سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :56

محبّت مروّت سنديءَ راهه مان –

”ته ”ڏسجو اوهين ٿا ٿَڪل ۽ ٽُٽل،

اُڃايل، بُکايل ۽ منزل هَنيل،

”ڪريو هاڻي آرام لاهيو ملال،

اَجايو نه دل ۾ ڪو آڻيو خيال،

”وَسايو وڃي هاڻي آرام گاه،

مِٽائي ڇڏيو فڪر، ڳڻتيءَ جي راه!

”اِهو چئي، اُٿيو ڀيم موڪل وٺي،

ڪيائين اُنهن لاءِ هر شيءِ ڪٺي،

”ڏسي ڀيم راجا جي شفقت ۽ پيار،

رتوپرن جي دل ۾ آيو بهار،

”اُٿيو، گڏ غلامن جي ورتائين راه،

وَسايائين هڪ پَل ۾ آرام گاه،

”وٺي وارشنيه کي آيو فقط،

ٻنهي گڏجي ديرو دمايو فقط،

”نه سنگت اُنهن سان ٿي ”باهوڪ“ جي،

سو اَصطبل ۾ آيو گهوڙا وٺي،

”اَچي سنج لاٿائين گهوڙن سندا،

اِرادا سُڃاتائين گهوڙن سندا،

”ڪري ”شاستر اَشو“ موجب خيال،

ڪيائين اُنهن جي زياده سنڀال،

ڪري تن کي پرسن روانو ٿيو،

چڙهي رَٿ مٿان پَهه پچائڻ لڳو،

”سندس دل ۾ غيرت جو ڪو جوش هو،

ٿيو هوش کان ڄڻ ته بيهوش هو،

”نئين هِن سويمبر تي حيرت هئس،

دمنتيءَ جي ڪيتي تي غيرت هئس،

”اِنهيءَ لاءِ گهر ڏي ويو ڪين ٿي،

دمنتيءَ جي منهن تي پيو ڪين ٿي،

”وري شڪل باهوڪ جي ۾ ٿيو،

سند عقل ۽ هوش گم ٿي ويو،

”دمنتيءَ به سڀ ڪجهه ٿي ويٺي ڏٺو،

ٻنهي جو پَري کان نظارو چِٽو،

”رتوپرن ۽ وارشنيه جوان،

۽ باهوڪ جنهن جو هو بدليل نشان،

”ڏسي تن جي صورت دمنتي غريب،

غمن جو ستايل، ڏَڌل بدنصيب،

”لڳي دل ۾ سوچڻ ته ڇا راز هو؟

هئو ڪنهن جو رَٿ، ڪهڙو آواز هو

”اهو نَل جي رَٿ جهڙو آواز آهه!

سمايل منجهس سِڪ سندو ساز آهه!

”مگر ڪين ڏسجي ٿو نَل نامدار،

سندس ياد ۾ آهه دل بيقرار!

”متان آهه هيءُ وارشنيه جو وَڙ،

سِکي اَشووديا ٿيو آهه ڀَڙ!

”سندس رٿ ۾ اِن جي ڪري راز آهه،

منجهس نَل جي رَٿ جهڙو آواز آهه!

”انهيءَ کان سوا منهنجو نل نامدار،

ٿيو اَشووديا ۾ جيئن هوشيار،

”رتوپرن پڻ اهڙو هوندو سڄاڻ،

اِنهيءَ لاءِ ٽڪري ٿو نل وير ساڻ-

”سندس رٿ اِنهيءَ لاءِ ممتاز آهه،

منجهس نل جي رَٿ جهڙو آواز آهه،

”اِهي پهه پچائي ۽ ڳڻتيون ڪري،

دمنتيءَ وڌو ڏيل پنهنجو ڏري،

”سندس قاصدياڻي هئي هڪ سچي،

هُئس ”ڪيشنيءَ“ نام، من جي مِٺي،

چيائين اُنهيءَ کي ته ”جلدي تون وڃ،

ڳجهارت اِها آهه، سا جلد ڀڃ!

”وڃي رَٿ ۾ پوري خبر چار لهه،

اِنهيءَ سارٿيءَ جا سچا پار لهه،

”وڃي ڏس ته ڪير آهه هيءُ نوجوان؟

سچو سارٿي مرد عالي نشان!

”حقيقت اِنهيءَ کي پروڙي تون اَچ،

اڳيان منهنجي اِظهار ڪر ڪوڙ سچ!

”سچي، خير واري، سگهڙ ۽ سڄاڻ،

اُتي پهچي هرگز نه ٿي تون اَڄاڻ،

”وڃي اڳ ۾ ڏک سور جو حال پُڇ،

سندن مشڪلاتون ۽ جنجال پُڇ!

”اُنهيءَ بعد ڌيرج ۽ نرميءَ وچان،

نه شوخيءَ وچان ۽ نه گرميءَ وچان!

”اُنهيءَ سارٿي کان سڄو پُڇ بيان،

سندس هر حقيقت سندو داستان!

”اَچي مون کي باهوڪ تي ٿو گمان،

ته ”آهي اِهو نل بهادر جوان!

”اِنهيءَ جي ڪري هن جي صورت ڏسي،

مڻيادار، محبوب مورت ڏسي،

”ٿئي منهنجي من کي ٿي حاصل خوشي!

نه اُن وقت دل کي ٿي ڀانيان دُکي،

”اِنهي ريت اُن سان ڪري بابت چيت،

ٻڌائي سڄي منهنجي مَن جي پريت،

”اِنهيءَ بعد پرڻاند وارو تون گيت،

وڃي ڳاءِ اُن جي اڳيان ڪنهن به ريت!

”ڏسون اُن جو ڪهڙو ڏئي ٿو جواب!

ڏسون ڪيئن ٿو مقصد ٿئي برصواب!

”اُها قاصدياڻي اُمالڪ هلي،

دمنتيءَ سندي ڳالهه دل ۾ رکي،

”وڃي پهتي ”باهوڪ“ جي روبرو،

ٻڌايائين اُن کي سڄي گفتگو،

”دمنتيءَ به ماڙيءَ تي هڪدم ڀَڳي،

سڄو حال ڄاڻڻ پروڙڻ لڳي،

”ملي ڪيشني جلد ”باهوڪ“ سان،

چيائين اُنهيءَ کي محبت وچان!

”ته ”اي مرد اعليٰ، سدا مرحبا!

اوهان جي ٿي آمد سڳوري صفا!

”سدائين اوهين جڳ ۾ پرسن هجو!

ڪندا مات منهوس دُشمن هجو!

”ڌڻيءَ آهه اعليٰ اوهان کي ڪيو،

دمنتيءَ سندي ڳالهه مون کان ٻُڌو-

”اوهان ڪيئن وطن مان روانا ٿيا

اوهان جا هِتي ڪيئن نشانا ٿيا؟

”اَيُڌيا کي آيا اوهين ڪئن ڇڏي؟

رَسيا اوچتو ڪئن اَسان جي تڏي؟

”دمنتي اَوهان کان ٻڌڻ ٿي گهري،

حقيقت وجهو مون تي ظاهر ڪري!

”ڏنو تنهن تي ”باهوڪ“ اُن کي جواب

ته ”ٻُڌ اي سڳوري، سگهڙ ڪامياب!

”اَسان سان جو گڏ آهه ”ڪوسل پتي“

اَيُڌيا جو راجا، سدائين ستي،

”رتوپرن، دنيا ۾ مشهور نام،

سدا بخت اُن جو ڪري ٿو سلام،

”برهمڻ جي واتان اُنهيءَ ڪو ٻڌو،

سويمبر ٿئي ٿو، دمنتيءَ سَندو،

”سڀاڻي جي تاريخ ٿي آخري،

برهمڻ ڏياري اِها خاطري،

”ٻڌيسون اِها ڳالهه جيئن اُن وٽان،

اُمالڪ ٿياسون روانا اُتان،

”تکن تيز گهوڙن تي رَٿ ۾ تَڻي،

سَڄا چار سو ڪوهه منزل هڻي،

”رتوپرن راجا ۽ مان خاڪسار،

۽ ٽيون اُن سندو سارٿي نامدار،

”هتي پهتا آهيون مصيبت سَهي،

سفر جي سراسر هلاڪت سَهي!

”ڪئي ڪيشنيءَ تنهن تي هڪدم پڇا،

ته ”ٽيون ڪير آهي اوهان ۾ ڀلا؟

”۽ آهي اُهو ڪنهن جو نوڪر ٿيو؟

۽ تون آهين ڪنهن سان برابر ٿيو؟

اِنهيءَ رَٿ جي ڪم ۾ ڀلا ڪئن لڳين؟

شجاعت جي دم ۾ ڀلا ڪئن لڳين؟

”انهيءَ تي هي ”باهوڪ“ اُن کي چيو

ته ”اي پاڪدامن، بلاشڪ ٻُڌو!

”ته نل وير، جو جڳ ۾ مشهور آهه،

۽ درشن سندس سڀ کي منظور آهه،

”سندس سارٿي آهه هڪ نيڪ نام،

سڏن اُن کي ٿا وارشنيه تمام،

”جڏهن نيشڌ بَن ڏي روانو ٿيو،

۽ اُلٽو سندس ڪارخانو ٿيو،

”تڏهن وارشنيه به ڀٽڪي رُلي،

رتوپرن جي آڏو آيو هَلي،

”اَچي سارٿي بيٺو اُن وير جو،

سَلامي ٿيو نيٺ تقدير جو،

”اِنهيءَ ريت ٿي آشووديا ۾ ڀڙ،

نصيبن جا کاڌم وڏا ور وڪڙ،

”ڪيم نيٺ حاصل اِها نوڪري،

رتوپرن جو ٿي رهيس سارٿي،

”سدائين ٿو اُن ساڻ گڏجي رهان،

گهڻو مان عزت ٿو اُن وٽ لهان،

”رسوئي به اُن جي بنايان ٿو مان،

گهڻو سک اُنهيءَ کي رسايان ٿو مان،

”رهان ٿو اِنهيءَ ڪم ۾ مشغول ٿي،

اِها نوڪري مون کي مقبول ٿي،

”ڪيو ڪيشنيءَ تنهن تي هڪدم سوال،

ته ”آهي اِها ڳالهه تنهنجي بحال!

”ويو آهي نَل وير ڪاڏي مگر

اِها واشنيه کي هوندي خبر!

”ڀلا توکي اُن ڪجهه ٻڌايو به آهه؟

پَتو نَل سندو ڪجهه بَتايو به آهه؟

”ڏني نَل اِنهيءَ تي وراڻي اِها،

ته ”اي ڪيشني، پاڪدامن صَفا!

”جڏهن وارشنيه روانو ٿيو،

وٺي نَل جو پٽ، ڌيءُ ڪنڊنپُر پڳو،

”اُنهيءَ بعد آيو رتوپرن وٽ،

ڪيائين لياقت ۾ هرگز نه گهٽ،

”نه نل کي ٿي هرگز اِنهيءَ جي خبر،

ته ڪيئن وارشنيه جو گذريو سفر،

”اِنهيءَ ريت نل کي ڪو ڄاڻي نه ٿو،

۽ صورت سندس کي سڃاڻي نه ٿو،

”اُنهيءَ شڪل پنهنجي مَٽائي ڇڏي،

اُنهيءَ پنهنجي صورت لِڪائي ڇڏي،

”زماني ۾ هردم لِڪي ٿو گهمي،

فقط اُن جا ڌرتي قدم ٿي چُمي،

”سُڃاڻي ٿي نل کي سندس آتما،

۽ ڄاڻي اُنهيءَ کي ٿو پرماتما،

”دمنتي به، جا اُن سندي اِستري،

پروڙي ٿي صورت اُنهيءَ وير جي،

”پتو نيشڌ ڪنهن کي بتائي نه ٿو،

لِڪل راز ڪنهن کي ٻڌائي نه ٿو.

”ڪئي ڪيشنيءَ تنهن تي ٻيهر پڇا،

ته ”ياد آهي مون کي اِها ماجرا،

”اِنهيءَ کان اڳي هو اِهو ڪم ٿيو،

اَيُڌيا ڏي هڪ برهمڻ هو ويو،

”پڙهيو اِستريءَ ڪنهن جو اُن گيت هو،

ٿيو روبرو تنهنجي ڪنهن ريت هو،

”وراڻي اُنهيءَ جي ٻڌڻ ٿي گهران،

اُهو گيت تو وٽ ٿي ٻيهر پڙهان:

”- ڪٿي آهين منهنجا تون سرور سڄڻ!

وڍي وئين تون اڌ منهنجي چادر سڄڻ!

”ستل مون کي بن ۾ ڇڏي تون هلئين،

غمن ۽ ڏکن ۾ گڏي تون هلئين!

”اَمانت ٿيس تنهنجي پيارا پرين!

ڪٿي تنهنجا ڳوليان سهارا پرين!

”هُيس تو اڳيان جهڙي جنجال ۾،

اَڃا تائين آهيان اُنهيءَ حال ۾!

”پرين توکي پلپل پڪاريان ٿي مان،

سدا تنهنجون واٽون نهاريان ٿي مان!

”دکيو درد دل ۾ تو دلبر سندو،

اَٿم اَڌ ٽُڪر بُت تي چادر سندو!

”سدا رت جا ڳوڙها وهايان ٿي مان،

سَدا جان غم ۾ گنوايان ٿي مان!

”تون پارٿ سگهو مون تي پرساد ڪر،

سگهو دل جي گلشن کي آباد ڪر!

”ڏکويل جي ٻُڌ دانهن دانا دلير!

سوا تنهنجي، منهنجو ڀلا آهه ڪير؟

”نه ڪو باه غم جي جو آهي سماءُ،

ڇڏيو جسم ڦوڪي مصيبت جي واءُ،

”سدائين ٿا فرقت جا دونهان دُکن،

جلي ٿو سڄو زندگيءَ جو چمن!

”پتيءَ تي اِهو فرض آهي بحال،

ڪري پنهنجي پتنيءَ جي هردم سنڀال،

”اُنهيءَ کي نه دنيا ۾ ڪو ڏک ڏئي،

مگر اُن کي سنسار ۾ سُک ڏئي،

”اِها ڳالهه تو ڪيئن وساري ڇڏي؟

مصيبت ڀَلا ڇو نه ٽاري ڇڏي؟

”هئين ڌرم جو تون گياني سڄڻ!

نه منهنجي ڪيئي پاسباني سڄڻ!

”هئين عقل ۽ هوش جو بادشاه،

سخاوت جو هو تنهنجي سر تي ڪُلاه،

”اَلائي ڇو آهين ٿيو سنگدل!

ڪئي منهنجي تو آهه ڇو تنگدل؟

”اِهو مون کي هر هر ٿو جاڳي گمان،

ته قسمت ڪيو آهه منهنجو زيان!

”جڏهن منهنجو بگڙي مقدّر چڪو،

ڏکن سان ٿي ڀَرپور دفتر چڪو،

”تڏهن حوصلا تنهنجا نڪري ويا،

سڄا ڌرم جا وَهم وسري ويا!

”سگهو رحم ڪر مون تي دانا دلير!

تون ماڻهن ۾ سڏجين ٿو شيرن جو شير

”شجاعت ۾ ماڻهن ۾ سلطان تون!

توانائي ۾ شير دهقان تون!

”اُها ڳالهه ڪر ياد شيرين دهن!

جڏهن تو هو مون سان ڪيو هيءُ وچن:

”ته گهر ٻار جي پرورش کي ڇڏڻ،

اِهو ڌرم سان آهه ڌوڪو ڪرڻ!-

”ٻُڌي ڪيشنيءَ کان اِها ماجرا،

دُکيا نَل جي دل ۾ غمن جا الا،

”اکين مان وهايائين ڳوڙها هزار،

نه روڪي سگهيو دل ۾ غم جو غبار،

”ڏڪيو اُن جو آواز، دل ٿي ڪباب،

ڏنائين اُنهيءَ گيت جو هيءَ جواب:

”- پتيءَ کان جي حاصل ڪو ڏک ٿو ٿئي،

ته پتني چُمي ٿي اکين تي رکي،

”اِنهيءَ مان اُهي سرڳ جيتين ٿيون،

حقيقت ڪري اُن کي ليکين ٿيون،

”اُنهن تي اگر ظلم ڪن ٿا ڀتار،

ته ڪن ٿيون اُنهن کي ڪرم ۾ شمار،

”سدا صبر ۽ سَت جي چولي ڍڪي،

ڏيارين ٿيون سُونهن سنسار کي!

”جي ٿي ڪانڌ جي ڪاتيا ڳيل ڪُٺل،

مصيبت جي ماريل، نهوڙيل، نٻل،

”ڏکن جي ڏَڌل ۽ سکن کان پَري،

نه گهرجي اُنهيءَ کي ته ڪاوڙ ڪري،

.سَتي، توڙي بدڪار بُڇڙي هُجي،

پتيءَ کي نه پنهنجي گتيءَ ۾ ڇڏي،

”پَتيءَ کان جي کسجي حڪومت وڃي،

۽ برباد ٿي شان شوڪت وڃي،

”بکن ۾ وڃي پاه بي حال ٿي،

وڃي زندگي اُن جي جنجال ٿي،

”غمن سان هجي اُن جي ڀَرپور دل،

خوشيءَ کان هميشه گهڻو دور دل،

”ته پتني نه اُن تي ڪري ڪو ستم،

ڏئي ياد اُن جي ۾ بي دَم ٿي دَم!

”پڙهي گيت پنهنجو ٿيو نل دکي،

نه روڪي سگهيو درد غم کان لڇي؟

”گهڻي زور سان نيٺ روئڻ لڳو،

سڄو جسم ڳوڙهن سان ڌوئڻ لڳو!

”اُٿي ڪيشني بعد اُن جي هَلي،

دمنتيءَ جي خدمت ۾ پهتي اَچي،

”ٻُڌايائين .باهوڪ“ جو داستان،

سندس درد ۽ غم جو سارو بيان.

”دمنتيءَ ٻُڌي جيئن اِها ماجرا،

نه دردن جي دل ۾ رهيس اِنتها،

”۽ سمجهيائين ”باهوڪ ئي آهه نل،

سڏيان اُن کي پنهنجي محبت جو ڦل!

”چيائين وري ڪيشنيءَ کي اِهو،

ته .اي ڪيشني مڃ تون منهنجو چيو!

”وري وڃ تون باهوڪ جي روبرو،

مگر ڪر نه ڪنهن قسم جي گفتگو!

”نه ڳالهاءِ اُن سان نه ڏي اُن کي مت،

فقط پرک اُن جي هلت ۽ چلت!

”ڪري جو به ڪم اُن کي ڏسندي تون رهه،

خبر اُن جي هر وقت لهندي تون رهه!

نه هل ڪيشني هن هدايت بنا،

نه ڪر ڪجهه به منهنجي اِجازت بنا!

”نه ٿي حڪم ڌاريان اَياڻي ڪڏهن،

نه ڏي اُن کي ٽانڊو ۽ پاڻي ڪڏهن!

”سدا عادتن ڏانهن اُن جي نهار،

اِها ڳالهه منهنجي نه هرگز وسار!

”ڏسين ديوَ يا منش جو ڪو لڇڻ،

اُهو توکي هڪدم جُڳائي ڏسڻ،

”اَڃا ڪيشني ٻيو به جيڪي ڏسين،

سندس گفتگو جا ڪَنن سان ٻُڌين،

”اُها منهنجي آڏو تون اِظهار ڪر،

اِنهيءَ ڳالهه کان ڪين اِنڪار ڪر!

”دمنتيءَ سندس ڳالهه دل ۾ ڌري،

وئي ڪيشني جلد ”باهوڪ“ ڏي،

”ڏٺائين ته خلوت ۾ سو نوجوان،

لکي ”شاستر اَشو“ جا ٿو نشان!

”ڏسي اهڙي حالت ٿي واپس وري،

ٻڌايائين ڀيميءَ کي سڀڪجهه کري،

”سو اِن جي ”باهوڪ“ ۾ جي هئا،

لڇڻ ديوَ يا منش جا هِن ڏٺا،

”ڏنائين دمنتيءَ کي اُن جا به ڏَس،

هلايائين سڀ پنهنجا حيلا ۽ وس،

”ٻڌايو دمنتيءَ کي هيئن ڪيشني:

ته ”باهوڪ، کان ڇڏ نه ناتو ڇني!

”هلت ۽ چلت اُن سان سڀ پاڪ آهه،

شرافت سندس خاص اِملاڪ آهه،

”نه هن جهڙي مون آهه صورت ڏٺي،

”ننڍي دَر وٽان جيئن لنگهي ٿو اُهو،

مٿو هيٺ پنهنجو نمائي نه ٿو،

”انهيءَ لاءِ، جو اَصل دستور آهه،

ته راجا اِنهيءَ ۾ نه مجبور آهه،

”ننڍي دَر وٽان جي ٿو راجا لنگهي،

اوچو ۽ وڏو سو ازخود ٿئي!

”اِنهيءَ ريت اُن ڀيم عالي وقار،

ڪري آندو نانا پکين جو شڪار،

”اُنهيءَ مان جو هن ونڊ ٻاهر ڪڍيو،

رتوپرن ڏي سو کڻي موڪليو،

”ڌوئڻ لاءِ اُن گوشت ڪارڻ هئا،

رکيل اُن جڳهه تي ٺڪر جا دلا،

”اُنهن جيئن جو“ ”باهوڪ“ اِيندو ڏٺو،

مَنجهن خود بخود ڀَرجي پاڻي ويو!

”اُهو گوشت ”باهوڪ“ ڌوئي ڪري،

وڌو هڪڙي پَل ۾ چُلهي تي ڌري،

”کنيائين وري هٿ ۾ مُٺ جيڏو گاه،

اڳيان سج جي آندائين، ٻاريائين باه،

”ٻري خودبخود باه ڀڙڪا ڪري!

ڀڳي ڪيشني اُن جي ڏسندي پَري!

.دمنتيءَ جي آڏو ڪيائين بيان،

ته ”پُڇ ڪين باهوڪ جا تون نشان!

”عجب جهڙا ڪم هن ۾ آهن هزار،

اُنهن جو نه مون کان ٿئي ٿو شمار،

”گهڙي باه ۾ هُو، سڙي ڪين ٿو،

مصيبت ۾ هرگز اَڙي ڪين ٿو!

”اِرادي سندس سان ٿو پاڻي وهي،

چوي جو ٿو واتان اُهو ٿو ٿئي!

”جي باهوڪ گل ٿو هٿن ۾ کڻي،

۽ مَهٽي اُنهن کي ٿو چُورو ڪري،

”ته اهڙي جا اهڙا اُهي ٿا رهن،

نه سرهاڻ پنهنجي ٿا هرگز ڇڏن!

”رهي ٿي اُنهن ۾ اُها تازگي،

نه ڏسجي اُنهن جي ٿي بربادگي!

”ڏسي اهڙا اَچرج جا ڪم بيحساب،

رَسيس تنهنجي خدمت ۾ ڊوڙي شتاب!

”دمنتيءَ جڏهن ڳالهه اهڙي ٻُڌي،

چيائين ته ”آهي حقيقت سچي!

”اهو آهه باهوڪ، نَل پاڪباز،

سمايل ٿيو جنهن ۾ قدرت جو راز!

”وري من ۾ ماندي ٿي ”باهوڪ“ لاءِ،

رُني رت جا ڳوڙها ڪري هاءِ هاءِ!

”چيائين ته ”اي ڪيشني ڪامياب!

وري وڃ تون باهوڪ آڏو شتاب!

”کڻي اُن جي هٿ جو پڪل گوشت آڻ،

مگر اُن کي هرگز پوي ڪين ڄاڻ!

”وڃي ڪر تون مون لاءِ چوري اِها،

ڏسين پاڻ ٿي من ۾ لوري اِها!

”ڪيائين نه فرمان ڀيميءَ جو گهٽ،

وئي ڪيشني جلد ”باهوڪ“ وٽ،

”کڻي آئي اُن کان پڪل گرم گوشت،

ڪري غم جي سختيءَ کي جو نرم گوشت،

”دمنتيءَ کي آڻي ڏنائين سو ماس،

هئي درد جنهن جي ڪئي دل اُداس!

”پَچايو ٿي جو ماس، نل نامدار،

سو کاڌو اڳي هِن جو ڀيرا هزار،

”اِنهيءَ لاءِ هڪدم سُڃاڻي وئي،

۽ نل جو پڪل گوشت ڄاڻي وئي!

”اڳيون نيشڌ جون ياد باتيون ڪري،

۽ تن پنهنجي ۾ اُن جون تاتيون ڪري،

”دکي بنجي دل ۾، رُني زار زار،

۽ ڳوڙهن سان ڌوتائين مُنهن بار بار،

”اِندرسين اِندرا کي هڪدم سڏي،

ڇڏيائين اُهي ڪيشنيءَ سان گڏي،

”چيائين، ”وڃو جلد باهوڪ وٽ،

ادب ۾ ڪريو اُن جي هرگز نه گهٽ!

”ڏٺا جيئن جو ”باهوڪ“ پنهنجا ٻچا،

خوشيءَ مان ڏنائين اُمالڪ ٽپا!

”ويهاريائين تن کي وٺي هنج ۾!

ويس گڏجي دل غم سندي گنج ۾،

”اُهي ڌيءَ ۽ پٽ چنڊ جهڙا حسين،

هئي جن جي هر وقت روشن جبين،

”ڏسي تن جي صورت رُنو زار زار،

۽ دل ۾ زياده ٿيو بيقرار!

”مگر پوءِ دل پنهنجي ڏاڍي ڪري،

ٻنهي ٻالڪن کي ڪيائين پري،

”چيائين اِتي ڪيشنيءَ کي شتاب،

ته ”هي ڌيءَ ۽ پُٽ ٿو ڏسان لاجواب!

”صفا ڌيءَ ۽ پُٽ منهنجي سان ٿا ملن،

مُهانڊا ٻنهي جا ٿا ساڳيا لڳن!

”اکين مان ٿو ان لاءِ پاڻي اچي

۽ من سوز غم ۾ ٿو تن جي پَچي!

گهڻا مرتبا تون هتي ٿي اَچين،

۽ مون سان ٿي خلوت ۾ هر هر ملين،

”جي اهڙيون هتي ويهي لاتيون ڪندس،

۽ تو استريءَ سان ئي باتيون ڪندس،

”ته ماڻهو اَلائي ڪندا ڇا گمان!

۽ عزت جو آهي انهيءَ ۾ زيان-

”مسافر ۽ مهمان آهيون اَسين،

”اُٿي خير واري هتان جلد وڃ!

نه انڪار ڪر، ڳالهه منهنجي تون مَڃ!

”نه ڪر ننڊ نيڻن جي منهنجي حرام،

پري کان ئي توکي ڪريان ٿو سلام!

”ڏسي نل کي اهڙو سچو پاڪباز،

۽ سمجهي سندس عقل و اُلفت جو راز،

”وري ڪيشني پٺتي ڊوڙي شتاب،

ڏَسيائين دمنتيءَ کي سڀ بيحجاب،

اِتي نل جي درشن جي ڌاري اِڇا،

دمنتيءَ چيو ڪيشنيءَ کي صفا

”ته ”وڃ منهنجي ماتا ڏي ڊوڙي سگهو،

۽ اُن کي ٻڌائي ڏي قصّو سَڄو!

”وري اُن کي مون ڏي وٺي جلد اچ،

ڪريان اُن اڳيان پاڻ اِظهار سچ!

”اِنهيءَ ريت ماتا به آئي شتاب،

دمنتيءَ چيو اُن کي ٿي بيحجاب،

”ته ”ماتا مون نل جي جدائيءَ وچان،

رچايا وڃي راز باهوڪ سان،

”ڪيم عادتن جو سندس اِمتحان،

۽ جاچي ڏٺم اُن جو هر هڪ نشان،

”فقط روپ اُن جي ۾ شڪ ٿو ٿئي،

ڏسان روبرو اُن کي دل ٿي چوي،

”جي چاهيو ته اُن کي هتي موڪليو،

جي چاهيو ته مون کي روانو ڪريو،

”پِتا اهڙو فرمان جاري ڪري،

۽ مون لاءِ پيدا بهاري ڪري،

”غرض پنهنجي مرضيءَ تي سڀڪجهه ڪريو،

بنايو نه مون کي اجايو چريو!

”دمنتيءَ سندي ڳالهه ماتا ٻُڌي،

وڃي ڀيم راجا سان هڪدم ڪَئي،

”ٻڌي ڀيم سڀڪجهه خوشيءَ سان ڪيو،

۽ مطلب سڄو ڌيءَ جو سمجهي ويو.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org