سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :10

 

لال شهباز قلندر

(1)

قلندر ڪبريا جا لال شهباز

مڪان کان لامڪان ۾ تنهنجو پرواز،

محمدؐ مصطفيٰ جي راز جو راز،

علي عه جي ”عين“ جو تون اهم آغاز،

اچي اڄ آسمان کان ڇو نه آواز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(2)

بلاشڪ آهين تون حُجت علي عه جي،

حسيني حيدري صورت علي عه جي،

سراپا سِرُّ ۽ سيرت علي عه جي،

قلندر مست ۾ هيبت علي عه جي،

علي عه وانگر تون هيڻن جو ئي همراز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(3)

”حُسين“ آهي حقيقي نام تنهنجو،

”حُسينيت“ جو جاري جام تنهنجو،

ڪٿي سمجهي ٿو توکي عام تنهنجو؟

سون نالن ۾ تنهنجو هڪڙو انداز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(4)

حبيبن وٽ هلي ٿو حال تنهنجو،

ثنا خوان هر قطب ابدال تنهنجو،

ولين ڪاملن وٽ قال تنهنجو،

ڀَلو ڀِٽ تي لطيفڻ لال تنهنجو،

سچل سرمست توکان ئي سرفراز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(5)

بهاول حق سان تنهنجي خاص ياري،

سڄڻ تنهنجو جلال الدين بُخاري،

شڪر گنج تنهنجي سنگت ٿي سنڀاري،

سڀن ۾ سُرخرو تنهنجي سواري،

تون دل وارن جي آهين دم ۾ دمساز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(6)

عطا ڪئي بودلي کي تو بهاري،

جئي شاه جي جلالت تو جياري،

بلاول کي تو بخشي بردباري،

تو لڪياريءَ کي سرداري ڏياري،

تون آهين راز وارن جو ڳجهو راز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(7)

توئي سلطان سنجر کي سجايو،

تو باهو پير سان ناتو نڀايو،

تو سيلانيءَ کي سُهڻو رنگ لايو،

توئي بيدل کي اهلِ دل بنايو،

سوا لک اوليائن جو تون آواز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(8)

چُمي خاڪِ سيوستان خود سڪندر،

جهڪن ٿا اڄ به تو وٽ لک تونگر،

هئا تنهنجي اڳيان ٽي سو قلندر،

علي عه جي بُو ته وِرلي ڪنهن جي اندر،

مگر تون کير تي گل وانگي ممتاز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(9)

قلندر آههِ سڀنيءَ جو قلندر،

نه فرق آهي ڪو اُن جي مُلڪ اندر،

هو پنجابي ۽ سنڌي سڀ جو رهبر،

سڀن جي لاءِ يڪسان اُن جو لنگر،

نه اُن جي نينهن کان ڪو آههِ ناساز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(10)

عجب مروند جو هي ماه آهي،

سڳورن سالڪن جو ساه آهي،

بقا باالله ۾ الله آهي،

نبي نور الهديٰ جو نورهء ناز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(11)

ذرا هن چار ٿنڀي ڏي نهاريو،

قلندر لال وارو قرب ڌاريو،

محمدؐ مصطفيٰ سان دل ڌتاريو،

نه پنهنجي پاڪ رشتي کي وساريو،

نه بڻجو ڪافرن سان ساز ۽ باز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(12)

اچو شهباز جي سنڌڙي وسايون،

قلندر مست جا نعرا لڳايون،

ڪفن سر سان ٻَڌي غازي سڏايون،

هلي بيت المقدس کي ڇڏايون،

پُڪاريندا هَلو سڀ مرد حقباز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

(13)

قلندر جو ملنگ آهيان ازل کان،

ڊڄان ٿو ڪين ڪنهن جاڙي جبل کان،

لنگهان ٿو جيئن قلندر جي محل کان

ڏڪي ٿو آسمان منهنجي هَڪل کان،

”رشيد“ آهي قلندر جو هي اعجاز،

سخي قادر قلندر مست شهباز.

 

{


 

مير مروندي

(1)

مرحبا يا شاهِ سيوستان، جلالِ ڪبريا.

قدسين جي قرب ۾ تون ”قم بِاذٌنِي“ جي صدا،

نڪتئهِ ڪُن جي تون آهين اِبتدا ۽ اِنتها،

سالڪن وٽ مظهرِ نُورِ محمد مصطفيٰ،

تون ”اَنَاالٌحق“ جو اکر ۽ عشق جو احوال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(2)

گلشنِ اثبات ۾ آهين گِل بي خار تون،

نفيءَ جي عالم ۾ بيشڪ جلوهِء بيدار تون،

عرش ”اِلاالله“ تي خود مطلع الانوار تون،

مصطفيٰ جو نُور جانِ حيدرِ ڪرار تون،

تون جلال الله جو دَر جامع اَجلال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(3)

تون ئي آهين مرتبي ۽ مان ۾ ڪُهنو قديم،

تون ئي وحدت جي صدف ۾ بي شبه دُرِ يتيم،

عرش کان تا فرش تنهنجي شان شورِ عظيم،

آههِ شاهد تنهنجي هِن اوصاف جو قادر ڪريم،

تون گلِ تفصيلِ وحدت گلشنِ اِجمال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

 

(4)

شاه عثمان آهين تون، بيشڪ سِراج العالمين،

تو وٽان آهي نمايان، نورِ ختم المرسلين،

”ڪُنٌتُ ڪنزاً“ مان ئي روشن ڏسجي ٿي تنهنجي جبين،

آهين تون ڪامل قلندر، تو مٿان ڪامل يقين،

ڀَر جهلا اَڄ بيڪسن سان ڪر ڀَلايون ڀال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(5)

آهين تون ڪون و مڪان ۾ زينت اِبن رسولؐ،

تنهنجي ئي وَرثي ۾ آهي گوشهِء گودِ بَتول،

تو مٿان آهي ”اُلوهّيت“ جي نُڪتن جو نزول.

تون ئي شامل ”لَمٌ يَلَدِ“ سان توکي ڇا سمجهن جُهول،

آهين ملڪِ معرفت ۾ عزت و اَفضال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(6)

تون ئي آهين سنڌڙيءَ جي سونهن اي شهباز لال،

آسمانِ معرفت جو آهين تون بدرِاَلڪمال،

نُطق تنهنجي مان نمايان، آههِ نطقِ ذوالجلال،

اوليائن جي صِفن ۾ پاڻ تون پنهنجو مثال،

معرفت جو آفتابِ عظمت و اقبال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(7)

”قُرَّةُالٌعَينَيٌن“ آهين تون محمدؐ مير جو،

تون ئي وارث آهين بيشڪ حيدري شمشير جو،

کڻ نگاهِ ”قم باذني“ موڙ رخ تقدير جو،

ڪر عطا اِنعام پاڪستان کي ڪشمير جو،

دشمنانِ دين کي هڪ پَل ۾ ڪر پامال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(8)

سنڌڙيءَ تي آههِ تو سيد جي ثابت سروري،

عالم الارواح مان تون ئي ڪرين ٿو رهبري،

دوست بنجي درد مندن کي ڏئين ٿو دلبري،

تنهنجي صدقي ڪين اِيندي قوم ۾ ڪا اَبتري،

ڇو جو سمجهين ٿو ازل کان هِن فلڪ جي چال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(9)

يا قلندر! قرب تنهنجي سان چوان اهڙو ڪلام،

جنهن منجهان ظاهر ٿئي اظهارِ حق جو اِحتشام،

مان ٿيان حق تان فِدا حق جا هڻان نعرا مُدام،

ننڊ جويانِ شياطين جي ٿئي بلڪل حَرام،

دور ڪر هن زندگي منهنجيءَ منجهان جنجال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

(10)

اڄ فريدالدّين ”شڪر گنج“ آههِ توسان همنوا،

”اُچ“ منجهان گونجي ”جلال الدّين بُخاريءَ“ جي صدا،

”غوث ملتاني بهاءالدّين“ جي ساڳي ماجرا،

تون به ڪر يارن سان گڏجي، ديس وارن کي دعا،

فتح و نصر ڏي وطن کي اي لکي لڄپال تون،

مير مروندي، سچا سيَد، قلندر لال تون.

(11)

ننڍپڻ کان ٿي چُڪس مان تنهنجي نالي جو مريد،

فيض روحانيءَ سان تنهنجي جڳ ۾ سڏجان ٿو ”رشيد“،

مان ”حُسينيت“ جو حامي، منهنجو هر دُشمن يَزيد،

جي رهيس جيئَرو ته غازي، جي مُئس سَڏبس شهيد،

هوندين ”لاشاريءَ“ جي لاتين ساڻ شامل شال تون،

مير مروندي سچا سيد قلندر لال تون.

 

{

 

ڪٿي آهين قلندر قرب وارا؟

ڪِٿي آهين قلندر قرب وارا؟

کپن ٿا ساه کي تنهنجا سَهارا.

سَدا سِڪ تنهنجي ۾ سَرهو گذاريان،

خوشي تنهنجي ۾ ڇو آهون اُٿاريان؟

دُکي دل ۾ اَڏيل آهن اَزل کان،

فقط تنهنجي محبت جا مُنارا،

ڪِٿي آهين قلندر قرب وارا؟

پُڪاري منهنجي دل جي آه ڪنهن کي؟

سَڏي شهباز شاهنشاه ڪنهن کي؟

اکيون ديدار تنهنجي جون اُڃايل،

ڪرم سان ڪر عنايت جا اِشارا،

ڪِٿي آهين قلندر قرب وارا؟

ڪندس تنهنجي ئي دَر تي روڄ راڙو،

ڇڏي ويندس نه تنهنجو پاڪ پاڙو،

اُميدن جو چمن آباد ڪر تون،

ڏِسان تنهنجي نوازش جا نظارا.

ڪِٿي آهين قلندر قرب وارا؟

سدائين ساه کي ڇڪتاڻ آهي،

مصيبت جو مَتل مانڌاڻ آهي،

سَدا ڪَڙڪاٽ ٿا ڪن قَهر جا ڪُن،

اَجهو آهن تو ڪامل جا ڪنارا،

ڪِٿي آهين قلندر قرب وارا؟

مِڙئي معلوم تو هاديءَ کي حِيلا،

زماني جا نه ڳوليندس وسيلا،

سَچو آهي تو سيد جو سَهارو،

اجها آڌار سڀ آهن اُڌارا،

ڪِٿي آهين قلندر قرب وارا؟

قلندر ڪبريا پنهنجو ڪَرم ڪر،

جو دَم گذري، اُنهيءَ کان دُور غم ڪر،

نه ڪر محتاج لاشاريءَ کي جڳ جو،

ڪري ڇڏ ختم دُنيا جا خسارا،

ڪِٿي آهين قلندر قرب وارا؟

 

{

 

مَست قلندر لال قلندر

(1)

تون ئي جلال و جمال قلندر،

وحدت جو تون وِصال قلندر،

حال ۾ تون ئي حال قلندر،

ماضي اِستقبال قلندر،

لال لکي لڄپال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(2)

”اَلاِنسان“ جو راز تون آهين،

وحدت جو آواز تون آهين،

”بانگِ اَلست“ جو ساز تون آهين،

سيوهڻ جو شهباز تون آهين،

ڪامل تنهنجو ڪمال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(3)

تنهنجو نعرو ”مست قلندر“،

”نيست“ منجهان تون ”هست“ قلندر،

تون ”آوازِ اَلست“ قلندر،

بيشڪ بالا دست قلندر،

جيئَرو تنهنجو جَلال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

 

(4)

تنهنجي ذات صفات ۾ موليٰ،

لات ۾ موليٰ تات ۾ موليٰ،

هات ۾ موليٰ جهات ۾ موليٰ،

بيشڪ هر هڪ بات ۾ موليٰ،

تنهنجي چوکي چال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(5)

قلب نبيءَ جو لخت تون آهين،

لطف و ڪرم جو تخت تون آهين،

حق جي گرفت ۾ سخت تون آهين،

بيواهن جو بخت تون آهين،

تون روشن اقِبال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(6)

تون ئي مَرد قلندر ڪامل،

”اَحَد“ ۽ ”اَحمد“ ۾ تون شامل،

”علم لَدُني“ جو تون عامل،

حق جي هدايت جو تون حامل،

ڪر ڪي ڀَلايون ڀال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(7)

باغِ بقا ۾ تون آرامي،

”حق موجود“ جو تون ئي حامي،

بيشڪ تنهنجو عشق مُدامي،

تنهنجي دَر تي سَوين سَلامي،

غوث و قطب اَبدال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(8)

تنهنجو شان سَڀن کان نِرالو،

اول آخر تنهنجو اُجالو،

”ڪُنٌ فَيَڪُوٌن“ ۾ تنهنجو نالو،

مئي وحدت جو تون متوالو،

تو وٽ جذب و حال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(9)

”سِلڪ سُلوڪ“ جو تاج تون آهين،

”لا“ ۾ ”لاَ يَحتاج تون آهين،

”اِلا الله“ اَمواج تون آهين،

شمس شبِ معراج تون آهين،

”اَوٌاَدٌنيٰ“ جو خيال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(10)

تون ئي حُسيني حَق حقاني،

صبر و سخا ۾ تون لاثاني،

ڏيهه سمورا تنهنجا ڏاني،

نُور نبيءَ جي تون ئي نِشاني،

تون ئي عليءَ جي آل قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(11)

صدقي تنهنجي رمز ڀليءَ جو،

تون ئي قادر قلبِ وليءَ جو،

تو وٽ صادق صدق عليءَ جو،

حاتم پينو تنهنجي ڳليءَ جو،

ڪونهي تو وٽ ڪال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(2)

دُنيا جي اَڄ چال اَڙانگي،

نَحس نِسوري آهي نانگي،

سڏڙا ڪن ٿا سِنڌ جا سانگي،

سَڀ کي ڪر خوشحال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(13)

وَصل جو آيو ويلو لالڻ!

ڀُل چُڪ جو ڀَڃ ڀيلو لالڻ!

عشق اَٿم اَلبيلو لالڻ!

ميلي ۾ ڪر ميلو لالڻ!

سِڪندي گذريا سال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(14)

وارث! وحدت سان هِن دل کي،

ڪامل قدرت سان هِن دل کي،

اَزلي عظمت سان هن دل کي،

درد جي دولت سان هِن دل کي،

ڪر تون مالا مال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(15)

ڏيهن جا ڏاتار قلندر،

مُلڪن جا مُهندار قلندر،

عالم جا آڌار قلندر،

ٻيڙو ڪر تون پار قلندر،

هيڻا آهن حال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(16)

تنهنجي سِڪ جي ساري ڏِسجي،

نِنڊ ۾ پڻ بيداري ڏسجي،

غير وٽان بيزاري ڏسجي،

تنهنجي قلب تي جاري ڏسجي،

درد جي تنهنجي ڌمال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(17)

دل ۾ بره جون باهيون ٻاري،

سبق سَلوڪ جو ڇڏ سيکاري،

نظر نوازش ساڻ نهاري،

سائين! سِر تان ڇڏ سڀ ٽاري،

جهيڙا جنگ جدال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(18)

ڀَرجهل! نيٺ ڪيون تو ڀَلايون،

دِل جون اُميدون توئي پُڄايون،

ميٽيون تو محبوب مَدايون،

تنهنجي صدقي بَڻيا چڱايون،

منهنجا بَد اعمال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

(19)

لالڻ تو وٽ لک لک زاري،

داتا! دل کي ڏي دلداري،

تنهنجي دَر تي سَو سَو واري،

بيشڪ ڏيندو هي ”لاشاري“

ڇوه منجهان لک ڇال قلندر،

مست قلندر لال قلندر.

 

{

قلندر قلندر قلندر پُڪاريان

قلندر جو نالو وٺي، دل ڌتاريان

ڏِنم توکي لُڙڪن جا موتي او لالڻ!

حياتي ڀَلا ڇو نه کِلندي گذاريان؟

مُنجهيل آههِ منهنجي خيالن جي دُنيا

سَچي رهبري ڪر، حياتي سَنواريان

زمانو ڀَلي مون کي بدنام سمجهي،

وڃا اڳتي وڌندو، نه پُٺتي نهاريان.

هڻان هر جڳهه تي قلندر جو نعرو،

اکين سان اچي، تنهنجي چائٺ ٻُهاريان

ڀَلي درد ڏي چر نه ڪر دُور دَر کان،

ڀَلي عشق تنهنجي ۾ آهون اُٿاريان.

تون ئي منهنجي قسمت جو معمار آهين،

مَحل دل جو ڊاهي، وري ٿو اُساريان.

رضا تنهنجي تي بس، ”رشيد“ آههِ راضي،

ٻُڏل ٻيڙو تنهنجي ڪرم سان ٿو تاريان.

 

{


 

خواجه غريب نواز

هِيڻن جو همراه تون هادي،

خـــــــــــــــــــواجه غــــــــــــــــــــــريب نواز.

تون اَجميرِي، ذات ڀَليرِي،

رَبَ جـــــــــــــــو توتــــــــــــــــــي راز،

خواجه غــــــــــــــــــريب نــــــــــــــــــــــــواز.

تنهنجي ٻولي، حَق جي زباني،

نُور نَبيءَ جي تون ئي نِشاني،

هَر بُت خانِي ۾ وَحدت وارا،

تـــــــــــــــوئي وَڄـــــــــــــــــايا ســـــــــــــــاز،

خـــــــــــــــواجه غــــــــــــــــــــــريب نواز،

تون ٿو نصيب جون کولين راهُون،

تون ئي ٻُڌين ٿو آهُون دانهون،

دَرد وَندن جي دِل جو آهين،

دلــــــــــــــــــــــــبر تــــــــــــــــــــــون دَمساز

خـــــــــــــــــــــواجه غـــــــــــــــــــريب نواز.

هِندوَلِي، تُون سِنڌ جو سائين،

بي آسَن جي ٿو آسَ پُڄائين،

نِينهن کي تو تي ناز

خـــــــــــــــــواجه غـــــــــــــــــــــريب نواز.

 

{

 

شاه عنايت الله ”شهيد“

وري اوهان کي ٿي سنڌ ساري، عنايت الله شهيد سائين!

اچو عنايت جي واڳ واري، عنايت الله شهيد سائين!

ڪي شيطنت جا بڻيا سراغي، ڪي اوجِ انسانيت جا باغي

وڌا انهيءَ فتنه مير ماري، عنايت الله شهيد سائين!

رهيو نه انسانيت ۾ ڪو دم، چپي چپي تي ٻريو جهنم

غريب غربو ڪٿي گذاري؟ عنايت الله شهيد سائين!

اهيئي ساڳيا امير آهن، اهيئي ساڳيا فقير آهن

ٻنهي وڌي آهه باه ٻاري، عنايت الله شهيد سائين!

اهيئي نانگن جا ڏنگ آهن، اهيئي جوڳي ملنگ آهن،

نه نانگ تي ٿو ڪو لٺ الاري، عنايت الله شهيد سائين!

”تمام عالم سان رکجي ناتو“ اهو نظريو اوهان سڃاتو

اوهان شريعت ويا سنواري، عنايت الله شهيد سائين!

ڏسيو زماني کي جو ”حسين“ آ اُهو اسانجو به نصب العين آ

جِيون ڇو جذبات جي سهاري، عنايت الله شهيد سائين!

وري تصوف جي جان بنجو، اِلاهي عنصر جي آن بنجو،

اوهان کي دُنيا ٿي اِئين پُڪاري عنايت الله شهيد سائين!

اسان جو ذهن اڄ غلام آهي، سمورو بگڙيل نظام آهي،

وري اُنهيءَ کي وڃو سُڌاري، عنايت الله شهيد سائين!

اسان جو منصب مجاز آهي، اِهو حقيقت جو راز آهي،

اوهان جو موهيو اِنهيءَ اِشاري، عنايت الله شهيد سائين!

اَسين ترقي پسند آهيون، مگر حقيقت ۾ بند آهيون،

ڇڏيون ٿا اِلحاد کي ڌِڪاري، عنايت الله شهيد سائين!

ڏيو دِلاسو ڪو دلبريءَ جو، ڪريو ڪو اِظهار رهبريءَ جو،

قلوب ڪارا وڃو اُجاري، عنايت الله شهيد سائين!

”رشيد“ اصلي رشيد بنجي، ”شهيد“ وانگر شهيد بنجي،

مُئل دلين کي پِيو جِياري، عنايت الله شهيد سائين!

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org