رشيد احمد لاشاري
(از قلم: عمرالدين بيدار)
رشيد احمد لاشاري پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سڄا سارا ٽيهه
ورهيه سنڌي صحافت ۽ ادب جي اُفق تي ڇانيو رهيو. پر
الحاد ۽ تشڪيڪ وارن کي نه وڻيو.
خاص طرح شاعريءَ جي فن ۾ هن کي تيز رفتار ۽ بيحد قابل ۽ قادر
الڪلام ليکيو ويندو هو. هن وٽ لکڻ جي اهليت ۽
موضوع جي اهميت جو ڪمال هوندو هو.
شاعريءَ ۾ نظم ۽ غزل، ڪافي ۽ وائي، بيت توڙي طويل نظم لکڻ سان
هن واهڙ وَهائي ڇڏيا. مختلف نموني جي لکڻين جا
ڀنڊار ڇڏي ويو آهي، جن ۾ نثر به شامل آهي.
جنهن دؤر ۾ هُو نمودار ٿيو، اهو دؤور سخت بي قدريءَ وارو ۽ سنڌي
سماج ۾ علمي ۽ ادبي طور ڄٽڪي دؤر جو آغاز هو.
پڙهيل آدم سنڌ مان لڏي ويو هو ۽ باقي تمام ٿورڙا
ماڻهو علم ۽ ادب ۽ دنيا ۾ هئا. جن مان جن وٽ علمي
۽ ادبي ادارا هئا، تن کي رڳو اهو شوق هو ته ڪنهن
طرح بي دينيءَ ۽ بي حيائيءَ جو وايو منڊل زور وڍي
سگهي. اهڙن ماڻهن پنهنجي سرڪاري اثر ۽ اختيار
وسيلي، وس آهر اُپاءَ جاري رکيا ته ڪنهن به هنڌ،
ڪو بي رياء ۽ اهل ماڻهو، اچي نه سگهي. روزگار ڪري
نه سگهي. ادبي طور، اهو ڄامڙن جو دؤر ڪري سمجهڻ
کپي!
سرڪاري، نيم سرڪاري توڙي خانگي ادبي ادارن ۽ اخبارن ۾ هنن
پنهنجا هم خيال ۽ پوئلڳ ڀرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳئي
وقت اها به ڪوشش جاري هوندي هئي ته جيئن سڀني
ادارن ۾ سندن زور هجي! ۽ سندن ئي لابي هاڪاري
ليکجي ۽ اجايو لاڀ حاصل ڪندي رهي! ان لاءِ سڀني
سنڌي ادبي، تعليمي ۽ صحافتي ادارن ۾ بي جوڙ عناصر
ڀرجي ويا.
رشيد احمد لاشاريءَ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ معيار جي ليکڪن کي
اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ اهڙو ليکڪ جنهن کي
هروڀرو پاڻ کي شاعر سڏائڻ جو شوق هو، تنهن کي سنڌ
جو ۽ سنڌي زبان جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪري مشهور ڪيو
ويو.
هن وقت جيڪي پوڙها گُرگ، بزرگيءَ جو ويس پائي، اڃان ادارن تي
مڙهيل آهن، تن ئي رشيد لاشاريءَ لاءِ ماني وِههُ
ڪئي هُئي. ڇو ته هنن اهو رواج قائم ڪيو هو ته فقط
لامذهب خيالن کي تقويت وٺائجي ۽ ديني خيالن جي
حمايت ۽ پيرويءَ کي روڪجي. ان ۾ هو ذري گهٽ ڪامياب
ٿيا.
بي اصوليءَ اهڙو زور ورتو جو، اڄ سنڌي زبان کي ئي صحيح بنيادن
تي هلائڻ لاءِ مشڪلات غالب آهن. هنن جي ڪوشش اها
به هوندي هئي ته سندن ناپسنديده رسالا ۽ اخبارون
وڪرو ئي نه ٿين!
رشيد لاشاريءَ جي معياري زبان ۽ معياري حيثيت کي مڃوتي نه ڏيڻ
سان غير معياري ۽ غير سنجيده زبان ۾ لکڻ کي همٿائڻ
جو رستو هموار ڪيائون. سنڌي ادب تي سرڪاري ۽ غير
سرڪاري طور اثر ڄمائي لائق صحافين ۽ ادبين ۽ شاعرن
کي هر وقت بيروزگار رکڻ جو ماحول ٺاهيو ويو. رشيد
لاشاريءَ کي بي روزگاريءَ ئي نهوڙي نيو، ان طرح
هو، سنڌي ادب جو شهيد آهي.
رشيد لاشاري شخصي طرح پنهنجن (نظرياتي طور) همخيال دوستن لاءِ
رحمدل هو. پر مخالف ڪئمپ لاءِ سخت ڏهڪاءُ رکندڙ
هو. ان طرح هو سڄي ايام ڪاريءَ ۾ پنهنجي اصولن ۽
پروگرام تي پڪو رهيو.
سردار علي شاهه ۽ سندس دوستن جي هڪ وسيع سنگ موجود هئي. جتي
الحاد ۽ تشڪيڪ جي خلاف خاطر خواهه محاذ قائم رهندو
هو. روزانه مهراڻ ۾ سنڌي زبان جي صحت ۽ تواريخ ۽
سياست تي به اعليٰ درجي جا ليک پڌرا ٿيندا هئا.
رشيد احمد لاشاري پنهنجي آخري دؤر ۾ روزانه مهراڻ ۾ شامل ٿيو
هو. 1970ع ۾ وفات کان سال کن يا اڃان به ٿورو وقت،
هو، مهراڻ اخبار جي عملي ۾ شامل رهيو. نهايت حياء
دار ۽ مُرڪندڙ مهانڍي ۽ کليل پيشانيءَ وارو، هي
عالم شخص، ڏاڍو ٺاهوڪو ڏيک ڏيندو هو. هميشه صاف
ڪپڙن ۾، ڪِلين شيو، محبت ۽ پنهنجائپ سان ملندو هو.
ٻين جي ڪم اچڻ جو جذبو تمام گهڻو هوس. ڪنهن جي ڪم
اچڻ لاءِ هو وسان ڪين گهٽائيندو هو. کوٽ جي شڪار
ڪنهن ورڪر کي پنهنجي پگهار مان به ڏيڻ کان نه
ڪيٻائيندو هو.
روزانه مهراڻ ۾ ڪم ڪرڻ دوران اڪثر روزانو ڪراچيءَ لاءِ روانو
ٿيندو هو. ڇو ته ڪراچيءَ ۾ سندس گهر هو. ٻار ٻچا
اُتي ئي رهندڙ هئا اڃان.
مهراڻ ۾ هو خاص طرح هر قسم جو گهربل مواد تيار ڪرڻ لاءِ مقرر
ٿيل هو. سندس اهڙي شايع ٿيندڙ مواد، مهراڻ کي اڃان
وڌيڪ زور وٺايو ۽ هر دلعزيز بنايو.
رشيد احمد لاشاريءَ سان منهنجو تعارف سندس ڇپيل ڪلام ذريعي ٿيو.
پوءِ وڌيڪ تعارف پَرپُٺ (غائبانه)، فلم عمر مارئي
جي گانن ٻُڌڻ سان ٿيو. اهو تعارف ڄڻ ته انفرادي
قسم جو هو. ان کان اڳ رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڏنل سندس
ڪلام، ٻين ليکڪن جيان عام طرح جو تعارف هو، جنهن
ڪري آءٌ ايترو متوجه نه ٿيو هوس.
پهريون ڀيرو 1964ع ۾ روبرو، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سنڌي مشاعري
وقت ٿيو. رشيد لاشاري اسٽيج تي آيو ۽ هڪ ڊگهو نظم
پڙهڻ لڳو، جنهن ۾ بي دينيءَجو پرچار ڪندڙن خلاف ۽
سنڌي زبان ۽ ادب کي ڇيهو رسائڻ وارن خلاف نعري
بازيءَ وارو ڪلام شروع ڪيو هئائين! انهيءَ وقت جي
دستور مطابق، جيئن نالي ۾ ترقي پسند همراهه تڏهن
ڪندا هئا، اسٽيج سيڪريٽريءَ حاضر شاگردن کي هوٽنگ
لاءِ همٿايو. مگر حيرت جي ڳالهه ته رشيد لاشاري
سڄو ڪلام پورو ڪرڻ بنان هرگز نه لٿو. اسٽيج تي
ويٺلن جو مُنهن جو رنگ پيلو هو ۽ پروگرام جو سڄو
مزو خراب ٿي ويو هونِ!
بعد ۾ جڏهن نواءِ سنڌ (روزانه) ۾ مون تفصيلي رپورٽ ڏيندي ادبي
صفحن ۾ رشيد لاشاريءَ تي ڪجهه تنقيد ڪندي خيال
ڏيکاريو ته جيڪڏهن حاضر مجلس وارا ڪجهه به ٻڌڻ کان
نابري وارين ته ان حالت ۾ ضروري ناهي ته پنهنجو
بيان جاري رکجي! جلد ئي پوءِ هڪ لڱا مون وٽ آيو ۽
نهايت خوشگوار مُوڊ ۾ منهنجي اُن راءِ سان متفق
هئڻ جو اظهار ڪندي شاباس به ڏنائين. هو طبيعت جو
مُربي ۽ انسانيت نواز هو.
رشيد لاشاريءَ ۾ مُروت ۽ لحاظ توڙي حياءُ تمام گهڻي قدر هئا پر
هن ۾ احساس ڪمتري هرگز نه هو. هو پنهنجي فني دولت
جي زور تي سفر طيءِ ڪندو رهيو. جيڪي سندس رستو
روڪي بيٺا، تن سان هن ڪڏهن مصالحت رکڻ پسند نه
ڪئي. جيڪي سندس نظريه جا همخيال هئا تن لاءِ هو
تن، من، ڌن سان ٻلهار ويندو هو. سچ ته اهو نظرياتي
مقابلن جو دؤر هو. 1970ع کانپوءِ ته ڪنهن به قسم
جو مقابلو سنڌي ادب جي ناتي سان نه رهيو. اهو
زمانو شايد رشيد لاشاريءَ جي حياتيءَ تائين ئي
رهڻو هو. پوءِ جڏهن سنڌي زبان ۽ ان جي قانوني
حيثيت قائم ٿيڻ بعد ٻاهرين طرفان مخالفت شروع ٿي،
تڏهن سنڌي صحافي ۽ اديب ذري گهٽ هڪ ٻئي لاءِ
اختلاف ختم ڪري ويا. ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن
لاشاري صاحب جي زندگيءَ ۾ اهڙو ماحول ٺهي سگهي ها.
سائين سردار علي شاهه جي اپاءَ سان حيدرآباد رهڻ دوران لاشاري
صاحب کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي زبان جي سڌاري
لاءِ به مقرر ڪيو ويو هو. لاشاري صاحب سنڌي، فارسي
۽ اردوءَ جو يڪسان طور ماهر هو. حد درجي جو فَصيح
۽ تيز رفتار قلمڪار هو.
ريڊيو حيدرآباد تي کانئس اڳ محمود خان غني، منظور نقوي ۽ مظفر
حسين جوش اسڪرپٽ رائيٽرن طور موجود هئا. لاشاري
صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌي زبان شايد صدين تائين
اهڙي بِسيارگو ۽ قادرالڪلام شاعر ۽ ليکڪ کان محروم
ٿي وئي.
عمرالدين ”بيدار“
|
|
رشيد احمد لاشاري
(از قلم: ڊاڪٽر غلام علي الانا)
محترم مختار احمد لاشاريءَ جو خط مورخه 5-5-1997ع پڙهي، مون کي
منهنجي ماضيءَ جو علمي ۽ ادبي زمانو ذهن تي تري
آيو، مون کي، اِن خط، اٽڪل45 کن سال گذري ويل
زماني ۾ پهچائي ڇڏيو.
مون ڪوشش ڪري، پنهنجي ذهن تي زور لڳائي، پراڻيون يادون ورجايون
آهن. جيڪي ڪجهه لکيو اٿم سو دل سان لکيو اٿم. اِن
۾ نه ڪو وڌاءُ آهي ۽ نه وري ڪا خوشامد.
هن خط پڙهڻ کان پوءِ آءٌ ماضيءَ جي دنيا ۾ گم ٿي ويس، ڄڻ ته هڪ
خواب ڏسي رهيو هوس. اُن خواب ۾ مون پاڻ کي ”ٽريننگ
ڪاليج فار مين، حيدرآباد“ ۾، جتي آءٌ به ڪنهن
زماني ۾ اُستاد هوس ۽ فارسي زبان پڙهائيندو هوس،
محسوس ڪيو.
هي ٽريننگ ڪاليج اُن وقت سنڌ ۾ استادن جي سکيا جو هڪ وڏو تعليمي
مرڪز هوندو هو. هن ڪاليج جي لائبرري، سنڌ جي فنون
تي مشتمل ميوزيئم کان سواءِ هت پراڻن ۽ بزرگ
اُستادن، تعليمي ماهرن ۽ ڪاليج جي سرگرمين جون
تصويرون، سنڌ ۾ تعليمي سرگرمين جي شاهدي ڏينديون
هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻه اهڙا مولوي صاحب، هن
ڪاليج ۾ هڪ ئي وقت پرنسپال ۽ سپرنٽينڊنٽ جي حيثيت
۾ اچي مليا، جن ڪاليج جي لائبرريءَ مان هندو ليکڪن
جا لکيل ڪتاب ۽ موجود تصويرون توڙي راڳ جا ساز
ڳوڻين ۾ وجهي، ٽانگن ۾ کڻائي، وڏي فخر وچان، سنڌو
درياءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيا. سندن انهيءَ قدم تي، اُن وقت
جي اخبارن سخت لفظن ۾ ڦٽڪار وڌي هئي.
مرحوم رشيد احمد لاشاري به هن ڪاليج جو سرگرم اُستاد هو. هُو
علمي، ادبي ۽ اسٽيج ڊرامن وارين سرگرمين ۾ اڳيان
اڳيان هوندو هو.
مرحوم رشيد احمد لاشاري حليم طبع، سادي ۽ ٿڌي سڀاءَ وارو، رلڻو
ملڻو شخص، همدرد ۽ شفيق استاد هو. هڪ سٺي، مخلص
دوست ۽ ساٿي هجڻ جي ڪري مرحوم کي ٽريننگ ڪاليج
اُستادن ۽ شاگردن کانسواءِ، ڪاليج کان ٻاهر وارو
ادبي ۽ سماجي دنيا ۾ به، وڏي عزت ۽ احترام جي
نگاهن سان ڏٺو ويندو هو.
اُن زماني ۾، سنڌي ۾ ترقي پسند ۽ رجعت پسند نظريو رکندڙ شاعرن ۽
اديبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ زور وٺي ويو هو. حيدرآباد ۾
هڪ طرف ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“، مرحوم رشيد
احمد لاشاري، مرحوم محمد بخش ”واصف“، سيد سردار
علي شاهه ”ذاڪر“، پروفيسر محبوب علي چنا، مرحوم
محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“ مرحوم سرور علي ”سرور“
حيدرآبادي، مرحوم اسد بيگ مرزا، مرحوم اجمل بيگ
مرزا، مرحوم سيد نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي، مرحوم
مظفر حسين ”جوش“، منظور نقوي، عبدالقيوم صائب،
پروفيسر عبدالڪريم لغاري، پروفيسر عبدالڪريم
نظاماڻي ۽ ٻيا جيڪي عروضي شاعريءَ جا علمبردار ۽
طرفدار هئا، ۽ بزم خليل ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ادارن
جي اخبارن ۽ رسالن، خاص ڪري روزانه ڪاروان، مهراڻ
۽ هفتيوار آزاد اخبارن ذريعي ترقي پسند نثر ۽
شاعريءَ جي صنفن تي سخت تنقيد سان گڏ، ترقي پسند
اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ: محترم شيخ اياز، ع – ق شيخ،
شمشير الحيدري، جمال ابڙو، سراج الحق ميمڻ، غلام
رباني آگرو، تنوير عباسي ۽ نياز همايونيءَ، جي
سماهي مهراڻ، روح رهڻ ۽ ٻين رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپيل
گيتن، نظمن، آزاد نظمن، غزلن، بيتن، وائين، ڪافين
توڙي افسانن، مقالن ۽ مضمونن تي سخت تنقيدي مضمون
لکندا هئا. ٻئي ڌريون پنهنجن پڙهندڙن کي، پنهنجن
پنهنجن نظرين کان آگاهه ڪنديون رهنديون هيون، پر
اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سنڌ جو نئون نسل، ترقي
پسند لاڙن ۽ رجحانن طرف وڌيڪ مائل ٿيندو ويو ڇاڪاڻ
ته ملڪ جون سماجي ۽ سياسي ۽ اقتصادي حالتون، اهڙو
رخ اختيار ڪري چڪيون هيون، جن نئين نسل کي گهڻي
قدر متاثر ڪيو هو. نتيجو اهو نڪتو جو شيخ اياز
مقبول ترين شاعر جي حيثيت ۾ سنڌ جي نوجوانن وٽ
مشهور ٿي ويو، ۽ نثري صنفن، خاص ڪري افسانن ۾ جمال
ابڙو، غلام رباني آگرو، شيخ حفيظ، نسيم کرل ۽ امر
جليل گهر گهر مقبول هئا.
مرحوم رشيد احمد لاشاري مالي طور به هڪ نهايت ئي مسڪين ماڻهو
هو. آر – ايڇ احمد ائنڊ برادرس، يوسف ائنڊ برادرس
۽ ٻيا ڪتب فروش، مرحوم لاشاري صاحب کان، معمولي
اُجرت تي، درسي ڪتاب ۽ انهن جون گائيڊون لکرائي،
پاڻ ته اُنهن جي وڪري مان خوب ناڻو ڪمائيندا هئا،
پر مرحوم رشيد احمد لاشاريءَ کي فقط ايترو ڏيندا
هئا جو سندس حالت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏيهاڙي سومرا“
واري هئي.
مرحوم جي مون سان گهڻي محبت هوندي هئي. مون کي اڄ وانگر اُن
زماني ۾ به سکڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. شاعري ڪرڻ
جو مون کي شوق ڪونه هو، البت شاعريءَ کي سمجهڻ ۽
اُن سان گڏ راڳ، راڳڌاري ۽ تحقيق سان منهنجي
دلچسپي هوندي هئي. اُن ڪري آءٌ مرحوم گرامي صاحب،
مرحوم لاشاري صاحب ۽ اُستاد پيربخش جي گهڻو ويجهو
هوندو هوس، بلڪ سڀني برگزيده اُستادن کان سواءِ
گرامي صاحب، لاشاري صاحب ۽ اُستاد پير بخش جو گهڻو
احترام ڪندو هوس.
هڪ ڏينهن لاشاري صاحب مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو. مون کي هن وقت
ياد نه آهي ته سندن گهر حيدرآباد جي ڪهڙي حصي يا
پاڙي ۾ هو. سندس گهر جي حالت بلڪل مسڪين ماڻهوءَ
جي گهر جهڙي هئي. پاڻ سندن نيڪ سيرت، سلڇڻي، صبر
واري ۽ حليم طبيعت واري شريڪ حيات سان مون کي
ملايائون. هُوءَ لاشاري صاحب کان وڌيڪ سادي،
نهٺي.، نوڙت واري خاتون ٿي لڳي. مون پڇيومانِ ته
ادي، ”اوهين لاشاري صاحب جي هن مسڪينيءَ واريءَ
حالت هوندي به ڏاڍا مطمعن ٿا لڳو.“ سندن جواب ۾
خودداري وڌيڪ هئي. چيائون ته: ”ادا! اسين مسڪين
ڪٿي آهيون؟“ لاشاري صاحب جي وڏي عزت آهي، سنڌ ۾،
هُو نيڪ ۽ نيڪ نيت ماڻهو آهي، هر ڪو سندس احترام
ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان وٽ دولت نه آهي ته ڇا ٿي
پيو؟ رب جو شڪر آهي. مڇي ماني ته ملي ٿي. هي
منهنجا ٻچڙا (لاشاري صاحب جا ٻه ننڍڙا ٻار خاتون
جي اڳيان ڊوڙي ڊڪي رهيا هئا) اسان جو سرمايو آهن.
اهي ئي اسان جي دولت آهن. هي لاشاري صاحب جا بازو
آهن. وڏا ٿيندا ته سڀ لُڙ لهي ويندا.“ اهو سڀ ڪجهه
محترمه خودداريءَ سان چيو.
لاشاري صاحب جي اولاد سان منهنجي وري ڪڏهن به ملاقات ڪانه ٿي ڇو
ته آءٌ پهرين ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ بدلي ٿي ويس ۽ پوءِ
سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر
ٿيس، جتي لاشاري صاحب سان اڪثر ملاقات ٿيندي هئي.
اُن زماني ۾ سٽي ڪاليج به علمي ۽ ادبي سرگرمين جي
ڪري مرڪزي حيثيت رکندو هو. سڀيئي اديب ۽ شاعر سٽي
ڪاليج جي جلسن ۾ ضرور ايندا هئا. اُن وقت حالات
محبت وارا هئا. سنڌي توڙي اردوءَ جا اديب ۽ شاعر،
اُستاد ۽ شاگرد هڪ ٻئي کي اکين ۾ جايون ڏيندا هئا.
نفرت جهڙن جذبن جو ڪو به نالو نشان ڪونه هو. سٽي
ڪاليج ۾ جناب ايس – ڪي رحيم، سيد حاذق علي،
پروفيسر عابد عباس، سيد قوي احمد، مرحوم عظيم
عباسي، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو ۽ ٻيا اُستاد محبتن
وارا ماڻهو هئا ۽ آهن.
مرحوم رشيد احمد لاشاري، سٽي ڪاليج جي ادبي جلسن، لوڪ ادب جي
ڪچهرين، لطيف ڪانفرنس ۾ ضرور حاضر ٿيندو هو. هُو
گهڻو ڪري مرحوم اسماعيل بن واصف سان گڏ ڏسڻ ۾
ايندو هو. محمد اسماعيل بن واصف کي فلمي دنيا ۾
اچڻ ۽ سنڌي فلمون ڪڍڻ جو خفت هوندو هو. ان زماني ۾
سنڌي فلمون ٺهڻ شروع ٿيون هيون، مرحوم حسين شاهه
فاضلاڻيءَ پهرين سنڌي فلم (آزاديءَ کان پوءِ،
آزاديءَ کان اڳ ايڪتا فلم ٺهي هئي. رئيس ڪريم بخش
نظاماڻي اُن فلم ۾ هيرو بڻيو هو) عمر مارئي نالي
ٺاهي، جنهن ۾ ”هيرو“ جو ڪردار پاڻ ادا ڪيو هئائين.
نيٺ مرحوم لاشاري صاحب به فلمي دنيا ۾ اچي ويو. هن، مرحوم سعيد
هارون جي نالي تعاون سان، سسئي پنهون فلم ٺاهي،
جنهن ۾ پاڻ به اداڪار طور ڪم ڪيو هئائين. ان فلم
جي ڪهاڻي، ڊائيلاگ ۽ نغما، لاشاري صاحب پاڻ لکيا
هئا.
لاشاري صاحب جو ڪمال اهو هوندو هو جو ڪن احبابن ۽ دوستن جي
فرمائش تي، ٿوري ئي عرصي اندر، اسٽيج ڊرامو يا ڪا
ڪهاڻي لکي وٺندو هو. هُو باڪمال في البديهه شاعر
هو. کيس جنهن به وقت، جنهن به موضوع تي چئبو هو،
ته ڪو غزل، نظم، گيت، فلمي نغمو، بيت، رباعي يا
ڪافي، يا ڪو مضمون، ڪهاڻي يا ڊائيلاگ لکي وٺندو
هو. سندس دماغ هر وقت تازو توانو هوندو هو. هُو
تخليقي ذهن جو مالڪ هوندو هو، ان ڪري هر صنف تي
خوش اسلوبيءَ سان معياري ادبي صنف تخليق ڪري وٺندو
هو. فلمي گيت يا نغمو لکندي جهُونگاريندو هو، گويا
هُو راڳ جي ڌن پاڻ ٺاهيندو هو، ان ڪري اُستاد نياز
حسين، يا اُستاد غلام علي سندس جهُونگار واري ڌُن
۽ لئي، مطابق فلم لاءِ راڳ جي ڌُن ٺاهيندا هئا.
مرحوم رشيد احمد لاشاري وڏو ”لطيف شناس“، ”سنڌ شناس“، تعليمي
ماهر ۽ تاريخدان هو. هُو سنڌي لسانيات ۽ وياڪرڻ تي
به مهارت رکندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي سکڻ لاءِ سندس
لکيل ڪتاب، اڄ به معياري ڪتابن ۾ شمار ڪيا ويندا
آهن. درسي ڪتابن لکڻ جي فن ۾ به هُو ڪماليت وارو
صاحب هو. اها ٻي ڳالهه آهي جو ”رجعت پسند“ هجڻ
واري ٺپي (Label)
جي ڪري، ههڙي عظيم تخليقي اديب ۽ شاعر، سنڌ شناس ۽
لطيف شناس توڙي سنڌي زبان جي ڄاڻُوءَ جي قابليت،
ڏاهپ، دانائي ۽ سخنوريءَ مان سرڪاري يا نيم سرڪاري
علمي ۽ ادبي ادارن قوم لاءِ فائدي وٺڻ جي بدران،
هن کي قبول نه ڪيو ويو.
هُو نئين ٽهيءَ جي دعويٰ ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن، نئين سوچ رکندڙ
نوجوانن وٽ غير مانوس آهي. انهن نوجوان اديبن ۽
شاعرن مان ڪيترائي ته ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل،
محمد بخش واصف، سيد سردار علي شاهه، سرور علي
سرور، سيد نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي، اسد بيگ
مرزا، اجمل بيگ مرزا ۽ مرحوم الله بخش نظاماڻي کي
سڃاڻندا به نه هوندا. ڪيترن ئي کي ته رئيس ضياءَ
الدين بلبل، عارف الموليٰ، حافظ احسن چنا،
عبدالڪريم گدائيءَ جي باري ۾ ڪا به خبر ڪانه
هوندي. شيخ اياز جهڙي دانا ۽ عظيم شاعر، ته آخوند
گل محمد گل، مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي شاعريءَ
کي، پنهنجن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ شاعر ئي نه مڃيو آهي.
نوجوانن جي، سنڌي ادب جي اهڙن گوهرن کي ناشنائيءَ، کي سندن
اڻڄاڻائي چئبو. سنڌي ادب لاءِ دوستي نه چئبو. بهتر
ته ائين آهي ته اهڙن نوجوانن کي، سنڌي ادب جي هر
شاعر، هر اديب، هر نقاد، هر مقاله نگار ۽ هر مضمون
نگار جي علمي ۽ ادبي خدمتن کان آشنا هجڻ گهرجي،
پوءِ چاهي اُهي ڪهڙي به ادبي نظرئي سان واسطو
رکندا هجن.
منهنجي ذاتي راءِ موجب هر سنڌي اديب، شاعر، عالم ۽ فاضل، پنهنجي
پنهنجي دور ۾سنڌي ادب جي هڙان ۽ وڙان جيڪا به خذمت
ڪئي آهي سا ”عزت ۽ احترام جي لائق آهي.“ مرحوم
رشيد احمد لاشاري به اهڙن اديبن ۽ شاعرن مان هڪ
هو. هُن جون خذمتون به قابل تعريف آهن. هن جا لکيل
گيت، نظم، غزل، رباعيون، قصيدا، بيت ۽ ڪافيون
گهڻين ئي خوبين واريون آهن. سندس نظمن، گيتن،
غزلن، ڪافين ۽ رباعين ۾ اُهي سڀ خصوصيتون موجود
آهن، جيڪي هڪ باڪمال ۽ باصلاحيت معياري شاعر جي
ڪلام ۾ هجڻ گهرجن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب جي
تاريخ لکندڙ سڀني عالمن کيس وڏي عزت ۽ احترام سان
ياد ڪيو آهي ۽ سندس ڪلام جو تجزيو ڪيو آهي، ۽
تعريف ڪئي آهي.
اهڙيءَ طرح سنڌي فلم جي جڏهن تاريخ لکي ويندي تڏهن سنڌي فلمن
لاءِ سندس لکيل ڪهاڻيون، نغما، ڊائيلاگ ۽ فلمي گيت
سندس حيثيت ۽ معيار کي مڃرائيندا. ساڳيءَ طرح
اسٽيج ڊرامن جي تاريخ لکندڙن ۽ نقادن، خاص ڪري
ڊاڪٽر محمد يوسف پهنور پنهنجي ڪتاب ۾، مرحوم رشيد
احمد لاشاريءَ کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي.
آءٌ پوري يقين سان اها دعويٰ ٿو ڪريان ته مرحوم رشيد احمد
لاشاري هڪ باڪمال اديب ۽ شاعر هو. سندس خذمتون
هرگز ۽ هرگز وساري نٿيون سگهجن. شال رب ڪريم مرحوم
کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ سندس اولاد کي
هميشه ۽ هميشه خوش ۽ آباد رکي، ۽ ڪنهن جو به محتاج
نه ڪري – آمين.
|
ڊاڪٽر غلام علي الانا
|
رشيد احمد لاشاري
(”سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر“ سيريز ۾، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان 23 جون،
1987ع تي نشر ڪيل تقرير جو سڌاريل متن)
(از قلم: ڪريم بخش خالد)
رشيد احمد لاشاري سان ڪراچي ۾ منهنجي پهرين ملاقات رشيد ڀٽي ۽
حفيظ شيخ سان گڏ ايسٽرن اسٽوڊويز ۾ ٿي. جتي هو حسن
شيخ جي فلم يونٽ سان شامل هو. انهيءَ دور ۾ هو
فلمي دنيا سان ڳانڍاپيل هو. ڪهاڻيون مڪالما ۽ گيت
لکندو هو. انهي نرالي ۽ ڪوڙي دنيا ۾ ايترو ته داخل
ٿي ويو هو جو ان جون سڀ قباحتون سندس سڀاءُ جو حصو
بڻجي ويون. مون اڳ کيس ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس،
لاڙڪاڻي جي مشاعري (1946ع) ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو هو. سندس
ڪي چيزون ڇپيل به پڙهيون هيم. پر فلمي ماحول وارو
رشيد لاشاري اڻ وسهڻ جهڙو نظر آيو. اهي ملاقاتون
به جيتريقدر ياد ٿو پوي ته مختصر ۽ تفريحي نوعيت
واريون هيون.
1950-1952ع واري عرصي ۾، مان سنڌي رونامي ”الوحيد“ ۾ لکڻ شروع
ڪيو. 1952ع ۾ سنڌ سرڪار ۾ انفارميشن آفيسر طور
تقرر ٿيو. پوءِ مون کي علامه آئي – آئي قاضي سنڌ
يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ماڊل اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ڪرڻ
جي آڇ ڪئي وئي جنهن لاءِ مون معذرت ڪئي. حيدرآباد
اچڻ وڃڻ دوران لاشاري صاحب سان سنڌي لغت آفيس ۾
ملاقاتون ٿينديون هيون جتي استاد محمد بخش واصف ۽
عبدالڪريم سنديلو صاحب به ڊاڪٽر نبي بخش جي ساٿين
طور ڪم ڪندا هئا.
سٺ واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لاشاري سان ماهنامي ”نئين زندگي“ جي
دفتر ۾ ملاقات ٿي جتي هو مولانا عبدالواحد سنڌي جي
مددگار جي حيثيت ۾ ملازم مقرر ٿيو هو. اهي صحبتون
گهڻي عرصي تائين هليون، جنهن جي نتيجي ۾ کيس سمجهڻ
۽ پرکڻ جو مون کي موقعو مليو. سندس گريل زندگي جي
اهم واقعن کان واقف ٿيس. ڏکن ڏولائن منهنجي دل تي
گهرو اثر ڇڏيو. مونکي محسوس ٿيو ته هو پاڻ سان به
رٺل آهي ۽ زماني جي بي قدري جي بهاني، پاڻ کي
پنهنجي زندگي جو بار بنائي چڪو هو. ڪراچيءَ ۾
تقرري جي دوران 1963ع وارو سڄو سال منهنجي ساڻس
پريت ۽ همدردي رهي. مان ڪثير الاولاد هوندي به
سندس ڏک ۾ شريڪ رهيس. مون هن ۾ هڪ مخلص ۽ سادي
طبيعت وارو انسان ڏٺو جيڪو اختلافي خيالن کي نظر
انداز ڪري، ذاتي سطح تي هميشه خلوص ۽ مروت جو
مظاهرو ڪندو هو. هو عزت نفس جي معاملي ۾ ببر شير
هو. ڪا به مجبوري ۽ مهجوري، سندس عزم ۽ استقلال کي
ڪمزور ڪري نه ٿي سگهي. هو نهايت محنتي ۽ وڏين
صلاحيتن جو مالڪ هو. خوددار هو انڪري شڪست ڪڏهن به
قبول ڪانه ڪيائين ۽ زندگيءَ جي هر موڙ تي مردانه
وار مقابلو ڪندو رهيو. کيس سهڪي جي بيماري لاحق
هئي ۽ ان جو علاج، خاص ڪري سردي جي موسم ۾ گهڻو
مهانگو ۽ لڳاتار توجهه طلب هو. انهي دور ۾ مون کي
سندس صفراوي ۽ سيمابي طبيعت جا گهڻيئي تجربا ٿيا.
گهڻيئي دل آزار هجو ۽ حسد جي زهر سان ڀريل ڪلام
ٻڌڻ جو موقعو مليو. ائين پئي معلوم ٿيو ته وٽس ڪا
خفيه ڊائري هئي جنهن ۾ نهايت تفصيل ۽ انهماڪ سان،
هن پنهنجي ادبي کيتر جي ويرين جا احوال پئي لکيا.
ذو معنيٰ توڙي اشارن ۽ ڪناين جي ذريعي پنهنجي دل
جي حسرتن کي ظاهر پئي ڪيو. ٿورو گهڻو مون کيس
موڙيو ۽ پنهنجي فرائض منصبي موجب پبلسٽي جي ڪم ۾
مصروف رکيو. انهي دور ۾ هن پاڪستان جي صدر ايوب
خان جي شان ۾ سنڌي، بلوچي، پنجابي، اردو ۽ پشتو
زبانن تي مشتمل هڪ طويل قصيدو لکيو، جنهن مان سندس
قادرالڪلامي ۽ لساني مهارت جو پتو پوي ٿو. هڪ طويل
مسدس ڀٽي صاحب جي مان ۾ به لکي هيائين. مون کيس
صدر ۽ مغربي پاڪستان جي گورنر وٽان ماهانه وظيفا
منظور ڪرائي ڏنا. فقير سيد وحيدالدين جي اردو ڪتاب
”محسن اعظم ۽ محسنين“ جي سنڌي ترجمي جو ڪم ڏياريو.
1964ع ۾ منهنجي لاهور بدلي ٿي ۽ رشيد صاحب حاجي
عبدالله هارون ڪاليج ۾ سنڌي جي پروفيسر جي حيثيت ۾
ڪم ڪرڻ لڳو.
1970ع ۾ مان وري ڪراچي بدلي ٿي آيس. پر رشيد صاحب 1969ع ۾ حاجي
عبدالله هارون ڪاليج، ڪراچي ڇڏي خيرپور ۽ پوءِ
حيدرآباد وڃي رهيو هو. اهو سندس زندگيءَ جو آخري
پر ساڳئي وقت نهايت ڪٺن آزمائش ۽ وڏي عبرت وارو
دور هو. هو گهڻين ئي سالن کان بيمار ته هو، پر
حيدرآباد ۾ سندس ”پنهنجن دوستن“ کيس اهڙي ذهني
پيڙا ۾ مبتلا ڪيو جنهن مان جانبر ٿي نه سگهيو.
کيس، ڪن نظرياتي استحصالين طرفان اهڙي وچ سير ۽
سراب ۾ منجهايو ويو جن سندس هوشمندي ۽ رهيل
حوصليمنديءَ کي زائل ڪري وڌو. ”اسلام خطري ۾“،
”پاڪستان ۾ لاديني لاڙن جو زور“، ”ڪميونسٽ نظرين
جو فروغ“ وغيره قسمن جي غلط مفروضن سندس ذهن تي
وڏو اثر وڌو. هن بي حساب لکيو، پر ”سيئي سيل ٿيام،
پڙهام جي پاڻان“ وانگي اهي اکر اڀري واڳو جيان کيس
ئي وري ويا ۽ اهو به ته ”جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي
ڪين ٿيام“، جڳ ۽ جوڳ سان جنگ جوٽيندي 19 سيپٽمبر
1970ع اڌ رات جو حيدرآباد جي لياقت اسپتال ۾ وفات
ڪيائين. کيس ڪچي قلعي ڀرسان، ڪينٽومينٽ قبرستان ۾
آرامي ڪيو ويو.
انا لله و انا اليہ راجعون.
رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاري 8- اپريل 1922ع ۾ بلوچستان جي سبي
ضلعي ۾ ڳوٺ ملگزار ۾ ڄايو، پر مشيت ايزدي کيس سنڌ
جي حوالي ڪيو. فاضل سنڌي ۽ فاضل اردو امتحان پاس
ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيو. حضرت سلطان
باهو جي درگاه تي به رهيو. جنهن ڪري سندس طبيعت ۾
جلالي عنصر نظر ايندو هو ۽ روحانيت سندس ادبي
نظريه جو سرمايو بڻجي ويئي هئي.
لاشاري صاحب شاعري جي سڀني صنفن ۾ ڪامياب طبع آزمائي ڪئي. سندس
ڪافين ۾ زبان، بيان، جذبات ۽ موسيقيت جو ڪمال
توازن ۽ آهنگ نظر اچي ٿو. عشق جي واردات ۽ مجاز جي
رنگ سان گڏ بزرگن سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار به
آهي. يعني ”قال“ سان گڏ ”حال“ جو به پرتو نظر اچي
ٿو.
سنڌي بيت جي ضمن ۾، ”شاهه جو رسالو“ سندس سونهون بڻيو. سندس
بيتن ۾ جامعيت آهي ۽ ڀرپور احساس جي عڪاسي. هن بي
پناهه روانيءَ سان، بيتن ۾ دل جي ماجرا جو اظهار
ڪيو آهي. هو غزل جو به بهترين شاعر هو ۽ گهڻي حد
تائين جديد نظرين کي پيش نظر رکيو اٿس. فن ۽ فڪر،
عروض ۽ بديع جا سٺا نمونا، وزن جي چستي، لفظن جي
چونڊ ۽ نغمگي، ۽ جمالياتي جهلڪين سندس غزل ۾
رنگيني، رواني، خوبصورتي ۽ چاشني سان گڏ بي ساختگي
پيدا ڪئي.
اهڙي طرح گيت، نظم ۽ ٻين صنفن ۾ به سندس معياري ڪلام موجود آهي.
جيڪو هن جي ذهني تونگري، قلبي حِسّيت، فڪري وسعت ۽
موسيقيت جي اعجاز کي آشڪار ڪري ٿو. زندگيءَ جي
لاهين چاڙهين جون مختلف منزلون سندس نظم ۾ روان
دوان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سندس سنڌي شاعري ۾ حب الوطني
جو تصور نهايت همه گير ۽ طاقتور آهي گويا اهو سندس
سموري شاعري تي ڇانيل آهي.
فلمي گيتن ۾، هن بي مثال ادبي رنگ قائم رکيو، طويل نظمن ۾ خاص
ڪري مسدس ۾ سنڌي تخيل ۽ قلم جي رواني قابل داد
آهي.
ڪليات گدا، مثنوي نل دمنتي (ناٽڪ)، شڪنتلا (ناٽڪ)،، محسن اعظم ۽
محسنين (ترجمو)، سچل سرمست (اردو)، ارمغان لطيف
(سر ڪلياڻ جو اردو منظوم ترجمو)، بيت حضرت سلطان
باهو، يوسف زليخا (قصو) ۽ ٻيا گهڻيئي شاهه ڀٽائي ۽
ٻين صوفي شاعرن بابت نصابي نوعيت جا ڪتاب
جوڙيائين، ترقي پسند سنڌي شاعرن جي خلاف ”ادب جي
آڙ ۾“ ڪتاب جوڙيائين.
لاشاريءَ جو وڏو ڪارنامو شاهه لطيف رح ڀٽائيءَ جي رسالي جو اردو
منظوم ترجمو ”ارمغان لطيف“ آهي جيڪو هو پورو ڪري
نه سگهيو. پر رسالي تي تحقيق جي حوالي سان گهڻو
بنيادي ڪم ڪيو اٿس جنهن کي منضبط ڪري شايع ڪجي. هڪ
بيت جو اردو ترجمو مثال طور پيش ڪجي ٿو جيڪو
”ارمغان لطيف“ ۾ شامل ناهي.
سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناهه،
هٿ، ڪرايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانهه،
وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا.
”ڊونڊهتا هون سر تو دهڙ مفقود هـﻶ، ڊونڊهتا هون دهڙ تو سر نابود
هـﻶ،
ڪٽ گئي يه هاتهه، قسمت پٽ چڪي اور هر انگلي ڪلائي ڪٽ چڪي،
شاديء وحدت مين جو جانـﻶ لگـﻶ، ڪٽ کي لطفِ زندگي پانـﻶ لگـﻶ.“
هڪ نهايت طويل مضمون ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته شاهه
صاحب پنجابي ۾ به بيت چيا جيڪي رسالي مان ڪڍيا
ويا. اردو کان علاوه رسالي جو سرائيڪي زبان ۾ به
ترجمو ڪري رهيو هو، جيڪو ملتان جي سرائيڪي هفتيوار
اخبار ”اختر“ ۾ ڇپجندو هو. اهڙي طرح هن حضرت سچل
سرمست جي زندگي، فڪر ۽ ڪلام جي باري ۾، هڪ مبسوط
ڪتاب (اردو) تصنيف ڪيو.
زندگي ۾ سندس جيڪا بيقدري ٿي، افسوس آهي ته سندس وفات جي وقت ۽
ان کان پوءِ اڄ تائين، ان ۾ ڪا ڪمي ڪانه آئي آهي.
سرد مهري جي انهي سيلاب گهڻن ئي قلمڪارن ۽ ڪوين کي
اسانجي نئين نسل جي نظرن کان اوجهل پئي رکيو آهي.
هڪ ڀيري انتهائي ياست جي عالم ۾ چيائين:
مري وڃبو ٿيندا پراڻا هڏا پر،
نوان هوندا هردم نظارا اسانجا.
اسين ڪين هونداسين پيارن آڏو،
تڏهن گيت لڳندا هي پيارا اسان جا.
دماغ و دل جو خون ڏيئي، ڪيم آباد صد گلشن،
بهار آندم بيابان ۾، ته دشمن ٿي خزان پنهنجي.
ستائي ٿو زمين جو ذرو ذرو آسمان بڻجي،
وڃي هن حال ۾ ڪاڏي هي جان ناتوان پنهنجي.
هئي اميد ڪنهن کي ماٺ ٿي ويندو ”رشيد آخر“
رکي ٿو ڪين شايد وات ۾ هاڻي زبان پنهنجي.
شيخ اياز جي آخري دور جي ڪتابن جهڙوڪ ”گهاٽ گهنگهور گهٽا ۾“،
”ڪونجون ڪرڪن روهه تي،“، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر
(آتم ڪهاڻي ڀاڱو ٻيو)، ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪُ مسافر
(آتم ڪهاڻي ڀاڱو ٽيون)، ۽ ”تون ڇپر، تون ڇانو“
(دعائن جا ڪالم) جي مطالعي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته
”شيخ اياز هڪ ڏاهي، ممتاز اديب ۽ شاعر جي حيثيت
سان، لڳاتار غور ۽ فڪر کانپوءِ، علم و ادب جي صحيح
مفهوم ۽ مقصد کي پوري طرح سمجهيو هو. ان ڪري عمر
جي آخري ڏهن سالن ۾ اها ڪوشش ڪيائين ته فن، قوم
پرستي يا جدلياتي ماديت جي تصور کي فروغ ڏيڻ جي
بجاءِ، ادب کي انسانن جي اندر کي اجارڻ ۽ پنهنجي
حقيقي خالق، مالڪ ۽ محسن کي سڃاڻڻ جي مقصد لاءِ
استعمال ڪرڻ گهرجي. ۽ هن اهو فرض خوش اسلوبيءَ سان
پورو ڪيو.
اهڙي طرح، تجويز ڪيل ”اياز فائونڊيشن“، جيڪڏهن معرض وجود ۾ آيو
ته ان سببان، سنڌ ۾ هڪ ٻيو نظرياتي زلزلو وقعو
پذير ٿيندو. ۽ 1950ع کان 1980ع جي دوران، شيخ اياز
جي ناپخته فڪر جي حوالي سان جيڪا نظرياتي ڪشمڪش
اخبارن ۽ ڪتابن جي ذريعي پيدا ٿي هئي، ۽ جنهن جو
منفي پاسو، افاديت جي مقابلي ۾ وڌيڪ تشويش ۽ ذهني
پريشانيءَ جو باعث بڻبو، ان جي ٻيهر وڏي پيماني تي
تشهير ڪئي ويندي. اهڙي جسارت وقت، پيسي ۽
دانشورانه قوت جو زيان آهي، هڪ ته سياسي حالتون
بدليل آهن. ٻيو ان جو اهو به نتيجو نڪرندو ته ان
دور جي اياز مخالف ادبي حلقن طرفان، سندس فڪري
ڪوتاهين، ڪردار جي ڪمزورين ۽ ناقص راين بابت ڇپيل
مواد کي، نئين سر ترتيب ڏيئي شايع ڪيو وڃي. ان وقت
اياز جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم .خليل“،
حافظ خير محمد اوحدي ۽ رشيد احمد لاشاري هئا جن جو
علمي فضيلت، سخت سنجي ۽ زبان دانيءَ جو اعتراف
انجمن ترقي پسند منصفين جي ڪيترن دانا دانشورن به
ڪيو آهي، ڇا اياز جا دوست نما دشمن حلقا، اهڙي
اياز دشمني جا متحمل ٿي سگهندا، جڏهن ته جنهن فڪر،
فلسفي، نظريه ۽ سياسي مسلڪ جي پروپگينڊا ڪئي پئي
ويئي، ان جي عبرتناڪ ناڪامي اسان ڏسي پسي رهيا
آهيون ۽ انهن طبلچين جو هينئر نه ڪو همنوا آهي ۽
نه حمايتي ۽ ڀرجهلو.
انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سنڌ جي هڪ دانا دانشور شيخ اياز جي
فڪري تبديلي جي حڪايت جمله معترضه طور اچي ويئي.
ذڪر رشيد احمد لاشاري سان پنهنجي واقفيت، رفاقت ۽
سندس ادبي عظمت جو هو. هُو گهڻ زبانو، زودگو،
پُرگو ۽ بسيارگو شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس في
البديهه چيل شعر، عروض، ٻوليءَ، گرامر ۽ معنوي
عيبن کان آجا آهن. زود نويسيءَ جي باوجود سندس
ڪلام ۾ بي پناهه رواني ۽ تاثر ملي ٿو، ۽ ڪلاسيڪي ۽
عروضي سنڌي شاعري جو سهڻو امتزاج نظر اچي ٿو. هن
هر موضوع تي هر وقت ۽ هر صنف ۾ لکيو جنهن مان سندس
زبان داني ۽ شعر جي اعليٰ پرک جو پتو پوي ٿو. هر
هڪ ڪلاڪار جي پنهنجي جهت ۽ انداز آهي. اياز اياز
آهي ۽ لاشاري قليچ ۽ محمد صديق مسافر کانپوءِ هڪ
معتبر حوالو آهي.
|
ڪريم بخش خالد
|
اديب ۽ شاعر رشيد احمد لاشاري
نهايت خوشي جي ڳالهه آهي جو مرحوم رشيد احمد لاشاري جو ڪلام
شايع ٿي رهيو آهي ۽ اهو سندس لائق فرزند مختار
احمد جي ڪوششن سان شايع ٿي رهيو آهي. مناسب هو
ته قدرداني ڪري اهو ڪلام ڪو ادارو شايع ڪري ها
ڇاڪاڻ جو سنڌي ٻوليءَ توڙي شعر و شاعري جي لحاظ
سان رشيد احمد جو ڪلام معياري آهي.
مرحوم رشيد احمد ڪجهه وقت لاءِ ”جامع سنڌي لغات“ جي تياريءَ جي
شروعاتي مرحلي تي مرحوم عبدالڪريم سنديلي سان گڏ
مون سان ملي ڪم ڪيو، ۽ آءٌ سندس حسن اخلاق ۽ خوش
طبعي کان گهڻو متاثر ٿيس. ان بعد حضرت شاهه
عبداللطيف جي سالگره جشن ۽ ٻين ادبي گڏجاڻين ۾
ساڻس وقت بوقت ملاقاتون ٿينديون رهيون.
سادگي ۽ سچائي مرحوم رشيد احمد لاشاري جي ڪردار جا نمايان پهلو
هئا. رياڪاري ڪانه ڪيائين ۽ سڀ ڪنهن کي سچ چئي
ڏنائين. جنهن ڪري کيس گهڻو ڪجهه سَهڻو پيو. پر
پنهنجي قلندرانه طبيعت جي ڪري تڪليفن جي ڪا
پرواهه ڪانه ڪيائين، ۽ طمع کي ترڪ ڪري صبر ۽
توڪل جو سهارو ورتائين.
اميد ته سندس ڪلام سان گڏ سندس سوانح تي تفصلي روشني وڌي ويندي.
مخلص
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
حيدرآباد سنڌ
27- سيپٽمبر 1997ع |
|
|