{
شهر تنهنجي ۾ رُلان ٿو، اَڄ وري منهنجا مٺا!
تنهنجي فرقت ۾ سگهو ، ويندس مَري منهنجا مٺا!
آرزو آهي اِها، هيڪر اچي توسان مِلان،
تنهنجي جلوي سان پون، اکڙيون ٺري منهنجا مٺا!
ڪئَن ڀلا ويهي رهان، هِت غير سان گوڏو گڏي،
آهه بس! تو لاءِ منهنجي دل چري منهنجا مٺا!
آهين تون منهنجو ۽ مان تنهنجو ته هر دم گڏ رهون،
تنهنجي هوندي ڇو وڃان، در تان ٽري منهنجا مٺا!
منهنجو تون ميهار آهين، آههِ سِڪ تنهنجي سڄڻ!
سُهڻي بنجي، مان اچان، واهڙ تَري منهنجا مٺا!
دل جليل آهيان، ڪندس فرياد تنهنجي دَر اڳيان،
ڀَل ته آهن سان وڃڻ وڻ ٽڻ ٻَري منهنجا مٺا!
تنهنجو ديوانو گهٽي تنهنجي اڳيان لنگهندو ضرورم،
بند هرگز ڪين ڪر، دل جي دَري منهنجا مٺا!
حال کان بدحال آهي، آهه رولن ۾ ”رشيد“،
تنهنجي فرقت ۾ ويو آهي ڳري منهنجا مٺا!
{
پراڻا پُور ٿا اُڀرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
نظارا ڪين ٿا وسرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
اُهو دريا، اُهي ٻيڙيون، اُهي لهريون اُهي لوڏا،
دلين تي داغ ٿا اُڪرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
ڪِٿي اڄ ڇانءُ ٻيرن جي، ڪَنڊا قربن ڀريا جن ۾،
اُهي دل مان نٿا نِڪرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
ڪِٿي آهي اُهو پيارو، ڪنارو ڪوٽڙيءَ وارو،
غمن سان غم ٿا اڄ ٽڪرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
ٿيا جي دوستيءَ جا داغ دل تي، سي اَڃا آهن،
نه پنهنجا حال ٿا سُڌرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
نٿي وسري سڄڻ سهڻا! اُها نرمي، اُها گرمي،
جگر ۽ دل به ٿا پگهرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
اُنهن قدمن تان مان صدقي، جتي دلبر گهميو منهنجو،
اُهي جايون سدا اُجرن، مٺا محبوب مَن مهڻا!
”رشيد احمد“ جي سيني ۾ سمايل آههِ سِڪ تنهنجي،
ڄميل جذبات ٿا پَسرن، مٺا محبوب مَن مُهڻا!
{
لُٽياسين عشق ۾، ڪي عشق وارا شاهدي ڏيندا.
مقدّر تي مقدّر جا خسارا شاهدي ڏيندا.
فقط دل جي زبان سان ئي ڪندس مان دل سَنديون ڳالهيون،
اکين جا ڪين تو آڏو، اشارا شاهدي ڏيندا.
نه ڪر تسليم ڀَل منهنجي ازل واري شهنشاهي،
محبت جا اڏيل دِل تي مُنارا شاهدي ڏيندا.
ڀلي لهرين ۾ لوڙهي ڇڏ، نه ٿي تون ناخدا دل جو،
ٻڏو ٻيڙو ته قربن جا ڪِنارا شاهدي ڏيندا.
فنا جو ڪوبه ڊپ ناهي، فنا ٿيندس ته فرقت تي،
پرين، تنهنجا اِها پيارا پَسارا شاهدي ڏيندا.
ڪندو اُڀ آجيان، ڌرتي به ”بسم الله“ چئي ڀَڄندي،
سڄڻ جي ناز جا نرمل نظارا شاهدي ڏيندا.
ڀَلي برباد ڪر دل جون تمنائون، مگر تن تي،
جي سانڍيم ساه ۾ سيئي سهارا شاهدي ڏيندا.
فلڪ آهون نه کڻ ڪنهن جون، سڙي ويندين سڄو سارو
نه هَستيءَ تنهنجي تي هي چنڊ تارا شاهدي ڏيندا.
رڙهيا هوندا جي سر ڀر، هوت وٽ پهچي حقيقت ۾،
اهيئي هيڪلا، هِيڻا، هَچارا شاهدي ڏيندا.
لِڪائين ٿو نظر جا نانگ زلفن سان، مگر تن تي.
جي پاتم ڳل ۾ ڳڻتين جا سي ڳارا شاهدي ڏيندا.
گنهگارن کي اونده ۾ ٿو اُڇلين پر سڄڻ سهڻا!
حقيقي حُسن جي ڪوجها ۽ ڪارا شاهدي ڏيندا.
نظر جي آخري نقطي وٽان ئي نينهن نازڪ جي،
فنا جا گهيڙ، گَس، گيها ۽ چارا شاهدي ڏيندا.
خوشيءَ جي دور ۾ منهنجو روئڻ ئي رنگ لائيندو،
خزان ۾ ئي بَهارن جا نظارا شاهدي ڏيندا.
”رشيد“ بينوا جو فڪر هڪڙو راز ٿي رهندو،
اُنهيءَ تي سنڌجا ڀرجهل ڀَلارا شاهدي ڏيندا.
{
تون جڏهن ڏيندين نشاني نيڪنامي اي مٺا!
زندگانيءُ جو ڏِيو، ويندو اُجهامي اي مٺا!
منهنجي اُميدن جي گلشن ۾ تون ٿي ايندين بهار،
تيستائين هي پکي ويندو اُڏامي اي مٺا!
ڪين مُون بدبخت جي، تصوير، هوندي تو اڳيان،
توکي اِيندي ياد ڪيئَن، منهنجي غلامي اي مٺا!
تو وٽان گل ڪين ملندا، مان ئي آهيان بدنصيب،
باغ تنهنجي جا ته گل، رهندا مُدامي اي مٺا!
هٿ ٻَڌي آزيون ڪري، سُڏڪا ڀَري ويندس مَري،
منهنجي صحبت جي ڀَريندين تون نه هامي اي مٺا!
مون ٿي ڀانيو چنڊ تارا، تو وٽان حاصل ڪندس،
پر ڏسان ٿو ڄاڻ ٿي، اونده سلامي اي مٺا!
تنهنجو ڏک سيني ۾ سانڍيم ساه ٿو گهٽجي سدا،
تنگدل ٿيندين ته ٿيندي سوڙهي سامي اي مٺا!
تنهنجي وعدن تي وِهي، بيمار بيوس ٿي ”رشيد“،
ويو جلي سارو سڙي، پڄري ۽ کامي اي مٺا!
{
مان مري ويندس ۽ مون سان پيچ پائيندين ته ڇا؟
قبر منهنجي تي اچي دونهان دُکائيندين ته ڇا؟
ناههِ ڪو دُنيا ۾ سکُ، هن جان جا دُشمن هزار،
دِل جليل آهي، جُدائيءَ ۾ جَلائيندين ته ڇا؟
دربدر بنجي، مَري وينديس مِٺا دانهون ڪري،
تون وڃي غيرن جي ڀَر ۾ گهر وسائيندين ته ڇا؟
مان نه هونديس هن زماني ۾ جڏهن منهنجا مٺا!
گيت منهنجا ساري دنيا کي ٻُڌائيندين ته ڇا؟
زندگي ۾ ئي پري آهين، جڏهن وينديس مري،
خير سان ختمو ڏياري، لک ڪڍائيندين ته ڇا؟
منهنجي قسمت ۾ لکيل آهن زماني جون جُٺيون،
مون کي دُشمن جي هٿان، بُڇڙو بنائيندين ته ڇا؟
مُنهن مٽي ويهي رهڻ، گڏجي گذارڻ کان جواب،
ٻيا ستائن ٿا ۽ ويتر تون ستائيندين ته ڇا؟
لا دوا بيمار آهيان، بُک ۽ ڏک آهن شريڪ،
هِن فقيري حال ۾، دَر دَر رُلائيندين ته ڇا؟
تو نه ڄاتو، زندگيءَ ۾، آههِ ڇا منهنجو ”رشيد“،
منهنجي تربت جي مٿان روضو اَڏائيندين ته ڇا؟
{
گذاريم جن سان گڏ راتيون اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
ڪيم مٺڙيون ملاقاتيون اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
ڦٽيل کي جن ڦٽيو هر دم، وڍيل کي جن وَڍيو هر دم،
هنيون جن قرب جون ڪاتيون، اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
وَيس بيمار ٿي دَر وٽ، گهڻيون گهورون وِڌم گهر وٽ،
پکي بنجي ڪيم لاتيون، اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
رهيو جن لاءِ مَن ماندو، ڇڪي جن کي خدا آندو،
ڪيون باغن ۾ جن باتيون، اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
وِساريان، ڪين ٿا وسرن، ڏکن ۾ ڏينهن گذرن،
اکيون جن جي ڪري آتيون، اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
روئڻ سان مون ڪيون رانديون، ٿيون اکڙيون نه هيڪانديون،
وَسيون جن لاءِ برساتيون، اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
هئا جي همنوا همدم، ملن ٻيهر لهن سڀ غم،
نٿي اُلفت پُڇي ذاتيون، اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
سندن گولو ”رشيد“ آهي، ٿيو سڪ ۾ شهيد آهي،
ڪنڍيون جن قرب جون پاتيون، اُهي پيارا ڪڏهن ملندا.
{
خيالن ۾ جي آشنا ٿي وڃن ٿا.
حقيقت کُلڻ تي جدا ٿي وڃن ٿا.
اکيون روئندي روئندي پَسن ٿيون پرينءَ کي،
سُڪل لُڙڪ دل جي دُعا ٿي وڃن ٿا.
ڏسي منهنجي سِر تي جُدائيءَ جون راتيون،
ستارا فلڪ کان خفا ٿي وڃن ٿا.
بُتن جي ته پُوڄا گناه آههِ ليڪن،
محبت ۾ سجدا رَوا ٿي وڃن ٿا.
جڏهن دل ڍڪي ٿي، وڳو وصل وارو،
جُدائيءَ جا جاما جُدا ٿي وڃن ٿا.
سِکي منهنجي نوڙت منجهان خود نمائي،
اهي بوالهوس بُت خدا ٿي وڃن ٿا.
ٻُڌي زندگانيءَ جون آهون ۽ دانهون،
هزارين زمانا هوا ٿي وڃن ٿا.
”رشيد“ آس دل جي جبل بنجي ويئي،
جفا جا نشانا خطا ٿي وڃن ٿا.
{
نمونا رهن ٿا، نيارا اسان جا،
ڀلا ڪير سمجهي، اشارا اسان جا.
بڻيل بخت پنهنجو، ڀلا ڇو نه بگڙي،
ڀڄي ڪن ٿا پاسو، ڀلارا اسان جا.
مري وڃبو ٿيندا پراڻا هڏا، پر،
نوان هوندا هردم نظارا اسان جا.
کڻي دل جون آهون، اُڏي عرش وڃبو،
سلامي ٿي رهندا، ستارا اسان جا.
طريقا اسان جا ازل کان ئي بگڙيل،
ڪندو ڪير هاڻي سڌارا اسان جا.
زمانو اسان کي سڃاڻي نه سگهندو،
پسڻ کان پري سڀ پسارا اسان جا.
بنايون ٿا جڳ ۾، ملامت جون ماڙيون،
اڏيا عرش تي دل منارا اسان جا.
رئڻ ۽ پٽڻ ڪنهن نه سمجهيو اسان جو،
ٿيا حال توڙي هچارا اسان جا.
جڏهن مهر وارن کڻي منهن مٽايو،
ويا ختم ٿي سڀ سهارا اسان جا.
جي تو کان وياسين ته ڄڻ زندگي وئي،
ڪٿي ڪين ٿيندا گذارا اسان جا.
اسين ڪين هونداسين پيارن جي آڏو،
تڏهن گيت لڳندا، هي پيارا اسان جا.
”رشيد“ آهه هاڻي، ٻڏل پنهنجو ٻيڙو،
لڙهي ويا ڪُنن ۾، ڪنارا اسان جا.
{
سَڄڻ! بيشڪ ستايل وٺ، ستائي وٺ.
جَليل آهيان جلايل کي جلائي وٺ، جلائي وٺ.
ٿيس تو لاءِ ويڳاڻو، ڀَلي ڪر حُسن تي ماڻو،
حڪومت چئن ڏينهن جي هلائي وٺ، هَلائي وٺ.
تڙائين ٿو تڙائي ڇڏ، رُلائين ٿو رُلائي ڇڏ،
قدم هن راه مان پُٺتي، هٽائي وٺ، هٽائي وٺ.
ڀَلي برباد ڪر مون کي، ڀلي ناشاد ڪر مون کي،
محبّت جا اڳيان جذبا، گهٽائي وٺ، گهٽائي وٺ.
ڏيان الزام ڇو توکي، ڪريان بدنام ڇو توکي؟
مٺا! هي خلق ڀَل مون تي کِلائي وٺ، کِلائي وٺ.
ڀَلي دَر تان ڌِڪاري ڇڏ، ڀلي دل تان وِساري ڇڏ،
ڀلي پنهنجن کي تون پنهنجو بنائي وٺ، بنائي وٺ.
”رشيد“ اهنجو سفر آهي، حياتي دم گذر آهي،
غزل محبوب کي پنهنجا ٻُڌائي وٺ، ٻُڌائي وٺ.
{
اچ ته ڪي ڳالهيون ڪريون دلبر ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
ٿي تون منهنجي روح جو رهبر ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
ويهه تون محبوب منهنجا! ساه منهنجي ۾ اَچي،
مون وڇائي دل سندي چادر ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
تنهنجي پيرن جا ڪنڊا، دل ۾ چُڀي پَلپل ويا،
ڪانه شل توکي لڳي، ٺوڪر ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
پنهنجون آهون پنهنجون دانهون، عرش تي پهچن وڃي،
ٿي وڃي برپا سگهو، محشر ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
هڪ طرف ٻيرين جو جهڳٽو، ٻئي طرف ڪارا جبل،
ڏورڻا آخر پيا ڏونگر، ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
نينهن جو نواب ٿو توکي سڏيان منهنجا مٺا!
پنهنجو تون قدمن ۾ ڏس، نوڪر ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
قرب جون ڳالهيون ڪندي، ڀَل ساه جهٽ نِڪري وڃي،
هي دليون ميلي ڇڏي پَرور، ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
بادشاهن کان به وڌ خوش آههِ اڄ شاعر ”رشيد“،
شعر جا گهوري ڇڏيان گوهر ٻٻر جي ڇانءُ هيٺ.
{ |