”گهڻو هِن کي ماڻهو رسائن ٿا ڏک،
نه شايد ٿئي حاصل ٿو سُک!
”ڏسان اهڙو ٿي مان سندس روپ کي،
اَچي گهر، ته گهر سارو ٻهڪڻ لڳي،
”جي آهي سڀاڳيءَ جو ڦاٽل لباس،
ڳريل ۽ سُڪل جسم، بيحد اُداس-
”اکيون اُن جون اِلماس آهن مگر،
مليو لڪشميءَ سان وڃي سَربسر،
”چوان سچ ٿو، اي منهنجا راجا رئيس!
اِها ڳالهه آهي نه هرگز خسيس:
”سڄو گوڙ راڻيءَ هٽائي وڌو،
دمنتيءَ کي هڪدم بچائي وڌو،
”گهرايائين ماڙيءَ تي اُن کي شتاب،
نوازش ڪيائين مٿس بيحساب،
”جڏهن هوش اُن جو رسيو جاءِ تي،
۽ تسڪين حاصل ٿيس ساه کي،
وٽانئس تڏهن ويهي راڻيءَ پُڇيو،
سٻاجهيءَ، سگهڙ، مالڪياڻيءَ پُڇيو-
ته ههڙي دکياري ۽ ههڙي حسين!
مصيبت جي هوندي به تون نازنين!
”ڏسان حسن تنهنجي جي اِئين ٿي دَمَڪ،
ڪَري جيئن ٿي ڪڪرن ۾ بجلي چمڪ!
”تون ڳهڻن نه هوندي به آهين ڪنوار،
ٿيا چنڊ ۽ سج به تو تان نِثار،
”نه هي روپ تنهنجو ٿيو مانشي،
مَڻي آهين صورت ۾ تون حُسن جي،
”سڄو نور نرمل ٿي توکي چوان،
”نه جيتوڻي ڪنهن جي مدد ٿي وٺين،
اِنهيءَ هوندي ڪنهن کان نه ٿي تون ڊڄين،
”ڀَلا ڪير ۽ ڪنهن جي آهين، ٻڌاءِ!
سچي ڳالهه ڪر، ڪين مون کان لڪاءِ!
”وچن اُن جا ههڙي نموني ٻڌي،
دمنتيءَ اُنهيءَ کي وراڻي ڏني-
”ته ”سچ ٿي چوان، مون کي اِنسان ڄاڻ،
”سچي ٿي، هي توسان ڪريان ٿي ڪلام،
اُتم ذات وارن جي آهيان غلام،
”جتي دل گهري ٿي اُتي ٿي رهان،
۽ ڦل ڦول کائي ٿي جڳ ۾ جيان،
”اَڪيلي جو آهي نه ڪو هم سفر،
جتي شام ٿي، بس اُتي منهنجو گهر!
”بلاشڪ ڀلو آهه منهنجو ڀَتار،
ڪريان ٿي سدا اُن پريمي کي پيار،
”ٿيس خاص ملڪيت اُن وير جي،
نه ٻي آس آهي مون دلگير جي،
”جِتي ٿو وڃي مان اُٿي ٿي وڃان،
سندس سايي وانگي پُٺيان ٿي پوان،
”مقدر ويو اوچتو ڪو ڦِري،
ويو راند سان منهنجو پيارو هِري،
”مگر اُن جو سڀ ڪجهه جؤا ۾ ويو،
هليو بَن ڏي برباد ٿي هيڪلو،
”رُليس مان به اُن جي پُٺيان جهنگ ۾،
رڱيم دل مصيبت سندي رنگ ۾،
”اُهو دوست لڏندو هليو لوڏ ۾،
سدا پنهنجي حالت ۾ حيران آهه،
”ڪئي آهه جنهن منهنجي دل بيقرار،
اُهو آهه منهنجو ڀَلارو ڀَتار،
”ڪيو مون اُنهيءَ لاءِ بَن کي قبول،
ٿيس اُن جي سببان نهايت مَلول،
”اُنهيءَ وقت بک اُڃ ۾ بيحال ٿي،
مصيبت جي رستي ۾ پامال ٿي،
”ڪيو دوست جي درد بيحد اُداس،
وڃائي هليس پنهنجا هوش ۽ حواس،
”ڪريان ڳالهه توسان ٿي هڪ ڏينهن جي،
پرينءَ گوڏ پنهنجي وڃائي ڇڏي،
”فقط منهنجي اُن بعد چادر بَچي،
اُها بَن ۾ گڏجي ٻنهي ٿي ڍَڪي،
”هُيس مان به ننگي پريشان حال،
ٿيو زندگيءَ پنهنجي جو هو زوال،
”پرينءَ سان مون جاڳي ٿي باتيون ڪيون،
گهڻيون ختم اِن ريت راتيون ڪيون،
”ڪيم ننڊ نيڻن جي بلڪل حرام،
سڄڻ ٿي سُتو مان ٿي جاڳيس مدام،
”اِنهيءَ ريت ڪي ڏينهن گذري ويا،
سَلا سوز ۽ غم جا اُسري ويا،
”تڏهن هڪڙي ويلي مون غفلت ڪئي،
وٺي مون کي پنڪي ويئي ننڊ جي،
”اُٿيو دلربا مون سُتل کي ڇڏي،
هليو منهنجي چادر منجهان اَڌ وَڍي،
”نڀاڳيءَ کي اُن دم ڏنائين نڀاڳ،
ڪيائين محبّت کي منهنجي تياڳ،
”ويو منهنجو مون کان جدا ٿي ڀَتار،
ڪيو دل کي اُن جي جدائيءَ شڪار،
”اُهو دل جو دلدار آڌار آهه،
ڪنول وانگي نازڪ ۽ نروار آهه،
”ٻَران ٿي سندس هجر ۾ رات ڏينهن،
اکين مان وسي ٿو مصيبت جو مينهن،
”اُهو زنده جاويد محبوب آهه،
اُهو منهنجو مطلوب مرغوب آهه،
”خوشيءَ جو سبب منهنجو پيارو پِرين،
اکين ٺار، دلبر، ڀلارو پِرين،
”اَڃا تائين اُن کي نه ٿي مان لهان،
سوين سور ان کان سوا ٿي سهان!
”ڏٺي راڄ ماتا دمنتي ڳَريل،
اکين ۾ هئا جنهن جي ڳوڙها ڀَريل،
”گهڻيون درد مان اُن ٿي دانهون ڪيون،
ڏڪيل گفتگو سان ٿي آهون ڪيون،
”چيائين اُنهيءَ کي ٿي خود دودمند-
ته ”اي خير واري سگهڙ دلپسند!
”محبت ٿي تو لاءِ پيدا اَٿم،
ڏسڻ ٿي گهران ڪين تو سان ستم،
”سدائين تون مون ساڻ گڏجي گذار،
اڳيان درد ۽ غم سراسر وسار،
”پَتي تنهنجو ڳولي ٿي مان هٿ ڪريان،
اِجهو پنهنجي ماڻهن کي ٿي موڪليان،
”اُميد آهه تو وٽ اِجهو ٿو اَچي،
ڪندو توکي مسرور ازخود هِتي!
”ملي ويندو توکي ڀلارو ڀَتار،
هتي رهه تون مون وٽ، خوشيءَ ۾ گذار!
”ٻُڌي راج ماتا جو اهڙو وچن،
دلاور دمنتيءَ به کوليو دهن،
”چيائين، ”بهادر ڄڻيندڙ اَمان!
اِنهيءَ ٻول تنهنجي تي هِت ٿي رهان،
”کپي مون کي هرگز نه جوٺو طعام،
ڌئان پير ڪنهن جا، سو مون تي حرام،
”اگر ڪو به ڌاريو اکين سان ڏسان،
حيا جي ڪري ڪين اُن سان ڪُڇان،
”ڪري مون تي جي ڪوئي بڇڙي نظر،
ته وٺ اُن سندي تون اُمالڪ خبر،
”اگر ڪو مَندو مَن جو ميرو ٿئي،
۽ مونکي وري تنگ ڏاڍو ڪري،
”ته اُن جو سگهو موت جي ڏي سزا-
چوان ٿي اِها ڳالهه توکي صفا:
”نه ڳولا ۾ ٿينديس پَتيءَ کان پري،
ڪنديس ساڌ شيوا اُنهيءَ جي ڪري،
”اِهو منهنجو رهندو هميشہ اُصول،
اِهي منهنجون ڳالهيون سگهو ڪر قبول،
”جي اِيئن ٿيندو گهر تنهنجي پونديس ٽِڪي،
نه اِيندي ڪڏهن ساه کي ڪا ڇڪي،
”اگر ڳالهه اِيئن ڪين ٿيندي بحال،
ته مونکي ٽڪڻ جو به ڪونهي خيال.
”اِنهيءَ تي وري راج ماتا چيو-
ته تون ڌار دل ۾ نه ڪو وسوسو،
”اِهو تنهنجو بهتر ٿي سمجهان اُصول،
ڪريان ٿي انهيءَ کي خوشيءَ سان قبول“.
”ٻڌايان اوهان کي ٿو اي لوڪ پال!
ڪريو ان حقيقت تي ويهي خيال-
”ته اِئين راڄ ماتا دلاسو ڏنو،
نصيبن دمنتيءَ کي پاسو ڏنو،
”ٻڌايان ٿو، ڀارت، سڄي ماجرا،
وڏا ڀال اُن راڄ ماتا ڪيا،
”سنندا“ هئي ڌيءُ سندس خوبرو،
ڪيائين اُنهيءَ سان سَڏي گفتگو-
ته ”هن حور کي پنهنجو همدرد ڄاڻ،
سچو راز محرم تون اُن کي سڃاڻ،
”هيءَ تو جيڏي توکي ڪريان ٿي عطا،
اِنهيءَ کي سَکي ڄاڻ ۽ ڪر مزا،
”سدا عيش عشرت ۾ تو سان رهي،
نه تڪليف ڪا هن کي هرگز رسي!
”سنندا“ کي ان تي ٿي ڏاڍي خوشي،
سَکين کي ڪري ساڻ گهر ڏي وري،
”دمنتيءَ کي آندائين گهر پاڻ سان،
محبّت مروت جي اُهڃاڻ سان:
”اُها اُن جڳهه خوش گذارڻ لڳي،
سُکي ٿي، غمن کي وسارڻ لڳي،
”گهريائين ٿي جا شيءِ، اُها ٿي مليس،
مُرادون سموريون ٿي پوريون ٿيس،
”نه ويڳاڻي اِن جي ڪري ٿي رهي،
ويا غم گهڻي قدر اُن جا لهي.“
نل جي ڪرڪوٽڪ نانگ سان ملاقات، ۽ اُن
جي مدد سان نل جو روپ بدلائڻ
”ڪهاڻي ٻڌو اڳتي اي لوڪپال!
ٿيو نَل جو ڪهڙو زماني ۾ حال!
”ڇڏيائين دمنتيءَ کي رڻ ۾ جڏهن،
ٻَريو باه جو اُن تي ڀنڀٽ تڏهن،
”جڏهن خود به رڻ پٽ ڏي ڊوڙي ويو،
تڏهن باه جو هن ڪ ڀنڀٽ ڏٺو،
”اتي جيوَ هڪ باه مان سڏ ڪيو-
ته ”اي وير نَل، جلد ڊوڙي اَچو!
”هليو اَچ سگهو باه ۾ پاڪباز!
نه ڪر خوف ۽ ڊپ سدا سرفراز!
”ٻُڌا ڪيترا هن وڏا سڏ اُهي،
چيائين ته ”هرگز نه ڪو ڊپ ڪجي“-
”اِهو سوچي هڪدم گهڙيو باه ۾،
ڪيائين ڦٽو خوف ڊپ، راه ۾،
”اُتي نيشڌ نانگن جو راجا ڏٺو،
جو ويڙهيل ۽ سيڙهيل هو پَٽ تي پيو،
”ڪيائين نمسڪار اُن نانگ کي،
جو تڙڦيو ۽ ڦٿڪيو ٿي هر هر اُتي،
”ڪيو نانگ نَل کي به نئڙي سلام،
ڪيائين محبت وچان هي ڪلام:
”ته ”مان ”نانگ ڪرڪوٽڪ“ آهيان حضور!
۽ ڀوڳيان ٿو قسمت جو پنهنجي قصور!
”مهاتپسوي نارد سان گڏ هُيس،
۽ اهڙي رشيءَ کي ستائڻ لڳس،
”ڪئي تنهن تي ڪاوڙ اُنهيءَ پارسا،
۽ مون کي ڪيائين اِها بَددُعا-
”ته ”جيئن ٿو ڏسين اڻ چرندڙ شيون،
اُنهن وانگي تنهنجون ڏسان حالتون!
”اُنهيءَ وقت تائين هتي تون گذار،
لهي جيستائين نه نَل تنهنجي سار!“
”حقيقت اِها آهه منهنجا ڌڻي!
خدا توکي هِت ڪيئن رسايو کڻي؟
”چيو نارد مون کي ته ”ٻڌ غور سان،
وٺي تو کي نل ويندو هن جاءِ تان،
”جڏهن ويندين اُن سان ته لهندين حيات،
۽ حاصل ڪندين بددعا کان نجات!“
”اِنهيءَ بددعا جي اَثر جي ڪري،
نٿو پير سان پير هڪڙو چُري،
”نه ڪو نانگ مون جهڙو دنيا ۾ آهه،
زياده خرابي مون رُسوا ۾ آهه،
”سگهو ٿي خدا لڳ تون مون کي بچاءِ!
اِها ڳالهه منهنجي هِنئين سان هَنڊاءِ!
”ڇٽڻ تنهنجي جي توکي ڏيندس صلاح،
تون منهنجي مدد سان ئي لهندين فلاح،
”سدا تنهنجو رهندس مددگار ٿي،
فقط تون هينئر منهنجو آڌار ٿي،
”اڳيان تنهنجي مان ٿو ڪُرنڊڙو ٿيان،
کڻي هل تون مون کي ته توسان هلان!
”اِهو چئي هو اِن ريت ليٽي پيو،
جو ”ناگيندڙ آگوٺي“ وانگي ٿيو،
”جهلي اُن کي نَل هٿ ۾ آيو اُتي،
ٻري ڪين ٿي باه هرگز جتي،
”ڪري باه کان اُن کي ڪجهه مٿڀرو،
مهاوير نَل هيٺ لاهڻ لڳو،
”تڏهن نانگ ڪرڪوٽڪ اُن کي چيو،
ته ”اي نيشڌ، اِئين نامناسب ٿيو!
”ڳڻي هل تون ڪي پير اڳتي شتاب،
ته مقصد ۾ توکي ڪريان ڪامياب،
”جو ڪرڻو اٿم سو ڪرڻ ٿو گهران،
۽ توکي سهارو ڏيڻ ٿو گهران،
”مهاٻاهو اِن ۾ نه سُستي ڪجي!
حقيقت ته آهه، چُستي ڪجي!
”ڪيو نيشڌ اُن جي چوڻ تي عمل،
ٿيو وک وڌائڻ ۾ نروار نَل،
”ڏهين پير تي ڏنگ اُن کي لڳو،
الوپ اُن سندو روپ هڪدم ٿيو!
”ڏسي پاڻ کي نل وروپ اُن گهڙي،
پيو جهٽ غشي جي قفس ۾ اَڙي،
انهيءَ نانگ جو روپ بيٺو وٺي،
جو سڏجي ٿو هن پرٿويءَ جو پتي،
”ٿيو اُن کي سو روپ هڪدم عطا،
نه آيس اِها سمجهه ۾ ماجرا!
”جڏهن هوش ۾ ڪرڪوٽڪ ان کي ڪيو،
تڏهن اِنڪساريءَ منجهان هيئن چيو-
”ته ”روپ آهه تنهنجو اَلوپ اِن ڪري،
جو تون بدنظر کان گذارين پري،
”نه توکي ڪو ماڻهو سڃاڻي سگهي،
نڪي ڀيد تنهنجو ڪو ڄاڻي سگهي،
”اِهو ڪم اِنهيءَ جي ڪري مون ڪيو،
نه اِن لاءِ ڪر دل ۾ ڪو وسوسو،
”ڪئي تو اڳيان جنهن لُچائي هئي،
ٺڳيءَ ۾ ڪئي بي حيائي هئي،
رسايو ٺڳيءَ اُن جي توکي ضَرر،
۽ اُن جي ڪري تون ٿئين دربدر،
”اُهو منهنجي وک کان نه پاسو ڪندو،
۽ دک سان پيو تو ۾ واسو ڪندو،
”سندس انگ وک سان ٿو ويڙهي ڇڏيان،
ڏکن جي گسن ۾ ٿو اُن کي گڏيان،
”نه جيسين اُهو توکي ڏيندو نجات،
هلي اِيندي تيسين اِها واردات،
”مهاراج، مانش ڌڻي، ڳالهه ٻُڌ!
هجي توکي شايد اِنهيءَ جي نه سُڌ!
”ڪيو دربدر جنهن تو معصوم کي،
۽ ڀنڀلايو بيجا تو مظلوم کي،
”اُنهيءَ کي مون پيڙيو، وهائي وروڌ،
ٿيو منهنجو غالب اُنهيءَ تي ڪروڌ،
”ڪئي تنهنجي اِن ريت واهر اَٿم،
نه سهندين ست هاڻي، تنهنجو قسم!
”بلاشڪ تون ماڻهن ۾ ڏسجين ٿو شينهن،
وسائين ٿو هردم سخاوت جو مينهن!
”سدا منهنجي واهر جي سببان جناب!
نه ناگن درندن جو سهندين عذاب،
”ٻڌايان ٿو سچ توکي اي لوڪپال!
نه برهم گيانين جو ڪر ڪو خيال،
”سندو بددعا جو نه ٿيندو اَثر،
سدائين تون هوندين سڀاڳو سَٻر!
”گذاريندي، راجن، سدائين سُکيو!
هلڻ ۾ به ٿيندين نه هرگز ڏکيو،
”تون راجيندر آهين، ۽ ٻُڌ بي حجاب!
ڪندس توکي هر جنگ ۾ ڪامياب.“
ڪرڪوٽڪ جي نل کي راجا رتوپرن وٽ
وڃڻ لاءِ صلاح ڏيڻ
”ڏني نانگ نل وير هيءَ صلاح،
ته حاصل ڪندين تون اُمالڪ فلاح،
”جوا ۾ ”رتوپرن“ اُستاد آهه،
مليو اُن کي هر هڪ وٽان داد آهه،
”جوا جي ڪو تعليم اُن کان سکي،
سندس ڪارناما ڪو ويهي لِکي!
”نه ڪر دير، تنهن وٽ هتان جلد وڃ،
اِها ڳالهه منهنجي خوشيءَ سان تون مَڃ،
”وڃي اُن اڳيان ڪر اِهو تون بيان،
ته مان هڪڙو سڏجان ٿو ڀڙ ڪوچوان،
”تون ”نشديور“ اَڄ جو اَڄ ڳالهه مڃ،
۽ ”رميه اَيُڌيا“ جي ننگريءَ ۾ وڃ!
”رتوپرن کي آهه گهوڙن جو شوق،
۽ هردم سواريءَ جو ڌاري ٿو ذوق،
”هو توکان سواري سکڻ جي ڪندو،
۽ توکي سدا خوش رکڻ جي ڪندو،
”ڪندو اِيئن نوازش جي توتي نظر،
جوا جو عطا توکي ٿيندو هنر،
”تروپرن آهي بهادر جوان،
ڪجي اُن جي طاقت جو ڪهڙو بيان!
”اُهو تو سندي پٺڀرائي ڪندو،
چڱو بنجي تو سان چڱائي ڪندو!
”جوا جو جڏهن توکي ڏيندو هنر،
تڏهن فتح حاصل ڪندين سربسر!
”سگهو پنهنجي حاصل ڪندين اِستري،
حڪومت به جهٽ توکي ويندي ملي!
”۽ جوڙو به تنهنجو ٿي ويندو عيان-
اِهو توکي راجن ٿو سڀ سچ چوان!
”تون مَن ۾ نه پنهنجي ڪو وسواس ڪر،
مصيبت سندو اِمتحان پاس ڪر،
”وچن هي به، راجا، ٿو توکي ڏيان!
۽ توکي اِها ڳالهه سچ ٿو چوان:
”جڏهن نانگ مان چاهين ماڻهو ٿيڻ،
گهرين روپ پنهنجي جو درشن ڪرڻ،
”تڏهن ياد ڪر مون کي ۽ ڇڏ هراس،
ڍڪي ڇڏ اُمالڪ هي منهنجو لباس،
”ڍڪيندين جڏهن ويس منهنجو جناب!
تڏهن روپ پنهنجي ۾ اِيندين شتاب!
”اِهو چئي ٻه هن کي ڏنائين وَڳا،
جي پهريل هئا ديوتائن سَندا،
”اِنهيءَ ريت اُن نانگ ڌرتيءَ ڌڻي،
ڪئي نَل تي پنهنجي نوازش گهڻي،
”ڏئي نَل کي اُپديش، گم ٿي ويو،
۽ مُنهن نيشڌ راجا جو سرهو ٿيو.“
نل جو راجا رتوپرن وٽ اچي سارٿي بيهڻ
۽ ”باهوڪ“ نالو رکائڻ
”جڏهن نانگ غائب ٿيو سربسر،
ٻڌي نَل سفر لاءِ ساهي ڪمر،
”رتوپرن جي شهر ڏي منهن ڪري،
ڪيائين گهڻو پنڌ ڏونگر ڏري،
”ڏهين ڏينهن اُن هنڌ پهتو اَچي،
ڏکن ڏاکڙن کان سراسر بچي،
”ڇڏي نانگ جو روپ ماڻهو ٿيو،
۽ حالت کي پنهنجي سڌارڻ لڳو،
”هليو آيو راجا جي دربار ۾،
ٻڌايائين اُن کي خبرچار ۾-
ته ”مان هڪڙو سڏجان ٿو ڀڙ ڪوچوان،
ڪريان پاڻ پنهنجو مان ڪهڙُ بيان!
”هلايان ٿو گهوڙن کي گاڏيءَ ۾ اِيئن،
اُڏائي ڪکن کي ٿو طوفان جيئن،
”نه ڪو آهه منهنجو سواريءَ ۾ مٽ،
سڄي جڳ ۾ جوڌن جي ٻاريءَ ۾ مَٽ،
”اگر جنگ جي ڪا ضرورت پوي،
۽ مون کي مدد لاءِ ڪو سڏ ڪري،
”ته آهيان اُنهيءَ ۾ به جنگي جوان،
نه منهنجي اڳيان ڪو چُٽيندو نشان،
”رڌڻ ۽ پچائڻ ٿو مون کي اَچي،
نه مون کان ٿو وَڌ ڪو سَلوڻو رڌي،
”زماني ۾ جي ٿا ٻڌو طاقتون،
ڏسي جيڪي انسان ٿو مشڪلون-
”اُنهن جو تدارڪ ڪري ٿو سگهان،
غرض ڪيتريون ئي ٿو خوبيون رکان!
”رتوپرن، ڪا مهرباني تون ڪر،
هنر منهنجي جي قدرداني تون ڪر!
”سگهو مون کي بيهار نوڪر ڪري،
ڪڏهن حڪم کان ڪين ويندس پَري،
”رتوپرن تنهن تي ڏنو هي جواب،
ته ”بيشڪ تون ٿيندين هتي ڪامياب،
”ڀلي رهه تون مون وٽ، نه ٿي تون اُداس،
حقيقت ۾ هر ڪم ۾ ٿيندين تو پاس،
”مگر منهنجو تو لاءِ آهي خيال،
ته گهوڙن جي ڪر نوڪري تون بحال،
”تکو تن سندو مان هلڻ ٿو گهران،
هنر تنهنجو هيڪر ڏسڻ ٿو گهران،
”سگهو سوچ اِن لاءِ تدبير ڪا،
جي گهوڙا هلن منهنجا بلڪل تکا،
”گذارن ٿا مون وٽ جي گهوڙيسوار،
ڪندس توکي مهندار تن جو شمار،
”مقرر هي تنهنجو ڪريان ٿو پگهار،
مهيني ۾ وٺ تون ڳڻي ڏهه هزار،
”سدا زيردستن ۾ رهه تون اُتم،
۽ ڏس ”وارشينه“ ۽ ”جيول“ جو ڪم،
”اُهي تنهنجي هيٺان پيا ڪم ڪندا،
خوشيءَ سان اَدب تنهنجو هردم ڪندا،
”وڃي ڀل اُنهن سان تون خوش ٿي گذار،
اِجهي تنهنجا گهوڙا، ۽ گهوڙي سوار!
”رتوپرن“ نل کي جڏهن اِيئن چيو،
تڏهن خوش ٿي اُن وٽ هو رهجي پيو،
”بڻيو ”وارشينه“، ۽ ”جيول“ جو دوست،
ڪيو جن ٿي صدقي مٿس گوشت پوست،
”اِنهيءَ ريت نگريءَ ۾ گهارڻ لڳو،
نه ”ويڌربي“ پنهنجي وسارڻ لڳو،
”ڪندو ياد اُن جي کي تازو رهيو-
وڃي حسرتن جو جنازو رهيو،
”ڪندو طالبو ننڊ آرام جو،
”محبت جي ڦاٿل هو جنجال ۾،
اِهو شعر پڙهندو هو هر هال ۾:
”ڪٿي آهه سهڻي ٿَڪل ۽ تُٽل؟
نه جنهن کي وسيلو، ۽ بک اُڃ مُئل!
”ٻڌڻ سان ِهو شعر، جيول پُڇيو،
۽ نل جي اڳيان قرب مان هيئن ڪڇيو،
”ته ”ڪنهن جي جدائيءَ جو غم ٿو ڪرين،
۽ ڪنهن کي ٿو شعرن ۾ سهڻي سڏين؟
”سچي ڪر اَسان سان تون اي ڀاڳوان!
ڪرين ڪهڙي محبوب جو ٿو بيان؟
”اُها آهه ڪنهن جي ڀَلا اِستري،
جو غم ٿو اَچي اُن جو تو وٽ ڦري!
”لڪائڻ نه توکي کپي، ڪوچوان!
ٻُڌڻ ٿو گهران تنهنجو توکان بيان،
”ڏنو نيشڌ اُن کي اِنهيءَ جو جواب،
ته ”توکي ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو حجاب!
”اُها ڪنهن چرئي جي هئي اِستري،
۽ اُن کي ٿي هر وقت پياري لڳي،
”مگر هُو وچن تي نه هو ڪاربند،
ڪيائين وڃي هڪ ڪُڌو ڪم پسند،
”اُنهيءَ ڪم جي سببان وڇوڙو ٿيو،
جدا دوستيءَ جو هي جوڙو ٿيو،
”اُنهيءَ بعد هن درد ماريل جوان،
ڪيو روح پنهنجي جو بيحد زيان،
”مصيبت ۾ هر وقت اَٽڪڻ لڳو،
وڇوڙي جي واديءَ ۾ ڀٽڪڻ لڳ،
”اِنهيءَ سوز غم ۾ ٻريو رات ڏينهن،
مَٿي تي وسايائين فرقت جو مينهن،
”اُٿاريائين آهون ٿي هر رات جو،
رکي شوق دل ۾ ملاقات جو،
”اِهو بيت هر رات ڳائڻ لڳو،
محبت جو ناتو نڀائڻ لڳو،
”ڪٿي هوندينءَ سڄڻي ٿڪل ۽ ٽٽل!“
نه تنهنجو وسيلو، ۽ بُک اُڃ مئل!“
”اِهو دک هو اُن جي سهڻ کان وڌيڪ،
مصيبت ۾ چُپ ٿي رهڻ کان وڌيڪ،
”رُليو جڳ سڄي ۾ ۽ رسوا ٿيو،
مگر سُک نه اُن لاءِ پيدا ٿيو،
”ٻڌون ٿا ته ڪنهن هنڌ آهي هينئر،
غمن جو ٿو ڪجهه بار لاهي هينئر،
”۽ پلپل سڄڻ کي ٿو ساري اُهو،
سدائين ٿو آهون اُٿاري اُهو،
”چوي ٿو ته اَفسوس، منهنجو نڀاڳ!
ڪيو پنهنجي مون اِستريءَ کي تياڳ،
”اُها جيڪا دک ۾ به مون سان هئي،
۽ برپٽ جي بک اُڃ ۾ گڏ ٿي رهي،
”اُها، جڳ هو جنهن لاءِ ماتم ڪده،
رهي ڪيئن ٿي زنده اُها غمزده!
”اَڪيلي، آسونهين ۽ معصومڙي،
ويو سوز ۾ جنهن جو تَن مَن سَڙي،
”ڏکن جي ڪچي، آفتن ۾ اُداس،
سهي ٿي سگهي ڪين جا بک ۽ پياس،
”غمن سان ڀريل جنهن جو هر انگ انگُ،
ڏسي نت نئون ٿي مصيبت جو رنگُ،
”ڀلا ڪيئن ٿي زنده گذاري سگهي؟
ڀلا ڪيئن مصيبت ٿي ٽاري سگهي؟
”اهو آهه سچ اي بهادر جوان!
اِنهيءَ ۾ نه آهي ڪو وهم ۽ گمان،
”ڪيو تَرڪ برپٽ ۾ اُن کي ڪٺور،
نڀاڳي ۽ بي رحم، سختيءَ ۾ زور،
”اُنهيءَ هن نماڻيءَ کي رولي ڇڏيو،
ڏکن کي ڏرڻ لاءِ ڏولي ڇڏيو،
”ڇڏيائين اُنهيءَ کي بيابان ۾،
درندن ۽ جيتن جي گهمسان ۾!
”مٽائي سڄو روپ، ٿي نامراد،
ڪيو نيشڌ اِيئن ٿي دمنتيءَ کي ياد،
”سڏايائين نل مان ٿي ”باهوڪ“ نام،
ڪيائين ٿي قسمت کي پنهنجي سلام،
”رهيو راج مندر ۾ آخر وڃي،
مقدر جو اِرشاد دل سان مڃي.“
ڀيم جي حڪم سان سديو برهمڻ جو
دمينتي کي ڳولي لهڻ
”جڏهن نل حڪومت کسائي هليو،
جوا ۾ سَڄو ڌن لُٽائي هليو،
”وٺي ساڻ پنهنجي هليو اِستري،
بنايائين رڻ پٽ ۾ حالت بُري،
”تڏهن ڀيم راجا کي ورتو هراس،
ٿيو پنهنجي منهن، دل ۾ ڏاڍو اُداس،
”برهمڻ ڪيائين روانا گهڻا،
لٽايائين تن تي خزانا گهڻا،
”چيائين: ”سگهو نل کي ڳولي اچو،
رقم لاءِ هٿ پنهنجا کولي اَچو!
”ڏيان ٿو اوهان کي شهاڻو وچن،
ڪڏهن منهنجو ڪوڙو نه آهي سخن:
”جو نَل ۽ دمنتيءَ کي اِيندو وٺي،
ڪندو ڪين اِن ڪم ۾ هرگز ڪچي،
”سڃاڻي ٻنهي کي جو اِيندو وٺي،
گهڻو شاد آباد ٿيندو اَچي،
”سُئا ڳئون اُنهيءَ کي ڪندس مان عطا،
۽ اُن کان به وڌ اُن تي ٿيندي سخا،
”ڏبو ڳوٺ هڪ اُن کي جاگير ۾،
۽ ٿيندو چڱو اُن جي تقدير ۾!
”مگر جو ٻنهي کي نه آڻي سگهي،
فقط دور کان ئي سُڃاڻي سگهي،
”ته اُن سان به ڏاڍي رعايت ڪندس،
سُئا ڳئون اُنهيءَ کي عنايت ڪندس!
”برهمڻ ٻڌي ڀيم جا هي وچن،
ٿيا زر جي لالچ تي ڏاڍا مگن،
”ٿيا هر طرف ڏي روانا شتاب،
پڇائون ڪيائون وڃي بي حساب،
”رُليا دُور تائين پَري کان پَري،
ٿڪا نَل- دمنتيءَ جي ڳولا ڪري،
”مگر نَل، نڪا ڀيم پُتري ملي،
وريو ڪونه واپس خوشيءَ مان کلي،
”برهمڻ“ ”سديو“ آخر اوڏو ٿيو،
وڃي ”رميه ننگريءَ“ ۾ هڪدم پڳو،
”جو چيدوءَ جو هو شهر جنت نشان،
جهليو اُن جي رفعت کيٿي آسمان،
”رهيو راج مندر ۾ آرام سان،
ڪري مَن کي پرشاد پَرنام سان،
”اُتي اوچتو هن دمنتي ڏٺي،
”ڏنائون ٿي مندر ۾ آشيرواد،
هزارن دلين کي ڪيائون ٿي شاد،
”ڄڀي جيئن ڪڍي باه ديوار ۾،
ڪري جوت دونهين سندي ڄار ۾،
”دمنتيءَ جو هو روپ اهڙو شفاف،
سڃاڻڻ ۾ آئي ٿي صاف صاف،
”برهمڻ جي اُن تي پَئي جيئن نظر،
تعجب ۾ پئجي ويو سر بسر،
”ڊگها وار اُن جا مَٿن مَر چڙهيل،
سُڪل جسم، ڳڻتين ۾ هَڏ هڏ ڪڙهيل،
”چيائين ته ”آهي دمنتي اِها،
اِجهو بخت منهنجو ٿو کولي خدا!
”سديو اِن تي سوچڻ لڳو بار بار،
ته ”من آس پوري ڪري ڪردگار!
”ڏسان اِن طرح ٿو اِها نازنين،
هئي جئن زماني ۾ ”لڇمي“ حَسين،
”اِها آهه ”شاما“ ۽ سهڻي سڄاڻ،
صداقت جو هيرو شرافت جي کاڻ،
”سندس گول ڇاتي ۽ نازڪ ڪمر،
اچي ٿي سڄي نور هردم نظر،
”ڍڪيل نور جي اُن کي پوشاڪ آهه،
سندس حُسن جي هر طرف هاڪ آهه،
”لڄي آهه چشمن جي آڏو ”پدم“،
نزاڪت ڀريو آهه اُن جو قدم،
”محبت سندس مالڪياڻي چوان،
سدا حُسن جي اُن کي راڻي چوان،
”مِٺو آهه اُن جي محبت جو مَنڊ،
سڏن چوڏهينءَ جو ٿا سڀ اُن کي چنڊ،
”اُها سڀني لوڪن جي پياري چوان،
نزاڪت ۾ سڀ کان نياري چوان،
”نصيبن جي ماريل پِٽيل، اَڌ ڪُٺل،
سڙيل سونهن جو اُن جي نازڪ ڪمل،
”ڀريل ميل سان اَنگ اُن جا ٿيا،
بُري کانبُرا رنگ اُن جا ٿيا،
”پتيءَ جي وڇوڙي رُلايو اَٿس،
سڄو هوش پنهنجو وڃايو اٿس،
”بَڻي چوڏهينءَ چنڊ جي رات آهه،
مگر چنڊ کي اُن ڪيو مات آهه،
”ڪري چنڊ کي قيد ٿي راه ۾،
سندس جاءِ سڀني جي ٿي ساه ۾،
”سندس بخت جي موج اِيئن ٿي اُٿي،
سُڪندڙ ۽ وهندڙ ندي جيئ هجي!
”سندس دل ۾ اهڙو ٿو ڏسجي ڳرڻ،
ڦٽي سونڊ سان جئن ڪو هاٿي هرڻ!
”سندس غم جي دريا جي اهڙي اُٿل،
ٿين ڇڙوڇڙ جنهن ۾ پَن ۽ ڪمل!
”مٿس هجر جو اِيئن ڪڪر ٿو گجي،
جو اُن مان پکين کي به ڀَو ٿو ٿئي!
”هيءَ سندر ڪماري ۽ نازڪ بدن،
سدا حسن جو اُن جي تازو چمن!
”اُنهيءَ گهر ۾ هن جو رهڻ ٿو ٺهي،
رتن جوت جنهن ۾ سدائين هجي!
”هينئر اُن جي حالت ٿي اهڙي اَچي،
ڪنول گل وڃي جيئن ٿو ڪومائجي!
”هئي جيڪا صورت ۽ سيرت ۾ وَڌ،
لياقت، شرافت، صداقت ۾ وڌ،
”مگر هاڻي ڏتڙيل ۽ بدحال آهه،
اڳوڻن گڻن جو وَٽس ڪال آهه،
”سندس منهن تي اِيئن غم جو آهي اثر،
وڃن چنڊ تي ڇانئجي جيئن ڪڪر، |