(108)
موليٰ مهر جو مينهن وسائي،
ٿي نه جُدا منهنجي جندڙي جلائي.
تنهنجون منهنجون گڏيل وَفائون،
گڏيل مُرادون، گڏيل دعائون،
شاد هجين، تنهنجون دُور بَلائون،
ٿي نه جُدا منهنجي جندڙي جلائي.
مون کان جدا ٿينديون تنهنجون تَنوارون،
لوڪ سَڄو توکي ڏِيندو مَيارون،
وَڻ وَڻ مان اِينديون دِل جون پُڪارون،
ٿي نه جُدا منهنجي جندڙي جلائي.
گِيت پريت جا گڏجي ڳايون،
مُنهنجي اکين ۾ تنهنجون جايون،
دل ۾ خوشيءَ جون موجون آيون،
ٿي نه جُدا منهنجي جندڙي جلائي.
(109)
ڪر تون وطن جون وايون،
او پيارا پکيئڙا، تنهنجون هزار ڀلايون،
او پيارا پکيئڙا، او پيارا پکيئڙا.
سون ۾ سارو توکي مڙهايان،
تنهنجي کنڀن ۾ لعل لڳايان،
جيءَ ۾ ڏيان توکي جايون، او پيارا پکيئڙا.
جوڙ عجب جنسار ڳچيءَ ۾،
هيرن جو وجهه هار ڳچيءَ ۾،
وَر وَر ڙي واڌايون، او پيارا پکيئڙا.
مان به هلان ٿي موٽي توسان،
ويل نه ٿيندي کوٽي توسان،
گيت خوشيءَ جا ڳايون، او پيارا پکيئڙا.
(110)
گل ڦل، باغ بهاريون لا،
مور ٽلي ٿو باغن ۾،
سانگي ڇو نه سنڀاريون لا،
مور ٽلي ٿو باغن ۾.
گد گد ٿي گلزار گهمن ٿيون،
ناز منجهان اڄ ناچ نچن ٿيون،
مورڻيون مُنهن موچاريون لا،
مور ٽلي ٿو باغن ۾.
مور مٺو شه زور ٽلي ٿو،
تارن کان وڌ مور ٽلي ٿو،
دلڙي وڃي ٿو ٺاريون لا،
مور ٽلي ٿو باغن ۾.
مور ٽلي ٿو، مُحب ملي ٿو،
بخت اسان جو خوش ٿي کلي ٿو،
گهر گهر ۾ گلزاريون لا،
مور ٽلي ٿو باغن ۾.
(111)
ڪئي منهنجي دل تو راضي اَلا،
کٽي آئين خير جي بازي اَلا،
سدا جيئرو هجين ۽ جواني ماڻين،
اهو رب کي عرض ۽ آزي اَلا،
کٽي آئين خير جي بازي اَلا.
سِڪ جي سيج ته ساڳي رهندي،
رات وهامي ويندي.
رات وهامي ويندي راڻا!
شمع وسامي ويندي.
دل ۾ دَرد دُکائي دُونهين،
سَهي ٿي سُهما، سِڪ جي سُونهين،
ڏيل ۾ ڏک جا ڏيئا ٻاري.
سَڙي ۽ کامي ويندي،
راڻا! رات وهامي ويندي.
جيسين تو سان ٺاه نه ٺاهيان،
ڪاڪ جي ڪارنهن ڪيئَن ٿي لاهيان؟
چوليءَ مان اُڀ ڏارڻ واري،
چِڻنگ اُڏامي ويندي،
راڻا! رات وهامي ويندي.
ڇا جي مومل، ڇا جو راڻو؟
سڀڪجهه آهي مَن جو ماڻو،
دلبر جي دَر ڪاري ڪوجهي.
نيٺ اگهامي ويندي.
راڻا! رات وهامي ويندي.
هن دل جو هڪ تو وٽ ديرو،
جوڳيءَ وارو هڪڙو ڦيرو،
هيڪر تو وٽ آههِ وِڪامي،
وَري وِڪامي ويندي.
راڻا! رات وهامي ويندي.
جنهن نه پرايو، سو ڪيئَن ڄايو؟
رک ”لاشاري“ دَرد جو رايو،
درد جي دَر تان سڀ خلقت ٿي.
سُتت سلامي ويندي،
راڻا! رات وهامي ويندي.
(113)
عطر عنبر هوا ۾ عام تنهنجي ڪري،
آههِ ساقيءَ جي هٿ ۾ جام تنهنجي ڪري،
تنهنجي اکڙين جي تارن جي تابَش ڏسي،
جام سان جام اڄ ٿا ٽَڪرائجن.
تون ئي اجڙيل دلين جي خوشي دلربا
تن کي تو کان ملي تازگي دلربا،
تنهنجي آمد سان گلشن ۾ آهي بهار.
زندگي تو مٿان پنهنجي گهوري ڇڏيان،
سون چانديءَ ۾ سُهڻل کي توري ڇڏيان.
منهنجي مَن جو تون موتي، هنئين جو تون هار.
عيد اکڙين جي آهي ٻه دلڙيون مِلن،
جان و دل مرحبا مرحبا ٿا چون.
(114)
ماري وڌو تو پيار ۾،
توسان ملان دلڙي ٺري،
ناهي مزو گلزار ۾،
توسان ملان دلڙي ٺري.
محبوب تون ماڻا ڪري،
دلڙي وِڌي داڻا ڪري،
حِيلا ڪري جڙ هار ۾،
تو سان ملان دلڙي ٺري.
آهيان چريو مان چاه جو،
تحفو ڏيان سر ساه جو،
تو دوست جي دربار ۾،
تو سان ملان دلڙي ٺري.
تارن ڀريون راتيون هجن،
سڪ پيار جون باتيون هجن،
جنت ملي ديدار ۾،
توسان ملان دلڙي ٺري.
(115)
مير مديني وارا موليٰ،
بيوس آهيان منهنجي مدد ڪر،
رب جا رسول ڀلارا،
منهنجي قسمت مون کان خفا ٿي،
آخر مون کان ڪهڙي خطا ٿي،
ڳوليان تنهنجا سهارا،
بيوس آهيان منهنجي مدد ڪر.
رهبر مون کان گم ٿيون راهون،
ڏسڻ گهرن ٿيون منهنجون نگاهون،
تو مرسل جا منارا،
بيوس آهيان منهنجي مدد ڪر.
زهرهؓ جي تطهير جي صدقي،
حسن حسين امير جي صدقي،
شيــــــــــــــــــــــرِ خــــــــــــــــــــــدا سونــــــــــــهارا،
بيوس آهيان منهنجي مدد ڪر.
(116)
لال حسيني لال قلندر،
جهولي لالڻ لال قلندر،
پنجتن پاڪ جا لال قلندر،
حامي ٿي شهباز قلندر.
حق جو هادي مست قلندر،
حيدر جي حب دل جي اندر،
عرش تي جهولي لال قلندر،
حال ۾ ٿي همراز قلندر،
حامي ٿي شهباز قلندر.
تون ئي سخي شهباز اڪيلو،
تنهنجي ڪرم جو وقت نه ويلو،
وڇڙين جو در تنهنجي تي ميلو،
دل جو سڻ آواز قلندر،
حامي ٿي شهباز قلندر.
(117)
اُڊڙيل بخيا اُڊيڙ او درزي
اُڊڙيــــــــــــــــــــــل بــــــــــــــــــــخيا
اُڊيــــــــــــــــڙ.
عشق جي عيد نه عيدن جهڙي،
سڳڙا نوان سهيڙ او درزي.
اُڊڙيـــــــــــــــــــل بـــــــــــخيا
اُڊيــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙ.
گهر کان رُٺل ڇو سڏجي راڻي،
پَٽ پهري ڀل سڪ ساماڻي،
عيد اڙانگي، انگ اُگهاڙو،
ڇورين لاتي ڇيڙ، او درزي،
اُڊڙيـــــــــــــــــــل بـــــــــــخيا
اُڊيــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙ.
ڪڇ تي گهاگهر سر تي ٻهڙو،
ٻُوري ٻڪريءَ سان گڏ وهڙو،
تڙ تي آيل هڪ پاڻياريءَ،
نينگر گهايا گهيڙ،، او درزي،
اُڊڙيـــــــــــــــــــل بـــــــــــخيا
اُڊيــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙ.
اِجهي عجيبن عيدون ماڻيون،
تنهنجي در تي پَريون اُڏاڻيون،
مٺڙين سان ڪر مٺڙيون ٻوليون،
ماڻڪ موتي ميڙ، او درزي،
اُڊڙيـــــــــــــــــــل بـــــــــــخيا
اُڊيــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙ.
جن جي اکين جا لٿا نه اولا،
چمڪيا تن جي چاه جا چولا،
سڪ جي گس تي سڪ واري ڪنهن،
ٿيڙيل کي ڏي ٿيڙ، او درزي،
اُڊڙيـــــــــــــــــــل بـــــــــــخيا
اُڊيــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙ.
آخر دوست ڏني دلداري،
ويس وصال جو ڌڪ ”لاشاري“،
تنهنجا لايا ٿيا سجايا،
محب مڃي مس ميڙ، او درزي،
اُڊڙيـــــــــــــــــــل بـــــــــــخيا
اُڊيــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙ.
(118)
موليٰ موليٰ منهنجا موليٰ
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
پاڪ محمدؐ مِير مدد ڪر.
حضرت شاه شبير مدد ڪر.
شاه عباس اَمير مدد ڪر.
سيد لَهه تون سنڀار
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
فاطمه جي تَطهير مَدد ڪر
حيدر خيبر گِير مدد ڪر.
پِيرن جو تون پِير مدد ڪر،
ڪر تو ٻيڙو پار.
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
مَست قلندر لال مدد ڪر.
اُچ جا شاه جَلال مدد ڪر.
سُهڻا لطيفڻ لال مدد ڪر
ڪر تون لُطف هزار
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
حضرت باهُو، ڪامل هادي،
پَکي به ڪن، ”هُو هُو“ جي منادي،
روضي ڌنيءَ جي روشن گادي.
پاڳــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــارو
پڳـــــــــــــــــــــدار.
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
غوث بَهاول حق مُلتاني.
رُڪن العالم دُر لاثاني،
شمس الحق ۾، حق جي نشاني.
سيـــــــــــــــــــــــلاني ســـــــــــــــــــــــــــــــــــــردار
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
بُلها شاه کي ڇو نه پُڪاريان؟
ماڌو لال حُسين کي ساريان.
پاڪ پَتڻ جو فريد سنڀاريان.
داتــــــــــــــــــــــــا جـــــــــــــــــــي درٻـــــــــــار
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
مِيرڻ جو لاهور جو نعرو،
سَرور نُوحؑ سچن جو سَهارو،
شاه ڪريم، ڪريم ڪَرارو،
مــــــــــــــــــــــــڪليءَ تي ڏاتار.
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
راڻي پور ۾ پير جيلاني
دل ابراهيم ادهم تي ديواني
پير پٺو ڪندو دور حيراني
شاهه سَمن نه وسار،
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
جهوڪ ۾ صوفي پِير ڀَلارو،
جِئي رکيل شاه ناڙي وارو،
شاه سَمن سَردار سونهارو،
اَصحابي اظِــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــهار.
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
خواجه ”فريد“ کي عرض ۽ آزي،
سُهڻو سَچل سَرمست درازي،
جئي ڪلفٽن وارو غازي،
پير مَنگهو مختار.
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
بيدل روهڙيءَ ۾ لاثاني
پِير پَٺو نِروار نِشاني
شاه بلاول شاه نوراني
لاهوتي لَڄــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــدار.
موليٰ سُڻ تون پُڪار.
(119)
رک تانگهه عليءَ جي تَن ۾.
غم سوز حُسين جو مَن ۾.
هَڻ حيدر حيدر نعرو،
ڪندو مدد مديني وارو،
گهُر پنجتن پاڪ کي پيارو،
ڏس حُسن حقيقي حَسن ۾.
شهباز عليءَ جو دُلارو،
ڀَلو لعل لطيف ڀَلارو،
جيئي شاه سَچن جو سَهارو،
سَچ آههِ سَچل جي سُخن ۾.
جيئي جيلانيءَ جي گادي،
وَسي روضي ڌڻيءَ جي وادي،
مڪليءَ تي سَچو اَصحابي،
ڀَلو شاه مراد وطن ۾.
سَخي سرور نوح نِيارو،
سَخي شاه ڪريم ڪرارو،
جيئي صوفي شهيد ڀَلارو،
رک آسرو شاه سَمن ۾.
شَه خيرالدين ڀَلارو،
ڀَلو بيدل روهڙيءَ وارو،
منگهي پير جو مَست نظارو،
سَچو صَدرالدين لَڪن ۾.
جيئي غوث مِٺو ملتاني،
حَق باهُو حَق حَقاني،
جيئي محڪم دين سيلاني،
سَچو خواجه فريد سَچن ۾.
اي مير مديني وارا!
منهنجا ميٽ مَرض دُک سارا،
تنهنجا سُهڻا سَبز مُنارا،
ڪن روشن راه ڏکن ۾.
(120)
دوست نه ڪر تون دير، اور دلبر!
دوست نه ڪر تون دير!
چَڻن جي ڏڌڙي، ڇانوَ به ٿڌڙي،
ٻيرين لاٿا ٻير، دوست نه ڪر تون دير.
دوست نه ڪر تون دير، او دلبر!
چاه مَنجهان وَٺ چَڻن جا ڦوٽا،
مکڻ جا چاڻا ڏڌ جا لوٽا،
آءٌ ته ڪڻڪ جا آڀون کائون،
ايڏي ڪر نه اوير، دوست نه ڪر تون دير!
دوست، نه ڪر تون دير!
دوست نه ڪر تون دير!
ڳيرن گهوگهو لائي.
مُحب مِلڻ جي آهي وائي.
اِيئَن ٿي دل جي تار وڄي،
جئَن ڏاند بَگي جي ڇير، دوست نه ڪر تون دير.
دوست، نه ڪر تون دير!
دوست نه ڪر تون دير!
پوندو ڪڻڪن ۾ لابارو،
ٽاڏون ڏيندو مال ڀَٽارو،
مَرندا موذي ڏيهه ڏڪاريا.
ڏيئي ڪاري تي پير، دوست نه ڪر تون دير!
دوست، نه ڪر تون دير!
دوست نه ڪر تون دير!
چيٽ بهار جي ڏس گلذاري،
لات لنون ٿا لکَ ”لاشاري“
اهڙي مُند ۾ نينهن جو ناتو،
ڪير نڀائي ڪير؟ دوست نه ڪر تون دير!
دوست، نه ڪر تون دير!
دوست نه ڪر تون دير!
(121)
هجي هميشه قائم دائم،
تنهنجو منهنجو پيار،
ساجن! تنهنجو منهنجو پيار،
جو دَم گهاريون، گڏجي گذاريون،
ڪين ٿيون شل ڌار،
ساجن! تنهنجو منهنجو پيار.
جيڪا منهنجي سِڪ ساماڻي،
سائي بنجي رات جي راڻي،
روح رهاڻيون راجا بنجي،
کلندي ڪن کيڪار،
ساجن! تنهنجو منهنجو پيار.
ڏونگر ڏوري، جيءَ کي جهوري،
نيٺ مِلياسين قرب ڪَڪوري،
مِٺڙي مهل ڏِسي موچاري،
ڪر ڪي ڳالهيون چار،
ساجن! تنهنجو منهنجو پيار.
اکڙيون آتيون، جيءَ ۾ جهاتيون،
ڀَل هَڻ ڪاتيون لنؤ ڪي لاتيون.
ڏيل ڏنگن ڀَل هي ڪاريهر،
ڪارا ڪارا وار،
ساجن! تنهنجو منهنجو پيار.
سڪ جي جهالر ناهي جهيڻي،
آهي ٿوري سِبڻ و هيڻي،
بره جي بَخين سان سينگاري،
نئين ڪري ڏيکار،
ساجن! تنهنجو منهنجو پيار.
سَو سَو واري، تنهنجي ساري،
تنهنجي جيت مڃي ”لاشاري“
تون ئي ڏاڍو، تون ئي حاڪم،
مون هيڻي جي هار،
ساجن! تنهنجو منهنجو پيار.
(122)
دل جي ڇانوَ ۾ توکي ويهاريان،
اکڙين سان تنهنجي واٽ ٻُهاريان.
پنهنجي اکين ۾ توکي ويهاريان،
پنبڻين سان تنهنجي واٽ ٻُهاريان.
پيار جون پينگهون پايون،
سرتيون سانگ رَچايون.
مُون سان گڏجي بلبل ڳائي،
گيت پريت جا جڳ کي ٻُڌائي.
گهاگهر مَٿي تي، دِل سان ڳالهيون ڪندي وَڃان ٿي،
ٻانهن جون لال چوڙيون، ڇڻ ڇڻ نه ڪن ڊڄان ٿي.
تنهنجون مُرادون ڳاڙهي ميندي،
منهنجي تمنا توسان مِلڻ جي.
مُنهنجي نصيب جو تون ئي تارو،
مون سسئيءَ جو پُنهل تون پيارو،
دلڙي شهر ڀنڀور.
اَچو پَکي اَسين گڏجي ڳايون،
مِٺڙيون ٻوليون جڳ کي ٻُڌايون.
اچ تن نئين ڪا دُنيا ڳوليون،
لِڪي ڪريون ڪي مٺڙيون ٻوليون.
باغ ۾ پيار جون پينگهون پايون،
سِڪ جي سُهڻي سيج وڇايون.
پنهنجي پيار جو ديس وَسايون،
بِره جو بَرپٽ باغ بنايون.
تنهنجون اکيون ديدار جي دُنيا،
منهنجي دل ۾ پيار جي دُنيا،
پيار سان ڇو تڪرار جي دُنيا.
تنهنجو جَلوو جدا جي ٿيندو،
سُورن جو سِج اُڀري اِيندو،
منهنجو مَن توکي چاه مان چوندو!
اَلله خير ڪري، موليٰ خير ڪري!
تون ئي منهنجو دلبر جاني،
تو وٽ منهنجو نينهن نشاني.
قومي گيت
(123)
مورک! ڏي نه ميار اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان،
سِر ڏيندس سَو وار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
پيڙهه وطن جي، قائم رهندي،
دائم هوندي، ڪڏهن نه ڊهندي،
اِها قومي ديوار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
سِنڌ جي وادي جَنّت آهي،
جنهن تي خدا جي رحمت آهي،
منهنجو اُنهيءَ سان پيار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
سُهڻي سنڌ جي حُسن جون فوجون،
آهن ڄڻ مهراڻ ۾ موجون،
موجن ۾ ميهار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
موجون اڄ مهراڻ ۾ آهن،
دُشمن سَڀ ڇڪتاڻ ۾ آهن.
حق جو ٻيڙو پار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
ڪُفر، اِلحاد هو جن کي پيارو،
دشمن جن جو ”راڄ دُلارو“
آههِ اُنهن جي هار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
شاه مڃي سردار عليءَ کي،
هَڪل ڪَري هڪوار عليءَ کي،
گجي ڪندس گجڪار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
منهنجو خدا ۽ منهنجي خدائي،
غير اڳيان ڇو ڪريان گدائي؟
مان خود مَنصبدار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
منهنجو فِڪر، نِجو اِسلامي،
منهنجا سلامي شاه گرامي،
مان اِلحاد تي وار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
جيڪي جنگ جدال جا جويا،
پنهنجي وطن جي زوال جا جويا،
رَب جي اُنهن تي مار اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
مان ئي ياد حُسيني آهيان،
مان اِمداد حُسيني آهيان،
مان ئي حُر اَحرار اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
مان محمود، اَياز جو آقا،
شاعر اهل نياز جو آقا،
مان اِلهامي اَفڪار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
مون سان شامل رازِ اِلاهي،
وِڙهندس مان بي تيغ سپاهي،
ڪَنبدي ڪين ڪٽار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
”اِبن القاسم“ کان جي عاري،
”راجا ڏاهر“ جا پُوڄاري،
آهن سي اڄ خوار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
نال وطن دﻵ پيچ جو پَيسان،
”مَر وَيسان پر سنڌ نه ڏيسان“
اﻵ مَيڏي گفتار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
ڳوه آروڙ جي ڦوڪون ڏيندي،
سنڌ سڳوري ڪڏهن نه ٿيندي،
پاڪ وطن کان ڌار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
ٽوڙي پاڪ وطن کان ناتو،
دُشمن کي جن اُتم ٿي ڄاتو،
مُئا اُهي مُردار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
ڄاتم روضي ڌڻيءَ کي رهبر،
جنهن جو نادر، جنهن جو سڪندر،
سو پاڳارو پڳدار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
واه، ”سچل“ جي صاف سَچائي،
”بيدل“، شاه لطيف ڀٽائي“،
دين جا سڀ دلدار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
واديءَ وحدت جو مان اَهُو،
منهنجو مرشد حضرت باهُوؒ،
حَق حَق مُنهنجي پُڪار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
دل جي مراد شهادت ڄاڻي،
ٿيندس کوسو ۽ جکراڻي،
مانجهي مرد مَزار، اَلا!
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
مان ئي ”جمالي“، مان ئي مَزاري“،
مان ئي ”رِند“ ۽ مان ”لاشاري“،
مان ”جکراڻي“، ”جروار“ اَلا!،
مان پنهنجي وطن جو غازي آهيان.
(124)
مــــــــــــٺڙيون لڳن ٿيون تنهنجون،
اُچـــــــــــــيون اُچــــــــــــــــــيون مـــــــــــــــــــاڙيون،
پـــــــــــــيارا پــــــاڪ وطــــــــــــــــن! توکي،
ڪــــــــيئَن ٿــــــــــــــا اُجــــــــــــــــــــــــــاڙيون؟
غفلت مان ڇو پاڪ وطن ۾؟
قِسمت جو سج لاڙيون…
آههِ اسان جي سوڀ، ڇو هاڻي؟
ڳوڙها ڳل تي ڳاڙيون …
پاڪ وطن ۾ ساوڪ سَبزيون
مال وَٿاڻ ۾ واڙيون…
دُشمن هاڻي ڪئي اڳرائي،
تيغون ڪجن اُگهاڙيون…
مِٺڙيون لڳن ٿيون تنهنجون،
اُچيون اُچيون ماڙيون…
(125)
آهي خاڪ، کَٿوري، پياري پاڪ وطن جي.
ناهي اُن جي برابر، هرگز مشڪ ختن جي.
جهولي جهنڊو پاڪستاني، جنهن ۾ چنڊ ۽ تارو،
حيدر حيدر شير بهادر، غازي هڻندا نعرو،
آهي شوقِ شهادت، ناهي گهرج ڪفن جي،
آهي خاڪ، کَٿوري، پياري پاڪ وطن جي.
هادي مهدي پنهنجو حامي، فتح اسان جي ٿيندي،
هردم هوندي باغ بهاري، ڪڏهن خزان نا اِيندي،
ڇني نه سگهندو ٽاري دشمن پنهنجي چمن جي،
آهي خاڪ، کَٿوري، پياري پاڪ وطن جي.
موت حياتي هڪ ٿو ڄاڻي، پنهنجو پاڪ اَٽالو،
وطن اَسان جي ۾ خوشحالي، غم جو ناهي نالو،
جيئَري جنت آهي، ناهي جاءِ ڏکن جي،
آهي خاڪ، کَٿوري، پياري پاڪ وطن جي.
پنجتن پاڪ حمايت ۾، ڀل لشڪر پنهنجو ٿورو،
علي ۽ احمد، فاطمه سانئڻ، شاه حسين سڳورو،
عازي دل ۾ ٿو ڌاري، هردم ياد حسن جي،
آهي خاڪ، کَٿوري، پياري پاڪ وطن جي.
(126)
پنهنجو ديس وسايون ...... ساجن!
پنهنــــــــــــــــــــــــــجو ديــــــــــــــــــس وسايون.
وحـــــــــــــــــــــــدت وارا واهه وهائي،
بر پٽ باغ بنايون ...... ساجن!
پنهنـــــــــــــجو ديــــــــــــــــــــس وسايون.
مـــــــــــــــــــــوٽي آيا ڏينهن سڳورا،
گڏجي عـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــيد ملهايون،
سڪ جا ساز سرود وڄائي،
گيت خوشيءَ جا ڳايون ...... ساجن!
پنهنجو ديـــــــــــــــــــــــــــــــــس وسايون.
آزاديءَ جي بــــــــــــــاغ ۾ ويهي،
هار خوشـــــــــــــــــــــــــــــــــــــين جا پايون،
تخت تي ويٺي راڄ جي راڻي،
سُرهي سيج وڇايون ...... ساجن!
پنهنجو ديــــــــــــــــــــــــــــــــــــــس وسايون.
الفت واري رنگ ۾ رڱجي،
من جو ميــــــــــــــــــــــــــــــــــــر مٽايون،
دل جو شيشو جهلڪي جهرڪي،
سج چنڊ کي شرمايون ...... ساجن!
پنهنجو ديـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــس وسايون.
(127)
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن، سک يارن جي ياريءَ ۾:
سک يارن جي ياريءَ ۾، ڄڻ گل ٿا ٽڙن گلذاريءَ ۾.
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن ...
مٺڙا مٺڙآ ميل هزارين، خير خوشيءَ جا کيل هزارين،
گل ڦل تيل ڦليل هزارين، ماڪ ڀنا رابيل هزارين،
ڪڻڪ قراري، جلوا جاري، ڄانڀي، سرنهن ۽ ساريءَ ۾:
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن ...
پوکون ڏس پنجاب جون پياريون، سون برابر سنڌ جون ساريون،
بخشي ٿو بنگال بهاريون، پرين پٺاڻن جون پاٿاريون،
تيز بلوچن جون تلواريون، سرس سڀئي سرداريءَ ۾:
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن ...
ان ارزان ۽ جل جالارو، تڏي ڪڏي ٿو مال ڀٽارو،
ڪڻڪن، سارين جو لابارو، جيءَ جو جياپو، سک جو سهارو،
سائي سهڻي سنڌ جي وادي، همت جو ٻل هاريءَ ۾:
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن ...
سانگين ۾ اڄ سک ساماڻا، وسيا وري ٿر، ٿاڪ ۽ ٿاڻا،
ڪلفت جا سڀ گل ڪوماڻا، لڏن لمن ٿا ليون ۽ لاڻا،
ڪافيون ڳائن ٿا ڳوٺاڻا، راڻي ۽ ڪوهياريءَ ۾:
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن ...
پاڪ وطن ڪون پاڪ بڻيسون، غيرت اپڻي ڪون نه وچيسون،
هوشو وانگن اينوين اکسيون: ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“،
لعل لٽينداسين رت ڏيئي، پنهنجي وطن جي واريءَ ۾:
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن ...
پاڪ وطن لک لهندو رهندو، نئون نظارو ٺهندو رهندو،
”سنڌ جو دريا“ وهندو رهندو، دشمن جو دڳ ڊهندو رهندو،
هڪ پل مور نه پوندي پيارا، لوڪ لکا ”لاشاريءَ“ ۾:
پاڪ وطن ۾ پيار ٿا پلجن ... |