سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :12

 

ڊاڪٽر دائود پوٽه جي سوانح حيات

مثنوي ابوالقمر

تمهيد

 

ڏي اي ساقي! تون ڀري جامِ شراب،

ڏي طبيعت کي رواني بيحساب،

رک سخن سازيءَ ۾ شاغل ڏينهن رات،

ڏي اجائي ڪوفت کان دل کي نجات،

ڪر سخن جي ملڪ ۾ رتبو بلند،

ڪن سخن جا پارکو مون کي پسند،

هاءِ منهنجا قدردان ويندا رهيا،

بيڪسيءَ ۾ مهربان ويندا رهيا،

اڄ اهي آهن سخن پرور ڪٿي؟

ملڪ جا ۽ قوم جا رهبر ڪٿي؟

سڃ ٿيو سنڌي ادب جو بوستان،

باغ اجڙيو ۽ لڏي ويو باغبان،

ڪين پڇ تقدير جي مون کان خبر،

دل پريشان آهي ڦاٽي ٿو جگر،

اڄ اکين کي اشڪباري ٿي نصيب،

دل کي بيحد بيقراري ٿي نصيب،

منهنجو محسن ۽ مڪرم ويو هليو،

عالمن ۽ فاضلن جو آفتاب،

شاعرن جو گهڻگهرو عاليجناب،

هو ادب پرور اديبن جو امير،

ظاهري حاڪم ۽ـ باطن ۾ فقير،

بيوسيلن بيڪسن جو ڀرجهلو،

درد مندن ۽ يتيمن جو اجهو،

مڪربازي ۽ خوشامد کان پري،

منهن مبارڪ ڏسنديئي دلڙي ٺري،

دل جو جو دريا، پارسا، مهمان نواز،

ٻار ۽ توڙي ٻڍي سان ساز باز،

دور ان جي طبع کان ڪبر و غرور،

منهن مان ان جي انڪساريءَ جو ظهور،

حاتمِ دوران، سخاوت جو ڌڻي،

ڌن ۽ دولت ان جي پيرن جي پڻي،

غير واقف توڙي نا واقف جو يار،

دوست ۽ دشمن سڀن جو غمگسار،

گفتگو جي وقت حق گوئيءَ جو شاه،

سالڪن جو روح، سڪ وارن جو ساه،

ڀل ڪو ماڻهو حاڪمِ دوران هجي،

ڀل ڪو دولت تي سدا نازان هجي،

ڀاءُ ڇا، ڇا دوست ۽ فرزند ڇا،

دل جو جو محرم راز ۽ دلبند ڇا،

سڀ کي منهن تي سچ چوڻ وارو هي شخص،

ڪين ڏاڍن کان ڊڄڻ وارو هي شخص،

هر ضرورتمند تي ان جو ڪرم،

ڄڻ عبادت هو، سندس هر هڪ قدم،

يعني، مشفق، مهربان ۽ محتشم،

ڊاڪٽر دائود پوٽو محترم،

سنڌ جي علم و ادب جو آفتاب،

هر طرح دشتِ عمل ۾ ڪامياب،

سنڌ جي ٻوليءَ جي هڪ زنده لغات،

واجبِ تڪريم ان صاحب جي ذات،

سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ پوئين سند،

جنهن اڳيان سڀ جي زبانداني ٿي رد،

عالمن جي هن ڪئي ٿي رهبري،

ڪين ٿي هن سان ڪئي ڪنهن همسري،

سالڪن جو ڄڻ ته هن ۾ ساه هو،

شڪ نه آهي هڪ ولي الله هو،

حاجي الحرمين، پارس، پاڪباز،

دل ۾ ان جي الفتِ شاهِ حجاز،

ان ”محمد“ کي ڏٺو هو خواب ۾،

ڇا چوان، هو  رعب و تاب ۾!

هن ڪيون ڳالهيون رسول الله سان،

ريس ڪنهنجي اهڙي حق آگاه سان!

زندگي ساري هو حق جو بادشاه،

ڪين ٿيو سرزد انهيءَ کان ڪو گناه،

ڇو نه چئجي هر طرح معصوم هو،

حق جي بيقدرن اڳيان مظلوم هو،

رحمدل انسان جي دل نرم آهه،

حق جي جذبي ۾، مگر سرگرم آهه،

ان جي فطرت هر گهڙي حساس آهه،

بزدلي ان سان نه هرگز راس آهه،

جي ٿا ڪي بيدين ڪن شور و شرر،

ان جي دل تي ٿو ٿئي ڏاڍو اثر،

حق جو پيارو ٿو سهي سختيون شديد،

ذهني بيماريءَ سان بنجي ٿو شهيد،

ڊاڪٽر دائود پوٽو مهربان،

ٿي چڪو پڻ خاص سازش جو نشان،

دل سندا صدما سهي بيحد شديد،

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿيو شهيد،

وقت کان اڳ موڪلائي ويو هليو،

پنهنجي پيارن کي رلائي ويو هليو،

ڇو نه دل ۾ باه فرقت جي ٻري،

ڇو نه جنبش ۾ اچي منهنجو قلم،

ڇو نه ڪاغذ تي ڪريان سڀ ڪجهه رقم،

ڇو نه اُن محسن سنديون ڳالهيون لکان،

جيڪو هو مون تي هميشه مهربان،

نظم منهنجي جو هميشه قدردان،

نثر منهنجي مان به شادان هر زمان،

منهنجر هر تڪليف ٽاريندڙ سڄڻ،

منهنجي محنت کي سنواريندڙ سڄڻ،

دشمنن منهنجن کي منهن ڏيندڙ حبيب،

هر مرض منهنجي سندو حاذق طبيب،

هاءِ، مون کي رڻ ۾ رولي ويو هليو،

غم سندي ڇپرن ۾ ڇولي ويو هليو،

ٿي چڪس دنيا ۾ اڄ بي روزگار،

غمزده، بيمار، مفلس، بيقرار،

ٺوڪرون هر حال ۾ کائڻ لڳس،

زندگي پنهنجي تي شرمائڻ لڳس،

زندگي پنهنجي تي شرمائڻ لڳس،

ٿي چڪي برباد دل جي هر خوشي،

دم کي حاصل آهه هر دم دم ڪشي،

ڪو سهارو ناهي مون بي آس کي،

منهن نه ٿو ڏيئي سگهان اِفلاس کي،

اڄ ڪٿان ڳوليان مان پنهنجو رازدان،

ڊاڪٽر دائود پوٽو مهربان،

هاءِ، اُن مون سان هئا وعدا ڪيا،

بدنصيبي! جو نه سي پورا ٿيا،

ڪين اُن کي موت ڪا مهلت ڏني،

منهنجي قسمت آه ڪا ڪاري ڪني،

زندگي اهڙيءَ کان شرمايان ٿو مان،

موت ڏي هر وقت واجهايان ٿو مان،

ڇو نه پنهنجي موت کان اڳ ۾ مران،

ڊاڪٽر دائود پوٽي سان ملان،

اُن کي دردن جو ٻڌايان داستان،

بيڪسي پنهنجي سندو سارو بيان،

پڪ اٿم اِنصاف هو منهنجو ڪندو،

قدر هن دنيا کي ٿيندو مون سندو،

بس، اِنهن ڳڻتين ۾ ويس غلطان ٿي،

فڪر جي عالم ۾ سرگردان ٿي،

دم ڪشي دم کي وڌو سڪرات ۾،

ساه ٿي ويو بند هن حالات ۾،

روح ويو ڄڻ جسم کان ڀيرو ڀڃي،

جنت الفردوس ۾ پهتس وڃي،

خوب ٿيس مسرور پنهنجي بخت تي،

۽ ڏٺم هڪ شخص ويٺل تخت تي،

ان جي هٿ ۾ هو قلم، آڏو ڪتاب،

هوس پيشاني تي ڇانيل اضطراب،

ڪجهه لکيائين ٿي وڏي ويچار سان،

هٿ کي روڪيندي ڍري رفتار سان،

مون ڏٺو ان کي چتائي چاه مان،

ڊاڪٽر دائود پوٽو هو عيان،

جيئن ڏٺائين مون کي ٽپ کائي اٿيو،

هٿ وٺي منهنجو سڄڻ مون کان پڇيو،

ٿيو چڱو جو تون هتي آئين ”رشيد“!

مون ضرورت تنهنجي ٿي سمجهي مزيد،

ڳالهه منهنجي ٻڌ ذرا تون غور سان،

هيءَ سوانح عمري پنهنجي ٿو لکان،

ڇو جو مون ان کي ڇڏيو هو نا تمام،

دوستن کان روز پهچن ٿا سلام،

آهه ”سنڌي عبد واحد“ جو خيال،

منهنجو دنيا ۾ هجي قائم مثال،

خلد ۾ ويهي قلم هٿ ۾ کڻان،

”مختصر آتم ڪهاڻيءَ“ کي لکان،

تن جي فرمائش تي مون ويهي شتاب،

هيءُ لکيو آهي سوانح جو ڪتاب،

آهه هن ۾ منهنجي ساري زندگي،

حق پرستن لاءِ گويا بندگي،

وٺ اهو توکي ڏنم سوغات ۾،

آڻ ان کي شاعريءَ جي ڏات ۾،

هن کي بسم الله چئي منظوم ڪر،

پاڻ کي ثابت نه تون مظلوم ڪر،

لک خوشيءَ مان منهنجو هي شيرين ڪلام،

خود بخود دنيا ڪندي تنهنجو سلام،

ڇڏ وساري تون فلڪ جي ڪج روي،

مرد ٿي لک شوق مان هڪ مثنوي،

زندگي منهنجيءَ جو لک ان ۾ بيان،

هر گهڙي، هر جاءِ جو سڀ داستان،

جو سندم نور نظر، ”عيسو قمر“،

ان جي نالي مثنوي منسوب ڪر،

ڪر سدا محسوس دنيا ۾ خوشي،

ڪين ٿيندي توکي هاڻي دم ڪشي،

آس هوندي تنهنجي هر هڪ آس ۾،

ڪين رهندين مبتلا افلاس ۾،

وڃ، سخن جي ملڪ جو سُلطان ٿي،

حال پنهنجي ۾ نه تون حيران ٿي،

ڪر نمايان پنهنجو دنيا ۾ ڪمال،

نام تنهنجو بنجي هڪ زنده مثال،

حاسدن جي بزم کان بيزار ٿي،

ڪجهه ته غيرت ڌار ۽ خود دار ٿي،

دل وٽان راضي رهي خالق خدا،

بس، امالڪ ساه کي آئي سڌير،

روح کي هن جسم ۾ پاتم اسير،

ٽپ ڏئي هڪدم قلم ڪاغذ کنيم،

ياس و حسرت جو مٿو ڀِت سان هنيم،

پنهنجي اميدن سندو ٻاريم چراغ،

ٿي وئي دل خلد وانگر باغ باغ،

بس، لکان ٿو هاڻ قلبي واردات،

ڊاڪٽر دائود پوٽي جي حيات.


 

ڊاڪٽر دائود پوٽه جي ولادت

 

ڪر تصور ۾ تون اُن جو اِنتخاب،

جنهن منجهان روشن ٿيو هي آفتاب،

جنهن جي گلشن مان هي گل پيدا ٿيو،

جنهن جي مخزن مان اَمُل پيدا ٿيو،

شهر ٽلٽيءَ جو اُهو نادر نفيس،

۽ سڀن دائود پوٽن جو رئيس،

نام ”عبدالمطلب“ اُن جو عيان،

نيڪ نيت، نيڪ دل، عالي نشان،

راڄ پنهنجي ۾ سَتابو ۽ سُکيو،

رب جي رحمت سان نه هو جَڳ ۾ ڏکيو،

سڀ سَڻايون هن سڄڻ خوشحال جون،

پَل ٻَڌل اَن جا، قطارون مال جون،

پنهنجي پسگردائيءَ ۾ عالي وقار،

۽ وڏي هلنديءَ جو مالڪ مالدار،

مرتبي ۽ مان ۾ ممتاز هو،

هر طرح اُن تي خدا جو راز هو،

ڪين اُن کي ڪا پَريشاني هئي،

حال پنهنجي جي نه حيراني هئي،

شاد هو پنهنجي مٺي فرزند سان،

لختِ دل نورِ نظر دلبند سان،

جو ”محمد“ مير جو همنام هو،

روح جي راحت هو ۽ آرام هو،

هو ڀلارو ڀاڳ وارو، عقلمند،

فڪر ۾ فائق سڳورو، سر بلند،

صلح پرور، رحمدل، سورهيه سَٻر،

ڊاڪٽر دائود پوٽه جو پدر،

مرحبا حاجي محمد نامدار!

رحمتون الله جون توتان نثار،

مرحبا، صد مرحبا عالي گهُرَ،

مرحبا، ”جدالقمر“، فخرِ عمر،

مرحبا اي شهر ٽلٽيءَ جا اَمير،

تنهنجي گهر پيدا روشن ضمير،

يعني ڄائو آههِ اهڙو نيڪ بخت،

علم جو حاصل ڪندو، جو تاج و تخت،

دلگهـــــــــــــــــــــــريو، دلبنـــــــــــــــــــد، دلبر، دلپذير،

آسمانِ علم جو بدرِ منير،

سال تيرهن سَو ۽ تيرهن بيمثال،

اربعا جو ڏينهن ۽ نائين شوال،

مارچ جي پنجويهين پنهنجو پاڻ مٽ،

عيسوي اڻويهه سَو کان چار گهٽ.

واه هي ساعت سڳوري سر بسر،

گهر ”محمد“ جي ٿيو پيدا عمر،

واه هي ساعت سڳوري سر بسر،

گهر ”محمد“ جي ٿيو پيدا عمر،

واه ٽلٽي شهر جو اوج و ڪمال،

جنهن ۾ اڄ خوش ٿا ڏسون روحِ ”بلال“

هي دُعا آهي انهيءَ مخدوم جي،

جو هِتي آمد ٿي هِن معصوم جي،

يعني ٽلٽي شهر جو ٻيو اِفتخار،

هي عمر اِبن محمد نامدار،

آسمانِ علم جو اوج و ڪمال،

عالمن جو شمسِ تابان لازوال،

خير سان ڄائو سڄڻ رشڪِ منير،

ڊاڪٽر دائود پوٽو دلپذير،

توتي اڄ راضي ٿيو خالق خدا،

ٿي چڪو رحمت ۾ تنهنجو اِنتخاب،

تو ۾ اڄ چمڪيو ادب جو آفتاب،

هر گهٽي تنهنجي ۾ آهي سوجهرو،

علم جو روشن ٿيو تو ۾ ڏيو،

تو ۾ جنت جو نظارو ٿا ڏسون،

تو ۾ هڪ محبوب پيارو ٿا ڏسون،

جو هزارن جي دلين جو ٺار آههِ،

دل گهريو دلدار ۽ غمخوار آههِ،

ڪر ڪا تياري دَيا جي ديگ جي،

ڇڏ وساري جنگ تون شهه بيگ جي،

بس، اُمالڪ شادمانا ٿي وڃن،

ياد سڀ گذريل زمانا ٿي وڃن،

غمزده ڪن ڪاميابيءَ سان ڪلام،

تو ۾ اڄ نچندو ڏسون فيروز ڄام،

تنهنجو گهر گهر ٿي وڃي باغِ اِرم،

درد جي دُنيا هجي تو ۾ عدم،

تنهنجي قسمت جو کُليو هڪ نئون ورق،

ڪر نئين سر ياد عشرت جو سبق،

چئو مبارڪباد اُن کي دل وٽان،

”نام عبدالمطلب“ جنهن جو عَيان،

چئو اُنهيءَ کي ڀَل ته خيراتون ڪري،

بيڪسن ۽ مفلسن جا گهر ڀَري،

ڪن ”عمر“ تان لعل ۽ موتي نثار،

چئو ”محمد“ کي مبارڪ بار بار،

جنهن تي اڄ راضي ٿيو پرودگار،

سِڪندي سِڪندي ڄائو اڄ فرزند آههِ،

ڇو نه چئجي: دلگهريو دلبند آههِ،

هڪ نياڻيءَ جو پٺيان ڄائو ”عمر“،

ڇو نه خوش ٿيندو سندس پيارو پدر،

جيئَن جو عبدالمطلب آهي رئيس،

شادمانو اُن جو ڪيئَن هوندو خسيس!

دل ۾ هن ڌاريون نه ٿي تلخيون تُنديون،

هن ورهايون خوب مُستيءَ جو گُنديون،

مال ڪُسجي ويا متارا ماڳ ۾،

راڄ وارن رَس پرايو راڳ ۾.

فضل ٿيو الله جي امداد جو،

هُل ٿيو هر جا مبارڪ باد جو،

صد مبارڪ سنڌ کي شام و سحر

شهر ٽلٽيءَ ۾ ٿيو پيدا عمر،

خوب محنت ۽ مشقت تي هِريل،

پنهنجي ڪم ۾ پنهنجي همت تي هِريل،

حق جي ڪلمي کان ڊڄڻ وارو نه هو،

ڪوڙ جي دامن جهلڻ وارو نه هو،

طبع جو حساس ۽ غصي جو تيز،

مڪربازي ۽ خوشامد کان گريز،

ننڍپڻ هن جو بزرگي کان وڌيڪ،

راند هن جي عقلمندي کان وڌيڪ،

هن سال عبدالمطلب جو پيار هو،

اُن سندو دلبند ۽ دلدار هو،

گود ۾ اُن جي ٿي هن رانديون ڪيون،

خصلتون دل سان ٿي هيڪانديون ڪيون،

جدِ اَمجد کان سِکي رمزون ۽ راز،

ٿي چُڪو هي پاڪدامن پاڪباز،

پر نه آهي زندگيءَ تي اعتبار،

دوستي دُنيا جي ناهي پائدار،

آههِ ظالم زمانو بيوفا،

زندگانيءَ جو فسانو بيوفا،

ڏينهن جو هر شيءِ نمايان ٿي سدا،

رات جو پاڇو به ماڻهوءَ کان جدا،

زندگيءَ کي موت ٿو هر هر سڏي،

پيءُ کي پٽ ۽ پُٽ کي پيءُ ويندو ڇڏي،

نيٺ عبدالمطلب بيمار ٿيو،

زندگيءَ جو دم کڻڻ دُشوار ٿيو،

اوچتو ئي اوچتو آيس اَجل،

زندگيءَ ۾ ٿي چڪو پيدا خلل،

ساه سَٽڪو موت جو سهندو ضرور،

جيڪو اُڀريو آههِ سو لهندو ضرور،

ڪين رهندو ڪوبه دُنيا ۾ بشر،

آهه سڀنيءَ لاءِ عقبيٰ جو سفر،

آههِ هن پُل تان سڀن جي اَچ ۽ وڃ،

هِن سڳوري راه کان ڀيرو نه ڀڃ،

موت ڏي ٿو روح جو ريلو ٿئي،

دوست سان ٿو دوست جو ميلو ٿئي،

بس، هو عبدالمطلب عالي وقار،

موت واري سيج سان ٿيو همڪنار،

بيوفا دُنيا ڏي ڦيريائين نظر،

اوچتو آيس نظر ننڍڙو عمر،

هڪ طرف اُن جو محمد نورِ عين،

ٻئي طرف پيارو عمر چشمن جو چين،

دل ويس ڀرجي اِنهيءَ حالات ۾،

سَڏ ڪيائين سِڪ منجهان سڪرات ۾،

هِن اِشارن سان چيو اچ اي عمر!

ويهه منهنجي ڀر ۾ اي نورِ نظر،

سڀ کان تنهنجي آشنائي ٿي وڌيڪ،

موت کان تنهنجي جدائي ٿي وڌيڪ.

دل نه ٿي چاهي، ٿيان توکان جدا،

پر ڪٿي آهي ٽرڻ واري قضا!

نيٺ توکان موڪلائي ٿو وڃان،

دل جو تو سان پيچ پائي ٿو وڃان.

شال، دُنيا ۾ هجين تون ڪامياب،

علم جو بنجين درخشان آفتاب،

اي فلڪ پنهنجي تون ڪج رفتار ڇڏ،

عظمتِ انسان سان پيڪار ڇڏ،

ڪين راحت کي مصيبت سان مٽاءِ،

ڪين هيڻن جي اڳيان هستي هلاءِ،

پر نه اِيندين باز تون اي نابڪار!

تنهنجي هٿ ۾ بي نيام آهي ترار،

حسرتن جو خون تنهنجو کيل آههِ،

تو اڳيان پاڻي به ٻرندڙ تيل آههِ.

 

{

 

 

اڻ پورو آهي. فقط ايترو ئي مواد دستياب ٿي سگهيو.

ڊاڪٽر دائود پوٽه جي رحلت

 

اي فلڪ توکي وري پيدا ٿيو ڪهڙو خيال

جو ٿيو نازل سڳوري سنڌ تي قهرو وبال!

اوچتو ”مهراڻ“ جون موجون به ماٺيون ٿي ويون،

سنڌڙيءَ جي ٿي ”نئين هڪ زندگي“ ڪيئن پائمال؟

آهه تعليمي اِدارن ۾ ڇو ماتم جا بجا؟

خاڪ جي هر ذره مان بکجي ٿو ڇو رنج و ملال،

ڇو يتيمن جي رڙين هڪ زلزلو پيدا ڪيو،

ڇو غريبن جي پڪارن سان لڏيا بدر و هلال؟

ڊاڪٽر دائود پوٽو منهن مٽي ويندو رهيو،

سنڌ تان ڪارا ڪڪر هٽجن، اِهو آهي محال.

”موت هڪ عالم جو، سڏجي ٿو سڄي عالم جو موت“

عالمن جي شمس جو موت آه محشر جو مثلا،

علم جي مسند تي جنهن جو نام هو عادل ”عمر“

هاءِ اُن جهڙو وري نعم البدل ملندو محال.

جنهن غريبيءَ مان لڌي شاهي، رهيو هر دم غريب،

خلق ۽ اِحسان سان جنهن کي مليو اوج و ڪمال.

وقف ٿي جنهن جي ڪمائي، طالب العلمن جي لاءِ،

جنهن لڌو علم و ڪرم سان، مرتبو جاه و جلال.

ڇا عرب توڙي عجم جي علم جو هو آفتاب،

ڪونه هن جهڙو وري ٿيندو ڪو پيدا نونهال.

ڇا لڳي دنيا جو سج ۽ ڇا لڳي شمس العلوم،

هي ڏسي هردم زوال ۽ هو سدائين لازوال.

”بوالڪلام آزاد“ جنهن جي لاءِ هيئن سڪ مان چيو،

”سنڌڙيءَ جو فخر آهي، هي محقق بي مثال“

بت تعصب جا ڀڃي، نعرو هڻي اسلام جو،

هن کٽيو سنڌي ادب جي لاءِ هر جنگ و جدال.

آهه اُٺونجاهه ۽ اُڻويهه سو، سن عيسوي،

جنهن ۾ هن محبوب جو مخفي ٿيو حسن و جمال.

عمر ٽيهٽ سال لڳ ڀڳ، سڪ رسول الله جي،

ٿي چڪو محبوب کي محبوب جو حاصل وصال.

شاه جي شارح کي پيراندي ملي خود شاه جي،

ڀل سڙن حاسد هينئر، تن کي ڀلا ڪهڙي مجال؟

يا خدا تون ڪر سندس اولاد کي صالح سچو،

آهه هر سنڌيءَ جو تنهنجي در اڳيان اهڙو سوال.

”ڊاڪٽر دائود پوٽه در جنان بوده“ منجهان،

(1378 هه)

آهه هجري اي ”رشيد احمد“ سندس رحلت جو سال.

 

{


 

ڊاڪٽر دائود پوٽه جي والده

 

هن جي همت ۾ نه گهٽتائي هئي،

غم جي هوندي منهن تي سَرهائي هئي،

هن وٽان حاصل ڪيو ننڍڙي عمر،

اِستقامت ۽ ذهانت جو اثر،

اُن تي خالق جي نگهباني چوان،

پاڪدامن ”رابعهِ ثاني“ چوان،

مرحبا، قلبِ محمد جو قرار،

مرحبا ننڍڙي عمر جي غمگسار،

مرحبا، گلزارِ عصمت جي بهار،

مرحبا، خلدِ برين جو اِفتخار،

مرحبا، عصمت شعارو باحيا،

مرحبا، سگهڙين ۾ تاجِ اِفتخار،

مرحبا، اسپِ شرافت تي سوار،

تون صداقت ۽ سگهڙپائيءَ جي سونهن،

تون شرافت ۽ شجاعت جي وِرونهن،

والده تون، مَرد حق آگاه جي،

توتي شل رحمت هجي الله جي!

 

{

 

حسن علي آفندي

 

وه واه تنهنجو شانِ معظم حسن علي،

تون آهين برگزيدهِء عالم حسن علي.

تو سنڌ مدرسي جي بنا سان لڌي بقا،

مرهون تنهنجو قائدِاعظم حسن علي.

سرسيد آهين سنڌ جي واديءَ جو ناههِ شڪ،

هر فردِ قوم لاءِ تون همدم حسن علي.

تنهنجي ئي دم سان علم کي حاصل ٿي زندگي،

هارين جا ٻار علم جا علامه ٿي چڪا،

تون ئي اُنهن جي راز جو محرم حسن علي.

دائود پوٽه جهڙا تو پيدا ڪيا اديب،

خدماتِ علم ۾ تون مڪرم حسن علي.

شب روز تنهنجي پاڪ منور مزار تي،

رحمت وسي ٿي صورتِ شبنم حسن علي.

ترڪي جي شاه توکي آفندي لقب ڏنو،

ملت ۾ تنهنجو نام مسلم حسن علي.

برطانيه کان خان بهادر مليهء خطاب،

اعليٰ ڪيو تو علم جو پرچو حسن علي.

غربت منجهان امير ٿئين پر رهئين فقير،

دردِ وطن تو سمجهيو مقدم حسن علي.

تون ئي رفاهِ عام جي سببان ٿو سڏجين اڄ،

شانِ وطن جو روحِ مجسم حسن علي.

حاليءَ جي مثل تنهنجي ”اٻوجهي“ سندو ڪلام،

آهين سچو ”سٻوجهو“ تون هردم حسن علي.

تعليم جون ڏنيون تو هزارين مسرتون،

ناهي دِل ”رشيد“ ۾ ڪو غم حسن علي.

 

{

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

 

فڪر جي عالم ۾ جئَن مون ٿي چميو پنهنجو نصيب،

ٿي چڪو مون کان جُدا هر دوست همدم ۽ حبيب،

سون سيني جو لٽائي ٿي چُڪس مفلس غريب،

نا رهي دل جي دوا ۽ نا رهيو تن جو طبيب،

هاءِ قسمت عمر جا پورا ٿيا چاليهه سال،

اوچتو آيو نظر هڪ جشن مون کي شاندار،

خضر ماڻي زندگي پنهنجيءَ جي چاليهين بهار،

مرحبا صد مرحبا جي قدسين ۾ ٿي پُڪار،

خلد مان حورن خوشين جا گيت ڳايا پِئي هزار،

ڇا ڏسان هڪ تخت تي ويٺو مقدس روح آههِ،

تاج جنهن جي سر مبارڪ تي رکيو خود نوح آههِ.

مون پڇيو هيءُ ڪير آهي سهڻي صورت جو ڌڻي،

عز و عظمت ۽ صداقت ۽ عدالت جو ڌڻي.

خلق و احسان و سخاوت ۽ شجاعت جو ڌڻي،

ڪير آهي جو بڻيو درسِ عمل جي ابتدا،

ڪير آهي جو بڻيو انسانيت جو پيشوا؟

ڪير آهي جنهن کي اڄ ڪلهه يوسفِ ثاني چوان،

ڪير آهي جنهن سڄڻ جي پاڪ پيشاني چوان،

ڪير آهي جو حقيقي حُسن جو باني چوان،

ڪير آهي جنهن جو در تخت سليماني چوان،

ڪير آهي جو اسان جو هادي ۽ همراه آههِ،

ڪير آهي جنهن جو دم سنڌي ادب جو ساه آههِ.

ڪير آهي جو سخي ڏيهن سندو ڏاتار آهه،

ڪير آهي جو ضعيفن جو اَجهو آڌار آهه،

ڪير آهي جو غريبن جو سچو غمخوار آههِ،

ڪير آهي جو اديبن جو علمبردار آههِ،

ڪير آهي جو ڪرم ۾ ڪعبهِء مقصود آههِ،

ڪير آهي شاعرن جي لاءِ جو محمود آههِ.

ڪير آهي جنهن جي اڄ هر جا سخاوت ٿا ڏسون،

ڪير آهي جنهن جي در تي دورِ دولت ٿا ڏسون،

ڪير آهي جنهن جي عالم تي عنايت ٿا ڏسون،

ڪير آهي جو ٿو ڏاڍن سان نڀائيندو اچي،

ڪير آهي جو ٿو هيڻن کي هلائيندو اچي.

ڪير آهي جنهن جي اکڙين ۾ عنايت ٿي وسي،

ڪير آهي جنهن جي سيني ۾ صداقت ٿي وسي،

ڪير آهي جنهن جي ديدن ۾ ديانت ٿي وسي،

ڪير آهي جنهن جي فڪرن ۾ فضيلت ٿي وسي،

ڪير آهي عارفن کي جنهن جي اڄ اُلفت وڻي،

خلق و احسان و سخاوت ۽ شجاعت جو ڌڻي.

ڪير آهي جنهن کي فردوسي ۽ قا آني چوان،

ڪير آهي سنڌڙيءَ جو جنهن کي خاقاني چوان،

ڪير آهي جنهن کي خسرو جي سخن داني چوان،

ڪير آهي جو غزل ۾ سعديءِ خوشام آهه.

ڪير آهي جو رباعيءَ ۾ عمر خيام آهه.

ڪير آهي جنهن جي محفل ۾ ٿا نِت مستي ڏسون،

ڪير آهي جنهن ۾ ٿا حلاج جي هستي ڏسون،

ڪير آهي جنهن جي فڪرن ۾ نٿا پستي ڏسون،

ڪير آهي جنهن اڳيان ٿا وره جي وَستي ڏسون،

ڪير آهي جنهن کي اڄ ايمان جو آقا چوان،

ڪير آهي جنهن سڄڻ کي ”طالب الموليٰ“ چوان.

طالب الموليٰ گروهِ عاشقان را حڪمران،

شد مسميٰ بي شبه اسمش محمد درزمان،

ابنِ سرور سرور ڪونين رزِ سروران،

پيشوائي راهِ عرفان، تاجدارِ ڪاملان،

عاشقن جو قلب آهي، عارفن جو روح آهه،

ڪاملن جي لاءِ ڪشتيبان ابن النوح آهه.

فڪرِ عاليءَ مان سندس پيدا ٿيو فڪرِ فهيم،

شاعرِ فطرت، اديب العصر قدرت جو ڪليم،

خلق، احسان و مروت جو ڌڻي اعليٰ عظيم،

نور پرور، نورزاده، نازڪ و نادر نعيم،

هو محمد جو اَمين خوش خُلق ۽ خورسند آههِ،

طالب الموليٰ سندو فرزند ۽ دلبند آههِ.

 

{

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

 

منهنجي دلدار جي مثل آههِ نه دلدار ڪٿي.

الفتِ يار سندو گلشن بي خار ڪٿي.

منهن مَٽي توکان رُلي تنهنجو هي پينار ڪٿي،

تنهنجي دربار جي مثل آههِ نه دربار ڪٿي.

عشق تنهنجي کان سوا ناهه ڪو اسرار ڪٿي،

جي تون مطلوب ۽ طالب ته طلبگار ڪٿي!

جاءِ تعظيم جي ۽ طاقتِ گفتار ڪٿي،

منهنجا دلدار! ڪريان درد جو اِظهار ڪٿي.

ڪشتيءِ نوح جو آهين تون حقيقي وارث،

پنهنجو ٻيڙو ٿو ٿئي موج سان دوچار ڪٿي.

بحرِ مشڪل مان ڪڍي پار نيڻ تنهنجو ئي ڪم،

تنگدستن کان ڀلا ٿيندين تون بيزار ڪٿي.

تو سخاوت جو علم آههِ جڏهن هٿ ۾ کنيو،

توکي اوکو ڪندو عَباس علمدار ڪٿي!

پنهنجي خادم جو تون مخدوم ازل کان آهين،

مان غلاميءَ کان ڪريان تنهنجي ٿو انڪار ڪٿي.

تون سخن ساز کي موتين ۾ ٿو تورين آقا!

شاعريءَ جو نه اگر آههِ ڪو معيار ڪٿي.

تنهنجي پيرن جي پڻي پائي، اکين عرش ڏٺو،

”جلوهِء“ طور ڪٿي وعدهِء ديدار ڪٿي“.

لب تي فرياد ٿو آڻيان ته اهو ڊپ ٿو ٿئي،

تنهنجو بنجي نه پوان خاص گنهگار ڪٿي.

تون امينن جو امين آهين، فهيمن جو فهيم،

منهنجا آقا نه ڏٺم اهڙي ڪا سرڪار ڪٿي.

اي سڄڻ ڪجهه ته هجي تنهنجي ڪرم جو هٿ،

منهنجو دُنيا ۾ نه ڪو آههِ مددگار ڪٿي.

هر قدم تي ته ڇڏيا خار وڇائي گلچين،

تنهنجي گلشن ۾ مري بلبلِ بيمار ڪٿي.

آههِ ڌرتيءَ تي غريبن جي اُميدن جو خون،

خون برسائي سندم چشمِ گهُربار ڪٿي.

باه ٻارين ٿو مگر سوچ اي جويائي حسد،

نارِ نمرود نه بنجي پوي گلزار ڪٿي.

اڄ به دنيا ۾ گهڻا يوسفِ ثاني آهن،

پر نه ڏسجي ٿي اُها مصر جي بازار ڪٿي.

جسم منهنجو ته مرڻ بعد لَٽيندا لَٽ ۾،

دفن ٿيندو نه مگر دل جو هي آزار ڪٿي.

جي ڪرم پنهنجي سندا ڀال ڀَلائين مون سان،

زندگي منهنجي سڄڻ بنجي نه دشوار ڪٿي.

تون زماني ۾ محمدؐ جو ٿو سڏجين همنام،

تو بنا ٻيو ٿو پُڇي منهنجي خبر چار ڪٿي!

پنهنجي هٿ سان جي ڏئي طالبِ موليٰ اي ”رشيد“

اهڙو خالي ٿو ٿئي ساغرِ سر شار ڪٿي!

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org