انتساب
پنهنجي مٺڙي ماءُ ”امان ٻائي لاشارڻ“ جي نوازش ڀرئي نالي سان
منسوب ڪريان ٿو. جنهن پنهنجي مٺڙي مادري ٻولي سهڻي
سرائڪيءَ ۾، مون کي لطف کان ڀريل لافاني لوليون
ڏنيون ۽ انهيءَ صاف سٿري ۽ سليقي واري ٻوليءَ جي
صدقي، مون کي نه رڳو پنهنجي محبوب ملڪ جي پياري
سنڌي ٻوليءَ ۾، بلڪه ٻين ستن ٻولين ۾، به نظم ۽
نثر لکڻ جي سعادت نصيب ٿي.“
رشيد احمد لاشاري
پنهنجي پاران
والدِ محترم رشيد احمد لاشاري جي سنڌي ڪلام جو مجموعو ”لڙڪ ۽
مُرڪ“ اوهان جي خدمت ۾ پيش آهي. فطري طور تي
پنهنجي والد صاحب سان بي پناه محبت و عقيدت، سندس
بي شمار ادبي و شعري تخليقات ۽ پنهنجي وکريل ادبي
ورثي يا والد صاحب جي ڇڏيل تخليقي و قلمي پورهيي
کي محفوظ ڪري عام و خاص تائين پهچائڻ جو جذبو، هن
۽ اڳ ڇپرايل ڪتابن جي منظرِ عام تي آڻڻ جو سبب
بڻيو.
”رياضِ رشيد“ ”سنڌ دي سوغات“ ۽ ”ڪلامِ رشيد“ جي اشاعت کانپوءِ،
سخت جاکوڙ جي نتيجي ۾، باقي رهجي ويل تقريباً
سمورو ڪلام پيشِ خدمت آهي پر يقين سان چئي سهگجي
ٿو ته سندس خانه بدوشي دوران ضايع ٿي ويل ڪتابن،
مڪمل ڪلام جي عدم دستيابي، زماني جي دست برد ۽ ڪن
ٻين سببن ڪري سندس گهڻي قدر ڪلام مٿي ذڪر ڪيل
مجموعن ۽ هن مجموعي جي باوجود، عام ماڻهن جي نظرم
کان اڃان به اوجهل آهي.
ڪنهن وڏي شاعر جي منتشر ڪلام کي ڳولهي تحقيق ڪري سهيڙي سنواري
مرتب ڪرڻ ۽ ان کي شايع ڪرڻ هڪ تمام مشڪل ڪم آهي ۽
جيئن ته هر وڏي ڪم ۾ قدم قدم تي مشڪلاتون پيش
اينديون آهن، مون کي به ڪجهه مشڪلون پيش آيون آهن
پر هتي انهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي. بهرحال هن
عظيم ڪم کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائڻ ۾ جن ماڻهن
منهنجي مدد ۽ رهمنمائي ڪئي. مان انهن سڀني جو تمام
گهڻو ٿورائتو آهيان. سائين محترم آثم ناٿن شاهي
صاحب جو بيحد شڪريو، جنهن خلوص دل سان سموري ڪلام
جو مطالعو فرمائي لفظي، ڪمپوزنگ ۽ مواد اُتاريندي،
رهجي ويل فني غلطين جي اصلاح ڪري ڏني ۽ سائين
محترم عبدالجبار جوڻيجو، صاحب جي تمام گهڻي
مهرباني، جنهن تمام سٺو ديباچو لکي ڏنو. ۽ انهن
سڀني مهربانن جو پڻ بيحد شڪريو، جن والدِ محترم جي
باري ۾ قيمتي تاثرات لکي ڏنا آهن.
مصنف طرفان
ڪن وقتن تي انسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا مشڪل مرحلا به
درپيش ايندا آهن، جن کان هو گهٻرائجي پنهنجي
زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيندو آهي، پر کيس اها
خبر نه هوندي آهي ته انسان جي انهن تلخ وارداتن
سان هڪ عظيم ڪائنات جي تنظيم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته
انسان بذات خود هڪ اجتماعي زندگيءَ جو نالو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن انسان کي پنهنجن ڏکن ۽ مصيبتن جي
دوران اها خبر پئجي وڃي ته اهو سڀ ڪجهه سندس ايندڙ
وقت جي بهتريءَ لاءِ ٿي رهيو آهي ته شايد سندس
فطري صلاحيتون اتي جو اتي سلب ٿي وڃن ۽ هو پنهنجون
اهي تخليقون ڪڏهن به ظاهر نه ڪري سگهي، جن جو تعلق
سندس ابدي ۽ فطري زندگيءَ سان آهي.
مون کي به پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا هزارين مشڪل مرحلا درپيش آيا
آهن. مثلاً: ننڍي هوندي ئي يتيميءَ جو داغ پرائڻ ۽
پوءِ تدريسي علوم حاصل ڪرڻ جي بدران سڄي موجوده
پاڪستان جي مختلف شهرن، ڳوٺن، جبلن، ريگستانن،
سرسبز وادين، خيابانن ۽ بيابانن ۾ ڀٽڪڻ، هر زبان،
هر ماحول ۽ هر علاقائي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو مون
لاءِ ڪائنات جي مشاهدي جو اهو عظيم درس هو، جو
شايد موجوده مهذب دنيا جي وڏين وڏين يونيورسٽين
مان به حاصل نه ٿي سگهي ها.
اهو ئي سبب آهي جو هن ادبي دنيا ۾ جيتوڻيڪ منهنجي مقابلي ۾
ڪيترائي ادبي بت کڙا ڪيا ويا ۽ هزارن حيلن ۽ حربن،
سان مون کي ذهني ۽ معاشي پريشانين ۾ مبتلا ڪري
انهن ادبي بتن اڳيان مٿي ٽيڪڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو،
پر، خدا جي فضل سان منهنجي ازلي ۽ فطري صلاحيتن کي
ڪو به ختم ڪري نه سگهيو.
”زمانو ظلم جو مرڪز ته دِل آهُن جو گهر آهي،
اُهو مون کي جلائي ٿو ته مان اُن کي جَلايان ٿو.“
جيئن ته منهنجي سموري زندگي ڏکن ۽ مصيبتن ۾ گذري آهي، تنهن ڪري
ننڍپڻ کان وٺي شاعري ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن جي
ذريعي آءٌ پنهنجي اندر جي آڙاهه کي ڇنڊا هڻي
ڇمڪائيندو رهان ٿو. آءٌ جڏهن به شعر لکندو آهيان،
تڏهن پنهنجي زندگيءَ جي حالتن کان متاثر ٿي ڪري،
جيتوڻيڪ ڪي احباب مون کان فرمائشي شاعريءَ جو ڪم
وٺي، پنهنجو مقصد حاصل ڪندا رهيا آهن، پر آءٌ
انهيءَ شاعريءَ کي پنهنجي داخلي زندگيءَ کان بلڪل
دُور ٿو سمجهان. بهرحال منهنجي شاعري خود منهنجي
زندگيءَ جو عڪس آهي ۽ منجهس ڪنهن به خارجي فڪر ۽
تخيل جو ڪو دخل ڪونهي.
رشيد احمد لاشاري: اديبن ۽ شاعرن جي نظر ۾
صبح جو ستارو
(رشيد احمد لاشاريءَ جي ادبي / علمي حيثيت)
(از قلم: آثم ناٿن شاهي)
خوش نصيب آهن اُهي شخص، جن جو اولاد سُلڇڻو، صالح، اخلاق وارو ۽
اعليٰ تعليم يافته آهي. مرحوم رشيد احمد لاشاريءَ
جي نيڻن جو نور محترم مختار احمد لاشاري بلاشڪ
اهڙين سُهڻين صفتن ۽ بي مثال ڳُڻن وارو نوجوان
آهي. جنهن پنهنجي والد محترم جي ڇڏي ويل ادبي
ذخيري کي، سهيڙي، سَتوڪي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو پَڪو
پختو ارادو ڪيو آهي. ڪجهه ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي ۽
ڪجهه ڪتابن جي ڇپائڻ جي ڪوشش ۾ تَن، مَن، ڌَن ۽
پوري حوصلي ۽ همّت سان مصروف آهي. رب سائين هن کي
توفيق عطا ڪري. جيئن رشيد صاحب جي ادبي (توڙي
علمي) ڪاوشن کي خلقِ خدا جي سامهون آڻي سگهي، ۽
ٻين جي پونيرن کي به اهڙي سمجهه ۽ ساڃاهه بخشي،
جيئن هو پنهنجي وڏن جي ادبي خذمتن کي محفوظ ڪرڻ جا
اُپاءَ وٺي سگهن!!
منهنجي بدنصيبي، جو مون مرحوم رشيد احمد لاشاريءَ کي اکين سان
ڪونه ڏٺو. رشيد صاحب 1922ع ۾ جنم ورتو ۽ مان
پندرهن سالن کان پوءِ 1937ع ۾ پيدا ٿيس ۽ مان جڏهن
1962ع ۾ باقاعده ادبي دنيا ۾ داخل ٿي رهيو هُئس،
تڏهن رشيد صاحب جي ادبي حيثيت، ادب جي آسمان تي
چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪي رهي هئي. ان وقت ۾
(ٻين ادبي تخليقن کان علاوه) رشيد صاحب جا سنڌي
فلمن لاءِ لکيل سنڌي ۽ سِرائڪي ڪلام ۽ گيت پوري
سنڌ ۾ گونجي ۽ ڳائجي رهيا هئا: مثال طور فلم عمر
مارئيءَ جو هيءَ دوگانو:
(الف) ”اي سِجَ! غروب ٿي وڃ، تنهنجي روشني نه گهرجي.“
(ب) ”اي سِجَ نه لهه خدارا! تنهنجي روشني ٿي گهرجي.“
يا هي سِرائڪي گيت:
”ظالم عِشق دي وعدي کُٽدي نهين،
غم گهٽدي نهين، ڦَٽ ڇُٽدي نهين.“
”اسان نون عشق مَريندا، ڍولڻ وَل ولَ قتل ڪريندا.“
”وفا ڪيا ڪريسن اِهي حُسن والي،
رُڳي منهن دي مِٺڙي، اندر دي نِي ڪالي.“
۽ هِي وجد آفرين رِندي ڪلام:
”هر شيءِ بيشڪ هي نابود،
حق موجود، سدا موجود!“
صدقي صدقي لال قلندر، جهُولي جهولي لال قلندر،
سيوهڻ دا شهباز قلندر، سِنڌڙي دا سردار قلندر!“
اِهي ۽ ٻيا کوڙ سارا سندس گيت ۽ نغما جهنگ – جَر ۾ ننڍي وڏي جي
زبان تي جاري هوندا هئا. رشيد احمد صاحب، مورّخ
هئو، معلّم هئو، مصنفّ هو، مترجّم هئو، ۽ مؤلف
هئو. ان وقت تائين به هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا
هئا، (۽ انشاءُ الله باقي رهيل ڪتاب به ستت ئي
ڇپجي پڌرا ٿيندا) ڪاش! مان اهڙي گهَڻ – پاسائين
شخصيت سان زندگيءَ ۾ هڪ دفعو به روبرو ملي سگهان
ها!
رشيد صاحب جي شاعراڻي قابليت ۽ شاعريءَ جي فن تي دسترس جو
اندازو سندس هيٺين ٽن غزل نما نظمن مان ئي لڳائي
سگهجي ٿو، جن مان هڪڙي نظم ۾ هُن ”ٿَڦَ“ (ٿڦڙ)
رديف سان ”ڀَري – تَري“ جهڙا پندرهن قافيا وڏي
ڪاريگريءَ سان ملايا آهن:
”عاشق جي محبت کي تازو ٿي ڪري هڪ ٿَڦَ،
مُنهن منهنجي تان ڪر دلبر هرگز نه پري هڪ ٿَڦَ،
گل مثل هڻين ڇو ٿو رُخ منهنجي تي هڪ آڱر،
هڻ زور سان مُنهن منهنجي تي يار ڀري هڪ ٿَڦَ!“
۽ ٻين ٻن نظمن ۾ ”ٿورو ٿَڦڻ“ واري محاوري کي رشيد صاحب ”ٿورو نه
ٿَڦِ“ رديف بڻائي ۽ ”اڳيان، پُٺيان ۽ زبان جهڙن
قافين سان ملائي الڳ الڳ پندرهن – پندرهن شعر اهڙي
خوبصورتيءَ سان موزون ڪيا آهن، جو دل خوش ٿي وڃي
ٿي:
”ڪين لڳُ او بيوفا! منهنجي پُٺيان، ٿورو نه ٿِڦِ،
ڪين ٿو تنهنجي محبّت ۾ مَران، ٿورو نه ٿِڦِ.
”مان ته تُنهنجي ”اُڙدو – گُڙدو“ خوب ٿو ڄاڻان، مگر،
تون نه ٿو منهنجي ڪڏهن سمجهين زبان، ٿورو نه ٿَڦِ.“
اهڙين رديفن سان ٻه - چار قافيا ڀرپور نموني ملائڻ سان ته خير!
ممڪن آهي، پر سڄا سارا پندرهن – پندرهن قافيا صحيح
مفهوم ۽ معنيٰ سان ملائڻ، جهڙن – تهڙن شاعرن جي
وَسَ جي ڳالهه بِنهه ڪانه آهي. اِئين صرف صلاحيتن
۽ آمد وارو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو.
رشيد صاحب پنهنجي ٿورڙي عمر ۾ گهڻا ڏُک – ڏاکڙا ڏٺا، ڪشالا
ڪاٽيا، ڪن حاسد ماڻهن سان به سندس واسطو پيو، جن
طرح طرح سان هن کي تنگ ڪيو، پر پاڻ حوصلي ۽ همّت،
عزم ۽ ارادن جو پهاڙ بڻيو رهيو ۽ پنهنجو تخيلقي،
تعليمي ۽ ادبي سلسلو جاري رکندو آيو:
”هزارون سال نرگس اپني بـﻶ نوري په روتي هـﻶ،
بڙي مشکل سي هوتا هـﻶ چمن مين ديده وَر پيدا.“
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته رشيد صاحب صبح جي تاري مثال ادب جي
آسمان تي اڀريو ۽ اُن ستاري وانگر سندس عمر به
ٿورڙي ٿي پئي، پر هڪ ڳالهه طئه آهي، ته پاڻ باکَ –
سِتاري وانگر ادبي دنيا کي سورج جي طلوع جي
خوشخبري ڏئي ويو.
|
آثم ناٿن شاهي
لياري ڪراچي.
16- جولاءِ 1997
|
يادِ رفتگان
رشيد احمد لاشاري مرحوم
(از قلم: اسحاق اثر)
هڪڙي ڏينهن شام جو ڪو صاحب جيڪو بلڪل اجنبي پئي لڳو، سردار علي
شاه جي بلڪل ڀرسان ويهي بزنس ٽائپ گفتگو ڪري رهيو
هو. موضوع تي خدا ڄاڻي ڪهڙو هو. تاهم ڪافي دير
کانپوءِ شاه صاحب واندو ٿيو ۽ مون کي چيائين
ته،”هن کي سڃاڻين؟“
منهنجي انڪار تي چيائين ته، ”اثر صاحب، هي رشيد احمد لاشاري آهي
۽ اڄ کان وٺي مهراڻ جي اسٽاف ۾ شامل ٿي چڪو آهي. ۽
ها، شاعريءَ ۾ منهنجو استاد به آهي جو مان کانئس
اڪثر اصلاح وٺندو رهندو آهيان.“
”اڇا! ته هي آهي رشيد احمد لاشاري، جنهن فلم عمر مارئيءَ جا گيت
لکيا آهن!!“ ڪجهه وقت کانپوءِ رشيد مرحوم موڪلائي
صبحاڻي اچڻ جو وعدو ڪري هليو ويو ۽ پوءِ مون سردار
علي شاه کان پڇيو ته، ”هيءَ صاحب مون کي صحافي ته
لڳي ڪونه ٿو، توهان هن کي اسٽاف ۾ ڪهڙي کاتي ۾
رکيو آهي؟“
جواب مليو ته، ”پرهين جي اخبار ۾ توکي معلوم ٿي ويندو ته هي
ڪهڙي بلا آهي.“
ان کان اڳ جو مان مرحوم رشيد احمد لاشاري جي شاعرانه ڪرامتن ۽
جادوگرين جو ذڪر ڪريان، اسان پاڻ ۾ گهاٽا دوست ٿي
وياسون ۽ ان ڏس ۾ اسان ٻنهي جي باهمي سخن گوئي ۽
سخن فهمي کانسواءِ نظرياتي هم آهنگيءَ کي به وڏو
دخل هو.
سنڌيءَ ۾ هجويه شاعري جو امام اگرچه محمد هاسم مخلص مرحوم هو، ۽
”طيب اَبابيل“ واري مرحوم نور محمد نظاماڻي جي
هجوگوئي ۾ به تلوار جي ڪاٽ هئي، مگر انهن بزرگن جو
صحيح جانشين جيڪڏهن ڪو صاحب ٿي سگهي ٿو ته اهو
رشيد احمد لاشاري آهي. ٺيڙهي واري زماني ۾ ڪيترا
دفعا سندس امتحان وٺڻ لاءِ ڪو موضوع پيش ڪيو ويو
ته هن شخص معجزانه انداز ۾ آناً فاناً 30 – 40 شعر
ائين چئي ڇڏيا جهڙوڪ گفتگو ڪري رهيو هجي. هيءَ نه
فقط پيدائشي شاعر هو بلڪ صحيح معنيٰ ۾
تلميذالرحمان به هو.“
نحيف ۽ نزار، جنسي هڏن جو پڃرو، ذيابيطس جو مرض اڏوهي وانگر
کائي کيس کوکلو ڪري چڪو هو. ٻيون بيماريون ۽ معاشي
۽ معاشرتي فڪرات انهن تي مستزاد هئا، مگر هڪڙي
ڳالهه جا سندس زندگي ۽ توانائي جي نشان دهي ڪندي
رهندي هئي سا هئي سندس چهري تي دائمي مسڪراهٽ. مون
پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏو نهٺو ۽ نماڻو شخص شايد ئي
ڪو ٻيو ڏٺو هجي. سندس چهري تي هر وقت نسواني حيا
جي جهلڪ نظر ايندي هئي. مگر گفتگو ۽ ڪلام ۾ بلا جي
طنز ۽ بذله سنجي هوندي هئس. تمام گهٽ ڳالهائيندو
هو، مگر جيڪي ڪجهه به ڳالهائيندو هو اڳلي کي
لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.
مون رشيد مرحوم جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي مهراڻ ۾ جيڪو مضمون
لکيو هو ان ۾ عرض ڪيو هوم ته هي شخص گن مشين جي
رفتار سان شعر چوندو هو ۽ معجزا ڏيکاريندو هو.
جناب! صورت حال هي هوندي هئي جو صبح جو 11 – 12 سڀ دوست ”مهراڻ“
۾ اچي گڏبا هئاسون ۽ رشيد جي اچڻ کان پهرين ئي ڪو
موضوع تلاش ڪري فيصلو ڪري ڇڏيندا هئاسون ته اڄ کيس
هن تي نظم لکڻو پوندو. پوءِ جڏهن رشيد مرحوم ڪجهه
وقت کان پوءِ ايندو هو ته اَليڪ سليڪ ۽ خوش خير
عافيت کانپوءِ سردار علي شاه موضوع واري چٽ سندس
حوالي ڪري عموماً ائين چوندو هو ته،
”رشيد صاحب! اڄ ته هن جي چڱي طرح سان لاک لاهيو.“
آفيس ۾ جتي سردار علي شاه ۽ اسان وهندا هئاسون، ان جي وچ ۾ هڪ
اسڪرين قسم جو پردو لٽڪيل هوندو هو ۽ اتي هڪ ننڍي
ميز ۽ ڪرسي به رکيل هوندي هئي جتي ماٺ ڪري رشيد
مرحوم هليو ويندو هو. ٻئي طرف اسان يارن جو گوڙ
شور ۽ هُل هنگامو به جاري رهندو هو، مگر مان
بلامبالغه عرض ٿو ڪريان ته، اڌ مني ڪلاڪ جي وقفي
کانپوءِ رشيد صاحب پنهنجي مخصوص عاجزي ۽ انڪساريءَ
واري انداز ۾ اڌ وال کن جيترو پنو جنهن ۾ 30 – 40
شعر نه پر بند (گهڻو ڪري سندس) لکيل هوندا هئا اچي
شاه صاحب جي اڳيان رکندو هو ۽ شاه صاحب کيس چوندو
هو ته، ”رشيد صاحب توهان پاڻ پڙهي ٻڌايو.“
الله اڪبر! خدا جو قسم آهي ته مون اڄ ڏينهن تائين سنڌي جي ڪنهن
به شاعر جي ڪلام ۾ اهڙي زورِ بيان، سلاست، ۽ رواني
نه ڏٺي آهي. اڪثر شاعر، ترڪيبن، محاورن، استعارن،
تشبيهن ۽ قافين جي تجسس ۽ تلاش ۾ شعر چوڻ مهل
سرگردان هوندا آهن، مگر هتي معاملو ئي برعڪس هو.
اهي سمورا لوازمات ٻانهون ٻڌيو قطار در قطار رشيد
صاحب جي نظرِ انتخاب جا منتظر ٿيو بيٺا هوندا هئا،
چنانچه جيستائين رشيد صاحب پنهنجو ڪلام پڙهندو
رهندو هو، پوري محفل تي هڪ سحر جي ڪيفيت طاري
رهندي هئي، ۽ پوءِ حسب معمول ڪلام پاڪ پوري ٿيڻ
کانپوءِ ائين ضرور چوندو هو ته، ”بس سائين، شاه
صاحب جي فرمائش هئي تڙ تڪڙ ۾ پوري ڪرڻي پئي.“
اڪثر ائين به ٿيندو هو ته رشيد گهران ئي ڪو نظم لکي ايندو هو ۽
اهو ته گويا سون تي سهاڳي جي مانند هوندو هو. پر
اهو هڪ پُر آشوب دور هو ۽ رشيد صاحب جا نظم اڪثر
هجويه هوندا هئا. لهذا هتي انهن کي ڪوٽ (Quote)
ڪرڻ مناسب معلوم نٿو ٿئي.
بنيادي طرح سان رشيد مرحوم نظم جو شاعر هو ۽ هن اسلام ۽ پاڪستان
جي محبت ۾ جيڪي نظم لکيا سي اسان جي سنڌي ادب جو
گران قدر سرمايو آهن.
اسحاق ”اثر“
|
|
جناب رشيد لاشاري
(از قلم: سيد اظهر گيلاني)
دنيا ۾ هر شخصيت جي فڪر و فن، علم و ادب، اخلاق و ڪمالات جا
نرالا پهلو ٿيندا آهن. اهڙيون اعليٰ شخصيتون،
پنهنجي معاصرين کان، هر حيثيت سان بلند ۽ بالا، ۽
قدرت جي طرفان انهن ۾ ڪا نه ڪا نواڻ ۽ انفراديت
رکيل هوندي آهي. صدين جي گردش، ليل و نهار کان
بعد، اهي صفحهء هستي تي نمودار ٿينديون آهن.
آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ نه وڌاءُ، نه مبالغه کان ڪم وٺان ٿو، نه وري
دوستانه تعلقات، نڪي عقيدت مندانه مدحت سرائي ڪري
رهيو آهيان. حقيقت تي ڪيترائي پردا ڇونه پون، مگر
حقيقت اول ۽ آخر حقيقت جي رنگ ۾ رهندي. دراصل اهو
اُن جي ڪمالِ حسن، ۽ حقيقت پسندانه جو اعتراف آهي.
رشيد صاحب تي عارفانه نظر ڪجي ٿي، ته هو مجموعهء صفات نظر
ايندو. شاعر ۽ اديب، مفڪر ۽ دانشور، تاريخ نويس ۽
تاريخ دان، مقرر ۽ نقاد، صحافي، طنز و مزاح ۾ برک،
حاضر جواب، ڊرامه نويس ۽ موسيقار، خدا ڄاڻي اُن ۾
ڪيتريون صفتون موجود هيون. سنڌي مٽي جا پوڄاري
آهن، وقت تي اهڙين هستين کي نظر انداز ڪندا، ۽
وفات کان بعد وڏا قصائد ۽ مضامين لکندا رهندا آهن.
رشيد صاحب منهنجو دلي دوست هو، اسان سالن جا سال هڪ ٻي سان گڏ
رهيا آهيون. هو دوستن جو دوست، سچو ۽ سڌو ڪوڙ ۽
ڪپت کان پري، ڪڏهن ٻي جي کيسي ۾ نظر نه وڌائين،
اڃا به جيڪي ڪجهه هوندو هوس دوستن جي وچ ۾ رکندو
هو. سارو وقت سندس قلم قرطاس تي روان دوان رهندو
هو، انهيءَ سلسله ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي چڪو آهي.
جمعيت الشعراءِ سنڌ جون، پوري سنڌ ۾ ادبي
ڪانفرنسون ۽ طرحي مشاعره ٿيندا هئا. اسان ڇهن جو
هڪ گروه هو، جنهن ۾ جناب عبدالفتاح صاحب ”عبد“
جناب رشيد صاحب، مولانا عبدالله صاحب ”اثر“، سرائي
نظام الدين خان ”نظام گوپانگ“، مولوي نورالدين
”نور“ راقم الحروف اظهر گيلاني، گڏ وهندا هئاسون.
ساري مشاعره جو توجه اسان ڏانهن هوندو هو.
جيڪڏهن ڪنهن شاعر فني غلطي ڪئي ته ان جو اتي جو اتي اصلاح ڪئي
ويندي هئي. سنڌي ادب ۾ اهيئي حضرات في البديهه شعر
چوڻ جو ملڪه رکندا هئا، ڪيترا دفع موقع آيا ۽ انهن
دوستن جوهر ڏيکاريا. رشيد صاحب جي طبع ۾ آمد ۽
رواني هوندي هئي، ڪلام چوڻ وقت ائين معلوم ٿيندو
هو ته آبشار تان زور سان پاڻي وهي رهيو آهي. رشيد
صاحب ڪنهن جي تقليد نه ڪئي، هن جي ادب ۾ هڪ منفرد
حيثيت هئي، هن پنهنجي خداداد قابليت، فن ۽ فڪر سان
پنهنجي دور جي شعرا ڪرام کي مڃايو.
|
سيد اظهر گيلاني
صدر جميعت الشعراءِ سنڌ
|
|