ڪين ٿيندو بيان،

هئي ڄڻ ته صورت ۾ سورج سمان،

”سون سورمين کان ٿي سورهيه سڄاڻ،

ڪڍيائين ٿي ڪايا ۾ ڪنهن جي نه ڪاڻ،

”ڊگها وار اُن جا هئا ازدها،

دلين کي ڏنگڻ ۾ نه پٺتي پيا،

”ڏنائين جو وارن کي پنهنجي وِري،

ته سيننن تي سودامني وڄ ڪري،

”لڪشميءَ جي مورت ۾ ٿي روپوان،

ٿيو سونهن اُن جي تي سج جو گمان،

”نه ديوين ۾ اهڙي دياوان ٻي،

”نه ماڻهن ۾ اهڙي ٻُڌي يا ڏٺي،

محبت هئي اُن جي بيشڪ مِٺي،

”اکيون اُن ۾ عالَم جون اڙجي ويون!

دليون ديوتائن جون وَڍجي ويون!

”وري نل به هو مرد دانا دلير،

حسينن جو سرتاج شيرن جو شير،

”زماني ۾ اُن جو نه هو ڪو مثال،

چوان اُن جي مردانگي لازوال،

”اُهو درد وارن جي دل جي ورونهن

سدا سورمو، پنهنجي ساٿين جي سونهن.“

 

نل ۽ دمينتيءَ جي محبت

”ڪشش حُسن جي حُسن کي ٿي ٿئي،

ڪشش سان ئي ٿو ساه وارو جئي،

”هنرباز ويندا هنر باز وٽ،

سخن ساز ايندا سخن ساز وٽ،

”اديبن کي هوندو اَديبن جو چاه،

حَسينن کي هوندو حَسينن جو چاه،

”دمنتي جي آڏو به نانگو هو نينهن،

ٻڌائين ٿي نل جي ثنا رات ڏينهن،

”سدا نل جي وصفن جو ويچار هوس،

لڳل عشق جو دل ۾ آزار هوس،

سڪِي دلربا جي ٿي ديدار لاءِ!

هئا نيڻ آتا نمسڪار لاءِ!

”لڳل نَل جي دل کي به لوري هئي،

دمنتيءَ جي درشن جي جهوري هئي،

”فلڪ جنهن جي هردم ڪَٿا ٿي ڪئي،

ستارن به اُن جي ثنا ٿي ڪئي،

”هو چرچو سندس نل جي درٻار ۾،

گهرن ۾ گهٽين ۾ ۽ بازار ۾،

”اُها ڪين دنيا ۾ هستي هئي،

نه جنهن جي زبان تي دمنتي هئي،

”ٻڌو ”نَل دمنتيءَ“، جو هڪٻئي جو نينهن!

”وسايائون پَر پٽ محبت جو مينهن!

”ڏسڻ لاءِ هڪٻئي جي ششدر ٿيا،

محبّت ۾ مجبور مضطر ٿيا،

”وڇوڙو سهڻ کان وڌي ويو گهڻو،

لڇڻ کان ٿيو تنگ هر هڪ ڄڻو،

”نه روڪي سگهيو نَل اِنهيءَ ڪام کي،

نه ٽاري سگهيو عشق بدنام کي،

”سندس دل ٿي بيزار دربار کان،

بچي ٿي سگهيو ڪين آزار کان،

”اَچي واندڪائيءَ جو طالب ٿيو،

سدا دلربائيءَ جو طالب ٿيو،

”جو هو ”اَنته پور“ اندريون راڄ گهر،

وسايائين اُن کي وڃي سربسر،

”اڪيلو ٿي اُن ۾ گذارڻ لڳو،

”ڪڏهن مست مندر ۾ بنجي ويو،

وٺي ڪنڊ هڪڙي اڪيلو ٿيو،

”خلاصو ٿي خلوت ۾ ويٺو وڃي،

دَمنتيءَ جي فرقت ۾ ويٺو وڃي،

”لنگهيا ڪيترا ڏينهن اهڙيءَ طرح،

وُٺا درد جا مينهن اهڙيءَ طرح،

”مگر نَل جي حالت نه سڌري ڪڏهن،

طبيعت اڳي کان نه اُسري ڪڏهن.“

نل کي هڪڙي هنج جو ڏسڻ ۾ اچڻ

”رُنو جئن ٿي هڪ ڏينهن نل زار زار،

نظر هن کي هنجن جي آئي قطار،

”سگهو ڊوڙ پائي اُنهن ڏي ڀڳو،

۽ هڪڙي کي پڪڙي هٿن ۾ ڪيو،

”چيائين، ”ڇڏيندس نه هن هنج کي،

”ڪندس راند کيڏي، ڍرو رنج کي!،

”چيو هنج، ”ٻڌ منهنجي آواز کي،

نه ڪوتاه ڪر منهنجي پرواز کي،

”خدا لڳ ڇڏي ڏي مون بي آس کي،

ڏسڻ ٿو گهران هاڻي آڪاس کي،

”دياوان آهين ته جئيدان ڏي،

سگهو دان مون کي دياوان ڏي!

”ڪريان جڳ ۾ تنهنجو اُمالڪ ڀلو،

”دمنتيءَ ڏي قاصد ٿي ويندس شتاب،

ڪندو توکي مقصد ۾ رب ڪامياب!

”ڪندس تنهنجو اِن ريت اُن وٽ بيان،

جو صدقي ڪندي توتي هوءَ جسم وجان،

”ڪندي تو بنا ڪين ڪنهن ٻئي کي پيار،

فقط تنهنجي اُلفت تي ٿيندي نثار!“

”ٻُڌي هَنج جي ڳالهه نل خوش ٿيو،

۽ وعدي تي آزاد اُن کي ڪيو،

”چيائين، ”سگهو دل کي آرام ڏي!

اُڏامي پريتم کي پيغام ڏي!

”سگهو هنج وڃ منهنجي مطلوب ڏي،

مِٺي دوست دلدار محبوب ڏي!

”نياپا وڃي منهنجا نروار ڪر،

ذرا پنهنجي وعدي تي ويچار ڪر،

”فراموش ٿي ڪين اِحسان جو،

جو ڪم بيوفائي ٿي اِنسان جو!“

 

هنج جو دمنتيءَ وٽ قاصد ٿي اچڻ

”رهيا هَنج اِقرار تي برقرار،

اُڏامي اُتان تن جي ساري قطار،

”سگهو ديس ”ودرڀ“ ۾ پهتا اچي،

جتي نينهن واري ٿي نازڪ نچي!

”لٿا سڀ دمنتيءَ جي گلزار ۾،

سلامي ٿيا اُن جي سَرڪار ۾،

”چمن ۾ پکڙجي پيا چاه مان،

دمنتي به آئي اُتان راه مان،

”ڪيو سير ٿي هن سهيلين سميت،

هئي چلولي پنهنجي چيلين سميت،

”اُڏاڻا اَچي هَنج تن جي اڳيان،

۽ ڊوڙڻ لڳيون هي اُنهن جي پٺيان،

”مگر ڪير ڳولي اُنهن جو نشان،

اُڏامي وسائن ٿا جي آسمان!

”نه پڪڙڻ ۾ تن جي ٿيو ڪامياب،

نه ڪو هنج تن کي ٿيو دستياب،

”دَمنتيءَ جو هو خاص قاصد جو هَنج،

محبّت جو دل ۾ رکيائين ٿي رنج،

”دَمنتيءَ سان ماڻهن جون ٻوليون ڪري،

نياپو ٻُڌايائين لوليون ڪري،

”چيائين، ”نَشڌ جو ڌڻي آهه نَل

ٿيو اُن جي صورت اڳيان سج خجل،

”آشوني ڪمارن جو رهبر ٿيو،

نه ماڻهو ڪو اُن جي برابر ٿيو،

”سندس مُنهن ۾ سهڻي ٿي صورت وسي،

مدن جي ٿي ڄڻ اُن ۾ مورت وسي!

”سچي ڳالهه توکي چوان سُندري،

ٿيڻ توکي اُن جي کپي اِستري!

”حياتي ڪندو تنهنجي پارس سمان،

سنهيءَ چيلهه وارو ۽ سهڻو جوان،

”اُهو تنهنجي صورت به اڳري ڪندو،

۽ عزت ۽ دولت به اڳري ڪندو!

”ڏٺا مون لکين ديوَ هن حال ۾،

لکين نانگ يا جيوَ پاتال ۾،

”ڏٺم ديوتائن جا مطرب هزار،

۽ راڪاس، انسان، جن، بيشمار،

”مگر نَل جو هرگز نه ثاني ڏٺم،

نه ڪو جوڙ جهڙس ڪو جاني ڏٺم،

”اگر نَل ٿيو گل رخ و گلبدن،

ته تون آهين نارين ۾ نوري رتن،

”ٻنهي جي نه صورت ۾ آهي ڪمي،

ٻنهي جي نه مورت ۾ آهي ڪمي،

”جي سهڻي جو سهڻي سان رستو جڙي،

ته اُن سان نه جڳ ۾ ڪو رشتو جڙي.“

 

دمينتيءَ جو نل ڏانهن جوان، هنج جي معرفت

”دمنتي هئي سوچوان ۽ سڄاڻ،

شرافت ۽ عصمت، صباحت جي کاڻ،

”ٻڌي هنج جو دل ڀڄايل ڪلام،

مڪائين محبت مان سو سو سلام،

”وڃي چئو پرينءَ کي تون پيرا ڀري،

ته هن دل ۾ ٿي باه ساڳي ٻري!

”دمنتي به تو لاءِ بيتاب آهه،

سدا نينهن نَل جي ۾ بي خواب آهه!

”غمن آهه نوبت ٻڌي پاپ جي،

مٺا ڪر تون ڪوشش ڪا ميلاپ جي!“

”وٺي هنج ودرڀ منجهان هيءُ جواب،

اچي پهتو نل جي نشڌ ۾ شتاب،

”ٻڌايائين نل کي سڄي ماجرا،

ته آهي دمنتي به تو تان فدا!

”زبان تي فقط تنهنجو نالو اٿس،

لڳل صبر ۽ سڪ جو تالو اٿس،

”اچڻ لاءِ تو ڏانهن بيتاب آهه،

جدائيءَ ۾ تو لاءِ بي خواب آهه!

”ٻڌي نل اها ڳالهه سرهو ٿيو،

نه پنهنجي نصيبن تي آرهو ٿيو،

”مڃي پنهنجي خالق جا ٿورا هزار،

دمنتيءَ کي سمجهيائين دل جو قرار،

”سدا اُن جي فرقت ۾ تڙڦڻ لڳو،

سَزا عشق اُلفت جي ڀوڳڻ لڳو!“

 

دمينتيءَ جي بيقراري

”ٻڌي ڇڏ تون ڀارت جا پوٽا جوان!

دَمنتيءَ جا توکي ٻُڌايان بيان،

”جڏهن اُن کي هَنجن ٻڌائي خبر،

تڏهن کان ڪيائين ٿي نَل جي پچر،

”ڪيس نل سندي نينهن ساڙي ڪباب،

ويس چين آرام کسجي شتاب،

”نماڻي ٿي ڳڻتين ۾ ڳرندي وئي،

سندس نبض تيزيءَ ۾ ٺرندي وئي،

”لَٿو اُن جي منهن جو اُمالڪ پَنو،

ٽُٽو جسم ساري جي سگهه جو ٻنو،

”سدا درد ۾ اُن ٿي دانهون ڪيون،

نماڻا کڻي نيڻ آهون ڪيون،

”پچائڻ لڳي پور، بنجي اُداس،

ويس ڇانئجي دل تي ڊپ ۽ هراس،

”اچي عشق رڳ رڳ ۾ ٿاڻا ڪيا،

”اچي گوندرن غم جا گهاڻا ڪيا،

”ويس سر تي سودا به هسوار ٿي،

جوانيءَ ۾ پيدا اڇا وار ٿي،

”لڳا زهر اُن کي سلوڻا طعام،

ٿيس ننڊ آرام بلڪل حرام،

”گهمڻ جي ڪري پير وچڙڻ لڳس،

سُمهڻ وقت جند جان تڙڦڻ لڳس،

”نڪا رات اُن جي، نڪو ڏينهن هو،

فقط نِينهن اُن جي اڳيان شينهن هو،

”رُني ٿي هميشہ ڪري هاءِ هاءِ!

پُڪاريس ٿي دِل ”نينهن پنهنجو نچاءِ!“

”سهيلين ڏٺو اُن جو ههڙو جو حال،

اُمالڪ ٿين دل ۾ پيدا خيال،

”اگر واڳ ڏاهپ جي ڇڏبي ڍري،

ته ويندي دمنتي اُمالڪ مري،

”نه اُن جي بدن ۾ رهيو ساهه آهه،

مددگار بس اُن جو الله آهه!

”اڃا بي خبر آهه ودرڀ ڌڻي،

هلو اُن کي سڀ ڪجهه ٻڌايون کڻي،

”دمنتيءَ جو پيءُ آهه، ڪا ڳڻ ڪندو،

نصيبن جا ساوا وري وڻ ڪندو!“

”هليو غرق ٿي سوچ ويچار ۾،

رسيو جلد راجا جي دربار ۾،

”ادب سان نماڻيون ٿي بيٺيون اَچي،

پُڇڻ تي حقيقت ڪيائون سچي،

”چيائون ته ”ٻُڌ آدمين جا ڌڻي،

دمنتيءَ تي آهي مُصيبت بَڻي،

”هميشہ ٿا اُن جي نِرالي ڏسون،

طبيعت ٿا اُن جي نِرالي ڏسون،

”هلو جلد اُن وٽ لهو ڪا خبر،

متان موت جا اُن کي پهچن ضرر!“


 


(1)  ارجن جي ڪمان جو نالو

(1)  بحر وزن جي لحاظ سان نظم ۾ لفظ دمينتي کي دمنتي طور استعمال ڪيو ويو آهي.

(2)  راجا اِندر جي زال

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org