سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :50

 

نل جي وراڻي

”ڏنو نَل دمنتيءَ کي تنهن تي جواب،

ته ”مون کي نه آهي ڪو ان ۾ حجاب،

”جو پيءُ آهه تنهنجو سو منهنجو پدر،

سندس گهر کي سمجهان ٿو مان پنهنجو گهر،

”مگر هاڻي اهڙي مصيبت ڏسي،

نه ويندس ڪڏهن اُن جي گهر ڏي هلي،

”نه مون لاءِ آهي مناسب اِهو،

”بهادر ڪڏهن ٿا نه گيدي ٿين،

مصيبت کي بس مڙس ٿا مُنهن ڏين،

”اُهو ڏينهن توکي ڀلا ياد آهه،

ڪئي ياد جنهن جي هيءَ دل شاد آهه؟

”ڏٺوسين ڪڏهن ٿي خوشيءَ مان ”سُمير“،

۽ وڃبو هو اُن هنڌ ساجهر سَوير،

”وڌايم ٿي اُن هنڌ تنهنجي خوشي،

ڪڏهن پاڻ کي تو نه ڀانيو دُکي،

”ڀلا هاڻي ڪئن مان ڪريل ٿي هلان؟

۽ توکي سدائين ڏکويل ڏسان!

”اهو آهه گيديپڻو مرد ۾،

اِضافو ڪري زال جي درد ۾،

”اجايو نه ڪر پاڻ کي بيقرار-

چيو نل، دمنتيءَ کي اِئين بار بار.“

 

نل جو دمينتيءَ کي ننڊ جي حالت ۾

ڇڏي هليو وڃڻ

”اِنهيءَ ريت اَڌ ڪپڙو پهريل ڪنوار،

تسلي ڏيڻ سان ٿي ڪجهه هوشيار،

”ٻنهي هڪڙي ڪپڙي کي گڏجي ڍڪيو،

۽ اِن ريت هڪٻئي جو رايو رکيو،

”لڳا بن ۾ ڀٽڪڻ، ٿي بيحد اُداس،

وِڌن موت جي منهن ۾ بک ۽ پياس،

”ڇڏڻ تي هئا پنهنجا پويان پساه،

ته هڪ ڌرم شالا تي پيئي نگاه،

”اَچي اُن ۾ داخل ٿيا دردمند،

۽ سايو اُتان جو ڪيائون پسند،

”ٻئي گڏجي ويٺا اَچي فرش تي،

خيالن ۾ پهتا وڃي عرش تي،

”اُهو نل مصيبت ۾ ساڻو ٿيل،

بکايل، اُڃايل، ٿَڪل ۽ ٽٽل،

”ڀڀوتي بَڻيل ۽ اُگهاڙو بدن،

پريشان، غمگين ۽ پُر محن،

”غرض نل، دمنتي ٻئي سر ڦريا،

نراسائيءَ کان پل ۾ پٽ تي ڪريا،

”دُکي ست- ڪماري به بيهوش ٿي،

خيالن جي دنيا ۾ روپوش ٿي،

”نهوڙي نيو ننڊ اُن کي شتاب،

لٿو جنهن جي اُميد جو آفتاب،

”اِنهيءَ ريت نَل جي وئي اک لڳي،

زماني جي ڳڻتي انهيءَ کان ڀڳي.“

 

نل جو دمينتيءَ کي ڇڏي هليو وڃڻ

”ذرا غور سا ٻڌ اِها ماجرا!

تون ويشن جو آهين پتي پارسا!

”يڌشٽر، هتي غم جو گذران آهه،

اِها ڳالهه قصي سَندي جان آهه،

”دمنتي جڏهن ننڊ سان ٿي نهال،

تڏهن نَل جون وايون ٿيون سڀ بَتال،

”ڪندو ننڊ هو جهڙي هن کان اڳي،

اُها ننڊ هاڻي ڪٿان ٿي ملي!

”ٿي وڦليو ۽ پاسا ورائڻ لڳو،

غمن جي پٺيان غم پرائڻ لڳو،

”ڪيو اُن کي فڪرن جي آتش ڪباب،

ويو پئجي اُونهيءَ ’ٽٻيءَ ۾ شتاب،

”رنو ٿي ڏسي پنهنجي تدبير کي،

چيائين ”ويو تخت تاراج ٿي،

ڇڏيم تاج شاهيءَ کي بي تاج ٿي!

”ٿيا دوست احباب بيزار سڀ،

ويا مٽ ۽ مائٽ به ٿي ڌار سڀ،

”ڏٺم هر طرح جي مصيبت جو رنگ،

وڃايم سڄو پنهنجو ناموس ننگ!

”اِهو سوچي دل ۾ ڪيائين خيال،

ته ”حاصل ٿئي ڪيئن وڃايل ڪمال!

”ڀلا ڇا ڪريان جو ٿيان ڪامياب،

۽ واپس ورايا مان عزت ۽ آب!

”ڏسان زندگيءَ ۾ ٿو ڇو ٿرٿلو!

اِنهيءَ کان مرڻ آهه بلڪل ڀَلو!

”ڇڏيان ڇو نه هن حال ۾ زال کي،

ڏسي ٿي جا جهر جهنگ جنجال کي!

”اگر هن جو مون سان گهڻو پيار آهه،

۽ منهنجي محبّت ۾ سرشار آهه،

”فقط منهنجي ڪرتوت سببان هتي،

ڏکن جي پٺيان ڏک ٿي سهندي رهي،

”مگر هاڻي اِئين ٿو مناسب ڏسان،

ته هن کي ڇنان پاڻ کان اَڄ هتان،

”وڃي ڪُجهه ته دنيا ۾ پائي قرار،

ٿئي منهنجي دل تان به هلڪي غبار!

”اِنهيءَ ريت هيءُ خوب سوچڻ لڳو،

لڇيس دل ٿي ۽ من لوچڻ لڳو،

”سوين پَهه پچائي ۽ ڳڻتيون ڪري،

خيالن جي دنيا ۾ پهچي پري،

”اِنهيءَ ڳالهه تي نيٺ بيٺو اچي،

ته ”ڪنهن ريت بنجي دمنتي سُکي!

”چڱو آهه ظالم زمانو ڇڏڻ،

ڪڌائپ سندو ڪارخانو ڇڏڻ،

”اُها منهنجي پتني سهاڳڻ سڄاڻ،

سگهڙ ۽ مهاڀاڳ، عصمت جي کاڻ،

”اٿس اهڙي جراءت ۽ مردانگي،

جو ڏِک ٿي ڏئي هڪ پهلوان جي،

”اَٿس اهڙو حاصل ٿيو رعب، جو

سندس نام وٺندو نه رستي ۾ ڪو.

”غرض نل پريشان هو سَربسر،

ڪليءَ جو سندس جسم ۾ هو اَثر،

”اِنهيءَ لاءِ هن جو ٿيو هوش گم،

دماغي توازن سندو پوش گم،

”خيال اُن جي دل ۾ هي جاڳيو خراب،

ته ڇنجي دمنتيءَ جي صحبت شتاب،

”هتي ننڊ ۾ اُن کي ڇڏجي کڻي،

اِها ڳالهه اَڄ آهه دل کي وڻي.

”مگر اُن سان گڏ هيءُ به آيس خيال،

اُگهاڙو رهڻ آهه گويا وبال،

”دمنتيءَ کي هڪ آهه چادر جڏهن،

ڍڪي اُن ۾ ٿي جسم اطهر جڏهن،

”ته اڌ ڇو نه مان اُن جو ڦاڙي وٺان،

۽ اُن مان سٺي گوڏ ٺاهي ٻَڌان،

”مگر ڪئن ٿي چادر بدن تان لهي،

دمنتي مبادا نه جاڳي پَوي!

”اُها منهنجو مطلوب مرغوب آهه،

مٺي مَهه لقا آهه محبوب آهه،

”اڳي سج به اُن کي نه آهي ڏٺو،

نه عصمت سندس سر کي کُلندي سَٺو،

”اُنهيءَ اَڄ وسائي اَچي ڌرمسال،

جو آهي ڪمال، اُن کي آخر زوال،

”دمنتي مٽيءَ تي سُتل آهه اَڄ،

اَٿس ڪين ڀَر ۾ وهاڻو ۽ ڪڄ،

”سَتي اڄ سُتي آهه ڌرتيءَ مٿان،

پَٿرڻيون پلنگ اڄ گهرائي ڪٿان!

”اِها سُهڻي سُندر ۽ منهن مرڪڻي،

وئي اوچتو ننڊ جنهن کي کڻي،

”وڍيل ڪپڙو ويڙهيو جي هن جسم تي،

هي ڊپ آهه جاڳي نه هڪدم پوي!

”جي جاڳي اُها گلبدن گلعذار،

ڏنگا جنهن جا آبرو ۽ واسينگ وار،

”ته ڪهڙو ڪندي پنهنجي دل ۾ خيال،

۽ ٿيندس نه حاصل ڇو رنج و ملال؟

”اَڪيلي ٿي منهنجي هي ڀيمي سَتي،

وڇوڙي ۾ منهنجي، ڀلا ڪئن ڪندي؟

”هرڻ، نانگ ۽ شينه آهن جتي،

گذارو ڪندي ڪئن دمنتي اُتي!

”گهڻو سوچي سوچي وڃايائين هوش،

نه سوچڻ ۾ اڳتي هلايائين هوش،

”چيائين دمنتيءَ کي هيٺيون سخن،

وساريائين پنهنجو پراڻو وچن،

”ته ”تنهنجا سدائين هجن غمگسار،

”آدتيه“ ”وسو“ ۽ ”اَشوني ڪمار!“

”هجي شال ”رودر“ به تو سان نهال،

”مروست گڻ“ ۽ ٻيا وڏا لوڪپال!

”تون آهين مهاڀاڳ، سورهيه سَتي،

ڀلي ڍڪ تون چادر سدا ڌرم جي!

”اهو نيشڌ جئن ختم گفتو ڪيو،

وڍي ڪپڙي جو اَڌ روانو ٿيو،

”اَڪيلي وئي رهجي سا مَهه جبين،

نه دنيا ۾ جنهن جهڙو هو ڪو حسين!

”دمنتيءَ بنا ڪئن ٿي نل جي سري!

هلي اڳڀرو پُٺتي موٽيو وري!

”اَچي ڌرمشالا جي در وٽ پڳو،

اچڻ ۽ وڃڻ اُن ۾ هر هر لڳو،

”ڪئي هڪ طرف ڏي ڪليءَ اُن کي ڇڪ،

۽ ٻئي پاسي جاڳيس دمنتيءَ جي سڪ،

”ٻه واٽي تي گم هوش اُن جو ٿيو،

سندس هِردو ٻُڏتر ۾ پئجي ويو،

”ٿيس نيٺ غالب ڪليءَ جو اثر،

ڇڏيائين دمنتيءَ جي هڪدم پَچر،

”سُتل دوست آڏو رنو زار زار،

اکيون ڇا سندس دل به ٿي اشڪبار!

”مگر بنجي مجبور راهي ٿيو،

دمنتيءَ جو الله واهي ٿيو!

”ڪليءَ اُن کي اهڙو هو جڪڙيو کڻي،

اڳياڙي پڇاڙي نه هن ڪا ڳڻي،

”سوا سوچ ويچار جي هن اَمير،

وڃائي نصيبن جي پنهنجي لَڪير،

”ڇڏي سڃ ۾ محبوب پنهنجو مٺو،

ڏئي هجر اُن کي روانو ٿيو.“

 

دمينتيءَ جو ننڊ مان جاڳي پريشان ٿيڻ

”جڏهن نيشڌ نڪري ويو اڳڀرو،

۽ پهتو وڃي ڏور اُن جو پَرو،

”تڏهن ٿي دمنتي اُمالڪ سجاڳ،

اکين سان ڏٺائين نحوست نڀاڳ،

”اُٿي ناز پرداز، نازڪ ڪمر،

نئين ننڊ اُکڙيل، ۽ غم بيشتر،

”نه نَل کي ڏسي، هن تنوارون ڪيون،

گهڻي ڊپ وچان سَو پُڪارون ڪيون!

چيائين، ”مهاراج مالڪ مٺا!

ڪئي نيٺ مون تنهنجي ڪهڙا خطا؟

”سوامي ڀلا ڇو ٿو مون کي ڇڏين!

اِنهيءَ ريت گوندر ۾ ڇو ٿو گڏين

”مُيس ۽ ٿيس ناس اڄ هاءِ هاءِ!

نه جيئري جدائيءَ ۾ جانب جلاءِ!

”صفا سڃ ڏسي ڊپ ٿو مون کي وٺي،

لڪل آهين اي ناٿ منهنجا، ڪٿي!

”سچو ڌرم جو تون، سخي پاڪباز،

صداقت جو سردار ۽ سرفراز،

”اِنهيءَ حال ۾ ڪئن تو مون کي ڇڏيو؟

سُتل کي نه ڇو سڪ منجهان تو سڏيو؟

”جڏهن تنهنجي پياري هُيس اِستري،

پُڪاريو ٿي تو خود ”سُگهڙ ۽ سَتي“!”ڪيم ڪين ڀُلجي به تنهنجو گناه،

هئي پيار تنهنجي جي هردم پناه،

”تڏهن مون کي ٻين جي حوالي ڪري،

ويو آهين پيارا پرين، ڇو پَري؟

”چوان توکي ٿي صاف نَر اِيشور،

خبر کان ٿيو آهين ڇو بي خبر!

”هئا روبرو جنهن جڳهه لوڪپال،

اُنهيءَ پنهنجي وعدي کي ڪر تون بحال،

”اِهو سوچ دل ۾ تون اي معتبر،

ڇني مون کي جي ٿو ڪرين دربدر،

”سوا تنهنجي زنده رهي ڪئن سگهان!

اکين سان نٿي ڪانڌ توکي ڏسان،

”جي ناهين ته ٿي زندگي پُر خلل،

جدا ٿي رهڻ کان اچي شل اَجل!

”سوا تنهنجي ٿي زهر ڄڻ زندگي،

پَتيءَ کان سوا آهه شرمندگي،

”وڃايو وڇوڙي سڄو طمطراق،

چوان ٿي ادب سان نه آهي مذاق،

”ستم- ڪيش، ظالم نه ٿي دلربا،

مئيءَ ڪين مارج اي منهنجا مٺا!

”نه راجا، اکين کان تون آهين پري!

تصور ٿو تن من کي تازو ڪري،

”لڪي ٿو سگهي ڪين منهنجو مٺو،

اِجهو توکي هاڻي مون آهي ڏٺو!

”ڇو ٻوٽن ۾ مُنهن ٿو لڪائين پرين!

ستايل کي ڇو ٿو ستائين پرين!

”جگر جان کي ڇو ڪرين ٿو ڪباب؟

ڏئين ٿو نه ڇا لاءِ جانب جواب؟

”ادب سان چوان توکي ٿي سنگدل،

نه ٿي پل پري، اچ، اي محبوب مل!

”سهي ڪئن سَتي هت ستم تي ستم،

اچي ٿيءُ وسوڙل جو ڀيڻي ڀرم!

”اي محبوب نَل خوش لقا خوش خصال،

ولهيءَ تي ڪري وڙ، ورائج وصال!

”نه پنهنجي، نه ٻئي ڪنهن جي ڳڻتي اٿم،

نه ڊپ آهه ڪو، تنهنجي سر تي قسم!

”فقط دل ۾ اُڻ تڻ اِها ٿي رهي،

اَڪيلو متان منهنجو جاني ٿئي!

”نه اي نل، ڏسان توکي شل بيقرار،

رهين خوش، هجين جت به اي ذي شعار!

”وئين مون کان وڇڙي ڇو منهنجا اجها،

اُڃايل، بُکايل مها آتما!

”جڏهن شام جو موٽي اِيندين هتي،

نه ڏسندين دمنتيءَ کي حاضر ڪٿي،

”نه پاڙون وڻن جون ڪو ڏينديون جواب،

ڪندا اُڀ ۽ ڌرتي نه توکي خطاب،

اُنهيءَ وقت تون ڪيئن ڪندين، سچ ٻڌاءِ!

اِها ڳالهه مون کان نه ڪنهن پر لڪاءِ“،

”اُنهيءَ بعد هوءَ غمزده دردمند،

خموشيءَ جي رشتي ۾ ٿي ڪين بند،

”وئي هوش کان ٿي پريشان حال،

رهيس ڪين ڪنهن ڳالهه جو ڪو خيال،

”ڪري خوب ورلاپ ڊوڙڻ لڳي،

بيابان ۾ ور کي ووڙڻ لڳي،

”نڌڻڪي نڌر، ٻالڪي بيقرار،

اُٿڻ ٿي لڳي فرش تان بار بار،

”مگر هر گهڙيءَ سر ويس ٿي ڦري،

۽ ڌرتيءَ تي بيهوش ٿي ٿي ڪِري،

”ڳري ۽ جهُري، لک تنواريون ڪري،

رُني رت، پرينءَ کي پڪارون ڪري،

”سراسر سڄي پُر اَلم ٿي وئي،

جَلي سوزِ م ۾ ڀسم ٿي وئي.“

 

دمينتيءَ جو ڪليءَ کي پاراتو ڏيڻ

انهيءَ ريت ڀيميءَ سُلڇڻي سچار،

ڪيا خوب ورلاپ بي اختيار،

”مليس نيٺ همت جو پُر ڪيف جام،

ٿڌو ساه کڻندي، ڪيائين ڪلام،

”الاهي، تون ٻڌ منهنجي هيءَ التجا،

سوا تنهنجي آهي نه ڪو هم نوا!

”اُهو ڀوت جنهن پاڻ کي ڏک ڏنو،

ٿئي شال دنيا ۾ بيحد ڪنو!

”ڪيو نيشڌ کي جنهن گهڻو بيقرار،

هجي شل اُهو آفتن جو شڪار!

”اِنهيءَ کان به شل دک زياده ڏسي،

پِتو اُن جو رنج و اَلم ۾ ڦِسي!

”اُهو آهه پاپي وڏو سنگدل،

سندس پاپ ٻاري ٿو رڻ مُستقل،

”پريشان جنهن نل کي ههڙو ڪيو،

اُهو شال لقمو ٿئي موت جو!

”سندس زندگي زهر بنجي پوي،

مصيبت ۾ ڦاسي، چُڙندي مَري“

”اِنهيءَ ريت ورلاپ ڀيميءَ ڪيا،

مهاآتما کي ڪيا سڏ وڏا!

”جتي ڪانه ٻي سرپرستي هئي،

مرن جي جتي خاص وستي هئي،

اُتي اُن ٿي ڳوليو ڀلارو ڀَتار،

ويس موڙهجي مت، رُني زار زار!

”پُڪاري سڄڻ کي، ڪري هاءِ هاءِ،

چيائين ته ”راجا“ نه رڻ ۾ رُلاءِ!

”رڙان اِئين ٿي تو کان پري،

چِچي جئن چڙهي ڀت تي چيٽون ڪري،

”رهي دل ۾ هردم ٿو ڊپ ۽ هراس،

اُٿاريان ٿي آهون ۽ آهيان اُداس!“

 

هڪ ازدها جو دمينتيءَ تي حملو ڪرڻ ۽

شڪاريءَ جو کيس بچائڻ

”اتي جيئن ٿي ڀيمي ذرا اڳڀري،

ته آيس اڳيان ازدها هڪ وري،

”پَٽيو ازدها وات ميدان ۾،

ڳهي وئي دمنتي کي هڪ آن ۾،

”جڏهن هن کي اجگر ڳهڻ ٿي لڳو،

تڏهن فڪر پيدا ٿيس نيشڌ جو،

”رهيس ڪين پنهنجي مصيبت جو غم،

ٿيس دور پنهنجي هلاڪت جو غم،

”اگر ڀؤ ورايس ته نَل وير جو،

مٺي مهه لقا، دوست دلگير جو،

چيائين ته ”شل نَل سلامت رهي،

سندس سر تي اهڙي نه آفت اَچي!

”مُئس مان ته صدقي سندس نام تان،

وڃن گهور سَو ساه گلفام تان!

چيائين ته ”اي، ناٿ، هي رنگ ڏس!

دمنتيءَ ۽ سَڪرات جو سَنگ ڏس!

”ٿيس بي وسيلي، ٿو اجگر ڳهي،

حياتي ٿي بس ختم هاڻي ٿئي!

”تون ڇا لاءِ ٿو ڪين ڊوڙي اَچين،

سوين سڏ ڪريان ٿي، ڪٿي ٿو وسين؟

”ڪندين نل تون منهنجي مرڻ بعد ڪيئن؟

محبت جي ناتي ڇڄڻ بعد ڪيئن؟

”ڪندين ياد جيسين اي دلبر وري،

ويا هوندا هڏ گڏ به تيسين ڳري!

”وساريو تو ڇو آهه پيارا پرين!

ڏسان ڇو ٿي اهڙا نظارا پرين!

”اَلائي ڇو مون کان ٿئين تون خفا،

سڏيان توکي مان ڪيئن ڀلا بيوفا!

مٺا نل، تون نازڪ نماڻو نٻل،

بُکايل، اُڃايل، ٿَڪل ۽ ٽُٽل،

”ڪندين ظلم کان جلد حاصل نجات،

۽ اِينديون وري تو ۾ ساڳيون صفات!

”اِضافو ٿي رهندو گهڻو هوش ۾،

ڪندين مال ڌن کي تون آغوش ۾!

”نه دشمن جو رهندو ڪو توکي هراس،

ڪندين شير بنجي تون اُن کي اُداس!

”متان پوءِ مون کي وساري وهين،

نڀاڳيءَ کي دل تان ڌڪاري وهين!

”اِهي هن جا واڪا ۽ ڪيڪون ٻڌي،

شڪاري اَچانڪ ڪو آيو لنگهي،

”ڏٺائين جو مرندي هيءَ رشڪ چمن،

ڊگها وار جنهن جا ۽ نازڪ بدن،

”ڳهيو اُن کي هو اُن مهل اَزدها،

اَجل اُن جي سر تي هو آندو قضا،

”ڪيو اُن شڪاريءَ به حملو شتاب،

۽ تيرن هڻڻ ۾ ٿيو ڪامياب،

”اِنهيءَ نانگ کي هٿ ۾ سوگهو جهلي،

وڏو وات اُن جو وڌائين ڇلي،

”ڪٽاري کڻي، اُن کي چيري وڌئين،

۽ اک ڇنڀ ۾ اجگر کي ڦاڙي رکيئين،

”سندس پيٽ ڦاڙي به ڦاڪون ڪري،

دمنتيءَ کي اُن مان ڪيائين پري،

”شڪاريءَ، شڪاريءَ کي ماري وڌو،

نصيب اپڇرا جو سَنواري وڌو،

”ٿيو پٽ تي پرزا ڀُجنگي اُهو،

نه جيڪو هلي ۽ چلي ٿي سگهيو،

”دمنتيءَ کي حاصل ٿي ان مان نجات،

ملي اُن کي گويا نئين سر حيات،

”شڪاريءَ سندس مُنهن تي پاڻي وڌو،

سڄو جسم ڌوئي صفا پڻ ڪيو،

”ڏنائينس کائڻ پيڻ لاءِ ڪُجهه،

سهارو ملي ويس جيڻ لاءِ ڪُجهه،

”سندس من کي جئن سانت پهتي شتاب،

پٽيائين اکيون، دور ٿيو نيم خواب،

”شڪاريءَ ڪيو اُن تي هڪدم سوال،

ته ”اي، ناز پرور، اي شيرين مقال!

”گل اندام گلفام اي گلبدن!

اي رشڪِ چمن، حسن جي انجمن!

”اَمانت تون ڪنهن جي، ڪٿي تنهنجو گهر؟

هتي آهين برپٽ ۾ ڇو دربدر؟

”کنئي سِر تي تو ڪيئن مصيبت اِها،

پِرائي ڪٿان تو هلاڪت اِها؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org