سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :30

 

نوائي سنڌ

 

الله تنهنجو آههِ نگهبان نوائي سنڌ.

هوندينءَ تون هر قدم تي نمايان نوائي سنڌ.

سڀڪنهن سان صلح تنهنجو، تون ئي دوستن جي دوست،

دشمن به ناهه توکان، گريزان نوائي سنڌ

هر نقطو تنهنجو دل جو سُرور ۽ نظر جو نُور،

جَلون ۾ آهين تون مَه ڪنعان نوائي سنڌ.

خوددار آهين پنهنجي ئي همت سان هوش سان،

مشڪل ڪرين ٿي پنهنجو تون آسان نوائي سنڌ.

ڇپجن ٿا تو ۾ سنڌ جي دانشورن جا قول،

سنڌي ادب جو تون ئي گلستان نوائي سنڌ.

پارس جي مثل پرکي، ٿي شايع ڪرين ڪلام،

ساراه ڪن ٿا تنهنجي، سخندان نوائي سنڌ.

تو مان بيڪسن کي ٿو آٿت مِلي گهڻو،

دل مان ڪرين ٿي دُور تون، اَرمان نوائي سنڌ.

نفرت نظر اچي ٿي سدا تو ۾ ڪوڙ کان،

توکي سڏيان سَچائيءَ جو سلطان نوائي سنڌ.

توکي ئي بيڪسن جي پُڪارن جو قدر آههِ.

هيڻن جو اڄ نه آههِ ڪو پرسان نوائي سنڌ

انصاف تنهنجي صدقي ٿو مظلوم کي ملي،

تو ۾ ئي آههِ عدل جو ايوان نوائي سنڌ.

آبِ حيات تن کي عنايت ٿي تون ڪرين،

آهن جي زندگيءَ کان به نالان نوائي سنڌ.

ناياب دُر تون آهين سياست جي سلڪ ۾،

ماري مڃائين تون ئي ٿي ميدان نوائي سنڌ.

تو وٽ نه آههِ فرق ڪو پنهنجي پَرائي جو،

تون ئي سڀن کي سمجهين ٿي انسان نوائي سنڌ.

واقف ٿين ٿا تومان ئي حالاتِ سنڌ کان،

شام و عرب، عراق ۽ اِيران نوائي سنڌ.

تن کي نه لهر لوڏو، وڃي پار ٿا پُڄن،

تنهنجو جهلن ٿا جيڪي به دامان نوائي سنڌ.

اڄ تائين پرده پوشي رهيو آههِ تنهنجو ڪم،

ڪنهن جا ڪيا نه عيب تو عريان نوائي سنڌ.

سمجهيو نه جنهن به تنهنجي صَداقت جي راز کي،

اِنسان ناههِ، آههِ سو حيوان نوائي سنڌ.

جي دهريت جي دور ۾ آهن خدا کان دور،

تازو ڪرين ٿي تن جو تون ايمان نوائي سنڌ.

جي سوچجي ٿو تنهنجي حقيقت ۽ حال تي،

مرغِ خيال بنجي ٿو بريان نوائي سنڌ.

عبدالغفور تنهنجي اِدارت جو پاسبان،

توتي وسي ٿي رحمتِ يَزدان نوائي سنڌ.

تو لاءِ هٿ ۾ خير محمد کنيو قلم،

تنهنجي ڏسي ڪو جنبش و جولان نوائي سنڌ.

مداحِ خاص تنهنجا، محبانِ ملڪ سڀ،

غدارِ قوم توکان، پشيمان نوائي سنڌ.

تنهنجي ئي ڪوششن سان ٿيو سنڌ ۾ سُڪار،

توکي دعائون ڪن ٿا مسلمان نوائي سنڌ.

آسودگي ڏيارين ٿي هارين کي هيج مان،

تون ٿي بنائين اَن کي به اَرزان نوائي سنڌ.

توکي کڻن هٿن ۾ ٿا خود دَيوَ جَبر جا،

آهين تون ڄڻ ته تختِ سليمان نوائي سنڌ.

تسليم تو ڪرائي زبان پنهنجي ملڪ جي،

سنڌيءَ تي آههِ تنهنجو هي اِحسان نوائي سنڌ.

تنهنجي معاونت کان جي حاسد ٿا مُنهن مَٽن،

هوندا سي پنهنجي حال ۾ حيران نوائي سنڌ.

تنهنجو وقار ڄاڻ رَسيو آسمان تي،

ڏسجن اَڃا گهڻائي ٿا اِمڪان نوائي سنڌ.

روشن چراغ آههِ سدا تنهنجي بخت جو،

پُڄندي نه توسان گردشِ دوران نوائي سنڌ.

تنهنجي خوشيءَ سان مون کي به ٿيندي خوشي نصيب،

رهندو ”رشيدِ“ زار نه گريان نوائي سنڌ.

 

{

 

الوحيد

قطعهء تاريخ سال طباعت روزانه ”الوحيد“

 

قربان تنهنجي نانءُ تان سو وار الوحيد

آهين تون سهڻي سنڌ جو سينگار الوحيد،

بمبئيءَ کان سنڌ کي تو ڏياري نجات عام،

اهڙو نه آههِ ڪنهن جو به اِيثار الوحيد،

تو آريه سماج ۽ هندن کي ڌڪ هنيا،

اِسلام جو ڪرايو تو اِقرار الوحيد.

تنهنجي ورق ورق ۾ ٿي تاريخ سنڌ جي،

تون مصطفيٰ جي دين جو افڪار الوحيد،

اِسلام جو اَجهو بڻيو، تنهنجو نئون هي دور،

الحاد لاءِ آهين تون آزار الوحيد.

الله آههِ باقي ۽ ٻيو سڀ هَوَس ۽ هوڏ،

رهندا نه سوشلزم جا ڀوتار الوحيد.

تنهنجي مدير خير محمد جو خير آههِ.

ٿيندي نه بند تنهنجي هي رفتار الوحيد.

توکان بغير پنهنجي صحافت سُڃي هئي،

سونهي ٿو تنهنجي دم سان هي گلزار الوحيد،

ڏاڍن جي گردنن کي ڪندا سر قلم اُهي،

ڇپبا جي تو ۾ آتشين اشعار الوحيد.

اڄ اِفتتاح تنهنجو ڪري ٿو عظيم شخص،

اي- ڪي- بروهي تنهنجو عَلمدار الوحيد،

تاريخ پندرهين ۽ مهينو هي جون جو،

ڪر دشمنن جي آڏو تون للڪار الوحيد.

الله تنهنجو حامي، مددگار مصطفيٰ،

پشت و پناه، حيدرِ ڪرار الوحيد،

سالِ طباعتِ سنِ هجري جڏهن پڇيم،

هاتف چيو ته: ”رزق گر اخبار الوحيد“،

(1390 هه)

سن عيسوي ٻڌايو هي روشن دلِ ”رشيد“،

”سج جي مثال صاف جڳ اظهار“ الوحيد.

1970ع

 

{

 

ڪسوٽي

 

ٿئي اميد ڇا توکي وزارت ۽ گورنر ۾

نه کهڙه کي رهي اميد پنهنجي دوست گذدر ۾

ائين ويساه ڌارڻ قوم جي غدار ۾ آهي

جئَين نازين رکيو ويساه ٿي سفاڪ هٽلر ۾

جو چوسي قوم جو ٿو رت بشر اُنکي نٿو چئجي

سو آهي نجس اِئين جئَن جو نجاست آه سوئر ۾،

زبان ۾ گر اثر ڪونهي اجايو ٿو ڪرين ٽان ٽان

تفاوت آهه ڪهڙو تو ۾ ۽ پاڻي جي ڏيڏر ۾

دوئي جا ڇڏ دڙا ڊاهي ائين طاقت زبان ۾ رک

جئين طاقت سمايل ٿو ڏسين ڪڙمي جي ڪوڏر ۾

اڪيلي سر تون پنهنجي قوم جي تيمارداري ڪر

فقط رک ڀروسو اميد جو الله اڪبر ۾

سخن شيرين تعصب کان پري ۽ عزم جو پختو

هئَڻ گهرجن اهي اوصاف پنهنجي قومي ليڊر ۾

وڃايو لعل توحيدي اسان اوسته محمد ۾

هيون موجود سڀ وصفون اسانجي ديني رهبر ۾

محمد جو ولي هو ۽ هيو اولاد باهو مان

رکيل هو رشڪ يوسف حسن پنهنجي دوست دلبر ۾

”رشيدا“ شعر چئو قومي اگر شاعر سڏائين ٿو

لغت داني تي ڪر قبضو نه ڪر غلطي گرامر ۾

{

 

نيڪ صلاح

 

سنڌيءَ سندو ٿيو آ خانو خراب اڄ ڪلهه

سنڌيءَ تي ڄڻڪ آهي نازل عذاب اڄ ڪلهه

عربي ۽ پارسي کان ڪن ٿا حجاب اڄ ڪلهه

ناهي صحيح ڪوئي درسي ڪتاب اڄ ڪلهه

ڄڻ گند ۾ وجهون ٿا سنڌيءَ جو مشڪ عنبر

سنڌي زبان بگڙي ٿيندي وڃي ٿي ابحر

سنڌي زبان مان ڪڍبي عربي سندي ملاوت

دنيا ۾ ڪين رهندي سنڌيءَ سندي فصاحت

سنڌي نه رهندي سنڌي ڌاريا ڪندا ملامت

عربي زبان سان آهي سنڌيءَ جي ٿي اڏاوت

سنڌي زبان ۾ بيشڪ عربي هجي مڪرر

سنڌي زبان سڌاريو سنڌي زبان سڌاريو

مضمون ما سلف جا ڪوشش ڪري اتاريو

هندو ۽ ڇا مسلمان آواز هڪ اٿاريو

اغيار جي زبان کي دل مان صفا وساريو

سنڌيءَ ۾ پاس ڪريو ايل ايل – بي ۽ هاير

سنڌيءَ ۾ سڀ پڙهايو گائيڊ ارٿ ريڊر

 

{

 

[1]فقير روڏو موالي ساڪن ڀڳو ٽوڙهو

 

(1)

پيٽ مُلن جي ۾ هو آزار هيڪاري وڌيڪ

هاءِ! حلوو ڪين هو تيار هيڪاري وڌيڪ

ملڪ ۾ ڏسجن ٿا صوبيدار هيڪاري وڌيڪ

آه هر هڪ ڳوٺ ۾ ڦرمار هيڪاري وڌيڪ

اڄ وٺن ٿا آنڪي تپدار هيڪاري وڌيڪ

باه ٻاري ٿا ڏين ڪوٽار هيڪاري وڌيڪ

ڪابه شيءِ ناهي حرام اڄ ڪلهه عملدارن جي لاءِ

پيٽ ۾ آهي جڏهن مردار هيڪاري وڌيڪ

ملڪ جا ماڻهو جڏهن آهن سياست ۾ رڍون

ڇو نه ڪرسين تي وهن ريڍار هيڪاري وڌيڪ

هڪ دٻو نج گيهه جو ۽ ٽي ٽين ڪوڪو گولڊ جا

آه اِن واپار ۾ تلهار هيڪاري وڌيڪ

هڪ ته گهٽبي ٿي وڃي تنخواه ٻيو شادين تي زور

ٽيون وري پيدا ٿين ٿا ٻار هيڪاري وڌيڪ

تيل جا ٽي سير پاروٿا پڪوڙا کاءُ تون

رات جو ڪر يار وٽ کنگهڪار هيڪاري وڌيڪ

ايڪٽر ٿي فلم ۾ ڪم ڪر جو تنهنجي لاءِ اَڄ

نرگس – بيمار ٿي بيمار هيڪاري وڌيڪ

رات جو تو ڏانهن ايندي ڦاسجي ڍنگهرن ۾ پيس

ليڙون ليڙون ٿي وئي شلوار هيڪاري وڌيڪ

تيشئه – فرهاد جي گهرج آه اي شيرين دهن!

مونکي پيارا ٿا لڳن لوهار هيڪاري وڌيڪ

ڇڻڪو ۽ آچر، اڱڻ، اربُو، خميسو ۽ جمع

شعر ۾ سڀني کان ٿيو سومار هيڪاري وڌيڪ

شاعرن کي شل گِدو بندر ۾ پهچائي خدا

عشق و اُلفت جا چون اَشعار هيڪاري وڌيڪ

ڀنگ پي ڏنڊو کڻي مشٽنڊو ٿي روڏو فقير

ٿو چوي يا حيدر – ڪرار هيڪاري وڌيڪ

(2)

رت چوس ڀل غريب جو رشوت به جام وٺ

پي وڃ مئي ممات حيات – دوام وٺ

هيڻن کان وٺ حساب مٿن موچڙو وساءِ

پيدا ڪري قيام کان اڳ ۾ قيام وٺ

الله کي جڏهن به وڻئي ياد ڪر، مگر

ڌوئي دهن کي مشڪ سان ليڊر جو نام وٺ

پٽ جي طهر جي لاءِ ڪسيرو نه هڙ ۾ آه

جوڻس چويٿي خوب ڪري ڌوم ڌام وٺ

ڪنهن پير جو خليفو ٿي بک اڃ لهي وڃي

کائين پلو پلاءُ ته سيد جي سام وٺ

يڪتارو کڻ فقير ٿي، ٽولو به ساڻ کڻ

ماڻهن ڦرڻ جي لاءِ ڪي ٺاهي ڪلام وٺ

چاڪي هجين ته پاڻ کي ميمڻ ڀلي سڏاءِ

ڪر نوڪري پوليس جي کائي حرام وٺ

ڪشمير جو وزير ٿي ڪر رام رام شيخ!

پنڊت کي پنهنجو جڳ ۾ بنائي امام وٺ

دل سان اچي مريد ٿي روڏي فقير جو

زنده ولي جي در تي ڪري تون سلام وٺ

 

{

 

مُلا لٽر ۽ ملحد

 

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

گهوڙا ڙي گهوڙا، اشتراڪي ٻار سڀ آزار ۾!

مذهب کان بدظن ڇوڪرا، گندا ٿيا گلزار ۾،

گارين جو گلشن ڇوڪرا، گندا ٿيا گلزار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

الحاد جو ايٽم ٿيا، شيطان جا همدم ٿيا،

جهر جهنگ ۾ اڄ ٿم ٿيا، حاضر ٿيا هُڏڪار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

ملا کنئي دونالڙي، ملحد ڀڳا، ٿي زالڙي،

هينئَن ٿا چون: ”هي ڳالهڙي، ظاهر نه ڪر اخبار ۾“،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

ججڪيون وٺن ٿا جام جون، جهرمريون هڻن ٿا شام جون،

ملا لٽر جي مام جون، ڳالهيون ٿا ڪن ڳٽڪار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

گهر گهاٽ وارا گهاگهه ڏس، عادت ۾ ڏاڍا ڏاگهه ڏس،

سڀ کان وڏا ڪي واگهه ڏس، هن وانڍ ۽ وڻڪار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

خم نيڪنامي ۾ سندن، سو سو سلامي ۾ سندن،

شيدي غلامي ۾ سندن، داخل سندن دربار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

جذبات جا جويا به ڏس، ”ٽر ٽر“ سندا ٽويا به ڏس،

لوفر، لٻڙ، لويا به ڏس، هڪلون ٿا ڪن هڻڪار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

مُلا لٽر ”وٺ وَٺ“ ڪري، هڪدم کڙي ٿو لَٺ ڪري،

مُلحد ڪِٿان ٿو هَٺ ڪري؟ اهڙي اُڀي اوزار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

آهي نه سُڌ اَلاپ جي، مُلا لٽر جي پاپ جي،

ڪانهي خبر منهن ماپ جي، مُلحد مُنجهيا مقدار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

مُلا لٽر جئَن هنئي کڳي، مُلحد چيو: ڍولڪ وَڳي،

شايد پليدي ڪَا لڳي، شڪ ٿو پوي شلوار ۾!

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

مُلا لٽر پاٺو پَڙهي، ڏاڪا ٻَڌي آيو چڙهي،

مُلحد منافق جي مڙهي، کولي وڌي کنگهڪار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

مُلا لٽر کاڌو گرهُ، پَڪڙيائين مُلحد ويهه – ڏَهه،

اِلحاد جا گدلا گَڏهه، ازخود وُڙها وانگار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

سُرخن جو گهر گهر گوڙ ڏِس، ڄانڀي پَليءَ جو ٻوڙ ڏِس،

نادان نرڄا نوڙ ڏِس، گندا گِلا ۽ گار ۾،

مُلا لٽر جو مُنهن ڏسي، مُلحد گهمن ٿا خار ۾.

 

{

 

تنهنجي ٽوپي

 

فلمي دُنيا توکي ساري، زيبا تنهنجي واٽ نهاري،

پيار منجهان سو وار پُڪاري،

آؤ کهيلين آنکهه مچولي تنهنجي ٽوپي.

عيش جي تو وٽ ڏنگي ڏوري، مزا وٺين ٿو چوري چوري،

تون ٿو چاهين سهڻي ڇوري،

ٻانهي بنجي، ڀري گهڙولي، تنهنجي ٽوپي.

راجا اِندر ٿي تون مُدامي ڪارا ديو گهراءِ تمامي،

سبز پري پڻ اَچي اُڏامي،

تنهنجي در جي بنجي گولي، تنهنجي ٽوپي.

تو وٽ ڪا تهذيب نه آهي، تقويٰ جي تقريب نه آهي،

غنڊن کي تاديب نه آهي،

ڪن ٿا مستي مُفت مخولي تنهنجي ٽوپي.

تنهنجي سياست منهن جي راڻي، جيڪا هڪڙي اک کان ڪاڻي،

تنهنجي ساه کي ڪئَن سيباڻي؟

جي تو پاڇو، هوءَ پاڇولي تنهنجي ٽوپي.

تنهنجي سياست ٿي ڳالهائي، مومل وارو محل بنائي،

پيار مان توکي ٿي پرچائي،

ڍول تون اُن جو ۽ هوءَ ڍولي تنهنجي ٽوپي.

 

{

 

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا

 

جنگ ۾ راضي، جي تون راڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

جنگ بلاشڪ رک تون جاري،

رب ۽ رسول جو ٿي انڪاري،

آخر ٿيندي حق جي ساري،

باطل ٿيندو داڻا داڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

بيشڪ ڪفر اسلام جو جهيڙو،

هرگز ناهه عوام جو جهيڙو،

هي ته حلال حرام جو جهيڙو،

هڪڙي اک سان ڏسندڙ ڪاڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

قوم جي آهي وقار جو جهيڙو،

ملحد ۽ ديندار جو جهيڙو،

غاصب ۽ حقدار جو جهيڙو،

تنهنجا غيرن سان ياراڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

ڪر نه منافق! ولهڙي وائي،

پاءِ نه پنهنجي منهن ۾ ڇائي،

ملحد جي ڪا ماءُ نه مائي،

مومل وانگر سڀ سان ماڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

دين ۾ جيڪي وجهن ٿا رولو،

تون ئي انهن جي ڌر جو گولو،

جڳ بدنام توهان جو ٽولو،

ڌارين بخشيا، نوٽ ۽ ناڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

جيڪي اصلي وڏا وڏيرا،

توهان انهن جا تتر ٻٽيرا،

انهن جي در تي سو سو ڦيرا،

مفت ملن ٿا مکڻ چاڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

جنگ نه جڳ بدنام سان تنهنجي،

جنگ نه لڇمڻ رام سان تنهنجي،

جنگ فقط اسلام سان تنهنجي،

گارين جا لک تو وٽ گهاڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

جنگ اها طبقاتي ناهي،

جنگ اها ڪا ذاتي ناهي،

دين جي ڳالهه تو ڄاتي ناهي،

ٻول ٿو ٻولين تون ٻاراڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

تنهنجا ليڊر جام پين ٿا،

شرم حيا ڏي ڪين ڏسن ٿا،

”تاڪ ڌنا ڌن“ ناچ نچن ٿا،

تنهنجي ساه کي ڪيئَن سيباڻا.

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

هاڻي ڪا بڪواس نه ڪر تون،

پنهنجي ٺڳيءَ کي راس نه ڪر تون،

قوم جي وحدت ناس نه ڪر تون،

ديس کان ٻاهر ڳول ٽڪاڻا،

ننڍڙي نينگر، گهڻا جماڻا.

 

{

 

ماڊرن سوسائٽي جي ٽيڊي ڇوري

 

ڏيهه  ڏڪارڻ، نحس ندوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ، ڇيڳر ڇوري.

دين جي دولت وڪڻڻ واري،

قوم جي غيرت وڪڻڻ واري،

عزت، عصمت وڪڻڻ واري،

هن کي هردم عيش جي لوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

نئين زماني جي نخريلي،

ڇڙواڳيءَ جي لال حويلي،

هيءَ الحاد جي هڪ البيلي،

ڳجهي ۽ ڳوڙهي، ڳري ۽ ڳوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

سيني ۾ ٿي سياست ڌاري،

ناز سان گڏ ٿي نزاڪت ڌاري،

دل ۾ درد جي دولت ڌاري،

من مدراسي، بت بنگلوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

خواريءَ ۾ بد آب کَليءَ جو،

بيشرميءَ ۾ ٻوڙ پَليءَ جو،

هن جو نينهن، نشان نَليءَ جو،

گهوٽ گهڻا، هيءَ سڀ جي گهوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

عِشق جي اُڀ جي اَختر سڏجي،

دل وارن جي دلبر سڏجي.

سَڀڪو هن جو شوهر سڏجي،

لکن کي هن جي لنئون ۽ لوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

نينهن جي آههِ نسيم به هن سان،

شوق جي آههِ شميم به هِن سان،

راز رياض جي ٽِيم به هن سان

بيشڪ آهي جام بلوري.

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

هن جا رنگ ۽ ڍنگ نيارا،

قرب ٿا ڪن، ڪاليجن وارا،

شائق شيدا، شيدي ڪارا،

مير مُهاڻا، موچي ڪوري.

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

ديوانن سان دل ٿي اَڙائي،

نوان نوان ٿي رنگ رچائي،

بار بره جو ڪٿان ڪڍائي؟

گرم گرم ٿي کائي گوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

اِجهو وري بيتاب ٿي اِيندي،

قوم تي عين عذاب ٿي اِيندي،

هِن جي سِڪ سيلاب ٿي اِيندي،

هن جو حَربو، دل جي چوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

هِن جو حربو، سِڪ جو سَٽو،

وڻي ٿو هن کي ننگر ٺٽو،

سَچو ٿا سمجهن هن جو ڏٽو،

سِنڌي، ميمڻ، خوجا، بوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

هِن جي عشق جو ڏِس اُپراسو،

دَمدم اندر سڀ کي دِلاسو،

ڏِنو پريمين هن کي پاسو،

سيج سندس ڪنهن سوري سوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

نازڪ نانگڻ ننڍڙي آهي،

بيشڪ وِه جي ڳنڍڙي آهي،

ڪن جي قرب جي ڪنڍڙي آهي،

چال چَلي ٿي چوري چوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

راز رياض جا خيما کوڙي،

شرم حَيا جو ٻيڙو ٻوڙي،

”سُور مُئي“ اِيئَن پنڌ ۾ ڊوڙي،

جِئَن ڪنهن سُرخي گهوڙي ٽوڙي،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

پڌرا پيچ وجهي ٿي پلپل،

مٽ نه سندس زربفت ۽ بخمل،

سلڪ، زري، نا ريشم ململ،

هن جي رنگت گوري گوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

بره ۾ هيءَ بيباڪ سڀن کان،

هوڏ ۾ هيبتناڪ سڀن کان،

باطن ۾ چالاڪ سڀن کان،

ظاهر ۾ ڄڻ ڀوري ڀوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

روز بنائي ٿي بتخانا،

هن جي ديد جا لک ديوانا،

شهري شمع جا لک پروانا،

نازڪ نيڻ شرابي شوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

قلب ۾ هن جي آههِ ڪدورت،

مايا جي هڪ آهي مورت،

ڪانهي سهڻي هن جي صورت،

جست جي زنگ آلود ڪٽوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

سدا رهي ٿي سير سفر ۾،

ڪڏهن سکر ۾، ڪڏهن بکر ۾،

اچي نه ٿو ڪو شهر اثر ۾،

ٺيڙهي، دونهون، ڳاڙهي موري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

ڇوري! ڇڏ هيءَ ڦند ۽ ڦيرو،

ڊاهه ٺڳيءَ جو هيءُ آکيرو،

ڪر نه شريفن جو من ميرو،

ڏائڻ! بڻج نه ڏاڍ جي ڏوري،

ٽرڙي ٽيڊي، ڇيڳر ڇوري.

 

{

 

جڳ بدنام

 

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

جن جو دين نڪو اسلام.

سڀڪو مستيءَ جو متوالو،

شرم حيا جو ڪونهي نالو،

چون ٿا ”هو هو جئي جمالو،

مان بانڪو بهرام.“

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

ڦڙ تي کائي ڏيندا ڦيرو،

سڀ جو ٿيندو ڍينگو ڍيرو،

واندو رهندو ڪونه وڏيرو،

ٿيندا سڀئي غلام.

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

جي ٿا ڏسن ڪو هيڻو هاري،

تنهن کي ڏين ٿا هي دلداري،

تو سان پنهنجي پختي ياري،

ٻنيون به تنهنجي نام.

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

جي ٿو ملي مزدور موالي،

ڏٽو ڏين ٿا ان کي خالي،

تون ئي مِلن جو ٿيندين والي،

ڏوڪڙ هوندءِ جام.

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

جي ٿو ملي شاگرد اياڻو،

تنهن کي چون ٿا، ڏيئي ناڻو،

”ڊي – سي“ ٿي ڪر موج ۽ ماڻو،

پاڳل ڄاڻ عوام.

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

ڪيو خراب کري کي کوٽي،

ڏٻري جو من موهيو موٽي،

جيئَن ڪو ويٺو ڀنگ ۾ گهوٽي،

پستا ۽ بادام.

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

وه وا منهنجي ڪامل ڪافي،

ڳالهه ڪريان ٿو صافئون صافي،

موليٰ ڏي انهن کي معافي،

جن وٽ تنهنجو نام.

ڪهڙا جاڳيا جڳ بدنام؟

 

{

 

مُلحد کي مشورو

 

ملحد موڳا، مٿو نه مار!

جيئي بچي اسلام اسان جو.

دين کي سمجهين ٿو بيديني،

تنهنجي يزيدي فوج يقيني،

اسين مجاهد حر حسيني،

حق جي جيت ۽ تنهنجي هار،

اهو اٿئي انعام اسان جو.

سنڌ ۾ ”هندو سيڻ“ گهرين ٿو،

”نئين نيوگ“ جا نيڻ گهرين ٿو،

”ڏاهر“ بنجي ڀيڻ گهرين ٿو،

”مسلم غيرت“ کي نه وسار،

احمق ناهه عوام اسان جو.

پاڻ کي ”ڏاهر“ پاڻ سڏائين،

ڪافر بنجي، ڪفر ڪمائين،

”سنڌ وطن“ کي ٿو شرمائين،

توتي لعنت جي للڪار،

بحث نه آهي خام اسان جو.

هيءَ دنيا اسلام اُجاري،

ڪانه رهي سرمايه داري،

هڪڙي اُٺ تي ڪئي سواري،

نظر ڪري هڪوار نهار،

يڪسان شاه غلام اسان جو.

ڪير چوي ٿو رنگ رچي ڏس؟

مانگر مڇ ٿي خوب مچي ڏس،

ڇورين سان گڏ ناچ نچي ڏس،

ڇير وڄائي ڪن ڇمڪار،

نالو ڪن بدنام اسان جو.

نقلي نعرا، نوان نشانا،

ووٽ وٺڻ جا برا بهانا،

سکڻي شهرت جا ديوانا،

ڪري تشدد جو تڪرار،

نام ٿا ڪن بدنام اسان جو.

لائق ليڊر جي ٿا سڏايو،

پنهنجو مال متاع لٽايو،

اڳ ۾ پنهنجون ٻنيون ورهايو،

ٺلهيون لٻاڙون سڀ بيڪار،

اهڙو هوڪو عام اسان جو.

ملڪ جو دشمن تون ديوانو،

دين ۽ مذهب کان بيگانو،

سنڌ کان ساجهر ٿي تون روانو،

پاڪ وطن ۾ باه نه ٻار،

توسان وير مدام اسان جو.

پاڪ وطن کان پري لڏي وڃ،

پکا پليديءَ جا تون ڇڏي وڃ،

پنهنجن ساٿين کي به سڏي وڃ،

”ڀارت ماتا“ سان گڏ گهار،

گندو نه ڪر تون گام اسان جو.

غير وطن ۾ جايون جوڙي،

لادينيءَ جا خيما کوڙي،

بيدينن جو ٻيڙو ٻوڙي،

اهڙي سکيا ڀل سيکار،

ڪونهي ڪو الزام اسان جو.


 


[1]  رشيد احمد لاشاري چند نظم روڏي موالي جو تخلص اختيار ڪري به لکيا. ڏسو صفحو نمبر 25.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org