سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :8

 

نعت

ڄائو محمد مصطفيٰ، آيا خوشيءَ جا ڏينهن

مَڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن.

1-      ڄائو محمد ڄام – لا.

هر هڪ شيءَ کان رُتبو عالي

پاڪ نبي، لولاڪ جو والي

رحمت جُمل جهان لئي وُٺا مِهر جا مينهن

2-ڄائو محمد مصطفيٰ

احمد سان اِنسان جي اُلفت

پکي پکڻ، حيوان جي اُلفت

هرڻ هُئا سڀ هيڄ ۾ رَڻ ۾ گجيا شينهن

3-ڄائو محمد مصطفيٰ

هادي رب رسول ٿي آيو

موليٰ جو مقبول ٿي آيو

وحدت جي وڻڪار ۾، ڦُٽا سِڪ جا سَرينهن

ڄائو محمد مصطفيٰ

 


 

امام الانبيا جو شان

محمد مصطفيٰؐ رازِ خدا جو رازدار آيو،

سراپا رحمتِ عالم، سراپا غمگسار آيو.

محمد مير جي ڄمندي، ندا افلاڪ کان آئي،

غريبن جو اجهو ۽ بيقرارن جو قرار آيو.

تڏهن هي ڪائنات آئي وجودِ ظاهريءَ ۾، جئن،

اهو لولاڪ جو مالڪ، سڀن جو افتخار آيو.

نبوت آخري، بيشڪ محمدؐ تي ئي ختم آهي،

اهو ختم الرسل هر حال ۾ عالي وقار آيو.

امام الانبيا آهي، شفيع المذنبين آهي،

ولين ڪاملن جي لاءِ، ڪامل قربدار آيو.

بشر ڇا، رحمتِ عالم جو حيوانن تي سايو هو،

ويو واپس ولر ڏي، جهنگ مان جيڪو شڪار آيو.

ڪري انڪار ڇو انسان؟ احمدؐ جي غلاميءَ کان،

درِ مرسل تي جبرائيل، ٿي خدمتگذار آيو.

ضرورت هن زماني کي، هئي انسان ڪامل جي،

اهو خيرالالبشر ان لاءِ عالم آشڪار آيو.

کنيا قرآن جا گل خلق جي هادي هدايت سان،

گلستانِ نبويت ۾ جڏهن ازخود بهار آيو.

لٿا اولا اکين جا، ۽ ويو صالح بشر بنجي،

محمد مصطفيٰؐ جي روبرو، جي نابڪار آيو.

شبِ معراج جيئن بيت المقدس ۾ رسيو احمدؐ،

چيو هر هڪ نبي خوش ٿي، ”اسان جو تاجدار آيو“

اهو دارين جو والي، اهو افضل عبادت ۾،

خدا جي ذات وٽ اهڙو، نه ڪنهن جو انڪسار آيو.

مديني جو ڌڻي ڏسندي، ٿيا ڪافور غم سارا،

سڪونِ قلب سان موٽيو، جي در تي دلفگار آيو.

ضرورت ٿي نبين کي، جڏهن ڪنهن عرض جي رب وٽ،

محمدؐ جو مٺو نالو، نبي برهق، رسول الله،

”رشيد“ اهڙي نبيءَ جي دين ۾ ڪيئن انتشار آيو؟


 

نعتِ سرورِ ڪائنات

يا نبي نورِ جاودان آهين،

”ڪنت ڪنزا“ جو داستان آهين.

”قاب قوسين“ جو تون ئي مالڪ،

تون عيان آهين، تون نهان آهين.

تون ئي نظمِ زمين جو ضامن،

تون ئي خود فخرِ آسمان آهين.

تون محمد، تون حامد و محمود،

ڇا چوان ڪنهن جو حمد خوان آهين؟

تون ئي عالم جو افتخار آقا!

نوعِ انسان جو پاسبان آهين.

صرف خاتم نه تون رسالت جو،

تون نبي، آخر الزمان آهين.

تون حيات النبي حقيقت ۾،

تون هدايت جو حڪمران آهين.

تنهنجو قرآن نت نئون ناطق،

تون ئي الله جي زبان آهين.

تون ئي لاريب، زيبِ ڪون و مڪان،

تون ئي تزئينِ لامڪان آهين.

تنهنجو اسلام ڪامل و اڪمل،

پنهنجو تون ميرِ ڪاروان آهين.

مون کي غم ڪهڙو موت جو موليٰ!

روح منهنجي ۾ تون روان آهين.

جڳ مخالف ٿيو ته ڇا ٿي پيو؟

تون محمد ته مهربان آهين.

ڪيئَن خدا کان گهران؟ گهرڻ به اچي!

تون ئي ڏي، تون ئي رازدان آهين.

شافع المذنبين شفاعت ڪر،

منهنجي دل جو تون ترجمان آهين.

نعت خوان تنهنجي کي ئي جڳ چوندو،

شعر ۾ بحرِ بيڪران آهين.

دهر جي ڍونگ کان نه ڊڄ او ”رشيد“!

خادمِ شـــــــــــــــــاهِ دوجهــــــــــــان آهـــــــــــين.

نبي پاڪ جي نعت

اُن رسول الله جو رتبو عظيم،

جو نبوت جو ڌڻي، درِ يتيم،

جنهن کي اول کان مليو امي لقب،

پسر لدني علم ۾ اعليٰ عجب،

ڪيئن ڪريان ساراه سيد جي رقم،

حڪم ۾ جنهن جي ٿيان لوح و قلم،

هو نبين جو نبي نروار آهه،

هو سڄي لولاڪ جو سردار آهه،

نام ان جي تي نبوت ٿي تمام،

اشرف الناس آهه هو خير الانام،

هو سڀن خوبين ۾ سڀ کان خوب آهه،

ڇو جو هو الله جو محبوب آهه،

هو سڄي عالم تي رحمت جو سبب،

”رحمته للعالمين“ ان جو لقب،

پنهنجي رتبي ۾ هو پاڻ آهي عيان،

شافعِ محشر، امامِ مرسلان،

آهه ختم المرسلين بلڪل صريح،

امتي ٿيندو سندس حضرت مسيح،

باغِ ابراهيم جو هو باغبان،

هو سليمان جو به حاڪم حڪمران،

خضر دروازي سندس جو ابدار،

نطق تان لک لحن دائودي نثار،

ناهه ڪو جڳ ۾ محمدؐ جي مثال،

ڪر نه ان جي ذات ۾ شڪ يا خيال،

پڇ نه تون ان جي لطافت جي خبر،

پاڪ هو پاڇي کان هو خيرالبشر،

هو محمد مصطفيٰؐ عالي مقام،

لک هجن ان تي صلواتون ۽ سلام.

 

مير مڪي ۾ موٽي آيو صلي الله عليه وسَلم

رحمتِ عالم رنگ رچايو، صلي الله عليه وسَلم

1-

ڪنهن سان ڪوبه حساب نه هرگز

ڪوبه سوال جواب نه هرگز

دشمن کي پڻ دوست بنايو، صلي الله عليه وسَلم

2-

لٿا سڀن جي اکين جا اولا

ڀڄي پيا سڀ ڀَو ۽ ڀولا

رحم و ڪرم کان ڪين گهٽايو، صلي الله عليه وسَلم

3-

پنهنجي ڪُلهن تي قدم رکائي

موليٰ علي کان بُت ڀڃرائي

رب جي گهر جو شان وڌايو، صلي الله عليه وسَلم

نعت

مير مرسل جا منارا

خدا شل مون کي ڏيکاري، منارا مير مرسل جا.

اکين کي ٿا وڻن هردم، نظارا مير مرسل جا.

وڃان بيمار ٿي، سرِ ڀر رڙهي، هيڪر مديني ڏي،

پُڇائيندو وڃان رستا ۽ چارا مير مرسل جا.

اُنهن جي عرش تي منزل جي پانڌيئَڙا محمد جا،

سدا ڳولن ٿا سِڪ وارا سَهارا مير مرسل جا.

جهنم مان به ڌوڪاري ”رشيد“ اينداسين جنت ۾،

اِشارن جي پٺيان ٿيندا اِشارا مير مرسل جا.

{

مصطفيٰ جا ميخوار

هر چيز ۾ ٿا ڏسجن آثار مصطفيٰ جا.

اِحسان جڳ ۾ آهن اِظهار مصطفيٰ جا.

هر وقت ياد ڪن ٿا مستيءَ ۾ مصطفيٰ کي،

آهن اُڃا ازل کان ميخوار مصطفيٰ جا.

آهيون مريض ليڪن ناهي غرض دوا جي،

سڏجن ٿا خود مسيحا بيمار مصطفيٰ جا.

{

مير محمد مصطفيٰ، عالم جو آڌار لا

عالم جو آڌار لا، هِيڻن جو غمخوار لا

1- آيو اَڄ عرفات ۾، محب مٺو منٺار لا.

ڏاچي چڙهي ڏيهه کي، دوست ڏنو ديدار لا

2- عربي، عجمي، ڪارو گورو، سڀ سان پرينءَ جو پيار لا.

ڏاچي چڙهي ڏيهه کي، دوست ڏنو ديدار لا

3- جي ٿو مڃين الله کي، جڳ جو پالڻهار لا.

ڪر تون رب جي رسول جو، اوّل ۾ اِقرار لا.

{

سَو وار مبارڪباد اَديون: محبوب مديني ۾ ٿو اَچي

دِل درد کان ٿي آزاد اديون، محبوب مديني ۾ ٿو اچي.

خوشخبريءَ جون آيات پڙهو،

سچي سَرور تي صلواة پڙهو

الله ڪيو اِرشاد اديون، محبوب مديني ۾ ٿو اچي.

اچي پيار منجهان ٿو پاڻ پرين

ڪندو سڀ سان روح رهاڻ پرين

ڪندو هِيڻن جي دل شاد اديون، محبوب مديني ۾ ٿو اچي

ڏسي مير محمد پياري کي

مٺي مرسل ڏاچي واري کي

دل درد کان ٿي آزاد اديون، محبوب مديني ۾ ٿو اچي.

{

لافاني لطيف

(1)

اي ڀلارا ڀٽ ڌڻي تون لعل لاثاني لطيف.

تنهنجو هر هڪ لفظ آهي راز رحماني لطيف.

تون ٿو ڇيڙين سڪ منجهان جيئن ساز سبحاني لطيف.

تيئَن ٿئي ٿي عشق جي عالم کي حيراني لطيف.

شعر تنهنجي سان پجھندو فڪر اِنساني لطيف.

ڪيئن ٿئي اِنسان کان تنهنجي ثنا خواني لطيف.

(2)

فڪر تنهنجي ۾ اُهو الله اعليٰ ۽ عليم.

فهم تنهنجي ۾ اُهو قدرت جو قادر ۽ قديم.

سوئي والي وحده‘، رزاق ۽ رب تنهنجو رحيم.

تون چوين ٿو حمد اُن جو، آهه جو هادي حڪيم.

جيڪو جڳ جي جوڙ جوڙي، تنهنجو سو جاني لطيف.

تون بقا بالله تنهنجو نام لافاني لطيف.

(3)

سنڌڙيءَ جي سونهن تون، بانڪو بلوچستان جو.

تنهنجي دم سان مُنهن مٿي آهي ٿيو مڪران جو.

توئي سسئيءَ کي ڪيو سونهون وڃي سُبحان جو.

تو پنهونءَ جي روپ ۾ عالم ڏٺو عِرفان جو.

تو حقيقت ۾ هلايو حڪم حقاني لطيف.

تو طريقت ۾ ڏٺي، خود پنهنجي تاباني لطيف.

 

(4)

تون چنيسر تون ئي راڻو ۽ تماچي ڄام تون.

تون ئي مومل مارئي، ليلا جي مخفي مام تون.

تون ئي سهڻي، تون ئي سسئي، عشق جو انجام تون.

رنگ وحدت جي ۾ ساڳيو صبح، ساڳي شام تون.

تون لطيف ۽ لطف تنهنجي جي ٿي ارزاني لطيف.

آههِ تنهنجي عشق جي هر جا فراواني لطيف.

(5)

تنهنجي هر هڪ لفظ ۾ ڏسجي ٿو وحدت جو جمال.

آيتن سان سڏجي ٿو تنهنجو رسالو بي مثال.

لطف جون لاتيون لنوڻ آهي تو ڪامل جو ڪمال.

ديد ۾ صوفين جي ڏسجي ٿو اُهو جوش و جلال.

بحرِ وحدت ۾ مچائي ٿو جو طغياني لطيف.

جو ڏئي ٿو طور تي موسيٰ کي مهماني لطيف.

(6)

يا حبيبي تون حبيب الله ۽ اِبن حبيب.

تون ئي دارون درد جو ۽ تون تَتل تن جو طبيب.

تون حبيبن جو حبيب ۽ تون قريبن جو قريب.

اُن حبيب آهي ڪيو تو کي عطا اهڙو نصيب.

جنهن حبيب آهي جهُلايو تاج سلطاني لطيف.

جنهن جي در تي خود ڪئي جبريل درباني لطيف.

 

(7)

بيڪسن جو ڀَر جهلو آهين ڀٽائي گهوٽ تون.

معرفت جي ملڪ جو مهندار ۽ اڻ موٽ تون.

هڪ نِگهه سان ٿو ڪڍين دل مان دغا ۽ کوٽ تون.

مارئي جي مام سان ڊاهين ٿو قهري ڪوٽ تون.

آههِ تنهنجي همسري ڄڻ ڪارِ شيطاني لطيف.

شل لڳي ڪنهن کي نه تو ڪامل سندي ڪاني لطيف.

(8)

اي سچا سيد سخي توئي وسائي سنڌڙي.

تو بهشتن کان به وڌ آهي بنائي سنڌڙي.

پنهنجي مخفي مام سان تو آزمائي سنڌڙي.

تو اڳيان ثابت ڪئي پنهنجي سچائي سنڌڙي.

خوش گذارن ٿا سُڪر ۾ تنهنجا دهقاني لطيف.

سنڌ وارن کان نه گهٽ ٿيندي مڇي ماني لطيف.

(9)

سنڌ وارن سان اڃا ڪرڪي ڀلايون ڀال تون.

شِرڪ ۽ الحاد جا سڀ دور ڪر جنجال تون.

وحده‘ ۽ لاشرِيڪ لہ‘ کي ڪر بر حال تون.

دهريت جو ڍونگ ڪر هر حال ۾ پامال تون.

سنڌڙيءَ ۾ آهين تون توحيد جو باني لطيف.

ڇو ٿئي هي سنڌ بي دينيءَ تي ديواني لطيف.

{

ڀيڄ ڀٽائيؒ

(1)

بيشڪ لال لکيڻو مالڪ، وحدت واري وائيءَ جو

قرب الاهيءَ سان جنهن وڍيو، ٻوٽو بغض ٻيائيءَ جو

سنڌ سڄيءَ جو ساه چوان ۽ طالب سُک سرهائيءَ جو

ڪين مٽيندو محشر تائين، ڀر جهل پير ڀلائيءَ جو

جيڪو شاهه جو همسر بڻجي، آهي سو ٻُڪ ڇائيءَ جو

گونجي ٿو اڄ ساري جڳ ۾ نعرو ”ڀيڄ ڀٽائيءَ“ جو.

(2)

مُلڪ بدلجن، لوڪ بدلجن، آهه لطيفي لات اُها

ذات تي هرگز ڏات نه آهي، سڀ ۾ ظاهر ذات اُها

اڄ به اُهي ”مهراڻ جون موجون“ گهاتن جي پڻ گهات اُها

رنج جي رات وهامي ويئي، آهه وري پرڀات اُها

مومل من مان مير مٽايو، راڻي جي ريڏائيءَ جو

گونجي ٿو اڄ ساري جڳ ۾ نعرو ”ڀيڄ ڀٽائي“ جو.

(3)

ساري عالم تي اڄ آهي لطف لطيف جو عام الا!

آهي نقش دلين تي بيشڪ، هن نِرمل جو نام اَلا!

اڄ به ملن ٿا پنهوارن کي، پيار ڀريا پيغام اَلا!

سنڌ نه آهي گدڙن کاڌي، غيرت آهي جام اَلا!

”دودو“ ڌارين کي سڱ ڏيندو مور نه ”ٻاگهل ٻائيءَ“ جو

گونجي ٿو اڄ ساري جڳ ۾، نعرو ”ڀيڄ ڀٽائيءَ“ جو.

(4)

لطف لطيف جي ڳانن سان، پنهوارين جا ڳل پوچ الا!

لنؤن لنؤنءَ ۾ لک ليئا پائي ”لال لکيڻو“ لوچ الا!

شاه جي سسئي جن تان صدقي، سنڌ جي تن کي سوچ الا!

سنڌي ٻوليءَ کي سي گهرجن، بانڪا مرد بلوچ الا!

ڪير بلوچن آڏو بيهي؟ لال نه آهي مائي جو

گونجي ٿو اڄ ساري جڳ ۾ نعرو ”ڀيڄ ڀٽائي“ جو.

(5)

مان به بلوچ بهادر آهيان، سڏجان ٿو ”لاشاري“ لا!

ڪير ٿئي ٿو هوت پنهونءَ جي مائٽ کان انڪاري لا!

لک لک لطف لطيف جا مون تي، دمدم ۾ دلداري لا!

جنگ جدال جا جويا مون سان ڀل ته هجن تڪراري لا!

منهنجي هٿ ۾ هوندو جهنڊو هردم صدق صفائيءَ جو

گونجي ٿو اڄ ساري جڳ م، نعرو ”ڀيڄ ڀٽائي“ جو.

ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ.

قائم آهن قربن وارا، ڪامل تنهنجا ڪوٽ.

جڳ ۾ روشن تنـــــــــهنـــــــــجو نالــــــــــو،

تنهنجي شعر جو رنـــــگ نـــــــــــــــرالو

حق جو مصحف تنهنجو رسالو،

ان جي اکر اکر ۾ اجالو،

دين نبيءَ جو تون ئي مبلغ، مرد آهين اڻ موٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

سنڌ وطن جو تون ئي واهي،

ڪــــــــر تــــــون هــــيڻن جي همراهي،

اچــــــــــــــــي تـــــــــــرقي، وڃــــــي تباهي،

ڪجهه ته سکن ۾ پٽجي ســـــاهي،

جن جا پٿريل پٽ تي پاسا، چاڙه انهن کي چوٽ،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

ســــــڃ ٿــــــــا ڏســـــــــــجن واڙيـــــــــون واڙا،

پـــــــــــــنهوارن جـــــــا اجــــــــــڙيل پـــــــــاڙا،

ســـــــــر تــــــــــي هــــــــــردم ڪـــــات ڪهاڙا،

پــــــــــيٽ بـــــــــــکيا ۽ انــــــــــــــگ اگهاڙا،

ڏي تون مٺڙن ماروئڙن کي، مٺڙا مٺڙا روٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

هــــــــــــوش نه ڪـــــــــنهن ديــــــــــواني ۾،

ڄـــــــــــــڻ ٿا گـــــــــــــــهمون ويرانـــــــــــي ۾،

خــــــــــاص ستــــــــــم جـــــــــــي نـــــــشاني ۾،

ڏتڙيــــــــــــــل نــــــــــئين زمـــــــــــــاني ۾،

سنڌي صاف سٻاجها آهن، ڇو اڻڄاڻ، اروٽ؟

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

هــــــــيڻن جـــــــــو هـــــــــــــمراه ڀـــــــــــٽائي،

تـــــــــو ۾ ئــــــــــــــــي الله ڀـــــــــــٽائي

سنـــــــڌين جو تــــون ســــــــاه ڀـــــــــــٽائي

شـــــــعر و ســــــخن جــــــو شـــــاه ڀــــــــٽائي

جيڪو تنهنجو همسر بنجي پوي انهي کي ٽوٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

مـــــــــــاروئڙن جــــــــــــــو تــــــــــوسان مـــــــــاڻو،

تـــــــــنهنجو نــــــــــــــالو ســـــــاه سبـــــــــــاڻو،

تــــــــون ئـــــــــــي ســـــــــــوڍل يــــــــار سياڻو،

ڪــــــاڪ مــــــــــحل جو تون ئـــــــــي راڻو،

تنهنجي مخفي مام پروڙي، مومل کاڌي موٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

وڄــــــــــڙي، تــــــــــنهنجي ڏيهه جي ڏاچي،

قــــــــوم جي قـــــــــسمت، توئي جاچي،

تنـهنجي ڪـــــــــينجهر، تنهنجي ڪلاچي،

تــــــــون ئي اســــــــــان جو ڄام تماچي،

سهڻي سنڌ کي اصلون آهي، آقا، تنهنجي اوٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

تـــوسان ٿـــــــــر بــــــــــر ۾ خـــــــــــوشحالي،

تـــــــــــــنهنجو جـــــــــــــبل ۾ جوش جـــــــــلالي،

سسئــــــــي تنهنجي آهه ســـــــــــــوالي،

تون ئي آهين ڪــــــــيچ جو والـــــــــــــي،

تنهنجو هر هڪ شعر وجهي ٿو، دشمن ۾ ڦڙڦوٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

ڏسجي ٿــــــــــــــي اڄ مــــــــــــهل اڙانگي،

سڏڙا ڪـــــــــن ٿا سنڌي سانـــــــــــگي،

ڪيئن جــــــــــهونگارن تنهنجا جهانگي،

مهر مــــــــــــحبت آهـــــــــــي مـــــــــهانگي،

تون ئي لعل لطيف لکيڻو، ڪهڙي تو وٽ کوٽ؟

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

سنڌ کي ڪر خــــــــــوشحال او اوقــــــــا،

زائــــــــل ٿئــــــــي زوال او آقـــــــــــا،

ڏســـــــــجي اوج و ڪــــــمال او آقــــــا،

وسن وڌن سڀ رشته داريون، سوٽ ۽ ڇا گهوٽ!

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

سنـــــــــڌ کـــــــــي بخش، تو ســــــــــرهائي،

مـــــــوليٰ تنهنجي دعــــــــــا اگـــــــــهائي،

ڌارين ســـــان پـــــڻ تنهنجي ڀـــــــــلائي،

تنهنجي وطــــــــــن ۾ ســـــــــاوڪ سائــــــــي،

پسيون، پڪا ۽ پيرون آهن، ليمان، انب، اکروٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

سنـــــــــڌ ۾ گــــــــــــل گلــــــــــزاري رهندي،

مــــــــــهل ســـــــــدا موچــــــــــــاري رهندي،

بــــــک ۽ نـــــــــڪا بيماري رهـــــــــندي.

ســـــــــچ جي ســـــــــــدا سرداري رهــــــــندي،

تنهنجو سنڌي مور نه ڏيندو، ڪنهن ظالم کي ووٽ.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ!

 

{

 

لطفن ڀريون لاتيون

 

1-   لک ٿيون لهن لطفن ڀريون، لاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون

ڪن بره وارن کان پڇو باتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

2-   جئَن تون رسالي کي پڙهين، تئن عشق جي چاڙهي چڙهين

تو سان ٿين هردم ملاقاتون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

3-  وڃ مام ۾ اُن جي مري، هڪدم کلي دل جي دري

هر هر ڏسين جهاتين پٺيان جهاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

4- ڀٽ تي اَچي من ٿو ٺري، دنيا سلامي ٿي ڀري

وه وا بيابانن ۾ برساتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون

 

5-  دک درد ۾ ديرو ڪري، ڀٽ ڏانهن وڃ ڀيرو ڪري

ڀل قرب مان توکي ڪنهن ڪاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

6- دلڙي لٽائي ديس ۾، پڌرو ٿيو پرديس ۾

اُلفت ۾ اکڙيون ٿي چڪيون آتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

7- آقا ٿيو ايمان جو، سونهون ٿيو سبحان جو

گذري ويون سڀ راز ۾ راتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

8- منزل ويون اڳتي مٽي، ڏونگر ڏري، لڪڙا لٽي

سڪ مان انڌيون، ٻوڙيون، فنگيون، ٻاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

9-   هڪ قصر ۽ لک در دريون، وحدت جون ٻڌ ڳالهيون کريون

ظاهر ٿيون هڪ ذات ۾، ذاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

10- جي فڪر ۾ فاني ٿيا، الفت ۾ ارماني ٿيا،

تن ئي ڪنڍيون قربن ڀريون پاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

11- طالب طريقت جو اُهو، حامي حقيقت جو اُهو

ڏِسجن نفي، اِظهارَ، اِثباتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

12- آهي فقيرن جي صدا، ”موليٰ علي مشڪل ڪشا“

پرڀات جو ڳائن ٿا، پرڀاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

13- هو ڌاڃ ڌرتيءَ جو ڌڻي، مان اُن جي پيرن جي پڻي

ڳالهيون ”رشيد احمد“ سکيون ڄاتيون ڀٽائيءَ گهوٽ جون.

 

{

 

سچل سونهارو

(1)

معرفت جي موج سَر مستيءَ ۾ سوڀارو سچلؒ

عرش توڙي فرش تي، هر هنڌ هاڪارو سچلؒ

”ڪُنتُ ڪَنزاً مَخٌفياً“ جو خاص وڻجارو سچلؒ

حق پرستيءَ ۾ ڪيو پَڌرو اَڇو ڪارو سچلؒ

طالبن کي ٿو پياري، جام جالارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(2)

”پاڻ کي آيو سڃاڻڻ، پاڻ ۾ هو پاڻ آههِ“

هي سچل سرمستؒ جو عنوان ۽ اُهڃاڻ آههِ

پاڻ سان هر حال ۾ هر هنڌ ساجن ساڻ آههِ

دور ٿو دل مان ڪري، ايئَن مَن جو مونجهارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(3)

رازِ وحدت جو هي وارث، رهنمائي ٿو ڪري

جان بنجي جسم کان جانب جدائي ٿو ڪري

شاه ٿو بنجي ڪٿي ۽ ڪٿ گدائي ٿو ڪري

خود خدا بنجي، خدائيءَ ۾ خدائي ٿو ڪري

سِير ۾ لوڙهي ڇڏي ٿو، سڙه ۽ ساندارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(4)

بره جو هڪ باغ ۽ بازار سونهارو سچلؒ

”لَمٌ يَزِل“ جو راز ۽ اظهار سونهارو سچلؒ

عاشقيءَ ۾ عطر ۽ هٻڪار سونهارو سچلؒ

دِلگهرين جو دوست ۽ دلدار سونهارو سچلؒ

معرفت جو لعل ۽ وحدت جو چمڪارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(5)

ظاهر و باطن ۾ بيشڪ، آهه ڪامِل مقتدر

پير عبدالحقؒ سندي، جنهن تي نوازش ۽ نظر

بارگاهِ مصطفيٰ ۾، جو رهيو شام و سَحر

تنهن تي محڪم دين سيلانيءَ سندو ڪهڙو اَثر؟

پاڻ ڄمندي ڄام سچ پچ سون هو سارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(6)

هُو علمبردار بيشڪ حضرتِ عطار جو

پير عبدالحق هو مرشد اُن سچي سردار جو

آشڪارا نام اُن محبوب منصبدار جو

آههِ بيشڪ باغبان، توحيد جي گلزار جو

معرفت جو شمس ۽ وحدت سندو تارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(7)

هو صلاح الدين جو فرزند ۽ نورِ نظر

هو ميان صاحبڏنه جو ساه ۽ جان و جگر

هو شهاب الدين فاروقيءَ جي گلشن جو ثمر

اُن سندي در جا سلامي ڪوڪب و شمس و قمر

عرش اعظم تي اَڏيو، الفت جو اوتارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(8)

اُن جي سجاده نشينن تي سخاوت جو نزول

ذات جن جي کان سدا راضي رهيو رَب ۽ رسول

هڪ سخي سردار سهڻو، هو محمدؐ جو قبول

اُن درازي دوست دُنيا کي ڏسيا حق جا اُصول

فيض پنهنجي ۾ ڪيو اِن ريت واڌارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(9)

هو غزل گوئيءَ جو مُوجد، ڪافين جو ڪَج ڪلاه

فارسي، اُردو ۽ ملتاني سخن جو بادشاه

فِڪر اُن جي دَر جو خادم، قافيا اُن جو سپاه

مختلف سڀنيءَ کان سنڌي شاعريءَ ۾ اُن جي راه

وقت پنهنجي جو وڄايو آههِ اِيئَن وارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

(10)

آشڪار آهي سچلؒ کان عشق جو مَسلڪ جَديد

جنهن ڪيو آهي خدا بنجي، خدائيءَ کي خريد

خوشه چين آهي سندس ئي باغ جو خواجه فريدؒ

ڇو نه بنجي اُن جو خادم ”لاشاري رشيد“

آههِ هر گمراه جو هر حال ۾ چارو سچلؒ

دادلو دولهه درازي، صاف سونهارو سچلؒ

 

سچل کي سڏ

 

لهندين يار سچل! تون سَنڀارون ڙي اَلا!

توکي روز ڪريان ٿي پُڪارون ڙي اَلا!

1- مون ۾ آهن مُحب مَدايون.

ڪندين پنهنجا ڀال ڀَلايون.

ڏي تون درد سندو ڪو دارون ڙي اَلا!

2- تنهنجو عشق اسان وٽ اِيندو.

سارو لوڪ مبارڪ ڏيندو.

اينديون عطر سَنديون هُٻڪارون ڙي اَلا!

3-  ڪونهي سهڻا سچل! تنهنجو ثاني.

تو ۾ آهي سِر سُبحاني.

تنهنجون عرش مٿي گفتارون ڙي اَلا!

4- تو ۾ مظهر ذاتِ اِلاهي،

تون ٿو شملو ٻَڌائين شاهي،

اِهي مَردن جون لَلڪارون ڙي اَلا!

5- ڏي تون دوست مٺا دلداري،

تنهنجو طالب مان ”لاشاري“

منهنجي دل کي تنهنجون پَچارون ڙي اَلا!

 

درازن جو قاصد

ڪانگل! اُڏري آءُ،

مون وٽ شهر دراز کان

1- سوگهو سانڍيم ساه ۾،

سچل! تنهنجو ساءُ،

مون وٽ شهر دراز کان.

2- اٿم ساه اُٻاڻڪو،

گهلي وَصل جو واءُ،

مون وٽ شهر دراز کان.

3- سائين منهنجي ساه جا،

لَهه ڪا سُڌ سماءُ،

مون وٽ شهر دراز کان.

4- رنج رُسامو گهوريو،

پيارل! ڪر پَرچاءُ،

مون وٽ شهر دراز کان.

5- تنهنجي رمز ”رشيد“ سان.

دل ۾ هجر جو گهاءُ،

مون وٽ شهر دراز کان.

 

{

 

پاڻ پَساءِ

 

پنهنجو پاڻ پساءِ، تون سچل!

پنهنجو پاڻ پَساءِ!

1- ڀل ته ٻري ۽ ڀڙڪا کائي،

باه اِها نه وساءِ.

پنهنجو پاڻ پساءِ.

2- وره وڪوڙيو آههِ، ولهيءَ کي،

وارث! تون واجهاءِ،

پنهنجو پاڻ پساءِ.

3- آهين تون سِر ساه جو سائين،

جوڙ اکين ۾ جاءِ،

پنهنجو پاڻ پساءِ.

4- دمدم ۾ ديدار ڪرائج،

دير نه ايڏي لاءِ

پنهنجو پاڻ پساءِ.

5- سچل، سارو سُک ”لاشاري“!

گيت خوشيءَ جا ڳاءِ،

پنهنجو پاڻ پساءِ.

 

{

 

سچلؒ ڏانهن سنيهو

 

ساٿي! ڏي تون سنيهڙا،

سچل جي سرڪار کي،

1- دارون ڏي ڪو درد جو دلبر،

بِره سندي بيمار کي.

ساٿي! ڏي تون سنيهڙا.

2- ”تنهنجو سوالي مُور نه خالي“

ڏِس تون اِنهيءَ اِقرار کي،

ساٿي! ڏي تون سنيهڙا.

3- توئي چَيو هو روز اَزل کان،

”تاڻ طلب جي تار کي“

ساٿي! ڏي تون سنيهڙا.

4- سِڪ ۾ سارو سر سمجهاءِ،

ظاهر ڪري اَسرار کي،

ساٿي! ڏي تون سنيهڙا.

5- درد جي دانهن تون ڏي ”لاشاري!“

دوست مٺي دلدار کي،

ساٿي! ڏي تون سنيهڙا.

 

{

 

درازي دربار ۾

ٻُڌ تون منهنجون زاريون زاريون.

زاريون شاه درازي!

هجر فراق جي ماري آهيان.

راتيو گهاريان ڪاريون ڪاريون.

ڪاريون شاه درازي!

دوست درازي! ڏي ڪو دِلاسو،

محب نه وڃ تون ماريون ماريون.

ماريون شاه درازي!

سچل سائين! تنهنجو سَهارو،

سَهه تون اسان جو آريون آريون.

آريون شاه درازي!

عشق اَزل کان دل ۾ اسان جي،

بره جون باهيون ٻاريون ٻاريون.

ٻاريون شاه درازي!

 

{

 

هاديءَ جو هٿ

سهڻا سچل! تنهنجو سَهارو لا!

هادي! هيڻيءَ کي هَٿ ڏيندين.

عشق تنهنجي جو آههِ اکين ۾،

نرمل نُور نظارو، لا!

هادي! هيڻيءَ کي هٿ ڏيندين.

عرش ۽ فرش تي صاف ٿو ڏسجي،

پيارل! تنهنجو پَسارو، لا!

هادي! هيڻيءَ کي هٿ ڏيندين.

تنهنجي دَم سان دوست درازي!

وحدت جو وسڪارو، لا!

هادي! هيڻيءَ کي هٿ ڏيندين.

آههِ ازل جي اُڃ، ڏي اَسان کي،

جام ڀَري جالارو لا!

هادي! هيڻيءَ کي هٿ ڏيندين.

تنهنجي ”رشيد“ کي آههِ ازل کان.

ٻانهپ جو ڳل ڳارو لا!

هادي! هيڻيءَ کي هٿ ڏيندين.

 

{

 

دل درازن ۾

ساه سچلؒ کي ٿو ساري ساري.

منهنجي دِل ته درازن ۾.

سيني سانڍيم سوز سچلؒ جو.

ڏيل وجهي ٿو ڏاري ڏاري.

منهنجي دل ته درازن ۾.

يار سچلؒ جي وصل جو وعدو،

ڳڻتين ۾ ٿو ڳاري ڳاري،

منهنجي دل ته درازن ۾.

سچلؒ سائين لهج سنڀارون!

مُحب، نه وڃ تون ماري ماري

منهنجي دل ته درازن ۾.

دل ۾ وهي ٿو درد جو دريا،

تار منجهان وڃ تاري تاري.

منهنجي دل ته درازن ۾.

هجر ۾ تنهنجي ”رشيد“ نماڻو،

رَت جون هنجون ٿو هاري هاري،

منهنجي دل ته درازن ۾.

 

{

 

سچ جي ڳالهه

سچلؒ سچ جي ڳالهه ڪئي.

هو پاڻ سُڃاڻڻ آيوڙي!

مخفيءَ کي اِظهار بنائي،

رمز رچائڻ آيوڙي!

سچلؒ سچ جي ڳالهه ڪئي.

سِڪ مان سُڪوت کي ساز بنائي،

شور مچائڻ آيوڙي!

سچلؒ سچ جي ڳالهه ڪئي.

پاڻ ”اَلست“ جو آقا بنجي،

نِينهن نڀائڻ آيوڙي!

سچلؒ سچ جي ڳالهه ڪئي.

پنهنجي صورت کي سينگاري،

پاڻ وَڻائِڻ آيوڙي!

سچلؒ سچ جي ڳالهه ڪئي.

لِڪَ جا لاه ڪڍي ”لاشاري“

پاڻ پسائڻ آيوڙي!

سچلؒ سچ جي ڳالهه ڪئي.

 

{

 

سچلؒ جو سڏ

شهر درازين وڃان وڃان،

سهڻو سچل ٿو اڄ سَڏ ڪري.

سِر ڀر ڇو نه رِڙهي هلان،

ڀيرو ڪين ڀَڃان ڀَڃان،

سهڻو سچل ٿو اڄ سَڏ ڪري.

دمدم شاه دراز جا،

ٿورا ڇونه مڃان مڃان،

سهڻو سچل ٿو اڄ سَڏ ڪري.

عشق سچل جو اڳڀرو،

اَٿم اُميد اَڃان اَڃان.

سهڻو سچل ٿو اڄ سَڏ ڪري.

هردم سانڍيان ساه ۾،

سُور نه اهڙا سَڃان سَڃان.

سهڻو سچل ٿو اڄ سَڏ ڪري.

نينهن نچايو ”رشيد“ کي،

عشق جون آيون ڄَڃان ڄَڃان،

سهڻو سچل ٿو اڄ سَڏ ڪري.

 

{


 

سچلؒ جو سهارو

سچل مون کي سَڏيندو، اَلا!

مان آهيان اُنهيءَ جي گولڙي.

پَکا پنهنجي پريت جا،

اوري پاڻ اَڏيندو، اَلا!

مان آهيان اُنهيءَ جي گولڙي.

ٿيندي ڇيڄَ ڇَپرِ ۾،

ڇوريءَ کي نه ڇڏيندو اَلا!

مان آهيان اُنهيءَ جي گولڙي.

ٿينديون باغ بَهاريون،

گوندر ۾ نه گڏيندو اَلا!

مان آهيان اُنهيءَ جي گولڙي.

دوست درازي دِل منجهان،

لحظو ڪين لَڏيندو اَلا!

مان آهيان اُنهيءَ جي گولڙي.

ٿيندو راز ”رشيد“ تي،

هيڻيءَ کي هٿ ڏيندو اَلا!

مان آهيان اُنهيءَ جي گولڙي.

 

{

 

حق هادي

وينديس قُربئون ڪاهي،

دلڙي شاه دراز سان.

ساه ۾ سانڍيم سڪ ته سچلؒ جي،

لاڳاپا سڀ لاهي،

دِلڙي شاه دراز سان.

سچلؒ سارو سچ ٿو سَڏائي،

حق هادي، حق آهي.

دِلڙي شاه دراز سان.

عشق جو ميوو، عاشق کائي،

سوئي لُڻي، جو راهي.

دِلڙي ساه دراز سان.

آهي ڪير، جو سِڪ ۾ سچلؒ جي،

ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي؟

دِلڙي شاه دراز سان.

عشق ۾ هڪ ٿي هَل ”لاشاري!“

داغ دوئيءَ جا ڊاهي،

دِلڙي شاه دراز سان.

 

{

 

ازلي اُلفت

يار سچلؒ سان ڳجهه جون ڳالهيون،

سيني سوز سمايان ٿي.

پِر تئون پاند ڳچيءَ ۾ پائي،

پيارل کي پرچايان ٿي.

شهر درازين ديرو لائي،

نانگو نينهن نچايان ٿي.

منهنجا دولهه دوست درازي!

تنهنجا سوين ڳڻ ڳايان ٿي.

يار جي دَر جي چائٺ چمندي.

خاڪ لڱن کي لايان ٿي.

ساري جڳ کان اکڙيون ٻوٽي،

تو ڏي ئي واجهايان ٿي.

دل ۾ شاه درازي، تنهنجي،

سهجئون سيج وِڇايان ٿي.

روز ازل کان اي ”لاشاري!“

شاه دراز پُڇايان ٿي.

 

{

 

گولين جي گولي

سچل! منهنجو تون سائين،

تنهنجي گولين جي مان گولي آهيان.

پنهنجي عشق جو جام پياري،

مَن ڪي ٿورا لائين!

تنهنجي گولين جي مان گولي آهيان.

مَن تون ولهيءَ ڏي وارث والي!

مِهر منجهان واجهائين!

تنهنجي گولين جي مان گولي آهيان.

منهنجي واتان پنهنجي ٻولي،

پاڻ ٿو تون ٻولائين،

تنهنجي گولين جي مان گولي آهيان.

منهنجي هجر ۾ وصل پنهنجي جو،

پاڻ ٿو ويس مَٽائين،

تنهنجي گولين جي مان گولي آهيان.

پنهنجي ”رشيد“ کي پاڻ پَسائي،

ڇو ٿو پاڻ لِڪائين؟

تنهنجي گولين جي مان گولي آهيان.

 

{

 

نانءُ تان گهوري

گهوري گهوري گهوري.

گهوري آهيان مان نانءُ سچلؒ تان.

روز ازل کان مون کي سچلؒ جي.

لوري لوري لوري،

گهوري آهيان مان نانءُ سچل تان.

سيني سوز سچل جو سمايو،

زوري زوري زوري،

گهوري آهيان مان نانءُ سچل تان.

نينهن نه ڄاڻان آءٌ سچل تان.

ڀوري ڀوري ڀوري،

گهوري آهيان مان نانءُ سچل تان.

ٻانهپ جي مون ڳل ۾ پاتي،

ڏوري ڏوري ڏوري،

گهوري آهيان مان نانءُ سچل تان.

جيءَ ۾ جانب جِي ”لاشاري!“

جهوري جهوري جهوري،

گهوري آهيان مان نانءُ سچل تان.

 

{

 

سچل کي سلام

سچل! ساه سلامي،

اکڙيون تنهنجو اڱڻ ٻُهارن

جان جثو ٿو توڏي تاڻي،

تار طلب جي تمامي

اکڙيون تنهنجو اڱڻ ٻُهارن.

تنهنجو هجر وصال برابر،

اصلؤن دلِ آرامي،

اکڙيون تنهنجو اڱڻ ٻُهارن.

تنهنجي عشق جي آتش اَزلي،

ويندي ڪين وسامي،

اکڙيون تنهنجو اڱڻ ٻُهارن.

تنهنجي عشق جا پَرَ ٿو پايان،

ويندس عرش اُڏامي،

اکڙيون تنهنجو اڱڻ ٻُهارن.

تنهنجي قبولي مون ”لاشاري“

روز ازل کان غلامي،

اکڙيون تنهنجو اڱڻ ٻُهارن.

 

{

 

دوست درازي

يار سچل جي مان گولي.

منهنجو دلبر دوست درازي

روز ازل کان عشق سچل جو،

پاڻهئي پاتم جهولي،

منهنجو دلبر دوست درازي.

تنهنجا طالب عرش اُڏاڻا،

راز ڀري تنهنجي ٽولي،

منهنجو دلبر دوست درازي.

هجر ۾ تنهنجي شاه درازي،

ڏاڍ ۽ ڏک سڀ ڏولي،

منهنجو دلبر دوست درازي.

پاند پَنارو ڏي تون پنهنجو،

آهيان عيبن اولي،

منهنجو دلبر دوست درازي.

تنهنجو طالب مان ”لاشاري“،

پاتم چاه جي چولي،

منهنجو دلبر دوست درازي.

 

{

سَچ جو کاپو

آيو نئون نياپو، يار!

دولهه شاه دراز جو.

روز اَزل کان عشق لڳايو،

دل تي درد جو ڇاپو يار!

دولهه شاه دراز جو.

محڪم آهي عشق جو ناتو.

اَزلؤن اِهو لاڳاپو يار!

دولهه شاه دراز جو.

مان ته سچلؒ جا ڳڻ ٿي ڳايان،

ڪهڙو ڏک ڏوراپو يار؟

دولهه شاه دراز جو.

ڪُوڙ ۽ ڪلفت دِل مان ڪورج،

آهي سَچ جو کاپو يار!

دولهه شاه دراز جو.

آههِ اُميد اِها ”لاشاري!“

ٿيندو نيٺ ميلاپو يار!

دولهه شاه دراز جو.

 

{

 

پربت جو پينگهو

اِيندا آخر اوڏا،

دلبر شهر دراز ۾.

محفل ۾ محبوب جي،

ڀڃي وهنديس گوڏا،

دلبر شهر دراز ۾

ڪيچان اِيندو قافلو،

ڏِسبا تَڙ تي توڏا،

دلبر شهر دراز ۾

پينگهي مَنجهه پريت جي،

ڏيندو لالڻ لوڏا،

دلبر شهر دراز ۾

سِڪ ۾ سچلؒ جي سُک ٿيو.

لهندا غم جا ڇوڏا،

دلبر شهر دراز ۾

روز ازل جا ”رشيد“ ڏِس،

مست موالي روڏا،

دلبر شهر دراز ۾

 

{

 

سچل جو سوز

ڳالهه ٻڌايان ڪيهي ڪيهي؟

ساه ٿو ساڙي سوز سچلؒ جو.

ڪين سڃاتم يار جي ياري،

وقت گذاريم ويهي ويهي.

ساه ٿو ساڙي سوز سچلؒ جو.

پنهنجن ۾ ٿي پاڻ پُڻايان

ڏک ٿا ڏين سڀ ڏيهي ڏيهي،

ساهه ٿو ساڙي سوز سچلؒ جو.

پاڻ وَنڊيندي ڳجهه جون ڳالهيون،

اِيندو پکي هِت پيهي پيهي،

ساه ٿو ساڙي سوز سچلؒ جو.

دل جي ديري اَچ تون درازي،

رمزن سان وڃ ريهي ريهي،

ساه ٿو ساڙي سوز سچلؒ جو.

ڪانهي جڳ ۾ چئو ”لاشاري“

نِڌر، نٻل مون جيهي جيهي،

ساه ٿو ساڙي سوز سچلؒ جو.

 

{

 

لائق لڄپال

ڏِس هيڻيءَ جو حال.

دل جا دلبر دوست درازي!

پاڻ سڃاڻج انگ اَزل جو،

ڪر ڪا ڀلائي ڀال،

دل جا دلبر دوست درازي!

هجر حقيقت ۾ هڪ ساعت،

توڙي گذرن سال،

دل جا دلبر دوست درازي!

تنهنجو هجر حقيقت ڀانيان.

عينون عين وصال،

دل جا دلبر دوست درازي!

پُختو آهي دل ۾ اَزل کان،

تنهنجو خاص خيال،

دل جا دلبر دوست درازي!

عيبن هاڻو مان ”لاشاري“

تون لائق لڄپال،

دل جا دلبر دوست درازي!

 

{

 

وصال جون وايون

آيون وصال جون وايون.

مون کي درازي دوست گهرايو.

ڀينر! گڏجي عيد ملهايون،

گيت خوشيءَ جا ڳايون،

مون کي درازي دوست گهرايو.

عشق سچل جي منهنجي جيءَ ۾،

پاڻهي جوڙيون جايون،

مون کي درازي دوست گهرايو.

پنهنجو ڄاڻي، پاڻ ڪيائين،

مون سان ڀال ڀلايون،

مون کي درازي دوست گهرايو.

سهڻي سچل کي منهنجي غم جون،

خبرون عشق رسايون.

مون کي درازي دوست گهرايو.

هَل ته درازن ۾ ”لاشاري“

رنگ نوان ڪي لايون،

مون کي درزي دوست گهرايو.

 

{

 

سچلؒ جو عشق

روز ازل کان لڳو ڙي لڳو.

منهنجو عشق سچل سان.

سهجئون سوز فراق جو ڀينر!

سوريم پاڻ سڳو ڙي سڳو،

منهنجو عشق سچل سان.

عشق اڙانگو آڏو آيو،

وره ڍڪايو وڳوڙي وڳو،

منهنجو عشق سچل سان.

شاه دراز يقين ڏياريو،

ڀول سمورو ڀڳوڙي ڀڳو،

منهنجو عشق سچل سان.

يار سڄڻ جون ڳجهڙيون ڳالهيون،

تن ۾ بيشڪ تڳو ڙي تڳو،

منهنجو عشق سچل سان.

مان ”لاشاري“ سام سچل جي،

مون کي اَوهين ڀَل ٺڳو ڙي ٺڳو،

منهنجو عشق سچل سان.

 

{

 

عشق جا لنگهه

قول پرينءَ سان پاڙيان، وو.

ويهي شهر دراز ۾.

سچل! تنهنجي سِڪ ۾ سائين!

رت جا ڳوڙها ڳاڙيان، وو!

ويهي شهر دراز ۾.

پيار جي پنڌ ۾ پيرين اُگهاڙو،

عشق جا لنگهه لتاڙيان، وو!

ويهي شهر دراز ۾.

کولي ويهان يقين جا دَفتر،

ڦير جا ڦَريا ڦاڙيان، وو!

ويهي شهر دراز ۾.

ڪُوڙ ۽ ڪُلفت قَلب مان ڪوريان،

سَچ سان ساه سَلهاڙيان، وو!

ويهي شهر دراز ۾.

قرب ۾ ڪڙجي، ”رشيد“ سچلؒ سان.

قِسمت جو سج لاڙيان، وو!

ويهي شهر دراز ۾.

 

{

 

درازي دستور

دوست درازيءَ جو دستور.

دل جو دَرد لِڪائڻ ڪهڙو؟

سوريءَ تي هيءُ ساه ٿو لٽڪي،

دَم دَم اندر ٿي مَنصور،

دِل جو درد لِڪائڻ ڪهڙو؟

سَو سَو واري ڪَنڌ ڪَپائج،

مُحب ڪري ٿو اِئين منظور،

دِل جو درد لِڪائڻ ڪهڙو؟

اول، آخر، ظاهر، باطن،

هَرجا يار جو نُور ظهور،

دِل جو درد لِڪائڻ ڪهڙو؟

رڳو خيال اُڏاءِ اُتاهون،

عشق جي منزل ناهي دُور،

دِل جو درد لِڪائڻ ڪهڙو؟

يار لڪائڻ ڪهڙو؟

ڪر نه تون ايڏو قهر ڪُلُور،

دِل جو درد لِڪائڻ ڪهڙو؟

 

{

 

عشق سلامت

لاه اکين جا اولا وو!

شاه دراز سڏائڻ وارا!

آهين تون سِر ساه جو وارث،

اَسين اَزل جا گولا وو!

شاه دراز سڏائڻ وارا!

تنهنجو عشق سلامت سائين!

ڪهڙا ڀَو ۽ ڀولا وو؟

شاه دراز سڏائڻ وارا!

روزِ اَلست کان تنهنجي دَم سان.

چاڪ ڪياسون چولا وو!

شاه دراز سڏائڻ وارا!

عرش عظيم کان اڳتي پهتا،

تنهنجي عشق جا ٽولا، وو!

شاه دراز سڏائڻ وارا!

تنهنجي ازل کان ”رشيد“، ووجاني!

روز ڪئي ٿي ڳولا، وو!

شاه دراز سڏائڻ وارا!

 

{

 

ڀوريءَ جا ڀاڳ

مِٺڙا آهن ماڳ.

دلبر شهر دراز ۾.

اڱڻ اياڻيءَ جي ورِي

وَرُ ٿو ورائي واڳ،

دلبر شهر دراز ۾.

والي ٿو ڪيئَن وَڙ ڪري؟

ڀوريءَ جا ڏِس ڀاڳ،

دلبر شهر دراز ۾.

وحدت جي وڻڪار ۾،

رنگ ڀريا ٻُڌ راڳ،

دلبر شهر دراز ۾.

سُمهڻ عين عذاب آههِ،

دمدم آهي جاڳ،

دلبر شهر دراز ۾.

ڏِس تون ”رشيد“ اکيون پَٽي،

اِيئن ٿا وَسن ويراڳ،

دلبر شهر دراز ۾.

 

{


 

اصل اُمنگ

رنگي سَندا رنگ ڏِس.

دائم شهر دراز ۾.

عاشق! عقل ۽ عشق جي،

جوشئون جاري جنگ ڏِس،

دائم شهر دراز ۾.

ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي،

مَست و مَست مَلنگ ڏِس،

دائم شهر دراز ۾.

بره جا باشا سِر مٿان،

وره جا لک لک ونگ ڏِس،

دائم شهر دراز ۾.

ميٽڻ سان نه ميسارجن،

عشق جا اَذلي اَنگ ڏِس،

دائم شهر دراز ۾.

دل ۾ دوست ”رشيد“ جي،

اُڀريل اَصل اُمنگ ڏِس،

دائم شهر دراز ۾.

 

{

 

سِڪ جو سَلو

ڀينر! ٿيڙم ڀَلو ڀَلو.

جهولي پاتم عشق سچلؒ جو.

دولهه جي ديدار کان،

وارُ نه پوندو وَلو ولو.

جهولي پاتم عشق سچلؒ جو.

داتا جي دربار ۾،

هيج هِنئين سان هَلو هَلو،

جهولي پاتم عشق سچلؒ جو.

دل ۾ درازي در کان،

ڦٽندو سِڪ جو سَلو سَلو،

جهولي پاتم عشق سچلؒ جو.

داتا شاه دراز سان،

روح جو آهي رَلو رَلو،

جهولي پاتم عشق سچلؒ جو.

روز ”رشيد“ سچلؒ سَندا،

ڳايان ٿي ڳڻ اَلو اَلو،

جهولي پاتم عشق سچلؒ جو.

 

{

 

 

 

شهر دراز جي خاڪ

شهر دراز جي خاڪ، لا!

سُرمو ڀانيان طُور جو.

اُهي پليد نه ٿيندا هرگز،

جيڪي ازل کان پاڪ، لا!

سُرمو ڀانيان طُور جو.

دِل ٿي هڻي منصوري نعرا،

بره ڪيو بي باڪ، لا!

سُرمو ڀانيان طُور جو.

ڪانهي مومل، سڀڪجهه راڻو،

ڪُوڙي آهي ڪاڪ، لا!

سُرمو ڀانيان طُور جو.

سڪ ۾ سچلؒ جي سالڪ سينو،

چيري ڪن ٿا چاڪ، لا!

سُرمو ڀانيان طُور جو.

عشق ”سچل“ جو ”رشيد“ اُتاهون،

اوري مِڙئي اَفلاڪ، لا!

سُرمو ڀانيان طُور جو.

 

{

 

آقا جي اُڪير

ڏاڍي رَمز وَڻي وڻي.

مون کي شاه دراز جي.

مَن کي مونجهه مُنجهائيو،

آههِ اُڪير گهڻي گهڻي،

مون کي شاه دراز جي.

گولي آههِ بَنائيو،

مالڪ جڳ جي ڌڻي ڌڻي،

مون کي شاه دراز جي.

پورهيت ڪوٺي پِرت مان،

پاڙي واري ڄڻي ڄڻي،

مون کي شاه دراز جي.

قربئون ڪام قلوب ۾،

عشق ويو ڪا هَڻي هَڻي،

مون کي شاه دراز جي.

آهيان ”رشيد“ سچل سندو،

بيشڪ ڏي سِڪ کڻي کڻي،

مون کي شاه دراز جي.

 

{

هادي عبدالحق جي آمد

هادي عبدالحق ٿو اچي.

اَچو، اکڙيون وِڇايون راه ۾.

بِسمِ الله، بِسمِ الله، چئي چَپ چوريون،

قدم قدم تان ساه به گهوريون،

دِل پَروانو بنجي پَچي،

اَچو اکڙيون وڇايون راه ۾.

اَچن اَچن ڀَل ديوانا،

پَچن پَچن ڀَل پروانا،

سامهون عشق جو مَچ ٿو مچي،

اَچو اکڙيون وِڇايون راه ۾.

عبدالحق اِهو حق جو هادي.

سونهي ٿي جنهن کي سچ جي گادي،

اِئين پاڻ چيو سَردار سچي،

اَچو اکڙيون وڇايون راه ۾.

ڏِس ”لاشاري“ نُور نظارا،

سِڪ ۾ سَڙن ٿا لک سِڪ وارا،

بِره جي باه کان ڪير بچي؟

اَچو اکڙيون وِڇايون راه ۾.

 

{

 

درازن وارو دوست

سڀ ۾ تنهنــــــــــــــــــــجا پَسارا،

دوســـــــــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا،

عشق جو شاهنشاه تون آهين،

اِني اِذن الله“ تون آهين،

سمجهــــــــــــــــــي ڪيــــــــــــــر اِشارا،

دوســــــــــــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا.

تنهنجي آئي، ٿي سَرهائي،

هجر منجهان ٿي وصل جي وائي،

مَن جا مٽيا مونجهارا،

دوســــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا.

سهڻا تو وٽ سر ٿا نِوايون،

تنهنجي دَر جا سگ ٿا سڏايون،

ڳل ۾ وجهون ٿا ڳارا،

دوســـــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا.

اکڙيون تنهنجي راه ۾ آهن،

شامل ساه پَساه ۾ آهن،

سچــــــــــــــــــل تنهنـــــــــــــــــــــــــــجا سَهارا،

دوســـــــــــــــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا.

وحدت باقي ڪثرت فاني،

تو کانسوا اي دلبر جاني،

ٿينــــــــــــــــــدا ڪيــــــــــــــــن گـــــــذارا،

دوســــــــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا.

جيءَ ۾ جذبا جام جُکن ٿا،

دل ۾ درد جا داغ دُکن ٿا،

چمڪن ٿا ڄڻ تارا،

دوســـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا.

ڪر تون ڀلارا ڀال ڀَلايون،

ڏِس ”لاشاريءَ“ جون نه مَدايون،

آهِـــــــــــــــــــن حــــــــــــــــال هَچــــــــــــــــــــــــــارا،

دوســــــــــــــــــــــــــــــــــــــــت درازن وارا.

 

{

 

سدورو ڏينهن

ڏينهــــــــــــــــــــن سَـــــــــــــــــــــــــــــــدورو آيو.

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

چوڏهينءَ جي چانڊاڻ ڏسون ٿا،

عشق جا لک اُهڃاڻ ڏسون ٿا،

رانــــــــــــــــــــول رنــــــــــــــــــــگ رچــــــــــــايو،

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

مَحب مليو ۽ ويئي حيراني،

پنهنجي ڀَلاين سان اڄ جاني،

وينــــــــــــــــدڙ بخــــــــــــــت وَرايـــــــــــــــــو،

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

وِره جي ويل نه کوٽي ٿيندي،

”سخا، سخيءَ جي نه موٽي ويندي“

پــــــــــــــــــــــاڻ سڄــــــــــــــــــــــــڻ فرمايو،

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

ٻڌيون حَبيب صدائون دل جون،

پيون قبول دعائون دل جون،

مـــــــــــــوليٰ مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــان وڌايو،

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

اڄ آواز ازل جا آيا،

سچلؒ پنهنجا ساز سجايا،

وِسريل سبــــــــــــــــــــــــــــــــــــق پڙهايو،

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

وحدت آئي، وئي ٻيائي،

مرشد پنهنجي ڪئي ڀَلائي،

مَن جو ميرُ مِٽايو،

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

عاشق اچو ”رشيد“ سان گڏجي،

شاه دراز جي عشق ۾ اڙجي،

گيت خوشيءَ جا ڳايو،

ڏِنو دِلاسو دوست درازي.

 

{

 

سچل سائينءَ جي تربت

ڏسن ٿا اڄ فَلڪ وارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

چُمن ٿا چنڊ ۽ تارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

جهڪايو سر شهنشاهن، اچي سِڪ مان ٿا ڪن سجدو،

سِڪندر ۽ سوين دارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

ستارن کان پَري پهتي، سواري منهنجي سُهڻل جي،

نچائن ٿا ازل وارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

اکين جي آب سان اڄ عطر باريءَ جي ڪريون بارش،

ڏيون ڀيٽا جگر پارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

ٿيا آهن ازل کان عشق جي مرڪز وٽان حاصل،

عنايت چاه جا چارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

ازل وارا اُڃايل ٿا پيئَن پُرجام ”لاشاري!“

مليا وحدت سندا ڌارا، سچل سائينءَ جي تربت کي.

 

{

 

خواجه عبدالحق جي تاجپوشي

خواجه عبدالحق لاثاني.

توکي تاج مبارڪ هادي!

تو ۾ آهي سِر سُبحاني،

توکي تاج مبارڪ هادي!

مُنهن مان نسورو نُور ٿو چمڪي،

سِر تي طلحٰہ تاج ٿو جهلڪي،

وحدت جي ڳل تنهنجي ڳاني،

توکي تاج مبارڪ هادي!

بيواهن جا بار کڻين ٿو،

ڪوڙ ڪَچايون ڪين ڳڻين ٿو!

ڏيهه ٿو ڏسجي تنهنجو ڏاني،

توکي تاج مبارڪ هادي!

عشق جي توکي علمبرداري،

سَچ جي تنهنجي هٿ سرداري،

ازلي نُور اِها پيشاني،

توکي تاج مبارڪ هادي!

تنهنجي دَر جا فقير ٿا سڏجون،

عشق ۾ تنهنجي اَمير ٿا سڏجون،

توکي سڪ جي ملي سلطاني،

توکي تاج مبارڪ هادي!

ٻُڌ ”لاشاريءَ“ جون تون لاتيون،

تنهنجي قربَ وَهايون ڪاتيون،

تون ئي اَسان جو دلبر جاني،

توکي تاج مبارڪ هادي!

 

{

 

سچلؒ تان صدقي

جنهن لائي، توڙ نڀائـــــــــــي،

مان صدقي سچلؒ جي نانءُ تان.

راتيان ڏينهان آهي مون کي،

وات وِرِه جي وائــــــــــــــــــــــي،

مان صدقي سچلؒ جي نانءُ تان.

مرشد ڪامل آههِ قرارو،

ڪاڻ نه ٻئي جي ڪائي،

مان صدقي سچلؒ جي نانءُ تان.

سِر تي اسان جي نينهن جي نوبت،

روز ازل کــــــــــــــــان آئـــــــــــي،

مان صدقي سچلؒ جي نانءُ تان.

پنهنجي ”رشيد“ کي شاه درازي،

ڳُجهـــــــــــــــڙي رمـــــــــــــــــز لڳائي،

مان صدقي سچلؒ جي نانءُ تان.

 

{

 

دلدار درازي

عبدالحق دلدار درازي،

توکي ڪوسو واءُ نه لڳندو.

تون ئي کٽين ٿو بره جي بازي.

توکي ڪوسو واءُ نه لڳندو.

دُشمن سڀ برباد ٿي ويندا،

اوتارا آباد ٿي ويندا،

تون ئي آهين حقَ جو غازي،

توکي ڪوسو واءُ نه لڳندو.

تو سان سينو ڪير سهائي؟

آهي ڪير جو وات ورائي؟

تنهنجي ازل کان سراَفرازي،

توکي ڪوسو واءُ نه لڳندو.

پار ٿا پهچن حق جا ٻيڙا،

تو سان ڪهڙا جهڳڙا جهيڙا؟

ختم ٿي ويندي فتنه سازي،

توکي ڪوسو واءُ نه لڳندو.

دائم قائم تنهنجي گادي،

تون ئي اسان جو رهبر هادي،

ٻُڌ ”لاشاريءَ“ جي تون آزي،

توکي ڪوسو واءُ نه لڳندو.

 

{

سالڪن ۾ سرفراز

سچل سَرفراز، آهي ڙي اديون!

سڀني سالڪــــــــــــــــــــــــــــــــن ۾.

منصورن جو منصور چوان،

حضــــــــــــــرت شــــــــــــــــــــــــاه دراز،

الا! سڀني سالڪن ۾.

سچل جي سرمستيءَ تي

جن و ملڪ کي ناز،

الا! سڀني سالڪن ۾.

ڪونهي ڪنهن جي ڪلام ۾،

اهڙو ســـــــــــــــــــــــــــــــــــــــوزو گداز،

الا! سڀني سالڪن ۾.

ظاهر جنهن جي زبان مان،

روز ازل جو راز،

الا! سڀني سالڪن ۾.

ڪر ڪا ٻاجهه ”رشيد“ تي،

آقا! ٻُڌ ايلاز،

الا! سڀني سالڪن ۾.

 

{

 

غم جا گهيرا

درد جا دل ۾ ديرا،

دلبر شاه دراز جا.

دل ۾ ”هُو هُو“ جي نت وائي،

گهوگهو ڪن ٿا ڳيرا،

دلبر شاه دراز جا.

عشق سلامت سِر ڀَر رڙهندي،

پنڌ پُڇايان پيرا،

دلبر شاه دراز جا.

عشق سَندا آواز اچن ٿا،

ساجهر صبح سويرا،

دلبر شاه دراز جا.

جان جگر کي ٻي نه ڪا جهوري،

دل کي غم جا گهيرا،

دلبر شاه دراز جا.

جهڙا تهڙا اَسين ”لاشاري“

بُڇڙا ۽ منهن ميرا،

دلبر شاه دراز جا.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org