سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :6

 

 

 

ديـــــبـــــاچــــــو

(از قلم: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)

رشيد لاشاري، هڪ پورهيت اديب جي علامت (Symbol) آهي. هُو هڪ بهترين نثر نويس ۽ شاعر طور سُڃاتو وڃي ٿو. نه رڳو ايترو بلڪه رشيد لاشاريءَ جو قلم تيزيءَ سان علم ادب جي راه تي سفر طئي ڪندو رهيو. هُو هڪ بسيار نويس ۽ بلند پايه اديب هو. سالن جي لحاظ کان حساب ڪجي ته 48 سالن جي عمر جي دوران 53 ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪري ادب جي دنيا کي شاهوڪار ڪيائين. نج ادبي ۽ تحقيقي ڪم سان گڏ سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصابي گهرج کي به پورو ڪيائين. ان ريت قليچ بيگ ۽ مسافر کان پوءِ هِن ضمن ۾ رشيد لاشاريءَ جون ٽيون نمبر آهي.

منهنجي رشيد صاحب سان ٿوري ئي ملاقات رهي. هُو حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس هاسٽل ۾ ڪجهه وقت لاءِ رهيو هو. آءٌ اُتي رهندو هوس. آءٌ سمجهان ٿو ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪرپٽ رائٽر هو. مون هُن ۾ هڪ مخلص ۽ سادي سودي انسان کي ڏٺو. هُو خيالات جي اختلاف هوندي به ذاتي سطح تي پُرخلوص انسان هو ۽ ڪڏهن به هُن ذاتي سطح تي ڪنهن به ٻاڙو ڪونه ٻوليو. اِها سنڌ جي ادبي حلقن کي خبر آهي ته ڪرسين تي ويٺل صاحب جڏهن معيار ۾ پاڻ کي رشيد لاشاريءَ کان گهٽ محسوس ڪندي اختيارن جو استعمال ڪنداهئا، هُو به اهڙي ڏاڍي جي لٺ کان مرعوب نه ٿيندو هو ۽ کين ترڪي به ترڪي جواب ڏيئي ادارو ڇڏي ويندو هو. علمي ۽ ادبي ادارن کي هُن جي گهرج هئي. پنهنجي عزت نفس کي ڪڏهن به نه ٻوڙيائين ۽ جوڳي رمتا ڀلا جي مصداق وري اڳين مسافريءَ تي روانو ٿي ٿيو. اهو سڀڪجهه رڪارڊ تي موجود آهي.

رشيد لاشاريءَ سان منهنجي نظريات جو بنياد تي ڪڏهن هم آهنگي نه هئي نه آهي. ته به ادب ۾ هُن جي مقام ۽ معيار جو آءٌ معترف هوس ۽ آهيان. سندس واسطو اُن سوچ سان هو، جن مان اڪثر صاحبن پاڻ تي اسلام جي ٽڪلي هنئي هئي ۽ ترقي پسندن تي ڪفر جو ٺپو هڻي ڇڏيو هو. منهنجي سوچ جو دائرو اعتدال جي حد جي اندر رهيو آهي. اُن ڪري ترقي پسندن کي به جڏهن نه وڻيو آهيان ته هُو مونتي رجعت پسنديءَ جي ٽڪلي هڻي ويا آهن. جڏهن 1965ع ۾ يونيورسٽي پاران تعليم لاءِ چين ويس ۽ سال کان پوءِ موٽيس ته اسلام پسندن مون تي ڪفر ۽ ڪميونزم جو ٺپو هنيو ۽ ”وينجهار“ ۾ منهنجن افسانن ۽ ڪتاب ”ڪنزاللطيف“ تي تنقيد ڪيائون. الحمدالله! مون ذاتي سطح تي ڊاڪٽر خليل ۽ ٻين سندس هم نوا اديبن سان دوستيءَ ۽ نيازمنديءَ جو رستو قائم رکيو. پنهنجو مٿو به ٿڌو رکيم. ان ڪري هيترو وقت گذرڻ ۽ ادبي حلقن ۾ ساڃهه جا سلسلا وڌڻ ڪري هاڻي حالات بهتر آهن. هر ڪنهن جا خيالات ۽ نظريا جيڪي به آهن، اُنهن جو کين حق ۽ اختيار آهي. تنقيد جو سلسلو موجود آهي. اُن ۾ محاذ آرائي ۽ دشمني نه وڌي. آءٌ اِن نهج سان هليو آهيان. اِهو منهنجو ڪلهه به ۽ اڄ به خيال آهي ته رشيد لاشاري هڪ اديب جي حيثيت سان بلند معيار جو مالڪ آهي. هُن جي زبان جي ڄاڻ ۽ شعر جي پرک اعليٰ آهي. اُن سان گڏ هُو گهڻين زبان جو ڄاڻو به آهي. جهڙو نثر ۾ اهڙو ئي نظم ۾ هُو هڪ وڏو ليکڪ آهي. هتي اسان جو واسطو خاص طور شعر سان آهي. اُن ۾ هن جي فن ۽ فڪر جو معيار ڏسڻ سان کيس هر ڪو داد ڏيندو رهيو آهي. رشيد صاحب جي ڪتاب ”رياضِ رشيد“ ۾ آيل سندس اردو، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ فراسي ڪلام مان ٻولين جي حقيقي ڄاڻ جي پروڙ پوي ٿي. هُو هڪ پختو شاعر هجڻ سان گڏ انهن زبانن جو سچو ڄاڻو هو. زير نظر ڪتاب ۾ آيل ڪلام به رشيد لاشاريءَ جي شاعرانه عظمت جو ثبوت آهي. هِن ڪتاب ۾ آيل بيتن، واين، ڪافين، غزلن، نظمن، قطعات، منقبتن ۽ گيتن جي زبان ۽ بيان ۾ هڪ اعليٰ شاعر پيو ڳالهائي. رشيد لاشاريءَ جي سرائڪي ڪلام جو مجموعو ”سنڌ دي سوغات“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. شاه جو اردو ترجمو سندس سوچ ۽ معيار جو نمونو آهي.

زير نظر ڪتاب ”لڙڪ ۽ مرڪ“، سندس فرزند مختار احمد وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان ترتيب ڏنو آهي.

جنهن ۾ شعر جون مختلف صنفون موجود آهن. خدا جي ثنا کان وٺي غزل ۽ گيت تائين ڪلام ۽ پختگي ۽ انفرادي انداز موجود آهي. مجموعي جي ٻي حمد ۾ جذبات جو اظهار هن ريت ڪري ٿو. ع

عالم تي آهي هر دم، اِنعام تنهنجو موليٰ،

هر هڪ زبان تي آهي،. بس نام تنهنجو موليٰ،

خلاق سڀ جو آهين رزاق تنهنجو نالو،

مخلوق ڏي هي آيو پيغام تنهنجو موليٰ،

حضور نبي ڪريم صلي الله وسلم جي نعت ۾ به عقيدت جو ۽ جذبن جو اُهو ئي اعليٰ انداز آهي، جنهن مان شاعر جي حضور جن ڏي محبت نمايان آهي.ع

يا نبي نورِ جاودان آهين،

ڪنت ڪنزا جو داستان آهين،

”قاب قوسين“ جو تون ئي مالڪ،

تون عيان آهين، تون نهان آهين.

يا - ع

هر چيز ۾ ٿا ڏسجن آثار مصطفيٰ جا،

اِحسان جڳ ۾ آهن اِظهار مصطفيٰ جا.

هر وقت ياد ڪن ٿا مستيءَ ۾ مصطفيٰ کي،

آهن اُڃان ازل کان ميخوار مصطفيٰ جا.

آهيون مريض ليڪن ناهي غرض دوا جي،

سڏجن ٿا خود مسيحا بيمار مصطفيٰ جا.

حضرت غوث اعظم، شاه لطيف، سچل ۽ ٻين مشاهير ۽ اڪابرين جي عظمت تي رشيد صاحب منقبتون لکيون آهن، جن ۾ عقيدت جا گل ته آهن، پر اعليٰ شاعرانه ڪمال جو به مظهر آهن. سچل سرمست تي درازن جو قاصد جي سِري هيٺ لکي ٿو.ع

ڪانگل اُڏري آءُ،

مون وٽ شهر دراز کان.

سوگهو سانڍيم ساه ۾،

سچل! تنهنجو ساءُ

مون وٽ شهر دراز کان.

اٿم ساه اُٻاڻڪو

گهلي وَصل جو واءُ

مون وٽ شهر دراز کان.

تنهنجي رمز ”رشيد“ سان

دل ۾ هجر جو گهاءُ

مون وٽ شهر دراز کان.

ڪافين ۾ زبان ۽ بيان، جذبات ۽ موسيقيت جو پورو پورو توازن ۽ آهنگ رکيو اٿس. ڪافين ۾ عشق جي واردات ۽ مجاز جو رنگ هڪ طرف موجود آهي ته ٻئي طرف بزرگن سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار به آهي. مجاز ۾ هجر ۽ وصل، ڏک ڏوراپي جو ذڪر ڪافيءَ ۾ حسن پيدا ڪري ٿو. رشيد لاشاري ڪافيءَ جو بهترين شاعر آهي. مجاز ۾ اکڙين جي اڙڻ بابت چوي ٿو.ع

اکڙيون اڙايم ويس وڳي ۾،

دل نه پرويم سڪ جي سڳي ۾،

ننڊ ڏنو ناسور ڀينر،

مون نه سڄڻ کي ساهه ۾ سانڍيو،

پاڻ ”رشيد“ اَڙاءِ اجل ۾

ڪين ڪا هلندي جهنگ جبل ۾

ڪنهن کي ڪريان مجبور جيڏيون.

مون نه سڄڻ کي ساه ۾ سانڍيو.

سنڌيءَ ۾ بيت، اختيار ڪرڻ لاءِ نمونو شاه جو رسالو آهي. سڀني متاخرين رسالي مان ئي بيت جي فن کي ورتو آهي. رشيد لاشاري به رسالي مان فيض ياب ٿيو آهي ۽ بيت جو هڪ پختو شاعر بنجي ويو آهي. هيٺين بيتن ۾ سُر کنڀات جو مضمون آندو اٿس.ع

چانڊوڪيءَ ۾ سيج تي، جئن پرين پسايو پاڻ،

ڌرتيءَ کي چانڊاڻ، ڳل ۾ ڳراٽيون وڌيون.

 

چانڊوڪيءَ ۾ سيج تي، سُتو رات سڄڻ،

عطر مشڪ عنبير سان ٻَهڪي ڇو نه اڱڻ؟

چنڊ چَريو ٽيڙو اُڀا، تارن جو ٽمڪڻ،

هيرون لڳيون جهلڻ، پکو پرينءَ کي پيار مان.

غزل جو به رشيد لاشاري بهترين شاعر آهي فن ۽ فڪر، عروض ۽ بديع جا بهترين نمونا سندس غزل ۾ موجود آهن. سندس غزل ۾ ڪٿي به وزن جو سقم ڪونهي، کيس علم عروض جو پورو مطالعو هو. وزن جي چُستي ۽ الفاظ جي نغفمگي سندس غزل ۾ خوبصورتي پيدا ڪئي. اهڙي ريت علم بديع جا به وٽس بهترين نمونا موجود آهن. غزل ۾ رشيد صاحب جي شعرن جا چند مثال هي آهن.ع

لاچار آهي مفلس، نادار آههِ مفلس،

نادار آهه مفلس، لاچار آههِ مفلس.

بيزار آههِ مفلس، دنيا جي زندگيءَ کان،

دنيا جي زندگيءَکان، بيزار آههِ مفلس.

حقدار آههِ مفلس، امداد جو ”رشيد“ اڄ،

امداد جو ”رشيد“ اڄ، حقدار آههِ مفلس.

تغزل جو وجود غزل جو حسن آهي، اُن جا رشيد لاشاري وٽ بهترين شعر آهن. ع

خيالن ۾ جي آشنا ٿي وڃن ٿا،

حقيقت کُلڻ تي جدا ٿي وڃن ٿا.

 

ٻُڌي زندگيءَ جون آهون ۽ دانهون،

هزارين زمانا، هوا ٿي وڃن ٿا.

 

مري وڃبو ٿيندا پراڻا هڏا پر،

نوان هوندا هردم نظارا اسان جا.

 

”رشيد“ اهنجو سفر آهي، حياتي دم گذر آهي.

غزل محبوب کي پنهنجا ٻُڌائي وٺ ٻُڌائي وٺ.

 

رهندس عَروسِ نظم جو زيور ٿي بعدِ مرگ،

بيڪار ٿين ٿا فيل سندا اُستخوان ڪٿي.

اهڙي طرح گيت، نظم ۽ ٻين صنفن ۾ به رشيد لاشاريءَ جو معياري ڪلام هن ڳالهه جو شاهد آهي ته هُو پنهنجي دور ۾ سنڌي شاعريءَ جو هڪ پخته گو شاعر آهي. فلمي گيتن ۾ ادبي رنگ قائم رکيو اٿس. سنڌي فلمن کي وري اهڙو نغمه نگار نه مليو. طويل نظمن ۾ ۽ خاص طور مسدس بند ۾ رشيد صاحب جي قلم جي رواني بيمثال آهي. ”لالچي طوطو“ هڪ بهترين نظم آهي. هن ۾ تخيل جي پرواز خاص طور ڌيان ڇڪائي ٿي.ع

طوطا هي تنهنجو پڃرو توکي جڳائي!

آزادگي پکين جي، تو ڇو وڌي لڄائي؟

پرواز کان ڇو توکي لالچ وڌو ٿڪائي؟

واهڙ ڏسي هوس جا، تو پر وڌا پُسائي،

خود کي ”ميان مٺو“ ٿي جيڪا زبان سڏائي،

جي سچ پڇين ته اُن کي ڇڏ پاڙ کان وڍائي،

طوطا ”مِٺو مِٺو“ ڇڏ پنهنجي ڪا ٻول ٻولي،

کوهي خوشامدي پر، غيرت جي پاءِ چولي،

پڃري کي پر هڻي ڀڃ ۽ رت جي کيڏ هولي،

پنهنجي چمن ۾ اُڏري، پنهنجي وساءِ ٽولي،

پنهنجي ولر سان آهي، اُڏرڻ مفيد تنهنجو،

جي تون ٿئين وطن جو، آهي”رشيد“ تنهنجو.

اهڙي طرح ڏسبو ته رشيد لاشاري سنڌي ۽ ٻين ٻولين جو هڪ وڏو شاعر آهي. هُو فن ۽ فڪر يگانو آهي. زبان ۽ بيان جو بادشاه آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سندس فرزند مختار احمد ڪلام کي گڏ ڪري هن ورثي کي محفوظ ڪيو آهي. اُن لاءِ آءُ کيس مبارڪون ڏيان ٿو. اُميد ته سنڌي ادب جا شاگرد، ادبي حلقا ۽ عام پڙهندڙ هن شعر جي مجموعي مان مستفيد ۽ مستفيض ٿيندا ۽ ويهين صديءَ جي هن شعري روايت جي صحيح ڪٿ ڪندا.

 

فقط

عبدالجبار جوڻيجو

96-8-28

بدين سنڌ

سابق ڊين سنڌ يونيورسٽي ۽

سابق چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org