سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :26

 

ڀينرن جي ڀلائي

 

ڀينرو! علم ۾ اڄ پنهنجي ڀلائي سمجهو،

گهرجي هنرن کي وڌائڻ ۾ چڱائي سمجهو.

عورتون بنجو، ۽ اخلاق جي زيور کانسواءِ،

زندگي پنهنجي زماني ۾ اجائي سمجهو.

فڪر فيشن جو ڇڏي، علم جا زيور پايو،

سادگي کي ئي اوهين دل جي صفائي سمجهو.

زندگي آهي جي ميدانِ عمل، جلد اٿو،

پنهنجي رفتار ۾ ڇو خاص ڍرائي سمجهو؟

سهڻي سيرت ۾ خدا پاڪ جي صورت گويا،

هر جڳهه آهي سندس جلوہ نمائي، سمجهو!

صبر ۽ عجز سکو، ناز ۽ نخري کي ڇڏيو،

پنهنجي فطرت ۾ تڪبر نه وڏائي سمجهو.

صرف اخلاق جي پتلي هجي، چاهي ان کي،

ڀيڻ سمجهو يا کڻي ماءُ ۽ مائي سمجهو.

خود نمائيءَ جو ڏسو جنهن به جڳهه تي ماحول،

ان کي نمرود جي ناپاڪ خدائي سمجهو.

سوچ ويچار سان ڪم ڪار هلايو گهر جو،

عرش اعظم تي خيالن جي رسائي سمجهو.

صلح، سک سانت هجي، گهر ۾ اوهانجي هردم،

ساڙ، کٽ ڦٽ کي تباهي ۽ برائي سمجهو،

بندگي لاءِ اها زندگي آئي آهي،

روح جي جسم کان آخر ۾ جدائي سمجهو.

ڪفر و الحاد جي پرچار کان بيزار رهو،

رب جي قرآن مان توحيد جي وائي سمجهو.

ڪنهن به مجبور جو، جهڳڙو ڪري جنهن ذهن ڦريو،

ڄڻ ته ان پنهنجي مٿان خاڪ وسائي، سمجهو.

زال جي چال ٿي ظاهر ڪري، عصمت جو عروج،

ڳالهه مطلب جي اٿو خاص اهائي، سمجهو!

رب جي نالي تي ڏيو، ڪجهه به نه رهندو باقي،

جا به شيءِ آهي زماني ۾، پرائي سمجهو.

اڄ جو ڪم اڄ ئي ڪريو، ڪين سڀان تي سوچيو،

عمر انسان جي بس! ڏينهن اڍائي سمجهو.

گهر ۾ ڪپڙا جي پراڻا ته رلهيون ان مان ٺهن،

خرچ ان ڳالهه ۾ پيسو نڪي پائي سمجهو.

مينهن وسندي، جو اچي ڪم، سو بچايو پيسو،

رنج و افلاس ۽ غربت کان رهائي سمجهو.

جان ۽ جسم جي مثل آهي ٻنهي جو رشتو،

زال ۽ مڙس ۾ هرگز نه ٻيائي سمجهو.

ڳالهه جيڪا به ڪئي آهي، سا مقصد جي ”رشيد“،

فرض سمجهو يا کڻي حق جي ادائي سمجهو.

{

 

 

آيو وري سيارو

 

پلپل پوي ٿو پارو، آيو وري سيارو.

هيڻن جو هَڏ هَچارو، آيو وري سِيارو.

ڪپڙو نه آههِ تن تي، ڏڪڻي چڙهي ٿي مَن تي،

سِج جو مَلي سَهارو، آيو وري سيارو.

پارو اچي ٿو ڪاهيون، ٻاري وهن ٿا باهيون،

آهي ڏکيو گذارو، آيو وري سيارو.

اوڇڻ نه آهه پُورو، گهر ٿو ڏَڪي سمورو،

ڪيئَن مال ٿئي متارو؟ آيو وري سيارو،

ڄانڀو، چڻا مَٽر سڀ، ساوا، صفا، سَڄر سڀ،

ڪڻڪن جو ڏِس نظارو، آيو وري سيارو.

هيڻن جو يا اِلاهي!، اَلله، تون ئي واهي،

پورو، تون ڏي پَنارو، آيو وري سيارو.

 

{

 

پنهنجو ڪم پاڻ ڪريو

 

جاڳو جاڳو، صبح سويرو،

ڌوئون صابڻ سان منهن ميرو.

پنهنجو ٿيلهو پاڻ بنايو،

ڪپڙا پاڻ هٿن سان پايو،

پنڌ وڃو اِسڪول ڏي ڊوڙي،

ڪين پُڇو ڪا موٽر، گهوڙي،

چوستي ڌاريو، ڇڏيو ڍرائي،

پنهنجي هٿ سان ڪريو ڪمائي،

محنت ۾ ئي آههِ ڀلائي.

صفا رهو ۽ سِکو صفائي.

چاه صفائيءَ سان نِت ڌاريو.

پنهنجي ڪلاسن کي سينگاريو،

رکو هميشه محنت جاري،

دِلا ڀريو ۽ ڏِيو ٻُهاري.

سُستي، آڪڙ، ڇڏيو اَجائي،

پنهنجي هٿ سان ڪريو ڪمائي.

هٿ جو پورهيو، سونهن اسان جي،

خوشي وندر ۽ وِرُونهن اسان جي.

محنت وارو بُک نه مَري ٿو،

محنت سان ئي بخت وري ٿو،

محنت ٿي ڏک درد مِٽائي،

دولت ڌن سان ٿي وَرسائي،

محنت ڌاران عمر اَجائي،

پنهنجي هٿ سان ڪريو ڪمائي.

 

{

پيارو طوطو

 

منهنجو پيارو پيارو طوطو،

ساون باغن وارو طوطو،

ڳاڙهي چهنب ۽ کنڀ به ساوا،

ميوا کائي، ڪري ٿو جاوا،

وڻ جي پور ۾ گهر ٿو ٺاهي،

طوطِي ٿي اُت آنا لاهي،

ٻِچا اُنهيءَ جا سُهڻا سُهڻا،

مِٺڙا مِٺڙا ۽ مَن مُهڻا،

”ميان مِٺو“ نالو ٿو سڏائي،

”ٽِين ٽِين“ سان ٿو دل وندرائي،

صورت طوطي جي موچاري،

اُن جي ٻولي پياري پياري،

ماڻهو وانگر ڪري ٿو ٻوليون،

مِٺڙيون مِٺڙيون اُن جون لوليون،

توڙي پڃري ۾ ٿو گذاري،

باغن کي ٿو ڪين وِساري،

آءُ ڙي طوطا، راند رَچايون،

ٻوليون ٻولي، دل وندرايون،

واه ڙي منهنجا پيارا طوطا،

پيارا ڀاڳ ڀَلارا طوطا.

{

منهنجا پيارا طوطا

 

منهنجا پيارا پيارا طوطا،

ساون باغن وارا طوطا،

ڳاڙهي چهنب ۽ کنڀ به ساوا،

ميوا کائي ڪرين ٿو جاوا.

مٺڙا مٺڙا راڳ ٿو ڳائين،

”ٽين ٽين“ سان ٿو دل وندرائي،

”ميان مِٺو“ نالو ٿو سڏائين،

توکي مون هِت پڪڙي آندو،

مون سان گڏ تون رهه هيڪاندو،

پڃري ۾ ڪر پنهنجو گذارو،

کاڌو پيتو وٺ موچارو.

{

 

پوپَٽُ

 

وَهه – وا پيارو پيارو پوپٽ!

مِٺڙو ۽ موچارو پوپٽ.

تارڻ وانگُر چِلڪي چَمڪي،

ڳاڙهو، پيلو، ڪارو پوپٽ.

گُلڙن کي ٿو گِيتَ ٻُڌائي،

مِٺڙِيُن ٻولِيُن وارو پوپٽ.

سُندر، سُهڻو ۽ من مُهڻو،

ڀُورو، ڀاڳ ڀَلارو پوپٽ.

روز گُلن جي رَس ٿو چُوسِين،

تنهنجو واهه گُذارو پوپٽَ!

دل ٿي چاهي مون کي ڏين تون،

پنهنجو رنگ اُڌارو پوپٽ

{

 

ڀَنڀُورِي

 

کُهنبي رتڙي لال ڪنوار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار

ڏينڀوءَ جهڙو سونو رنگ

پر نه هڻين ٿي ڪنهن کي ڏنگ

تنهن لَي توسان آهي پيار

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار

آءُ لڏڻ ڪا راند رچاءِ

رنگ برنگي رنگ پساءِ

پِيلي ڳاڙهي نِيلي نار

هَل ته ڀنڀوري ڀڻون بازار

ڏس ڦيري چوڦير نگاه

ڪن ٿا ڪانءَ ڪبوتر ڪاه

ڏئي لامرا سِرڻ – سنڀار

هل ته ڀنڀوري ڀڻون بازار

ڀُون ڀُون جي سُڻندي ڀڻڪار

آئي آهي لال ڪنوار

ٽپ ٽاري آڻيندي ٺار

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بازار

{

 

جهرڪ ۽ جهرڪي

 

پيار ٿي ويو او ڀائو پيار ٿي ويو،

جهرڪ جو جهرڪيءَ سان اقرار ٿي ويو.

راه ويندي ڦاسي ويو نمازي نيڪ هو،

راڄ پنهنجي جهرڪين جو سهارو ٽيڪ هو،

امر آيس آڏو سو لاچار ٿي ويو،

جهرڪ جو جهرڪيءَ سان اقرار ٿي ويو.

جهرڪيءَ به پرديس ۾ رلايو پاڻ کي،

پنهنجي پوري ڪڙم کي لڄايو پاڻ کي،

چؤن چؤن ڪري مان چئي ”يار ٿي ويو“،

جهرڪ جو جهرڪيءَ سان اقرار ٿي ويو.

جهرڪ چوي .حسن تي ايڏو نه ناز ڪر“،

جهرڪي چوي ”نازنين آهيان نياز ڪر“،

ناز جو نياز سان تڪرار ٿي ويو،

جهرڪ جو جهرڪيءَ سان اقرار ٿي ويو.

پيار پنهنجا کنڀ کنڊيري حڪم ٿو ڏئي:

”جهرڪ جي جهرڪي سان شادي ڌوم سان ٿئي“،

پيار ۾ جو پختو رهيو پار ٿي ويو،

جهرڪ جو جهرڪيءَ سان اقرار ٿي ويو.

{


 

ڪڪڙ

ڪڪڙ اسان جي ڳاڙهي ڪاري،

ڪُڪ ڪُڪ جنهن جي آهي پياري،

چوزا ان جا رنگ رنگيلا،

ڪارا، نيرا، ساوا، پيلا،

چهنبون تن جون نوڪن واريون،

سهڻيون سهڻيون پياريون پياريون،

ڪري ٿي ”چين چين“ تن جي ٽولي،

ماءُ جي سمجهن ٿا سڀ ٻولي،

ماءُ سان گڏجي گهر ۾ گهمن ٿا،

داڻو پاڻي پاڻ چڳن ٿا،

سِرڻ مٿان هڪ اُڏِري آئي،

ڪڪڙ وٺي جهَٽ ڪوڪ مچائي،

چوزا گوڙ وچان گهٻرايا،

ماءُ جي ويجهو ڊوڙي آيا،

ماءُ به پنهنجا کنڀ پکيڙيا،

چوزا کنڀن هيٺيان ميڙيا،

هر هڪ کي سيني سان لڳايو،

پنهنجن کنڀن هيٺ لڪايو،

داڻو پاڻي ڪجهه به لڌائين،

پاڻ نه کائي تن کي ڏنائين،

ماءُ جو پيار، ڏسي اي ٻارو،

ساههُ به تِنهن کي ناهي پيارو.

{

 

بازيگر بازي

 

بازيگر بازي ڏيکار، بازيگر بازي ڏيکار.

بازي ڪا ڏيکار نياري،

من موهيندڙ پياري پياري،

کڻ پنهنجي مرلي موچاري،

دهلڙي سان ڪر تڪ ڌنه تار.

 

ڪيڏو نه آهين تون ٻاجهارو،

ڀلجين نٿو ساليانو وارو،

جيئن اُڀري ٿو وقت سان تارو،

تيئن ٿو ٿئين پرگهٽ هر بار.

 

آهي مليو هڪ پيسو مونکي،

سو به ڏيڻ ٿو چاهيان توکي،

ڇو ٿو نهارين هيڏي هوڏي،

آني ۾ آهن پيسا چار.

 

کيڏ نه ڪر ڪچڙي کيڏاري،

منهنجي اڳيان ڪر ڪجهه هشياري،

ذات جو آهيان مان ”لاشاري“،

نالو اٿم ”احمد مختار“.

{

ٻلي ۽ ڇوڪري

 

هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري،

مِٺڙي، مُنهن جي موڪري،

اُٿندي روز سَوير هُئي!

سمجهو ٿا، سا ڪير هئي؟

ٻار اُنهيءَ کي ڄاڻن ٿا،

سَمجهن ٿا ۽ سُڃاڻن ٿا!

اُنهيءَ ڪِڪيءَ جو نالو ڇا؟

مان ڇو ٻُڌايان ڳالهه اِها!

ڪِڪيءَ جي ڪيڏي وَڏي ڄَمار؟

گذريا سال هُئس ٽي چار!

هِڪڙيءَ شيءِ سان اُن جو پيارو،

ڪهڙي، پاڻ ڪريو ويچار!

رنگ اُنهيءَ جو پَٽا پَٽا،

پيٽ اَڇو ۽ پير اَڇا،

ڪير؟ اُها هِڪ ٻلڙي!

ڪِڪيءَ جي جنهن سان دلڙي!

ڪِڪيءَ ٻليءَ کي هَنج وهاريو،

هنڌ تي هڪدم اَچي سُمهاريو،

سَوڙ ڪَپهه جي، لال پَلنگ،

ڏسو ٻليءَ جو اُن تي رنگ!

واه، ٻليءَ جو ڪيڏو ماڻو!

مَٿي جي هِيٺان نرم وهاڻو!

ڳچيءَ تي ويڙهيل سُهڻي چادر،

ڪمبل اُن جي بَدن بَرابر!

سُتي مزي سان بنجي راڻي،

آيس جلدي نِنڊ نِماڻي،

ڪِڪي اُٿي ڪنهن ڪم سان ويئي،

مِليا ٻليءَ کي سُک سڀيئي!

ڪِڪي ٻليءَ وٽ موٽي آئي،

ڏٺائين اُن جي وڏي وڏائي،

ٻِليءَ جو پُڇ سيرانديءَ پاسي،

مَٿو رکيل پيرانديءَ پاسي!

پُڇ جي هيٺان نَرم وهاڻو،

ڪپڙن جو ناههِ ٺڪاڻو!

فرش تي پَکڙيل ڪمبل چادر،

سِڀڪا شي نقصان برابر!

ڇا اِيئَن ڪنهن کي سُمهڻ جُڳائي؟

ڇا اِئيَن گهر ۾ رَهڻ جُڳائي؟

ڪِڪيءَ ٻليءَ کي سُک پهچايو،

سڀڪنهن شيءِ کي وري سَجايو،

ڪَمبل، چادر وري کنيائين،

هنڌ وڇائي، سَڄو ڇڏيائين،

رکيائين ساڳيءَ ريت وهاڻو،

مِليو ٻليءَ کي نَرم وڇاڻو،

ٻليءَ کي هِن ريجهايو ٻيهر،

مَٿو ۽ پُڇ ڦيرايو ٻيهر،

ڪيائين ڏاڍي ٻليءَ جي تات،

گذريو ڏينهن ۽ آئي رات،

ڪِڪي ٻليءَ کان ٿي رواني،

کائڻ ويئي رات جي ماني،

ماني کائي موٽي آئي،

اَچي ڏٺائين ڳالهه اُهائي!

کٽ تي ڪونهي هَنڌ وڇاڻو،

چادر، ڪمبل، نرم وهاڻو!

ٻليءَ جا ڪم سڀ تَڪڙا تَڪڙا!

ٽِڙيل ۽ پکڙيل فرش تي ڪپڙا!

ٻلي ڪري ٿي نِنڊ نماڻي،

کٽ جي هيٺان بِنجي راڻي!

ڪهڙي چَري هيءَ ٻلڙي!

جنهن سان ڪڪيءَ جي دِلڙ!

ڪِڪيءَ چيو، ”ٻلڙيءَ کي اُٿاريان،

اُن کي چاه منجهان وهنجاريان!“

بُرش ۽ صابڻ سِگهو کنيائين،

ٻيون به شيون موجود ڪيائين،

ٻليءَ گهڻو وهنجڻ کان نٽايو،

ڪِڪيءَ به ان کي اَچي ورايو،

ڪڪي ڇَپر وٽ ڊوڙي آئي،

جتي هئي پاڻيءَ جي گهڻائي،

جتي هئي پاڻيءَ جي گهڻائي،

پاڻيءَ جو هڪ ڏول ڀريل هو،

ڏول تي هڪڙو ٽڀو رکيل هو،

ڪڪيءَ ڀريو اُن ٽڀي ۾ پاڻي،

ٻليءَ کي سمجهي صاف سياڻي،

مُنهن ٻليءَ جو لڳي ڌئارڻ،

ٿورو پاڻي مُنهن تي هارڻ،

ٻليءَ اُمالڪ ڌوڻيو ڪنڌ،

پُسي پيو سڀ ٻليءَ جو هنڌ!

وَهي هليو سڀ ٽڀي جو پاڻي،

خوش ٿي جنهن تي ٻلي نِماڻي!

پنهنجي هَنڌ ڏي ڪين ڏٺائين،

پنهنجا چِنبا وٺي چَٽيائين!

ڪهڙي چَري هيءَ ٻلڙي!

ڪڪيءَ جي جنهن سان دلڙي!

ڪڪيءَ ٻليءَ کي خوب ڪُڏايو،

ڏاڍو اُن سان پيار وڌايو،

چيائين، ”ٻلڙي ڪُجهه ته پِرائي،

ماڻهوءَ وانگر پڻ ڳالهائي!“

ڪِڪي چوي، ”چئو“ ”بال ۽ بائو“!

ٻلي چوي، تيئَن ”ميائو ميائو!“

ڪِڪي چوي، ”چئو“ بلب جَلائو!“

ٻلي چوي، تيئَن ”ميائو ميائو!“

دل ۾ ٻليءَ جي ”کائُو کائُو!“

وات ۾ اُن جي ”ميائُو، ميائُو!“

ڪهڙي چَري هيءَ ٻلڙي!

ڪڪيءَ جي جنهن سان دِلڙي!

ڪڪِيءَ چيو، ”ڇو دير لڳايان،

هِن ٻلڙيءَ کي ڪُجهه کارايان!“

تازا تازا صُوف کنيائين،

مائو حلووو کيس ڏنائين!

ٻليءَ نه کاڌي ڏي واجهايو،

هِڪدم پنهنجو مُنهن ڦيرايو!

ڪڪيءَ وري اَنگور به آندا،

ليمان، ڏاڙهون پڻ هيڪاندا،

ميوا هڪ ٿالهيءَ ۾ وڌائين،

ٻليءَ جي آڏو اَچي رکيائين!

ميوا، ماني، مال مٺايون،

ڪين پسند ٻليءَ کي آيُون!

چَرٻيءَ سان گڏ گوشت جا ڇڇڙا،

ڪڪيءَ گهُرايا تَڪڙا تَڪڙا!

ڇڇڙن ڏي جيئَن ٻليءَ نِهاريو،

خوشيءَ منجهان تِنهن اِيئَن پُڪاريو:

”ٿورا آهن، گهڻا گهرايو!

ڇڇڙن جا ڪي مزا ڪرايو!“

ڪهڙي چَري هيءَ ٻلڙي!

ڪڪيءَ جي جنهن سان دِلڙي!

ڪُئو نه هو ڪو ڪڪيءَ جي گهر ۾،

اڱڻ ۾، يا ڪمري ۾ پَڌر ۾،

پينسلن جي هُئي قطار،

هڪڙيءَ ميز مَٿان نروار،

ٻلي کڻي هڪ پينسل آئي،

ڇا چئجي، سا اُن ڪيئَن لِڪائي؟

گهر ۾ اُن کي لڳي گهمائڻ،

پڪڙن، چنبڙڻ ۽ ڦيرائڻ،

پينسلين کي اِئين ٿي جهَليائين،

ڄَڻ ڪو ننڍڙو ڪُئو ڏٺائين!

هنڌ ويهاڻو اُتي ڇڏيائين،

ٽپا ڏنائين ڪُرسيءَ تائين!

تارا هِن ڦُوٽاريا پنهنجا،

وار کڻي ڪانڊاريا پنهنجا!

ڊوڙڻ سان هِن ڪين گهٽايو،

تکي هلڻ ۾ پاڻ مَلهايو!

چِير هو ڪو دروازي جو،

پينسل اُن ۾ ڪيو ڦهڪو،

ٻلي انهيءَ تي ڊُڪي وڌيڪ،

ننڍڙا چَنبا ڪيائين ٺيڪ،

گهڻو ڊُڪي ۽ گهڻو ڀَڳي،

پينسل اُن کي هٿ نه لڳي!

ڪهڙي چري هيءَ ٻلڙي!

ڪِڪيءَ جي جنهن سان دِلڙي!

ڪڪيءَ جي دل ۾ ٿيو خيال،

ٻِليءَ کي ويڙهيائين هڪ شال!

ويڙهي سيڙهي، ٻلي کنيائين،

ڏاڍو اُن کي پيار ڪيائين،

ويئي هڪڙو باغ گهُمڻ،

ٻلڙيءَ سان پڻ راند ڪرڻ!

ماڻهن، جو ٻلڙيءَ کي ڏٺو،

ڪڪيءَ کان سڀني هيءُ پُڇيو:

”تنهنجي هٿن ۾ آهي ڇا؟

سَچ سَچ چَئو، تون ڳالهه اِها!“

ڪڪيءَ چيو، ”هيءَ مُنهنجي ڀيڻ!

مِٺڙي ماکيءَ جي ڄڻ ميڻ!“

تنهن تي پُڇيائون ٻيو ڀيرو:

”تنهنجي ڀيڻ جو مُنهن ڇو ميرو“

ڪڪيءَ اِنهيءَ تي وٺي پُڪاريو:

”مُون ٿي هن کي وهنجاريو،

”هِن جي دل هرگز نه لڳي،

وهنجارڻ کان هيءَ وٺي ڀَڳي!“

سَڀن چيو، ”هي ڇا ٿا ڏسون؟

هن جي مُنهن تي، وار، مُڇون!“

ڪڪيءَ چيو، هيءَ سَيُون ٿي کائي!

سَيُن کي مُنهن تي ٿي چنبڙائي!

”سَيُن سان هن کي اهي پيار،

سَيُن کي ڇو ٿا سمجهو وارَ؟“

اِتي ٻليءَ هيءُ مزو ڪيو،

ڪڪيءَ جي هٿ مان ڏنئين ٽَپو!

شال هٽائي، مَٿي ڪري،

ويئي اُمالڪ ڀڄي پري!

ماڻهن تنهن تي کِلي چيو:

”واه ٻلي جو آههِ ٻَچو!

ڪهڙي چڱي هيءَ ٻلڙي!

ڪڪيءَ جي جنهن سان دِلڙي!“

هن کان پوءِ اِئين جلدي،

ٻلي به سياڻي ٿي پيئي،

۽ پڻ ٿي ڪڪي هُشيار،

سُهڻو مٺڙو خاصو ٻار،

روز لڳي اِسڪول وڃڻ،

کيس لڳا سڀ پيار ڪرڻ.

{


 

اچوڙي ڀينر

 

اچوڙي ڀينر راند رچايون،

ننڍڙي گُڏڙيءَ کي پرڻايون.

اچو گڏيءَ کي زيور پايون،

ڀرت ڀَريل پوشاڪ ڍڪايون،

گلن ڦلن جي سيج وڇايون،

ڏاج ڏيون ۽ گهور گهمايون،

گڏجي گيت خوشيءَ جا ڳايون،

ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون.

گُڏڙي بنجي گهر جي راڻي،

پڙهيل، لکيل ۽ سگهڙ سياڻي،

رهي نه محنت کان ويڳاڻي،

کُٽي نه اُن جو داڻو پاڻي،

ڏين مبارڪ مايون دايون،

ننڍڙي گڏڙي کي پرڻايون.

{


 

همت ۽ مردانگي

 

(1)

خوف واري زندگي سان، زندگي برباد آهه،

آهه سو انسان جيڪو خوف کان آزاد آهه،

خوف خطرو در حقيقت، وهم جي ايجاد آهه،

دل جي دنيا، جوش ۽ همت سان ئي آباد آهه،

وهم کي دل مان مٽائڻ، آهه بس فرزانگي،

مڙس ٿي، ڇڏ بزدلي، سک همت ۽ مردانگي.

(2)

خاڪ کان تون پاڪ، تنهنجو آسمان تي شور آهه،

باهه، پاڻي ۽ هوا کان، زور تنهنجو زور آهه،

تو سندي ايمان جي وڌ ڏونگرن کان تور آهه،

نفس تنهنجو ڪانگ آهي، روح تنهنجو مور آهه،

ڪانئرن جو آهه ڪم، ايمان کان بيگانگي،

مڙس ٿي، ڇڏ بزدلي، سک همت ۽ مردانگي.

(3)

سج اڳيان جيئن باهه جو، بيڪار ٿو ڏسجي اثر،

تيئن خدا جي ڊپ اڳيان، آهي نه ڪو خوف و خطر،

هڪ خدا کان ڊڄ ۽ ٻئي ڪنهن جي نه تون پرواه ڪر،

جيءُ خدا ڪارڻ، خدا جي لاءِ مر اي نامور!

پاڻ کي زندهه نه سمجهڻ، آهه هڪ ديوانگي!

مڙس ٿي، ڇڏ بزدلي، سک همت ۽ مردانگي!

(4)

جسم فانيءَ سان تون پنهنجي زندگي شامل نه ڪر،

موت جي ڊپ سان، حقيقي عيش کي زائل نه ڪر،

روح باقي آهه ان کان پاڻ کي غافل نه ڪر،

ڪر خدا جي بندگي، دل غير ڏي مائل نه ڪر،

موت آهي، ويس بدلائڻ جو جهڳڙو خانگي،

مڙس ٿي، ڇڏ بزدلي، سک همت ۽ مردانگي.

 

{

 

افسانا وطن جا

 

پون ٿا ياد افسانا وطن جا.

وڻن ٿا دل کي ويرانا وطن جا.

نه پرديسي ڪڏهن چَس چاهه ڏيندا،

مسافر بيڪسيءَ کي باهه ڏيندا،

وطن پنهنجي مٿان سر ساه ڏيندا،

نه رهندا دور ديوانا وطن جا،

وڻن ٿا دل کي ويرانا وطن جا.

غريبي حال ۾ خاموش آهيون،

اسين مزدور محنت ڪوش آهيون،

وطَن جي ياد ۾ مدهوش آهيون،

نَيون نِروار ميخانا وطن جا،

وڻن ٿا دِل کي ويرانا وطن جا.

وطن جهڙي نڪا وڻڪار آهي،

وطن جو پَٽ به ڄڻ گلزار آهي،

پرائي ديس جو گل خار آهي،

لهن ٿا لک سُڪل ڪانا وطن جا،

وڻن ٿا دل کي ويرانا وطن جا.

{

 

لاهور جو ٺهراءُ

 

هڪ سياسي امتحان، لاهور جو ٺهراءُ هو،

قوم جو ڄڻ پاسبان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

قاطعِ هندوستان، لاهور جو ٺهراءُ هو،

مرڪزِ پاڪ آستان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

”ليگ“ جو ڄڻ ترجمان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

رازدان، راحت رسان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

قوم جو ڪامل نشان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

قائدِ اعظم جو شان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ٻي مهاڀاري لڙائي ٿي هئي يورپ ۾ بند،

جنگِ آزاديءَ جي جان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

جئن سياست جي هئي ڇڪتاڻ هندستان ۾،

قوم تي تئن مهربان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

قوم مسلم کي ٿي انگريزن ڪيو هندن ۾ جذب،

هڪ سياسي سائبان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

سال هو اڻويهه سو چاليهه، مهنو مارچ جو،

ٿي چڪو جنهن ۾ عيان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

قائدِاعظم جي اڳواڻي هو ڏيکاريو اثر،

گڏ ڪندڙ سڀ ڪاروان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ٿي چڪا ثابت مسلمان، هڪ الڳ آزاد قوم،

مرد مؤمن جو نشان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ڪانگريسين لاءِ هو ڪاتين ڪهاڙين جي مثال،

بيزبانن جي زبان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

گڏ ٿيا هڪڙيئي جهنڊي هيٺ مسلم ڏهه ڪروڙ،

آفتابِ ضوفشان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ڪانگريسين جي وزارت جا بجا قائم هئي،

خوابِ مسلم جو بيان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ڪانگريسين جي وزارت جو هليو ٿي زور و شور،

پر نه ظاهر ٿيو اڃان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

هي لٿو خطرو .مسلمان بڻبا هندن جا غلام“

رهبرِ خرد و ڪلان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

خاص حدبندي ٿي قائم جاگرافيءَ کي ڏسي،

ڄڻ حياتِ جاودان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ڄڻ حياتيءَ جو تصور، قوم مسلم کي مليو،

هڪ بهارِ بيخزان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ڪاميابي ٿي عطا، مالڪ کان مسلم ليگ کي،

ڄڻ ته احسانِ گران، لاهور جو ٺهراءُ هو.

بس! انهيءَ نڪتي ڪيو قائم مسلمانن جو راڄ،

ڄڻ سياسي حڪمران، لاهور جو ٺهراءَ هو.

سڀ کان اڳ مسلم وزارت سنڌ صوبي ۾ ٺهي،

جنهن جو اصلي نڪته دان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

قوم مسلم لين ڄاتي ڪانگريس اندر نجات،

در حقيقت ڪامران، لاهور جو ٺهراءُ هو.

عدل جي نالي تي پاڪستان قائم ٿي چڪو

شيوهء نوشيروان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

رات اونداهيءَ ۾ جئن پرتوو پرڀات جو،

تئن مثالِ ڪهڪشان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

صدقِ دل سان ائين ڪجي محسوس ساڳي ڏينهن تي،

بانيءِ دارلامان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

بس! انهيءَ سببان مسلمانن کي هڪ مقصد مليو،

ڄڻ سندن رازِ نهان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

آهه ان ٺهراءُ موجب پنهنجو پاڪستان بڻيو،

مرڪزي نڪتو نشان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

ڄڻ مسلمانن کي پستيءَ مان بلندي ٿي نصيب،

رفعتِ هفت آسمان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

”چوڏهين آگسٽ“ آزاديءَ جو ڏينهن آهي ”رشيد“،

پر حقيقي ارمغان، لاهور جو ٺهراءُ هو.

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org