”سدا عيش سان جنهن ٿي رانديون ڪيون،
سُکن لاءِ حاضر ٿي بانديون ڪيون،
”گذاري ٿي هاڻي غمن ۾ اُها،
مِٽن مائٽن کان ٿي آهي جُدا،
”ڪري ياد هردم ٿي پنهنجو ڀَتار،
ڪيو هجر اُن جي اَٿس بيقرار،
”ڏسان اُن سندي مان ٿو حالت عجيب،
وڃي پهتي آهي مَرڻ جي قريب!
”ٿئي مڙس زيور ٿو عورت جي لاءِ“،
مگر آهه هيءَ اهڙي ڳهه کان سواءِ،
”اگر ايتري سوڀياوان آهه،
محبت، مروت سندي جان آهه-
”مگر ڪين هاڻي ٿي سهڻي لڳي،
زماني وڌو آهه اُن کي ٺڳي،
”اِهو ظلم چئجي نه ڇو سربسر،
جو نَل ڪين اُن ڏي ٿو ڦيري نظر!
”ڏسي ڪين ٿو اُن جو رنج و اَلم،
عطا اُن کي ويتر ڪري ٿو ستم،
”سدا جنهن جي ڪارين اکين ۾ ڪجل،
چوان جسم کي نازڪيءَ ۾ ڪنول،
”هندورن ۾ عشرت جي جيڪا لُڏي،
اُها آهه اَڄ ڪلهه غمن جي گُڏي،
”ڪيو اُن جي درد آهه مون تي اثر،
ڏسي حال اُن جا ٿو ڦاٽي جگر،
”الا جي اُهو ڏينهن ٿيندو ڪڏهن،
ملندي پَتيءَ کي هيءَ پتني جڏهن،
مليل ”چندرما“ سان ٿي ڄڻ ”روشني“،
”الاجي ڪڏهن ٿيندي قسمت چڱي!
دکن مان ڪڏهن پار پوندي وڃي؟
”وري نيشڌ جي شال قسمت وري!
وڃايل حڪومت وري هٿ ڪري!
”وري جي دمنتيءَ کي حاصل ڪندو،
ته ڪيڏو نه خوش ٿيندو مَن اُن سندو!
”سدا نل- دمنتيءَ کي هڪ جان ڄاڻ،
برابر سندن دل جا ارمان ڄاڻ،
”ٻئي شان ۾ هڪ، تجمل ۾ هڪ،
ٻئي صبر ۾ هڪ، تحمل ۾ هڪ،
”نَل اُن ناز پرور جو محبوب آهه،
سندس من جو محرم ۽ مرغوب آهه،
”اُها ڳڻتين جي گپ ۾ گتل،
ٿيو جنهن جي ڪارين اکين ۾ ڪجل،
”کپي مون کي، اُن جو ٿيان واهرو،
ڪريان اُن جي آڏو مٺي گفتگو،
”اُها جنهن ۾ خوبيون ٿيون بيشمار،
ستي، سيل واري، سُلڇڻي سچار،
”سِڪي جا پَتيءَ جي ٿي درشن جي لاءِ،
ڪجي ڪا دوا اُن جي دردن جي لاءِ،
”اُها، چوڏهينءَ جو چوان جنهن کي چنڊ،
اُها، جنهن ۾ آهي محبت جو منڊ،
”اُها، جنهن نه آهي اڳي ڏک ڏٺو،
اها جنهن جو هر ٻول آهي مٺو،
اُها، جنهن جو هاڻي تکو آهه ڌيان،
اُها، جا نه ٿي کولي پنهنجي زبان،
اُها، جنهن جي آس آهه الله ۾،
اُها، جنهن جون آهن اکيون راه ۾،
”اُها، جيڪا هر وقت دُک ٿي سهي،
۽ چاهي ٿي ”نل جلد موٽي اچي!“
”اُنهيءَ کي نه ڇو مان تسلّي ڏيان؟
اُنهيءَ جو نه ڇو حال ڀائي ٿيان!
”سديو ان کي، مطلب ته، جاچيو گهڻو،
نشانين ڏسڻ سان سڃاتو گهڻو،
”اُنهيءَ بعد ڊوڙي ويس روبرو،
اَدب سان ڪيائينس هيءَ گفتگو:
”هجين شل دمنتي تون سَرهي مُدام!
ٿيس مان برهمڻ سديو آهه نام.
”اُهو ڀيم راجا، جو ودرڀ ڌڻي،
اَٿس دل ۾ تنهنجي محبت گهڻي،
”اُهو جيڪو داتا دياوان آهه،
اُنهيءَ جو ئي مون کي هي فرمان آهه-
”ته ”ڳولي تون منهنجي دمنتيءَ کي اَچ!“
اِها ڳالهه توکي ٻُڌايان ٿو سچ.
”ذرا هن حقيقت کي راڻي، تون ٻُڌ!
گهراڻي جي پنهنجي ڪهاڻي تون ٻُڌ!
”پتا تنهنجو ڏاڍو پريشان آهه،
۽ ماتا به ڳڻتين ۾ حيران آهه،
”نه توکي وساري ٿا ڀائر ويهن،
سدا ٻار تنهنجا ٿا غم ۾ ڳرن،
”سهيلين کي تنهنجو سدا چاهه آهه،
وڃائي ڇڏيو مائٽن ساه آهه،
”برهمڻ سوين توکي ڳولين ٿا،
املهه لعل جي مثل ڦولين ٿا،
”سدائين ٿا ڌرتيءَ تي ڪن جستجو،
اَٿن دل ۾ تنهنجي فقط آرزو.“
راج ماتا جو دمينتيءَ جي ماسي ثابت ٿيڻ،
۽ دمينتيءَ جو ودرڀ ۾ اچي پنهنجي
پيءُ ماءُ ۽ ٻارن سان ملڻ
”يڌشٽر، ذرا غور سان ٻُڌ بيان،
اِهو آهه دردن سندو داستان!
”برهمڻ اُتم جئن دمنتيءَ ڏٺو،
لڳو ٻول تيئن اُن جو هن کي مٺو،
”اُهو پنهنجي پياري جو پيارو عزيز،
هُئي نيڪ ۽ بد جي جنهن کي تميز،
”سدائين سُلڇڻو ۽ شيرين ڪلام،
سچو، صاف دل، ۽ ”سديو“ اُن جو نام،
اُمالڪ اُنهيءَ کي سڃاڻي وئي،
سڄي رمز اُن جي کي ڄاڻي وئي،
”اُها ڪيئن ڀلا پنهنجا ڳوڙها جهلي!
ڏکن سان ڪٿي اُن جو چارو چلي!
”خوشيءَ جون هنجون خوب هارڻ لڳي،
نه پنهنجن کي هرگز وسارڻ لڳي،
”پُڇيائين سڀن مائٽن جو بيان،
ٻڌايائان دردن سندو داستان!
”سديو آڏو اُن کي اَڪيلو ڏسي،
اِنهيءَ ريت روئندو ۽ رڙندو ڏسي،
”سنندا کي ڏاڍي ورايو عجب،
سندس غم کي ويتر وڌايو عجب،
”اَچي ماءُ وٽ پهتي هڪدم ڊُڪي،
ڪيائين اَچي ڳالهه اُن سان ڏڪي-
”ته ”سيرندري“ اڄ ٿي چاليون ڪري،
اکيون پنهنجون روئندي ٿي آليون ڪري،
”ٻڌائي ٿي هڪڙي برهمڻ کي حال،
ڪري ٿي ڇڏي پنهنجون وايون بتال،
”اَچي ڪين ٿو توکي جي اِعتبار،
ته ازخود وڃي ڏس سڄي روبڪار!
”اِها ڳالهه چيدوءَ جي ماتا ٻُڌي،
وڃي اُن جڳهه تي اُمالڪ پُڳي،
”جتي گڏ برهمڻ ۽ ڀيمي هئا،
هلي ٿي جتي درد جي ماجرا،
”برهمڻ کي اُن راج ماتا سڏيو،
۽ اُن کي سڏي هيءَ اُمالڪ پڇيو-
”ته ”هيءَ ڪنهن جي آهي ڀلا اِستري؟
۽ ڌيءَ آهه ڪهڙي مهاوير جي؟
”عزيزن وٽان آهه ڪيئن ٿي جدا؟
پتيءَ کان ڪٿان آهه وڇڙي ڀلا؟
”هتي ڪيئن رسي آهه هيءَ گلبدن؟
ويو اُجڙي ڪيئن هن جي دل جو چمن”
”برهمڻ، اِها ڳالهه کولي ٻڌاءِ!
اَسان جي نه تشويش ناحق وڌاءِ!
”برو حال ٿو هن پريءَ جو لڳي،
سڃاتو تو ڪيئن آهه هن کي هتي؟
”اِنهيءَ حور جهڙيءَ جو ڪر تون بيان،
ٻڌڻ ٿي گهران مان سڄو داستان،
”سگهو ٿي ۽ مون سان تون ڳالهاءِ سچ،
لڪائڻ جي رستي تي هرگز نه اچ!
”اِها آهه راجا ڏکن جي خبر!
اِنهيءَ تي ذرا غور ڪر سربسر:
”سديو اُن جي آڏو نه ماريو ڪو دم،
ڪيائين اڳيان اُن جي سر پنهنجو خم،
”سماچار سارو دمنتيءَ سَندو،
اُنهيءَ راج ماتا اڳيان هيئن چيو:
”چيائين ته ”اي خير واري اَمان!
تون ڌرم آتما، توکي سچ ٿو چوان،
”اِنهيءَ کي تون ڪر ڀيم جي ڌيءُ شمار،
جو ودرڀ ڌڻي آهه ۽ نامدار،
”دمنتي سندس نام نروار آهه،
زماني ۾ اُن جو سماچار آهه،
سندس مڙس نل آهي ڏاڍو حسين،
سڏن ٿا سندس پيءَ کي سڀ ويرسين،
”اُهو نيشڌ آهي سچو پارسا،
سدا اُن تي راضي رهي ٿو خدا،
”جوا ۾ ٺڳيءَ سان سندس هار ٿي،
ٿيس راڄ گروي، بُري ڪار ٿي،
”اِنهيءَ جي ڏنائين نه ڪنهن کي خبر،
قبوليائين هڪدم اَڪيلو سفر،
”دمنتيءَ سميت اُن ڪيو بن جو رخ-
ڦريو دشمنيءَ کان نه دشمن جو رخ-
”گهمياسُون اسين پرٿوي جا بجاءِ،
فقط هن دمنتيءَ کي ڳولڻ جي لاءِ
”هتي راج مندر ۾ پهتس جڏهن،
کُليو بخت منهنجي جو وارو تڏهن،
”دمنتيءَ کي مون اوچتو ئي ڏٺو،
۽ خوش بخت ٿي هن کي حاصل ڪيو،
”نه هن شڪل جهڙي ڏٺيم زال ڪا،
سدائين سُلڇڻي ۽ خوشحال ڪا،
”بڻي آهه ”شاما“ جواني سندس،
ٻُڌايان ٿو کولي نشاني سندس،
”ڄمندي کان اُن جي ڀرن جي وچان،
پدم وانگي هڪ تلڪ ٿو مان ڏسان،
”جو آهي رتو لعل جنسار لاءِ،
ڏنو آهه رب اُن کي سينگار لاءِ،
”ڍڪي منهن سندس اينءَ ٿي مَرُ ۽ پگهر،
وڃي چنڊ تي ڇائنجي جئن ڪڪر،
”ويو اُن جي اُجڙي خوشيءَ جو چمن،
ڏسان اُن جو ميرو ٿو نازڪ بدن،
”نڪي سينڌ سُرمو ڦڻي ٿي ڪري،
نه راڻي ٿي، آڪڙ گهڻي ٿي ڪري،
”انِهيءَ هوندي صورت اَٿس برقرار،
نه ميٽي ٿو اُن کي غمن جو غبار،
”سندس سون وانگي ٿو چمڪي بدن،
سندس سوڀيا جو ٿو ٻهڪي چمن،
”نظر جسم اهڙي تي هڪدم پيم،
ننڍي هوندي جو تلڪ جاچي ڏٺم،
”اِنهيءَ مان سڃاتم هيءَ ديوي دلير،
لڳي ڪين مون سڃاڻڻ ۾ دير،
”ڍڪيل باه، جيئن تَو منجهان ڄاڻجي،
سڃاتو اٿم تيئن اِنهيءَ نُور کي،
”سخن سُڻ سچو منهنجو اي لوڪپال،
نه پنهنجن دکن ڏانهن ڪر ڪو خيال،
”سديو اُن اڳيان جيئن ڪيو هيءُ ڪلام،
ٻڌايائين اُن کي هي قصّو تمام،
”سنندا اُگهي تلڪ تان مَر اُٿي،
۽ اُن کي اکيون ڦاڙي جاچڻ لڳي،
”لٿي تلڪ تان مَر ته چمڪڻ لڳو،
دمنتيءَ جي جلوي ڪيو سوجهرو،
”سندس حسن تان ايئن لهي پيو حجاب،
ڏسون جيئن ٿا ڪڪرن منجهان ماهتاب،
”عجب جهڙو ڀارت، هي قصّو ٿيو!
جڏهن تلڪ کي راج ماتا ڏِٺو،
”دمنتيءَ کي ڀاڪر وڌائين شتاب،
سڃاتائين اُن کي، رُني بي حساب،
”سنندا به بيوس ٿي چنبڙي اَچي،
گهڻي سڪ منجهان اُن کي ڀانئڻ لڳي،
”گهڻي دير کان پوءِ ڳوڙها اُگهي،
چيو راج ماتا ته ”ڪر دل وڏي!
”دمنتي، چوان توکي، لک وار جيءُ!
تون آهين سڳيءَ ڀيڻ منهنجيءَ جي ڌيءَ،
”سڃاتو مون توکي اِنهيءَ تلڪ مان،
دُکيل دل جون رانديون ٿيون پيار سان،
”دَشارڻ“ ٿيو ماءُ
تنهنجي جو نام،
ڪريان ياد اُن ڀيڻ کي ٿي مدام،
”ٻنهي ڀينرن ۾ نه وِٿِ آهه ڪا،
ٿيو پنهنجو راجا ”سڌاما پتا،
”اُنهيءَ وير جون ٻيئي آهيون ڌيون،
اُنهيءَ جي هٿان پنهنجون شاديون ٿيون،
”وڏي ڀيڻ ٿي ڀيم جي اِستري،
۽ ٻاهوءَ سندي مون کي صحبت ملي،
”پتاجيءَ جي گهر مون هو توکي ڏٺو،
لڳو تنهنجو چهرو ٿي من کي مٺو،
”پتا منهنجي جي گهر تون ڄائي هئينءَ،
دشارڻ جي جهوليءَ ۾ آئي هئينءَ،
”نه پياري، ڏکن ڏانهن ڪر تون نظر!
اِهو گهر پتا پنهنجي جو سمجهه گهر،
”دمنتي نه ڪر پنهنجي دل ۾ خيال!
جو ڌن آهه منهنجو، سو تنهنجو ئي مال.“
”پتي لوڪ جا، ٻُڌ اِهو داستان!
اِنهيءَ ۾ نه آهي ڪو وهم و گمان:
”دمنتي گهڻو دل ۾ خوشحال ٿي،
۽ ماسِيءَ اڳيان سر نوائڻ لڳي،
”ٻڌي هٿ ادب جا ڪيائين ڪلام
ته ”اي ماءُ، تو سُک رسايو مدام!
”رهيس اَڻ سُڃاتل به تو وٽ سُکي،
رکيو ڪين تو مون کي هرگز دکي،
”تو هر وقت منهنجي ڪئي ٿي سنڀال،
ٿيون خواهشون منهنجون سڀ ٿي بحال،
”ڀلا هاڻي ڇا لاءِ سوچيان اِهو
ته ملندو هِتي مون کي ڏک ڏوجهرو؟“
”سُکي تنهنجي گهر پاڻ ٿينديس وڌيڪ،
۽ تنهنجي مٿان جان ڏيندس وڌيڪ،
”مگر مان گهڻو وقت آهيان رُلي،
۽ ڇوري ٿي ڇپرن ۾ آهيان ڇُلي،
”اوهان جي ٿي هاڻي عنايت کپي،
خوشيءَ سان اوهان جي اِجازت کپي،
”ٿيا ٻارڙا منهنجا مون کان جدا،
ڪيو پيءُ وٽان ڌار تن کي قضا،
سي وڇڙيل، ستايل، دکيل دردمند،
غمن جي سدا قيدخاني ۾ بند،
”نه ڄاڻان گذارن ٿا ڪهڙيءَ طرح!
اَسان کي پُڪارن ٿي ڪهڙيءَ طرح!
”جي منهنجي گهرين ٿي ڀلائي ڪرڻ،
چڱاين پٺيان پڻ چڱائي ڪرڻ-
”ته دل ۾ اِرادو اِهو ٿي رکان،
”سگهو ديس ودرڀ سندا وڻ ڏسان!“
”عطا مون کي هڪدم سواري تون ڪر،
سفر لاءِ فرمان جاري تون ڪر!
”ڏنس راج ماتا اِنهيءَ تي جواب
ته جڳ ۾ هميشہ هجين ڪامياب!
”نه دل ٿي گهري توکي موڪل ڏيڻ،
۽ توکي هتان پنهنجي گهر مان ڪڍڻ،
”مگر توکي آهي وطن جي اُڪير،
۽ اِيندي هتي ڪين توکي سُڌير،
”اِنهيءَ لاءِ تنهنجو چوڻ ٿي مڃان،
۽ توکي خوشيءَ سان ٿي موڪل ڏيان.
”ٻڌو ڳالهه ڀارت، دلاور، دلير!
اِنهيءَ ۾ نه ڏسجي ٿو ڪو ڦند ڦير،
”جڏهن راج ماتا هي وعدو ڪيو،
تڏهن پنهنجي پُٽ کي اُمالڪ چيو،
”سفر جو ڪرايائين سامان گڏ،
سوارين سندو گوڙ گهمسان گڏ،
”دمنتيءَ تي گهوري جواهر هزار،
ڪيائينس هڪ پالڪيءَ ۾ سوار،
”مهاسين“ اُن جو محافظ ڪري،
سندس قافلو مال و زر سان ڀري،
”وطن ڏانهن اُن کي روانو ڪيو،
۽ شاهد اِنهيءَ تي زمانو ڪيو:
”اُهو قافلو ڏينهن ٿورا هليو،
اَچي ديس ودرڀ ۾ آخر رسيو،
”دمنتي اَچي مائٽن سان مِلي،
ٿيس دُور اولا، خوشيءَ مان کِلي،
”گهڻو مانُ اُن کي عزيزن ڏنو،
”سهيليون ڏسي غمزده سربسر،
ننڍا ٻارڙا مِٽ ۽ مادر پدر،
”دمنتي وڏيءَ عاجزيءَ سان هَلي،
وڃي ديوتائن جي پوڄا ڪئي،
برهمڻ به هن مان گهڻو خوش ٿيا،
۽ هر هر ڪيائون ٿي دل سان دعا.“
دمينتيءَ جو نل جي ڳولا ۾ برهمڻ روانا ڪرڻ
”جڏهن ڀيم پنهنجي نياڻي ڏٺي،
لڳي اُن کي هر ڳالهه ڏاڍي مٺي،
”سديو اُن اڳيان مان ڏاڍو لڌو،
ديائن منجهان دان ڏاڍو لڌو،
”سُئا ڳئون اُنهيءَ کي ڏنائين ڇڪي،
هليو خوش ٿي ڏاڍيون دعائون ڪري،
”مليس ڳوٺ هڪڙو به انعام ۾،
گذارڻ لڳو خوب آرام ۾،
”رهيو ڀيم وعدي تي ثابت قدم،
برهمڻ جا سارا لٿا درد غم،
”انهيءَ بعد اُن ڀاونيءَ ڇا ڪيو،
پتا جو وڃي راج مندر ڏٺو،
”اُتي رات هڪڙي ڪيائين بَسر،
۽ ماتا اڳيان هي چائين اکر-
”ته ”ماتا اِها ڳالهه سچ ٿي چوان!
اَدب سان اوهان جي ٿي پيرين پوان!
”دمنتيءَ سندو جي جيڻ ٿا گهرو،
۽ اُن کي سَهارو ڏيڻ ٿا گهرو،
”ته نَل وير کي جلد ڳولي اَچو،
ڪريو دور هن دل سندو وسوسو،
”ٻڌو ماءُ جيئن هي دمنتيءَ وٽان،
رُني رت جا ڳوڙها گهڻي ڏک منجهان،
”ڪيائين اِها ڳالهه آئِي وئي،
وراڻيءَ کي اڌ ۾ ئي کائي وئي،
”دمنتي اِنهيءَ تي پريشان ٿي،
وئي درد ۽ غم ۾ غلطان ٿي،
ڏسي هن کي ماتمي حال ۾،
غمن ۾، ڏکن ۾ ۽ جنجال ۾،
”سڄي شهر ۾ هاءِ گهوڙا مَتي!
۽ ساري رعيت ٿي بلڪل دکي!
”دشارڻ اِتي ڀيم کي سڏ ڪيو،
۽ روئي رڙي درد غم مان چيو-
ته ”تنهنجي نياڻي دمنتي غريب،
زماني ۾ آهي وڏي بَدنصيب،
”سدا ياد پنهنجو ڪري ٿي ڀَتار،
۽ هر هڪ وقت آهي غمن جو شڪار،
”ڇڏي درد فرقت ۽ شرم و حيا،
ٻُڌائي ٿي کولي حقيقت اِها:
”هتان پنهنجا قاصد روانا ڪريو،
”اُهي ڪن مٺي نَل جي ڳولا وڃي،
نه ڪوشش ۾ تن جي اچي ڪا ڪمي!“
”ٻڌي: پنهنجي راڻيءَ جو اهڙو ڪلام،
ٿيو ڀيم جي لاءِ ويهڻ حرام،
”ڇڏي پنهنجا فرمان ۽ ڪم گهڻا،
برهمڻ گهرايائين اُن دَم گهڻا،
”اُنهن ۾ هي فرمان جاري ٿيو،
ته ”نَل وير کي جلد ڳولي اَچو!
”وڃي ديس ۽ ملڪ ووڙيو هزار،
ڪندس مال دولت اوهان تان نثار!
”ڪريو پنهنجي ڪوشش کي جاري اوهان،
لهو جلد منصب هزاري اوهان!
”ڪئي ”هائو“ هر هڪ برهمڻ کڻي،
اِجازت ڏني تن کي ودرڀ ڌڻي،
اِجازت وٺي جيئن روانا ٿيا،
دمنتيءَ وٽان موڪلائڻ لڳا،
”چيائون ته ”هردم سلامت هُجين!
نه دنيا ۾ ڪو ڏينهن ڏک جو ڏسين!
”ڪندو اِيشور ڪين توکي ملول،
اَسان جي تون ڪر موڪلاڻي قبول!“
دمينتيءَ جو برهمڻ جي معرفت نل ڏانهن
گيت ٺاهي موڪلڻ
”ڏنو تنهن تي ڀيميءَ اُنهن کي جواب:
هجو پنهنجي مقصد ۾ شل ڪامياب!
”وڃو هر حڪومت ۽ دَربار ۾،
ٿيو سست هرگز نه اِيثار ۾!
”چئو هر جڳهه منهنجي پاران مدام،
ورائي ورائي هي ڏک جو ڪلام:
”ڪٿي آهين منهنجا ستمگر سڄڻ!
وڍي وئين تون اَڌ منهنجي چادر سڄڻ!
”سُتل مون کي بَن ۾ ڇڏي تون هَلئين!
غمن ۽ ڏکن ۾ گڏي تون هَلئين!
”امانت ٿيس تنهنجي پيارا پرين!
ڪٿي تنهنجا ڳوليان سهارا پرين؟
هُيس تو اڳيان جهڙي جنجال ۾،
اَڃان تائين آهيان اُنهيءَ حال ۾،
”پرين، توکي پلپل پُڪاريان ٿي مان!
سدا تنهنجون واٽون نهاريان ٿي مان!
”دکيو درد ۾ تو دلبر سندو،
اَٿم اَڌ ٽُڪر بُت تي چادر سندو،
”سدا رت جا ڳوڙها وهايان ٿي مان،
”تون پارٿ، سگهو مون تي پرساد ڪر،
وري دل جي گلشن کي آباد ڪر!
”ڏکويل جي ٻُڌ دانهن دانا دلير!
سوا تنهنجي منهنجو ڀَلا آهه ڪير؟-
”برهمڻ، ڪري مهرباني مدام،
اِهو ٻيو به چئجو پرينءَ کي ڪلام:
”نه ڪو غم جي آتش جو آهي سَماءُ،
ڇڏيو جسم ڦوڪي مصيبت جي واءُ،
”سدائين ٿا دردن جا دونهان دکن،
جلي ٿو سڄو زندگيءَ جو چمن،
”پتيءَ تي اِهو فرض آهي بحال،
ڪري پنهنجي پتنيءَ جي هردم سنڀال،
”اُنهيءَ کي نه دنيا ۾ ڪو ڏک ڏِئي،
مگر اُن کي سنسار ۾ سُک ڏئي،
”اِها ڳالهه تو ڪيئن وساري ڇڏي؟
مصيبت ڀلا ڇونه ٽاري ڇڏي؟
”هُئين ڌرم جو تون گياني سڄڻ!
نه منهنجي ڪئي پاسباني سڄڻ!
”هُئين عقل ۽ هوش جو بادشاه،
سخاوت جو هو تنهنجي سِر تي ڪُلاه،
”اَلائي ڇو آهين ٿيو سَنگدل!
ڪئي منهنجي تو آهه ڇو تنگ دل؟
”اِهو مون کي هر هر ٿو جاڳي گمان،
ته ”قسمت ڪيو آهه منهنجو زيان!“
”جڏهن منهنجو بگڙي مُقدر چڪو،
ڏکن سان ٿي ڀرپور دفتر چُڪو،
تڏهن حوصلا تنهنجا نڪري ويا،
سڄا ڌرم جا وهم وسري ويا،
”سِگهو رحم ڪر مون تي دانا دلير!
سڏائين ٿو بيشڪ تون ماڻهن ۾ شير،
”شجاعت جو ماڻهن ۾ سلطان تون،
توانائي ۾ شيرِ دهقان تون،
”اُها ڳالهه ڪر ياد شيرين دهن!
جڏهن تو هو مون سان ڪيو هي وَچن
”ته ”گهر ٻار جي پروش کي ڇڏڻ،
اِهو ڌرم سان آهه ڌوڪو ڪرڻ!“
”اِهو غور سان هر برهمڻ ٻُڌي!
دمنتي هي غم جو ٿي گانو چوي!
”اوهان ان کي ڳايو وڃي جابجا،
نه ڳائڻ ۾ اُن جي ڪريو ڪا خطا،
”ڏئي ڪو اوهان کي جي اُن جو جواب،
ته اُن کي سڃاڻي ڇڏيو بيحجاب،
”ڏسو ڪير آهي، ڪٿي ٿو رهي؟
۽ ڪهڙي نموني ٿو ڳالهيون ڪري؟
”ٻُڌي هي وچن، جا وراڻي ڏِئي،
وٺو غور سان اُن کي هڪدم جهَٽي!
”ڪري ياد هر هڪ برهمڻ بيان،
ٻُڌائي اَچي مون کي سڀ داستان:
”اِنهيءَ جو مگر خاص رکجو خيال،
ڪجو پنهنجون وايون نه هرگز بتال!
”ٻُڌايو وڃي منهنجو قصو جڏهن،
خبر ڪين ڪنهن کي پوي ڪا تڏهن،
”نه سمجهي سگهي ڪو، لڪايو اَوهين،
ته ڪي گيت منهنجا ٿا ڳايو اَوهين،
نه ڪنهن سان وري اهڙو گفتو ڪجو
ته ڪو حڪم منهنجو اوهان کي ٿيو!
”سگهو موٽجو مون ڏي چُستي ڪري،
اوهان مان نه هرگز ڪو سُستي ڪري،
”ڏسو جي اُهو ماڻهو ڌنوان آهه،
سٻر مڙس سورهيه ۽ سُلطان آهه،
”فقير آهه بي پهچ پينار آهه-
غرض اُن سندو جهڙو وهنوار آهه-
”اَچي اُن جي مون سان حقيقت ڪجو،
اِها ياد منهنجي نصيحت ڪجو.“
پرڻاند برهمڻ جو نل وٽان جوابي گيت آڻڻ
”ٻُڌايان ٿو راجا، اها روئداد،
مرڻ وقت تائين ڪجو ان کي ياد:
”دمنتيءَ سندي آه و زاري ٻُڌي،
اِهو ان جو فرمان جاري ٻُڌي،
”برهمڻ اُمالڪ روانا ٿيا،
۽ ملڪن ۾ هر هنڌ پکڙي پيا،
”دکيل وير نَل کي هو ڳولڻ لڳا،
مصيبت سَهي رت ولوڙڻ لڳا،
”اُهي دَج هليا ڪاهي سنسار ۾،
جبل دشت ۽ شهر گلزار ۾،
”ڏٺائون جنن ۽ پرين جا وطن،
ڳليون، ڳوٺ، آشرم، بستيون، چَمن،
”پَتو نَل جو هر جا پڇائڻ لڳا،
دمنتيءَ سَندو گيت ڳائڻ لڳا،
”گهڻو وقت اِن ريت گذري ويو،
ڏکن ۾ اَچي هرڪو آتو ٿيو،
”مگر اوچتو، اَي سچا لوڪپال!
ٿيو هڪ برهمڻ جو مقصد بحال،
”سندس نام نروار ”پرڻاند“ هو،
بڻيو عقل اُن جي اڳيان باند هو،
”نشاني وٺي نَل جي بلڪل کَري،
اُهو آيو ودرڀ ۾ واپس وري،
”دمنتيءَ اڳيان هي ڪيائين بيان-
ته ”ٻڌ تون سفَر منهنجي جو داستان!
”ڪئي نيشڌ نَل جي مون ڳولا گهڻي،
ٿيس تنگ هٿ پير پنهنجا هڻي،
”اچي ڳالهه مقصد تي آخر رَسي،
اَيُڌيا جي نگريءَ ۾ پهتس وڃي،
”رتوپرن، جو پٽ ”ڀنگاسور“ جو،
اُتان جي حڪومت جو روشن ڏيو،
”وڃي اُن جو هڪدم ڪيو مون سلام،
ٻڌايم وڃي اُن کي تنهنجو ڪَلام،
پڙهي گيت تنهنجا فِراقي ٿيس،
”ٻڌايم رتوپرن خوش بخت کي،
”ٻڌو گيت جيتوڻي اُن جي حجاب،
مگر ڪين مون کي ڏنائين جواب،
”سَڀا مان به ڪو ڪين هرگز ڪڇيو،
۽ سڀڪو جڳهه پنهنجي تي چپ رهيو،
”پڙهيو گيت تنهنجو ٿي مون بار بار،
ملي ڪين ڪنهن کان جوابي پُڪار،
”جڏهن مون کي راجا اجازت ڏني،
۽ واپس ورڻ لاءِ رخصت ڏني،
”تڏهن هڪڙو ماڻهو مليم راه ۾،
اَڪيلو ٿي، آندائين ويساه ۾،
”رتوپرن جو آهه ماڻهو اُهو،
سندس نام ”باهوڪ“ مون ٿي ٻڌو،
”اُهو آهه اُن مرد جو ڪوچوان،
مُهانڊي ۾ سهڻو ۽ جنگي جوان،
”وڏيون اُن جو ٻاهون ۽ سورهيه سچار،
سڏن اُن کي ٿا تيز گهوڙي سوار،
”سُٺو ۽ مِٺو ٺاهي ڄاڻي طعام،
سندس آهه سڀني ۾ عزت مدام،
”ٿڌو ساه اُن منهنجي آڏو کنيو،
۽ اُن بعد ڳچ وقت ماتم ڪيو،
ٻڌايائين اِها تنهنجي مون کان پڪار،
نه هڪوار ڀيمي، مگر بار بار!
”ٻڌي گيت تنهنجو رُنو بي حساب،
ڏنائين انهيءَ بعد جوڙي جواب:
”- پتيءَ کان جي حاصل ڪو ڏک ٿو ٿئي،
ته پتني چُمي ٿي اکين تي رکي،
”اِنهيءَ مان اُهي سرڳ جيتين ٿيون،
حقيقت ڪري اُن کي ليکين ٿيون،
”اُنهن تي اگر ظلم ڪن ٿا ڀَتار،
ته ڪن ٿيون اُنهن کي ڪرم ۾ شمار،
”سدا صبر ۽ ست جي چولي ڍَڪي،
ڏيارين ٿيون سُونهن سنسار کي،
”جي ٿي ڪانڌ جي ڪا تياڳيل ڪٺل،
مصيبت جي ماريل، نهوڙيل، نٻل،
”ڏکن جي ڏڌل ۽ سکن کان پري،
نه گهرجي اُنهيءَ کي ته ڪاوڙ ڪري،
”ستي توڙي بدڪار بُڇڙي هجي،
پتيءَ کي نه پنهنجي گتيءَ ۾ ڇڏي،
”پتيءَ کان جي کسجي حڪومت وڃي،
۽ برباد ٿي شان و شوڪت وڃي،
”بُکن ۾ وڃي پاه بيحال ٿي،
وڃي زندهي اُن جي جنجال ٿي،
”غمن سان هجي اُن جي ڀرپور دل،
خوشيءَ کان هميشہ گهڻو دور دل،
”ته پتني نه اُن تي ڪري ڪو ستم،
ڏئي ياد اُن جي ۾ بيدم ٿي دَم-
”دمنتي، اِهي نَل جا آهن وچن،
ٻڌايان ٿو سچ صاف سارو سخن،
”ٻڌي گيت تنهنجي جو اهڙو جواب،
هِتي تيز ڊوڙي، پڳس مان شتاب،
”ٻڌايو اَٿم توکي قصو اِهو،
وڻي جيڪو توکي سو ڪر تون سِگهو،
”وڃي حال راجا کي سارو ٻڌاءِ،
نه تِر جيتري ڳالهه اُن کان لڪاءِ“
دمينتيءَ جو سويمبر جي بهاني نل کي
رتوپرن اوڌو گهرائڻ
”حقيقت اِها آهه اي لوڪپال!
اِنهيءَ تي چڱيءَ ريت ڪر تون خيال:
”دمنتيءَ اِها ڳالهه جنهن دم ٻُڌي،
اَچي ماءُ وٽ پنهنجي هڪدم پُڳي،
”اکيون پنهنجون ڳوڙهن سان بلڪل ڀَري،
رئڻهارڪي ٿي ۽ آزيون ڪري،
”اڪيلي ٿي پنهنجو ڪيائين بيان،
ٻڌايائين دردن سندو داستان،
”چيائين ته ”ماتا اِهو عرض آهه!
اوهان جو اُنهيءَ کي مڃڻ فرض آهه!
”چوان جيڪي توکي سو دل سان هنڊاءِ،
پتا ڀيم کي ڪين هرگز ٻُڌاءِ،
”سَديو آهه جيڪو برهمڻ اُتم،
سڏايان ٿي مان اُن کي تنهنجو قسم!
”اِجازت ڏي اُن کي گهرائي وٺان،
اڳيان تنهنجي هڪ ڳالهه اُن کي چوان،
”اگر تون ٿي منهنجي ڀلائي گهرين،
۽ منهنجي ٿيڻ ٿي چڱائي گهرين،
ته ڪر تون اِهو ڪم ڀلائي ڪري،
پتا ڀيم کي ڪين ڪا سُڌ پوي،
”ذرا اِن تي ويچار ماتا، ڪريو،
سديو آهه اهڙو ڀلاين ڀريو،
”عزيزن ۾ جنهن مون کي آندو وٺي،
۽ مون لاءِ اُن ايڏي سختي سَٺي،
”اُهو ڇونه هاڻي ڀلائي ڪندو،
چڱو آهه، آخر چڱائي ڪندو!
|